اصل ڪتاب جو مهاڳ
1755ع ۾ هڪ ناليري انگريز ايڊيٽر عورتن جي شاعريءَ
جو ڳٽڪو شايع
ڪيو
هو، جنهن جو عنوان هو:
”مشهور عورتن جون ڪوتائون“
(Poems
of Eminent Ladies)
ان ڪتاب جو مهاڳ پنهنجي نموني جو هڪ منفرد مثال هو
۽ ڄڻ ته ان ڳالهه جو هڪ تفصيلي جواز هو ته اهو
ڪتاب ڇو پئي پيش ڪيو ويو. ان لاءِ ڪهڙا سبب هئا،
ان جون ڪهڙيون حدبنديون يا پابنديون هيون، ان جي
سائيز اهڙي ڇو هئي، ان مان ڪن کي ڇو خارج ڪيو ويو
هو ۽ ٻين کي ڇو شامل ڪيو ويو هو؟ بلڪ خود ان جي
وجود لاءِ به جواز ڏنل هئا... ان جو هڪ هڪ جملو،
هڪ هڪ لفظ، ان جي مرتب ڪرڻ وارن جي انڪساريءَ سان
ڀريل هو. تنهن هوندي به ڏٺو وڃي ته اهو ڪتاب شاعر
عورتن جي تمام خيال سان ڪيل چونڊ جو سٺو مثال هو.
ان ۾ افرابيهن جو بيباڪ جنسي اظهار به هو ۽ اين
فرينچ جي بهترين ذهانت ۽ حاضر دماغي به هئي،
مارگريٽ ڪيوينڊش جي تمام سنجيده تخيل سان گڏ ڪجهه
گهٽ مشهور ليکڪائن جي طرفان ڪيل سچي ۽ حقيقت
نگاريءَ واري شاعري به هئي، جن سماج ۽ ڪٽنب جي
مخالفتن جي باوجود اها تخليق ڪئي هئي. اها ڏاڍي
حيرت جي ڳالهه هئي جو اهڙي هڪ ايماندار ۽ سٺي ذوق
واري ايڊيٽر ڪا اهڙي ڳالهه محسوس ڪئي جو هيئن به
لکڻو پيس ته:
”ائين چوڻ ۾ ڪنهن جانبداريءَ جو خيال نه اچڻ گهرجي ته هن مجموعي
۾ پڙهندڙن کي مختلف موضوعن تي پنهنجي قسم جا
بهترين اقتباس ملندا ۽ هيءَ چونڊ ڪنهن به ريت مردن
جي ڪيل ڪم منجهان ٿيل اهڙي ڪنهن چونڊ کان گهٽ يا
ڪمتر ڪانهي.“
گذريل ٻن صدين جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي سماجي ۽ ثقافتي تبديليون
اچي چڪيون آهن پر تنهن هوندي به اڄ (١٩٧٧ع ۾) به
اهو ضروري ٿو لڳي ته اهڙيون وضاحتون ۽ جواز ڏئي
پوءِ عورتن جي شاعريءَ جي چونڊ پيش ڪجي. اڄڪلهه
ڪيتريون ئي عورتون اهڙي زندگي گذارين ٿيون جنهن ۾
سندن ڏات ۽ صلاحيتن جي واڌ ويجهه کي ڪي به رڪاوٽون
ڪونه آهن. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به وڌ ۾ وڌ عورتن
کي همٿايو وڃي ٿو ۽ ڪيترين ته اهو سڀڪجهه حاصل ڪري
ورتو آهي جيڪو ورجينا وولف ذهانت ۽ آرٽ جي ڦلجڻ
ڦولجڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو هو.
مثلاً ”معاشي پاڻ ڀرائي“ ۽ هڪ بنهه پنهنجو ”ذاتي ڪمرو“. بهرحال
اصلوڪيون رڪاوٽون، جهڙوڪ معاشي، سماجي، نفسياتي
ٻنڌڻ، اڃا به عورتن جي فن جي پيدائش اڳيان ڪر کنيو
بيٺيون آهن ۽ انهن کي فنڪارن جي حيثيت ۾ مڃتا حاصل
ڪرڻ لاءِ اڃا به اهي آڏو اچن ٿيون.
آرٽ جي پيدائش لاءِ سازگار سبب ڪهڙا به قطعي طور منجهيل هجن، ان
ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته فنڪار عورتن کي
پنهنجي جنس جي ڪري هميشه هڪڙي خاص حيثيت ملندي رهي
آهي. پنجين صدي قبل مسيح جيتري قديم دور ۾ هڪ
يوناني شاعره ڪورينا ڪيئن نه طنزيه نموني لکيو هو؛
آءٌ ته مر ٽسسِ کي ڏوهه ڏيندس
جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي،
ته به ڪيئن هن هڪ عورت هوندي،
پنڊار آڏو اچڻ جي سگهه ساري!
١٩ صديءَ جي يورپ ۾ جڏهن فڪشن جي ادبي مارڪيٽ ۾ گهڻي طلب هئي ۽
اهو انهيءَ سبب گهڻو وڌيو ويجهيو ته پبلڪ جي
ليکڪائن ڏانهن مخصوص رويي سبب جارج اليٽ، برانتي
سسٽرز، جارج سينڊ وغيره پنهنجا نالا مردانا رکي
ڇڏيا هئا.
لفظ ”شاعر“ (Poet)
جي عام طرح سان معنيٰ ۾ مذڪر جنس لاڳاپيل سمجهبي
هئي، جڏهن ته ان جو مؤنث اکر شاعره (Poetess)
اچارڻ سان يڪدم جذباتيت ۽ هلڪڙائيءَ جي معنيٰ ڏيڻ
لڳندا هئا. اهڙي قسم جو ساڳيو تصور اسان جي دور
تائين هلندو اچي. ايملي ڊڪنس جي شاعريءَ جي ١٩٣٠ع
واري ايڊيشن جي مٿان صرف هڪ آرٽسٽ جي ٺاهيل ڪنهن
شاعر جي تصوير نظر اچي ٿي جيڪا پڻ ڪنهن فوٽوءَ تان
ورتل آهي ۽ فوٽوءَ واري سادگي ۽ سچائيءَ کي گهڻي
رومانوي پورٽريٽ سان بدلايو ويو آهي. ائين هڪ بولڊ
۽ تيز وڍيندڙ شاعر کي ڦيرائي ”شاعره“ بنايو ويو
آهي. ان ڪري ان ڳالهه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته اڄ
به ڪيتريون شاعر عورتون انهيءَ ڳالهه جي اجازت نه
ڏينديون آهن ته ڪو سندن شاعريءَ کي ڪنهن اهڙي
مجموعي ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو صرف عورتن لاءِ مخصوص
هجي (انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ به ڪيترين اهڙين شاعر
عورتن کي شامل ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو اسان کي
افسوس آهي.)
شاعر عورتن کي عام طرح سان ٻئي درجي تي رکڻ جو رواج رهيو آهي ۽
ان سان گڏ سندن شاعريءَ کي نظر انداز ڪرڻ جو لاڙو
پڻ عام آهي. هاڻي به، جڏهن وڌ ۾ وڌ عورتون شاعري
ڪري ۽ ڇپائي رهيون آهن ۽ هر ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾
سندن وڏو حصو آهي ته به انگريزي ترجمي ۾ قومي
شاعريءَ جا مجموعا انهن مان تمام ٿورين کي شامل
ڪندا آهن، ان ڪري هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ هڪ طرح جو
توازن قائم ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي. ان کان سواءِ
موجوده دور ۾ عورتن جي فنڪارن واري حيثيت ۾
دلچسپيءَ سبب ماڻهن طرفان سٺي موٽ پڻ ملي ٿي....
جڏهن شاعر عورتن جي ڀرپور ڪاميابيءَ کي تاريخ ۾
جاءِ ملندي ۽ اهي ڪنهن ڀيٽ لاءِ اڳتي آنديون ويون
ته سيفو، لوئس لابي، يي چنگ چائو ۽ اينا اخماتوف
جهڙين شاعر عورتن جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻيون
ڪيتريون شاعر عورتون جيڪي انگريزي پڙهندڙن لاءِ
اوپريون آهن، انهن ڏانهن به توجهه ويندو ۽ اهي اها
مڃتا ماڻينديون جنهن جون هو حقدار آهن.
اهو تمام مشڪل آهي جو هن ننڍڙي مهاڳ ۾ ايترين سارين شاعر عورتن
جي سموري تاريخي پسمنظر کي بيان ڪجي، تڏهن به اهو
نه ٿو وساري سگهجي ته انهن مان هر هڪ تاريخ جي
ڪنهن دور ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي گهڻ رنگي روايت
جو حصو رهي آهي. ڏهين صدي عيسويءَ ۾ گينديشائيم جي
راهبائن جي اڳواڻ (Abbess)
هرا سوٿا پنهنجي راهبائن جي روحاني رهبريءَ لاءِ
به لکيو ۽ ٽيرينسس جي ڪلاسيڪي انداز ۾ لئٽن ٻوليءَ
۾ ڊراما به لکيا.
چيني شاعر عورت لي چنگ چائو (12-11
صديءَ ۾ سنگ
حڪومت دوران) ”ٽروس“ (tzus)
لکيو، جاپان جي اونونوڪوماچيءَ (9
صدي)
”ٽنڪا“ (Tanka)
لکيو ۽ گاسپارا اسٽامپا پنهنجا ”سانيٽ“ لکيا، ائين
انهن سڀني پنهنجي روايتي انداز ۾ گهرن جذبن جو
اظهار ڪري بهترين تاثر قائم ڪيو.
چوڏهين صديءَ ۾ ڪرسٽين ڊي پسان دنيا جي پهرين عورت هئي جنهن
پنهنجي گذر سفر لاءِ لکڻ جو رواج وڌو. يعني شهزادن
۽ نوابن جي خوشنودي ۽ حفاظت جي حوالي سان لکيائين.
سندس رونڊيليو (rondeleaux) ۽
چانسن (Chansons) ۽
ٻي شاعريءَ وانگر هن به ڪي تمام اهم شيون لکيون جن
۾ همعصر دور جي سياسي ۽ ادبي معاملن جا حوالا آهن،
جن مان هڪ ۾ هن عورتن جو بچاءُ پڻ ڪيو آهي جنهن ۾
زان ڊي ميونگ (Jean
De Meung)
جي عورتن سان نفرت واري نظم ”رومن ڊي لاروز“ (Roman de la Rose)
خلاف به لکيو ۽ جون آف آرڪ جي حمايت ۾ لکيو.
ان دور ۾ شاعر عورتون پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان جڙيل هونديون
هيون. انهن کي هڪ ئي مجموعي ۾ گڏي پيش ڪرڻ سان
موضوع جي مناسبت ختم ٿي وڃي ٿي، پر هڪ ئي وقت
گهڻين ٻولين ۽ ثقافتن مان شاعريءَ جي چونڊ ڪري
انگريزيءَ ۾ پيش ڪرڻ سان وري اهي وڌيڪ روشن ٿي پون
ٿيون ۽ سندن ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
ان ڏس ۾ اها خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته هي ڪتاب اهڙي وقت ۾
ظاهر ٿي رهيو آهي جڏهن ڌارين ٻولين جي ادب سان
دلچسپي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري شاعراڻن ترجمن جي
رواج کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. ويجهڙائيءَ وارن سالن
۾ ترجمن جي واڌاري سان حقيقت ۾ ترجمي جي ڏکيائين
جي به ڄاڻ حاصل ٿي آهي. دراصل انهن مسئلن کي مختلف
نقطئه نظر جي ماڻهن بحث هيٺ آڻڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي
آهي. اسان جي خيال ۾ هڪ سٺو شاعراڻو ترجمو اصل نظم
جو مفهوم صحيح نموني واضح ڪري ٿو ۽ ان ۾ شاعر جي
انفرادي جذبي ۽ اسٽائيل جي به گهڻي قدر ترجماني
هوندي آهي ۽ ساڳئي وقت اها هڪ نئين انداز ۾ پڙهڻ
جي شيءِ به ٿي ويندي آهي.
هن مجموعي ۾ شامل نظمن جي لاءِ اسان شاعرن، اسڪالرن ۽ پروفيشنل
مترجمن جي وڏي تعداد کان ڪم ورتو آهي، لازمي طرح
ترجما گهڻن ئي قسمن جا ٿي پيا آهن. همعصر اصطلاح ۾
آزاد نظم (Free Verse)
۾ ترجما به آهن ته وزن، بحر ۽ قافين وارا به آهن.
ڪن قديم نظمن ۾ اهڙو اسلوب اختيار ڪيو ويو آهي
جيڪو اڄڪلهه مروج ڪونهي ۽ ڪن ۾ وري انهن جو اصلوڪو
نمونو پڻ قائم رکيو ويو آهي. يعني ضرورت آهر مختلف
نموني جا ترجما ڪيا ويا آهن ته جيئن اصل وارو
مفهوم ادا ٿي سگهي ۽ پڙهڻ ۾ به سولائي ٿئي. جيئن
انگريزيءَ جا بهترين نظم هوندا آهن.
اسان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ثقافتن مان شاعري ڏئي
سگهون پر ان جي باوجود ائين نه ڪري سگهياسين ڇو ته
انهن جا معقول ترجما ميسر نه ٿي سگهيا. اسان کي
احساس هو ته ٣٥٠٠ سالن جي وسيع عرصي جي چاليهن
ادبي روايتن کي هڪ ئي واليوم ۾ پيش ڪرڻو آهي، ان
کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب اسان کي پنهنجي چونڊ
۾ محدود ٿيڻو پيو.
اسان جي مواد جي چونڊ ۾ ٽن ڳالهين کي مدنظر رکيو ويو آهي. پهرين
اها خواهش ته گهڻ – ثقافتي رنگ ذريعي وڌ ۾ وڌ
ٻولين جو ادب ڏجي، ٻي اها خواهش ته هر ڪنهن ٻوليءَ
جي ادب جي صحيح نمائندگي ٿئي ۽ آخري پر سڀ کان اهم
ڳالهه اها ته ان ۾ اعليٰ ادبي خوبي هجي جنهن کي
ٻين ڳالهين تي فوقيت هجي.
هن ڪتاب جو دائرو مخصوص ڪرڻ مهل اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪيترين
تهذيبن جي روايتي شاعريءَ جي وڏي دولت اسان جي
دائري کان ٻاهر آهي. مکيه ادبي ۽ لوڪ روايتن ۾
موجود نامعلوم شاعرن جو ڪلام گهڻو ڪري خارج ڪري
ڇڏيوسين، سواءِ انهن چند نظمن جي جيڪي عورت جي
زبان مان ادا ڪيل هئا يا ڳائيندڙ عورتن مشهور ڪيا
هئا. ان کان سواءِ جڳهه جي تنگيءَ سبب همعصر دور
جي نوجوان ٽهيءَ کي شامل ڪونه ڪيو اٿئون ته جيئن
قديم ۽ گذري ويل نسلن جـِـي شاعرن کي وڌ ۾ وڌ جڳهه
ملي جن جي نظرانداز ٿيڻ جو انديشو آهي. اهو ڄاڻندي
ته اڄ جي دور ۾ گهڻي تعداد ۾ شاعري لکجي رهي آهي،
اسان موجوده دور جي شاعرن مان تمام مختصر چونڊ ڪئي
آهي.
جڏهن به ڪو مجموعو انهيءَ مقصد سان ڇاپيو ويندو آهي ته متان ڪٿي
ڪي اهم شاعر نظرانداز نه ٿي وڃن ته پوءِ چونڊ مهل
ايڊيٽرن جي ذميواري هميشه کان وڌي ويندي آهي. اسان
جيڪو مواد چونڊيو ۽ گڏ ڪيو آهي ان ذريعي اهڙي
سـِـٽا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئون، جنهن سان
مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ تعلق به محسوس ٿئي ته
انفراديت به نمايان ٿئي. هن ڪتاب جي تنظيم کي
تاريخوار رکڻ سان ئي اسان کي منطقي طرح تقابلي
عنصر ملي سگهيو، ائين ڪرڻ سان اسان مختلف ملڪن جي
غير معقول مجموعن جهڙو ڪو مجموعو ڪڍڻ کان پاڻ
بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ساڳئي دور جي شاعرن
کي گڏ پيش ڪبو ته انهن جي روايتن ۾ ڪهڙا به فرق
هجن، انهن جون هڪجهڙايون ۽ مقصد وڌيڪ واضح ٿي
بيهندا آهن. آهه زاري ڪرڻ يا رسمي مرثيو لکڻ يا
ذاتي ڏک جي دانهن ڪرڻ به اڪثر ملڪن جي ادب ۾ مشترڪ
آهي ۽ ڪن تهذيبن ۾ ته اهو ردالين يا ماتمي ڳائڻين
۽ اوسارڪندڙن لاءِ مخصوص هوندو آهي. اهڙيءَ ريت
ستين صديءَ جي بدوي شاعر عورت الخنساءَ جي پنهنجي
ڀاءُ لاءِ چيل مرثيي ۽ نائين صديءَ جي هڪ نامعلوم
ويلش شاعر عورت جي مرثيي ”ايگل آف پينگورن“ ۾
نمايان هڪجهڙائي ملي ٿي.
اوڀر ۽ اولهه ۾ ٻارهينءَ کان سورهين صديءَ تائين هلندڙ تحريڪن
جو عڪس هندستاني شاعرن مهاديويڪا ۽ ميران ٻائيءَ
جي عقيدت واري شاعريءَ ۾ ۽ اسپين جي سينٽ تيريسا
جي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. ڪن حالتن ۾ اهڙيون
هڪجهڙايون ان ڪري به نظر اچن ٿيون جو مختلف قومن
جي اديبن ساڳي عالمي ادبي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو.
اهڙيءَ ريت يورپي جاڳرتا (Renaissance)
واري مشهور سانيٽ واري نموني کي اٽليءَ جي گسپارا
اسٽامپا، فرانس جي لوئي لابي ۽ نوآبادياتي ميڪسيڪو
جي سار جوانا ڊي لاڪروز استعمال ڪيو آهي.
هن سموري شاهوڪار مواد مان اسان اهڙو ڪتاب ٺاهڻ چاهيو جيڪو شاعر
عورتن کي نئين ۽ پرجوش تناظر ۾ پڙهندڙن آڏو آڻي
سگهي. هر ڪنهن شاعر جي پٺيان پنهنجا پنهنجا پسمنظر
۽ حوالا آهن. قومي تاريخ، تهذيبي حالتون، انفرادي
تجربا، انهن ۾ اسان هڪ نئين حوالي کي شامل ڪيو
آهي. جنسي سڃاڻپ جو حوالو، جنهن سان زمان ۽ مڪان
جي سلسلي ۾ شاعر عورتن تي ضرور اثر پوندو.
صدين کان شاعر عورتن پاڻ مڃائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هي ڪتاب
اهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويو آهي جو اسان کي اميد آهي
ته هر هڪ نظم کي ان جي خوبين سبب سمجهيو ويندو ۽
اهو هر هڪ شاعر جي پنهنجي آواز ۾ چيل محسوس ٿيندو.
قديم دور
شاعر نامعلوم – پيار جا گيت
مصر ( ١٥٦٧ – ١٠٨٥ ق.م)
هيءَ شاعري ازرا پائونڊ ۽ نيل اسٽاڪ اٽليءَ ۾ بورس ڊي رچولٽز
طرفان ڪيل ان ادبي ترجمي تان انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪئي جيڪو مصر جي تصويري ٻوليءَ مان ڪيو ويو هو.
مصر جو گهڻو اصلوڪو مواد نامڪمل صورت ۾ محفوظ آهي
جيڪو ١٠٨٥ کان ١٥٦٧ ق.م جو آهي.
تون ۽ مان
پاڻ موٽي اچون ٿا، مـِـٺل!
وڻن سان ڀريل باغ ۾
منهنجا هٿ گلن سان ڀريل
***
پاڻي آهي تلاءَ ۾ بيٺل
ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسان ٿي
منهنجو وجود سمورو ڄڻ ته گل
***
عڪس ۾ ڏسان ٿي توکي
هري هري پٻن تي پٺيان ايندي
ته جيئن مون کي چُمين
۽ پڻ منهنجا سرها وار کليل
***
تنهنجي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ جڪڙيل
ائين ڀانيم ڄڻ ته
مان هجان فرعون سان جڙيل
***
سيموءَ جا گل ايڏا پتڪڙا آهن
جو انهن کي ڏسندڙ پاڻ کي
ڪنهن ديو جيڏو ٿو محسوس ڪري
***
آءٌ ته تنهنجو پهريون پيار آهيان
ائين جيئن ماڪ ڦڙن ۾ وهنتل
ڪچڙو سائو گاهه ۽ سرها سيموءَ جا گل
***
تنهنجي کوٽيل نهر نياري
اتر هير جي هلچل سان
لڳي ٿي ڪيڏي پياري
***
رستو ڪيڏو سانت لڳي ٿو
تنهنجو هٿ خوشيءَ مان جڏهين
منهنجو هٿ ڇُهي ٿو
***
تنهنجو مٺڙو آواز جياري ٿو
جهڙو ڪر ڪو مڌ
توکي ڏسڻ ڀانيان ٿي
ڪجهه کائڻ پيئڻ کان وڌ
***
باغ ۾ جي گل آهن
تولاءِ ڇني سي پوتا ٿم
ڏس ته ڪيڏا امل آهن
***
جڏهن تون مست ٿي
اکيون ٻوٽي سمهين ٿو پوين
ڪيڏو ٿو وڻين
پوءِ ڌوئان ٿي اچي مان
تنهنجي پيرن جي پڻي
***
اهو منهنجو يار آ
پاڻيءَ ۾ پير
هٿن ۾ جنهن کي ڄار آ
***
اسين نيرن ڪيون ٿا
۽ بيئر پيون ٿا گڏجي
پنهنجي بدن جو جادو
جڏهن آڇيانس ٿي
منڊ ۾ وڃي ٿو منڊجي
***
سيفو
يونان (٦ صدي ق.م)
سيفو جي زندگيءَ جي ڪهاڻي اصل تاريخي بنياد بدران داستان گوئيءَ
واري نموني بيان ڪيل ملي آهي. البت اهو چڱيءَ طرح
معلوم آهي ته هوءَ هڪ تمام مشهور شاعر عورت هئي ۽
ڪيتريون ئي ننڍڙيون نينگريون هن وٽ علم حاصل ڪرڻ
لاءِ ليسباس ٻيٽ تي اينديون هيون ۽ ايفروڊائيٽ
ديويءَ جي لاءِ مخصوص پوڄا ۽ سيوا ۾ به حصو
وٺنديون هيون. سيفو جي باري ۾ جيڪا ڳالهه يقيني
آهي سا اها ته سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو اڃا موجود
آهي جنهن مان وڏن عظيم شاعرن ۾ سندس رتبو معلوم
ٿئي ٿو.
ننڍڙا نظم
ماڻهو بيشڪ ڳالهيون ڪن ٿا
۽ ليڊا جي لاءِ چون ٿا
ته هن ڪو ڳڀ لڌو هو
جيڪو لڪل هو
سنبل جي گلن جي جهڳٽي ۾.
***
توکي جڳهه جي خبر آ – پوءِ
ڪريٽ کي ڇڏ، اسان وٽ اچ
جتي تنهنجو انتظار آ
ٻارين ۾ ورهايل هنن
سهڻن وڻن جي جهڳٽن ۾
جي تنهنجي لاءِ مقدس آهن
***
قربان گاهه تي اگر ٻرن ٿا
صُوفن جي وڻن وچان
ٿڌا جهرڻا وهن ٿا
جوان گلابن جي پاڇي ۾
ڏڪندڙ مست اکين ۾
ٿڌڙي هير ننڊ اوتي ٿي
***
چراگاهن ۾ جتي
گهوڙا هري مري ويا آهن
اتي بهار جي پِيلن گلن جي خوشبو
هوا کي سرهاڻ بخشي ٿي.
***
اي راڻي، اي سائپرين!
پيار ۾ ٻوڙيل مڌ سان
اسان جي سُنهري پيالن کي
پُر ڪري ڇڏ فوراً
***
هو ۽ تون
هو ڪنهن سورمي کان به وڌ
منهنجي لاءِ ڄڻ ته خدا آهي
ها، اهو ئي ماڻهو جنهن کي
تنهنجي ڀرسان ويهاريو ويو آهي
اهو جيڪو تنهنجا مٺڙا ٻول
تنهنجي سس پس ڪَنُ ڏئي
پيار مان ٻڌي رهيو آهي
اها ئي جادوءَ ڀري کل کلي رهيو آهي
جا منهنجي دل جي ڌڙڪَنُ وڌائيندي آهي.
***
جي توسان اوچتو ملڻ سان
ماٺ ٿي وڃان ٿي... سو ان لاءِ ته
منهنجي زبان ڄڻ ڦٽجي پئي آهي
منهنجي تن اندر ڪائي
باهه ٻري وئي آهي
ڏسان ٿي، نڪي ٻڌان ٿي
بس ڄڻ پنهنجا ئي ڪن وڄن ٿا
پگهر ۾ پسي ڏڪان ٿي
هيڊي سڪل گاهه جيان
هيڊي ٿي وڃان ٿي
اهڙي وقت موت مون کان
ڪو ايڏو دور ته ناهي
***
نياڻيءَ جو ڀاڳ
اسين لوڙهيون ٿا
هيءَ دکي هن ٻيڙي ۾
انهن اکرن سان ته:
”هن ۾ رک آهي
ننڍي نيٽي ٽماس جي
جنهن کي پُرسيفون سان
زوريءَ پوريو ويو هو، اڻ پرڻيل
اونداهي ڪوٺيءَ اندر
۽ هن گهر کان بي گهر
جلاوطن ننڍڙي نياڻيءَ خاطر
هڪ جيڏين ڏک ۾
تيز تکا بليڊ کڻي
پنهنجا سهڻا سندر
وار ڪوڙي ڇڏيا هئا.
***
ڪورينا
يونان ( ٥ صدي ق.م)
بوئيوشيا جي علائقي ۾ ٽانا گرا جي رهاڪو هيءَ شاعر عورت قديم
شاعر پنڊار جي همعصر هئي، سندس گهڻي شاعري مڪاني
داستانن تي ٻڌل آهي، جنهن جا ڪي ٽڪرا دستياب ٿيا
آهن. انهن ۾ سندس هنر پڌرو آهي.
ننڍڙا نظم
هو مون تي مهربان نظر وجهي ٿو
جڏهن آءٌ ٽانا گرا جي
اڇا ڪپڙا پهريل عورتن لاءِ
پنهنجا ويرتا وارا مانائتا گيت ڳايان ٿي
سمورو شهر جهومي اٿي ٿو
منهنجي آواز ۽ مڌر سرن سان.
***
ڇا تون سدائين ستل رهندينءَ!
اڳ ته اي ڪورينا!
تون اهڙي غافل نه هئينءَ.
***
آءٌ ته مرٽس کي ڏوهه ڏينديس
جيتوڻيڪ هوءَ ڏات ڌياڻي آهي
ته به ڪيئن هڪ عورت هوندي
پنڊار آڏو اچڻ جي هُن سگهه ساري!
***
پراڪسيلا
يونان (٤٥٠ ق.م)
سسيان جي شاعر پراڪسيلا ”ڊورين يوناني سماج“ جي پيداوار هئي جتي
عورتن کي ايٿنس کان وڌيڪ آزادي هئي. هن جا ڪيترن
قسمن جا شعر لکيل هئا پر گهڻا محفوظ نه رهي سگهيا.
سندس شاعريءَ مان ڪجهه سٽون هڪ چوڻيءَ طور مشهور
آهن جن مان هڪ آهي ”پراڪسيلا جي اڊونس کان به
بدتر...“ معنيٰ ته شاعري ڪيئن هجي يا ڪيئن نه هجي
ان لاءِ اهو جملو استعمال ٿيندو هو، جيڪو ادبي
ماڻهن وٽ مروج هو.
”اڊونس“ (مان هڪ ٽڪرو)
اڊونس، مرندي؛
”پنهنجي پويان جيڪي ڇڏي وڃان ٿي
تنهن ۾ منهنجو ”سج“ پاڻ به آهي
ان کان سواءِ ڪيترا ٽمڪندڙ ”تارا“ آهن
۽ امڙ ”چنڊ“ جو سهڻو چهرو آهي
۽ سڀ سوادي مندائتا ميوا
صوف، ناسپاتيون ۽ ونگا
سڀ هت ڇڏيو ٿي وڃان.“
***
ڌيان ڪر منهنجي پياري
هر هڪ پٿر هيٺان
هت هڪ وڇون ويٺل آهي
***
دريءَ مان مون ڏانهن نهاريندڙ
اي پياري سهڻي نينگر
ڪنوار جي سندر روپ ۾
تنهنجو منهن لڳي ٿو ڪيڏو پوتر!
***
سلپيشيا
روم (٢٠ ق.م)
سلپيشيا لاطيني ٻوليءَ جي واحد شاعر عورت آهي جنهن جو پتو پئجي
سگهيو آهي. سندس پيءُ هڪ مشهور وڪيل هو ۽ آگسٽس جي
دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ هو سسيرو جو دوست به هو.
پيءُ جي وفات کان پوءِ هڪ مشهور سياستدان سرپرستي
ڪيس جيڪو فن جو قدردان هو. ان ڪري سندس چوڌاري
ڪيترا شاعر جمع هوندا هئا، جن مان سڀني کان وڌيڪ
اهم ٽبيولس هو. هوءَ هڪ مڃيل شاعر بڻجي وئي. هتي
شامل سندس شعر ٽبيولس واري قلمي نسخي جي پڇاڙيءَ ۾
مليو هو.
نظم
الا! منهنجي نفرت انگيز سالگره
آءٌ ڪيئن ملهائينديس
ان پراڻي ورچائيندڙ
ڏورانهين ڳوٺ ۾
سيرٿس جي ڀاڪرن کان سواءِ؟
اها ڄڻ ته ماتم جهڙي هوندي!
واه ! ڇا ته هن شهر جي
خوشين ڀري پرلطف زندگي آ
۽ هو پراڻو سنياريل ڳوٺاڻو گهر
ڪنهن جوان ڇوڪريءَ لاءِ ڀلا
ڪهڙي ڪشش ٿو رکي سگهي؟
۽ اها اريزو جي سرد ندي
ڪنهن کي ڪيئن وڻي ٿي سگهي؟
مـِـٺڙي ميسالا! مهرباني ڪري ترس
منهنجي خوشيءَ خاطر
اهو ڏکيو سفر روڪي ڇڏ
ذهن مان اهو خيال به ڪڍي ڇڏ!
جي مون کي زوريءَ نيندا
ته منهنجو روح ۽ دل هتي رهجي ويندا
مون کي منهنجي زندگي ڇا لاءِ
پنهنجي مرضيءَ سان
گذارڻ نٿي ڏني وڃي؟
***
مان تنهنجي ٿورائتي آهيان
سچ پچ تنهنجي مهربانيءَ خاطر
جا تو هينئر مون تي ڪئي
من کي پاڳل بنجڻ کان روڪيئي
بچايئي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ کان!
- وڃ وئشيائن پويان جي چاهين
پينگهون لڏندڙ نينگرين کي
وڃي ڦاسائڻ جي ڪر
اتي گهڻا ئي موقعا ملندئي!
هن سرو ديس سليپش جي ڌيءُ مان
آخر ڇا ملندئي؟
توکي ڪنهن مهربان دوست بدگمان ڪيو
مون کي ٻئي سان ڏسڻ جي ڳالهه ڪئي
شايد اصل ڳالهه ئي اها هئي.
***
مون سان ملڻ جي لاءِ جاني
جا تانگهه هيئي، تن ۾ تونس هيئي
تنهن ۾ اها ڳالهه نه آهي
آخر ٿيو ڇاهي؟
هن سموري حياتيءَ ۾
مون اڳ نه ڪا هئي ڀل ڪئي
ڇا راتوڪي ڳالهه تي رٺو آهين؟
منهنجي توبهه زاري
راتوڪي منهنجي ڀُل کي ڀلجي
پرچي پئو سهڻا سائين!
مان جو رات هلي ويس
توکي اڪيلو ڇڏي، ڊُڪ پائي
سا جي ڀُل ڪيم ته سچ پچ
لڄ کان، توکان لڪڻ لاءِ
تو اڳيان پيار جي اظهار جي
سگهه جو نٿي ساريم!
***
سائي يين
چين – ٢٠٠ع
روايتي طرح هيءَ چين جي پهرين وڏي شاعر عورت آهي. هن جو پيءُ به
هڪ ليکڪ هو ۽ سائو سائو جو دوست هو جيڪو ”ٽن
بادشاهن واري دور“ جو فوجي هو. هيءَ بيوهه هئي. هڪ
ڀيري هن کي ”هُنز“ (Huns) گرفتار ڪيو ۽ اتر طرف کڻي ويا جتي کيس هڪ سردار جي سريت ڪري
رکيو ويو ۽ ان مان ٻه پٽ به ٿيس. ڪجهه وقت کان
پوءِ سندس پيءَ جي دوست سائو سائو هن کي ڀنگ ڀري
واپس آندو ۽ پنهنجي هڪ عملدار سان پرڻايائينس.
سندس ٻئي پٽ پٺيان رهجي ويا. هن ترجمي ۾ هن
”تاتاري“ انهن ”هنز“ کي سڏيو آهي.
سور جي سٽ
1-
مون امن جي دَور ۾ جنم وَرتو
پر پوءِ عرش جي مرضيءَ سان
هَئن حڪومت ختم ٿي وئي
۽ عرش مون لاءِ بي رحم بڻجي ويو
مونجهه ۽ جدائيون موڪلي
ڌرتيءَ کي به درد ڏنائين
۽ منهنجو باقي جيون
ان دور ۾ گذريو
هر طرف هر هنڌ جنگ هئي
هر رستو هر راهه تنگ هئي
شهري ۽ فوجي، هر هنڌ هر جاءِ
ٿي لڪا موت ۽ مصيبت کان
ڌرتيءَ تي ظالم تاتاري لشڪر
ڌوڙ ۽ دونهون پکيڙي ڇڏيو
هر ماڻهو هو منجهيل ۽ موڳو
آءٌ اها بربريت سمجهي نٿي سگهان
نه ئي اهڙي بنجي ٿي سگهان
روز ظلم ٿي سهان، اپمان ٿي جهليان
تنبوري جي تارن سان جڏهن
سور جي پهرين سٽ اچاريان ٿي
تڏهن ڪو به ناهي جيڪو
منهنجو سور سڃاڻي
منهنجي پيڙا ڄاڻي.
***
2-
هڪ تاتاري سردار کڻائي
زوريءَ مون کي پنهنجي سريت بڻايو
۽ عرش جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن نيو
جت ڏاڍا ڏونگر ۽ ڪارا بادل
منهنجي گهر جو رستو روڪين ٿا
واچوڙا - ڌوڙ ۽ واريءَ سان ڀريل
هزارين ميلن تائين اڏامن ٿا
هت ماڻهو کپر کان وڌ
زهريلا آهن، وحشي آهن
زرهون پائي زوراور بنجي
تير تاڻي مون کي ڊيڄارين ٿا
۽ سُور جي ٻي سٽ جڏهن جهونگاريان ٿي
منهنجي ٽُٽل دل ۽ ڇڳل ويساهه جيان
تار تنبوري جي به تڏهن
ڇڄي پوي ٿي!
*** |