سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:دنيا جون شاعر عورتون

باب-

صفحو : 3

 

”سحر امداد“ پهرين سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ سان شاديءَ کان پوءِ سحر امداد جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. سحر جي شاعريءَ جو پنهنجو منفرد انداز آهي. هن آزاد توڙي پابند شاعري ڪئي آهي. غزل، گيت، نظم، آزاد نظم، وائي، ٽيڙو.... جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهينءَ چنڊ آڪاس“ ڇپيل آهي. سحر امداد ڪهاڻيون به لکيون آهن ته تحقيقي ڪم به ڪيو اٿس. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي ۽ جديد شاعريءَ جي موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري چڪي آهي.  سندس هڪ غزل آهي:

بيڪل ويران ڪاري رات
اهڙي ڄڻ ته ڏکويل ڏات
دل ۾ دردن جي درٻار
تن کي هردم تنهنجي تات.
سوري پاڻ اچي تو اوڏو
تون ڪر سورهيه اهڙي بات!
ڏس هو درياهه جي ڪنڌيءَ تي
نور جا ڪرڻا پائن جهات
ڄاڻ کٽي هيءَ ڪاري رات
ڳاءِ ”سحر“ ڪا مٺڙي لات!

 

”تسنيم يعقوب“ منهنجو ئي ٻيو نالو آهي جيڪو مون شاعريءَ لاءِ اختيار ڪيو هو، 1972ع ۾ ”سوجهرو“ رسالو ڪراچيءَ مان جاري ٿيو، انهيءَ وقت منهنجو پهريون نظم ان ۾ انهيءَ نالي سان شايع ٿيو هو ۽ پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ نظم ڇپيا. ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل پهريون نظم هتي ڏيان ٿي جنهن جو عنوان آهي ”تمنا“:

تو چيو هو:

”ڪاش مان ڪوي هجان ها

تو لاءِ گيت لکان ها جيڪر

تنهنجي مرگهه نيڻن تي

جن ۾ منهنجي تصوير آ

جن مان منهنجو پياسو من

جهاتيون پائيندو آ“!

تو چيو هو:

”ڪاش مان چترڪار هجان ها

ڪو چٽ چٽيان ها جيڪر

ٻن نيرين ڪارين ڍنڍن جو

جن جي بي انت گهراين ۾

منهنجو وجود

ڪنول جي گل جيان

ٻڏندو ترندو رهندو آ.“

هاڻ جڏهن تون نه ڄاڻان ڪٿي آن

منهنجو من ٿو چاهي

جي مان ڪوي هجان ها

توڏي گيت لکان ها:

”او هرجائي!

مرگهه نيڻن جي پياس وڌائي

هن جيون رڻ ۾

رڃ پويان ڇو رولي ويو آن؟“

منهنجو من ٿو چاهي

جي مان چترڪار هجان ها

تنهنجو چٽ چٽي پڇانس جيڪر

”او منهنجي من جا چور

منهنجو من گهائي

ڪهڙو ديس وسائي

ويٺو آن!“

...۽ جي مان خدا هجان ها!!

”شبنم موتي“ ساڳئي دور ۾ تمام گهڻو ۽ سٺو لکندڙ شاعره هئي جنهن هاڻ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندس ڀيڻ ”ثريا سنڌي“ پڻ شاعري ڪندي هئي. سندس وڌ ۾ وڌ شاعري ”سگهڙين سٿ“ ۽ ”اديون“ ۾ ڇپيس آهي:

سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ
تون قهري ڪوٽن کي ڪوري آءُ
هنن ڀتين کي تون ڀوري آءُ
اڄ سنڌ سڏئي ٿي اوري آءُ
آءُ ٻاري سوني سچ جي آڳ
سنڌ جي نياڻي جاڳ تون جاڳ
تون زندان زنجيرون ٽوڙي آءُ
هن قيدن کان منهن موڙي آءُ
اڄ واٽ وطن جي ووڙي آءُ
آ مونجهارن ۾ تنهنجو ماڳ
جاڳ ته جاڳي سنڌ جو ڀاڳ.

 

”شمشاد مرزا“ پڻ هن دور جي هڪ گهڻو لکندڙ شاعر هئي. مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل سان شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي چڪي آهي. سندس هڪ نظماڻو نثر هت ڏجي ٿو:

آرسيون اکيون، لڙهندڙ پاڇا، سر سارنگ، سر ڪرهو

رنگ پکڙيل، ڇيرون ڇمڪار

ناٽ نٽڻيءَ جا، آدم جي اهنڪار

تالا، جند، ٻيڙيون بند، اڻ لکي انڊلٺ

ڪوي، چترڪار ٻن پيالن ۾ بند

آرسيون اکيون

نيڻ نم نم، ڇپ گم سم

لڙهندڙ پاڇا، لڙهندڙ ليٽ

ٻن پيالن ۾ بند

آرسيون اکيون گهٽيل ٻوٽيل

ڦٽ ڦٽ ڏار

ويڻ ورلاپ آڏو تنهنجي.

”انيس ميمڻ“ (هاڻي انيسه رحمان) پي آءِ اي ۾ مارڪيٽنگ مئنيجر آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انٽرنيشنل رليشن ۾ ماسٽرس ڪيل اٿس ۽ شاگرد سياست ۾ به ڪافي فعال رهي. سگهڙين سٿ ۾ لکڻ کان ابتدا ڪيائين. پوءِ ٻين به ڪيترن رسالن ۾ لکيائين. هڪ رسالو ”سگهڙين سٿ“ نالي پڻ ڪڍيائين. سندس شاعريءَ ۾ مختصر لفظن ۾ وڏي معنيٰ هوندي آهي:

ٻه اکيون، ٻه چپ!

چپ - چپ چاپ ڏسندا رهيا

اکيون - ڄڻ ته ڳالهائينديون رهيون.

سگهڙين سٿ رسالي ۾ ڇپيل نظم ”ماءُ“:

سوچيم پئي

خيالن ۾ لهي ويس هيٺ

شعور ۽ لاشعور کان دور

چنڊ جي مٺي مٺي روشنيءَ

سڪون ڦهلائي ڇڏيو هو

ماٺ هئي ايتري

چانڊوڪيءَ جي به ڄڻ

چاپ ٿي ٻڌم

شڪ ٿيم

اڄ به تنهنجا چپ

منهنجي نراڙ تي

پنهنجي محبت جا

چٽ ٿا چٽين

خيالن مان موٽي آيس

شعور، لاشعور، تحت الشعور کان پري

ڏٺم ”ماءُ“ کي

سوچيم

سڀني شعورن کان اتم

سڀني خيالن جي اندر

تنهنجي ڪنهن سان ڀيٽ نه آ

محسوس ڪيم

خوشبو!

تنهنجي خوشبو

مٽيءَ جي خوشبو

ان مٽيءَ جي خوشبو

جنهن ۾ منهنجي اور پوريل آهي

پوءِ ڀانيم

ته سڀني شعورن منجهه

سڀني خيالن اندر

منهنجون ٻئي مائرون

هڪ جنهن جنم ڏنو

هڪ جنهن جي ڪڇ ۾

موت کان پوءِ

وڃڻو اٿم!

اڳ ۾ ئي هڪ ماءُ

منهنجي اور

ٻيءَ ماءُ وٽ امانت طور پورائي آ

۽ اهي منهنجي نراڙ تي

پنهنجي محبت جا چٽ چٽي

مون کان جاڳرتا جي جوت جلائڻ جو

وچن پيون وٺن

۽ مان

ڪيئن پنهنجي مائرن جو

وچن نه پاڙيان؟

”زبيده ميتلو“ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي پهرين اتي ئي نوڪري ڪئي پوءِ مهراڻ يونيورسٽي وئي، اڄ ڪلهه تعليم پرائڻ لاءِ انگلينڊ ۾ آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڏات ڏوهاري“ ڇپجي چڪو آهي. جنهن تي اڪئڊمي ادبيات پاران انعام به مليل آهي. سندس ڪلام:

اوندهه آهه ته ڇا ٿيو

ڪرڻا ڪرڻا لفظ لکان

ٻاري ڏات – ڏيو.

”نورالهديٰ شاهه“ سڀ کان پهرين ”سگهڙين سٿ“ ۾ ڪهاڻيون لکيون، پوءِ ٻين رسالن ۾ به لکيو. ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ڇپيل اٿس. ان کان پوءِ ڪجهه وقت شاعري به ڪيائين جنهن جو پڻ مجموعو ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ ڇپيو اٿس. سندس ٽي وي ڊرامن کيس سموري پاڪستان ۾ سڃاڻپ ڏياري آهي. سندس هڪ نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيل ڏجي ٿو:

ساڻو ساڻو ساهه

هيءَ ته ڪا ناري آ

ملهه لڳس وچ بازار

ڪنهن سيٺ هٿئون

وڪاڻي آ.

بکايل بکايل پيٽ

اڃايل اڃايل ساهه

نڪي پاڻيءَ ڦڙا

نڪي مانيءَ ڳڀا

ائين ئي مئا

هن جا ٻار.

انهيءَ ساڳئي دور ۾ گذريل دور جي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ جنهن جو نالو ادبي تاريخن ۾ اچي ٿو. ”جميله تبسم“ (جنهن جون ڪهاڻيون مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڇپيون هيون) پڻ ٻيهر لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سندس ڪيترائي نظم سگهڙين سٿ ۾ ڇپيا هئا جن مان هڪ پيش آهي.

زنده خواب

جڏهن حقيقتون چئني طرفن کان باهه لڳائين

جڏهن سچ جو زهر

قطرو قطرو ٿي وجود کي ساڙڻ لڳي

ان لمحي دل چاهيندي آهي ته

ڪجهه ساعتون زندگيءَ کان جدا ٿي

اکيون بند ڪري خوابن جي دنيا ۾

گم ٿي وڃجي

انهن ڪوڙن لمحن جا خواب

ڪڏهن نه پورا ٿيڻ وارا خواب

چند گهڙين لاءِ سهي

دل کي خوش ڪندڙ خواب

اهڙا خواب ڏسجن

جن جي تعبير اکين کلڻ سان سچ هجي

سنڌ تنهنجي ۽ منهنجي هجي.

هن ساڳئي دور ۾ ”نسرين جوڻيجو“ به لکڻ شروع ڪيو ۽ تمام گهري جذبي سان لکيائين. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هاڻ گهڻو نٿي لکي:

پيڙا

ڏاڍي ٿم اساٽ

تن ۾ گرمي

من ۾ گرمي

سوچ ۾ گرمي

لوچ ۾ گرمي

اڻ پورين آسن جي گرمي

خون ٿيل خوابن جي گرمي

اکين مان ٿا الا نڪرن

خيالن ۾ ٿا ڀنڀٽ ڀڙڪن

ڇاتيءَ ۾ ٿا ٽانڊا ٽچڪن

دل ۾ ڏک هزار

کامڻ جي ٿم شروعات

آهيان هينئر ٽانڊو ڳاڙهو

پوءِ ٿيندس ڪوئلو ڪارو

آخر ٿيندس رک

مٽيءَ جهڙي خاڪي رک

دل ٿي چاهي

دور وڃان مان

دکن دولابن جي نگريءَ کان

پنهنجي سکڻين

سوچن لوچن کان ڀي دور

پنهنجي زهري جيون کان دور

هماليه جي چوٽيءَ تائين

اتان کڻي مان ٽپو ڏيان

اونهي کاهيءَ منجهه ڪران

وري وڃيم ڪا برف مٿان

مليم ڪا ٿڌڪار

ٿڌڙي ٿڌڙي

موت جهڙي ٿڌڪار.

”شميم ميمڻ“ پڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. هيءَ تمام ذهين ۽ حساس ليکڪا آهي. هن پهرين ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا پوءِ ڪجهه عرصو شاعري ڪيائين ۽ شاديءَ کان پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنائين.

اوسيئڙو

هاءِ ڙي جيون!

آندو ماندو

اوسيئڙو – اکيون جر ٿر

اڻڀا وار – ڳوڙها ڳل

ڪنهن لئه آ

ڪوئي پاڳل

ڪو به نه آيو

ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ڪوئي

هيڪل وياڪل

من ٻالڪ کي

پرچائي پرڀائي

آس جي جوت جلائي

چؤواٽي تي نيڻ وڇائي

نهاري پل پل

ڪنهن اڻڄاتي آديسيءَ لاءِ.

هن ساڳئي دور ۾ ”نذير ناز“ پڻ شاعري ڪئي ۽ اڃا تائين ڪري رهي آهي ۽ اهم شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻ ناري پبليڪيشن ذريعي عورتن جا ڪتاب پڻ شايع ڪندي رهي آهي. سندس شاعري هت ڏجي ٿي:

درشن پياسي، نيڻ اداسي،

ڇلڪن نير وهائي، تنهنجي ياد ستائي

تو بن سڃ ئي سڃ ٿي ڀانيان

جيون رڃ ئي رڃ ٿي ڀانيان

ساري سڪ مان جيڪي سرجيان

وکريل سپنا ساڀيان ٿيندا

ساجن تنهنجي آئي

تنهنجي ياد ستائي.

هن دور ۾ ٻيون به ڪيتريون اهم شاعرائون هيون جن مان نسرين شاهه، سوسن مرزا، عذرا جبين ميمڻ، سعيده ميمڻ وغيره. جا نالا اهم آهن. نئين ٽهيءَ مان پڻ ڪيتريون ئي شاعرائون تمام سٺو لکي رهيون آهن، جن مان ڪجهه اهم نالا هي آهن.

عطيه دائود، پشپا ولڀ، بانو محبوب، ارم محبوب، شبنم گل، امر سنڌو، تانيا ٿيٻو، گلبدن جاويد وغيره انهن مان ڪن جي شاعري هت ڏجي ٿي.

عطيه دائود (لاڙڪ) ستر جي ڏهاڪي کان سگهڙين سٿ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، پر سندس مڃتا پوئين دور ۾ ٿي جڏهن منجهس پختگي آئي. هن وقت سندس شاعريءَ جي اردو ۽ انگريزي ترجمي وڏي حلقي ۾ مڃتا ماڻي آهي. سندس هڪ نظم ”پيار جون سرحدون“ نالي هت ڏجي ٿو:

منهنجا محبوب، مون کي توسان محبت آهي

پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بنجڻ نٿي چاهيان

جيڪو تنهنجي اڃ جو محتاج هجي

جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي

جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي

مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي

منهنجو اندر تولاءِ آتو آهي

پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽

مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي

سو مان نٿي چاهيان

تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي

پر تنهنجي خواهشن جي گهاڻي ۾

چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان

تنهنجي اڱڻ تي ڀرم جي ڪليءَ سان ٻڌجي

وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان

لولي لنگڙي سوچ سان لانئون لهي

انڌن ٻوڙن ۽ گونگن  ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان

مان سڀ حواس رکندڙ آهيان

سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي

بک، ڏک ۽ خوف موت جا پاڇولا بڻجي

منهنجي رت سان راند پيا ڪن.

۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين

ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن

سا لهس ته مون کي به لڳي آهي

تون منهنجي چمڙيءَ کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين

مان تنهنجي خيالن جي ڪينواس تي

ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان

جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀريندو رهين

۽ مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان

ڄاڻان ٿي توکان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان

مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين

محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ

اچ ته هڪ ٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون

منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي

مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ

منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر

جيڪي دوستن سان ڪندو آهين.

”پشپاولڀ“ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعره آهي. سنڌي اديب وليرام ولڀ جي ڌيءَ آهي. ڊاڪٽر آهي ۽ تمام سٺا نظم لکيا اٿس. سندس هڪ نظم آهي:

توکي ڪهڙي خبر

اسان توکي ڪيئن رکون ٿا

بند ڇپرن ۾

اکين وانگر

دنيا جي هر ڪک کان پري

بند ڪتابن ۾

گلابن وانگر

تنهنجي خوشبوءَ کان

هر ساهه ۾ سموئي

کليل اکين جي

هر خواب وانگر

جو تو سواءِ پورو ناهي

هڪ آس آهي

جنهن سهاري

زندگيءَ جي ڏاڪڻ جو

هڪ هڪ ڏاڪو چڙهجي ٿو

عذابن وانگر.

”امر سنڌو“ (اصل نالو سلميٰ لغاري) ٿرپارڪر (ميرپورخاص) سان واسطو رکي ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهي.  سندس ڪي سٺا نظم مختلف رسالن ۾ ڇپيا آهن. سندس نظم ۾ انداز تجريدي آهي:

ڇا!

تون پنهنجي

نظريي جو ڪمبل

مون کي اڌارو ڏيندين

مان!

پنهنجن سپنن کي

سيءَ کان بچائڻ ٿي چاهيان

هوءَ!

جنهن کان ڊگهي ڪس

وٺڻ چاهي هئي مون

رات!

ان جي سپنن سيءَ کان بچڻ لاءِ

خودڪشي ڪري ڇڏي.

”شبنم گل“ انگريزيءَ ۾ ايم اي آهي ۽ ليڪچرار آهي. هن جي سڃاڻپ شاعر هئڻ کان سواءِ ٽي وي ۽ اسٽيج جي ڪمپيئر جي پڻ آهي. سندس اصل نالو رضيه سلطانه لاشاري آهي.

وقت

مختلف روپن

مختلف چهرن

مختلف صورتن ۾

تنهنجا ڏنل سمورا درد

۽ منهنجي نالي ارپيل

سموريون پيڙائون

سمورا گهاءَ

ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم

۽

جيئن ڪو پهرين محبت جي

نالي کي

دل جي ڪتاب ۾

سنڀالي رکندو آهي.

ياد جون اڌ کڙيل

مکڙيون

انتظار جي علامت .

”ميمڻ روشن تبسم“ جو تعلق مٽياريءَ سان آهي. پاڻ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ ڪم ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو پڻ ڇپجي چڪو آهي. ڪلام جو نمونو ڏسو:

ماءُ جي قدمن ۾ جنت

دعائن ۾ رحمت

سندس پيار زندگي

خدا جي قدرت!

”زيب نظاماڻي“ – مرحوم نثار حسينيءَ جي جيون ساٿي، جتي ان سان گڏجي سنڌي ٿيئٽر کي جياريائين اتي خوبصورت شاعري به ڪيائين – هي ڏسو:

هيل موسم جيان

موٽ مون وٽ وري

آس جي اڀ تي

چنڊ وانگيان ٻري –

ڪونج گهاريل ٻڙي –

هاءِ ڏاڍو ڪري –

درد جي شام هي

هاڻ ويندي ٽري

واٽ وندر مٿي

وقت ويندو ڀري -

”بانو محبوب جوکيو“ جو نالو ادب جي دنيا ۾ تمام جلد ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ اهم بڻجي ويو. جنهن جو سبب سندس منفرد انداز آهي جنهن سان هوءَ تمام گهري معنيٰ ظاهر ڪري ٿي. سندس هڪ آزاد نظم ڏسو؛

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي

بنان ڀاڙي

مفت ۾ اجاڙي

سڪون جا تڏا پٽرائي

هاءِ اجاڙي

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي

مفت مفت ۾ منظر آڏو

غمن گوندرن جو گهلي گاڏو

بڻجي ڪاسائي، بڻائي پاڏو

هاءِ ڏاڍو ڦٿڪائي

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي

ماضي ڏاڍو ماري ٿو

ياد جي ڇيڻيءَ سان ڏاري ٿو

ماري وري جياري ٿو

من وجهي ٿو گهائي

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي

ساروڻيون جٿا ڪن ٿيون

دشمنن جيان حملا ڪن ٿيون

قرضين جيان ڪڍ لڳي

ڏاڍو بي حال بنائي

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي

وڃڻ وارا ويٺا آهن

يادن کي پويان بڇيندا آهن

ڏکن جا اسان لئه کاتا کولي

سکن کي ڏور سٽيندي

ويندا هن وَئلن جو واءُ گهلائي

ڪو يادن کي هٿ ٻيڙا ٻڌائي.

”گلبدن آصف“ هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر آهي ۽ هڪ سٺي شاعره آهي. شاديءَ کان پوءِ گلبدن جاويد مرزا سڏجي ٿي. سندس وائي:

منهنجو توسان چاهه الا – منهنجو توسان چاهه الا
هيءَ جواني دلبر جاني، صدقي توتان ساهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

توکي ساريان هنجون هاريان، روز ڏسان پئي راهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

رنگ رچائي، مچ مچائي، برهه تنهنجي باهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

چوي ديوانو سارو زمانو، پيار ڪيو تنهنجي پاهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

منهن مٽي دل ڦٽي، ڪيڏي ڪئي تو ڪاهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

تڙپي تڙپي رات گذاريان، ورهه اسان جي واهه الا،

 

منهنجو توسان چاهه الا.

ٿر جي ڀٽن ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ گوري ولڀ گهٽ لکيو آهي پر تمام سٺو لکيو آهي. پنهنجي ديس لاءِ سندس هي خيال ڏسو:

اي ٿر جون ڀٽون

اي اڪ جا ٻوٽوءَ!

اي ڪونڀٽو

اي اونهاري جي گرميءَ ۾

پچندڙ پيرونؤ!

اي ڀٽن تي

ٽهوڪن وارا مورؤ!

منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي

منهنجي جسم ۾ موجود گرمي

هتي جي تتل واريءَ سان آهي

جڏهن مينهن جا ڦڙا

واريءَ تي ڪرن ٿا

ته ڄڻ آءٌ جاڳي پوان ٿي

تڏهن مان – مان نٿي رهان

ٿر ٿي پوان ٿي

”ارم محبوب“ نئين ٽهيءَ جي شاعره آهي ۽ مشهور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي ڌيءَ آهي. نوجوان شاعر حسن درس سان شادي ڪيل اٿس. سندس ڪلام:

ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي،

ها ڏاڍي ڪاري رات هئي

ويس ڍڪي اوڌر جي چانڊاڻ جو

چنڊ دريءَ مان مرڪيو ائين ٿي

ڄڻ ڊيڪوريشن پيس هيو ڪو

ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي

ها ڏاڍي ڪاري رات هئي

۽ من ۾ ڪيڏا ها طوفان

يادون يادن سان ٽڪرائجي

پار ڪڍي ڄڻ رُنيون ٿي

پر دل جو آواز ڇو ڪنهن نه ٻڌو پئي

ماحول ۾ ڪيڏي ماٺ هئي

ها ڏاڍي ڪاري رات هئي

۽ دنيا ڄڻ ڪائي قبر هئي

چنڊ اهو پسي ها پوءِ رنو هو

پوءِ وڃي ڪا ماٺ ٽٽي هئي

ڪاري رات کٽي هئي

۽ تڏهن وڃي ڪا باک ڦٽي هئي.

شگفته شاهه جو تعلق حيدرآباد سان آهي، پاڻ سٺي چترڪار به آهي، سندس هي شعر ڏسو:

نما شام

هيءَ تنها تنهاڪوئل

وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اڏري

ڪنهن کي آخر ڳولي ٿي

ڪيڏي پيڙا مان

ڪُو ڪُو ڪوڪي ٿي

ٻول مٺا سي ٻولي ٿي

تانيه ٿيٻو، نسيم ٿيٻو ۽ رسول بخش پليجي جي ڌيءَ آهي، پاڻ گهٽ پر سٺي شاعري ڪئي اٿس.

ڊوڙيا هئا سين ننڍڙي پوپٽ لاءِ

مون ته ڏٺا ها، سپنا ها سي

گلڙن تي جي ويٺا ها

اونداهي چوڌاري

۽ ان جي پوئيواري

پرهه سڪينه گاد جي شاعريءَ ۾ عورت سان  بي جوڙ شاديءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ ڪيس تي احتجاج ملي ٿو:

اڄ وري ڪا ناري

بنا جوڙ نڪاح جي

ٻنڌڻن ۾ ٻڌي وئي

اڄ وري ڪنهن جا سپنا

انا خاطر نراس ڪيا ويا

اڄ وري ڪنهن ناريءَکان

شرعي حق کسيو ويو

سندس ڏڪندڙ ۽ سڏڪندڙ

ڪنڌ کي زوريءَ لوڏي

هاڪار ڪرائي وئي

شاهدن مبارڪون ڏنيون

سندس ڀاءُ مبارڪون

وصول ڪيون!!

فرزانه شاهين مڱڻيجو اسي-نوي جي ڏهاڪن ۾ مشهور ٿي، سندس شاعريءَ جو پنهنجو ڌار لهجو آهي. هي غزل ڏسوس:

يادن جي گهيري ۾ آهيان

پوءِ به مان ٿي تنها ڀانيان

پنهنجو مون کي پاڻ لڳي ٿو

ڀيانڪ ڪوسپنو آهيان

احساسن کان خالي خالي

پٿر جي ڪائي مورت آهيان

من ۾ اوسيئڙي آهٽ

سپنن ۾ ٿي تو کي ڳوليان

ريکائن ڇو مات ڏني آ

رسمن جون ڇو رسيون پايان

نسرين نوري، مشهور شاعر آهي. سندس ٻين شاعرئن کان ڪجهه مختلف ڏسجي ٿي.

ڪي ڪي موتين داڻا ماڻهو

مکڻ جا ڄڻ چاڻا ماڻهو

پاڻهي هانو هندوري لوڏيان

اهڙا ساهه سيباڻا ماڻهو

قرب وارن سان ڪاوڙجي ڪي

ڏاڍا ڪن ٿا ماڻا ماڻهو

ڏک انهن کي ڏاج ٿي مليو

سورن ۾ ساماڻا ماڻهو

حميده قاضيءَ جو تعلق رتيديري جي مشهور قاضي خاندان سان آهي. جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ فنڪار فرد شامل آهن، قاضي مقصود گل، قاضي منظر حيات، قاضي خضر حيات وغيره. سندس نثر توڙي نظم جو پنهنجو منفرد انداز آهي.

پيڙائون پڄرن

ترقي پسند روايتن

۽ قدرن جو حامي

سماج ..... !

جنهن جي سيني تي

اسين ايئن آهيون ڄڻ

زندهه لاش!

ناريءَ جي هر قدم

هر وک جو ويري

هر وک تي ڏئيس ٿو

بنواس ..... !

تسليم زنئور جي وائيءَ جون ڪي سٽون ڏسو:

تو کي ڳوليندي رهيس

اڀاڳن جيان هر واٽ

ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا

لاش گلن جا منهنجي پلئه ۾

هيل بهارن منجهه سرٻاٽ

ٿر ۾ ٿوهر ڦٽندا رهيا

”رخسانا پريت چنڙ“ هڪ ڊاڪٽرياڻي آهي. هن جي ڪلام جو مجموعو ”پياسي ساڀيا – جل ٿل خواب“ ڇپجي چڪو آهي:

اڃا جيئون هر سزا مليل آ

اهڙي ڪنهن جي دعا مليل آ

تنها ئي ۾ اڀ چانڊوڪيون

چاهت آ يا چتا مليل آ

ڪوٽن کي اورانگهي وئي آ

شايد هن سان هوا مليل آ

”پارس عباسي“ مشهور شاعر مرحوم تنوير عباسيءَ جي نياڻي آهي. پر هن جو پنهنجو لهجو آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو به ڇپيل آهي، سندس شاعريءَ جو نيارو رنگ ۽ آهنگ آهي:

لهندڙ سج تڪيندا آهيون

ڇڻندڙ پن ڳڻيندا آهيون

آکيرن ڏانهن ورندڙ پنڇي

ڪرندڙ پنک جهٽيندا آهيون

اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي

ننڊ جا پير جهليندا آهيون

”نجمه نور ڦلپوٽو“ جو هڪ مجموعو ”اَجرڪ ۽ چنڊ“ ڇپجي چڪو آهي. هن جو ڪلام پختو آهي. سندس مجموعي ادبي حلقن جو ڌيان ڇڪايو آهي. پاڻ مسلسل لکي رهي آهي. ان جي گيت ”جشن بهار “ مان ٻه بند:

صحرا ۾ ڄڻ ساگر پلٽيو

پن ڇڻ پنهنجي آر نه پار

جشن بهاران جي آ بهار

ڌرتيءَ پنهنجا سور نه ساريا

اوٺي آيا موڙي مهار

جشن بهاران جي آ بهار

”اختر افروز شاهه“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ ڪهاڻيون به لکندي آهي. سندس ڪلام جو هڪ مجموعو ”دل پٿر ته نه آهي“ ڇپيل آهي:

نانگ مان زهر ڪڍي سگهجي ٿو

انسان مان زهر ڪڍڻ مشڪل آ

هت ماڻهو، ماڻهوءَ کي هر وقت ڏنگي ٿو

نانگ جيان ڳولهي بدلو وٺي ٿو!

”نجمه پنهور“ ڪهاڻيون به لکي ٿي ۽ شاعري به ڪري ٿي. ”سرتيون“ جي جوائنٽ ايڊيٽر آهي. پاڻ ڳچ عرصو ”گل ڦل“ جي ايڊيٽر به رهي آهي.

ڏوهه سڀئي بخشائڻ اينديس

پيارن کي پرچائڻ اينديس

بسنت رت ۾ تڙپي پونديس

پوءِ به ٽهڪ لڳائڻ اينديس

”بنفشه بهار“ ٽکڙ جي علمي ادبي سيد خاندان مان آهي. پاڻ ڊاڪٽرياڻي آهي. آزاد توڙي پابند شاعري ڪري ٿي. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ تازگي آهي:

وساري به وسرن نٿا ڇا ڪجي

جي وسري وڃن ته به غضب ٿي وڃي

ستل سور دل ۾ کنيو ٿو وتان

جي جاڳي پون ته به غضب ٿي وڃي

* **

پنهنجا درد اُڌارا ڏي

مون کي اهي سارا ڏي

تنهنجا نيڻ سانوڻي بادل

مون کي اهي وسڪارا ڏي

”ثمينه ميمڻ“ ڪهاڻيون به لکيون آهن ته شاعري به ڪئي آهي. هوءَ ٽه – ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪي آهي. ثمينه ”سرتيون“ جي ايڊيٽر به رهي آهي. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين آهي:

ڌنڌ ۾ ويڙهيل يادکي

مون کولڻ جو سوچيو هو جڏهن

مون کي ايئن هو لڳو ڄڻ

ڌنڌ ويندو هٽي

ياد ويندو جهٽي!

”بينا بيدل“ بيدل مسرور جي گهر واري آهي. هوءَ شاعريءَ کي گهٽ وقت ڏئي ٿي، پر سٺي شاعري ڪري ٿي. پاڻ ٽي وي آرٽسٽ رهي آهي. زلزلي تي ”سرتيون“ ۾ سندس ڪيترن ئي ڇپيل نظمن مان هڪ:

موت کي ساٿي ڪري

وقت (جيڪو ڪٿي بيهي نٿو!)

زندگيءَ سان راند ڪا اهڙي رچي

قدرت آڏو

فقط هڪ ڇڪيءَ سان

خاموش ٿي وئي زندگي!

”روبينه راجپوت“ حيدرآباد ۾ رهي ٿي. پاڻ سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪري ٿي.

تنهنجو منهنجي اڱڻ اچڻ

ائين آهي ڄڻ

خزان جي موسم ۾

ڪو گلابي گل ڦٽڻ

”حميره نور“ هڪ اين. جي. او سان لاڳاپيل آهي. پاڻ نثر ۾ به لکي ٿي ته شاعري به ڪري ٿي. هن جا موضوع توڙي اسلوب منفرد آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”درد جي خوشبو“ ڇپجي چڪو آهي:

وڃڻ کان اڳ نهاري وڃجان

ڪڏهن ڪنهن کي پڪاري وٺجان

ثواب خاطر يا احسان ڪرين

مئي جلدي ۾ پياري وٺجان

”زبي پروين ڏاهري“ ڳچ عرصي کان لکي رهي آهي ۽ سٺو لکي رهي آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”اسان جون نهارون“ ڇپيل آهي:

عورت لاءِ

زندگي زندان مثل آ

هن معاشري جي مقتل ۾

مائٽن جي گهر

ڄڻ هن لئه ٿاڻو – عارضي ٺڪاڻو!

”سيما“- هن ويجهڙائي ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. هيءَ نثري شاعري ڪري ٿي. سندس موضوع منفرد، اظهار ۽ لهجو  چڀندڙ ۽ گهرو آهي:

پکين جون ٻوليون

وڃائجي ويون آهن

گلن جي خوشبو باروت جي ڍير ۾

لتاڙجي وئي آهي

ٻارن جا رانديڪا کسجي ويا آهن

خوابن جا پوپٽ

اکين مان اڏامي ويا آهن

ننڊ سان گڏ!

مٿي ڏنل تفصيل ۾ مختلف دورن مان تمام گهڻا نالا  ۽ انهن جي شاعري هتي شامل ٿيڻ کان رهجي وئي آهي. مون سنڌي شاعر عورتن کي هن مجموعي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي خيال کان هر دور مان مختصر چونڊ ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ عورتن جو چڱو وڏو تعداد طبع آزمائي ڪري رهيو آهي ۽ سندن موضوع ڪائنات، انسان ۽ خاص ڪري عورت جون پيڙائون رهيا آهن. اها سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ ڪهڪشان آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا تارا جگمگائي رهيا آهن ۽ هر هڪ تارو پنهنجي جاءِ تي پنهنجي مدار ۾ هڪ سج آهي جيڪو اوندهه سان جهيڙي رهيو آهي !!

هن ڪتاب ۾ لفظ ”پوئيٽيس“ يا ”شاعره“ بدران ”وومن پوئٽ“ ”عورت شاعر“ يا ”شاعر عورت“ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جو سبب پڻ ڄاڻايو ويو آهي پر مون اهڙي ڪا به پابندي ڪانه رکي آهي. شاعر عورت يا شاعره ٻئي لفظ استعمال ڪيا آهن. اسين هروڀرو اهڙي ڪنهن ڪامپليڪس جو شڪار ڇو ٿيون؟ هاڻ ته اسان وٽ حالتون عام طرح گهڻيون سازگار آهن ۽ اسان جي ادب ۾ ليکڪائن ۽ شاعرائن پنهنجو پاڻ مڃرائي ورتو آهي ۽ هو ليکڪن ۽ شاعرن سان برابريءَ جي دعويٰ ڪري سگهن ٿيون. تعداد ۾ نه سهي معيار ۾ ته هو ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. هونءَ به تعداد (Quantity) کان معيار (Quality) وڌيڪ هئڻ گهرجي.

هن ترجمي ۾ به مون چونڊ ڪئي آهي جنهن جا ٻه سبب آهن، هڪ ته سڀني شاعرائن جي سڀني نظمن جي ترجمي سان ڪتاب تمام وڏو ٿي وڃي ها. ٻيو ته ڪيترا نظم اهڙا هئا جن ۾ لوڪل يا مڪاني ڏند ڪٿائون اهڙيءَ ريت آيل هيون جو انهن جي پسمنظر کان اڻواقف ماڻهوءَ کي اهي سمجهه ۾ ئي ڪونه اچن ها، ڪن نظمن ۾ وري ايترو ته  کليل اظهار هو جيڪو اگهاڙپ جي دائري ۾ اچي ها جيڪو مون سنڌيءَ ۾ شامل ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو، ڇو ته هر سماج جا پنهنجا ڪي قدر ۽ تقاضائون هونديون آهن، جن جو لحاظ ڪرڻ ضروري هوندو آهي.

منهنجي چونڊ اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندي. ترجمي لاءِ مون نثري نظم جي چونڊ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري انگريزي ترجمن ۾ به اها ئي صنف استعمال ڪيل هئي. ڪٿي ڪٿي ٽِه سٽا، چوسٽا به ڏنا اٿم.

آءٌ سنڌيءَ جي ناميارين شاعرائن سلطانه وقاصي، شبنم موتي ۽ عطيه دائود جي ٿورائتي آهيان جن هن ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ان کي پسند ڪيو ۽ جلد ڇپرائڻ جو مشورو ڏنو، پر ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري ويا آهن، ڪجهه منهنجي سستي ڪجهه ...!!

ڀاءُ هدايت بلوچ جي پڻ ٿورائتي آهيان جنهن هن ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جي مهرباني ان وقت ڪئي هئي، پر سڀ کان وڌيڪ ٿورائتي آهيان سنڌ جي ڀلوڙ جديد شاعر سائين امداد حسينيءَ جي جنهن نه صرف هن ڪتاب کي پسند ڪيو پر مون کي تمام ڪارائتا مشورا ڏنا. هن تسنيم يعقوب کي هن شاعريءَ جي ڪتاب جو ڪريڊٽ ڏنو آهي ۽ آءٌ ڀانيان ٿي ته جيئن ڪالم نگاريءَ مون کان ڪهاڻيون ڇڏائي ڇڏيون تيئن سنجيده تحقيقي ڪم شاعريءَ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. جيئن تازو مون پنهنجو ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايو آهي تيئن ئي هن ڪتاب ذريعي مون تسنيم کي جاڳائي وڌو آهي. شايد جلد ڪو مجموعو اچي وڃي.

ڊاڪٽر فهميده حسين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org