سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:ٻري جن ٻاري

 باب-- ٻيو

صفحو :8

(2) فرنٽيئر ۽ بلوچستان جي صوبن سان نوان سڌارا لاڳو ڪيا وڃن.

(3) پنجاب ۽ بنگال ۾ آدمشماريءَ مطابق مسلمانن کي نمائندگي ڏني وڃي.

مسلمان مٿي ذڪر ڪيل اقليتن کي اهي رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا. انهن شرطن تي مسلمان گڏيل چونڊون قبول ڪندا. ”انهيءَ ٺهراءَ هندو مسلم اتحاد جو دروازو کولي ڇڏيو. مٿيون ٺهراءُ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ قبول ڪيو ۽ ان کي آل انڊيا ڪانگريس، آل انڊيا مسلم ليگ جي منظوريءَ لاءِ موڪليو. 25 مارچ تي محمد علي جناح دهليءَ وارين تجويزن متعلق هڪ بيان جاري ڪيو، ان جي پهرين مطالبي ۾ چيو ويو ته ”سنڌ کي بمبئي کان عليحده ڪري جدا صوبو بنايو وڃي.“ - - - - (1)

سنڌ جي اڳواڻن جون آئيني طريقي سان سنڌ کي جدا صوبو بنائڻ جون ڪوششون جاري رهيون. مئي 1927ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو اجلاس بمبئي ۾ ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪري سنڌ جي جدائيءَ وارو ٺهراءُ بحال ڪرايو. اهڙيءَ طرح ساڳئي سال ڊسمبر 1927ع آل انڊيا مسلم ليگ جو اوڻويهون اجلاس ڪلڪته ۾ منعقد ٿيو. انهيءَ ۾ به ٺهراءُ بحال ڪيو. ٺهراءَ ۾چيو ويو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان جدا ڪري الڳ خودمختيار صوبو بنايو وڃي. - - - - - (2)

مسٽر محمد علي جناح جيڪو ٺهراءَ جو مسودو ٺاهيو ان ۾ ڪجهه نقطه مسلم ليگ جي پاليسي ۽ پروگرام تحت تيار ڪري ايندڙ آئيني سڌارن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. سنڌ جي عليحدگيءَ جو سوال هن پنهنجي مشهور چوڏهن نقطن ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾  نائون نمبر ٺهراءُ هو ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان جدا ڪيو وڃي، انهيءَ مسودي جي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ”مسلمان ايستائين گڏيل  چونڊن تي ڪو به رايو نه ڏيندا، جيستائين سنڌ کي حقيقي طرح صوبائي حيثيت نه ڏني ويندي. - - - - - (3)

 

هندو مسلم معاهدو

 

تاريخ 17 جولاءِ 1928ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪوشش سان سنڌ جي هندو- مسلم ۽ پارسي اڳواڻن جي وچ ۾ هڪ معاهدو عمل ۾ آيو. انهيءَ عهدنامي جو نالو ”سنڌ هندو مسلم ٺاهه“ رکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگي بابت چيو ويو ته:

1- اسان اعلان ٿا ڪريون ته گڏيل چونڊ جي نظام سان گڏ سنڌ کي  به عليحده ڪري خود مختيار صوبو بنايو وڃي.

2- سنڌ صوبي کي مڪمل خودمختياري هوندي جيئن هندستان جي اڪثر صوبن کي آهي ۽ آئينده کيس ٻئي ڪنهن به صوبي سان نه ڳنڍيو ويندو.

سنڌ جي عليحدگيءَ جي صورت ۾ مالي مسئلن جي پورائي لاءِ اسان ظاهر ٿا ڪريون ته اسان ڪپڙي آهر ڪوٽ ڪٽينداسين. - - - -  (1)

معاهدي تي هيٺين ماڻهن صحيحون ڪيون:

هندو: نارائڻ داس آنند جي بيچر، سوامي گوبند آنند ۽ ڪي پنيا ايڊيٽر سنڌ آبزرور، ڪي جيسواڻي ايڊيٽر نيو ٽائمس، تاراچند، ٽيڪمداس واڌومل، رام بي موٽواڻي، ريجهومل، ڪدنا سنگهه، چيئرمين لاڙڪاڻه، ميونسپالٽي، پرڀوداس ٽلاڻي، ميسرز بسنت رام ۽ اڇنداس، ميسرز ڪشنداس جهامرا، ڀامنداس رامچند، ڄيٺمل پرسرام ايڊيٽر سنڌ هيرالڊ، پروفيسر جهٽ مل لعل چند جگنياڻي، وشنو شرما، ايڊيٽر هندو جاتي، گوپالداس ليکراج ۽ ايڊيٽر پرڪاش.

مسلمان: عبدالله هارون شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاتم اي علوي، حاجي مير محمد بلوچ، عبدالجبار بار ايٽ لا، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، الله بخش ايڊيٽر ”الوحيد“ ۽ قاضي عبدالرحمان.

پارسي: جمشيد اين- آر مهتا پريزيڊنٽ ڪراچي ميونسپالٽي، مسٽر ڪي سڌوا. - - - - -  (1)

سنــــه 1928ع ۾ نهرو رپورٽ شايع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ وارو مطالبو هنن لفظن سان قبول ڪيو ويو.

1. سنڌ  کي جدا صوبائي حيثيت ۾ مسلمانن جي اڪثريت وارو صوبو تسليم ڪيو وڃي ٿو. - - - - - (2)

انهيءَ دور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڊاڪٽر مختيار احمد جي صدارت ۾ منعقد ٿي، جتي نهرو رپورٽ تي، ڪافي بحث مباحثي بعد سنڌ جي عليحدگيءَ واري فارمولي کي قبول ڪيو ويو. انهيءَ فارمولي تي سنڌ ۽ بمبئي جي نمائندن صحيحون ڪيون.

سنڌ مان: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، سوامي گوبند آنند، ڊاڪٽر چوئٿ رام، جئرامداس، دولترام، پروفيسر گهنشامداس، جيٺمل پرسرام، لعلچند امر ڏنو مل.

بمبئي مان: ايم سي ڇاڳلا، مولانا شوڪت علي. - - - - (3)

ٺاهه ۾ هيٺيان فقرا به شامل ڪيا ويا:

1. جڏهن سنڌ کي جدا صوبو بنايو ويندو ته خرچ جو پورائو سنڌ مان ڪيو ويندو، خرچ جو نقصان سنڌ جو عوام پورو ڪندو. سنڌ جي هندن کي اسيمبليءَ ۾ چاليهه سيڪڙو نمائندگي ڏني ويندي.“ - - - - -  (4)

ٺاهه ۾ وڌيڪ هي فقرا هئا:

1. سنڌ جي جدائيءَ کان پوءِ جلد ئي گڏيل چونڊن جو نظام قائم ڪيو وڃي.

2. ڪائونسل ۾ مختلف قومن جي نمائندگيءَ جو تعين آدمشماريءَ جي بنياد تي ڪيو ويندو. پر جڏهن ٻين صوبن جي ٿورائي واريون قومون،  پنهنجي تعداد کان وڌيڪ نمائندگيءَ جو مطالبو ڪن ته سنڌ ۾ غير مسلم قومن جي آباديءَ کان ڏهه سيڪڙو وڌيڪ نمائندگيءَ جو حق سنڌ جي هندن کي ڏنو ويندو. باقي رهيل سيٽون مسلمانن جي لاءِ مخصوص هونديون.

3. قانون جي نظر ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ هڪ جهڙا هوندا، ۽ نوڪريون جي ڏس ۾ ٻنهي طبقن سان هڪجهڙو انصاف ڪيو ويندو“. - - - - (1)

پر اڃا ان معاهدي جي مس به ڪا نه سڪي هئي جو هندو ليڊرن انهن جماعتن جي اڳواڻن کي ناقابل اعتبار قرار ڏيئي عليحدگي جي مخالفت شروع ڪري ڏني. نه صرف اهو جو اخبارن، ڪانفرنسن ۽ حڪومت جي ڪارندن سان ملاقاتون ڪري عليحدگيءَ جي مخالفت ڪيائون، البت انهن مقصدن ماڻڻ خاطر هنن لنڊن ۾ پروپئگنڊا آفيس به کولي، جنهن انگن  اکرن جي صورت ۾ انگريز سرڪار آڏو اهو نُڪتو پيش ڪيو ته سنڌ جي عليحدگيءَ جي صورت ۾ سنڌ کي مالي خسارو ٿيندو ۽ مرڪزي حڪومت کي ان خساري سهڻ لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون ۽ اهو ناممڪن آهن.

 

آزاد سنڌ جماعت ٺاهڻ لاءِ اپيل

 

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ عوام کي اپيل ڪئي ته هو ”آزاد سنڌ“ نالي جماعت ٺاهين ۽ ٺهراءُ پاس ڪن ته: سنڌ جا مسلمان اهڙي ڪنهن به حڪومت جي جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا، جنهن ۾ سنڌ کي آزاد ۽ جدا پرڳڻو نه ڪيو ويندو. سنڌ جا مسلمان، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هر قرباني ڏيندا. اهرو ٺهراءُ پاس ڪري الوحيد اخبار ۾ موڪليو وڃي. آزاد سنڌ جماعت جي جوڙجڪ هيٺينءَ طرح هوندي.

جماعت جو نالو :      آزاد سنڌ جماعت

جماعت جو مقصد:    سنڌ جي بمبئي کان جدائي ۽ آزادي

عهديدار :              صدر، سيڪريٽري، خزانچي،

ڪاروباري ڪميٽيءَ جا پنج ميمبر هوندا.

هر هڪ مسلمان ۽ غير مسلمان جيڪو هڪ هڪ آنو چندو ڏيندو. اهو هن جماعت جو ميمبر رهندو.

 

جماعت جا ڪم:

 

جماعت وقت بوقت ٺهراءَ پاس ڪري عام ماڻهن ۽ سرڪار جي واقفيت لاءِ ظاهر ڪندي رهي ته سنڌ جا هندو- مسلمان ڪنهن به اهڙي حڪومتي جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ٻين پرڳڻين وانگر آزاديءَ جهڙو درجو نه ملندو ۽ سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي آزادي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. انهن جو رايو آهي ته سنڌ کي جدا ۽ آزاد ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي ماڻهن جون تڪليفون دور نه ٿينديون. (1)

شيخ صاحب سنڌ جي  مسلمانن ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي سوال تي جيڪو جذبو ۽ جوش پيدا ڪرڻ گهريو پئي، ان ۾ سئو سيڪڙو ڪامياب ويو ۽ مسلمان ايتريقدر سجاڳ ۽ منظم ٿيا جو هر جڳهه تي ڏسڻ ۾ آيو ته جلسا ۽ ڪانفرنسون هلي رهيون آهن ۽ ٺهراءَ بحال ڪيا پيا وڃن. سنڌ جا اهي ڳوٺ جتي سرڪار جي خلاف اکر اچارڻ به ڏوهه ڇا، ممڪن ئي ڪو نه هو، اتي حڪومت جي نظام خلاف تقريرون ٿيڻ لڳيون. شيخ صاحب سنڌ جي عليحدگيءَ واري مسئلي ۾ اهڙي تحريڪ پيدا ڪري ڇڏي هئي، جو هندو پرست، وڏيرا، حڪومت جا ڇاڙتا جاگيردار به سنڌ آزاد تحريڪ جا اچي علمبردار ٿي ويا. شيخ صاحب انهيءَ سلسلي ۾ آگسٽ 1932ع ۾ سنڌ جي مسلمانن جي هڪ گڏجاڻي گهرائي، اها ميٽنگ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿي گذري ۽ ان ۾ هر مڪتبهء فڪر جا مسلمان ليڊر شريڪ ٿيا هئا. مسلمان سنڌي ليڊرن جو اهڙو اتحاد وري ڪڏهن به ڪٿي نظر ڪو نه آيو. ڪانفرنس ۾ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر شاهنواز ڀٽي کي ڪيو ويو ۽ ميمبرن ۾ شيخ صاحب پڻ شامل هئو.

(تفصيل لاءِ الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر 1934ع ڏسو)

هڪ طرف شيخ صاحب جو اهو ڪردار، ته هن سنڌ جي مسلمانن ۽ هر مڪتبهء فڪر جي ليڊرن کي مسئلي ڪارڻ، هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو ۽ انهن ليڊرن 1932ع ۾ گڏجي ان مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ گڏيل پروگرام رٿيو ۽ ٻئي طرف شيخ صاحب آل انڊيا مسلم ليگ، آل انڊيا ڪانگريس ۽ هندستان جي اهم ليڊرن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو.

26 ڊسمبر 1925ع تي آل انڊيا ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪانپور ۾ ٿيو. ان اجلاس ۾ شيخ صاحب سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ وارو مسئلو  پيش ڪيو، ان طرح آل انڊيا خلافت ڪميٽيءَ جو اجلاس، مولانا ابو الڪلام آزاد جي صدارت هيٺ، ساڳئي سال ڪانپور ۾ ٿيو، ان اجلاس ۾ پڻ شيخ صاحب اهو مسئلو پيش ڪيو. 13 ڊسمبر 1925ع تي عليڳڙهه ۾ سر عبدالرحيم جي صدارت ۾ آل  انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ ٿيو، مولانا محمد عليءَ جي صلاح سان خلافت اجلاس کان فورن بعد شيخ صاحب عليڳڙهه جي انهيءَ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويو. ان سلسلي ۾ جي ايم سيد لکي ٿو ته:

”شيخ صاحب جڏهن علي ڳڙهه پهتو ۽ هن ليڊرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته کيس اهو معلوم ڪري وڏي خوشي ٿي ته سر محمد شفيع، ان مسئلي تي اڳيئي پئي غور ڪيو، ٻيا اڳواڻ به همدردانه نقطه نظر ٿا رکن. انهيءَ کان پوءِ شيخ صاحب، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري قرارداد آل انڊيا مسلم ليگ واري اجلاس ۾ پيش ڪئي. جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ٿي. انهيءَ  اجلاس ۾ جن مکيه اڳواڻن شرڪت ڪئي، انهن ۾ سر علي امام، سر محمد شفيع، مسٽر محمد علي جناح ۽ مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي، سيٺ يعقوب حسين، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو شامل هئا.“ - - - - (1)

شيخ صاحب سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي ڏس ۾ ڪانگريس جي مرڪزي ليڊرن مسٽر گانڌي ۽ نهروءَ سان ملاقاتون ڪيون، سندس  لاڳيتي ڪاوشن جو اهو نتيجو نڪتو جو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي پنهنجن مطالبن جي نڪتن ۾ سنڌ جي هن اهم مسئلي کي شامل ڪري ڇڏيو. مولانا شوڪت علي سندس ان ڪردار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”الهه آباد واري هندو مسلم ڪانفرنس ۾ شيخ صاحب سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي ڏس ۾ جيڪا تقرير ڪئي، تنهن انهيءَ ڪانفرنس تي چٽا ۽دائمي اثر ڇڏيا، انهيءَ تقرير تي هر نقطه نگاهه جي  ماڻهن شيخ صاحب کي داد ڏنو، جنهن ۾ ڊاڪٽر مُون جي جهڙا ماڻهو به اچي وڃن ٿا. - - - -  -(1)

شيخ صاحب جي انهيءَ تقرير کان پوءِ ڪانفرنس جو صدر پنهنجي ڊائريءَ ۾ هي نوٽ لکي ٿو:

”مون اهڙي بهترين تقرير ڪڏهن به ڪو نه ٻڌي.“ - - -(2)

واضح رهي ته انهيءَ ڪانفرنس ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو، سي آر داس، مولانا آزاد، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي ۽ حڪيم اجمل خان وغيره شريڪ ٿيا هئا. - - - - (3)

بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ ۾ شيخ صاحب جي ڪردار جي تفصيل سان ڳالهه هتي ان ڪري ڪريون پيا جو خلافت تحريڪ کان پوءِ هيءَ ٻي تحريڪ هئي، جنهن  سنڌ ۾ سياسي سجاڳي ۽ شعور جي لهر پيدا ڪئي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ پاڪستان ڏانهن پيشقدمي ڪئي هئي، ۽ ان جو مقصد هيءُ هو ته هندو گهڻائيءَ سان رهي ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهن ۽ هاڻي هو اهڙيءَ سنڌ ۾ رهڻ ٿا گهرن، جنهن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هجي ۽ سرڪاري نظام جي جوڙجڪ ۾ مسلمانن جو اهم ڪردار هجي ۽ شيخ صاحب راءِ عامه کي هموار ڪرڻ لاءِ لکڻ شروع ڪيو، سنڌ جي جدائي، اهميت ۽ ان جي فائدن تي ڪيئي ايڊيٽوريل لکيا.

هڙتال: شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين ليڊرن جي اپيل تي تاريخ 19 جون 1932ع تي پوري سنڌ ۾ هڙتال رهي، شهرن ۾ عام جلسا ٿيا، بازارون بند رهيون، جلسي ۾ قراردادون پاس ڪري، سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ وزير اعظم برطانيه کي سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پڻ تارون موڪليون ويون.

سنڌ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي زير نگراني هي اشتهار به جاري ڪيا ويا:

”بمبئي سرڪار  سنڌ حڪومت  ۾ ڪهڙو آزاد سرشتو قائم ڪيو آهي، تنهن کان مسلمان  ٻار ٻچو واقف آهي“.

ڇا توهان کي غلامي پسند آهي؟

اختلاف وساري ڇڏيو. . . . هر هنڌ ”سنڌ آزاد جماعت ٺاهيو“-(1)

 

ٻي هڙتال جو سڏ:

 

02 آگسٽ 1932ع ڪراچيءَ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي گڏجاڻي زير صدارت سر شاهنواز ڀٽو جي ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ به شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوري سنڌ ۾ سنڌ جي جدائيءَ لاءِ جلسا ڪيا وڃن، انهيءَ لاءِ 16 سيپٽمبر 1932ع جمع جو ڏينهن ياد رکو: بمبئي سرڪار ڪهڙو آزاد سرشتو قائم ڪيو آهي. تنهن کان سنڌ جو ٻار ٻچو مسلمان واقف آهي، ڇا توهان کي بمبئي جي غلامي پسند آهي؟ جي قبول نه آهي ته اختلاف وساري ڇڏيو هر هنڌ سنڌ آزاد جماعت ٺاهيو“. - - - - (2)

مقرر تاريخ تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي جلسا ٿيا، هر ڳوٺ مان قراردادون پاس ڪري تار ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي آزاد ڪيو وڃي. سنڌ جي جدائيءَ لاءِ آئيني جدوجهد جاري رهي. سنڌ جي اڳواڻن هندستان جي هر سياسي جماعت کان ”سنڌ جي جدائي“ جي ٺهراءَ پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انهيءَ مقصد لاءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون وڏيون ڪوششون ڪيون. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ هندستان جي سڀني سياسي جماعتن پنهنجي پنهنجي جلسن ۽ ميٽنگن ۾ ”سنڌ جي جدائي“ جا ٺهراءَ پاس ڪيا. سنڌ آزاد جماعت جي تحريڪ جي نتيجي ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ جو سوال آل انڊيا ليول جي حيثيت وٺي چڪو هو. سنڌ ۾ ته شيخ صاحب ۽ ٻين ليڊرن جي ڪوشش سان جدوجهد جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو. هر ڳوٺ ۽ شهر جا جلسا ٿيڻ لڳا، قراردادون پاس ڪري مطالبا شروع ٿيا.

انهيءَ جدوجهد جي نتيجي ۾ حڪومت مجبور ٿي ته سنڌ کي الڳ ڪرڻو ئي پوندو. انهيءَ مقصد لاءِ حڪومت هڪ ٻي ڪاميٽي مارچ 1933ع ۾ جوائنٽ پارليامينٽ ڪاميٽيءَ جي نالي سان ٺاهي ۽ ان ڪاميٽيءَ کي چيو ويو ته هو هندستان ۾ ايندڙ سڌاري واري بل تي غور ڪري. مٿين ڪاميٽي سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽيءَ جي اڳواڻن کي لنڊن ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ته هو هتي اچي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.

سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽي (جنهن ۾ شيخ صاحب پڻ شرڪت ڪئي) پنهنجي طرفان محمد ايوب کهڙي کي نامزد ڪيو ته هو وڃي برٽش جوائنٽ پارليامينٽري ڪاميٽي آڏو سنڌ جي عليحدگي وارو ڪيس پيش ڪري. کهڙي صاحب سنڌ جي جدائيءَ لاءِ دليلن سان بحث ڪيو ۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو. 1933ع ۾ هندستان جي حڪومت مسٽر هيوڊوچي چيئرمين هيٺ هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي، هن ڪاميٽيءَ ۾ ٻين کان علاوه شيخ صاحب به ميمبر هو. ڪاميٽيءَ کي فرض سونپيو ويو ته هو سنڌ جي جدا صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ آفيس، رهائش جي بندوبست سان گڏ نون عهدن قائم ڪرڻ ۽ پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر 1933ع تي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿئي، جنهن وٽ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ طرفان هڪ ميمورينڊم سيد ميران محمد شاهه جي سرڪردگي هيٺ 2 فيبروري 1934ع تي پيش ٿيو. - - - (1)

6 فيبروري 1934ع ۾ برطانيا جي پارليامينٽ 1935ع جو ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن موجب اپريل 1936ع کان نئون صوبو سنڌ بنائي سرلئنسيلاٽ گرهام کي گورنر ۽ ڪراچيءَ کي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بنايو.

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ جون خوشيون ملهايون ويون. شيخ عبدالمجيد  سنڌيءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ ”اخبار الوحيد“ هڪ اسپيشل ”آزاد سنڌ نمبر“ ڪڍيو. اخبار ”الوحيد“ شيخ صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ جي جدوجهد کي ڪامياب بڻايو.

سنڌ جي جن عظيم اڳواڻن سنڌ جي عليحدگيءَ جي جدوجهد ۾ سرتوڙ ڪوشش ڪري ان کي ڪامياب بڻايو، تن ۾ شيخ صاحب جو نالو سرفهرست آهي.

 

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مسلم ليگ ۾ حصو

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي زندگي هڪ مڪمل سياستدان جي زندگي هئي. شيخ صاحب جتي ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي  بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، اتي هن دور جي مشهور سياسي پارٽين ۾ به سندس حصو ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيل نظر اچي ٿو.

شيخ صاحب آزاديءَ جي جدوجهد ڪندڙ مسلم قوم جي جماعت مسلم ليگ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.شروع کان وٺي مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي.سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ کانپوءِ جڏهن مسلم ليگ جي فعال نموني نئين سر تنظيم ڪئي ويئي ته شيخ صاحب سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو ۽ ائين کڻي چئجي ته مسلم ليگ کي روشناس ڪرائڻ وارو شيخ صاحب هو ته وڌاءُ نه ٿيندو.

هتي اسان شيخ صاحب جي مسلم ليگ ۾ حصي تي بحث ڪنداسين. ان لاءِ پهريائين آل انڊيا مسلم ليگ ۽ سنڌ مسلم جو پسمنظر ۽ ان کان پوءِ انهن ۾ شيخ صاحب جو حصو پيش ڪيو ويندو، مسلم ليگ ۾ شيخ صاحب جي ڪردار تي بحث دوران خبر پوندي ته شيخ صاحب تحريڪ پاڪستان جو ڪيڏو نه وڏو اڳواڻ هو.

 

آل انڊيا مسلم ليگ جو پس منظر:

انگريزن جڏهن هندستان کي مڪمل فتح ڪيو هو، تڏهن آخر ۾ سنڌ تي قبضو ٿيو هو. انگريزن سنڌ جي مسلمانن کي خاص طور تي پوئتي رکيو. تعليم، صنعت، واپار ۽ حڪومت جي طرفان مسلمانن جي ڪا به همت افزائي ڪا نه ٿي، نتيجي طور هندستان جو مسلمان سياسي ۽ اقتصادي طور مفلوج  بڻجي ويو. جڏهن برطانيا هندستان مٿان پوريءَ طرح قبضو ڪيو، تڏهن مسلمانن کي نوڪرين تان هٽايو ويو ۽ انهن جي جاين تي هندن کي حڪومت جي انتظام ۾ مقرر ڪيو ويو - - - - (1)

1992ع جي انڊيا ڪائونسل ايڪٽ، مطابق قانون  ساز ڪائونسل ٺاهي ويئي، جنهن ۾ اڌ ميمبر اليڪشن ذريعي چونڊيا ويا ۽ اڌ حڪومت جي طرفان ٿاڦيا ويا. ڪانگريس ننڍي کنڊ ۾ قومي تحريڪ جي ذريعي هندو راڄ قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، ٻئي طرف مسلمانن جي ڪا به هندستان جي بنياد تي سياسي تنظيم ڪا نه هئي، جيڪا مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري، انهيءَ ڪري مسلمانن جي مختلف سياسي مسئلن جي حل واسطي مسلمانن جي هڪ وفد 1- آڪٽوبر 1906ع تي هز هائينس آغا خان جي اڳواڻيءَ هيٺ هندستان جي وائسراءِ لارڊ منٽو سان شملا ۾ ملاقات ڪئي. “ - - - -(2)

انهيءَ سال ڍاڪا ۾ هندستان جي ڪن مسلمان اڳواڻن آل انڊيا مسلم ليگ نالي سياسي پارٽي ٺاهي. هن جماعت جو پهريون اجلاس تاريخ 29-30 ڊسمبر 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سر آدم جي پير ڀائي  بمبئي واري جي صدارت هيٺ ٿيو.“ - - - (3)

جڏهن مسلم ليگ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو ته ان وقت سر سلطان محمود شاهه آغا خان کي ان جو مستقل صدر چونڊيو ويو. هيءُ انهيءَ عهدي تي ايستائين قائم رهيو، جيستائين خود هن انهيءَ عهدي تان استعيفا نه ڏني. - - - -  (4)

مسلم ليگ ٺهڻ جا هيٺيان مقصد بيان ڪيا ويا:

1- هندستان جي ٻين پارٽين سان تعاون ڪري ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ.

2- هندستان جي هندن ۽ ٻين قومن سان تعاون ڪري مسلمانن جون خاميون  دور ڪرڻ.

3- مسلمانن جي ٻين قومن کان الڳ انهن جي ڀلائي، بهتري، ترقي ۽ مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ.

آل انڊيا مسلم ليگ جي ميمبرشپ ۾ اها گنجائش رکي ويئي ته هن جماعت ۾ 400 کان وڌيڪ ميمبر نه هوندا. انهيءَ ۾ هر هڪ صوبي کي الڳ مقرر تعداد ۾ ميمبر شپ هوندي. هن جماعت ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو مسلمان هجي ۽ ان جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجي. هر هڪ صوبي مان جيڪو به ميمبر کنيو ويندو، اهو مسلم ليگ جو 5 سال ميمبر رهندو، جنهن کي صوبائي مسلم ليگ نامزد ڪندي. مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي 40 ميمبر کنيا ويندا، جن جو ميعاد 3 سال هوندو ۽ اهي مقرر حصي موجب صوبن منجهان کنيا ويندا.

شروعات ۾ مسلم ليگ جو مقصد صرف هيءُ هو ته مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ڪانگريس جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهجي. ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي انگريزن جي تعاون سان هيءَ جماعت ٺهي. پوءِ جي حالتن خاص طور 1929ع ۾ نهرو  رپورٽ اچڻ کان پوءِ جڏهن مسلمانن ڏٺو ته هندو ۽ مسلمان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ ۾ گڏ رهي ۽ سهڪار نٿا ڪري سگهن، تڏهن محمد علي جناح نهرو رپورٽ جي جواب ۾ پنهنجا مشهور 14 نڪتا پيش ڪيا.

ساڳيءَ سطح تي يونٽي ڪانفرنس شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مسلمانن پنهنجي آئينده جو پروگرام رٿيو. سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ زور وٺي ويئي. 1930ع کان 1932ع تائين آئيني معاملن تي هندستان جي ليڊرن جون 3 گول ميز ڪانفرنسون لنڊن ۾ منعقد ٿيون، مگر نتيجي تي نه پهتيون، ان بعد 1935ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي. 1936ع ۾ صوبائي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلمانن جا ميمبر، جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي شامل هو. وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي.

انهن ڏينهين مسلم ليگ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي. قائداعظم پارٽي اڳواڻ ٿيو.

سنڌ ۾ مسلم ليگ کي آڻڻ جو سهرو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سر تي آهي. 1937ع کان پوءِ مسلم ليگ سنڌ ۾ فعال ٿي ويئي. 39-1938ع ۾ ڪانگريس راڄ جي ظلمن جي نتيجي ۾ مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندا ويا.

1939ع ۾ ڪانگريس حڪومت استعيفيٰ ڏني ته مسلم ليگ سڄي برصغير ۾ يوم نجات ملهايو.

1940ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قرارداد پاڪستان پيش ڪئي ويئي. بعد ۾ آزاديءَ لاءِ آئيني جدوجهد شروع ٿي. 1946ع ۾ صوبائي ۽ مرڪزي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلم ليگ مسلم علائقن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت مسلم ليگ جي ليڊرن 14 آگسٽ 1947ع تي مسلمانن لاءِ آزاد وطن پاڪستان حاصل ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org