سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب- پهريون

صفحو :3

رئيس جي انهيءَ اعلان مئجسٽريٽ کي پنهنجي فيصلي بدلڻ تي مجبور ڪيو ۽ شيخ صاحب کي هن وٽ رهڻ جي اجازت ڏني ويئي. مسلمانن جي انهيءَ جوش جي ڪري هندن ڪيس مان دلچسپي ڇڏي ڏني ۽ شيخ صاحب آزاديءَ سان اهم مسلمان جي حيثيت ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي“- - - - - (1)

 

شادي ۽ اولاد:

1916ع ۾ ريشمي رومال واري سازش ۾ شيخ صاحب کي فرنگين طرفان قيد ياترا جو پهريون موقعو ميسر ٿيو. ڊفينس آف انڊيا رولس تحت 1919ع تائين رتناگري (پوني نزديڪ) جيل ۾ کيس سختيون سهڻيون پيون، جيل مان ڇٽي اچڻ بعد حيدرآباد پهچڻ تي سندس شادي علي بخش جي نياڻي سان ڪرائي ويئي. موصوف شيخ صاحب جي جيل ۾ هجڻ واري عرصي دوران سندس مجاهدانه ڪردار کان متاثر ٿي مرڻ کان اڳ اهڙي وصيعت ڪري ويو هو ته شيخ صاحب جيل کان ٻاهر اچي ته کيس سندس نياڻيءَ سان نڪاح جي آڇ ڪئي وڃي. شيخ صاحب کي ان شاديءَ مان هڪ نياڻي آپا زهره ٿي جيڪا  اڃا زنده آهي.“ - - - - - - (2)

شيخ صاحب جي ٻي شادي محمد صديق شيخ جي نياڻي عائشه بيگم سان ٿي، جنهن 1984ع ۾ انتقال ڪيو. کيس ان مان ٽي پٽ انور، خالد ۽ طارق ۽ ٽي نياڻيون خديجه، بلقيس ۽ لال خاتون ٿيون، جيڪي سڀ زنده ۽ اولادي آهن.

 

شخصيت، ڪردار ۽ رهڻي ڪهڻي:

شيخ صاحب جي ڪردار بابت مشهور مؤرخ ۽ سياستدان پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:

”شيخ صاحب جي سياسي زندگي جا چند خاص مقصد رهيا مثلاً:

1- هندستان جي آزادي (1938ع) کانپوءِ پاڪستان جي آزادي.

2- اسلام ۽ مسلمانن جي سربلندي (آل انڊيا پيماني تي)

3- سنڌ جي ڀلائي (هر لحاظ سان)

اهي وڏا مقصد هئا، وڏي دماغ، وڏي حوصلي، وڏي اخلاص ۽ وڏين ذاتي صلاحيتن جي وسيلي ئي ماڻهو ان ڏس ۾ ڪجهه اڳتي وڌي سگهيو ٿي. اهو ڪرشمو شيخ صاحب جو هو، جو سنڌ جهڙي پسمانده، ملڪ جو غريب ٿي ۽ بنا ڪنهن سازو سامان يا مال دولت جي، سياست جهڙي سلوڻي لقمي کي وڏيرن جهڙن واسينگن جي وات مان ڇڪي ڪڍڻ (۽ ساڳئي وقت پاڻ به جيئري رهڻ) لاءِ ساري عمر  جهد ۽ جتن ڪندو رهيو.

شيخ صاحب وٽ قلم هو، زبان هئي، دماغ هئو، ارادي جي قوت هئي، ان کانسواءِ وٽس ٻيو ڪجهه ڪو نه هئو. هٿين خالي وڙهندو رهيو. ڪڏهن هندن سان ڪڏهن انگريزن سان، ڪڏهن انگريزن جي ٽوڊين سان، ڪڏهن سياسي ٺيڪيدارن سان، ڪڏهن سيٺين، سردارن ۽ پيرن سان- نتيجو ڪجهه به پئي نڪتو پر  دائما هٿ صاف ۽ ڳاٽ اوچو رهيو.

”ذاتي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سادگي، صفائي ۽ سنجيدگيءَ جي تصوير بڻيو رهيو. جوڙيءَ جا سفيد ڪپڙا جسم تي، ڊگهيرڙي قميص  ۽ پاجامو، محفل هوندي ته مٿان شيرواني ڪاري، ڪلائين ٽوپي  مٿي تي، انگريزي جوتو پيرن ۾، صورت بزرگانه، خسخس، پر نوڪدار ڏاڙهي، قد ڊگهيرڙو، بت ڇڙڪ، سفر ۾ هلندو ته مختصر اوڇڻ بغل ۾، ڪاغذن ۽ اخبارن سان ڀريل ٿيلهو هٿ ۾ ”الوحيد پريس جي جنهن ڪاٺاوين ڪمري ۾ويهي سلپن مٿان سلپون، مضمونن جون لکيو پيو ڇپجڻ لاءِ اندر ڪمپازيٽرن لاءِ موڪليندو هو، تنهن ڪمري ۾ هڪ  پراڻي ننڍي ميز ۽ معمولي ڪرسي پيل هوندي هيس. ڪمري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته  ٻوهاري به ڦيريل ڪا نه هوندي هئي مگر اهڙي ماحول ۾ سندس سياسي خيال آسمان کي پيا ڇهندا هئا“ - - - - - (1)

ذاتي زندگي ۾ شيخ صاحب ڪنهن جي مدد وٺڻ پسند نه ڪندو هو. سندس اٿي ويٺي برصغير جي چوٽيءَ جي سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن سان هوندي هئي پر سندس سادي رهڻي ڪهڻي ڪڏهن متاثر نه ٿي، باوجود ايڏي وڏي قدآور شخصيت جي ڪڏهن به هٺ وڏائي نه ڪيائين. ملڻ جلڻ هر ماڻهوءَ سان آسانيءَ سان ۽  هڪجهڙائيءَ سان، عام ماڻهوءَ سان به ساڳيو رويو ته خاص سان به ساڳيو.

شخصيت ۾ خصلت سان گڏ سندس طبيعت ۾ صبر ۽ ايثار بابت قاضي عبدالمجيد عابد ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”شيخ صاحب جڏهن شاديءَ بعد ترت ئي جيل ويا هئا تڏهن پٺيان سندس اهليه کي نياڻي تولد ٿي، مگر بي بي صاحبه پاڻ الله کي پياري ٿي ويئي.

اها خبر جڏهن شيخ صاحب کي جيل ۾ پهچائي کانئس پڇيو ويو ته ڇا پاڻ پيرول تي جيل کان ٻاهر اچي پنهنجي رفيقه حيات جو آخري ديدار ڪرڻ پسند ڪندا، ته پاڻ هيءُ چئي انڪار ڪيائون ته اسلام جي هڪ سپاهيءَ جو پهريون رشتو الله جي خوشنوديءَ سان آهي ۽ جيڪڏهن الله کي اهو منظور هو ته سندس پياري بيگم کيس داغ رفاقت ڏئي سفر آخرت اختيار ڪري ته سندس لاءِ رب جي رضا تي قائم ۽ شاڪر رهڻ ئي مناسب آهي. هيءُ هو انهيءَ سنڌي مجاهد جو ايثار جيڪو اسان جي نئين نسل لاءِ مشعل راهه بڻجڻ گهرجي.- - - - (1)

 

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لاڏاڻو

24 مئي 1978ع اربع  ڏينهن صبح جو پوڻين ستين بجي سول اسپتال حيدرآباد جي پرائيويٽ وارڊ جي 14 نمبر ڪمري ۾ برصغير جي 90 ساله تاريخ جي هڪ باب جي پڄاڻي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي هن فاني دنيا مان اڏاڻي سان ٿي، جنهن تاريخ جي باب جو آغاز 7 جولاءِ 1879ع ۾ ٺٽي جي تاريخي شهر ۾ شيخ صاحب جي جنم سان ٿيو. ان تاريخ جي باب جي تمهيد شيخ صاحب جي بنيادي طور تي باغي هئڻ ڪري پهرين بغاوت پنهنجي مذهب سان ٿي. پنهنجي پئسي ۽ مال ملڪيت واري هندو خاندان کي ڇڏي مسلمان ٿيو ۽ ديوالي بندي جو مزو ماڻيائين، سندن ان باغيانه قدم، ڌرم کي خطرو پيش ڪيو ۽ سڀني  سرمائيدارن ۽ زوردارن هندن پهرين شيخ صاحب کي لوڀ  ۽ لالچون آڇيون، مگر اهي هن شخصيت جي صحت تي ڪو اثر پيش نه ڪري سگهيون، پوءِ ڏاڍاين ۽ ڏهڪاءَ جي ذريعي شيخ صاحب کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ليڪن سچڙين هڏڙين وارا شيخ صاحب پنهنجي ارادي تي اٽل رهيا. اهو ته هو باغيءَ جو ڪردار، وري وفادار به اهڙا هئا ۽ مسلمان به اهڙا ئي ته پڪا هئا جو مرڻ گهڙيءَ تائين به نماز اشارن تي پڙهندا هئا. شيخ صاحب جن وسيع دل وارا مسلمان هئا، مذهبي تعصب کان کين سخت نفرت هئي. تاريخ جي هن اهم باب جي مکيه ڪهاڻي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي ساٿ سان شروع ٿي. ان ساٿ ۾ پهرين ”الامين“ اخبار جاري ٿي، پوءِ تحريڪساز اخبار ”الوحيد“ جاري ٿي. جا 1920ع کان وٺي پاڪستان کان پوءِ به جاري رهي هئي. جنهن ۾ شيخ صاحب مستقل ڪالم، نعره مستانه ۽ پنهنجي ئي ايڊيٽوريلن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ انهن جي تربيت ڪئي. پر اها اخبار پنهنجن ئي طرفان بي يارومددگار ۽ نڌڻڪي ٿي نيلام ٿي ۽ ان جي پريس کي باهه ڏيئي ڄاڻي ٻجهي ريڪارڊ سميت ساڙيو ويو. شيخ صاحب جن کي ان جو صدمو آخر تائين رهيو. جڏهن به الوحيد جو ذڪر ڪندا هئا ته هميشه ٿڌو ساهه ڀري چوندا هئا: ”بابا الوحيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي هڪ شيءِ آهن“. پڇاڙيءَ ۾ سندن يادگيرو جواب ڏيئي بيٺو هئو، پر الوحيد جو پراڻو فائيل ۽ سنڌ آزاد نمبر پڙهي ٻڌائبو هونِ ته کين آسيس پيئي ايندي هئي. بهرحال الوحيد ان تاريخ جي باب جو مکيه حصو هئي. ان باب جو ٻيو مکيه حصو شيخ صاحب جي سياست هئي. سندن سياسي تدبر جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مولانا محمد علي جوهر هڪ ڀيري چيو ته ”جڏهن به مون کي سياسي مسئلو پيش ايندو آهي ته آئون شيخ صحب جن کان مشورو وٺندو آهيان“. مولانا شوڪت علي  الوحيد آزاد نمبر ۾ لکيو آهي ته، ”جڏهن شيخ صاحب جن جيل ۾ هئا ته هن جيل جو طواف ڪيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي جن تڏهن جيل ويا هئا جڏهن اڃا گانڌي ۽ نهرو به جيل ڪو نه ويا هئا. ان مان شيخ صاحب جي تحريڪ آزاديءَ ۾ حصي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن جي شخصيت بين الاقوامي شخصيت هئي. اهڙو اظهار مرحوم حاتم علوي 1973ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ شيخ صاحب جن سان شام ۾ ڪيو هو.

محترم جي ايم سيد جهڙي پايي جو ليڊر پڻ شيخ صاحب کي پنهنجو ليڊر تسليم ڪندو آهي. ڪڏهن به شيخ صاحب جي هوندي ڪنهن ميٽنگ جي صدارت ڪو نه ڪيائين. شيخ صاحب سياسي طور تي استاد گهرُ هئا. الهه آباد ڪانفرنس ۾ جڏهن سڀ وڏا ليڊر ڪنهن مسئلي تي منجهي پيا ته شيخ صاحب پنهنجي پراثر تقرير ۽ تدبر سان اهڙي نموني مسئلي کي سلجهايو جو ڪانفرنس جي صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هن اهڙي تقرير زندگيءَ ۾ ڪو نه  ٻڌي آهي. شيخ عبدالمجيد سنڌي هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جيڪا هڪ مسلسل جدوجهد آهي، جيڪا جدوجهد هن معاشي  ناهموارين، مذهبي تعصب ۽ مت ڀيد، قومي غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ، بک ۽ افلاس کي  ڀڄائي ڪڍڻ، پنهنجي اصولن تي 1ٽل رهڻ ۽ قومن جي حقن جي حفاظت لاءِ جاري رکي. شيخ صاحب جن چاهين ها ته مال ملڪيتون، بنگلا ماڙيون سڀ ڪجهه، ٺاهي سگهن ها، پر هنن انهن سڀني شين کي اهميت نه ڏني. باوجود سنڌ جي خزاني جي منسٽر هئڻ جي به ماني سندن گهر واري پاڻ پچائيندي هئي. سندن ٻار سرڪري ڪار جي  بجاءِ ٽانگي ۾ اسڪول ويندا ها. شيخ صاحب هڪ عوامي ماڻهو هو. ان جو اندازو 1938ع جي لاڙڪاڻي واري اليڪشن مان لڳائي سگهجي ٿو، جو لاڙڪاڻو سندن  آبائي شهر نه هئڻ باوجود اتان جي عوام سرشاهنواز خان ڀٽي جي مقابلي ۾ شيخ صاحب کي اليڪشن ۾ چونڊيو.

شيخ صاحب جي زندگي تمام سادي هوندي هئي، هميشه سادو کائيندا هئا، سادو هنڊائيندا هئا. هميشه کاڌي پائيندا هئا. تاريخ جي هن باب ۾ شيخ صاحب جي سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ ۾ حصي کان وٺي انگريزن کان آزاديءَ لاءِ خلافت تحريڪ توڙي ون يونٽ ٽوڙ ۽ ايوب آمر جي دور ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ شيخ صاحب جن سياسي رهبري ڪندا رهيا. سندن ارادن کان هٽائڻ لاءِ وقت جي حاڪمن کين ڪئين جيل ياترائون ڪرايون پر شيخ صاحب پنهنجن اصولن تي ڪڏهن به سودي  بازي نه ڪئي. بهرحال شيخ صاحب جي مسلسل جدوجهد واري زندگي اسان لاءِ خصوصاً نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي. سندن اصول پرستي، مقصد سان سچائي، اسان لاءِ راهه نجات آهي. اهڙي طرح تاريخ جو هيءُ باب جنهن ۾ صحافت، سياست، ادب، مذهب، تحريڪ آزادي سڀ موضوع شامل آهن، 24 مئي 1978ع تي پورو ٿيو. پر اسان کي هاڻي ان باب کي ٿڦي بند ڪري رکڻ نه کپي پر ان کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ کپي.

سندن زندگيءَ جي هر موڙ جو گهرو مطالعو ڪجي. سندن زندگي هڪ کليل ڪتاب آهي، جنهن مان مسلسل جدوجهد ڪري مقصد ماڻڻ جو سبق ملي ٿو. شيخ صاحب هيءُ جهان ضرور ڇڏي ويو آهي پر مري نه ويو آهي، ڇو ته جيسين سندس اٽل اصول قائم آهن، تيسين هو امر آهي.

 

آخري سفر

دنيا جي بي قدري، بي حسي ۽ بي مروتي جي باوجود ڪنهن سان به ڪا شڪايت شيخ صاحب ڪڏهن به ڪانه ڪئي. ڪڏهن به هن درويش صفت شخصيت قوم کي مهڻو ڪو نه ڏنو ته ڪو هن اهڙي ماڻهوءَ جو قدر ڪو نه ڪيو آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ان لاءِ وقف ڪئي. ڪڏهن به انهن مسلمانن کي ڏوراپو  ڪو نه ڏنو، جن لاءِ هن پنهنجو مذهب ڇڏيو. ڪڏهن به انهن سنڌين جي ڪا به شڪايت نه ڪئي، جن جي حقن لاءِ هميشه لڙندو رهيو.

ڪڏهن سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ لاءِ ته ڪڏهن انگريزن کان آزاديءَ لاءِ ته ڪڏهن ون يونٽ جي طوق مان آزاديءَ لاءِ ته ڪڏهن انهن جي جمهوري حقن لاءِ لڙندو رهيو. شيخ صاحب جن عمر جا آخري چار پنج سال بلڪل خاموش هئا. وڏي عمر جي ڪري سندن حافظي به ساٿ ڇڏي ڏنو هونِ. حيدرآباد ۾ منتقل ٿيڻ کان اڳ  ڪراچيءَ واري جاءِ کان هڪ ڏينهن صبح سويل ٻڌائڻ کان سواءِ گهران نڪري ويا. سڀ گهر وارا پريشان سڄو ڏينهن جڏهن نه لڌا ته نيٺ ريڊيو تان گمشدگيءَ ۽ اخبارن ۾ اشتهارن جي نوبت به آئي. حيدرآباد مان آئون ۽ سندس ناٺي ڊاڪٽر اسماعيل شيخ ۽ عبدالجبار شيخ ڏيڍ بجي رات جو ڪراچي پهچي، ٻين سان گڏ ڪراچيءَ جي گهٽين اسپتالن ۽ پوليس ٿاڻن ۾ جاچيندا رهياسين. نيٺ ٻي بجي رات جو هڪ خيراتي اداري جي اسپتال ۾ سندس فرزند ميجر خالد شيخ ۽ عبدالجبار شيخ وڃي کين هٿ ڪيو، جتي شيخ صاحب دنيا جي بي رخيءَ کان بي پرواهه ٿي آرام سان سمهي رهيا هئا. خيراتي اداري وارن کي شيخ صاحب جن کڏي ۾ اڇي قبر مان هٿ آيا هئا. جڏهن هن کان گهر اچي پڇيوسين ته چوڻ لڳا، ”بابا مون کي ته خبر ناهي البت ٿورو چڪر ٿي ويو هو“ ان کان پوءِ کين حيدراباد آندو ويو، جتي آخري ڏينهن پنهنجي پٽ ميجر خالد جي گهر رهيل هو، جو حيدرآباد جو ايڊيشنل ايس پي هو. طبيعت خراب ٿي ته کيس سول اسپتال  داخل ڪرايو ويو، جتي مئي جي پهرين هفتي ۾ داخل ٿيا، طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ويئي. سندس خدمت ۾ سڀ گهر جا ڀاتي، پٽ، ننهون، ڌيئرون، ناٺي ۽ پوٽا، پوٽيون ڏهٽا، ڏهٽيون ۽ ٻيا اسان جهڙا عقيدت مند حاضر هوندا هئا. عقيدت، احترام پيار ۽ پاٻوهه سان سندس خدمت ڪندا هئاسون. پاڻ به شفقت جي نظرن سان ڏسندا هئا. آخر 20 ڏينهن کن اسپتال ۾ داخل رهڻ بعد 24 مئي 1978ع تي صبح جو هيءُ سياست ۽ صحافت جو سورج هن دنيا مان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. سندس وفات تي قومي ۽ سنڌي پريس اداريا لکيا، صدر مملڪت توڙي ٻين تعزيتي اظهار ڪيا. کين اباڻي شهر ۽ تاريخي مقام مڪليءَ ۾ آخري آرامگاهه، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ڀرسان نصيب ٿي. سندس تربت ڪاشيءَ جي سرن سان شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ جي طرفان اڪيدمي جي اعزازي سيڪريٽري راقم (خان محمد پنهور) جوڙائي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو لکيل آهي:

الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن (لطيف)

هتي سنڌ جو سڄاڻ ۽ سورهيه سپوت

شيخ عبدالمجيد سنڌي

دفن آهي،

جيڪو ايندڙ سمورن نسلن لاءِ  حق ۽ اصول، دانائي ۽ دليري،

جدوجهد ۽ قربانيءَ جو اهڃاڻ رهندو.

جنم: 7 جولاءِ 1889ع - - - - لاڏاڻو: 24- 1978ع  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org