باب ٽيون
صحافت ۾
حصو:
شيخ صاحب جي
دور جي صحافت
شيخ صاحب جي
دور جي صحافت جو آغاز 1911ع کان شروع
ٿئي ٿو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان 25 سال پوءِ
پڄاڻي ڪري ٿو، جڏهن شيخ صاحب عملي
صحافت کان رٽائر ڪيو. هيءُ عرصو هر
لحاظ کان نهايت اهم ۽ هنگامه خيزيءَ
جو دور رهيو آهي، جنهن ۾ بي شمار
علمي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي تحريڪون
اٿيون ۽ هليون، جن پنهنجا اونها ۽
وسيع نقش ڇڏيا ۽ ماضيءَ ۾ ٿيل سماجي ۽
علمي ڪمن جو نتيجو نروار ٿيڻ لڳو.
ظاهر آهي ته هيءَ گهما گهمي ڪا اوچتو
اُڌمو کائي ڪو نه نڪتي هئي. ان
سجاڳيءَ ۽ ڄاڻ جو ميوو، ماضيءَ ۾
پوکيل فصل هاڻي اچي وڏو ٿيو. سياسي
رسالن ۽ اخبارن جي ابتدا ٿي چُڪي هئي
۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته 1908ع ۾ هڪ اهم
روزانه اخبار ”سنڌي واسي“ نڪري نروار
ٿي هئي، پهرين ڏهاڪي ۾ بنگال جو
ورهاڱو ٿيو ۽ بعد ۾ مسلمانن پاران آل
انڊيا مسلم ليگ جو بنياد پيو هو.
اهڙيءَ طرح برصغير ۾ ٻن وڏين پارٽين
يعني ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پنهنجيءَ
پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪري
ڏنو.
ظاهر آهي ان
سموري جدوجهد کي عوام آڏو پيش ڪرڻ جو
ڪردار ان دور جي پريس کي ئي ادا ڪرڻو
هو ۽ ان اهو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو.
ماڻهن کي هن دور ۾ پريس جو احساس ٿيڻ
لڳو. ٻئي طرف وڏي تعداد ۾ ماهوار،
هفتيوار ۽ روزانه اخبارون نڪرڻ شروع
ٿيون هيون. ان لحاظ سان اهو ئي چئي
سگهجي ٿو ته ان دور جي اخبارن پنهنجي
ليکي تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو. ماضيءَ
۾ يعني ان دور کان اڳ جيڪي اخبارون يا
رسالا نڪتا هئا، تن ايڏي ترقي نه ڪئي
هئي، پر اهي تجربا ڪندي هن دور جي
اخبارن چڱو موهيو هو.
1914ع ۾
پهرين مها ڀاري جنگ لڳي، انهن جنگين ۾
انگريز ۽ سندن ساٿارين پاران مسلمانن
جي مرڪز تُرڪي خلافت لاءِ مخالفانه
رويي اختيار ڪرڻ تي هتي ڪافي نفرت جو
اظهار ڪيو ويو، ترڪيءَ جي مدد ۾ اٿڻ
سان خود برصغير جي آزاديءَ لاءِ راهه
هموار ٿيڻ لڳي هئي، جنهن جي نتيجي ۾
مسلمانن تحريڪ خلافت جي نالي ۾ پنهنجي
سياسي جدوجهد شروع ڪئي. مسلمانن جي
اها تحريڪ ايتري ته مضبوط هئي، جو
مهاتما گانڌيءَ جهڙا ليڊر به ان کي
مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ان جي حمايت
ڪئي هئي. - - - - (1)
انهيءَ
سياسي سجاڳيءَ واري دور جي حالتن
پٽاندڙ نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن جو هتي
احوال ڏجي ٿو:
1911ع ۾
مهراج لوڪرام قومي ويچارن ڦهلائڻ لاءِ
”سنڌ ڀاسڪر“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي.
1912ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻي
حيدرآباد مان هڪ ماهوار ”ناولس“ اخبار
ڪڍي هئي، جيڪا ناولن کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ مقصود هئي. هن اخبار جي ڪري
سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو
ٿيو.
1913ع ۾
حيدرآباد مان مسٽر ڪندن مل ڏيپچند شو
داسائي ”آنند“ نالي هڪ ماهوار رسالو
جاري ڪيو. رسالي جي عجيب پاليسي هوندي
هئي. سال جي آخر ۾ پڙهندڙن کي ڪتاب
ڏنا ويندا هئا. اهڙا ڪتاب، ڀارس ڀاڳ
1913ع ۾، 1914ع ۾ ڀڳوت مالا (ڀاڱو
پهريون)، 1915ع ۾ ڀڳوت مالا (ڀاڱو
ٻيو) نڪتا. 1913ع ۾ مسٽر ڄيٺانند ٿڌو
مل واسواڻيءَ هڪ رسالو ماهوار ”ناول“
جي نالي ۾ ڪڍيو هو. ساڳئي سال حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي ماهوار مذهبي رسالو
”اسلام“ جاري ڪيو هو ۽ ڪجهه وقت ان جي
ادارت جا فرائض محمد صالح ڀٽي سنڀاليا
هئا.
1914ع ۾
”ميرپور خاص گزٽ“ نالي هفتيوار اخبار
ميرپور خاص مان جاري ٿي، جنهن جو
ايڊيٽر ۽ مالڪ مسٽر گُرڏنو مل هئو.
1921ع ۾ ان
اخبار جو ايڊيٽر محمد هاشم ”مخلص“ به
ٿيو هو. هيءَ اخبار ڪجهه عرصي کان
پوءِ هندو آريه سماج جي آرگن ٿي پيئي
هئي. هيءَ اخبار 1947ع تائين جاري
رهي.
1915ع ۾
حڪيم ڏنراج مل شڪارپور مان هڪ ماهوار
رسالو ”سک جو سنيهو“ جاري ڪيو.
ساڳئي صاحب
هن کان اڳ ”حقيقت“ ”گهر جو حڪيم“ ۽
”طلسم حڪمت“ نالي به رسالا ڪڍيا هئا.
ساڳئي سال مولانا دين محمد وفائي
راڻيپور مان ”صحيفه قادريه“ نالي سان
به هڪ رسالو جاري ڪيو هو، جنهن جو اصل
مقصد قاديانين کي جواب ڏيڻ ۽ مذهب
اسلام جي سمجهاڻي ڏيڻ هو. انهن ڏينهن
۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”الحقيقت“ جاري
ٿي، جنهن جي صدارت غلام سرور قادري
ڪندو هو، بزرگ صحافي پير علي محمد
شاهه راشدي جي چوڻ مطابق ”خلافت
تحريڪ“ جي گڏيل ڪوشش کي ناڪاره ڪرڻ
لاءِ حڪومت جي حمايت ۾ مرحوم شاهنواز
ڀٽو، خانبهادر غلام محمد اسراڻ ۽
خانبهادر حاجي امير علي لاهوري تيار
ڪيا ويا، جن اها هفتيوار اخبار جاري
ڪئي هئي“ . – (1)
1914ع ۾
حيدرآباد مان لعل چند امر ڏني مل جي
برپا ڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ پاران
ماهوار رسالونڪرڻ لڳو. هن رسالي ڪيترن
ڪهاڻين، ڊرامن، شعرن جا ڪتاب شايع
ڪيا. ان جو پهريون ايڊيٽر ڄيٺمل
پرسرام هو. ساڳئي سال هن سوسائٽيءَ جي
سهاري ماهوار رسالو ”سجوسک“ جاري ٿيو.
1923ع ۾ ان جو ايڊيٽر مرزا قليچ بيگ
هيو. ساڳئي سال ماستر وتڻمل ملڪاڻي
هفتيوار ”سنڌ واسي“ اخبار جاري ڪئي.
1914ع ۾
”هندو“ نالي هڪ هفتيوار سنڌي اخبار
جاري ٿي، جا بعد ۾ ترقي ڪندي روزانه
بنجي ويئي ۽ 1934ع کان پوءِ ڪراچيءَ
مان نڪرڻ لڳي. هن اخبار جي باري ۾
بزرگ صحافي حافظ خير محمد اوحدي لکي
ٿو:
”هندو ظاهر
۾ سنڌ پراونشنل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي
سرڪاري ترجمان هئي، مگر فرقي پرستيءَ
۽ مسلم دشمنيءَ ۾ سنڌ جي مها سڀائي
اخبارن کان به اڳري هوندي هئي. سنڌ جا
هندو ليڊر سنڌ جي مسلمانن جي خلاف
انهيءَ اخبار جي آفيس ۾ ويهي سازشون
ڪندا هئا. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس جي
موقعي تي ڪانگريس اسيمبلي پارٽي ۽
هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جا ميمبر
آڌيءَ آڌيءَ رات تائين اتي گڏبا هئا ۽
مسلم وزارتن جي خلاف مشورا ڪندا هئا ۽
ٻئي ڏينهن جيڪڏهن اسيمبليءَ جي اڳيان
مسلم مفادن سان تعلق رکندڙ ڪو بل پيش
ٿيڻو هوندو هو ته ان جي اهم ترين فقرن
۾ پيش ڪرڻ لاءِ اهڙيون ترميمون تيار
ڪندا هئا، جن سان اهو بل غير مفيد ۽
بي اثر بڻجي پوندو هو. (1)
هن اخبار جي
ڪانگريس جا چوٽيءَ جا ليڊر به تعريف
ڪندا هئا. هيءَ اخبار ڪانگريس جي وڏي
ترجمان مڃي ويندي هئي. ساڳي سال
حيدرآباد مان ”ڪيسري“ نالي هڪ هفتيوار
اخبار جاري ڪئي ويئي. اخبار مروج رسم
الخط کان هٽيل هئي. ان ديوناگري لپيءَ
۾ ڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
1914ع ۾ هڪ
ٻي هفتيوار اخبار ”الامين“ جي نالي
سان رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جاري ڪئي.
اخبار جي خصوصيت اها هوندي هئي ته
هونئن ته سڄي اخبار سنڌيءَ ۾ هوندي
هئي، پر وچ تي ٻن صفحن تي انگريزي
زبان استعمال ٿيل هوندي هئي ۽ ان جو
سبب وقت جي حڪومت سان ان جي ئي زبان ۾
ڳالهائڻ هوندو هو ۽ مسئلا ۽ معاملا
پيش ڪرڻ هوندو هو. اخبار 12 صفحن تي
مشتمل هوندي هئي ۽ زوردار قلمي قوت جو
مظاهرو ڪندي هئي. ان جو مالڪ رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي آزاد ۽ قومي خيالن
وارو ماڻهو هو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
هندن سان اتحاد ڪرڻ جو قائل هو. هن جي
پاليسي هندن سان گڏجي ”سوراج“ حاصل
ڪرڻ واري هئي ۽ عليڳڙهه مڪتبه فڪر جي
سوچ جي خلاف هئي. انهن ڳالهين سبب ان
دور جي ٽن اخبارن ”الامين“ ”الحق“ ۽
”آفتاب سنڌ“ ۾ سخت ٽڪر ٿي پيو. هڪ
ٻئي تي سخت تنقيدون ڪيائون - - - -
(2)
شروع ۾
”الامين“ جو ايڊيٽ محمد هاشم ”مخلص“
هو، جنهن کي ٿوري ئي عرصي اندر هٽائي،
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي آندو ويو،
جيڪو ميانه روي ۽ ٿڌي دماغ جو مالڪ
هو. مرحوم مخلص جو قلم ايڏو ته قهري
هو جو ڪيترن کي هڻي سٽي رکندو هو.
انهيءَ چٽاڀيٽيءَ جي باوجود ”الامين“
صحافتي جوابدارين ۽ فرضن کان بخوبي
آگاهه هئي.
ڪراچيءَ مان
ساڳئي سال مهاراج هرومل پريمچند
شرما، هڪ وڏي سائيز وارو دلچسپ ماهوار
رسالو ”سنسار چڪر“ جي نالي سان ناولن
شايع ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو. رسالو پرڏيهه
۾ به ويندو هو. ساڳئي سال شڪارپور مان
”شيوڪ“ نالي معلوماتي هفتيوار اخبار،
رامچند ويرومل ڀوراڻي ۽ ديوان شيوارام
ڦيرواڻيءَ جي گڏيل ايڊيٽريءَ ۾ جاري
ٿي ۽ 1922ع تائين هلي.
1917ع ۾
ماڻهن ۾ سجاڳي ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ
ساڳئي مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ، هڪ ٻي
اخبار ”هند واسي“ جي اجراءَ ۾ تعاون
ڪيو، جيڪا اصل ۾ ڄيٺمل پرسرام جاري
ڪئي هئي. شروع ۾ روزانه هئي ۽ پوءِ
هفتيوار بڻي. ”الامين“ ۽ ”هند واسي“
ٻنهي قومي بيداريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي.
ساڳئي سال
پنڊت ايس طوطا رام هڪ اخبار ”سنڌ
سماچار“ جي نالي سان جاري ڪئي، جيڪا
ڪانگريس پارٽيءَ جي ترجمان هئي. 1912ع
۾ ئي نومبر مهيني کان ”سنڌ شيوڪ سڀا“
پاران ”ناري ڌرم“ نالي ۾ عورتن جي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ هڪ ماهوار رسالو
جاري ڪيو ويو، جيڪو هندي رسم الخط ۾
ڇپبو هو. - - - (1)
ساڳئي سال
مسٽر جي ايس نندواڻي ماهوار رسالي
”سوکڙي“ کي جاري ڪيو. رسالي ذريعي
تصوف جو پرچار ڪيوويندو هو. 1918ع
واري سال کي اهو شرف حاصل آهي ته ان ۾
ٽين روزانه اخبار ”سوراج“ جو اجراءُ
شڪارپور مان ٿيو. اخبار جو ايڊيٽر
ٻلديو تاراچند گاجرا هو. هيءَ اخبار
شام جو نڪرندي هئي ۽ ڪانگريس جي
ترجمان هئي ۽ 1947ع تائين قائم رهي.
ساڳئي سال مولانا دين محمد وفائي،
ماهوار رسالو ”الڪاشف“ جاري ڪيو جو
تبليغ لاءِ وقف هو. هن ئي سال
حيدرآباد مان ماهوار رسالو ”پريم پتو“
جاري ٿيو. هيءُ رسالو تصوف جي پرچار
ڪندو هئو. ساڳئي سال سنڌ ۾ سک ڌرم کي
ترجمو ڪرڻ ۽ ان جي پرچار ڪرڻ لاءِ ”
سِک ٽرئڪٽ“ نالي هڪ ماهوار مذهبي
رسالو حيدرآباد مان ”سک ينگ مين
ايسوسيئيشن“ پاران جاري ٿيو.
ساڳئي سال
کان روهڙيءَ مان پروفيسر ”هاسا رام“
”ست سنگ ولاس“ نالي ماهوار ”پتر“
ڪڍندو هو، انهيءَ ”پتر“ کي 1919ع کان
وٺي ”ڌرم درشن“ جي نالي سان ڪڍيائين.
ساڳيو پروفيسر هاسا رام 1929ع ڌاري
”سنڌ واسي“ اخبار جو مالڪ ۽ مهتمم هو.
هن ئي سال آگسٽ ۾ هفتيوار ”جنگ“ اخبار
حڪومت پاران سنڌيءَ ۾ جاري ڪئي ويئي،
جنهن جو مقصد ماڻهن کي ان وقت هلندڙ
جنگ جي باري ۾ واقفيت ڏيڻ هو. - - -
(1)
1919ع ۾
ماهوار سالو ”الحافظ“ حيدرآباد مان
حافظ حيات شاهه جاري ڪيو.
1919ع ۾
پهرين عالمگير جنگ بند ٿي چڪي هئي، پر
برطانيه سندس اتحادين جرمني ۽ اٽلي،
تُرڪي تي وڏا ڏنڊ وڌا ۽ ٻيو ته تُرڪي
(جيڪو ان وقت مسلمانن جي خلافت جو
مرڪز هو) کي سخت ڇيهو رسايو هو.انهيءَ
صورتحال جو برصغير ۾ خلافت تحريڪ جي
نالي سان تحريڪ شروع ڪري ڏني.
ان تحريڪ جو
سني پريس وڏو ساٿ ڏنو. مسلمانن جي
اخبار ”الامين“ (2) جيڪا 1914ع ۾ جاري
ٿي هئي ۽ هفتيوار ”الحق“ جن جو ايڊيٽر
شيخ عبدالمجيد سنڌي رهي چڪو آهي،
پهريائين خلافت جي حق ۾ گهڻو ڪجهه
لکيو بعد ۾ باقاعده خلافت جي نالي ۾
مسلمانن جي ان خليفي وحيد الدين جي
نالي پٺيان ”الوحيد“ اخبار جاري ڪئي
ويئي.
1919ع کان
1929ع تائين خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ
عروج تي رهيون، ان ۾ سنڌي پريس خاص
طور تي ”الوحيد“ اخبار ڀرپور ڪردار
ادا ڪيو.
”الوحيد“
1919ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي. هڪ دفعي
مولانا شوڪت علي چيو هو ته ”الوحيد“
جي معنيٰ سنڌ آهي ۽ سنڌ جي معنيٰ
”الوحيد“. اهو چوڻ سؤ سيڪڙو صحيح هو
ڇو ته ان وقت سنڌ ۾ مڙني مسلمانن جي
روزانه اخبار ”الوحيد“ بابت شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو هو ته:
”سنڌ جا
مسلمانو، سنڌ ۾ اوهان جي هندو ڀائرن
جي آدمشماري 27 سيڪڙو آهي ۽ انهن جون
انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ ڏهه
روزانيون اخبارون آهن. مسلمانن جي
آبادي 73 سيڪڙو آهي. پر مسلمانن جي
روزاني اخبار صرف ”الوحيد“ آهي، ڇا
مسلمانن جي قومي غيرت اها ڳالهه
برداشت ڪندي ڇا؟ انهيءَ اخبار کي به
بند ڪيو وڃي. انهيءَ سوال جو جواب عمل
سان ڏيڻ گهرجي نه زبان سان.“ - - -
-(1)
تحريڪ خلافت
۽ مسلمانن جي آواز طور ”الوحيد“ هڪ
اخبار نه پر هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اُٿي.
ان وقت هفتيوار ”الحق“ هئي، جيڪا
پنهنجي لحاظ کان گهڻو ڪجهه ڪري رهي
هئي. پر ان جي پاليسي خلافت جي سوال
تي انگريزن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي.
ان جي پاليسي ٻئي قسم جي هئي ۽ ان جي
پوزيشن به اها نه هئي.
خلافت جي
زوال تي برصغير ۾ سخت مايوسي، جوش ۽
جذبو هو. ان سڄي صورتحال جي نمائندگي
ڪرڻ لاءِ، هڪ اخبار جي ضرورت هئي جا
”الوحيد“ پوري ڪئي. جيتوڻيڪ خلافت
تحريڪ 1919ع کان شروع ٿي ۽ عملي طور
1924ع ۾ ختم ٿي جو خلافت جو سوال
تُرڪن پاڻ ختم ڪري ڇڏيو هو، پر سنڌ ۾
ان مسئلي تي پيدا ٿيل تنظيم ۽ طاقت
پنهنجي جاءِ تي بحال هئي، جنهن کي
زندهه رکڻ ۽ ٻين سياسي سماجي مسئلن
حل ڪرڻ لاءِ ان طاقت مان استفادو ڪرڻ
جو ڪم اخبار ”الوحيد“ پنهنجي ذمي
کنيو. ”الوحيد“ ڇا کنيو، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ کنيو، جيڪو ان تحريڪ
جو روح روان هو ۽ بي مثال سياسي ۽
صحافتي خوبين جو مالڪ هو. سندس قيادت
۾ هن اخبار سنڌ جي مسلمانن جي علمي،
اصلاحي، سماجي، سياسي ۽ ديني رهنمائي
ڪئي. شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن جي مقابلي
ڪرڻ جو مسئلو هجي، خلافت تحريڪ، هجرت
تحريڪ، عدم تعاون جي تحريڪ، ترڪ
موالات، سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جو
مطالبو هجي يا بعد ۾ پاڪستان ٺاهڻ
لاءِ ڪوششن جو واسطو هجي، ”الوحيد“
سنڌ جي مسلمانن جي احساسن ۽ گهرجن
مطابق پنهجو صحافتي ڪردار ادا ڪيو.
”الوحيد“ جو
وڌيڪ احوال هن مقالي ۾ الڳ پيش ڪيل
آهي.
ساڳئي سال
حيدرآباد مان ٻه ماهوار رسالا ”جاسوسي
ناول“ ۽ ”اسڪائوٽ“ جي سري هيٺ جاري
ٿيا. ازانسواءِ ”سک ٽرئڪٽ“ سوسائٽي
حيدرآباد ان سال ماهوار ”پنکڙيون“ جي
نالي سان ڪڍيو هو، جنهن جو مصنف ڀائي
مير سنگهه ۽ ترجمان وديارٿي هو.
1921ع ۾
ڄيٺمل پرسرام، تصوف ۽ ويدانت جي تعليم
عام ڪرڻ لاءِ ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“
حيدرآباد مان جاري ڪيو ۽ سکر مان
مولچند هريسنگ پندرنهن روزه ناول
اخبار ”سنسار چڪر“ جي عنوان سان ڪڍي،
هن رسالي جي ذريعي ڪيترائي ناول سنڌي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ۽ تخليق ٿيا. ”روح
رهاڻ“ رسالو ٿياسافي نظرئي تحت سڀني
مذهبن پٺيان هڪجهڙائيءَ واري اصول سان
جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سڀني مذهبن
جي بزرگن، شاعرن ۽ فلاسافرن جي نظرين
۽ اصولن جو بيان ۽ تذڪرو ڏنو ويندو
هو. 1924ع تائين الڳ نڪرندو هو ۽ ان
کان پوءِ ”ڀارت واسي“ اخبار سان ملائي
ڇڏيو ويو. 1924ع تائين هي ٻئي رسالا
گڏيل شڪل ۾ نڪرندا هيا، پوءِ بند ٿي
ويا، جنهن کي ڄيٺمل پرسرام 1947ع ڌاري
ڪراچيءَ مان وري شروع ڪيو ۽ بعد ۾
هندستان مان سندس حياتيءَ تائين
نڪرندو رهيو. ”- - - - - - - (1)
1923ع ۾ سه
روزه ”سنڌ زميندار“ سکر مان، ماهوار
مذهبي، اصلاحي ۽ تاريخي رسالو ”توحيد“
ڪراچي مان ۽ بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان
ماهوار ”گلدستو“ جاري ٿيا. ٽنهي کي
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت حاصل
هئي. پهرين اخبار وڏي سائيز تي نڪرندي
هئي ۽ اٽڪل ٽيهن سالن تائين اخلاص سان
سنڌ جي مسلمانن جي سماجي، علمي ۽
سياسي خدمت ڪيائين. ٻي وچ تي 7 سالن
جي ناغي کانسواءِ 5 ورهين تائين جاري
رهي ۽ مذهبي ۽ تاريخي ميدان ۾ بي بها
ڪم ڪيائين. ماهوار ”گلدستي“ جي
سرپرستي سنڌ سڌار سوسائٽي ڪري رهي
هئي، جنهن جو بنياد لاڙڪاڻي ”لاڙڪاڻي
ساهه سيباڻي“ ۾ 1915ع ڌاري پيو هو ۽
جنهن جو بانيڪار مرحوم حڪيم ميان علي
محمد قادري هو. هن سوسائٽيءَ شاعرن جو
آواز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائن لاءِ
اهو رسالو ”گلدستو“ جاري ڪيو هو، جنهن
جي ادارت جا فرائض ميان علي محمد
قادري پاڻ سنڀاليا. ان زماني ۾لاڙڪاڻي
جي جهوني ادبي اخبار ”الحقيقت“ به اوج
تي هئي. مشاعرن جون ڪارروايون ۽
انتخاب هن اخبار ۾ 1941ع تائين پيا
ڇپبا هئا. - - - - (1)
اخبار ”سنڌ
زميندار“ ڪڍڻ ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن
جو هٿ هئو. هن جا ايڊيٽر ماستر
عبدالوهاب، مسٽر احمد علي عليگ، پير
علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين
راشدي، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور
سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير
محمد اوحدي رهيا.
هن اخبار
بابت پير علي محمد شاهه راشدي لکي ٿو
ته:
”خلافت ۽
ڪانگريس تحريڪن جو اثر ان کان سواءِ
هو، پڙهيل لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو
جذبو جاڳي چڪو هو ۽ انگريز مجبور ٿي
چڪا هئا ته مسلمانن خاص طور تي
زميندارن تي هٿ رکن، کانئن اخبارون
ڪڍرائين، امن سڀا ۽ سنڌ جي محمدن
ايسوسيئيشن جهڙيون وفادار ۽ فقط
نوڪريون گهرندڙ جماعتون قائم ڪرائين ۽
حڪومت سان وفاداريءَ جي وسامندڙ ڏيئي
کي نئون تيل ڏياري ان کي قائم ۽ روشن
رکن. ”سنڌ زميندار“ جو جاري ٿيڻ عين
انهيءَ پٽاندڙ هو ۽ ماسترعبدالوهاب
مرحوم پنهنجا فرائض چڱيءَ طرح سان بجا
آندا. سندس انتقال کان پوءِ مسٽر احمد
علي خان عليگ ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ مئي
1929ع ۾ مون پاڻ وڃي مسٽر احمد علي جي
ڇڏيل ڪرسي سنڀالي. منهنجي ڏينهن ۾
اخبار جي پاليسي بلڪل ڦري ويئي. ان ڪم
۾ قدرت به مدد ڪئي، اصلوڪا ڊائريڪٽر
مري کپي چُڪا هئا، پريس جو سارو نظام
خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي قبضي ۾
اچي چڪوهو، اهو صاحب پاڻ نوجوان هو،
خوددار هو ۽ ايڊيٽر جي ڪم ۾ ڪا به دست
اندازي نه ڪندو هو. ساڳي وقت عام
حالتن ۾ تبديلي اچي ويئي هئي، تنهن
ڪري اخبار جي تحريرن کي تيز ڪندي
منهنجي رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪونه هئي.
البته ڪيترا ڀيرا وقت جا عملدار ناراض
ٿي پيا، هڪ دفعي ڪوشش به ڪيائون ته
مون کي ڪڍرائي، مرحوم عبدالوهاب جهڙو
ڪو پوڙهو ماڻهو، رٽائرڊ سنڌي ماستر
آڻي ايڊيٽر ڪري ويهارين، پر کهڙي صاحب
بند تريءَ تيل لڳڻ ڪو نه ڏنن ۽ سال
1933ع تائين آئون پنهنجي جاءِ تي بحال
رهيس، اهو هو قصو سنڌ زميندار جو.“ -
- - - - - (1)
جناب پير
حسام الدين راشدي وري لکي ٿو:
”سکر واري“
”سنڌ زميندار“ جنهن جو مان ايڊيٽر ٿيس
سا در حقيقت ۾ ”الوحيد“ جي مقابلي
لاءِ انگريزن جي چرچ تي، سرڪار پرست
مسلمانن ڪڍي هئي. بظاهر ته مسلمانن جي
حقن جي محافظ هئي، ليڪن درپرده
”الوحيد“ جي ڦهلايل زهر لاءِ ترياق
هئي.
ان جا مالڪ،
ان جا خريدار ۽ جن نوجوانن جو ان سان
تعلق هو، سي سڀئي انگريزي اقتدار جا
پروانا ۽ هٿ سان پيدا ڪيل هئا، جيڪي
ظاهر خاني لوڪ سببان، پاڻ کي اعتدال
پسند قومي رهنما سڏيندا وتندا هئا.
”سنڌ زميندار“ ننهن چوٽيءَ جو زور
ڏيئي بيٺي ليڪن ”الوحيد“ جو لکيو
مسلمانن جي دلين ۾ دماغ تان مٽائي ڪو
نه سگهي“. - - - (1)
جيستائين
ماهوار ”توحيد“ جو تعلق آهي ته ان
رسالي جون مذهبي ۽ سوانح جي ميدان ۾
وڏيون خدمتون آهن. ”توحيد“ جي سرورق
جي وچ تي تعريف، ”مذهبي، علمي، اصلاحي
۽ تاريخي، ماهوار رسالو“ جهڙن لفظن ۾
ڪيل هوندي هئي ۽ ان جي مذهبي مهانڊي
جو اعلان اقبال جي هن شعر سان ڪيل
هوندو هو ته:
توحيد ڪي
امانت سينون مين هي هماري
انسان نهين
مٽانا نام و نشان همارا - - - - (2)
پر ساڳئي
وقت هيءُ رسالو، ان وقت جي سياسي
حالتن ۽ ان سلسلي ۾ ضروري رهنمائيءَ
کان غافل به نه هوندو هو، سنڌ جي
بمبئي کان عليحدگيءَ کان پوءِ پهريون
دفعو هتي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ وڏي
ويڙهه ٿي هئي، ان بابت ”توحيد“
فيبروري 1937ع جي پنهنجي ايڊيٽوريل
نوٽ ۾ تبصرو ڪيو، جيڪو پڙهڻ وٽان آهي،
اداريه جو عنوان آهي ”اليڪشن جا
تجربا“-
”سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائيءَ کان پوءِ چونڊن
جو جيڪو ملڪ ۾ هنگامو ٿي گذريو، سو
بيحد همت افزا هو. ملڪ جا مردار دور
وارا ماڻهو ۽ آزاد خيال پهلو به پهلو
هن ميدان ۾ هڪٻئي جي مقابلي ۾ نڪري
پيا ۽ خوب زور آزمائي هلي، نتيجو جيڪو
نڪتو آهي سو هڪ طرف مايوس ڪندڙ آهي ته
ٻئي طرف اميد افزا به آهي، سنڌ جي
مسلمانن ۾ ڏسجي ٿو ته قدرتي سياسي
سجاڳي به پيدا ٿي رهي آهي، پر ان سان
گڏ هنن ۾ عام جهالت پکڙيل آهي. هو
ورهين کان وٺي وڏيرن، پيرن، سيدن ۽
مردارن جي چنبن ۾ گرفتار رهيا آهن،
جنهن ڪري هنن کي ووٽ جهڙي شيءِ جي قدر
قيمت جي ڪا به خبر نه آهي. هو ڪنهن به
معمولي دٻاءَ ۾ اچي پنهنجو ووٽ ڪنهن
به نالائق اميدوار جي حوالي ڪري پاڻ
لاءِ پنهنجن هٿن سان پنهنجي قبر کوٽي
ڇڏين ٿا.“ - - (1)
هن رسالي جي
صفحن تي اهڙو ته مفيد ۽ معلوماتي مواد
خصوصاً ”مذهبي ميدان ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو
آهي“، جنهن مان چڱو خاصو الڳ هڪ ڪتاب
ٺهي سگهي ٿو، جيڪو موجوده روشنيءَ
واري زماني ۾ به نهايت ئي ڪارآمد
ٿيندو. رسالو 50 کن صفحن تي مشتمل
هوندو هو ۽ هن جي مستقبل لکندڙن ۾
چوٽيءَ جا عالم، جهڙوڪ، علي خان ابڙو،
عبدالله چنا، مولائي شيدائي، مولوي
عبدالڪريم چشتي، حڪيم مولانا محمد
صادق، حاجي محمود هالائي، مولوي در
محمد ”خاڪ“ شامل هئا.
هن رسالي ۾
ڪيترائي ديني ۽ فقهي مسئلا ڇيڙيا
ويندا هئا ۽ انهن جا جواب ۽ رد ڏنا
ويندا هئا ته جيئن مسلمانن مان ضعيف
الاعتقادي دُور ٿئي. وهمن ۽ وسوسن کان
بچن. هڪ اشاعت ۾ مولانا ابوالڪلام
آزاد جي حوالي سان قاديانين کي گمراهه
قرار ڏنو ويو هو. هن رسالي ذريعي
خاڪسار تحريڪ تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويندا
هئا ۽ مرحوم علامه مشرقي کي سخت ننديو
ويندو هو. هيءُ رسالو 1934ع ۾ ٻيهر
جاري ڪيو ويو هو. ساڳي سال هڪ هفتيوار
اخبار ”ڌرم اُپڪار“ جي نالي سان
شڪارپور مان جاري ٿي هئي، جيڪا 1925ع
تائين مس جٽاءُ ڪري سگهي. هن ۾ گهڻو
ڪري، هندومت جا مضمون شايع ٿيندا
هئا. اخبار جا ايڊيٽر ڪشن ڀاٽيا ۽
هريرام آٽڀٽ هئا.
1924ع ۾
خلافت تحريڪ ختم ٿي ۽ ان کان پوءِ سنڌ
۾ وري هڪ ڀيرو ”سنڌ جي بمبئي کان
جدائي“ جي تحريڪ شروع ٿي، جيڪا 1935ع
تائين جاري رهي ۽ ڪامياب ٿي. انهن 11
سالن ۾ ”سنڌي پريس“ ”سنڌ جي بمبئي کان
جدائي“ جي تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. خاص
طور مسلم پريس؛ ڇاڪاڻ ته هندو پريس جو
هڪ وڏو طبقو ”سنڌ جي بمبئي کان
جدائيءَ جو قائل نه هو، ڇو ته سنڌ جي
جدائيءَ جو مقصد سنڌ ۾ مسلم حڪومت
قائم ٿيڻ هو.
شروع شروع ۾
خود هندن جي اڪثريت انتظامي تڪليفن ۽
مسئلن جي ڪري سنڌ جي جدائيءَ جي حمايت
۾ هئي، پر پوءِ 1928ع ۾ نهرو رپورٽ
اچڻ کان پوءِ ڪانگريس ۾ سخت جنگ ڇڙي
پيئي، بعد ۾ قائداعظم جي 14 نڪتن ۾
سنڌ جي عليحدگيءَ جي مطالبي ۽ 1930ع ۾
علامه اقبال جي الله آباد واري خطبي
مسلم علائقن ۾ مسلم حڪومت قائم ڪرڻ
واري مطالبي کان پوءِ هندو ذهن بمبئي
جي جدائيءَ جو مخالف ٿي پيو ۽ هندو
پريس پڻ.
1924ع واري
سال ۾ ڪافي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيا.
جن ۾ ميرپورخاص جي زميندارن پاران
ڪڍيل هفتيوار ”مسلمان“ کي سڀني کان
وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان جو ايڊيٽر
معروف شخصيت محمد هاشم ”مخلص“ هو،
جيڪو اعليٰ شاعر ۽ وڏو طنز نگار هو.
سندس تحرير جو نمونو انفرادي ۽ معياري
هو. هن اخبار جي معيار ڄاڻڻ لاءِ اسان
هڪ اداريو ڏيون ٿا، جنهن جو واسطو ان
دور جي صحافت جي اهميت سان آهي:
”ماڻهن جي
حالت روزانه اخبارن جي قلت هوندي جنهن
بيڪسيءَ ۽ بيدرديءَ تائين پهتي آهي،
ان جو اندازو به اهي ڪري سگهندا، جن
جون دليون قوم جي درد سان لبريز
هونديون، دنيوي عيش عشرت، سير تفريح
لاءِ هر هڪ صاحب نهايت فراخدليءَ سان
۽ بيباڪيءَ سان هزارها روپين تي پاڻي
ڦيري ڇڏيندو آهي ۽ هر ڪنهن صاحب جي
تمنا هوندي آهي ته اهڙن بيباڪ
خرچيندڙن جي صف اول ۾ سندن نالو شامل
ڪيو وڃي،ليڪن جڏهن قوم غريب جي
برباديءَ ۽ حل مشڪلاتن جو ڪو سوال
اٿندو ته يارن جو دم چڙهي ويندو آهي.
سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته:
جنهن قوم ۾ اخبار نه آهي اها قوم ئي
نه آهي.