ملڪ ۽ مسلم قوم جي حالت
خيال ته ڪري ڏسو، منهنجا بزرگو، مسلم قوم جي، خود اسان جي قوم
جي ڇا حالت ٿي ويئي آهي. مسلمان خاندان چٽ ٿي ويا.
اخلاق چٽ ٿي رهيا آهن، جهالت وڪوڙي رهي آهي.
مالدار مسلمان به قرضن جي مصيبت ۾ مبتلا آهن،
اشرافن جون عزتون خاڪ ۾ مليا ميٽ ٿي رهيون آهن.
عام ماڻهن جي رهڻ جون جايون اهڙيون آهن، جهڙيون
جانورن جا غار، پهرڻ واسطي ڪپڙو نه آهي، کائڻ
واسطي ڪافي اناج نه آهي، بيمارين جي لاءِ ڪافي دوا
نه آهي، عملدار گشت تي نڪرن ته بيابان ۾ رستا ٺهي
وڃن، نه ته رستن جي اهڙي حالت خراب جو الامان.
سرڪار جا جيل مسلمانن سان ڀريل آهن، سرڪاري دفتر مسلمانن کان
خالي آهن، عملدارن کان ماڻهن جو اهڙو ساهه نڪري،
جهڙو خدا کان به نه ڏڪي. انهيءَ حالت جا جتي اسان
جا اعمال جوابده آهن، اتي سرڪاري حڪومت جي سرشتي
جو به حصو آهي.
جيڪڏهن اهڙيءَ حالت ۾ مسلم قوم جا نمائندا، به اهڙا چونڊجي
ويندا، جي اهڙي سرشتي جا مددگار هوندا ۽ سرڪاري
عملدارن کان ڊڄندا ۽ ڏڪندا رهندا، ۽ خود
بداعماليءَ جو نمونو هوندا، ته پوءِ پنهنجي دل ۾
انصاف ڪري ٻڌايو ته اهڙي قوم ڪهڙيءَ ريت صفحه
هستيءَ تي زندهه رهي سگهي ٿي.
پنهنجي عيوضين کان پڇي ڏسو، ته انهن اسيمبلين ۽ ڪائونسلن ۾ وڃي
سرڪاري سرشتي کي ڦيرائڻ لاءِ ڪائونسل اندر ۽ ٻاهر
ڪهڙا اُپاءَ ورتا آهن. ڪيترائي نمائندا اهڙا آهن،
جن نون سالن جي اندر، ڪائونسل جي اندر ۽ ٻاهر هڪ
به تقرير نه ڪئي آهي. آخر اهڙن گونگن ۽ بي زبان
ماڻهن کي ڪائونسلن ۾ موڪلڻ جو ڪهڙو ضرور آهي ۽ جن
صاحبن ڪڏهن ڪا تقرير به ڪئي آهي، تڏهن به سواءِ
هڪ ٻن حالتن ۾ هميشه سرڪاري ٺهرائن جي فائدي ۾
ڳالهايو آهي ۽ عام فائدي جي مخالفت ڪئي آهي، جن
مان سرڪار کي ڪروڙن جو فائدو ٿئي ٿو، جيڪڏهن مسلم
قوم ۾ ڪابه زندگي هجي ته و الله: اوهان جا عيوضي
جيڪر اوهان جي سامهون اچڻ جي جرئت به نه ڪري سگهن.
پر هيءَ سنڌ آهي، جنهن ۾ ڪلمي گو مسلمانن ۾
پنهنجي قومي عزت، آزادي، ۽ بردباريءَ جو احساس
پيدا ڪونه ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي ساڳيا
ماڻهو واڻين کان وياج تي قرض کڻي به مسلم قوم جا
عيوضي ٿي ويندا يا وڃڻ جي ڪوشش ڪندا.
مسلم عيوضين جي حالت
مسلمان اميدوار پنهنجي قوم کي مرده لاش جي مانند سمجهن ٿا. انهن
جو هميشه دستور رهيو آهي، ته پيرن، سيدن، عملدارن
۽ وياج خورن جو بار وجهي مسلمانن جا ووٽ هٿ ڪن.
انهن ڪڏهن به سڌيءَ طرح مسلمان ووٽرن کي ووٽ جي
مقصد کان آگاهه نه ڪيو آهي. انهن ڪڏهن به مسلمانن
جي جماعت قائم ڪري، انهن جي صلاح ۽ هدايت موجب ڪم
ڪرڻ پسند نه ڪيو آهي. ڪنهن به اسلامي جماعت جي
رهنمائيءَ هيٺ ڪم ڪرڻ ۾ اهي پنهنجي بي عزتي سمجهن
ٿا. ڪائونسل ۾ چونڊجي وڃڻ سان هنن جو مقصد قوم جي
خدمت نه آهي، پر سرڪاري عزت حاصل ڪرڻ آهي. يا وڌ ۾
وڌ وزارت حاصل ڪرڻ. جڏهن به سرڪار کي رعيت کي غلام
رکڻ لاءِ يا نئين ڍلن وجهڻ لاءِ ڪا تجويز پاس
ڪرڻي هوندي آهي، تڏهن ضلع عملدارن جي معرفت سنڌ جي
مسلمان ميمبرن کي ڪائونسل ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم پهچي
ويندو آهي. هي اسان جي نمائندا اهڙا ته سڀاڳا آهن
جو جيڪڏهن مرڻينگ حالت ۾ به هوندا آهن، تڏهن به
پنهنجي جنازي جهڙي صورت ۾ ڪائونسل ۾ پاڻ ڏيکاري
سرڪار کي ووٽ ڏيئي ايندا آهن.
آئون مسلمان پيرن، سيدن ۽ زميندارن کان پڇڻ ٿو گهران ته منهنجا
بزرگو: اهڙن صاحبن کي مدد ڏيڻ مان توهان پنهنجيءَ
قوم کي يا خود پاڻ کي ڪهڙو فائدو پهچائي سگهو ٿا.
ڇا توهان کي پنهنجي قوم جي غلاميءَ ۽ برباديءَ جو
ڪو احساس ڪونهي ڪو؟ ڇا توهان کي معلوم نه آهي ته
اهڙن نمائندن کي چونڊي، موڪلي ڪري توهان مان ڪنهن
جي به عزت ۽ آزادي سنڌ جي سرزمين تي محفوظ نه آهي،
توهان جا بنگلا عملدارن جي مهمانن لاءِ وقف آهن،
اوهان معمولي عملدارن کان ڊڄو ۽ ڏڪو ٿا.
سنڌ ۾ هندو قوم به رهي ٿي، انهن ۾ زميندارن، ٻاون ۽ ٽِڪاڻي وارن
جو چڱو تعداد آهي. پر توهان ٻڌائي سگهندو ته ڪڏهن
به ڪنهن ڪاموري کي جرئت ٿي جو انهن تي ڪو ظلم ڪري
سگهي؟ هرگز نه؛ هندو قوم عزت و آبرو ۾ انهيءَ ڪري
رهي پئي آهي ۽ رهي سگهي ٿي جو انهن جا نمائندا
پنهنجي قوم جا عاشق ۽ خدمتگار آهن. جيڪڏهن ڪنهن به
هندو سان ڪا واجبي يا غير واجبي ٿئي ٿي ته في
الحال سڄي سنڌ مٿي تي کڻي ڏين ٿا ۽ پنهنجي جان
جوکي ۾ به وجهي پنهنجي مظلوم ڀاءُ جي مدد ڪن ٿا.
پر مسلمان نمائندا انهن صفتن کان خالي آهن، تنهن ڪري آئون
پنهنجي قوم جي بااثر دردمند صاحبن کي درخواست ڪندس
ته خدارا اهڙن لائق اميدوارن جي مدد ڪريو، جيڪي
قوم جي عزت، فائدي خاطر پنهنجي ذاتي عزت ۽ فائدي
کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
منهنجي تجويز
ڪارآمد عيوضين کي چونڊي موڪلڻ لاءِ منهنجي تجويز هيءَ آهي ته
ساري سنڌ ۾ لائق اميدوارن کي اسيمبليءَ ۽ ڪائونسل
۾ بيهارڻ لاءِ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي
واسطي ڪائونسل جي اندر ۽ ڪائونسل کان ٻاهر هڪ
پروگرام تيار ڪرڻ لاءِ، سنڌ ڀر جي دردِدل مسلمانن
کي گڏي، ”سنڌ مسلم ووٽر ايسوسيئيشن“ جي نالي سان
هڪ جماعت ٺاهڻ گهرجي. هر هڪ ضلعي منجهان گهٽ ۾ گهٽ
20-25 ماڻهو ان جماعت ۾ شامل ٿيڻ گهرجن. - - - -
-(1)
شيخ صاحب جو ذهن سنڌي مسلمانن کي هندن ۽ انگريزن جي سرڪڻ ڦاهيءَ
مان آجو ڪرڻ لاءِ هر وقت سوچيندو رهندو هو. انهيءَ
ويچار جي دنيا ۾ نيون نيون اسڪيمون ۽ تجويزون
ٺاهيندو هو ۽ سوچيندو رهندو هو. جن مان هن جو، قوم
سان بي پناهه محبت جو جذبو ليئا پائيندي پروڙي وٺڻ
سولو آهي. سندس ڪردار مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هن
پنهنجي ذات ۽ شخصيت قوم لاءِ فنا ڪري ڇڏي آهي. هيٺ
سندس خط پيش ٿو ڪجي، جيڪو هن ان وقت لکيو هو، جڏهن
هن تي ڪيئي ڪيس هڪ ئي وقت هلي رهيا هئا. اڄ
حيدرآباد ۾ ته سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾. ”الوحيد“ ۾ هڪ
تجويز شايع ٿي هئي ته شيخ صاحب کي ڪيسن جي
پريشانين کان بچائڻ لاءِ سندس مالي مدد ڪئي وڃي.
ان جي جواب ۾ شيخ صاحب جولاءِ 1929ع ۾ حيدرآباد
کان هڪ خط لکيو هو، جيڪو ”شيخ عبدالمجيد جو
دکدائڪ خط“ جي عنوان سان شايع ٿيو هو، هو لکي ٿو:
آئون ڪيترن ڏينهن کان حيدرآباد ۾ آهيان. جتان وقت بوقت مقدمي
جي پيشيءَ لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻو پوي ٿو. ممڪن آهي ته
هاڻي لاڙڪاڻي کان پوءِ سکر جيل جو ٻيو درشن ڪرڻو
پوي. آئون توهان جو بيحد شڪرگذار آهيان، جو مقدمي
۾ مدد واسطي هڪ روپيا امدادي فنڊ جاري ڪرائڻ جي
تحريڪ شروع ڪئي آهي. آئون هڪ ڪمزور انسان آهيان،
دنيا جي ڪمزور انسانن وانگر مون کي نه مقدمن جي
تڪليف پسند آهي، نه انهن ۾ سزا کائڻ جي. اهڙيءَ
حالت ۾ دوستن جي همدردي بيشڪ حوصله افزائي ڪري ٿي.
پر دوست من: منهنجي دل پنهنجي ذات مصيبتن کان خالي نظر اچي ٿي،
منهنجي جان انهن مصيبتن کان ايترو آشنا ٿي ويئي
آهي جو، اهي تڪليفون مون لاءِ هيچ آهن. معلوم نه
آهي ته زندگيءَ جا باقي ڪيترا ڏينهن وڃي بچيا آهن،
انهيءَ جو خاتمو خوشيءَ ۾ ٿئي يا غم ۾، سا هڪ
نهايت معمولي ڳالهه آهي. حياتيءَ جا چاليهه ورهيه
گذري ويا آهن، باقي ڏينهن به گذري ويندا. آئون هن
ڳالهه کان بيپرواهه آهيان ته مسلمان منهنجي مقدمي
۾ مدد ڏين يا نه ڏين.
حقيقت هيءَ آهي ته مسئلو عبدالمجيد ۽ هن جي ساٿين کي علمبرداري
مقدمن کان بچائڻ جو نه آهي، بلڪه ضرورت هن ڳالهه
جي آهي ته ساري مسلم قوم کي ڪهڙيءَ ريت، انهن ظلمن
کان بچايو وڃي. بدناموسيءَ جو مقدمو ته هڪ معمولي
ڳالهه آهي، پر اسان جي اڻ واقف ۽ غريب قوم تي جي
ظلم ٿين ٿا، تنهن کان منهنجي دل درد کان ڀرپور
آهي، نه مسلمان جي جان سلامت آهي نه عزت، نه
ملڪيت، رشوت عام آهي. گناهگارن سان گڏ بي ڏوهين تي
به مارو آهي. علمبردار مسلمان هجن يا غيرمسلم،
انهن جو قائدو قانون فقط مسلمان قوم لاءِ وقف آهي.
انهن حالتن ۾ جيڪڏهن منهنجي بچاءَ لاءِ فنڊ قائم
ٿيندو ته مون کي خوشي نه ٿيندي، خوشي تڏهن ٿيندي،
جڏهن ساري مسلم قوم کي ظلمن کان بچائڻ لاءِ فنڊ
قائم ڪيو وڃي ۽ هر ڪلمي گو مسلمان، جنهن جي رڳن ۾
اسلامي غيرت جو آخري قطرو به موجود هجي، سو گهٽ ۾
گهٽ هڪ روپيو اهڙي فنڊ ۾ سالانه ڏي. پوءِ جيڪڏهن
منهنجي اهڙي فنڊ مان ۽ منهنجي دوستن جي به ڪا مدد
ٿئي ته اها منهنجي خوشنصيبي چئبي. اسان جون گردنون
ته قومي احساسن جي بار هيٺ اڳ ۾ ئي جهڪيل آهن:
(1) مظلوم مسلمانن جي مددگار جماعت قائم ڪئي وڃي.
(2) اها جماعت عملداري ۽ غيرعملداري ظلم کان مسلمانن کي
بچائيندي رهي.
(3) انهيءَ جماعت جي پاران هڪ پگهاردارانه مبلغ مقرر ڪيو وڃي جو
هميشه سنڌ جو گشت ڪندو رهي، ۽ پنهنجي جماعت ۽
اخبارن کان بالا عملدارن کي واقف ڪندو رهي.
(4) في الحال ”الوحيد“ اخبار جو ايڊيٽر انهيءَ جماعت جو
سيڪريٽري ۽ خزانچي ٿئي.
(5) ٻين اخبارن جا ايڊيٽر انهيءَ جماعت جي ڪميٽيءَ جا ميمبر
ٿين.
(6) پوريءَ سنڌ ۾ ان جماعت جون شاخون هجن.
آئون يقينن مسلمانن جي مدد جو محتاج آهيان پر مون کان وڌيڪ
محتاج، منهنجا اهي هزارين مظلوم ڀائر آهن، جيڪي
ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رهيا آهن.
اوهان مهرباني ڪري منهنجو اهو مضمون سڀني اسلامي اخبارن کي لکي
ڏياري موڪليندا. - - - - - (1)
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سماج سڌارڻ واري ڪوشش جي هڪ وڏي شاهد
محترم جي ايم سيد اعتراف ڪندي لکيو:
”شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو اڳ ۾ ئي سنڌ جي مسلمانن جي تنظيم ۽
ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي. ان کي هڪ يا ٻه ٻيا صاحب
گڏي ڏجن ته ان رسالي جي وسيلي، سنڌ جي مسلمانن ۾
بيداري، قومي احساس ۽ خدمت ڪري سگهي.“ - - - - -
(2)
شيخ صاحب جي دل ۾ سماج سڌارڻ وارو جذبو بدرجه اُتم هوندو هو.
عام طور برصغير جي هر ماڻهو ۽ خاص طور مسلمانن ۾
شعور، سوچ پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هميشه
پاڻ پتوڙيندو رهندو هو. ڪابه اهڙي تحريڪ وغيره
هلندي هئي ته ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو هو.
محترم جي ايم سيد، سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان 1943ع تي
باقاعده ”يوم تجارت“ جي نالي سان هڪ ڏينهن ملهايو
ويو. ”الوحيد“ ۾ سيد جي نالي سان اپيل شايع ٿي.
محترم جي ايم سيد جي انهيءَ اپيل تي شيخ صاحب ”الوحيد“ ۾ اداريو
لکيو ۽ انهيءَ موضوع تي مسلمانن جي اخبارن ۽ رسالن
۾ باقاعده خط، مضمون، تجويزون ۽ شعرن جو هڪ سلسلو
شروع ڪرايو.
اداريو هت ڏيون ٿا:
”مسلمانن جي مالي ۽ اقتصادي حالت کي سڌارڻ ۽ انهن کي واپار طرف
راغب ۽ مائل بنائڻ لاءِ سنڌ مسلم ليگ جي صدر هڪ
اپيل جاري ڪئي آهي 16 جولاءِ تي ”يوم تجارت“
ملهايو وڃي.
اسلام ۾ واپار کي جيڪا اهميت حاصل آهي، ان جو اندازو هن سان
لڳايو، ته قرآن مجيد ۾ ان کي فضل الله (الله جي
مهرباني) جهڙي معزز خطاب سان، ۽ پياري انداز ۾ ياد
ڪيو ويو آهي. دنيوي اعتبار سان به قومن جي موت و
حيات جو تجارت تي وڏو دارومدار آهي. مگر افسوس جي
ڳالهه آهي ته مسلمان هن لائين ۾ بلڪل پٺتي پيل آهن
۽ ٻهراڙين ۾ اڄڪلهه جي زماني ۾ڪيترائي ان قسم جي
ذهنيت وارا مسلمان لڀندا، جيڪي هن پيشي کي واڻڪو
ڌنڌو سمجهي ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن.
ان فضا ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر مسلمانن جي اقتصادي
زندگيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ جي غرض سان مسلمانن
۾ تجارت جي تحريڪ شروع ڪري نهايت شاندار خدمت
سرانجام ڏيڻ گهري ٿو.
سنڌ جي سمجهدار ۽ پڙهيل طبقي کي سندس اپيل تي لبيڪ چئي، هن جي
تحريڪ جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪرڻ گهرجي“. - - -
- (1)
انهيءَ کان علاوه شيخ صاحب وقت بوقت پنهنجي قلم ذريعي سجاڳي
پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. هتي سندن
هڪ مضمون پيش ڪيون ٿا، جنهن ۾ هن عام ماڻهن جي
حالت سڌارڻ لاءِ لکيو آهي:
”مسلمانن جي جيڪا اڄ ڪلهه پست حالت ٿيل آهي، اها ڪنهن کان به
ڳجهي ڪين آهي. ڪو وقت هو جڏهن سنڌ جا مسلمان
فرخنده حال هوا. سندن حڪومت، علم، دولت، زمين،
عزت، سڀ ڪجهه هو، پر اڄ اهو وقت آهي، جو پنهنجن
افعالن سبب سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهيون:
ڪڏهن ائين هياس، جو پنهل ڌوتم ڪپڙا،
اڄ ائين ٿياس، جو جت نه نيئم پاڻ سان. (شاهه)
خبر نه آهي، هيءَ مفلسي، جا سندن پويان پئي آهي کين ڪٿي تائين
پهچائيندي. سچ پڇو ته اسان مان غيرت نڪري ويئي آهي
نه ته موجوده بي عزتي جهڙي حالت کان اسان جو دنيا
۾ نه هئڻ گهرجي. اسان پنهنجن هٿن سان حڪومت وڃائي.
علم ۽ عزت وڃائي، زر ۽ زمين وڃائي ۽ مذهب کان دور
ٿياسون. جيل ڏسو اسان سان ڀريل، ڪيس ڏسو اسان تي.
مطلب ته ڪهڙي بي عزتي رهيل آهي، جنهن کان بچيل
آهيون. تڏهن به مسلمان ڏسو پنهنجي حال ۾ مست ۽ موت
جهڙي ننڊ ۾ ستل آهن. سجاڳ ٿيڻ جي نشاني ڪانه ٿي
ڏسجي. اهي زميندار، پير، بزرگ جي اڄ تائين خواب
غفلت ۾ ستل هوا، ملڪ ۽ قوم کان بي پرواهه، تن کي
سندن ان بي غرضائيءَ تي ڪافي سبق پيا ملن، پر
افسوس جو اڃا به سجاڳي ڪانه آئي آهي.
اي سنڌ جا مسلمانو: جيڪڏهن اوهان ڀانيو ته آئينده مصيبتن کان
ڇٽو ۽ هن ذلت جهڙيءَ حالت کان نڪرو ته خدا جي
واسطي منهنجي هيٺئين عرض تي غور ڪريو ۽ دولتمند
صاحبن کي همٿايو ته مسلمانن جي عزت برقرار رکڻ
خاطر هن ڳالهه کي عمل ۾ آڻين، جا سندن لاءِ مشڪل
نه آهي.
اها ڳالهه ظاهر آهي ته جيستائين مسلمانن ۾ قومي غيرت جو جوش
پيدا نه ٿيو آهي، ان وقت تائين سندن خواب مان سجاڳ
ٿيڻ يا سڌرڻ مشڪل آهي. اهي ڳالهيون ڪيئن پيدا ٿي
سگهن ٿيون، تنهن لاءِ هفتيوار رسالي جون ڏهه هزار
ڪاپيون ڪڍي، مفت سنڌ جي شهرن ۾ موڪلجن.
اسان جا اڳواڻ جيڪي اڳ ۾ ئي سنڌ جي مسلمانن جي تنظيم ۽ ترقيءَ
لاءِ ڪوشان آهن، انهن کي هڪ يا ٻه ٻيا مسلمان گڏي
ڏجن ته ان رسالي جي وسيلي، سنڌ جي مسلمانن ۾
بيداري ۽ قومي احساس پيدا ٿي سگهي.
(2) مسلمانن جي حقن جي حفاظت ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ترجماني ڪرڻ لاءِ
هڪ روزاني اخبار انگريزي جي ضرورت آهي، انهن مٿين
ٻنهي ڪمن جي پورائي ڪيئن ٿئي. ان لاءِ ڪي باغيرت
مسلمان نڪرن ۽ ائين ڪن جو، جيڪي سندن پئسا تجوڙين
۾ پيا آهن، يا ائين رکيو پيا ڪَٽجن، تن کي پنجن
سالن لاءِ فڪسڊ ڊپازٽ تي بئنڪ ۾ سندن نالي رکائن،
ان جو وياج هن اخبار جي ڪم لاءِ سپرد ڪن، 6 لک
رپيا کپندا. سنڌ ۾ ڪئين اهڙا صاحب پيا آهن، جي
هوند يڪي سر به ايترا روپيا ڪڍي سگهن. سندن پيسن
کي جوکو به ڪونه ٿيندو پر وياج مان هڪڙا ٻه عمدا
ڪم ٿي پوندا. پنجن سالن اندر اميد ته انگريزي
اخبار ۽ رسالو، پنهنجن پيرن تي بيهي ويندا. ان کان
پوءِ هو صاحب پيسا ڪڍائي آڻي سگهن ٿا. مٿئين ڪم جي
لاءِ 11 نومبر شام جو مون ڪراچيءَ ۾ پنهنجي
غريبخاني تي صلاح مصلحت ۽ مشوره ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
گهڻن صاحبن کي عرض ڪيو هو، پر ارمان جي ڳالهه آهي
جو سنڌ مان بلڪل ٿورا صاحب آيا. پر تنهن هوندي به
هڪ ڪاميٽي ٺهي جنهن تي هيٺيان صاحب چونڊيا ويا!
سيٺ حاجي عبدالله هارون چيئرمين، سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد
ايوب کهڙو، مسٽر حاتم علوي، قاضي عبدالرحمان ۽
غلام مرتضيٰ شاهه سيڪريٽري. هيءَ ڪميٽي هڪ رٿ ٺاهي
مسلمانن جي اڳيان پيش ڪندي. هاڻي اسان مسلمانن جي
غيرت جوش ۾ اچڻ کپي، جو جوش گهڻي وقت کان ٿڌو پئجي
ويو آهي. شڪارن، رنڊين، ملاکڙن، آفيسرن جي خوشامدن
۾ جيترو جوش ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ان جو ٿورو ئي حصو هن
طرف ڦيرايو وڃي ته مسلمان اميد ته هن ذليل حالت
مان نڪري پوندا. - - - - - -(1) |