سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:يــادگـــيـــريــــون

 باب-- ٻيو

صفحو :12

نيشنل ڪنوينشن

1932ع - - - آل پارٽيز يونٽي ڪانفرنس.

1932ع - - - آل پارٽيز يونٽي ڪانفرنس.

1932ع - - - انڊين نيشنل ڪانگريس اجلاس.

        ان کان علاوه 1928ع ۾ مشهور شملا ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شيخ صاحب شرڪت ڪئي.

شيخ صاحب شروع کان ئي هندو مسلم اتحاد جو حامي هو، انڪري هڪ طرف کيس مسلمان پنهنجو ليڊر مڃيندا هئا ته ٻئي طرف هندو.

جڏهن قائداعظم جي اڳواڻيءَ ۾ 1937ع ۾ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم ٿي ته شيخ صاحب سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو ۽ پوءِ ڪانگريس کي ڇڏي ڏنائين ۽ صرف مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ليڪن سندن ڪردار اهڙو هو جو باوجود ڪانگريس ڇڏڻ جي ڪانگريسي هميشه کيس پنهنجو سٺو همدرد ليکيندا هئا.

برصغير جون مکيه سياسي پارٽيون

اوڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروع ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون هندستان ۾ وجود ۾ آيون، انهن جا مقصد ۽ مول متا اهي ئي هئا ته هندستان ۾ خود مختياريءَ جو حق وٺجي.

هڪ ٻئي پٺيان فرقيوارانه جماعتون مذهبي بنيادن تي پڻ ٺاهيون ويون. سڀني سياسي پارٽين وقت بوقت پنهنجن مقصدن ۽ قاعدن ۾ ڦير ڦار پئي ڪئي. آل انڊيا ليول تي جيڪي به سياسي پارٽيون هيون، انهن گهڻو ڪري ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، جهڙوڪ آل انڊيا ڪانگريس پارٽي، ۽ آل انڊيا مسلم ليگ، اهي ٻئي سياسي جماعتون هندستان ۾ مقبول هيون. ٻيون سياسي جماعتون گهڻو ڪري مذهبي بنيادن تي ٺاهيون ويون هيون، جهڙوڪ هندو مهاسڀا، خلافت ڪاميٽي، جميعت العلماءِ هند ۽ خاڪسار پارٽي.

هندستان ۾ قائم ڪيل سياسي جماعتن جا مرڪز گهڻو ڪري دهلي، بمبئي، ڪراچي ۽ لکنئُو هئا.

هتي اسان مشهور سياسي جماعتن جو مختصر احوال ڏيون ٿا.

 

آل انڊيا ڪانگريس پارٽي

آل انڊيا ڪانگريس پارٽي اي او هيوم، سنه 1885ع ۾ قائم ڪئي پر ڪجهه وقت بعد هن پارٽي پنهنجي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻي مقامي خودمختياري ۽ حڪومت جو مطالبو ڪيو. سن 1943ع کان پوءِ ڪانگريس ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلائي، هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته انگريزن کي ملڪ مان ڪڍي هندستان کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بنائجي.

 

آل انڊيا خاڪسار پارٽي

آل انڊيا خاڪسار پارٽي سن 1932ع ۾ علامه عنايت الله مشرقي ٺاهي هئي. هن جماعت جو مقصد هو ته هندستان اندر طاقت جي زور تي اسلامي رياست قائم ڪجي. ”علامه مشرقيءَ سمجهيو ته مسٽر محمد علي جناح هندن کان ناراض ٿي هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ ٿو گهري. ”عدم تعاون“ جو نعرو ڪانگريس طرفان اليڪشن کٽڻ لاءِ هنيو وڃي ٿو ۽ مسلم ليگ جي طرفان پاڪستان جو نعرو به اليڪشن کٽڻ لاءِ لڳايو پيو وڃي. اهي ڪنهن به قيمت تي صوبن ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ چاهين ٿا.“ - - - - (1)

هن جماعت جو نعرو 1935ع کان پوءِ وڌندو رهيو، مگر جڏهن مسلم ليگ جي مقبوليت پاڪستان جي نعري ۾ وڌندي رهي ته هيءَ جماعت پسمنظر ۾ هلي ويئي. هن جماعت جو خاص نشان بيلچو هو، جيڪو محنت سان گڏ  دهشتگرديءَ جو به نشان هو. هن جماعت انگريز حڪومت سان وڏيون چڪريون کاڌيون؛ مگر ناڪام رهي. بهرحال هيءَ جماعت پاڪستان ٺهڻ تائين رهي. هن جماعت اليڪشن ۾ به اميدوار بيهاريا، مگر ڪٿي به ڪامياب ڪا نه ٿي سگهي.

 

آل انڊيا هندو مها سڀا

”هيءَ جماعت ڪٽر هندو پرست ۽ فرقي پرست جماعت هئي. هن جماعت جي شاخ سنڌ ۾ به قائم ڪئي ويئي هئي. سال 1900ع ۾ هندو فرقي پرستن جو اجلاس مهاراجه درڀگا جي صدارت هيٺ دهليءَ ۾ منعقد ٿيو. ان وقت پارٽيءَ جو نالو ”مهامنڊل“ هو. جڏهن مهامنڊل جو اجلاس 1907ع ۾ لاهور ۾ ٿيو، تڏهن ان جو نالو بدلائي ”مهاسڀا“ رکيو ويو. هن پارٽيءَ جو مقصد هندن جي حقن جي حفاظت  ڪرڻ هو. هيءَ پارٽي فرقي پرستيءَ جي بنياد تي ٺاهي ويئي هئي. - - - -  (2)

 

جمعيت العلماءِ هند

ديوبند جي عالمن گهڻي وقت کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو آهي. ديوبند جي صدر مولانا محمودالحسن انهن تحريڪن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. پنهنجن شاگردن کي انگريز حڪومت جي خلاف جدوجهد ۽ بغاوت جو سبق ڏنو هئائين. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغان ۾ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انقلابي تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن خلافت تحريڪ هندستان ۾ شروع ٿي تڏهن ملڪ جي عالمن هن تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو.

تاريخ 23 نومبر 1919ع تي دهليءَ ۾ جڏهن خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس مولوي فضل الحق جي صدارت هيٺ ٿيو، ته ان موقعي تي سڀني آيل عالمن گڏجي هڪ تنظيم ٺاهي، جنهن جو نالو جمعيت العلماءِ هند رکيو ويو. هن جماعت جو پهريون صدر مولانا ڪفايت الله دهلوي ۽ ناظم مولانا احمد سعيد کي چونڊيو ويو.

هيءَ جماعت مسلمان عالمن قائم ڪئي هئي، جنهن جو مقصد هو ته مسلمانن جي مذهبي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ترڪي خلافت قائم رکجي ۽ دنيا جي مظلوم مسلمانن جي مدد ڪجي، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ هن جماعت وڏو ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ جون سياسي پارٽيون

سنڌ کي صوبائي اختياري ملڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ جيڪي سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون هيون، تن جو تعلق آل انڊيا  سياسي پارٽين سان هو، جهڙوڪ ڪانگريس، مسلم ليگ، جمعيت العلماءِ هند، هندو مهاسڀا وغيره.

پر ڪا اهڙي پارٽي موجود ڪا نه هئي، جيڪا خالص سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم ڪري. سنڌ ۾ صوبائي خودمختياريءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته سنڌ ۾ پڻ سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، جن جو دائرو صرف سنڌ تائين محدود هو. انهن جماعتن مان مکيه جماعتن جو احوال ڏجي ٿو.

سنڌ پيپلس پارٽي:

سنڌ پيپلس پارٽي 12 جون 1934ع ۾ قائم ٿي هئي. هن جماعت سنڌ جي سياست ۾ ڪافي حصو وٺڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ واري هئي، تنهنڪري هيءَ سياسي جماعت ٺاهي ويئي، هن جماعت جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

صدر                   سر شاهنواز ڀٽو

نائب صدر             الهه بخش سومرو

نائب صدر             ميران محمد شاهه

جنرل سيڪريٽري      حاتم علوي

جوائنٽ سيڪريٽري   جي ايم سيد - - - - (1)

هيءَ سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي هئي، جنهن جو سياسي دائرو صرف سنڌ تائين محدود هو.

سنڌ مسلم جماعت

سنڌ مسلم جماعت سر غلام حسين هدايت الله جي ڪوششن سان 19 آگسٽ 1936ع ۾ ٺهي. هن جماعت جو نصب العين سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺي سنڌ جي خدمت ڪرڻ هو. ايندڙ چونڊن لاءِ هن جماعت پنهنجون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون. جيئن اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، حڪومت بنائجي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار هئا.؛

صدر                   سر غلام حسين هدايت الله

نائب صدر             شيخ عبدالمجيد سنڌي

نائب صدر             خانصاحب نظير احمد

جنرل سيڪريٽري      قاضي خدا بخش وڪيل

خزانچي                مسٽر يار محمد - - - - - (2)

 

سنڌ آزاد پارٽي

سنڌ آزاد پارٽي شيخ عبدالمجيد سنڌي ٺاهي هئي. سنڌ آزاد پارٽي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ ۾ نمايان حصو ورتو هو ۽ سنڌ جي مسلم راءِ عامه کي هموار ڪيو هو. هر هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي ۾ سنڌ آزاد پارٽيءَ جون برانچون اڳي ئي ڪم ڪري رهيون هيون. هن تحريڪ جو  روح روان شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ ۾ سنڌ جي روزانه اخبار ”الوحيد“ جي ڪري سنڌ ۾ مقبول هو. سنڌ آزاد پارٽيءَ پنهنجو سياسي ميدان 1934ع ۾ هموار ڪرڻ شروع ڪيو. هن پارٽيءَ جي تبليغ جو هڪ پمفليٽ نموني طور ڏجي ٿو، جيڪو شيخ صاحب جاري ڪيو هو:

”جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان گهرن ٿا ته سنڌ ۾ حڪومت جي سرشتي کي پنهنجي اثر هيٺ هلائين. بي انصافين ۽ بي داد نگرين کي ٻنجو ڏين ته پوءِ انهن تي فرض آهي ته سنڌ آزاد پارٽيءَ جي اميدوار جي مدد ڪن. سنڌ آزاد پارٽيءَ جا اميدوار تڏهن ڪامياب ٿيندا، جڏهن عام ووٽر کي پارٽيءَ جو پروگرام سمجهايو ويندو، انهن ۾ اهو يقين پيدا ڪيو ويندو ته فقط سنڌ آزاد پارٽي ئي سندن تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ آزاديءَ سان لڙي سگهندي، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ووٽرن کي  بيدار ڪيو وڃي ۽ کين مفاد پرست اميدوارن کان بچايو وڃي.“ - - (1)

اڳتي هلي شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ مسلم  جماعت (غلام حسين هدايت الله واري) جو نائب صدر ٿيو، مگر جلدي وري الڳ ٿي سنڌ آزاد پارٽيءَ کي زندهه رکيو.

 

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن 16 مارچ 1884ع ۾ حسن علي آفنديءَ ٺاهي. ڪراچيءَ ۾ مسلمان زميندارن جي هڪ ميٽنگ سڏائي ويئي، جنهن جو صدر حسن علي آفندي ۽ سيڪريٽري الهه بخش اٻوجهو کي چونڊيو ويو. ”هن جماعت جو مقصد هو ته مسلمانن ۾ تعليمي چاهه پيدا ڪيو وڃي. هن جماعت جون شاخون لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور ۾ قائم ڪيون ويون“ . - - - -(1)

سنڌ مدرسي ۾ هن جماعت پنهنجي آفيس قائم ڪئي. سنڌ جي مسلمانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي تربيت ڏني. هن دور ۾ هندستان اندر ڪا به سياسي تنظيم ڪا نه هئي. آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ جي شاخ به سنڌ ۾ تمام دير سان قائم ٿي، جنهن ۾مسلمانن  گهٽ دلچسپي ورتي. سال 1904ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جماعت قائم ٿي ته سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جون همدرديون هن جماعت سان وڌڻ لڳيون ڇاڪاڻ ته هيءَ خالص مسلمانن جي جماعت هئي ۽ مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ٺاهي ويئي هئي، اڳتي هلي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو الحاق آل انڊيا مسلم ليگ سان ٿي ويو ۽ هيءَ جماعت سنڌ مسلم ليگ ۾ ضم ٿي.

 

سنڌ اتحاد پارٽي

تاريخ 31 آڪٽوبر 1936ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي  حاجي عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله، راءِ بهادر هوتچند چانڊومل، مسٽر ايواچنداڻي گڏاڻي، ڊينگو مل ٿڌاڻي گڏ ٿيا ۽ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جو بنياد وڌو ويو. سر غلام حسين جلد ان پارٽيءَ مان جدا ٿي ويو ۽ ساڳي مسلم پوليٽيڪل پارٽي ٺاهي.

 

ڊيموڪريٽڪ پارٽي

تاريخ 26 اپريل 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي جدا جدا پارٽين جي هڪ گڏجاڻي ٿي. سر غلام حسين جي پارٽيءَ ۾ ڪل 36 ميمبر هئا، جن مان 24 مسلمان ۽ 12 هندو هئا، انهن سڀني هڪ گڏيل پارٽي ٺاهي، ان جو نالو ”ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ رکيو. سنڌ اتحاد پارٽي مان  به ڪجهه ماڻهو هن پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيا. پارٽيءَ جو ليڊر سر غلام حسين هدايت الله ٿيو.

آزاديءَ کان پوءِ پهريون ويهن سالن ۾ ملڪي معاملن جي ڏس ۾ ڪيتريون اهڙيون سياسي ميٽنگنون، اجلاس يا ڪانفرنسون منعقد ٿيون، جن جي شيخ صاحب صدارت ڪئي، يا انهن ۾ خاص بهرو ورتو.

ون يونٽ خلاف مهم ۾ ته شيخ صاحب کي حڪومت گرفتار ڪيو. شيخ صاحب جي اها گرفتاري رائيگان نه ويئي ۽ ستت ئي ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ٿيو.

شيخ صاحب آزاديءَ کان پوءِ خاص طور تي جمهوريت جي بحاليءَ ۽ آئين لاءِ ڪافي پاڻ پتوڙيو. ”الوحيد“ اخبار ۾ ان ڏس ۾ ڪافي اداريه ۽ مضمون لکيائين. حڪومت خلاف مهم جي ڪري کيس حڪومت طرفان ”الوحيد“ جي خاتمي جي صورت ۾ سزا ڀوڳڻي پيئي.

شيخ صاحب هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن به وقت جي ڏاڍي کان ڏاڍي حڪومت آڏو نه جهڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هن هميشه تڪليفون ۽ سور سٺا پر سماج سڌار توڙي سياسي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو.

افسوس اهو آهي ته هن قد آور شخصيت جو آزاديءَ کانپوءِ حڪومت جي سطح تي ڪو مان نه ڪيو ويو، جنهن شخصيت ويهين صديءَ جي هر تحريڪ ويندي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پنهنجو رت ست وهايو ۽ ڀرپور جدوجهد ڪئي، تنهن جي ڪا پوئواري نه ٿي ۽ کيس آزاديءَ جو هيرو مڃڻ بجاءِ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو.

شيخ صاحب جي سياسي زندگي آخر تائين بي داغ رهي ۽ بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي 1978ع تي پڄاڻيءَ تي پهتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org