سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

باب ٽيون

 

الوحيد جو ڏکوئيندڙ خاتمو

 

اها انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن خلافت جي مسئلي ننڍي کنڊ ۾ روڄ راڙو مچائي ڇڏيو هو. ڌاريي تسلط جا مخالف ۽ محب وطن سنڌي اڳواڻ انهيءَ مسئلي ۽ موقعي کي غنيمت ڄاڻي سنڌ واسين کي قربانين ڏيڻ ۽ غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ لاءِ ذهني طور تي تيارڪري رهيا هئا. فرنگي سرڪار ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ ماڻهن کي رنگ نسل دين ڌرم ۽ ذات پات جي خانن ۾ ورهائڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪي هئي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته تنهن زماني ۾ سنڌ توڙي هند جا ماڻهو ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ جو نشانو بڻجي چُڪا هئا، پر اڻ ڳڻين اختلافن هوندي به سڀئي هڪ ڳالهه ۾ متفق هئا ته ڪيئن به ڪري سفيد وحشين مان جند ڇڏائي وڃي. انڪري هر هڪ پنهنجي پنهنجي دڳ تي هلي، اها منزل ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

سنڌي مسلمان به ساڳي تند تنواري رهيا هئا. ليڪن انهيءَ وقت ڪابه روزانه اخبار نه هئي، جا سندن جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري، ان زماني ۾ فقط سکر مان هڪ ”الحق“ اخبار شايع ٿيندڙ هئي، مگر هفتيوار هجڻ ڪري وقت جي هنگامي دور هن جي آواز جي ڪا شنوائي ڪانه ڪئي. ان کان سواءِ ”الحق“ هڪ خاص پاليسيءَ تي زندگيءَ جون منزلون طئه ڪري چُڪي هئي، وڌيڪ هلڻ لاءِ هن ۾ هڪ  وک کڻڻ جي به طاقت ڪانه هئي. - - - - - (1)

”الوحيد“ انهيءَ وقت سنڌي عوام جو آواز ٿي اڀري. ”خلافت تحريڪ“ کان وٺي سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ تائين ”سنڌ آزاد پارٽي“ کان وٺي ويندي ”مسلم ليگ“ تائين هن اخبار هر دور ۾ سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي باقوت ترجمان ٿي رهي. ليڪن اها ئي اخبار انهن هٿن سان بند ٿي، جن کي هن مضبوط ڪيو هو. اها اخبار جا فرنگي راڄ جو مقابلو ڪندي رهي، سا پنهنجن اڳيان بيوس ۽ مجبور ٿي پيئي. جڏهن عوام غلاميءَ جا  زنجير ٽوڙڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن آزاديءَ جي شمع بڻجي ڪم ڪيو. جڏهن عوام اڃا آزاديءَ جو لاڀ به نه پاتو ته هن اخبار کي غلام بڻايو ويو.

سر عبدالله هارون جي ذاتي ملڪيت کان وٺي ويندي ”صوبائي خلافت ڪاميٽي“ جي سپرد ٿيڻ تائين ”الوحيد“ عوام جو ساٿ ڏنو ۽ عوام ”الوحيد“ جو ساٿ ڏنو. ڏکئي وقت ”الوحيد“ عوام جي سار لڌي ۽ اوکي ويل عوام وري بکون ڪاٽي ۽ چندا ڀري به هن اخبار کي جاري رکيو. هيءَ اخبار غريب عوام ته هلائي سگهيو، پر جڏهن اميرن جي هٿ آئي ته نه هلي سگهي. جڏهن ”الوحيد“ لميٽيڊ ڪمپني ٿي ته ”الوحيد“ جي عوام سان ڪمپني ته نه رهي، ليڪن اها لميٽيڊ ضرور ٿي ويئي، تان جو سيپٽمبر 1956ع ۾ انهيءَ اخبارجي آفيس ان جي مشين ۽ هر ڪنهن شئي کي نيلام ڪيو ويو، جنهن ڪڏهن به قوم جي عزت نيلام ٿيڻ نه ڏني. (ڏسو، ڪتاب صفحو: 177)

 

الوحيد کي محفوظ ڪرڻ جو مسئلو:

روزانه الوحيد ڪراچي 15- مارچ 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ٿي. 1957ع ۾ بند ٿي. ان وچ ۾ اخبار مختصر مدتن ۾ پڻ بند ٿي. 36 سالن جي هن عرصي دوران ”الوحيد“ سنڌ جي ڪيترن ئي سياسي،  مذهبي ۽ سماجي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ کان علاوه سنڌ جي خاص طور برصغير جي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. انهيءَ وڏي عرصي دوران ”الوحيد“ ۾ سنڌ جي هڪ وڏي تاريخ سمايل آهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن وقت سنڌ ۾ صرف ميرپور بٺوري، ضلع ٺٽي ۾ محترم غلام محمد جوهر وٽ ”الوحيد“ جا مڪمل پرچا موجود آهن ۽ ٻئي نمبر تي ڪجهه پرچا سنڌالاجي ۾ آهن ۽ ڪجهه ٺُلهه ضلع جيڪب آباد ۾ سُجهن ٿا. غور طلب مسئلو هيءُ آهي ته الوحيد، جنهن کي اسان سنڌ جي تاريخ ساز اخبار چئون ٿا، اها اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ شايد موجود نه هجي ڇاڪاڻ ته ميرپور بٺوري ۾ اها اخبار بنا جُلدبنديءَ جي غيرمحفوظ طريقي سان موجود آهي ۽ ڊپ آهي ته ايندڙ چند سالن دوران اخبار مڪمل طور اڏوهي يا پني جي سڙي وڃڻ ڪري ختم ٿي ويندي. انڪري ضروري آهي ته ان مسئلي تي غور ڪيو وڃي ۽ هڪدم هن  سنڌ جي تاريخ ساز اخبار کي محفوظ ڪيو وڃي. محفوظ ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي طريقا ٿي سگهن ٿا:

1- سنڌالاجي يا ڪو ٻيو سنڌ جو قومي ادارو ان کي خريد ڪري پاڻ وٽ جلد بندي ڪرائي محفوظ ڪري.

2- يا محترم غلام محمد جوهر کي ايترو فنڊ ڏنو وڃي جو هو پاڻ وٽ ان کي جلدبند ڪرائي، ڪٻٽ خريد ڪري پوءِ ان ۾ محفوظ رکي. هن وقت جيتوڻيڪ محترم غلام محمد صاحب ريسرچ ڪرڻ وارن سان مڪمل تعاون ڪري ٿو، پر جلد بنديءَ ۾ مڪمل ترتيب نه هئڻ ڪري ريسرچ ڪرڻ واري کي نهايت تڪليف ٿئي ٿي ۽ ڏينهون ڏينهن اخبار جا پنا وڃن ٿا سڙندا.

تنهنڪري منهنجي سنڌ جي گَهڻگُهرن کي اپيل آهي ته هو الوحيد کي محفوظ ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻن ۽ سنڌ جي هن وڏيءَ تاريخ کي محفوظ ڪن.

 

الوحيد جو آزاد نمبر:

”الوحيد“ ، سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ ۾  ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان وقت ۾ ”الوحيد“ سنڌ هئي ۽ سنڌ ”الوحيد“ هئي. سنڌ جي بمبئي واري تحريڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ نه رڳو هن اخبار ۾ ايڊيٽوريل ۽ مضمون شايع ٿيا هئا، بلڪه سياسي ليڊرن جا بيان ۽ ”الوحيد“ جا هدايتي اشتهار به شايع ٿيندا هئا. تنهن دؤر ۾ جڏهن، ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جون گڏجاڻيون سڏايون ويون ته هن اخبار ان کي ڀرپور موني سان مشتهر ڪيو. سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ڪارڪردگيءَ ۽  شاخن جو تفصيلي احوال ان ۾ شايع ٿيندو هو.

جڏهن ماڻهن جي محنت ۽ محبت هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي ويئي ته هن اخبار جُون 1936ع ۾ ”آزاد نمبر“ ڪڍيو، جو ڪالهه جيان اڄ ۽ اڄ جيان سڀاڻي، سنڌي  ٻولي، علم، ادب ۽ صحافت جي تاريخ جي هڪ غيرفاني دستاويز جي حيثيت سان قبول ڪيو ويندو. هيءُ نمبر انگريزي / سنڌيءَ ۾ گڏ ڪڍيو ويو هو.

”الوحيد“ آزاد نمبر جو پهريون ڇاپو جُون، 1936ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو  سيپٽمبر 1979ع ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران ڇپرايو ويو هو.

سنڌ بمبئيءَ کان عليحده ٿي، جدا صوبي جي صورت ۾ 90 سالن جي ماتحتيءَ کان پوءِ پهرين اپريل 1936ع تي ننڍي کنڊ جي نقشي تي وري نروار ٿي. ”الوحيد“ جو سنڌ آزاد نمبر ان کان اڍائي مهينا پوءِ 15- جون، 1936ع تي شايع ٿيو.

”الوحيد“ جو هيءُ نمبر تاريخي معلومات ۽ عظيم صحافت جو هڪ لافاني يادگار آهي، جيڪو هر دور ۾ نئين نسل کي سنڌ بابت معلومات فراهم ڪندو رهندو.

ميران محمد شاهه مرحومَ، ”سنڌ جي عليحدگيءَ جي تاريخ جي عنوان سان خود هن پرچي جي صفحي 115 تي پنهنجي مضمون جِي هيٺين لفظن سان شروعات ڪئي آهي:

”حب وطن يا سليس سنڌيءَ ۾ ساڻيهه جي سڪ“ انسان جي خزانئه احساس جو بيش بهادُرِ يڪتا آهي. سنڌ جي مختصر تاريخ ڏيڻ، انهيءَ وقت جڏهن ان کي بمبئي جي  زندان مان رهائي ڏني وڃي ٿي، آئون لازمي ٿو سمجهان. جا نه فقط برادران وطن کي پنهنجي جوانان ملت جي ضمانت کان واقف ڪندي پر تاريخ سنڌ ۾ هڪ ورق زرين ٿي رهندي ۽ آئنده نسل لاءِ همت ۽ ڪوشش جو مثال پيش ڪندي.“

انهيءَ اهميت واري نمبر جو ٻيو ڇاپو جو واقعي معلومات ۽ صحافت جو هڪ يادگر آهي ۽ جنهن کي سچ پچ ته سنڌ جي تاريخ ۾ زرين باب جي حيثيت حاصل آهي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران سيپٽمبر 1979ع ۾ ڇاپيو ويو.

”الوحيد جو آزاد نمبر“ اصل ۾ صفحي جي 8/36-23 سائيز ۾ شايع  ٿيو هو. نئين ڇاپي لاءِ فوٽو اسٽيٽ ڇاپي جي سهوليت مان فائدو وٺندي صفحا 8/30-20 ننڍي سائيز جا ته ٿيا آهن پر ان سان انهن جي پڙهجي سگهڻ جي صورت تي ڪو خاص اثر ڪو نه پيو آهي. نئين ڇاپي ۾ اصل نمبر جا اٺ فل صفحا، جن تي رڳو تجارتي اشتهار هئا، شامل نه ڪيا ويا آهن. نئين ڇاپي جي ٻاهرين ڪور تي سنڌ جو چئن رنگن جو نقشو ڏنو ويو آهي جو پراڻي ڇاپي ۾ فقط خطي صورت ۾ ڏنل هو. پراڻي ڇاپي جو ڪور سادو هو ۽ ان تي لفظ ”الوحيد“ انهيءَ ئي سهڻي خطي صورت ۾ ڇپيل هو، جنهن صورت ۾ هن نئين ڇاپي جي ڪور تي اهو ڏنل آهي، اسين ڏيئي رهيا آهيون.

”سنڌ آزاد نمبر“ جو پهريون ڇاپو ڏهن هزار ڪاپين جي ايڊيشن ۾ ڇپيو هو. ان جو ٻيو ڇاپو تقريبن  چاليهن سالن کان پوءِ ٻن هزار ڪاپين جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. اميد اها آهي ته اسان جا پڙهيل، سمجهدار، محب وطن نوجوان ۽  بزرگ، شاگرد، سياسي ڪارڪن، سياست ۽ تاريخ جا محقق ۽ عالم هن مان جوڳو فائدو وٺندا.

”الوحيد جي آزاد نمبر“ ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آهي، ان جي فهرست مان اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان ۾ ڪيترو مواد آهي. ڪيڏي تاريخ سمايل آهي. ڪيڏي نه صحافتي خدمت اخبار سرانجام ڏني آهي.

مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ جي موضوع تي لکيل ناياب مضمون، شهر، مختلف تاريخي دورن جو احوال، سنڌ جي عليحدگيءَ جي تاريخ جو بيان، سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جو احوال، مذهب، سياست تاريخ، جاگرافي،  علم ۽ ادب تي لکيل مواد شامل آهي.

 

الوحيد آزاد نمبر جو ايڊيٽوريل

”خداوند تعاليٰ جا لک لک شڪرانا آهن، جنهن پنهنجي فضل و ڪرم سان آخرڪار اسان کي اها توفيق ڏني ته ”الوحيد“ جو خاص پرچو ”سنڌ آزاد نمبر“ اڄ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪري سگهون.

سنڌ جي تاريخ ۾ جنهن نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، جنهن دور جديد جي شروعات ٿي آهي، تنهن ۾ هڪ ڳالهه جو فائدو يقيني طور سان نظر اچي رهيو آهي ته هن کان پوءِ سنڌ جي سرڪار ۽ سنڌ  جي  قانون ساز مجلسن جا ميمبر پنهنجو سمورو وقت سنڌ جي بهتري ۽ ترقيءَ جي سوالن تي خرچ ڪري سگهندا. 93 سالن جي وڏي مدت کان پوءِ اهڙو موقعو سنڌ کي نصيب ٿي سگهيو، تنهن تي جيتريقدر به خوشيءَ جو اظهار ڪجي، اوتري قدر گهٽ آهي.

البت اسان کي معلوم آهي ته سنڌ سرڪار جي دفتر يعني سيڪريٽريٽ ۾ مسلمانن کي ڪافي تعددا ۾ نه رکيو ويو آهي. جنهن سبب مسلم قوم ۾ ڏک ۽ مايوسي پيدا ٿي آهي. پر اسان پنهنجي قوم کي اهو ئي عرض ڪنداسين ته جڏهن پنهنجو سياسي نظام قائم ڪري وٺندؤ، پنهنجي حقن لاءِ طاقتور اخبارون جاري ڪندؤ ۽ ايندڙ چونڊ ۾ آزاد خيال ۽ همدرد عوامي نمائندا چونڊي موڪليندؤ، تڏهن ڪنهن به حڪومت کي همت ڪونه ٿيندي جو اوهان سان بي انصافي ڪري سگهي.

سرڪاري نوڪرين ۾ مسلم قوم کي سندس جائز حصو ۽ حق ڏنو وڃي. تنهن ڳالهه تي جيتريقدر  زور ڏنووڃي اوتريقدر گهٽ آهي. پر انهيءَ سوال تي زور ڏيندي سنڌ جي بهتري ۽ ترقيءَ جي بنيادي سوالن کي هرگز نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. سرڪاري نوڪر  ڪير به هجن، هندو هجن، خواهه مسلمان، خواهه ڪرستان پر آخر اهي سرڪاري نوڪر آهن ۽ انهن کي سرڪاري قاعدن جي حدن اندر سڀني سان ساڳيو سلوڪ قائم رکڻو آهي. اهو سچ آهي ته اڪثر غيرمسلم سرڪاري نوڪرن ۾ پاسخاطريءَ جو جذبو موجود آهي ۽ مسلمانن جي قوم سان انهن جو سلوڪ چڱو نه رهيو آهي، پر ان جو سبب هيءَ آهي ته اسان وٽ نه آزاد خيال اخبارون آهن ۽ نه آزاد خيال عيوضي آهن ۽ نه آزاد خيال جماعتون آهن. جي انهن جي زيادتين کي بي ڊپائيءَ سان ظاهر ڪري سگهن. جيڪڏهن اسان جون اخبارون، قومي جماعتون ۽ عيوضي آزاد خيال هجن ته پوءِ ڪنهن به سرڪاري نوڪر کي زيادتي ڪرڻ جي همت نه ٿي ٿي سگهي ۽ ڇاڪاڻ ته اسان ۾ آزادي ۽ حق گوئيءَ جي همت نه آهي، تنهن ڪري حالت هيءَ ٿي آهي جو هندو ته هندو آهن پر اڪثر مسلمان سرڪاري نوڪر به مسلمانن جي قوم سان اهڙو ئي برتاءُ ڪندا آهن، جهڙو هندو ڪن ٿا.

اهڙي حالت ۾ هر قومي خيرخواهه جو فرض آهي ته پنهنجيءَ قوم مان بزدلي ۽ غلاميءَ جون لعنتون دور ڪري ۽ انهن ۾ خودداري ۽ آزاديءَ جو جذبو زندهه ڪري، انهن ۾ آزاد سياسي پارٽيون قائم ڪري. انهن جي آزاد اخبارن جي اشاعت ڪري، انهن جي ووٽرن کي سمجهائي ته آزاد خيال عيوضي چونڊي  موڪلين. تنهن کان پوءِ مسلمانن جي قوم کي انهيءَ ڳالهه تي ماتم ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي، ته ڇو ڪافي تعداد ۾ مسلمانن کي نوڪريون نه ڏنيون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اسان کي يقين آهي ته هڪ آزاد  راءِ ۽ آزاد خيال ۽ سجاڳ قوم سان نوڪرين خواهه ٻين سوالن ۾ ڪابه بي انصافي نه ٿي سگهندي.

تنهن کان سواءِ جي سوال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ سان تعلق رکن ٿا، تن جو هن ڳالهه سان ڪو واسطو ڪونهي ته ڪو سرڪاري نوڪري مسلم آهي يا غيرمسلم. سنڌ ۾ تنظيم جو واڌارو تعليم جي نموني ۾ سڌارو، ماڻهن جي تندرستيءَ جو سڌارو، ٻهراڙين ۾ ڪافي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جو قائم ڪرڻ، زراعت جا  طريقا سڌارڻ ۽ آبادگار فرقن جي مٿان قرضن جون مصيبتون دور ڪرڻ، انهن جي مالي حالت سڌارڻ، انهن کي وياج خورن ۽ سوسائٽيءَ جي ڳرن وياجن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، عملداري سرشتي کان ماڻهن کي بچائڻ، ماڻهن جي معاشرتي حالت سڌارڻ ۽ انهن قسمن جا ٻيا سوين سوال آهن، جي سرڪاري سرشتي جي اصلاح يا قومي زندگيءَ جي اصلاح سان تعلق رکن ٿا. جي وقت بوقت سنڌ  جي قانون ساز مجلس جي اڳيان ۽ ان جي چونڊيل وزيرن جي آڏو پيش ٿيندا رهندا. اسان جيڪڏهن سنڌ جي جدائيءَ تي خوش ٿيا آهيون ته فقط ان سبب جي ڪري جو هاڻي سنڌ جا ماڻهو ۽ انهن جا عيوضي ۽ انهن جي سرڪار، پنهنجو سمورو وقت انهن ڏکين مسئلن جي حل ڪرڻ تي لڳائي سگهندي.

هن خاص پرچي جي ڇپائي ۽ تيار ڪرڻ ۾ ”الوحيد“ وارن کي ڪهڙيون دقتون پيش ٿيون، سي بيان نه ڪجن ته بهتر آهي. روزانه اخبار جي ڪم لاءِ جدا ماڻهو رکڻو پيو ته جيئن مسٽر دين محمد وفائي صاحب پنهنجو سمورو وقت خاص پرچي تي ڏيئي سگهي. جدا انتظام ڪرڻو پيو ته جيئن خاص پرچن جي حفاظت ٿي سگهي. وڌيڪ ٽائيپ خريد ڪئي ويئي. وڌيڪ ڪمپازيٽر مقرر ڪرڻا پيا. ڪراچيءَ جي ٻين ڇاپخانن کان به مدد ورتي ويئي. فوٽن جا بلاڪ ٺهرايا ويا. خريدارن جو انتظام ڪرڻو پيو. مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. وري خدا جي قدرت جو ”الوحيد“ تي بدناموسيءَ جا به سڄا سارا ٽي مقدما انهيءَ عرصي ۾ داخل ٿيا. انهن پريشانين جي وچ ۾ ڪهڙيءَ طرح ممڪن هو جو خاص پرچو تيار ڪري مقرر وقت تي ڪڍيو وڃي. خطرو اهو هو ته اهو ڪم وچ ۾ ئي نه رهجي وڃي. پر پروردگار جا هزار هزار شڪرانا آهن، جنهن مشڪلاتن هوندي به اسان کي خيالن جي پختگي ۽ ايمان ۾ قوت ڏني ۽ اڄ جدا سنڌ جي يادگار ۽ ناچيز هديه پنهنجي طرفان پيش ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته آزاد سنڌ نه رڳو سنڌ لاءِ پر ساري هندستان لاءِ ترقيءَ ۽ برڪت جو پيش خيمه ثابت ٿئي.

اسان جيئن تيئن وڃي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. پر هاڻي سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجو فرض پروڙڻ ۽ ادا ڪرڻ گهرجي. اسان ڏهه هزار پرچا ڇپايا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين خريدارن جو تعداد چئن هزارن کان مٿي نه ٿيو آهي. باقي ڇهه هزار پرچا ڪنهن جي حوالي ڪريون؟ سچ پڇو ته چئن هزار پرچن مان اسان جي محنت جو اجورو ته ڇڏيو پر پورو خرچ به نه نڪري سگهندو. جي صاحب اسان جا خريدار ٿيا آهن، تن جي وطني ۽ قومي محبت جو جيترو به شڪريه ادا ڪجي سو  ٿورو آهي ۽ خاص طور انهن صاحبن کي جي نه فقط خود خريدار ٿيا آهن پر پنهنجي طرفان پنجاهه پنجاهه ڪاپيون خريد ڪيون اٿن ۽ ٻين کي به خريدار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو اٿن، تن کي اسان فقط  ”الوحيد“ لاءِ نه پر ساري سنڌ لاءِ پشت پناهه سمجهون ٿا ۽ اهي ئي صاحب آهن، جن جي خدمت ۾ اسان کي وري به عرض ڪرڻو آهي ته جيترا پرچا اهي خريد ڪري چُڪا آهن، اوترا جيڪڏهن ٻيا به خريد ڪن ته چئن هزارن بدران اٺ هزار پرچا يڪدم نيڪال ٿي سگهن ٿا، باقي ٻه هزار پرچا اسين ”الوحيد“ جي دفتر ۾ محفوظ رکنداسين ۽ انهن مان هر هڪ پرچي جي قيمت ڏهن روپين کان گهٽ نه وٺنداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org