1934ع ۾ جڏهن مسلم ليگ تحريڪ جي نئين دور جي ابتدا ٿي ته
قائداعظم ان جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي سنڌ
پاران شيخ صاحب کي ميمبر مقرر ڪيو، ساڳئي
طرح شيخ صاحب پهريان ٻه سال سنڌ صوبائي
مسلم ليگ جو صدر رهيو.
شيخ صاحب نه
رڳو ملڪي پر بين الاقوامي سياست جو وڏو
ڄاڻو ۽ ماهر هو. بين الاقوامي سياست جي
باري ۾ شيخ صاحب جي فهم ۽ ذهانت جو جناب
علي محمد شاهه راشدي پنهنجي هڪ مضمون ۾
هيٺيون نقشو چٽيو آهي:
” 1939ع ۾
ٻي عالمي جنگ شروع ٿي، هٽلر جرمني جو
ڊڪٽيٽر هو، جنهن جنگ شروع ڪئي، هونئن ته
روس ۽ ان جي ڪميونزم جي سخت برخلاف هو، پر
هن جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ چالاڪي ڪري، روس
سان صلح، تعاون، دوستي ۽ امن جو معاهدو
ڪري ورتو. روس ۽ جرمن ان معاهدي هيٺ
پولينڊ ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائڻ جو منصوبو
بڻايو هو ۽ اها ئي ڀيٽ هئي، جيڪا قبول
ڪري روس هٽلر کي پنهنجي طرفان بي فڪر ڪري
انگريزن ۽ فرانس سان جنگ ڪرڻ جو رستو
کولي ڏنو هو. جيڪڏهن هٽلر روس سان اهو
معاهدو ڪري روس واري جنگ نه ڇيڙي سگهي ها
ان جي معني اها ٿي ته هٽلر جي جنگي منصوبي
جو بنيادي پٿر اهو معاهدو هو.
جنگ جي
اعلان کان پوءِ هندستان جي سياسي پارٽين
انگريزن سان جنگ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾
سوچڻ شروع ڪيو، ڪانگريس هي سمجهيو ته
جرمني ۽ روس جي انهيءَ معاهدي کان پوءِ
هٽلر جي ڪاميابي ۽ انگريز جي شڪست يقيني
ٿي چڪي آهي ۽ انگريزن جي کٽڻ جو ڪو به
امڪان نه رهيو آهي، تنهنڪري ڪانگريس تڙتڪڙ
۾ مهاتما گانڌي جي مشوري سان پنهنجي
پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان پاليسيءَ
جو مول مقصد اهو هو ته هندستان کي هڪدم
آزاد ڪري ڪانگريس جي حوالي ڪري ڇڏي. ٻي
صورت ۾ ڪانگريس انگريز جي مدد ڪري ڪو نه
سگهندو. اکرن جي ڦير گهير جيڪا به هئي،پر
مطلب اهو ٿي نڪتو. قائداعظم محمد علي جناح
رحه دور انديش مدبر هو، ڪانگريس وانگر جوش
۾ اچي تڪڙي فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو
هو، تنهن ڪري هن صاحب ٻه ٽي ڀيرا پاڻ سوچڻ
۽ مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ کي حالتن جي
مطالعي ڪرڻ لاءِ موقعي ڏيڻ ۾ لائي ڇڏيا.
آخر مسلم ليگ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس
دهليءَ ۾ ڪوٺايائين. سنڌ مان، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، حاجي سر عبدالله هارون ۽
آءٌ وياسين. شيخ صاحب ۽ مان فتحپوري مسجد
جي سامهون ڪاروينش هوٽل ۾ گڏ رهياسين.
ميٽنگ ۾ اڃان ٻه ڏينهن هئا، ان وچ ۾
قائداعظم سان آئون ۽ حاجي عبدالله هارون
گڏياسين. پاڻ مون کي حڪم ڪيائين ته جنگ
جي باري ۾ مسلم ليگ جي ڪهڙي پاليسي هجي
تنهن موضوع تي ٺهراءُ لکي تيار ڪريان. ڪا
خاص هدايت ڪانه ڏنائين. صرف اهو چيائين ته
حالتون سامهون آهن، انهن تي نظر رکندي
مسودو تيار ڪر، مون کي اها خبر ڪا نه هئي
ته اهڙي اهم مسودي تيار ڪرڻ جو بار مون تي
وڌو ويندو. مون ساڻس هائوڪار ڪري اچي
ڪاروينشن هوٽل پهتس. اتي شيخ صاحب کي
صورتحال ٻڌايم ۽ کيس عرض ڪيم ته توهان
صلاح ڏيو ته آئون ڇا لکان، ڇو ته بين
الاقوامي حالات جي مون کي پنهنجي سر گهڻي
پروڙ ڪا نه هئي. شيخ صاحب هيءُ راءِ ڏني:
”مسلم ليگ
کي وچولي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي، نه
انگريزن سان دشمني جي ۽ نه اهڙي دوستيءَ
جي، جو اڳتي هلي پاسي موڙڻ جي گنجائش نه
رهي، جنگ ۾ ڪاميابي انگريز کي رهندي. ڪجهه
وقت کان پوءِ هٽلر ۽ روس پاڻ ۾ وڙهندا ۽
جنهن معاهدي کي اڄڪلهه جي دنيا ايتري قدر
پختو پئي سمجهي، سو ناپائيدار ثابت ٿيندو.
آخر ۾ انگريز ۽ روس پاڻ ۾ ملي وچ ۾ هٽلر
کي چيڀاٽي ڇڏيندا. تنهنڪري جنگ جي اهڙي
انتهائي انجام کي اڳيان رکندي پوءِ پنهنجي
پاليسي جو ٺهراءُ تيار ڪر.
مون انهيءَ
لائين تي ٺهراءُ جو مسودو تيار ڪري
قائداعظم جي اڳيان رکيو، جنهن مسودي کي
منظور ڪري، مون کي حڪم ڪيو ته ٻئي ڏينهن
ڪائونسل جي اجلاس ۾ اهو ئي ٺهراءُ پيش
ڪريان. ٻئي ڏينهن ٺهراءُ منهنجي نالي سان
پيش ٿي منظور ٿيو. ان ٺهراءَ جو ڪانگريس
جي ٺهراءَ سان مقابلو ڪري اڄ به فرق محسوس
ڪري سگهبو ته ڪير صحيح ثابت ٿيو.
”هاڻي غور
ڪريو..... هي ڳالهه جنگ ڇڙڻ کان ٻن ٽن
هفتن پوءِ جي آهي. ان وقت سارو عالم
(گانڌي، نهرو، روز ويلٽ، چرچل ۽ ٻيا ان
ڪڙيءَ جا ليڊر ۽ مفڪر، بين الاقوامي سياست
جا ماهر) هن بنياد تي ٿي هليو ته روس ۽
هٽلر جو معاهدو ڪڏهن ڪو نه ٽٽندو، ۽ اهي
ٻيئي طاقتون پڇاڙيءَ تائين گڏجي هلنديون،
پر سنڌ جي هڪ سياسي قلندر، يعني شيخ
عبدالمجيد سنڌي ڪيئي سال اڳ ۾ هتان ويٺي
ڏٺو ته اهو معاهدو قائم رهي نه سگهندو،
تنهنڪري فتح انگريز جي ٿيندي. اهو هو مقام
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو بين الاقوامي
سياست ۾.“ .........(1)
ريشمي رومال
واري تحريڪ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو حصو
تحريڪ جو پس
منظر: ملڪ جي آزاديءَ لاءِ افغانستان ۾ هڪ
جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾
وزارت ۽ قومي تنظيم قائم ڪرڻ لاءِ مولانا
محمود الحسن ۽ مهاتما گانڌيءَ جي
سربراهيءَ هيٺ اها حڪومت ٺاهي ويئي-
مولانا عبيدالله سنڌي وزارت ۾ وزير مملڪت
بنايو ويو. (1)
انقلابي
تحريڪ کي هلائڻ لاءِ پيسا جمع ڪيا ويا.
”ميمڻ چوهستاني بمبئي واري، سيٺ عبدالله
هارون ڪراچيءَ جي ۽ سيٺ جمال احمد مدراس
واري هن فنڊ ۾ دل کولي حصو ورتو. (2)
هن انقلاب
لاءِ منصوبو بنايو ويو، ترڪيءَ کي
افغانستان جي رستي کان هندستان تي حملو
ڪرايو وڃي. انهيءَ لاءِ ڪوئيٽا. قلات،
خيبر ۽ اڌڪي حملي جا مرڪز بنايا ويا.
مولانا محمودالحسن سنڌ مان، مولانا
عبيدالله سنڌي، مولوي محمد صادق سنڌي ۽
مولانا عبدالله لغاريءَ کي هدايت ڪئي
ويئي، جن مخفي طرح سان پورو هڪ سال تحريڪ
هلائي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ سنڌ ۾ پير
جهنڊي جي ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هن حڪومت
برطانيه جي سي آءِ ڊي جي نظرن کان پاڻ کي
لڪائي ٽن کان چئن مهينن تائين تحريڪ جي
تبليغ ڪئي. (3) جتي هن سان شيخ عبدالرحيم
۽ شاهه بخش لاشاري گڏ هئا. بغاوت جون
صلاحون ۽ مشورا گهڻو ڪري ڳوٺ پير جهنڊو
شريف ۾ ٿيندا هئا. (4)
مولانا
سنڌيءَ جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ته خرچ جي
لاءِ ئي پير جهنڊو جي گهر واريءَ پنهنجا
سونا زيور کيس ڏنا ۽ جڏهن مولانا ڪابل
ڏانهن روانو ٿيو تڏهن شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ کيس قيمتي رايا ڏنا (5)
جلاوطن
حڪومت ترڪيءَ ۽ روس سان پنهنجا تعلقات
قائم ڪيا، انهيءَ مقصد لاءِ مولانا
عبيدالله سنڌي تاريخ 9 سيپٽمبر 1916ع ۾
مولانا محمودالحسن کي هندستان ۾ خط لکيو ۽
اهو خط ميان انصاري جي هٿ اکرن سان لکيو
ويو. سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم کي حيدرآباد
ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ شيخ عبدالرحيم کي
چيو ويو ته اهو خط سلامتيءَ سان مولانا
محمود الحسن کي مڪي روانو ڪري. اهو خط
ڳاڙهي ريشمي رومال تي لکيو ويو هو. ريشمي
خط عبدالحق کي ڏنو ويو، جنهن اهو خط حق
نواز کي ڏنو ته هو ساڳيو خط غلام محمد کي
پهچائي، جيڪو بعد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
جي حوالي ڪري ۽ جڏهن شيخ عبدالمجيد اهو خط
حاصل ڪري اڳتي رواني ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو ته عين ان وقت کيس انگريزن جي سپاهين
قيد ڪيو (1)
هن منصوبي
جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ هندستان جي حڪومت،
افغانستان جي حڪومت سان احتجاج ڪيو ۽
افغانستان جي حڪومت کي چيو ويو ته هو
انقلابي رهنمائن جهڙوڪ، مولانا محمد ميان
انصاري ۽ مولانا سيف الرحمان کي ڪابل مان
ڪڍي ڇڏي ۽ باقي مولانا سنڌيءَ ۽ سندس
پوئلڳن کي جيل موڪليو وڃي.
هن منصوبي ۾
شامل ليڊرن کي حڪومت گرفتار ڪري ورتو.
انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به هو، جنهن کي
ٽي سال رتنا گر جيل ۾ 1916ع کان 1919ع
تائين قيد ۾ رکيو ويو- (2)
خلافت تحريڪ
خلافت تحريڪ
۾ شيخ صاحب جو ڪردار ۽ ڪم اهم تاريخي
حيثيت رکي ٿو. شيخ صاحب ان تحريڪ دوران
ڪافي ڀيرا جيلن ۾ ويو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا
دورا ڪيائين. خلافت تحريڪ جو ٻه ڀيرا صدر
چونڊيو ويو. سنڌ خلافت پاران ”الوحيد“
اخبار، جاري ٿي ته پاڻ ان اخبار جو ايڊيٽر
ٿيو ۽ اخبار سان ڪئين سال ناتو قائم
رکيائين ۽ پوءِ ان دور جي سياسي تاريخ ۾
شيخ صاحب ۽ ”الوحيد“ جو ڪردار ائين قائم
ٿي ويو هو جو اسان جڏهن به 1920ع کان
1935ع تائين جنهن به سياسي تحريڪ جو
مطالعو ڪنداسين ته اسان کي ان ۾ شيخ صاحب
۽ ”الوحيد“ نظر ايندا ئي ايندا ۽ ڪا به
تحريڪ اسان کي شيخ صاحب ۽ ”الوحيد“ کان
سواءِ اڻ پوري نظر ايندي.
هتي اسان
خلافت تحريڪ ۾ شيخ صاحب جي سياسي ڪردار تي
بحث ڪنداسين، ان لاءِ پهريائين خلافت
تحريڪ جو احوال ايندو ته جيئن پوءِ ان ۾
شيخ صاحب جي ڪردار کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
خلافت تحريڪ
جو پس منظر
انگريز
هميشه مسلمانن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا
هئا. برصغير ۾ خاص طرح ۽ يورپ ۾ عام طور
انگريز، مسلمانن جي خلاف هڪ تحريڪ هلائي
رهيا هئا ۽ انهيءَ تحريڪ جي پسمنظر جو
خاص نشانو خلافت عثمانيه کي ختم ڪرڻ هو،
ڇاڪاڻ ته خلافت عثمانيه، يورپ کنڊ ۾
عيسائين جي خلاف جهاد ڪيو هو، جنهن ۾
اسلامي سلطنت جون حدون وسيع ٿي ويون هيون.
يورپي طاقتن ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به طريقي
سان مسلمانن کي يورپ کنڊ مان ڪڍيو وڃي.
انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين طاقتن
به گڏجي انهيءَ ثواب کي حاصل ڪرڻ لاءِ
صلاح مشورا ڪيا.
روس به
خلافت عثمانيه کي مرد بيمار ٿي سمجهيو، سو
هن فرانسيسين ۽ انگريزن سان ان کي ختم ڪرڻ
۾ ساٿ ڏنو. 1912ع ۾ ترڪيءَ خلاف هنن طاقتن
جنگ شروع ڪئي، جيڪا بلقان جي نالي سان
مشهور آهي. جنگ جو اصل مقصد ترڪيءَ جي
خلافت کي ڪمزور ڪري. ان جي وجود کان يورپ
کي پاڪ ڪرڻ هو ۽ ايشيا کنڊ ۾ ان جي مختلف
حصن کي الڳ ڪري مسلمانن جي هن مضبوط مرڪز
کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ هو. يورپ ۾ تُرڪن جي خلاف
جنگ جا شعلا ڀڙڪي اٿيا.
يونان ۾
مسلمانن جو قتل عام شروع ٿي ويو. مسلمان
انهيءَ لاءِ پريشان هئا ته يونان جي
مسلمانن جو قتل عام بند ٿئي. ٻئي طرف جرمن
۽ انگريز هڪٻئي کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هئا.
جيئن ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ نه رهي سگهندا
آهن. دنيا ۾ مظلوم عوام تي قبضي ڪرڻ لاءِ
ٻنهي هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ٿي
ڪئي. سن 1914ع ۾ پهرين جنگ عظيم شروع ٿي
ويئي، جنهن ۾ هڪ طرف انگريزن جا اتحادي ته
ٻئي طرف جرمن هو.
1914ع ۾
ترڪي انگريزن جي مقابلي ۾ جرمن جي ساٿ ۾
شامل ٿي ويو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف جرمني ۽
ترڪي هئا ته ٻئي طرف وري برطانيا ۽ سندس
اتحادي. هندستان جي مسلمانن جون همدرديون
ترڪيءَ جي خلافت سان هيون، جنهن ڪري
هندستان مان علي برادران ۽ سندن ساٿين
ترڪيءَ جي سلطان جي حمايت جو اعلان ڪيو
مسلمانن ۾ انگريزن جي خلاف سخت نفرت پيدا
ٿي. مگر مسلمانن ۾ سياسي تنظيم جو فقدان
هو. مسلمانن لاءِ پنهنجي جذبات جي اظهار
يا برطانيا حڪومت خلاف ڪا تحريڪ هلائڻ
لاءِ مضبوط سياسي جماعت جو هئڻ ضروري هو.
مسلمانن جي مسلم ليگ جماعت ان وقت بي زبان
۽ حڪومت جي وفادار هئي..... (1)
- - - - -
(1) انهيءَ جنگ دوران انگريزن جو مصر ۽
سوڊان تي قبضو ٿيو، ترڪيءَ جي سلطان جو
نائب، جيڪو مصر ۽ سوڊان ۾ رهندو هو، تنهن
انگريزن سان ڳجهو عهد نامو ڪيو ته هو
سلطان ترڪيءَ جو ڪو به حڪم نه مڃيندو،
جيڪو انگريز حڪومت جي خلاف هوندو.
انگريزن سان
وفاداريءَ جي عيوض کيس ڪافي پئسا ڏنا
ويندا هئا. آخرڪار اهڙن غدارن کي لالچائي
هڪ وڏي اسلامي سلطنت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو
ويو. ترڪيءَ جي سلطنت کي شڪست ڏيڻ ۾ عربن
جو وڏو هٿ هو.... (2)
جنگ دوران
انگريزن، عربن کي قوميت جو نعرو ڏنو ته
عربن هميشه ٻين ملڪن تي حڪومت پئي ڪئي
آهي. عرب ڪڏهن به ٻي قوم جا غلام ٿي نه
رهيا آهن ۽ ترڪي به عربن جي غلاميءَ ۾ رهي
آهي، انهيءَ لاءِ عربن کي کپي ته هو
پنهنجي سلطنت قائم ڪن ۽ انگريز حڪومت، حق
خود اراديت وٺڻ وارن جي ڀرپور مدد ڪندي.
انگريزن مڪي جي گورنر شريف حسين کي لالچ
ڏني ته جيڪڏهن هو ترڪيءَ جي خلاف بغاوت
ڪري ته کين بادشاهه بنائڻ ۾ مدد ڪئي
ويندي. اهڙيءَ طرح شريف حسين کي خلافت جي
دعويٰ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. انگريزن جي
انهيءَ اشاري تي شريف حسين ترڪيءَ جي
خلافت کان بغاوت ڪئي ۽ خود مختياريءَ جو
اعلان ڪيو. انگريزن جي کيس پشت پناهي حاصل
هئي. انهيءَ انگريزن جي سازش جي پڙلاءَ
پوري هندستان جي مسلمانن کي بيچين بنائي
ڇڏيو، اهڙيءَ طريقي سان پنهنجي خلافت جي
مرڪز کي بچائڻ لاءِ تحريڪ شروع ٿي ويئي.
انگريزن ان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترن
ليڊرن کي گرفتار ڪيو. هندستان جا مسلمان
ترڪيءَ جي خلافت سان عقيدت رکندا هئا.
”اهڙيءَ طرح برٽش سلطنت جي مسلمان علائقن
مان برطانيه سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته
مسلمانن جي پاڪ جاين جي حفاظت ڪئي وڃي ۽
ترڪي جا اهي علائقا جيڪي اتحادين پاڻ ۾
مال غنيمت طور قبضي ۾ ڪيا آهن، اهي
ترڪيءَ کي واپس ڪيا وڃن.“- - - (1)
”ساڳيو
مطالبو باربار هندستان جي مسلمانن پاران
به ٿيندو رهيو، ڇاڪاڻ ته پهرين جنگ عظيم ۾
مسلمانن انهيءَ شرط تي انگريز سرڪار جي
مدد ڪئي هئي ته جنگبندي بعد ترڪي سلطنت کي
ساڳي صورت ۾ رکيو ويندو ۽ مسلمانن جي پاڪ
جاين کي نقصان نه رسايو ويندو. مگر جڏهن
انگريز حڪومت جي نيت کان مسلمان واقف ٿيا
ته هندستان ۾ مسلمانن جي اڳواڻن مولانا
محمد علي ۽ شوڪت علي خلافت جي بچاءَ لاءِ
هندستاني اڳواڻن کي گڏجاڻي ڪرڻ جو سڏ ڏنو“
- - - -(2)
سن 1919ع ۾
سڀ کان پهريائين لکنؤ ۾ آل انڊيا ڪانفرنس
سڏائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو
ويو ته 17 آڪٽوبر 1919ع جي ڏينهن سڄي
هندستان ۾ ترڪيءَ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون
گهريون وڃن ان کي پهريون ”خلافت تحريڪ جو
ڏينهن“ چيو وڃي ٿو.
انگريز
حڪومت اهڙي ڏينهن ملهائڻ جي خلاف هئي. سنڌ
۾ جان محمد جوڻيجي پنهنجي بنگلي جي سامهون
عام جلسو ڪوٺايو ۽ وڏي ڌام ڌوم سان اهو
ڏينهن ملهايو. مسلمانن جي اهڙي جذبات کي
محسوس ڪندي مهاتما گانڌي به مسلمانن جي
حمايت جو اعلان ڪيو.
تاريخ 20
مارچ 1919ع ۾ دهليءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي
گڏيل خلافتي جلوسن تي پوليس فائرنگ ڪئي،
انهيءَ جلوس ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب پڻ شريڪ
هو. اها واحد تحريڪ هئي، جنهن دوران هندو-
مسلم مڪمل طور اتحاد پيدا ڪري چڪا هئا.
14- اپريل
1919ع تي سڄي هندستان ۾ هندن ۽ مسلمانن
هڙتال ڪئي، ائين خلافت ڪاميٽين جون
گڏجاڻيون
۽ احتجاجي جلسا هر هنڌ منعقد ٿيڻ
لڳا.
دهلي خلافت
ڪانفرنس:
تاريخ 23
نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ پهرين خلافت
ڪانفرنس منعقد ٿي. هن ڪانفرنس ۾ مسٽر
گانڌيءَ به شرڪت ڪئي. گانڌي خلافت ڪانفرنس
۾ تقرير ڪري مسلمانن تي زور ڏنو ته هو
حڪومت سان عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪن،
جيئن سرڪار به خلافت جي سلامتيءَ وارو
مطالبو قبول ڪري. هن ڪانفرنس ۾ مسلمانن،
هندن کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دهلي
خلافت ڪانفرنس ۾ پوري هندستان جي ڪُنڊ
ڪُڙڇ مان مسلمان اڳواڻن شرڪت ڪئي. ”سنڌ
جي هيٺين اڳواڻن دهلي خلافت ڪانفرنس ۾
شرڪت ڪئي هئي، مولانا تاج محمود امروٽي،
پير تراب علي شاهه، جان محمد جوڻيجو، شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ سيٺ عبدالله هارون - -
(1)
دهلي
ڪانفرنس ۾ هڪ مرڪزي خلافت ڪاميٽي قائم ڪئي
ويئي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به ميمبر
چونڊيو ويو. انهيءَ کان علاوه سيٺ عبدالله
هارون جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽي
قائم ڪئي ويئي.
ان ۾ به شيخ
صاحب ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
الوحيد
اخبار جو اجراءُ:
سنڌ ۾ ڪا به
اهڙي اخبار ڪا نه هئي، جيڪا انهيءَ تحريڪ
کي اڳتي وڌائي ۽ خلافت تحريڪ جي ترجماني
ڪري سگهي. انهيءَ وقت ۾ خلافت تحريڪ زور
شور سان جاري هئي. سنڌ ۾ مسلمانن جو ايڏو
آواز ڪونه هو، جيڪو عوام کي تحريڪ ۾ شريڪ
ڪري ۽ آزادي جي جدوجهد کي اڳتي وڌائي.
مسلمانن جو خليفو سلطان عبدالوحيد اڃا
موجود هو، ان جي خلافت کي قائم رکڻ لاءِ
هندستان ۽ سنڌ جا مسلمان اٿي کڙا ٿيا. شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ خلافت تحريڪ جي سندس
ساٿين گڏجي فيصلو ڪيو ته هڪ اخبار جاري
ڪجي ۽ مسلمانن جي نالي سان ان جو نالو
رکجي. اهڙي ريت عبدالوحيد جي نالي سان
”الوحيد“ اخبار جاري ڪئي ويئي. قاضي
عبدالرحمٰن ان جو پهريون ايڊيٽر مقرر
ٿيو.
اخبار 1919ع
۾ جاري ٿي ۽ تحريڪ کي زور وٺائڻ شروع ڪيو.
هن اخبار حڪومت خلاف لکڻ شروع ڪيو ته
حڪومت اخبار کي انڊيا پريس ايڪٽ تحت بند
ڪرڻ جو حڪم ڪيو. شيخ صاحب ۽ سندس ساٿين
مجبوريءَ سبب قانونن جون ضرورتون پوريون
ڪري ”الوحيد“ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس جو
بنياد وڌو ۽ 1920ع ۾ اخبار وري جاري ٿي.
اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمٰن کي باغي
مضمون ڇاپڻ ڪري جيل ۾ موڪليو ويو. قاضي
عبدالرحمٰن جي جيل ۾ وڃڻ ڪري شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ اخبار جي ايڊيٽريءَ جا
فرائض سنڀاليا، مگر جلد ئي شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ صاحب کي 1921ع ۾ حڪومت قيد ڪيو.
شروع ۾ اخبار سيٺ حاجي عبدالله هارون جاري
ڪرائي پر بعد ۾ ان کي سنڌ صوبائي خلافت
ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو. جيڪا شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ هلي.
بمبئي خلافت
ڪانفرنس:
آل انڊيا
ڪانفرنس بمبئي ۾ سڏائي ويئي. هيءَ ڪانفرنس
تاريخ 15، 16، 17 فيبروري 1920ع ۾ منعقد
ٿي. صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ ڪئي. هن
ڪانفرنس ۾ ترڪي خلافت جي حمايت ۾ ڪئين
ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. آخر ۾ خلافت تحريڪ
جي اڳواڻن خاص طور تي غلام محمد ڀرڳڙي ۽
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي خراج تحسين پيش
ڪيو ويو، جن خلافت تحريڪ لاءِ خدمتون
سرانجام ڏنيون آهن.
سنڌ خلافت
ڪانفرنس لاڙڪاڻو:
تاريخ 7، 8،
9 فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ صوبي سنڌ جي
خلافت ڪانفرنس زير صدارت پير رشدالله شاهه
جهنڊي واري جي منعقد ٿي. هيءَ ڪانفرنس
جيڪا 3 ڏينهن هلي، تنهن ۾ هندو ۽ مسلمان
شريڪ ٿيا. ڪانفرنس ۾ خلافت تحريڪ کي هلائڻ
لاءِ سنڌ خلافت ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن ۾
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي پڻ ميمبر طور
کنيو ويو. تاريخ 20 مئي 1920ع ۾ سنڌ خلافت
ڪاميٽي کي نئين سر منظم ڪيو ويو. سنڌ مان
مرڪزي خلافت ڪاميٽي لاءِ کنيل ميمبرن ۾
شيخ صاحب پڻ شامل هو.
عدم تعاون
جي تحريڪ:
12 مئي
1920ع تي مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جو هڪ
اجلاس بمبئيءَ ۾ منعقد ٿيو. انهيءَ اجلاس
۾ عدم تعاون تحريڪ جي پروگرام کي آخري شڪل
ڏني ويئي. سنڌ مان حاجي عبدالله هارون،
مولانا محمد صادق، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
ڊاڪٽر شيخ نور محمد شرڪت ڪئي.“ - - - (1)
عدم تعاون
جي تحريڪ ۾ اهو شامل هو ته اعزازي عهدا،
خطاب ۽ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان
استعيفائون ڏنيون وڃن. پوليس ۽ ملٽريءَ ۾
ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪيو وڃي ۽ حڪومت کي
ڪا به ڍل يا ٽيڪس نه ڏنو وڃي“ - - - - (2)
عدم تعاون
جي تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان
جا جلسا ٿيڻ لڳا. عدم تعاون جي تحريڪ ۾
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ لڳا.هر هڪ جلسي ۾
هندو ۽ مسلمان گڏ هوندا هئا. اهڙيءَ طرح
عدم تعاون تحريڪ ۾ مسلمان ۽ هندن جو مثالي
اتحاد اڃا به مضبوط ٿي رهيو هو. هر هنڌ
جلسا ٿي رهيا هئا، هر جلسي کي مسلمانن ۽
هندن گڏجي ٿي خطاب ڪيو. شيخ عبدالمجيد
سنڌي پڻ سنڌ جي ٻين ليڊرن سان گڏجي مختلف
جلسن کي خطاب ڪيو ۽ عدم تعاون جي تحريڪ کي
زور وٺرايو ۽ خلافت ڪاميٽين جي مختلف جلسن
۽ جلوسن جي ذريعي ان تحريڪ ۾ جان وجهي
ڇڏي.
تاريخ 12
مئي 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جنهن
جو شيخ صاحب ميمبر هو، گورنر جنرل کي شملا
۾ درخواست پيش ڪئي. انهيءَ درخواست ۾ چيو
ويو ته : ” برطانيه سرڪار کي گذارش ٿي ڪجي
ته ترڪي خلافت جيڪا مسلمانن جي بادشاهت
آهي، ان سان جنگي ملڪ وارو برتاءُ نه ڪيو
وڃي، ڇاڪاڻ ته ترڪ بادشاهت خلافت جا
فرائض ادا ڪري ٿي. حڪومت جو اهو فرض آهي
ته ترڪن سان برتاءُ ڪرڻ وقت مسلمانن جي
جذبات کي مدنظر رکيو وڃي.“ - - - (1)
هيٺين عالمن
۽ اڳواڻن درخواست تي صحيحون ڪيون:
سيٺ حاجي
عبدالله هارون ڪراچي، مولانا تاج محمود
امروٽي، امين الدين منشي حيدرآباد، شيخ
عبدالمجيد سنڌي ايڊيٽر الامين حيدرآباد،
محمد خان غلزئي ڪراچي، ڊاڪٽر ايم- اي احمد
ڪراچي، مولوي اسدالله شاهه حسيني ٽکڙ،
مولوي محمد صادق ڪراچي، جان محمد جوڻيجو
لاڙڪاڻو، مولوي پير رشدالله شاهه پير
جهنڊو، مولوي حڪيم فضل محمد نوشهروفيروز،
مولوي محمد صديق حڪيم مورو، حاجي احمد علي
المجاده ڊيگاڻ ٿرپارڪر“ - - - -(2)
تاريخ 22
جون 1920ع ۾ مرڪزي خلافت ڪاميٽي وائسراءِ
هند کي درخواست ڪري گهر ڪئي ته ترڪن سان
صلح جي شرطن ۾ نرم رويو ۽ سٺو برتاءُ ڪيو
وڃي. سنڌ جي هيٺين ماڻهن ان تي صحيحون
ڪيون:
سيٺ حاجي
عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي،
منشي امين الدين، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد
اسدالله شاهه ٽکڙائي، مولوي محمد صادق،
جان محمد جوڻيجو، پير رشدالله شاهه جهنڊي
وارو، محمد هاشم مخلص، مولوي عبدالخالق
خليق مورائي“ - - - - (3)
اهڙيءَ طرح
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ خلافت جا جلسا منعقد
ٿيا. احتجاجي قراردادون پاس ٿيون ۽ ماڻهن
اسلامي خلافت جي بچاءَ لاءِ پنهنجن جذبن
جو اظهار پئي ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ شيخ
عبدالمجيد سنڌي پڻ نه صرف تحريرن ذريعي پر
تقريرن ذريعي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي احتجاج
ڪيو، ماڻهن کي احتجاج تي اڀاريو ۽ وڏي
جدوجهد ڪئي، خلافت جي انهن جلسن مان هتي
ڪن شهرن ۾ منعقد ٿيل ڪجهه جلسن جو ذڪر ڪجي
ٿو جن کي شيخ صاحب خطاب ڪيو.