سنڌ جي
جدائيءَ کان پوءِ 1936ع ۾ صوبائي اليڪشن
ٿي، بعد ۾ 39-1938ع ۾ ڪانگريس حڪومت ٺهي ۽
ان استعيفا ڏني. 1939ع ۾ مسلم ليگ يوم
نجات ملهايو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلمانن جي
الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ۽ 1940ع ۾ قرارداد
لاهور پيش ٿي. 1939ع کان 1945ع تائين ٻي
جنگ عظيم جا اثرات رهيا، پاڪستان جي حصول
جي جدوجهد لاءِ سنڌي پريس سخت نوٽس ورتو.
1937ع ۾
هفتيوار ”انقلاب“ ۽ جيڪب آباد مان هفتيوار
”مسلم ليگ“ 1938ع ۾ جاري ٿي ۽ 1939ع ۾ ختم
ٿي.
اوحدي صاحب
”مسلم ليگ“ جي بند ٿيڻ بابت لکي ٿو:
”منهنجي ڇڏي
اچڻ ۽ اخبار جي بند ٿيڻ جو اصلي سبب هو
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مخالفت. شيخ صاحب
صوبه سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري هو ۽
”الوحيد“ جو مالڪ ۽ مختيار به. سندس مرضي
هئي ته سنڌ مسلم ليگ جي ترجماني جا فرائض
صرف ”الوحيد“ بجا آڻي.“ - - - (1)
1938ع ۾
هفتيوار ”نيو ڀارت“ اخبار جاري ٿي، جنهن
جو ايڊيٽر ڦيرومل هو. ساڳي سال اخبار
”علم“ ڪراچيءَ مان پير الاهي بخش جاري
ڪرائي.
لعل چند امر
ڏني مل 1938ع ۾ هفتيوار اخبار ”سندري“
جاري ڪئي، جيڪا 1952ع تائين نڪرندي رهي.
”سندر ساهت
منڊل“ پاران ساڳي سال ٻارن جو رسالو ”گل
ڦل“ جاري ڪيو ويو، جيڪو 1947ع تائين
نڪرندو رهيو ۽ ساڳي نالي سان ماهوار
رسالي جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
پاران نڪري ٿو.
1939ع ۾
ڪراچيءَ مان مولوي شفيع ”مجاهد“ رسالو
جاري ڪيو، جيڪو ڪجهه سال هليو.
1940ع ۾
ڪافي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيون، خاص
طور:
- - - ڀارت
جيون ساهتيه منڊل (حيدرآباد پاران)
ڄيٺانند لعلواڻي رسالو ”ڀارت جيون“ جاري
ڪيو. مولائي شيدائي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي
جهڙن ليکڪن جا مضمون ان ۾ ڇپبا هئا.
- - - -
”الجماعت“ (شڪارپور) سرپرست پير ڀرچونڊي
شريف جو سجاده نشين پير عبدالرحمان ۽
ايڊيٽر سيد صدرالدين شاهه هو.
- - -
روزانه ”آزاد“ سرپرست حاجي الهه بخش سومرو
۽ ايڊيٽر مولانا چشتي هو بعد ۾ هن اخبار
جا مولانا دين محمد وفائي ۽ مولائي شيدائي
به ايڊيٽر ٿيا. هيءَ اخبار اڳتي هلي
هفتيوار اخبار ٿي. اڃا تائين علي نواز
وفائيءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪري ٿي.
1941ع جو
سال اخبارن ۽ رسالن لاءِ سازگار سال هو.
هن سال به ڪافي رسالا ۽ اخبارون ڪڍيون
ويون.
- - -
”هندو سماچار“ هن سال جاري ٿيندڙ اخبارن ۾
نمايان هئي. ريجهو مل آگناڻي هن جو ايڊيٽر
هو.
ساڳئي سال
لاڙڪاڻي جي ”سنڌ سڌار“ سوسائٽيءَ پاران
”ادب“ سنڌي رسالو جاري ٿيو.
انهيءَ سال
قمبر مان هفتيوار ”طوفان ميل“ ۽ شهدادڪوٽ
مان ماهوار ”الهمايون“ ۽ ”الاسلام“ جاري
ٿيا.
- - -
1941ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ماهوار
”عبرت“ رسالو جاري ڪيو، جيڪو 1946ع ۾
هفتيوار بڻيو ۽ هيءُ رسالو 1959ع ۾ قاضي
برادران پاران خريد ڪرڻ کان پوءِ کيس
روزانه اخبار جي صورت ڏني. عبرت پهرين
قاضي اڪبر مرحوم ۽ قاضي عابد گڏجي ڪڍندا
هئا پر 1970ع ۾ قاضي اڪبر پاران، اليڪشن
هارائڻ کان پوءِ ٻنهي علحدگي اختيار ڪئي-
- - - روزانه ”عبرت“ هاڻي حيدرآباد مان
شان شوڪت سان نڪري ٿي.
- - - ساڳئي
سال محمد اسماعيل زرگر هفتيوار رسالو
”ٽالپر“ جاري ڪيو.
- - -
ساڳئي سال مولنا خير محمد نظاماڻيءَ جي
ادارت هيٺ روزانه ۽ هفتيوار اخبارون ”باب
الاسلام“ ”عازي“ ۽ ”عوام“ نڪرڻ لڳيون.
1942ع ۾
ميرپور خاص مان هفتيوار ”جنم ڀومي“ رسالو
جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر هرداس پريمچند
واسواڻي هو.
- - - 1939ع
۾ موتي تيج ڀاونداس، فلمي ادب کي مقبول
بنائڻ لاءِ ”فلمستان“ رسالو جاري ڪيو.
1945ع ۾
”سوراج“ شڪارپور جي جواب ۾ آغا بدرالدين
سکر مان روزانه ”انقلاب“ جاري ڪئي.
1944ع ۾
حيدرآباد مان روزانه ”هلال پاڪستان“ اخبار
جاري ٿي. رحيم داد مولائي شيدائي ان جو
ايڊيٽر هو، جيڪا اڳتي هلي پ پ پ پوءِ شيخ
سلطان ٽرسٽ جي سهاري جاري آهي.
ساڳئي سال
سرڪار پاران ”مهراڻ“ اخبار جاري ٿي. 1948ع
۾ بند ٿي. وري 1955ع ۾ جاري ٿي، عثمان علي
انصاري، دين محمد وفائي، لعل چند امر
ڏنومل ۽ ڊاڪٽر هرومل ان جا ايڊيٽر رهيا.
ساڳئي سال
رتن ساهتيه منڊل پاران ماهوار ”سدا بهار“
ٻارن لاءِ جاري ٿي.
1946ع ۾
حيدرآباد مان ”نياز نامه اردو ڍنگ“ جي
نالي سان هفتيوار سنڌي اخبار جاري ٿي،
جنهن جو بانيڪار جي ايم خان ۽ دين محمد
اسماعيل منشي هو.
ان زماني ۾
”نئين دنيا“ ۽ ”باغي“ رسالا جيڪي ترقي
پسند تحريڪ جي نمائندگي ڪندا هئا، جاري
ٿيا.
ان ئي سال
روزانه ”قرباني“ جو ايڊيٽر مولانا خير
محمد نظاماڻي ٿيو.
ساڳئي سال
ٺٽي مان هفتيوار ”الحيدر“ ۽ ميرپور خاص
مان ”ٿري گزيٽ“ جاري ٿيون.
1947ع ۾
ڪمار سنڌي ڪراچي مان ماهوار رسالو ”تعمير“
جاري ڪيو.
ڄيٺمل روح
رهاڻ وري جياريو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ حميد سنڌيءَ همٿ ڪري جياريو ۽ پوءِ
بند ڪيو ويو. روح رهاڻ جا ڪنوينشن يادگار
آهن.
ڪنيا لال،
”پرستان“ ، اخبار جاري ڪئي.
پندره روزه
”چمتڪار“، جنهن ۾ ٻه صفحا اردو ادب جا به
ڏنا ويندا هئا. فلمي ادب پڻ هوندو هو.
جيئن مٿي
ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي صحافت جي تاريخ جي
ٻئي دور جي خصوصيت اها رهي آهي ته ان جي
پهرين ٽن ڏهاڪن تائين (يعني 1911ع کان وٺي
1947ع تائين) ان ميدان ۾ ڪم ڪندي اهڙا
صحافت سان لاڳاپيل ماڻهو به ملن ٿا، جن جو
ڪجهه عرصي لاءِ ئي سهي، پهرين دور جي
پوئين زماني سان واسطو رهيو آهي. عجب جهڙي
ڳالهه اها آهي ته اهڙن اخبار نويسن مان
چند فردن کي نهايت ئي منفرد مقام حاصل آهي
۽ اهي پنهنجي عليحده طرز تحرير جا صاحب
رهيا آهن ۽ هنن ٻنهي دورن جي ڪن عرصن تي
پنهنجي انفرادي نوعيت جي لکڻين سبب ڇانيل
رهيا. اهڙن ممتاز صحافين ۽ ليکڪن ۾ شمس
الدين بلبل، محمد هاشم مخلص ۽ سرڳواسي
پرمانند ميوارام شامل آهن. هو پنهنجي دور
جا بي مثال قلمي قوت جا مالڪ هئا، جيڪي
سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا.
شيخ
عبدالمجيد سنڌي صاحب جي صحافتي دور ۾
بهترين صحافي ۽ ليکڪ پيدا ٿيا، جن پنهنجي
قلمي قوت مڃرائي ۽ واهه جو وارو ڄمايائون.
انهن مان جيڪي هندو اخبار نويس فوت ٿي
چُڪا آهن، تن ۾ ويرومل بيگراج، سرڳواسي
تولا رام، سرڳواسي لوڪرام، ڄيٺمل پرسرام،
لعل چند امر ڏنو مل، ڊاڪٽر تاراچند،
هيرانند ڪرمچند، ريجهومل آگناڻي، بولچند
راجپال، وغيره شامل آهن.
ٻئي دور جي
مسلمانن مان اهڙا اخبار نويس جيڪي اسان
کان جدا ٿي چُڪا آهن، تن ۾ مولوي نور محمد
نظاماڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قاضي
عبدالرزاق، عبدالخالق ”خليق“ مورائي، ،
قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان، مولانا
عبدالڪريم چشتي، مولانا دين محمد وفائي،
رحيم داد مولائي شيدائي، دين محمد عليگ،
محمد خان غني، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي
عبدالغفور سيتائي، محمد عثمان ڏيپلائي،
پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا شامل آهن.
جيڪي حال حيات آهن ۽ سندن تعلق ٻئي دور جي
اخبار نويسي سان رهيو آهي، تن ۾ مولوي خير
محمد نظاماڻي، جي ايم سيد، پير علي محمد
راشدي، علي احمد بروهي، گرداس واڌواڻي
(پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريزي صحافت سان
وابسته رهيو ۽ پوءِ سنڌي صحافت سان واسطو
رکندڙ) شامل آهن.
شيخ صاحب
جي زماني جو صحافتي دور جنهن جو اسان
هيستائين ورهاڱي تائين ذڪر ڪري آيا آهيون،
ان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون ۽
رسالا جاري ٿيا، جن ۾ رسالا: ”نجات،،
”خاڪسار“، ”سپاهي، شامل آهن. جڏهن ته
اخبارن ۾ ”چنگاري“ ، ”ڳوٺ سڌار“ ، ”لاڙ
گزيٽ“ ، ”ماءِ فليگ“ ، ”عليحده“ ،
”پنجتني“ ، ”وطن“، ”ڍنڍورو“، ”ايسٽو بم“ ،
”مذهب انسانيت“ ، ”پڪار“ وغيره شامل آهن،
جن پڻ پنهنجي پنهنجي نموني ڄاڻ جي روشني
ڦهلائي.
شيخ صاحب جي
صحافت وارو دور جنهن جو اسان 1911ع کان
1947ع تائين ذڪر ڪيو ان دور جي اخبارن ۽
رسالن جي بحث جا جيڪي خاص موضوع ۽ معاملا
هوندا هئا، تن ۾ مکيه واقعا هي هئا: بنگال
جو ورهاڱو، بلقان جون جنگيون، پهرين جنگ
عظيم ۽ ان جا اثرات، 1916ع ۾ ڪانگريس ۽
مسلم ليگ وچ ۾ لکنئوُ ٺاهه، 1919ع جون
آئيني اصلاحات، خلافت تحريڪ، عدم تعاون جي
تحريڪ، هجرت تحريڪ، نهرو رپورٽ، قائداعظم
جا 14 نڪات، لنڊن ۾ منعقد گول ميز
ڪانفرنسون، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي
تحريڪ، 1935ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان
جدائيءَ جو فيصلو، 1936ع جون، 1935ع ايڪٽ
تحت چونڊون، مسجد منزل گاهه جو معاملو، حر
تحريڪ، ڪانگريس راڄ ۽ سندن ظلم، ڪانگريس
حڪومت جي استعيفا، يوم نجات، 1938ع ۾
مسلمانن جي آزاد وطن لاءِ سنڌ مسلم ليگ جو
قرارداد لاهور 1940ع، پاڪستان لاءِ آئيني
جنگ، 1946ع جون صوبائي چونڊون ۽ پاڪستان
جي حاصل ٿيڻ جا معاملا سر فهرست هئا.
انهيءَ کان علاوه سماج سڌارڻ جي ڏس ۾ پڻ
اخبارن ۽ رسالن وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي
ادب جي واڌاري ۾ پڻ اخبارن ۽ رسالن وڏو
ڪردار ادا ڪيو ۽ هن دور ۾ اهڙا به ڪيئي
رسالا ۽ اخبارون ميدان ۾ آيون، جن جو آئون
ذڪر نه ڪري سگهيو هجان. ان لاءِ معذرت.
شيخ
عبدالمجيد سنڌي صحافت ۾:
شيخ
عبدالمجيد سنڌي، هڪ شخصيت جو نالو نه پر
هڪ اداري جو نالو آهي، جنهن اداري ۾ خاص
طور صحافت کان وٺي سياست، توڙي مذهب جا
شعبا آهن. شيخ صاحب بنيادي طور هڪ سماج
سڌارڪ هو ۽ هن پنهنجي سماج جي ترقي ۽
تبديليءَ لاءِ مسلسل جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي.
ان جاکوڙ ۾ صحافت ۽ سياست هن اهم ذريعا
ڪري استعمال ڪيا. سياست ۾ به ٺلهو خيالي
پلاءُ ڪو نه پچايائين، پر عملي طور تي عام
ماڻهن جي سک، سلامتيءَ، ترقيءَ ۽ سندن حقن
جي جاڳرتا لاءِ جدوجهد ڪيائين. ساڳئي طرح
هن صحافت کي اڄڪلهه جي ڪمرشل صحافت وانگر،
پئسو ميڙڻ جو ذريعو نه بڻايو پر هڪ مشينري
جذبي تحت جيڪي ڪجهه لکيو، ڪالمن کان وٺي،
مضمونن ۽ ايڊيٽوريلن تائين ان جي
پوئواريءَ لاءِ عملي طور جاکوڙ ۽ جستجو پڻ
ڪئي اٿس. هر انهيءَ مسئلي تي لکيائين،
جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جي تقدير جي تبديليءَ
جو فيصلو منحصر هجي. هن باب ۾ اسان شيخ
صاحب جي صحافتي ڪردار جو احوال پيش
ڪنداسين ۽ خاص طور انهيءَ دور جي تحريڪن
جي حوالي سان، جنهن لاءِ شيخ صاحب پنهنجو
قلم وقف ڪري ڇڏيو هو. ائين ڪرڻ سان نه صرف
سندن صحافتي ڪيريئرُ پر سندن ڪردار پڻ چٽو
ٿي بيهندو.
شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ کي هيءَ خصوصيت حاصل آهي
ته هو آڳاٽي (يعني وچين دور) ۽ ساڳئي وقت
بعد (يعني ماضي قريب) جي قلمڪارن جو به
همعصر رهيو.
”هن جي
صحافتي زندگيءَ جي ابتدا سنڌ جي هفتيوار
اخبار ”الحق“ سان ٿئي ٿي، ان بعد 1915ع
۾کيس رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ طرفان سندس
اخبار ”الامين“ جي چارج سونپي ويئي. 1920ع
کان روزانه ”الوحيد“ سان وابستگيءَ سبب
صحافتي واسطو 1956ع تائين رهيس“ – (1)
ان کان پوءِ
به ڪالم نگار جي حيثيت ۾، صحافت جي سار
سنڀال لهندو آيو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته
شيخ صاحب جي صحافت ۾ همعصري ڄيٺ مل پرسرام
ڪئي، جنهن خود ”هند واسي“ اخبار ساڳئي وقت
شروع ڪئي هئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته شيخ صاحب جي صحافتي دور جو دائرو
ڪيڏو نه وسيع هو. برصغير جي ٻين وڏن
صحافين مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت
علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا دين
محمد وفائي، قاضي عبدالرحمان ۽ ٻين سان پڻ
واسطو رهيس، جن جو ذڪر اڳيان ايندو.
جيتوڻيڪ شيخ
صاحب جي زندگيءَ جي ابتدا ”الحق“ ۽
”الامين“ اخبار سان ٿئي هئي، ليڪن سندس
اصل صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1920ع ڌاري
روزانه ”الوحيد“ سان شروع ٿئي ٿي. هيءَ
اخبار سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ وسيع اداري جو
مقام رکي ٿي. سچ پچ ته ”الوحيد“ اخبار جي
خوش نصيبي چئجي جو ان کي شيخ صاحب جهڙو
مخلص ۽ سنڌ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ
رکندڙ بي لوث ۽ ڪمال درجي جي سياسي سوچ
رکندڙ مخلصُ ايڊيٽر ۽ ايڊمنسٽريٽر جي شڪل
۾ ان وقت مليو، جڏهن سنڌ جا مسلمان غفلت
جي ننڊ ۾ ستل هئا ۽ تعليمي طرح گهڻو پٺتي
هئا. سندس قلم کي غضب جي قوت عطا ٿيل هئي
۽ پنهنجي نقطئه نظر سمجهائڻ لاءِ دريائن
جا درياءَ وهائي ڇڏيندو هو. ساڳئي وقت شيخ
صاحب، ڪوتاهه نظريي فرقيوارانه ذهنيت ۽
فوري ۽ ٿوري معيار واري فڪر ۽ مفاد کان
آجو هو. هن جي سامهون هميشه مستقل ۽ ڊگهي
مدي واريون ڳالهيون ۽ لڙايون رهنديون
هيون، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ جذبات گهٽ ۽
معقوليت زياده هو ۽ سندس مرڪزي ڪردار هندو
مسلم اتحاد ايڪو پيدا ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ،
امن ۽ محبت جو پيغام، مسلمانن کي تنظيمي
ضرورتن جو احساس ڏيارڻ ۽ تعليم جي حصول تي
ٻڌل رهندو هو. شروع واري زماني ۾ خلافت ۽
ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي حڪومت برطانيه
جو مسلم حڪومتن سان بيجا ۽ بي انصافيءَ
واري هلت خاص موضوع بڻيل رهيا، ليڪن وقت
جي سرڪار کي انهن غلط ۽ گمراهه ڪن
پاليسين، زورآورين ۽ زيادتين کان آگاهه
ڪرڻ، نندڻ ۽ تنقيد ڪرڻ سولو ڪم نه هو. ان
لاءِ دليري، جرئت، آزادي سان لڳاءُ،
مسلمانن جي مجموعي ضروتن ۽ تاريخ کان
آگاهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ صحافيءَ جي
سچائيءَ جهڙيون خوبيون درڪار هيون. شيخ
صاحب مرحوم، ان زماني ۾ ”الامين“ جو
ايڊيٽر هو ۽ بحيثيت سچي صحافيءَ جي پنهنجي
قلم کان اهو ڪم ورتائين، جنهن جو مثال
ڳولڻ ڪم از ڪم ان زماني ۾ اجايو ٿيندو.
”الامين“ 3- نومبر 1919ع واري اشاعت اسان
لاءِ وڏو مثال آهي، اسان ان اعليٰ قسم جي
تحرير کي رڪارڊ تي محفوظ رکيو آهي.
”موجوده حالتن“ جي عنوان تي اداريه جي شڪل
۾ انگريز کي سڌيون ٻڌايون ويون، شيخ صاحب
ان ۾ لکيو ته خلافت عثمانيه جي ميٽجي وڃڻ
جي خطري هيٺ ٻين ملڪي مسئلن کي في الحال
ثانوي حيثيت ڏني وڃي ۽ وقت جي ان اهم ترين
مسئلي لاءِ قلم کڻڻ تي مجبور آهيون.
شيخ صاحب جي
لکيل ان اداريه جا ڪي اقتباس حاضر آهن:
”برٽش
وزيراعظم جو اهو چوڻ ته جنرل ائلبني جي
فلسطين ۾ فتح صليب جي فتح آهي، سا ڳالهه
اڄوڪي آزاديءَ جي زماني ۾ مذهبي چريائيءَ
کان گهٽ سمجهڻ ۾ نه ايندي. اهڙيون
تقريرون دنيا جي ڪنهن به سلطنت جي
وزيراعظم جي شايان شان نه آهن پر ڪنهن
پاڳل پادري ۽ بشپ جي واتان به اهڙو نسورو
ڪوڙ نڪري نه ٿو سگهي، جنهن صورت ۾ اهو
عالم آشڪار آهي ته جنهن فوج فلسطين تي فتح
حاصل ڪئي، تنهن ۾ وڏو حصو مسلمانن جو هو.
تنهن کان سواءِ وزيراعظم کي اهو سمجهڻ
کپندوهو ته هو ڪو بشپ يا آرچشپ ناهي پر هڪ
اهڙي سلطنت جو وزيراعظم آهي، جنهن ۾ هر
مذهب ۽ هر قوم جا ماڻهو رهڻ پنهنجو فخر
سمجهن ٿا. ڇا مسلمان اهو سمجهن ته انگلينڊ
۾ مدبريءَ جو قحط ۽ مدبرن جو ڏيوالو آهي.
ڇا اها چريائي مذهبي چريائي نه آهي، جو هڪ
اهڙي سلطنت جنهن ۾ ڏهه ڪروڙ مسلمان رهن
ٿا، تنهن جو وزيراعظم ٿي ڪري صليب جي نالي
۾ هڪ اهڙي فتح جو اعلان ڪري، جنهن جي حاصل
ڪرڻ ۾ چئن مان ٽي پتيون مسلمانن جون شريڪ
هيون؟ ڇا وزيراعظم ائين سمجهي ٿو ته اهي
مسلمان سپاهي، عيسائي صليب جي فتح واسطي
لڙي رهيا هئا؟ ڇا اهي مسلمان سپاهي جنگ ۾
مدد ڏين ها، جيڪڏهن جنگ جي شروعات ۾ انهن
کي چيو وڃي ها ته اها جنگ عيسائين جي صليب
جي طرفان ”اسلامي هلال“ خلاف برپا ڪئي
ويئي آهي؟ ڇا مسلمان شهزادا ۽ امير ڪنهن
به قسم جي مالي مدد ڏين ها، جيڪڏهن انهن
کي چيو وڃي ها ته جنرل ائلبني فلسطين ۾
صليبي جنگ ڪري رهيو آهي؟ اسان جيڪڏهن اهڙا
سوال پڇون ته سوين سوال پڇي سگهون ٿا. جن
جو جواب وزيراعظم لاءِ ڏيڻ محال ٿي پوندو.
جيڪڏهن صليب جي فتح جا لفظ وزيراعظم جي
واتان خطا کان نڪري ويا آهن ته هن کي
پنهنجي خطا جو جلد ئي اعلان ڪرڻ گهرجي.
بلڪه جن ڏهه ڪروڙ وفادار رعيت جون دليون
ڏکايون اٿس، تن کان معافي وٺڻ گهرجيس، پر
جيڪڏهن پنهنجي خيال تي قائم آهي ته اسان
کيس يقين ٿا ڏيون ته اهو سندس خيال باطل
آهي ته سڀ انگريزي مدبر سندس هم خيال آهن
۽ اهو وقت ضرور ايندو، جڏهن هن کي پنهنجي
باطل خيال تي پڇتائڻو پوندو.- - (1)
”الوحيد“ جي
اجراءَ کان اڳ اخبار ”الامين“ مرحوم شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي زير ادارت، خلافت
تحريڪ جي خدمت جو فرض پوريءَ طرح بجا ٿي
آندو. شيخ صاحب جي لکڻيءَ ۾ اثر انگيزي ان
ڪري هئي جو هو پاڻ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو
گهڻي ڀاڱي روح روان رهيو.
جنوري 1919ع
تي خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ خلافت
جي سلسلي ۾ مسلمانن جي جذبات کي گڏ ڪرڻ
لاءِ ”الوحيد“ اخبار جاري ڪرڻ جو فيصلو
ٿيو، جا باقاعدگيءَ سان 15- مارچ 1920ع ۾
نڪرڻ شروع ٿي. مقصد اهو هو ته سنڌي
مسلمانن جي ان نئين سوچ ۽ لوچ کي تعميري
لائين تي لڳائي ڪو ٺوس ڪم ڪجي. ”الوحيد“
جي نڪرڻ، ان کي 36 سالن تائين هلائڻ ۽ ان
کي تحريڪ جو روپ ڏيڻ ۾ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جو وڏو هٿ آهي. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ
نه ٿيندو ته شيخ صاحب ۽ ”الوحيد“ گاڏيءَ
جا ٻه ڦيٿا هئا، ٻيئي پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم
هئا. شيخ صاحب ”الوحيد“ ته ”الوحيد“ شيخ
صاحب. شروع کان ئي هو ”الوحيد“ جو روح
روان رهيو. ۽ آخر تائين مالڪيءَ کان
ايڊيٽريءَ تائين ان سان شامل رهيو، جنهن
عرصي دوران شيخ صاحب جيل ٿي ويو يا
سياست ۾ گهڻي مصروفيت جي ڪري ملڪ جي چپي
چپي جا دورا ٿي ڪيائين ته ان مختصر دور ۾
ڪجهه ٻيا عالم ”الوحيد“ جا ايڊيٽر رهيا،
ورنه 36 سالن جو سارو عرصو شيخ صاحب ئي،
جو ڪرتا ڌرتا ۽ ايڊيٽر، مطلب ته سڀ ڪجهه
رهيو. ”الوحيد“ سنڌ جي 20 صديءَ جي صحافت
۽ سياست جي هڪ وڏي تاريخ آهي ۽ اها تاريخ
شيخ صاحب جي ذڪر کان سواءِ قطعاً مڪمل نه
آهي.
”الوحيد“
جون صحافتي خدمتون، شيخ صاحب جون ئي
صحافتي خدمتون آهن ۽ شيخ صاحب جو صحافتي
ڪردار، ”الوحيد“ جو ئي ڪردار آهي.
”الوحيد“ خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائيءَ جي تحريڪ، پاڪستان جي
تحريڪ يا ان کان پوءِ نئين پاڪستان جي
علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ميدان ۾ جيڪو
ڪردار يا ڪم ڪيو، تنهن ۾ وڌ ۾ وڌ حصو شيخ
صاحب جو آهي.
شيخ صاحب جي
صحافتي ڪردار جو ذڪر ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وڏي
۾ وڏو ثبوت ”الوحيد“ آهي. جيتوڻيڪ شيخ
صاحب ڪجهه عرصو ”الامين“ ۽ ”الحق“ جو به
ايڊيٽر رهيو، انهن جو به وڏو حصو آهي. سنڌ
جي صحافت ۽ سياست جي ميدانن ۾، بعد ۾ شيخ
صاحب مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو
رهيو، پر سندس صحافتي ڪارنامن ۽ خدمتن جو
نچوڙ ”الوحيد“ آهي.شيخ صاحب جي صحافتي
ڪردار ۽ خدمتن کي ڳولڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ
اسان کي ”الوحيد“ کي ڏسڻو پوندو.
”الامين“ ،
”الحق“ ۽ ”الوحيد“ ۾ لکڻ جي ڪري شيخ صاحب
ڪيئي ڀيرا جيل ويو. سالن جا سال جيل ۾
رهيو، صحافتي خدمتن جي ڏس ۾ ڪنهن سنڌي
صحافيءَ جون جيل ۾ تڪليفون سهڻ جو اهو هڪ
وڏو مثال آهي، جيڪو شيخ صاحب کي نصيب ٿيو.
شيخ صاحب ڪو
ايڏو مالدار نه هو. تمام غريب گهراڻي سان
تعلق هيس، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ته سڄي
زندگي مالي پريشانين ۾ رهيو پر ان هوندي
به ”الوحيد“ اخبار جهڙي وڏي تحريڪ کي
هلائيندو رهيو. ان جو مالڪ به هو ته
ايڊيٽر به، ۽ ايڏين ڏکين حالتن ۽ تڪليفن ۾
انگريزن جي سخت مخالفت ۽ پنهنجن جي ناروا
سلوڪن جي باوجود ثابت قدم رهيو. ڪڏهن به
حق ۽ سچ جي ڳالهه لکڻ کان نه ڪيٻايائين.
پنهنجي قول ۽ فعل جو پڪو هو، سندس مقابلي
۾ ڪافي اخبارون نڪتيون، جن سندس سخت
مخالفت ڪئي، تنگ ڪيو، پر شيخ صاحب انهن
مخالفتن جو ڪوبه اثر قبول نه ڪيو ۽ قلم جي
قوت کي هميشه جيان حق ۽ سچ لکڻ ۾ مصروف
رکيائين.
”الوحيد“ جي
سلسلي ۾ شيخ صاحب ڪئين ڏکيا ڏينهن ڏٺا.
سختيون آيون، مالي پريشانيون پيش آيون،
اخبار ڪافي ڀيرا زبردستي بند ڪرائي ويئي،
وغيره، پر شيخ صاحب انهن سڀني مصيبتن ۽
مشڪلاتن جو مردانه وار مقابلو ڪيو ۽ هميشه
سرخرو رهيو. سنڌي صحافت جي تاريخ لکڻ وارا
ڪڏهن به هن جي ذڪر کان سواءِ سنڌي صحافت
جي تاريخ مڪمل نه ڪري سگهندا.
برصغير جي
سياست ۾ خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائيءَ جي تحريڪ ۽ آزاديءَ
جي تحريڪ کي اهم مقام حاصل آهي پر انهن
تحريڪن کي جلا بخشڻ ۾ سڀني سياسي ادارن ۽
ماڻهن کان وڌيڪ ”الوحيد“ جو هٿ آهي.
”الوحيد“ دراصل ڀرپور سياست ۽ صحافت جو
آئينو هئي. هر تحريڪ ۾ هن عوام جي صحيح
رهنمائي ڪئي ۽ ان رهنمائي ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪو
پس پرده شخص هو ته شيخ عبدالجيد سنڌي ئي
هو.
هن باب ۾ جيئن ته شيخ صاحب جو صحافتي
ڪردار ڏيکارڻو آهي.ان ڪري اسان سندس
صحافتي ڪردار کي ڳولڻ لاءِ ”الوحيد“ ،
”الامين“ ، ”الحق“ ۽ انهن اخبارن جي صفحن
۾ ليئو پائينداسين، جن ۾ شيخ صاحب لکيو ۽
نگراني ڪئي.
شيخ صاحب
جنهن دور جو صحافي آهي، سو دور تقريباً،
بلقان جي جنگين، پهرين جنگ عظيم کان شروع
ٿي سندس هن جهان مان موڪلاڻي تائين يعني
70 جي ڏهاڪي تائين جو آهي. هيءُ دور زياده
تر طوفاني سياست جو دور رهيو آهي. هن دور
۾ ٻه عالمگير جنگيون لڳيون. برصغير ۾
آزادي ماڻڻ لاءِ ڪئين سياسي تحريڪون برپا
ٿيون. خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي
بمبئيءَ کان جدائي ۽ پاڪستان جي آزادي عمل
۾ آڻڻ.
پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ وري سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو،
جمهوري جدوجهد، ون يونٽ، شيخ صاحب جا
حڪمرانن سان مقابلا، گرفتارين، وغيره جهڙا
مسئلا کيس سامهون آيا.
1970ع جي
ڏهاڪي کي پهچندي پهچندي شيخ صاحب ڪافي
پيرسن ٿي چڪو هو. ”الوحيد“ 57-1956ع ۾ بند
ٿي چُڪي هئي، پر ان هوندي به سندس سنڌي
صحافت جا تاريخي ڪالم ”نعره مستانه“ مختلف
اخبارن ۾ ڇپبا رهيا. هنن ڪالمن جو ذڪر بعد
۾ ايندو پر هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان
ته انهن ڪالمن ذريعي شيخ صاحب جيڪي علمي،
ادبي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي خدمتون
سرانجام ڏنيون آهن، سنڌي صحافت ۾ ان جو
مثال ملڻ مشڪل آهي.
حاصل مطلب ته شيخ صاحب جي صحافتي ڪردار کي
ڳولڻ لاءِ اسان شيخ صاحب جي دور ۾ رونما
ٿيندڙ واقعن کي پيش ڪندي، انهن ۾ سندس
صحافتي خدمتن جو ذڪر ڪندا وينداسين ۽ ائين
ڪرڻ سان شيخ صاحب جو ”سنڌي صحافت ۾ حصو“
بجليءَ جي بلب جيان روشن نظر ايندو.