شيخ سنڌي
پهريون شخص آهي، جنهن سنڌ جي وڏيرا شاهي ۽
جاگيرداري نظام خلاف بغاوت ڪئي ۽ سنڌ جي
سياست ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪيو. سنڌ جي سياست
ان کان اڳ وڏن ماڻهن جي جاگير بني رهي،
شيخ صاحب بمبئي ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڪراچي
ضلعي مان هڪ هٽي کي پهرين ڪاري ضرب لڳائي،
وري ڪراچي چاڪيواڙي ۾ غازي صاحب الحاج
محمد هاشم گذدر سان گڏجي ايوان ڪائونسل ۾
اهڙو ته ٿرٿلو پيدا ڪيو، جنهن جو مثال ملڻ
مشڪل آهي، نه رڳو اهو مگر هنن ٻنهي مجاهدن
پنهنجن ڪرسين تان استعيفائون احتجاج طور
بمبئي جي گورنرن ڏانهن موڪلي ڏنيون ۽ اهو
ثابت ڪيائون ته جتي قومي معاملن جو سوال
هو، عهدن ۽ ڪرسين جي موجودگي سندن لاءِ ڪا
به وقعت نٿي رکي.
سيپٽمبر
1930ع تي بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ۾ مسلمان
ووٽرن شيخ صاحب کي ڪراچي ضلعي جو نمائندو
ڪري موڪليو، ان وقت سندس چونڊجڻ تي جيڪا
خوشي ٿي تنهن جو اظهار ڪراچي ضلعي جي هڪ
بزرگ سيد حاجي عبدالرحيم شاهه، سجاول واري
جي ايم سيد ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ هن ريت ڪيو
آهي:
”شيخ صاحب
جي عظيم فتحيابيءَ جون لک لک مبارڪون
هجنوَ، حقيقت ۾ اها ڪاميابي اوهان جي
ڪوششن جو نتيجو آهي. خدا جا بيشمار احسان،
جنهن غريب فقير کي فتح ڏني. هميشه زمانه
سابق کان غريبن کان ئي مدد حاصل ٿيندي هئي
وري فتح به اها جا خواب نه خيال ۾
هئي.....، خدا تعاليٰ جي فضل جي پالوٽ
ميارا ٿيو“.......(1)
1933ع ۾
غازي عبدالقيوم نالي هڪ پٺاڻ مسلمان
نٿورام نالي هڪ هندو کي پيغمبر خدا حضرت
محمد
ﷺ خلاف توهين آميز ڪتاب لکڻ ڪري چيف ڪورٽن ۾ ڪيس هلندي، قتل ڪري
ڇڏيو، مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسي جي سزا
ملي. مسلمانن هن کي پروانه رسول ۽ غازي
تصور ڪري، سندس جنازي کي جو ڦاسي ڏيڻ بعد
حڪومت قبرستان ۾ وڃي دفن ڪيو هو، قبر مان
ڪڍي جلوس ڪڍيو. حڪومت کي خطرو ٿيو ته متان
ان تان هندو مسلم فساد ٿي پوي، تنهنڪري
انهيءَ جلوس تي بندش وڌي ويئي، پر جوشيلن
مسلمانن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ آخرڪار
پوليس جلوس تي گولي هلائي، جنهن ۾ 46
مسلمان کن شهيد ٿيا. سمجهدار ماڻهن جو چوڻ
هو ته شهيد کي اهڙي جاڳهه تي دفن ڪيو وڃي
ها جو ان جو جنازو جوشيلن ماڻهن جي هٿ نه
لڳي ها. پر جڏهن لاش مسلمانن کڻي سرگس
ڪڍيو هو ته پوءِ گهڻي پوليس ساڻ ڪري، صرف
مسلمان پاڙن مان لنگهائي، ان کي ٻيهر دفن
ڪرايو وڃي ها. يا وڌ ۾ وڌ لاٺي چارج يا
ڳوڙهن واري گئس جي وسيلي ان مجمع کي منتشر
ڪيو وڃي ها. پر جيئن ته هڪ انگريز کرمغز
مسٽر گبن اهو ڪم ڪرايو هو، تنهنڪري انگريز
حڪومت انتظام خاطر پنهنجي ماڻهوءَ خلاف
قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هئي، مسلمانن
انڪوائري ڪاميٽيي ويهارڻ جي گهر ڪئي. ليڪن
سرڪار ان ڳالهه کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو.
اهڙين حالتن ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ ويل سنڌ جي
سڀني مسلمانن عيوضين مان ڪنهن کي صدمو نه
آيو، اهو صرف شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جنهن
سرڪار جي ان بي پرواهي تي احتجاج طور
1933ع ۾ استعيفا ڏني ۽ مسلمانن کيس وري
بنا مقابلي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو.
سنڌ جي
جدائيءَ تائين پاڻ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي
عوام جي صحيح نمائندگي ڪندو رهيو. حالانڪه
سنڌ جا اڪثر ميمبر شخصي غرضن يا عهدن ۽
لالچ جي خاطر قومي سوالن ۾ اکيون پوري
سرڪار جو ساٿ ڏيندا رهيا. سنڌي مسلمان
ميمبرن جي ليڊر سر شاهنواز ڀٽي کي ئي جرئت
ٿي جو بمبئي کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جو سوال
کڻي جڏهن صوبائي رفارمس ڪميٽيءَ اڳيان پيش
ٿيو ته ان جي خلاف ووٽ ڏنائين. صرف سيد
ميران محمد شاهه نوٽ ۾ سنڌ جي حمايت ڪئي.
آخر 1938ع ۾ (جڏهن 1935ع جي آئين مطابق
سنڌ کي عليحده صوبو تسليم ڪيو ويو ته سنڌ
اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون ته سر
شاهنواز ڀٽي کي سندس گهر جي تڪ ۾ گورنر جي
صلاحڪار هئڻ جي باوجود شيخ شڪست ڏيڻ ۾
ڪامياب ٿيو. پاڻ سنڌ آزاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ
تي اميدوار بيٺو هو، ان جا ٽي ميمبر
چونڊجي آيا، هڪ پاڻ، ٻيو محمد يوسف چانڊيو
۽ ٽيون غلام حيدر شاهه بلڙيءَ وارو، پر
چونڊن کان پوءِ، اهي ڦري وڃي سرڪار جي طرف
ٿيا. شيخ صاحب سر غلام حسين هدايت الله
کان مسلم ليگ ۾ اچڻ جو واعدو وٺي سندس
طرفدار ٿيو، ان کان پوءِ هو سمورو وقت
مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهندو آيو. حقيقت
۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي آڻڻ جو ڪريڊت شيخ
صاحب ڏي وڃي ٿو.
1938ع ۾
جيڪا شاندار مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾
منعقد ٿي هئي، ان جي سڏائڻ ۾ شيخ صاحب جو
خاص هٿ هو، اها ڪانفرنس محمد علي جناح جي
صدارت هيٺ ٿي هئي، جنهن ۾ سر سڪندر حيات،
مسٽر فضل الحق، سردار اورنگزيب، سر سڪندر
خان، سر سعيدالله خان، نواب اسماعيل خان،
چوڌري خليق الزمان وغيره شامل ٿيا هئا.
شيخ صاحب انهيءَ ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو
هو جو پاڪستان لاءِ پهريون ٺهراءُ چئجي ته
بجا آهي..... (1)
جڏهن 1939ع
۾ سکر جي منزل گاهه مسجد تان فساد ٿيا ته
هندن مصلحت سمجهي مسلم ليگ کي وزارت ۾
آندو، جنهن ۾ مير بندهه علي خان، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر کهڙو ۽ جي ايم
سيد مسلمان وزير هئا، شيخ صاحب جي هٿ ۾
مالي کاتو ۽ بعد ۾ تعليمي وزير هيو. ان
وقت پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ
ڪاميٽيءَ تي هڪ سال ميمبر هو، پوءِ جي
حالتن هيٺ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي
عليحده ٿي ويو. مسلم ليگ کان ٻاهر جملي
مسلمان پارٽين کي گڏ ڪرڻ لاءِ جا ڪوشش ٿي،
شيخ صاحب انهن جي اڳواڻن سان ڪجهه وقت
شامل رهيو. اڳتي هلي آل انڊيا آئيني مسئلن
تي هڪ تجويز پيش ڪيائين، جنهن تي ان وقت
جي اختلافن سبب ڪنهن به توجهه نه ڏنو، جي
ان کي قبوليو وڃي ها، ته جدا ٿيڻ بعد به
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ موجودهه اختلاف نه
رهن ها. اها تجويز هي هئي ته هڪ جيترن
ووٽن تي ٻيئي يونين هڪ ڪانفيڊريشن ۾ رهن.
پير علي محمد شاهه راشدي جي چوڻ مطابق: -
”سياست
هميشه پئسي جي راند رهي آهي. سنڌ ۾ ته شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي اڀرڻ کان اڳ ڪنهن
غريب دانشور لاءِ سياست جي ميدان ۾ قدم
رکڻ به ممڪن ڪو نه هوندو هو. سنڌ جا
مالدار ماڻهو، سردار وڏيرا، مير، پير،
مخدوم، سيٺيون، مالدار وڪيل، ڪامورا
(رٽائرڊ يا اڻ رٽائرڊ) ناني ويڙهو لايو
ويٺا هوندا هئا. ان سياست جو مقصد به
محدود هوندو هئو. محض ڪمشنر صاحب کي خوش
ڪرڻ، آفيسريءَ تي اثر وجهڻ، غريب عوام تي
سڪو ڄمائي رکڻ، پنهنجن حريفن کي هيٺاهون
ڏيکارڻ، ذاتي پذيرائي ۽ تن پروري، ڏيک
ويک، ٽِپ ۽ ٽاپ ، اهڙي خاردار ۾ ڇا مجال
هئي ڪنهن غريب جي ته پنهنجو پير ڌري، پر
شيخ عبدالمجيد سنڌي پهريون شخص هو، جيڪو
خالي هٿين سنڌ جي ان ڪافر قلعي ۾ ڪاهي
پيو“......(1)
مجموعي طور
شيخ صاحب جي سياسي زندگي جا چند مقاصد هي
رهيا آهن: -
(1) هندستان
جي آزادي (1938ع کان پوءِ پاڪستان جي
آزادي)
(2) اسلام ۽
مسلمانن جي سربلندي (آل انڊيا پئماني تي)
(3) سنڌ جي
ڀلائي (هر لحاظ کان)
اهي وڏا
مقصد هئا، وڏي دماغ وڏي حوصلي، وڏين ذاتي
صلاحيتن جي وسيلي ئي ماڻهو ڪجهه اڳتي وڌي
سگهيو ٿي.
ڪراچي مسلم
ليگ ڪانفرنس ( آڪٽوبر 1938ع ) ۾ شيخ صاحب
جو لکيل ۽ پيش ڪيل ٺهراءُ هن سببان بلڪل
اهم آهن، جو هندستان خواهه مسلم ليگ تحريڪ
جي بنيادي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ان ٺهراءُ
جي ئي ذريعي پاڪستان تحريڪ جو بنياد پيو.
ٺهراءُ جو
متن ۽ مضمون سنڌي ترجمو (اصل ٺهراءُ
انگريزيءَ ۾ لکيو هئائين) ٺهراءَ جي
تاريخي اهميت جي پيش نظر هتي ڏجي ٿو،
”جڏهن ته
انڊين نيشنل ڪانگريس جو هندو مسلم مسئلي
جي باري ۾ آل انڊيا سلم ليگ سان ڳالهين
ڪرڻ کان انڪار ۽ بهانو ته مسلم ليگ
مسلمانن جي اڪيلي نمائنده جماعت نه آهي،
ظاهر ڪري رهيو آهي ته ڪانگريس جي نيت اها
آهي ته مسلمان قوم کي حصن حدن ۾ ورهائي
مٿن (هندو) راڄ مڙهي ۽ ساڳئي وقت هندستان
جي اقليتن جي مسئلي کي به سلجهائڻ بدران
هميشه لاءِ اُلجهائي ڇڏي. حالانڪه مسلم
ليگ گذريل پندرهن سالن کان ان سلسلي ۾ (بي
نتيجا) ڪوششون پئي ڪندي رهي آهي. جڏهن ته
ڪانگريس پيسي ۽ اخبارن جي زور تي سڌي طرح
مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ جي مهم شروع ڪري
ڏني ته جيئن هڪ طرف مسلمان قوم جي ٻڌي ٽٽي
۽ ٻئي طرف دنيا تي اثر پوي ته ڪانگريس خود
هندستان جي سڀني قومن جي نمائده جماعت
آهي.
”جڏهن ته
ڪانگريس هندو راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان
صوبن ۾ اهڙيون وزارتون ٺاهيون آهن، جن ۾
يا مورڳو ڪنهن مسلمان کي شامل ڪو نه ڪيو
اٿن يا جيڪڏهن (نالي خاطر) ڪو مسلمان وزير
کنيو به اٿن ته اهڙو جنهن کي پنهنجي
مسلمان قوم ۾ ڪو به نمائندگي جو اختيار
ڪونهي. حالانڪه وزارتن قائم ڪرڻ جو اهو
طريقو گورنمينٽ آف انڊيا جي آئيني سڌارن
واري ايڪٽ خواهه (برطانيه سرڪار طرفان)
جاري ڪيل هدايت نامي جي روح ۽ لفظن جي
ابتڙ آهي.
”جڏهن ته ان
(غلط) طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن
اهڙي طرح راڄ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيئن
مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري سندن حوصلو
برباد ڪري ڇڏين. مسلمانن جي تعميري ثقافتي
اثرن کي (هندستان مان) ختم ڪري ڇڏين.
مسلمانن جي مذهبي رسم رواج ۽ اسلام ڏانهن
سندن (يعني مسلمانن جي) ذميدارين کي وساري
ڇڏين ۽ سندن حقن کي (جيڪي بحيثيت هڪ جدا
قوم جي کين حاصل آهن) پامال ڪري ڇڏين.
”جڏهن ته
جمهوريت جي تسليم شدهه اصولن جي ابتڙ
ڪانگريس جي اها ڪوشش هئي ته جن صوبن ۾
مسلمانن جي گهٽتائي آهي تن صوبن ۾ به
مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏجي ۽ ان
مقصد سان ڪانگريس انهن صوبن (مثلاً صوبه
سرحد، بنگال، پنجاب، سنڌ) ۾ اهڙن گروپن کي
طاقت ۾ آڻي رهي آهي (يا ساڻن گڏجي مشترڪه
وزارتون ٺهرائي رهي آهي يا مشترڪه، وزارتن
جي پٺڀرائي حاصل ڪري رهي آهي) جن گروپن کي
مسلمان عوام جو اعتماد حاصل نه آهي.
”جڏهن ته
ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي نالي
۾ ۽ ان جي ذريعي صوبائي وزارتن مٿان
پنهنجو اختيار ڄمائي رکيو آهي، جيڪو طريقو
صرف فاشي آمريتن ۾ مروج رهي ٿو ۽ جنهن
طريقيڪار جو نتيجو هينئر هي نڪري رهيو آهي
جو پارلياماني رسم و رواج ۽ آئين جي
روايتن کي اڀرڻ جو موقعو ڪو نه ملي رهيو
آهي. مسلمانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي ۽ کين
سندن جائز حصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو
پيو آهي ۽ ان جي سنڌ، صوبائي وزارتن کي
مسلمانن جي حقوق ۽ مفاد جي مدنظر از سرنو
تشڪيل ڪرڻ کان به صاف انڪار ٿي چڪو آهي.
”جڏهن ته
ڪانگريس هي فيصلا ڪري چڪي آهي: (الف)
مسلمانن جي سخت اعتراض جي باوجود وديا
مندر اسڪيم (پراڻي هندو طريقي سان هندي ۾
تعليم ڏيڻ جو طريقو جنهن تي هندو مذهب ۽
تهذيب جو پهلو غالب رهي ٿو) کي رائج ڪيو
وڃي.
(ب) بندي
ماترم جي گاني کي قومي تراني جي حيثيت
ڏيئي، مسلمانن تي به مڙهيو وڃي، حالانڪه
ان گاني ڪري مسلمانن جي خلاف نفرت جو ٻج
پوي ٿو.
(ج) هندي ۽
ديوتا گري رسم الخط کي هندستان جو قومي
رسم الخط متعين ڪيو وڃي، حالانڪه مسلمانن
ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي ڇو ته ان
جي ذريعي هندو مذهب جي خيالن ۾ هندو فلسفي
۽ ڪلچر جو ٻج انساني دماغن ۾ پوکجي ٿو ۽
هندستان مٿان برهمڻ ڪلچر جي مسلط ٿيڻ جو
امڪان روشن ٿئي ٿو.
(د) هندو
ميجارٽي جي زور تي لوڪل باڊيز ۾ گڏيل
چونڊون ڪرايون وڃن.
(هه) اردو
اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي حوصله
افزائي نه ڪئي وڃي، جيئن هندستان مان
اردوءَ جو نانءُ مٽجي وڃي.
(و) تقرير ۽
جائز سياسي ڪاروبار جي آزاديءَ کي ان
بهاني سان بند ڪيو وڃي ته ”لا اينڊ آرڊر“
قانون ۽ امن عامه لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو
آهي.
(ز) مسلمانن
جي مذهبي آزادي ۽ ريتن رسمن ۾ رڪاوٽون وڌي
رهيون آهن- اهي به ڏاڍائي ۽ هٿيارن جي
مدد سان.
”جڏهن ته
هندستان جي هندو اڪثريت هزارن سالن کان
”ڇوت ڇات“ جي رسم تي ڪاربند رهي آهي، جيڪا
رسم قوميت، انساني مساوات ۽ جمهوريت جي
انهن جملي اصولن جي ابتڙ آهي، جيڪي اصول
باقي ساري دنيا اڳ ۾ ئي اختيار ڪري چڪي
آهي يا انهن لاءِ واجهائي رهي آهي ۽ جنهن
رسم وگهي اڄ هندستان جا ڪروڙين انسان
اقتصادي ۽ اجتماعي طرح عدم مساوات جو شڪار
ٿي چُڪا آهن ۽ دوامي غلاميءَ جي زندگي
گذارڻ تي مجبور آهن ۽ جڏهن هندستان جي
اندر واحد متحد قوميت جو اسرڻ ۽ اڀرڻ
ناممڪن بڻجي چڪو آهي ۽ جنهن جا ڪارڻ هي
آهن ته هندو اڪثريت جي پراڻي (مذهبي) ڇوت
ڇات واري ذهنيت اڃان قائم آهي، اها هندو
اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواهه ثابت ٿي چڪي
آهي ۽ علاوه ازين منجهن (هندن ۽ مسلمانن
۾، مذهبي، زبان، رسم الخط ڪليمه، تمدني
روايات، نظرياتي لاڙن ۽ زندگيءَ جي مقصدن
۾ بنيادي فرق آهي (ڪنهن حد تائين ته نسلي
فرق به آهي.)
”تنهنڪري
هيءَ ڪانفرنس ضروري سمجهي ٿي ته برصغير ۾
دائمي امن، تمدني، ارتقا، اقتصادي تعمير،
بهتري ۽ وڏين ٻن قومن کي خود ارادي ڏيارڻ
خاطر آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪجي ٿي
ته هوءَ ان ڳالهه تي ازسرنو غور ڪري ته
هندستان لاءِ ڪهڙو آئين مناسب ٿيندو، جنهن
جي ذريعي انهن ٻنهي قومن کي پنهنجو صحيح
مقام حاصل ٿي سگهندي ۽ پنهنجي ذمي اهڙي
آئيني رٿا تيار ڪري جنهن هيٺ مسلمان قوم
ڪامل مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي.....
”وڌيڪ هيءَ
ڪانفرنس آل انڊيا گڏيل وفاقي انتظام (جنهن
لاءِ 1935ع واري گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ ۾
بندوبست ڪيل آهي) کي نامنظور ڪري ٿي ۽
حڪومت برطانيا کان مطالبو ڪري ٿي ته هو ان
ايڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ کان پاڻ کي روڪي ڇو ته
ان ايڪٽ ۾ ڏنل رٿا هندستان جي عوام لاءِ
بالعموم ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ
بالخصوص نقصانڪار آهي.
آخر ۾ هيءَ
ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا
مسلمان اهڙو ڪو آئين قبول نه ڪندا،
بشرطيڪه ان جو بنياد هن ٺهراءُ ۾ مٿي
ڄاڻايل اصولن تي رکيل هجي ۽ مسلم ليگ جي
مشوري ۽ ان جي منظوريءَ سان تيارڪيل هجي.
ٺهراءُ پيش
ڪندڙ شيخ عبدالمجيد سنڌي
ايم – ايل- اي- (سنڌ)
تائيد ڪندڙ:
خانبهادر گرماني -ايم ايل اي
پنجاب)
سر حاجي
عبدالله هارون ايم ايل اي (مرڪز)
سيد
عبدالرئوف شاهه ايڊووڪيٽ
ايم ايل اي (سي پي)
مولانا عبدالحامد
بدايوني (يو پي)