ساڌو
هيرانند کي گهڻا ڪم هوندا هئا، تنهن ڪري هن سڪول
جو ڪم مسٽر سين کي سؤنپيو هو. نندلال سين سان
ايتري ته پريت هيس جو هڪ ڀيري چيائنس ته آءٌ
”هيرا“ ۽ تون ”نند“؛ ۽ اسين ٻئي گڏجي ٿيون ٿا
”هيرانند“. بابو ڀواني چرن بئنرجيءَ کي به ڏاڍو
ڀائيندو هو؛ پر سنه 1892ع ۾ هيءَ دکدائڪ ڳالهه ٿي
جو ڀواني چرن بئنرجي وڃي ڪرستان ٿيو. ساڌو هيرانند
هن کي ڏاڍو سمجهايو. ديوان ڏيارام به بائيبل کولي
هنکي ٻڌائڻ لڳو ته جي تون چئين ٿو ته هندو ڌرم ۾
ڪي ناممڪن ۽ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳيون ڳالهيون لکيل
آهن ته اهڙيون ناممڪن ۽ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳيون
ڳالهيون ته بائيبل ۾ به آهن. پر بابو ڀواني ڪو گهٽ
پڙهيل ڪونه هو؛ سو پنهنجي خيال تان ڪين هٽيو ۽
اسڪول مان هليو ويو. سندس وڇڙڻ ڪري هيرانند کي
اهڙو ڏُک ٿيو جو روئي ڏنائين.
ساڌو
هيرانند پوءِ ويو پنجاب مان ٻيو ماستر وٺڻ سنسڪرت
سيکارڻ لاءِ. تيستائين سنسڪرت سيکارڻ جو ڪم مسٽر
پرڀداس ڪندو هو، جو پاڻ وڃي مهاراج جئڪرشن کان روز
ٻه چار سبق اڳواٽ سکي اچي شاگردن کي پاڙهيندو هو.
آخر پنجاب مان هڪڙو بئچيلر آو لٽريچر (ساهتيه
آچاري) آيو، جو سنسڪرت سيکارڻ لڳو. ديوان ميٺارام
پيسا انهيءَ شرط سان ڏيندو هو ته سنسڪرت سيکارڻ جو
بندوبست ٿئي. سرڳواسي مسٽر بولچند ڪرمچند، جنهن جو
اوچتو قضيو جپان ۾ ٿيو، سو هن اسڪول جو پهريون
شاگرد هو جنهن سنسڪرت کنئين. ديوان روپچند
بيلارام، جو جڊيشل ڪمشنر جي عهدي تائين رسيو، تنهن
به سنسڪرت کنئين هئي.
ساڌو
هيرانند جو به ديوان ڏيارام وانگر متو هوندو هو ته
ڪنهن به چڱي ڪم کي شروع ڪري پوري پير تي بيهارجي،
۽ پوءِ ٻيا چڱا ڪم وڃي شروع ڪجن؛ سو هو هر هر
ايڪڊمي کي هلائي ڪجهه وقت ٻاهر هليو ويندو هو.
ڇوڪرين جي پڙهائڻ جو اڃا پورو بندوبست حيدرآباد ۾
ڪونه هو. ساڌو هيرانند کي ان وقت ٻه نياڻيون هيون،
جنکي وديا ڏيڻ واسطي هو بانڪيپور وٺي ويو. اتي
سندس برهمو دوست گهڻا هئا. سندس استريءَ کي پنهنجي
اولاد کان وڇوڙو قبول ڪونه هو؛ پر ساڌو هيرانند
پنهنجيءَ ڳالهه تي بيٺو ۽ نياڻين کي اُتي وٺي ويو.
سندس ننڍي نياڻيءَ راميءَ کي اچي رستي تي لکنؤ ۾
مدي جو تپ ٿيو ته اُنجي ماءُ وانگر خذمت ڪيائين.
نتيجو اهو ٿيو جو ڇوڪري بچي پيئي، پر ساڌو هيرانند
ڪِري پيو. 14 جولاءِ 1893ع جي سندس چالاڻي جي تار
آئي ته حيدرآباد ۾ ڪيترن گهرن جا رڌا ديگڙا جنسي
لهي پيا. اها خبر پوءِ جت ڪٿ پکڙي، ته سڄي سنڌ غم
۾ پئجي ويئي. نولراءِ ته سمجهو ته سندس اکين جو
تارو ويو. هنڌين ماڳين هاءِ هُوءِ پيئي ته
ايڪڊميءَ جو اَبو هليو ويو! ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾
وڏا وڏا ميڙ ٿيا. ديس ديسانترن مان دوستن پرچاڻيءَ
جون تارون موڪليون. ڪراچيءَ ۾ مسٽر جيمس، ڪمشنر
پرڌان ٿيو جنهن ساڌو هيرانند جي گڻن جو ورنن ڪيو.
حيدرآباد ۾ مسٽر جوسف ريڊمن پادري، جو حيدرآباد جي
مشن اسڪول جو مئنيجر هو، تنهن چيو ته هيرانند 30
ورهين جي عمر ۾ ڪيترا نه سڪرت کٽيا. مونکي يادگيري
ٿي اچي ته اهڙو ٻيو مهاپرش جو ايتريءَ ننڍيءَ عمر
۾ گهڻا چڱا ڪم ڪري پڌاريو، سو هو هينري مارٽن.
ائين چيائين ته انسانن جي حياتي سندن ڪمن مان جاچڻ
گهرجي، نه سندن ورهين مان. ڪي آدمي ٿوريءَ حياتيءَ
۾ به گهڻا ڪم ٿا ڪن؛ ”بزرگي به عقل و عمل اَست، نه
به سال.“ سڪندر جو مثال ڏنائين ته هو پير مردن ۾
پيرمرد هو، جيتوڻيڪ 30 ورهين جي ڄمار ۾ مُئو؛
ڇاڪاڻ ته ايڏا وڏا ڪم ڪيا هئائين. تينئين ساڌو
هيرانند به ننڍيءَ عمر ۾ ئي ايترا چڱا ڪم ڪيا هئا.
سچ پچ ته
ساڌو هيرانند سنڌ جو سچو هيرو هو ۽ سنڌ کي ڇورو
ڪري ويو. سندس مرتيوءَ تي ديوان ڏيارام کي تمام
ڏکه ٿيو. سندس حياتيءَ جو ڪيترو نه اثر ديوان
ڏيارام تي ٿيو سو ظاهر آهي ديوان ڏيارام جي لکيل
ڪتاب مان، جو هن ڪلفٽن تي ويهي لکيو ۽ 1903ع ۾
پڌرو ڪيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هر روز دينڪ ويچارن لکڻ
جي عادت ديوان ڏيارام خود ساڌو هيرانند جي دينڪ
ويچارن جي وهيءَ مان پرائي؛ ڇو جو انهيءَ ورهيه
کانپوءِ ديوان ڏيارام دينڪ وهي لکڻ شروع ڪئي، جو
آخر دم تائين پنهنجا آتمڪ ويچار هر روز لکندو
رهيو.
ساڌو
هيرانند جي ديهانت کانپوءِ سندس اسڪول جو نالو
بدلائي رکيائون هيرانند ايڪڊمي؛ پر اهو نالو ٿورو
وقت هليو. چوڻي آهي ته جنجي هتي گهرج تن جي اُتي
به گهرج. 5 مهينا به ڪين گذريا جو 22- نومبر 1893ع
جي ديوان نولراءِ به پرلوڪ پڌاريو. هيرانند ايڪڊمي
ڦري نولراءِ هيرانند ايڪڊمي جي نالي سان سڏجڻ لڳي.
سال 1901ع ڌاري هاڻوڪي نئين عمارت جو هڪ ڀاڱو ٺهي
تيار ٿيو ۽ ايڪڊمي مسواڙي جاءِ مان کڄي هاڻوڪي
پڪيءَ جاءِ ۾ آئي.
هيرانند پنهنجي حياتيءَ ۾ هر ڪنهن ڳالهه بابت
ديوان ڏيارام جي صلاح وٺندو هو. هيرانند ۽ نولراءِ
جي ديهانت کانپوءِ ايڪڊميءَ جو سمورو بوجو اچي
ديوان ڏيارام جي ڪلهن تي پيو. راءِ بهادر پرڀداس ۽
سين اڃا به اسڪول ۾ هئا؛ پر ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾
ڪين ماپي ٿي سگهيا. انتظام جي ڳالهين ۾ ديوان
ڏيارام جو هڪ خيال، ته پرڀداس جو ٻيو، ته سين جو
وري پنهنجو. انهيءَ ڪري ديوان پرڀداس پنهنجي اسڪول
ڪڍڻ جا پهه پچايا. سنه 1893ع ۾ مسٽر ڊي نالي هڪڙو
بنگالي هيڊ ماستر ڪري رکيائون؛ پر اُن به جلدي
پَرَ سويا. ٻه چار سال اسڪول ۾ بدليون سدليون پي
ٿيون. مسٽر سين صاحب ڇڙواڳه ٿي گهري ۽ ديوان
ڏيارام صاحب، جو سوسائٽيءَ جو پريزڊنٽ هو، تنهن جا
به ضابطي بابت پختا خيال هئا؛ تنهن هڪ لڱا لکيس ته
جيڪي به اختياريون سرڪاري اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن کي
ملن ٿيون سي اوهانکي به ملنديون، بلڪ ڪجهه وڌيڪ
به، پر انهيءَ کان وڌيڪ نه. مونکي افسوس آهي ته
مان ڇڙواڳي نٿو ڏيئي سگهان. تنهنڪري سين صاحب به
اسڪول ڇڏي ويو. هن وقت ديوان بولچند ڏيارام بي.
اي. امتحان پاس ڪري ويٺو هو. ديوان خانچند سندس
ڀيڻيوئي به سال 1893ع جي آخر ۾ بي. اي. امتحان پاس
ڪيو. انهيءَ کان سواءِ 3- ٻيا به نوجوان
حيدرآبادي، ايڪڊميءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا؛ هڪڙو
مسٽر اُڌارام چانڊومل ٿڌاڻي، جو پوءِ وڃي ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل اِنسپيڪٽر ٿيو، ٻيو هاسومل سدار نگاڻي،
جو پوءِ وڃي ايڊيو ڪيشنل اِنسپيڪٽر ٿيو، ۽ ٽيون
هاسومل مورجمل آڏواڻي، جنهن ماستري ڇڏي وڃي اباڻي
زمينداري ڪئي. انهن پنجن ئي کي ديوان ڏيارام،
ايڪڊمي ۾ ڇڪي آندو ۽ ايڪڊمي کي وري ڪنئين سال ته
چڱن ماسترن جي درڪار ڪانه هئي.
ديوان خانچند پرتابراءِ
راءِ بهادر بولچند
ڏيارام
ديوان ڏيارام چوندو هو ته پُٽَ انگلنڊ جو بيٺڪي
راڄ هن ڪري وڌائي سگهيو جو هو سڀ کان سٺا آدمي
چونڊيندو هو. هن به هاڻي ائين ڪيو. ڪجهه سبق
پرڀداس جي ڇڏي وڃڻ مان،ڪجهه مسٽر سين کي ڇڙواڳي نه
ڏيڻ جي لفظي تڪرار مان به پرايو هئائين، سو مسٽر
بولچند کي ڪلي اختياريون ڏنائين ۽ ڪابه دانهن هنجي
برخلاف ٻڌندوئي ڪين هو. ماسترن ۾ ته البت ايرکا
ٿيندي هئي جو مسٽر خانچند، ديوان بولچند جو
ڀيڻيويو هو ۽ اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ ساڻس گاڏيءَ ۾
وهندو هو ۽ سانجهيءَ جو به ساڻس گهمڻ ويندو هو.ٻين
گرئجوئيٽن ائين ٿي سمجهيو ته هنن جا حق مارجي ويا
آهن ۽ تنهنڪري هڪ هڪ ويو ايڪڊمي ڇڏيندو. انهيءَ
ڳالهه ديوان ڏيارام کي گهڻيءَ چنتا ۾ وڌو. ديوان
هميشه کان پريذيڊنٽ هو، پر ڏٺائين ته ٻيو ڪو رستو
ڪونهي؛ ٻه ته پختيون ٻانهون کيس مليون سو اندريون
ڪم انهن جي آڌار ڇڏيائين ۽ پاڻ باقي حساب ڪتاب
وغيره سو ڪيترا ڏينهن رکندو رهيو ۽ پيسن جي انتظام
جي نگهباني ڪندو رهيو. |