سري ڀڳوت گيتا
(1) اپريل 1893ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل پنهنجي
پرتگيا موجب سري ڀڳوت گيتا سنڌيءَ ۾ ٺاهي ڇپائي.
انهيءَ ۾ پهريائين سانکيه ۽ يوگه جو مختصر مطلب،
سهڻيءَ طرح سمجهايو ويو آهي ۽ تنهن کان پوءِ هڪ هڪ
سلوڪ جي ٽيڪا يعني ڀاشانتر ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي. منڍ
۾ ڏيارام ظاهر ڪيو آهي ته ”مون پنهنجو ڌيان رڳو
مول تي ڌري، پنهنجي وت آهر، انهيءَ جي سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ سانکيه ڪارڪا ۽
پتنجليءَ جي يوگه سوترن ۽ سري ڀاڳوت جي 11 سڪنڊ ۽
اُپنشندن جي سهائتا ورتي اٿم.“
”هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته جيئن انگريزن کي بائيبل
آهي، مسلمانن کي قرآن آهي ۽ پارسين کي زند اوستا
آهي، تيئن هندن کي گيتا آهي. اهي چارئي پستڪ
سڀڪنهن ڪورٽ ۾ رکندا آهن. جي انهن تي قسم کڻندا
آهن تن تي گهڻو وزن ڏيڻ ۾ ايندو آهي؛ ڪڏهين ڪڏهين
ته سمورا فيصلا اهڙن قسمن تي ٿيندا آهن. هندن ۾
گهڻيئي پنٿ آهن. پر اهڙو هندو ڪونهي جو گيتا کي
نٿو مڃي ۽ اهڙا ساڌو ڪي ٿورا آهن جن کي اها سڄي
ياد نه آهي يا جي هيڪر ڏهاڙي هنجو پاٺ نٿا ڪن. اصل
۾ هيءُ پستڪ تمام ننڍڙو آهي ۽ اهڙو ڪو ورلي منجهس
صفحو آهي جنهن ۾ ويدن جي اُتر ڪانڊ مان ڪا واڻي
نٿي اچي؛ زبان به بلڪل سولي آهي پر گهڻو ڪري هڪڙو
هڪڙو لفظ موتي آهي ۽ هڪڙي هڪڙي تڪ نهايت شيرين
آهي. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته هندن ۾ جي ڀاتين ڀاتين
مت آهن، تن سڀني جو هن ننڍي پستڪ تي وڏو آڌار آهي
۽ اهو ئي آهي جنهن ۾ سڀني جو پرچاءُ ٿئي ٿو.“
”سري ڀڳوت گيتا کي پڙهڻ ۾ ياد رکڻ گهرجي ته گيان
جون گهڻيون منزلون آهن ۽ ٻڌين ۾ گهڻا تفاوت آهن؛
جيڪڏهن ڪنهن ننڍي ٻار کي نرگڻ نراڪار جي سمرڻ لاءِ
چئبو ته هنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه بلڪل نه وهندي پر
جي چئبس ته ايشور پتا وانگر آهي يا ماتا وانگي، ته
ڪجهه قدر سمجهي ويندو. ڪيترا ماڻهو عمر ۾ ٻار نه
آهن پر ٻڌ ۾ ٻار آهن؛ انهن لاءِ گيتا ۾ ٻارن جي
ٻولي آهي. ٻيا ٻڌ ۾ ٻار نه آهن؛ انهن لاءِ پهتلن
جي ٻولي آهي. اهي ٻه ٻوليون ضرور مٿاڇري پڙهندڙ کي
هڪ ٻئي جي برخلاف ڏسڻ ۾ اينديون پر سچ پچ برخلاف
نه آهن، ۽ جيڪو ڪو محنت ڪري رڳو مول جو شرڌا سان
اڀياس ڪندو تنهنکي اُميد آهي ته آهستي آهستي اها
ڳالهه عيان ٿيندي.“
آتمڪ وڪاس لاءِ جيڪو خزانو هندن وٽ موجود آهي. اهو
اهڙيءَ طرح درجي بدرجي ديوان ڏيارام ڪوشش ڪري
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ تيار ڪندو رهيو. پهريائين جپ صاحب
ماتا کي ارپڻ ڪيائين، ٻيو گيتا پتا کي ارپڻ ڪئي
اٿس. وري ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ ماءُ ۽ ڌيءُ جي عقل
جي هار جي ڳالهه لکي اٿس جنهن ۾ ٻارن ۾ ڌارمڪ
سنسڪار ڪيئن جاڳائجن سي ڏنل آهن ۽ ڳوڙهن ويچارن
وارن لاءِ وري يوگه درشن سنڌيءَ ۾ پرڪاشت ڪيو اٿس.
هاڻي انهن ۽ ٻين پستڪن جو ڪجهه بيان ڏبو.
يوگه درشن
سري ڀڳوت گيتا کان وري ڏهه سال پوءِ ديوان ڏيارام
گدومل 22 مارچ 1903ع ۾ سري يوگه درشن يا راج يوگه
جا سوتر پرڪاش ڪيا. ڪتاب جي منڍ واري صفحي تي ظاهر
ڪيل آهي ته ”اهي سوتر پتنجلي رشيءَ جا پرسڌ ڪيل
آهن، جن ۾ سچي سائينءَ ۽ ساکيءَ ۽ سَکي جي درشن ۽
ميلاپ لاءِ يوگه جو رستو ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهيءَ
کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. سڀني اڌڪاري ڀائرن
۽ ڀينرن جي هت لاءِ ارپڻ ڪيل آهي هڪ سچي پرم پياري
پرڀوءَ کي.“
پرستاونا ۾ ديوان ڏيارام ڏيکاريو آهي ته ”حقيقي
واٽ ۾ به ماڻهن کي درجي بدرجي وکه کڻڻ گهرجي.
پهريائين ننڍڙي ٻالڪ وانگي ريڙهيون پائڻ سکن، پوءِ
اٿي بيهڻ ۽ پوءِ سولو پنڌ ڪرڻ.“ جيڪو سڀني کان
هيٺئين ڏاڪي تي هڪ پير رکي، يڪدم سڀني کان اوچي
ڏاڪي تي ٻيو پير رکڻ گهرندو سو ضرور يا ته ٽنگ ٽڪر
ڪندو يا ٿاٻو کائيندو؛ پر هن زماني ۾ ڏسجي ٿو ته
جنکي پهرين پنجن درشنن جي ڪابه خبر نه آهي ۽ جن کي
ڪو به انڀؤ نه آهي سي پاڻ کي ويدانتي سڏائي ويدانت
جو نالو بد ڪن ٿا.“
اصل پرمپرا کان اهو رستو هو ته پهريائين ڪرم جو
مارگه، جو پوروَ ميمانسا ۾ ڏيکاريل آهي سو سکجي.
انهيءَ جي سوترن ۾ جئمني رشيءَ ڏيکاريو آهي ته
ويدن جي ڪرم ڪانڊ جو ڪهڙو مطلب آهي ۽ ويدن جي ارٿ
ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قانون آهن سڀ درشن، ويدن تي آڌار
رکن ٿا ۽ انهيءَ ڪري ويدن کي يٿارٿ سمجهڻ لاءِ
پوروَ ميمانسا جو نهايت ضرور آهي.“
ڪرم جي مارگه سکڻ کانپوءِ نياءُ ۽ وئشيشڪا ڪمائتا
ٿين ٿا. نياءَ دواران اسين ڏٺل وستن بابت پوريءَ
طرح دليل دورائڻ سکون ٿا ۽ وئشيشڪا دواران اهي
دليل دورائي سمجهون ٿا ته هي سڀ اسٿول پدارٿ اڻن
منجهان ٿيل آهن. انگريزي ڪاليجن ۾ به دليل پوريءَ
طرح دورائڻ لاءِ ۽ اڻن، ننڍڙن پتڪڙن، مان ڪيئن
اسٿول پدارٿ ٿيا آهن سا ڳالهه سمجهائڻ لاءِ اپديش
ملندا آهن. گوتم ۽ ڪڻاد رشين اڳين زمانن ۾ ساڳيو
پراُپڪار ڪيو آهي.
سانکيه جو رچيندڙ ڪپل مني آهي؛ سانکيه، نياءَ ۽
وئشيشڪا پڙهيلن کي هڪ پير وڌيڪ ڀرائي ٿو. ڇاڪاڻ ته
هو سمجهائي ٿو ته انيڪ پدارٿن ۾ آخرين پدارٿ فقط
ٻه آهن؛ پرش ۽ پرڪرتي. جن مان پرش اپرنامي آهي ۽
پرڪرتي پرڻامي. ٻئي انادي آهن پر پرش پرڻامن جو
ساکي آهي ۽ چيتن آهي ۽ پرڪرتي درشيه آهي ۽ جڙ.
سانکيه موجب جي سڀ وستُو ڪري ڪنهن اڌ ڀوت ڪڙاهيءَ
۾ وجهجن ته پرڪرتي ۽ پرش انهن منجهان ضرور نڪرندا،
باقي سڀ پرڪرتيءَ جا وڪار آهن. يوگه، سانکيه تي
بنياد ٻڌي، پرڪرتي ۽ پرش جي ڀيد جي ساکيات ڪار
لاءِ ساڌن ٻڌائي ٿو. سانکيه جو ساڌنن سان ڪو واسطو
نه هو. تنهنڪري انهيءَ ۾ وشيش پرش جو يعني ايشور
جو ذڪر ڪونهي. پر يوگه موجب ايشور پرنيڌان، ايشور
جو سمرڻ ۽ آسرو هڪ تمام وڏو اپاءُ آهي. اهو اُتم
اڌڪارين لاءِ به آهي، مڌيم اڌڪارين ۽ اَڌم اڌڪار
لاءِ به. يعني من جنجي وس گهڻو آهي ۽ جنجي وس پورو
پنو آهي ۽ جنجي وس ٿورو آهي انهن سڀني لاءِ ڀڪتي
ڪمائتي آهي.
يوگه سوترن ۾ انهيءَ ساڌن تي تمام گهڻو زور رکيو
ويو آهي، ۽ انهيءَ جي سمجهائڻ لاءِ ايشور، وشيش
پرش جو ورنن ڪرڻ ضرور ٿيو. تنهنڪري واستوَ ۾
سانکيه ۽ يوگه مختلف نه آهن ۽ ائين سري ڀڳوت گيتا
۾ چيل آهن اتر ميمانسا يا سانکيه ۽ يوگه جون
ساڌارڻ ڳالهيون وهنوارڪ ستيه چيون ويئون آهن. پر
جو يوگ جو پورڻ اڀياس ڪري ٿو تنهنکي مها انڀؤ ٿئي
ٿو ته پرڪرتي ۽ پرش ٻه روپ هڪ ئي برهم جا آهن. اهو
ئي متو ويدانت جو آهي. ”ايڪم ايو ادوتيئم“ يعني سڀ
جيڪي آهي سو پرمارٿڪ ستيه موجب هڪ ئي هڪ آهي.
جيتوڻيڪ وهنوارڪ ستيه ريت پرٿڪ پرٿڪ يا جدا جدا
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ طرح جيئن ڀڳوت گيتا جي
سمجهائڻ لاءِ پهريائين سانکيه ۽ يوگه جو سنکشپت
سار يا مختصر مطلب ڏيارام سمجهايو آهي تيئن هتي
ڀومڪا ۾ سڀني درشنن جو هڪ ٻئي سان سنٻنڌ ۽ سلسلو
ڏيکاريل آهي. مهارشي هميشه اها ڪوشش ڪندا آهن ته
سرؤ ساڌارڻ ماڻهن کي ڌارمڪ خزانو سندن چالو ڀاشا ۾
ٻڌائجي. ديوان ڏيارام به ائين ڌارمڪ خزانو درجي
وار پهريائين ڀڳتي يوگه جپ صاحب جي دواران، پوءِ
ڪرم يوگه يا ڪرم سنياس گيتا جي دواران ۽ گيان
يوگه، راج يوگه جي دواران سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. انهيءَ کانپوءِ
“Dairy of a Hindu Devotee”
۾ پنهنجي دينڪ وهيءَ جي ليکن دوران ويدانت تي چرچا
هلائي اٿس. مطلب ته جيئن سندس سکيا جو زور سڀڪجهه
درجي وار سکڻ تي آهي تيئن ڌرمي پستڪ به بيشڪ درجي
وار لکيا اٿس.
سيکارڻ جو سٺو رستو آهي ته پهريائين سکندڙ جي من ۾
سوال پيدا ڪجي. تنهنڪري ديوان ڏيارام جو به عمر ڀر
اهو رستو رهيو ته جيڪي پڙهندو هو تنهن کي سوال
جواب جي صورت ۾ ٺاهي رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. انهيءَ
طرح جپ صاحب ۽ يوگه درشن جي فهرست ۾ ئي هڪ هڪ پؤڙي
۽ هڪ هڪ سلوڪ ۾ ڪهڙي سوال جو جواب ڏنل آهي سو
چٽيءَ طرح پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. راج يوگه جي
فهرست ۾ لکيل آهي سوتر نمبر – پرشن جنهنجو اتر
سوتر ۾ آهي. هيءَ طريقو تمام سندر آهي. پرستاونا
جي پڇاڙيءَ ۾ ديوان ڏيارام لکيو آهي ته سوترن کي
سمجهڻ لاءِ پهريائين پرشن پڙهي ڇڏڻ گهرجن ۽ ساڌارن
ماڻهن کي ته يم ۽ نيم پهريائين سمجهڻ گهرجن ۽ ڪرم
سڌارڻ گهرجن. تنهن کانسواءِ هر هڪ سوتر جو ترجمو،
سار ۽ سمجهاڻي به ڏنل آهي. مطلب ته سٺي کان سٺو
ڌارمڪ خزانو سنسن، ڀرمن ۽ ڏند ڪٿائن کان آجو ڪري،
سهڻيءَ طرح سنڌيءَ ۾ سمجهايو ويو آهي.
ساڌو هيرانند
ساڌو هيرانند جو جيون چرتر
من جي اسٿتيءَ لاءِ يوگه شاستر جي سماڌي پاد يعني
پهرئين حصي ۾ جيڪي ست اُپاو ڏنل آهن تن مان پنجون
اُپاءُ آهي ڪليش رهت مهاتمائن جي جيوت تي وري وري
ويچار ڪرڻ. تنهن ڪري سنت آتم شڌيءَ لاءِ چوندا آهن
ته سنتن جون جنم ساکيون پڙهڻ گهرجن. انهيءَ پٽاندر
ديوان ڏيارام به ٻن مهاپرشن جون جنم ساکيون ٺاهيون
۽ لکيون: هڪڙي مستر ملباريءَ جي ۽ ٻي ساڌو هيرانند
جي. ساڌو هيرانند جي ڪتاب جي مهاڳه ۾ لکيل تاريخ،
19 آڪٽوبر 1903ع آهي ۽ جاءِ، ڪلفٽن ڪراچي.
ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ ساڌو
هيرانند جي اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن جو ذڪر آهي،
1863ع کان 1879ع تائين حيدرآباد ۾ ٻالپڻو، سڪول.
پوءِ پنج ورهيه ڪلڪتي ۾ 1879ع کان 1884ع تائين ۽
ڪيئن هن جي مٿان ڪيشب چندرسين ۽ برهمو سماج جو اثر
ٿيو. ٻئي ڀاڱي ۾ سندس جيوت ڪراچيءَ ۾ فيبروري
1884ع کان نومبر 1887ع تائين اخبار نويسيءَ جي ڪم
واري ۽ پوءِ نومبر 1887ع کان مرڻ تائين جنهن ۾
استري وديا، لوڪ شيوا ۽ وبا ۾ شيوا، پنگتي سڌار ۽
ڇوڪرن لاءِ اسڪول اهي سڀ ڳالهيون اچي ٿيون وڃن.
ڀومڪا ۾ لکيل آهي ته هيرانند خود نئرت، نهٺائي ۽
نماڻائيءَ جي مورتي هو. هو هڪڙو رستي تي رهيل
شرميلو گل هو، جنهن پنهنجي خوشبوءِ، ڪيترن ورهين
تائين سنڌ جي بيابان ۾ وئرٿ وڃائي. هو مشهوريءَ
کان ونءُ ويندو هو. ورهين کان وٺي منهنجي دل ۾ اهو
انديشو هو، ته اهڙي جي جيوت، جا افسوس وري تمام
ٿورا ورهيه هلي، سا ظاهر ڪرڻ واجب آهي يا نه آخر
انهن سنسن کي شانت ڪري مون سندس تمام مختصر جيوت
جي آکاڻي لکي آهي، انهيءَ اميد تي ته من ٻين مسڪين
طبع ۽ نماڻن ماڻهن کي ڪجهه انهيءَ مان آٿت اچي ۽
اتساھ وڌي.
هيرانند جو پورن وشواس هو ته يگيه ۽ قربانيءَ
کانسواءِ سائين سهائتا ڪين ڪندو آهي. هو نه رڳو
خود قرباني پنهنجو فرض ڪري سمجهندو هو پر نور
نورانيءَ جي حق جي شاهدي ڏيندو هو ۽ سندس سچيءَ
سونهن موجب پنهنجي حياتيءَ کي هلائڻ مان جو سچو
آنند اچي ٿو؛ تنهن جي به ڏيکاري ڏيندو هو. هن جي
جيوت هئي ٻين جي ڀلي لاءِ؛ هن جي سموري حياتي ويئي
حق تعاليٰ جي تلاش ۾، پريتم جي چاهڻ ۽ ڳولڻ ۾. گهٽ
۾ گهٽ انهن سببن ڪري سندس حياتيءَ جي خبر وڌيڪ
گهڻن ماڻهن کي پوي ته چڱو. ننڍي کان ننڍي موم بتي
به ميل تائين پنهنجا ڪرڻا پهچائيندي آهي ۽ اسان جي
اکين جا ڪرڻا هر هڪ ستاري تائين ٿا پهچن؛ تنهنڪري
شايد جيون ڪٿائن جي ساهتيه لاءِ هيءَ ڪوشش به بي
سود نه ٿيندي. پڙهندڙ پاڻ معلوم ڪري سگهندا ته
ساتوڪ، سادي ۽ سندر جيون جو ڪهڙو نه اعليٰ مثال هن
ڪتاب ۾ پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ختم
ٿي وڃڻ ڪري ٻيو ڇاپو سنه 1932ع ۾ ڇپايو ويو آهي.
اهو جيمني ڪمار ڪوئر لکيو آهي ۽ منجهس ٽي نوان
باب، هڪڙو پهريون جهوني ۽ نئين سنڌ بابت، ٻيو باب
اٺون ڪراچيءَ جي ڪارنامن بابت، باب ڏهون اختصار ۽
آخرين سکيا بابت پڻ درج ڪيل آهن. هيءُ ڪتاب پنگتي
شيوڪن لاءِ ۽ شيوا ڀاءُ وڌائڻ لاءِ ۽ پڻ پاڻ سڌارڻ
لاءِ تمام ڪمائتو آهي.
هندو ڀڳت جي دينڪ وهيءَ مان ورق
هن کانپوءِ ديوان ڏيارام يڪن ۽ وڏن ڪتابن جي روپ ۾
ڪي ايترا ليک ڪين لکيا آهن؛ پر هر روز پنهنجي آتمڪ
وهي لکندو رهندو هو ۽ انهيءَ مان سؤ چونڊ ڪري ڪتاب
ٺاهيا اٿس؛ انهن مان ايشور جا اتي تڇ يا قادر جا
ڪمترين
“The Leasts of God”
۽ ايشور جي تخت اڳيان “Before His Throne”
ٻه تمام سندر ڪتاب لکيا اٿس. ڪجهه ڳٽڪا ۽ هڪ ڪتاب
هوميوپٿي هلائڻ تي لکيو اٿس. 12- آڪٽوبر 1903ع کان
وٺي دينڪ وهيون انگريزيءَ ۾ شروع ٿيون ٿين ۽ هر
روز ديوان ڏيارام اهي دينڪ آتمڪ انڀُو، اُمنگ، ۽
اڀياس پنهنجي پڇاڙيءَ جي ڏينهن تائين لکندو رهيو.
اهي انگريزي دينڪ وهيون ٽن سلسلن ۾ ڇڏي ويو آهي.
پهريون سلسلو 1912ع تائين، ٻيو سلسلو 1920ع تائين
۽ ٽيون سلسلو 1927ع تائين؛ جنهن ۾ مرڻ کان هڪ
ڏينهن اڳي به سندس داخلا آهي؛ جنهن ۾ لکيو اٿس
”آد، مڌيه ۽ انت تون آهين پوءِ مان وري ڇا ٿيس؟،
انهن انگريزيءَ ۾ دينڪ داخلائن کانسواءِ جولاءِ
1923ع کان وٺي ڏيارام سنڌيءَ ۾ به دينڪ وهي لکڻ
لڳو. انهن دينڪ داخلائن لاءِ پنهنجي پٽ کي هڪ خط
لکيو اٿس ته جولاءِ 1923ع کان وٺي منهنجو جيئندو
جاڳندو ستگورو، گرو نانڪ جيڪو اوهان جي ڄاڻ
کانسواءِ تنهنجي ۽ منهنجي، ساري پروار جي خبرداري
ڪندو رهيو آهي، تنهن مون کي ڌارمڪ ۽ روحاني ڪوتا،
بيتن لکڻ جي ڏات بخشي آهي.
ڪراچي سڪول
آف آرٽ
انهن آتمڪ انڀوُ جي سنڌي ڪوتائن جي جلدن جو نالو
ديوان رکيو ”چابُڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ“. ٽي جلد ڇپجي
چڪا آهن. انهن دينڪ آتمڪ وهين مان جيڪي پهريائين
انگريزيءَ ۾ ديوان لکڻ شروع ڪيون، ڪي ورق پنهنجي
دوست مسٽر ملباريءَ جي ايسٽ ۽ ويسٽ اخبار ۾
ڇپائيندو رهيو. اهي پوءِ وري گڏ ڪري هڪڙي ڳٽڪي جي
نموني ۾ هڪڙي هندو ڀڳت جي دينڪ وهيءَ مان ورق،
انهيءَ نالي سان 1917ع ۾ پانني آفيس ڇپايا. انهيءَ
ڪتاب جي مهاڳ ۾ ديوان ڏيارام لکيو آهي ته ويدانت
ڪا دليلن سان سڌ ڪرڻ جي شيءِ نه آهي پر هڪڙو انڀؤ
آهي، هڪڙو دل جو درشن آهي. ويدانت پرماتما کي هر
هڪ شيءِ ۾ ۽ هر هڪ جيوَ آتما ۾ پسي ٿو؛ انهيءَ ڪُل
کي هر هڪ ذري ۾ ڏسي ٿو؛ سڀني پردن جي پٺيان هيءُ
هڪ پريتم کي پسي ٿو؛ مطلب ته ويدانت، اهو آتمڪ
انڀؤ ۽ آتمڪ درشن ته هميشه سوني سانت جي نعمت ماڻي
ٿو. اهو بي زبان آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي به وچنن ۾
وجهجي ٿو سو ٻيائيءَ جي ٻنڌنن ۾ اچي ٿو وڃي. آتمڪ
انڀؤ وارو ويدانت انروچنيه آهي، جنهن کي اسان جي
شاريرڪ نيترن ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي ۽ نڪي ڪن به
جسماني ڪنن ٻڌو آهي، نه جسماني دماغ خيال ۾ آندو
آهي. پر هڪڙو ٻيو ويدانت آهي ٻاهريون، زباني،
بياني ويدانت، جو اندرئين بي زبان ويدانت جو
اڳواڻ، پروهت ۽ پرچار ڪندڙ آهي. ڪو به انسان سانت
جي ويدانت تائين پهچي نٿو سگهي جيستائين گهري
سانتيڪي اورچائيءَ سان اڀياس نه ڪري، ديرگهه ڪال
نرانتر ڌيان نه ڌري ۽ اوچي قسم جو آتمڪ انتظام نه
پاڻ تي رکي. انهيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو به سچيءَ
دل سان ڪائي ڪوشش ٿو ڪري سا اجائي نٿي وڃي. زباني
ويدانت جو هڪڙو ڪم آهي ته ماڻهن کي دليل سان
سمجهائي ته آتمڪ انتيءَ لاءِ اڀياس، ڌيان ۽ نيم
موجب پاڻ پلڻ جي ڪوشش ڪندا رهن. زباني ويدانت جو
ٻيو ڪم آهي سانتيڪي بي زبان ويدانت جي حقيقت کي سڌ
ڪري ڏيکارڻ.
ڪل چار اُديش سامهون رکي ديوان ڏيارام هي دينڪ
وهيءَ مان ورق ڇپايا. انهن مان ٻه اديش ته مٿيان
هئا. ٽيون هو ويدانت جي وڌي يا ساڌن سمجهائڻ. اهي
ساڌن ويدانت جي آخرين مقصد سان منجهائڻ نه گهرجن؛
ڇاڪاڻ ته اهي آهن فقط اتي پهچڻ لاءِ رستا. رستا ته
گهڻا آهن، پر مکيه رستو آهي اهمتا ۽ ممتا مارڻ،
پوءِ کڻي اهي چڱن ڪرمن، ڀڳتيءَ، يوگه يا گيان سان
مارجن. هن مارگه تي هلندڙ کي داسن جو داس ۽ سچن ۾
سچو ٿيڻ ضرور آهي، ۽ سنسار ۾ رهي وهنوارڪ جيون ۾
پنهنجو ڪرتويه پالڻ، پوترتا ۽ آزادي ۽ مڪتيءَ لاءِ
هر هر هردي ۾ سڀني سجن جي سج، ۽ گرن جي گروءَ جي
درشن پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ان جي شبد ٻڌڻ ۽ جوت ماڻڻ
لاءِ يتن ڪرڻ. ويدانت جي واٽ تي هلندڙ اڳيان
ڪيتريون اٽڪون اينديون انهيءَ لاءِ هنکي ويراڳه
سکڻ گهرجي. ڪڏهن به اوچ وشواس، آس يا پريم کي ڇڏي
نه ڏيڻ کپيس ۽ نڪي دل لاهڻ يا دماغ وڃائي وهڻ
گهرجيس. ياد رکڻ گهرجيس ته ايشور پنهنجي ڪرپا ساڻ
هر هڪ وهه ۾ به امبرت رکيو آهي ۽ هر هڪ خرابيءَ ۾
چڱائيءَ جو سبق موجود آهي.
هن وهيءَ جي ورقن کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو چوٿون
اُديش آهي ڏيکارڻ ته پرٿويءَ ۽ آڪاس ۾ هزارين شيون
اهڙيون پيئون آهن جن جو ٻاهرينءَ وديا ۽ وگيان کي
ڪو به پتو ڪونهي تنهن ڪري اهڙي اڌوري ٻاهرئين
وگيان کي اندرئين سانتيڪي ويدانت مٿان ڪو تڪڙو
فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي فيصلن جي سچائيءَ تي
ايتري پڪ به نه ڪرڻ کپيس. هزارين عجيب پروليون
ڀريون پيئون آهن، اسان جي سپنن ۾، آبي، هوائي ۽
خاڪي بد بدن ۾، هر هڪ ماتا جي پريم ۾، جن جي
ٻاهرئين گيان کي ڪا به خبر ڪانهي. تنهنڪري ٻاهرئين
وگيان کي ڪين جڳائي ته اندرئين ويدانتڪ انڀؤ تي ڪو
اوندھ ۾ قطعي يا ڪچو فيصلو ڏئي پر جاچي ۽ آزمائي
ڏسي.
هن وهيءَ جي ورقن جا ڏهه حصا ڪيل آهن ائين ته خيال
اوچتا ۽ هر روز نوان لکيل آهن پر گهڻو ڪري ڪيترن
ورقن ۾ سانده هڪ قسم جي خيالن جي لڙهه لڳل آهي؛
تنهنڪري آهن حصا. پهرئين حصي ۾ ڏيارام، ڌرو ۽
پهلاد جهڙي جيون ٺاهڻ تي ڌيان ٿو پچائي ۽ لکي ٿو
ته جڏهين ٻاهريون وگيان به اڃا ڪيترين ڳالهين بابت
پڪ تي ڪونه پهتو آهي ته، اندريون وگيان، ڪرم جو
وگيان، ڳولڻ ڪيترو نه مشڪل آهي؟ دل ۾ ديا ڌارڻ،
ڌيرج ڪرڻ، کميا ڪرڻ ۽ سڀ ۾ هڪ پسڻ تي زور ڏنو اٿس.
ٻئي ڀاڱي ۾ ماڻهوءَ ۽ وڻ جي ڀيٽ ڪئي اٿس ۽ لکيو
اٿس ته وڻ جو اندر سخت ۽ ٻاهريون سوکيم ۽ اسان جو
اندر سوکيم ۽ ٻاهر سٿول آهي. وڻن ۾ به ايشور آهي،
پٿرن ۾ به اُهو ۽ اسان ۾ به اُهو، خراب کان خراب
ڪوڙي ۽ ڪوڙهي ۾ به شل ايشور جو درشن ڪري سگهون!
مطلب هن ڪتاب ۾ ٻاهريان مغربي وگيان جا ڪتاب پڙهي
۽ انهن ۾ ڏيکاريل سچن ۽ قاعدن جي، ۽ اندرئين پوربي
آتمڪ وگيان جي سچن ۽ قاعدن جي ڀيٽ ڪري هڪ جهڙائي
ڏيکاري اٿس ۽ ٽيڪا ڪئي اٿس ته ٻاهرين وگيان جي
پرولين ۽ شڪ ڀريل ڳالهين کي به ائين جلد پڪ ڪري ٿا
سمجهون. پر اندرين گيان جي پڪين ڳالهين ۽ پرولين
تي ناحق شڪ ٿا آڻيون. ٽئين ڀاڱي ۾ وري فوٽوگرافيءَ
جي وگيان مان ايشور جي درشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
هڪ هڪ وگيان مان اندرئين آتمڪ ۽ ايشور گيان تي
پهچڻ جو سندس يتن آهي. لکي ٿو ته سنت هڪ روحاني
فوٽوگرافر آهي ۽ سندس اندر ايشور جا روحاني چتر
پيا هر وقت پسجن ۽ ڇپجن. اهڙيءَ طح هر هنڌ گيان ۽
ويدانت جي سچن جي مشابهت ڏيکاري اٿس. لکيو اٿس ته
جڏهين وگيان جي وچتر ڳالهين تي ڪو عجب ۽ شڪ نٿا
ڪريون ته ويدانت جي وچتر ڳالهين تي به ڪو عجب يا
شڪ نه ڪرڻ کپي. منجهس وري پنهنجي ڀائٽئي جي
بيماريءَ، ڪرم گتيءَ جي سمجهڻ ۽ هوميوپٿي جي لاڀ
جون ڳالهيون به ڳنڍيل آهن.
چوٿين ڀاڱي ۾ ڏيکاريو اٿس ته سڀ ڌرم اندر کي اشاري
ڏيڻ جا جدا جدا رستا آهن. هيءَ دنيا بازيگر جي
بازي، اسان جي آتمڪ سڌاري لاءِ آهي.
اوم جي مهما ڳاتي اٿس ۽ لکيو اٿس ته سنتن جو ڌرم
آهي ايشور انڀؤ، جو ملي ٿو سگهي آتمڪ اڀياس سان،
ڌيان سان. پنجين ڀاڱي ۾ مطلق حقيقت بابت ويچار
ڏيکاريا اٿس ۽ لکيو اٿس ته حسابن ۾ اسين مطلق جو
خيال ٺيڪ سمجهون ٿا ته ڇو نه ڌرم ۾ به. اڌم چيت يا
اچيت چت، سچيت چت ۽ پرم چيت چت جون ڳالهيون لکيون
اٿس.
ڇهين ڀاڱي ۾ لکيو اٿس ته سڀني ڌرمن موجب انسانن ۾
ايشور جو واسو آهي ۽ اڀياس سان انسان ايشوري پد
پراپت ڪري ٿو سگهي.
ستين ڀاڱي ۾ لکيو اٿس ته پوري درشن موجب من به
سوکشم پراڪر تڪ آڪار آهي ۽ سڀيئي گهٽنائون شاريرڪ
۽ مانسڪ ٽن پراڪرتڪ گڻن جي گتيءَ جو وستار آهن. ٽن
گڻن جا ميلاپ انيڪ قسمن جا آهن ۽ تنهنڪري انيڪ آهن
اوسٿائون.
مشرقي ۽ مغربي سنت پنهنجو ساتوڪ گڻ زورآور ڪندا
آهن ۽ انهن جي ساکي بلڪل هڪجهڙي آهي. ڪيترن معربي
سنتن جا اڀياس ۽ انڀوَ لکيا اٿس؛ يوگ ۽ ويدانت جي
متن سان سندن مشابهت ڏيکاري اٿس. ان ڀاڳه ۾ ايشور
جي انيڪ روپن، رنگن ۽ ڀڳتن تي ڀيڙن ۽ اٽڪن جو ۽
مشڪلاتن جو ورنن ڪيو اٿس. لکيو اٿس ته پاپ دنيا ۾
آهيئي انهيءَ لاءِ، ته اسين ستنترتا انڀؤ ڪري پڃ
چونڊيون ۽ ايشوري پد پراپت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
نائين ڀاڱي ۾ سرليسلِي اسٽيفن جي
“Agnostic’s Apology” اوشواسيءَ جي عذرن جو کنڊن ڪيو اٿس. ڏهين باب ۾ ڏيکاريو اٿس ته
مشرق ۽ مغرب ٻئي ايشور جي باغيچي ۾ ٻه ڀينر آهن ۽
ٻئي ساڳئي ايشور جو ورنن ڪري رهيون آهن. جيمس جي
ڪتابن مان لکيو اٿس ته جيئن اسين ويچار ڪريون ٿا
تيئن ئي ٿي پئون ٿا. تنهنڪري ست، چت، آنند تي
ويچار ڪرڻ سان اسين اهو روپ پختو ۽ ظاهر ڪريون ٿا.
سدا ست، شوَ، سندر تي ڌيان ڌرڻ سان ۽ اهنڪار ڪڍي
اونڪار جپڻ سان ايشور جوت، ايشور درشن ۽ ايشور
شڪتي پراپت ڪريون ٿا. پر انهيءَ لاءِ سڀ ڪجهه
قربان ڪجي ته سڀ ڪجهه پراپت ٿئي. پاپين ۽ دشمنن ۾
به ايشور موجود آهي جيئن ڪڪرن پٺيان سج ۽ ڪڪر به
سندس پيدائش آهن. تنهنڪري هر هڪ ۾ شل انهي ريت
ايشور پسون ۽ جاڳرت ڪريون. جوترميء ڌاتو
“Radium”
لهڻ لاءِ ڪيترا نه ڪشالا وگيان وارن ڪيا؟ جاوداني
جوت لهڻ لاءِ. تنهنڪري ڪيترا به ڪشالا ڪجن ته صد
بار سجايا آهن. انت ۾ لکيو اٿس ته هاڻي ايڪانت جو
مدو اچي پورو ٿيو آهي؛ وري وڃي دنيوي ڪمن ۾ مشغول
ٿيڻ جو وارو آيو آهي. شل اتي به ننڊ ۾، سپني ۾،
توڻي جاڳندي پنهنجي رهبر جي سنگه رهان ۽ هنکي ياد
ڪندو وتان! اهو ئي آهي آد سچ، جڳاد سچ، سچو سنگي.
دنيا ۾ ٻيو ڪو به پريتم، نه پتني نه پريمي، هن
جهڙو سچو سنگي ٿي سگهندو. انهيءَ ڏانهن ئي تنهنڪري
اسين پنهنجو اندر دورايون. انهيءَ تي سدا ڌيان
ڌريون ۽ اُنکي پايون. انهن لفظن سان پوري ٿي ٿئي،
هيءَ ڪلفٽن ۾ ٺهيل ايڪانت ۽ سانت جي سوکڙي، هيءَ
اندر ۾ اڀياس جي شاهدي، هي ڀڳت جي دينڪ وهيءَ جا
ورق.
وَهي هٿان هن، ائين ٿي ويئي؛
سدا ڪتيائين ٿي، ڀت ٻر ويهي.
پتت جي دينڪ وهي
Diary of a Derelict
ڪلفٽن ۾ ايڪانت جا ڏينهن ڪاٽڻ بعد ديوان ڏيارام،
ڍوليا ۽ سورت بدلي ٿي ويو؛ اتي جيڪا دينڪ وهي لکي
اٿس سا 1908ع جي ملباريءَ جي اخبار
East and West
۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي. انهيءَ دينڪ وهيءَ جو نالو
رکيل آهي پتت جي دينڪ وهي. انهيءَ وهيءَ ۾ (1)
جنوري 1905ع کان (1) مارچ 1916ع تائين جا دينڪ آتم
ويچار ڏنل آهن. پهرين داخلا ۾ لکيو اٿس ته مان
يوگه ڀرشٽ آهيان. 47 ورهيه جيڪي هن جهان ۾ ڪاٽيا
اٿم تن جو سَدِ اپيوگه ڪيو اٿم يا نه؟ جڏهن روحاني
ويا اندر ۾ اُٿيم ٿي ته ان جو فائدو ورتو اٿم يا
نه؟ نه. اڃا ته تانگهي ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻان، جيتوڻيڪ
ايشور ڪرپا سان دکن ۾ دٻيل نه آهيان. پهريائين ته
ڪوئن ۽ مڇرن جي دانهن سان وهي چٽيل آهي. نيٺ ڪئا
مار رکايو اٿس ۽ ان تي ويچار پرگهٽ ٿيل آهن. هن
وهيءَ ۾ تمام گهڻا درشٽانت شراب خانه خراب جي
خرابيءَ جا ڏنل آهن ۽ ائين لکيل آهي ته سچ پچ شراب
جو شيطان ته انسانن پاڻ پيدا ڪيو آهي ۽ ان منجهان
ڪيئي خون خرابيون پيئون ٿين. خبر پوي ٿي ته هنن
ڏينهن ۾ ديوان، رسٽن، ٽالسٽاءِ ۽ بربئَنڪ جا ڪتاب
پڙهندو رهيو ۽ انهن جو مٿس خوب اثر ٿيو. ڏيکاريو
اٿس ته ٽالسٽاءِ جا انڀؤ اسان جي سنتن ۽ يوگين جي
انڀؤ اسان جي سنتن ۽ يوگين جي انڀؤ جهڙائي آهن ۽
ويدانتي متي سان ملي ٿا اچن. هر هر سٺا سٺا ارادا
۽ اشارا ڏنل آهن. جيئَن ته لکيل آهي ته مون کي نه
فقط پاڻ سڌار ۾ لڳڻ گهرجي پر اُپڪار ۾ به. شل ڪنهن
کي دُک نه پهچايان، سور نه رسايان. شل پنهنجو ستو
وڌايان، نفساني حصي ۾ پوترتا رکي، انساني حصي ۾
نئڙت رکي ۽ ايشوري حصي ۾ پريم رکي؛ شل اهو سچ
سمجهان، ته تڪليفون، نرآدار ۽ ٻين جون دشمنيون
انهيءَ آتمڪ انتيءَ لاءِ ضروري آهن؛ ته حياتيءَ جو
مقصد نه آهي سکه، نه ڏُک ، پر ٻنهي مان گذارو.
اندرئين جي آنند کان من جو آنند وڌيڪ آهي، من جي
آنند کان ٻڌيءَ جو، ٻڌيءَ جي آنند کان انتر آتما
جو آنند اتم آهي. بر بئنڪ جو ڪتاب پڙهي داخلا ڪئي
اٿس:- اي منهنجي آتما، روحاني باغبانيءَ جو ڪم سک؛
پريتم جي پياري ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به دائمي آنند
ڪونهي. مان ايشور جو پيارو تڏهن ٿي سگهندس جڏهن
تن، من، ڌن کيس ارپڻ ڪريان، يعنيٰ سندس تڇ پرانين
جي به سيوا ڪريان داس ڀاو سان. هن جا تڇ کان تڇ
پراني ڪير آهن؟ اهي جن کي سندس شيوا لاءِ ڪو وجهه
ڪونهي يا دل ڪانهي، وت يا وسيلو ڪونهي. انهن جي
نئڙت سان شيوا ڪريان. انهن ڏينهن ۾ ديوان ڏيارام
يتيم خانه ڪڍيو هو ۽ انهن جي شيوا ۾ مشغول رهندو
هو.
راجنيتڪ ويچار به اچن ٿا ته سرڪار ڪيئن نوڪر شاهي
سرشتي تي پيئي هلي ۽ ڪيئن شاهوڪار پيسن جا پوڄاري
آهن. ڪيئن هزارين ماڻهو ڪارخانن ۾ ڪلن هيٺان
چيٿاڙجو وڃن ته به ڪا پرواه ڪانهي. ڪيئن دنيادارن
جو هردو پهڻ کان به پري آهي ۽ ڪيئن کين ماڻهن جي
حياتيءَ جو قدر ڪونهي، فقط کاتن کرڙن تي ڌيان اٿن.
گلئڊسٽن لکيو آهي آزادي ئي ماڻهن کي آزاديءَ جي
لائق بڻائي سگهندي آهي؛ پر ان جي ابتر آهي ڪن
راجائن جو متو، ته ماڻهو لائق ٿين ته انهن کي
آزادگي ڏجي. پر ايشور جي راجنيتي پهرئين متي تي
بيٺل آهي جو اسان انسانن کي پاپ پڃ چونڊڻ جي
آزادگي ڏني اٿس ته نيٺ آزاديءَ سان لائق ٿي پنهنجو
پاڻ پڃ چونڊڻ سکون.
6- فيبروري 1906ع ۾ داخلا ڪئي اٿس ته انسان جو من
به پيانو باجي وانگي آهي؛ هڪڙا سر وڄائجن ته انسان
رواجي انسان آهي؛ ٻيا وڄائجن ته ديوتا روپ آهي؛
وري تار برقي وانگي اسان جي اندر جون تارون جي برن
ويچارن، وچنن يا ڪمن ڪري خراب ٿي ٿيون پون ته
ايشور جو آواز انهن جي وسيلي اچي نٿو سگهي. انت ۾
آراڌنا ڪئي اٿس ته شل مايا جي سهڻن پر سپني ماتر
گلن مان ايشور لاءِ ڪو گلدستو ٺاهيان ۽ پريم جي
جوت دل ۾ جڳائي ايشور جي آرتي ڪريان. دل جي ڏيئي ۾
شيوا جو تيل وجهندو رهان ۽ شڌ ويچار پيدا ڪندو
رهان ۽ اندر جي شڌ بجليءَ سان پاپ ۽ موه ساڙي خاڪ
ڪري ڇڏيان. شل اندر جي مندر ۾ تارا پيا چمڪن ۽ اتي
دل بند ڪري منهن جو من موهن سان ميلاپ ۾ رهي،
جيستائين ڪرمن جا ڪڪر دور ٿي وڃن ۽ پاپن جا پردا
سڀ هٽجي وچن، جيستائين ايڪا گرتا جي وسيلي ياگيري
به هڪ سُجاڳ ننڊ وانگر ٿي پوي ۽ ايشور جي ڌيان ۾
مگن ٿي ايشور روپ ٿي پوي ۽ يوگه ڀرشٽ به آخر يوگي
ٿي پوي.
اهڙيون پوتر هيون ڏيارام جون آراڌنائون! اهڙا اوچا
سندس امنگه!
ماءُ ۽ ڌيءَ – لوڀ جو مهاتم – ست سهيليون
يوگه شاستر لکڻ کانپوءِ ديوان ڏيارام جي جيوت جو
مقصد يوگه سڌ ڪرڻ جو ٿي چڪو، سندس دينڪ وهيءَ مان
معلوم ٿو ٿئي ته ڌيان دواران ايشور سان ايڪو لاڀ
ڪرڻ، اهو آدرش هن سامهون رکيو. پر اهڙي ڌيان ۾
سهائتا لاءِ يم ۽ نيم پالڻ، ايشور پرنيڌاڻ ۽ جڳت
هت، اهي به مطلب سامهون رکيائين. ٻارن ۾ ننڍي
هوندي کان وٺي ڌرم ڀاؤ ڪيئن جاڳائجي تنهن لاءِ
ماءُ ۽ ڌيءَ نالي ڳٽڪو لکيو اٿس. انهيءَ ۾ ڏيکاريل
آهي ته ڪيئن سيتا پنهنجي ڌيءَ گليءَ ۾ ايشور ڀڳتي
۽ جڳت هت جو ٻج پوکيو؛ ڪيئن هن جي اندر کي سوني،
موتين ۽ هيرن جي هار کان وڌيڪ سٺي هار جي پارائڻ
جي ڪوشش ڪيائين. مٿي نهارڻ، سڀ جي اُپائيندڙ جي
ساراهه ڪرڻ، آڪاس واڻي ٻڌڻ جي سڌ، جوتن جي جوت
ڀڳوان جو نالو جپڻ، ڀڳوان کي پيار ڪري هن تي آڌار
رکڻ، سچي جو پلؤ ڪڏهن نه ڇڏڻ، سورن، سختين ۾ به
ڀڳوان جو پيار پسڻ، پاپ جي اونده سان لڙي پڃ جي
جوت وڌائڻ، ڀڳوان جي سونهن ڏسڻ ۽ سنتن جهڙي اندر
جي سونهن وڌائڻ، ۽ هريءَ جو نالو جپي جيئري سرڳه
ڀوڳڻ، اهڙيون متيون کيس ڏنائين ۽ پوءِ چيائين ته
وڏي ٿيندينءَ ته جپ صاحب، سکمني صاحب ۽ ڀڳوت گيتا
جا وچن ٻڌائيندي سانءِ.
استرين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ٻيو ڳٽڪو جو ديوان ڏيارام
لکيو تنهن جو نالو آهي لوڀ جو مهاتم. هن ۾ ڏيکاريو
اٿس ته ڪيئن هر هڪ مهيني ۾ هندن جا پرڀ ۽ ورت جا
ڏينهن جي اڳي رکيل آهن سي هاڻي ڏيتيءَ ليتيءَ جي
گهپيءَ ۾ زالن وڃائي ناس ڪيا آهن. ڪرڻو ڇا هون ۽
ڪن ڇا پيئون! مائن ڀينرن کي مت ڏنل آهي ته لوڀ
ڇڏي، ٻيائيءَ جي ٻنڌن کان پاڻ کي آزاد ڪن.
استرين جي جيوت سڌارڻ لاءِ ٽيون ڳٽڪو جو ڏيارام
لکيو آهي تنهن جو نالو آهي ست سهيليون. انهيءَ ۾
هڪڙي پڙهيل سلڇڻي ڪنيا مڌوري – پنهنجن پرڻيلن
سهيلين کي، جن کي سندن سسن جا سور آهن، سمجهاڻي ٿي
ڏئي؛ چئين ٿي:-
دکه سکه دارون، ڀو سڀ دارون،
پنجن دشٽن جي پٽين پاڙ.
ڪرم ڦيرن کان سڀيئي ڇڏائين،
وويڪ ويراڳه تن جي ڪار.
سسون جي هاڻ ڏاڍيون اُگريون،
ڪن ڄڀڙين سان مارا مار؛
پورو جنم تن اسان ستايو،
ڏاڙهن رکي ساڳيو آڪار.
اڳي جي هيون دکويل ننهون،
سسون ٿي آيون هن سنسار؛
ڪيتو پنهنجو اسين پايون ٿيون،
معاف ڪرڻ وِڻ ٻيو نه چار.
معافي بيهاري ڪرم چڪر،
نه ته وير وروڌ وارون وار،
جيستائين دوا دکن ڀون جي،
پورو ڪري ويرُ مندُ وار.
انت ۾ هڪ تمام سندر اُپديش ڏنل آهي، جنهن مان ڪي
تڪون ڏجن ٿيون:-
پياريون ٿيو پراُپڪارڻيون،
نراسي ڪريو اوهين آساوان؛
سنڀال ڪريو دکين بکين جي،
ڪريو سچيءَ ديا جو دان.
پياريون ٿيو پر اُپڪارڻيون،
بي صبر بي شڪر سڌاريو؛
ودوائن، يتيمن، بيمارن جي،
سيوا ڪري هردو هٿ ٺاريو.
ڪرتا پرکه جي گپت شڪتي،
ڪري سگهو ٿيون پياريون پر گهٽ؛
مات ڀوميءَ جو سڌار اڌارو،
نول جيوت آڻي اکٽ.
تن، من، ڌن جنهن کان آيا،
تنهن جي امانت سمجهي خرچيو؛
امانت ۾ نه ڪريو خيانت،
پر اُپڪار ڪري کيس ارپيو.
ديوان جا سنڌيءَ ۾ ڌرمي ڳٽڪا.
ديوان ڏيارام جا پنج ٻيا به ننڍا، پر هردي ۾ پوئي
پائڻ جهڙا، ڳٽڪا لکيل آهن جن جو هاڻي بيان ٿو ڪجي.
هڪڙو آهي گرو نانڪ صاحب جي سکيا بابت سري راڳ تان
ورتل. انهيءَ ۾ نام چت ۾ رکڻ جي سکيا آهي. لکيل
آهي ته موتين جا مندر به ڪم نه ايندءِ؛ جنهن ساکي
نه سنڀاليو تنهن کي نه هيءُ لوڪ، نه هو لوڪ؛ سيو
ته سک پائين، ست ۽ سنتوکه جو سينگار ڪري، شبد
ويچار ته پريم لڳيئي. من مار ۽ ست سنگه ڪر. رام جپ
گڻ ساري ۽ سچ جي ڪار ڪر، هٺ ڇڏي ٽهل ڪر؛ مطلب ته
منجهس امولڪ اپديش آهن.
اهڙائي امولڪ سندر وچن ۽ اپديش آهن جئتسري وار جي
سار ۽ سکمنيءَ جي سار ۾. انهن کانسواءِ نيتي سکيا
۾ يوگه شاستر ۾ جيڪو يمن ۽ نيمن تي سمجهاڻيءَ جو
ٽڪر آهي اهو ڇپائي ڳٽڪو تيار ڪيو اٿس. انهيءَ قسم
جو وڌيڪ ڳوڙهو ڳٽڪو آهي، ايشو اپنشد جو ارٿ ڪيل
سنڌيءَ ۾ (ڏيارام) هڪ نماڻي جو ۽ ارپڻ ڪيل سدا
جيئري، سدا ديال، ستگرو، گرو نانڪ صاحب کي 20 مئي
1924ع جي. |