سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر

باب نائون

صفحو : 10

باب نائون

ريفارم ائسوسيئيشن

ڏيارام چوندو هو ته مونکي ڪاليج جا درسي ڪتاب رکيءَ مانيءَ جهڙا لڳندا آهن. ۽ ٻيا ڪتاب آهن گويا لوڻ ۽ ڀاڄي، جن کان سواءِ ماني سوادي ڪين لڳي. ساڳيءَ ريت آفيس جو روزمرهه جو رواجي ڪم لڳيم رکي روٽي ۽ جيستائين ٻيو ڪو ڪم نه ٿو ڪريان تيستائين سواد ئي ڪونه ٿو اچي- کيس ٻيءَ هر طرح شانتي هئي باقي پر اُپڪار جي ڪمن ڪرڻ لاءِ بي آرام هو. هميشہ گهاٽ پيو گهڙيندو هو ۽ رٿون پيو رٿيندو هو. نوان نوان اُپڪار جا ڪم ۽ نيون نيون سنسٿائون پيو ڳولي ڪڍندو هو. پنگت کي هڪ ڏاڪو مٿي ڪرڻ اِهو هو سندس حياتيءَ جو مقصد. چوندو هو ته

 Let me make some God,s nook a little better than I found it.

من ايشور جي جڳت جي ڪانه ڪا ڪنڊ بهتر ڪري وڃان. حقيقتاً هڪ ڪنڊ نه، پر ڪيتريون ئي ڪنڊون بهتر ڪيائين.

سنه 1884ع ۾ هو بهرامجي ملباريءَ سان مليو؛ سندس سنگت مان هنکي پنگتي سڌاري ۽ خاص طرح زالن سان جيڪو پنگتي ڪنياءُ آهي، انکي دور ڪرڻ جو تمام گهڻو خيال ٿيو. ساڌو هيرانند ۽ ديوان نولراءِ جي ڪٽنب ۾ به برهمو سماج سان اهو پنگتي سڌاري جو زبردست خيال آيو هو ۽ هنن ٻنهي ڪٽنبن جي ميلاپ ۽ آتمائن جي اوچ ڀاونائن ڪري پنگت جي سڌاري لاءِ زبردست اُمنگه ڏيارام جي دل ۾ پيدا ٿيو.

انهن ڏينهن ۾ اسان جي پنگت ڏاڍي پٺتي پيل هئي؛ خاص ڪري زالن سان ته قسم قسم جا اتياچار هئا؛ جئن ديوان پنهنجي هڪڙي ڳٽڪي ۾ ڏيکاريو آهي ته اسين زالن جي باري ۾ سندن ڄمڻ کان وٺي موت تائين ستن قسمن جا پاپ ٿا ڪريون- جنجو پراشچت ڪرڻ گهرجي. پهريون پاپ اهو ته اڃا ٻارڙيون آهن ۽ اوئان اوئان پيئون ڪن ته هنن کي 16 کان وٺي 20 تائين سيون هڻايون ۽ ڪن ٽوپيون. اڃا ٿوريون وڏيون ٿين ته نڪ ۾ بولڙيءَ واسطي هنن کي سئي هڻايون. ٻيو پاپ اهو ته هنن کي ننڍپڻ ۾ راند جي راحت وٺڻ نٿا ڏيون. ٽيون ته وديا پرائڻ جو وجهه به کين ڪونه ڏيون. ٻانهن ۾ هننکي ڳڀي جون ڳٽيون وجهون؛ چوڙيون ۽ چوڙا پايون. چوٿون پاپ اهو ته ننڍي هونديئي هنن کي مڱائي پرڻائي ڇڏيون. پنجون اهو ته هنن کي سسن جي سهمن ۾ سڪائي سوڙهو ڪريون.

منوسمرتيءَ وارو خيال ماڻهن ۾ ويٺل هو ته جنهن نياڻيءَ کي رتودان اچي وڃي ۽ اڃا مائٽ کيس نه پرڻائين ته اُهي مائٽ نرڳه ۾ ويندا. پر درحقيقت رتودان ڪو بلوغت  جي نشاني نه آهي، فقط اوائلي چتاءُ آهي ته هاڻ جواني ايندي. زالن سان ڇهون اتياچار اهو ٿا ڪريون ته اڃا پاڻ ٻار هجن ته هنن کي ٻار ٿين. ٻالڪ زالون ۽ ٻالڪ ماتائون! وري سندن ويم لاءِ ڪو جوڳو بندوبست نه، جو هزارين زالون ويم ۾ موت جو شڪار ٿيو پون. مرد پنهنجو فرض نٿا سمجهن. وڏيءَ عمر وارا ننڍيءَ عمل وارين سان شاديون ڪن. گرڀ هوندي به گرهست ڪن. نتيجو اهو ته انهن جا ٻار ضعيف يا روڳي ۽ مائر به جلد مريو وڃن. وري هڪڙي زال مئي نه آهي ته ٺڪ ٻيءَ سان شادي. وري ڪنياءُ ڪهڙو جو ننڍي هوندي ڪنهن استريءَ جو پتي مري ته انکي سڄي عمر زوريءَ وڌواپڻيءَ ۾ رهايون ۽ چئون ته زال کي ڪو حق ڪونه آهي هڪ مرد جي مرڻ کان پوءِ ٻيءَ شاديءَ ڪرڻ جو؛ باقي مرد ڀل ڪيتريون به شاديون ڪري.

زال ذات تي اَتياچار ٿا ڪريون، اهو ليڪچر راج رشي ديوان ڏيارام صاحب 1895ع جي ڊسمبر مهيني ۾، شايد ناتال جي ڏينهن ۾ سکر سڌار سڀا جي جلسي وقت هيٺينءَ وشيه تي ڏنو:-

“Seven sins against woman”

اهو سندس ليڪچر بمبئيءَ پاسي ۽ روهڙيءَ جي ٽيڪمداس آشرم وارن هزارين ڪاپين جي انداز ۾ ڇپائي عام پرسڌ ڪيو هو، جنهن تمام چڱو اثر سنڌ جي نر ۽ نارين تي ڪيو.

وري منو مهراج جي چوڻ جو ابتو مطلب ڪڍي چئون ته زال کي ڪڏهن به آزاد نه رهڻو آهي. ننڍي هوندي ماءُ پيءُ جي آڌين، پرڻي پتيءَ جي ۽ وڌواپڻي ۾ پٽ يا ساهرن جي آڌين. راناڊي جهڙي ودوان لکيو آهي ته حقيقت ۾ منو مهراج جو سچو پچو مطلب اهو هو ته زال کي ڪڏهن به بنا سهاري ۽ بي بچاءَ نه ڇڏجي، پر اسانجي خود غرضيءَ ڪري استري سڄي ڄمار پراڌين رهي ٿي. اهڙيون ڳالهيون ڳڻي اسانجو ودوان قاعديدارن ديوان ڏيارام چوندو هو ته هندن جو قاعدو گهڻو ئي چڱو، پر زالن جي باري ۾ ڪٺور آهي. ڪجهه قاعدي جون سختيون ته ڪجهه وري پنگتي سختيون ۽ ڪجهه ڪرسمن جو قيد. پتيءَ کي ڏينديون هيون پٺي ۽ سهرو ۽ ڏير جي پيءُ ۽ ڀاءُ سمان آهن، تنکان ڍڪينديون هيون منهن، باقي بزارين ۽ باڪرين اڳيان بيشڪ منهن کولي ڳالهائين! ڏيارام جو چوڻ هو ته انهن رسمن ۽ پردي جي رواج ۾ ڪي گڻ به آهن، جن جو ڪنهن وقت اسان چڱو فائدو ورتو، پر هاڻوڪي زماني ۾ اُنهن جي ضرورت نه آهي.

وري انهن ڏينهن ۾ ڳهه ڳٺا به اهڙا هئا جي زالن واسطي مصيبت هئا. ڪن ۾ ڪرڪيون ۽ نڪ ۾ نٿ ۽ بولو، جنهنجو ڏاوڻ مٿي جي وارن ۾ ڪنڍيءَ سان اَٽڪيل، ڄڻ ڪا اُٺ جي مهار آهي. ۽ نٿ ناڪيلي آهي. ٻانهن ۾ عاج جون ڳٽيون! شل ڪنهن کي نه پون! ٻانهين پائيندي سوڙها چوڙا هٿن ۾ ڦٽ ڪري وجهندا هين ۽ کائڻ ۾ تڪليف ڏيندا هئن. وات ۾ گرهه وجهڻ مهل ٻانهن ٽنڊي ٿي پوندي هئن. اڌ گهير ڪري مس وات ۾ گرهه وجهي سگهنديون هيون. ڪراين تي ڳؤرا ڪنگڻ، هٿن ۾ منڊيون، ست آئينا وڇون، مڙن تي پائزيب، پيرن ۾ اڍائي سير روپيون ڪڙيون يا جهانجهرا، پيرن جي آڱرين ۾ بندرا، وري جتي ڪهڙي، جنهن ۾ چيچ ۽ ٻاچ ٻاهر باقي ٽي آڱريون اندر. پيشگير وري اهڙو جو هلن ته ڏائو هٿ پيشگير ۾ رڌل رهي، پوءِ هڪڙي هٿ سان ڇا ڪري سگهجي.

زناني تعليم جي باري ۾ گهڻو ڪري رڳو گرمکيءَ تي زور هو. ڪا ورلي سنڌي ڄاڻندي هئي. پر مرد چوندا هئا ته جي سنڌي انگريزي سکيون ته حياءُ چٽ ٿي ويندن. قضا سان ڪا وڌوا ٿيندي هئي ته ٻارهن مهينا منهن ڍڪي وهندي هئي ۽ هر روز زالن ۾ ويهي ٽي چار ڪلاڪ پار ڪڍڻا پوندا هيس. ميرا ڪپڙا ڪري پٽ تي سمهندي هئي ۽ سادو کاڌو کائيندي هئي. خود پيڪي گهر به ڏينهڪ نه وڃي سگهي. مطلب ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن ويچارين زالن جي حال جون!

تن ڏينهن ۾ سول سروس وارن کي ٻه امتحان پاس ڪرڻا پوندا هئا. ديوان ڏيارام اهي پاس ڪري حيدرآباد ۾ آيو ته سرڳواسي ساڌو هيرانند جي بيٺڪ به حيدرآباد ٿي. حيدرآباد جي ٽريننگه ڪاليج، جنهنکي تن ڏينهن ۾ نارمل اسڪول ڪري سڏيندا هئا تنهن جو پرنسيپال ديوان ڪؤڙومل ٿي آيو؛ ٽيئي ڪراچيءَ وارا دوست وري اچي حيدرآباد ۾ ڪٺا ٿيا ۽ پنگتي حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪيائون.

ديوان نولراءِ، ڪيشب چندرسين جي اثر هيٺ هو ۽ هو به سڌاري جو ڪانکي هو. ديوان ميٺارام ميراڻو ماڻهو هو ۽ انهن رواجن کي يڪدم ڊاهڻ لاءِ راضي نه هو. پر ننڍو ڀاءُ پٽ سمان چوي ۽ ميٺارام نه ڪري، سا ڳالهه به ٿيڻ جي نه هئي.انهن بزرگن جي مدد سان ۽ ٻين ڪن کي شامل ڪري هنن هڪڙي سوشل فارم اَئسوسئيشن ٺاهي. انهيءَ منڊلي جا ميڙ هفتي هفتي ديوان ميٺارام جي کليل پٽ ۾ ٿيندا هئا، جتي هينئر بندو آشرم آهي. سوين ماڻهو اُتي ايندا هئا ۽ ڪيترائي پنگتي سڌا منڊليءَ جا ميمبر ٿيا. پر سڌارو ڪو سولو ڪونه هو. ديوان نولراءِ صاحب جو پيءُ ديوان شوقيرام عامل پئنچات جو مکي هو. هن به ڏيتيءَ ليتيءَ جي باري ۾ گهڻيون ئي پنچاتون ڪٺيون ڪيون هيون، پر کٿو ڪي ڪين. جنهن رسم جي ڄار لالچ ۾ کتل آهي، سا سولي ٻاهر ڪين نڪرندي. جا رسم جهوني آهي سا ڪا هڪ اڌ سال ۾ ڪين ڪي ڊهي سگهندي. سو هنن سڌارڪن کي ڏاڍا ڪشالا پيا. ويتر ڪي وڏا ماڻهو انهن جي آڏو اچڻ لڳا. جيتوڻيڪ پنگتي سزا قاعدي جي سزا کان وڌيڪ ليکبي آهي، ته به هت پنگت ئي پاڻ ۾ ٺهيل نه هئي، سو ڪجي ته ڪجي ڇا؟ هنن تڏهن به همٿ نه هاري، پنهنجي پنگتي سڌار منڊليءَ جا متا هيٺينءَ طرح مقرر ڪيائون:-

ننڍپڻ جون شاديون روڪجن.

شاديءَ تي ڏيتيءَ ليتيءَ جو خرچ گهٽائجي.

اِستري سکيا جو واڌارو ڪجي ۽ استرين جو پنگتي درجو سڌاري اوچو ۽ اعلي ڪجي.

ڪي به اهڙا ڪم ڪجن يا اُپاءَ وٺجن جن سان مٿين مقصدن جي پوئواري ٿئي.

ڏيارام جو اِرادو ٿيو ته انهيءَ منڊليءَ جي ميمبرن کان اهي پرڻ ڪرائجن ۽ جيڪو به ميمبر انهن پرڻن يا انجامن تي نه هلي تنهن تي ڪجهه ڏنڊ وجهجي، جو قاعدي موجب وصول ڪري سگهجي. سنه 1860ع جي ائڪٽ نمبر 61 ۾ جو ڌرمي ۽ داني منڊلين کي رجسٽر ڪرڻ جو ائڪٽ هو، تنهن ۾ هڪڙو اهڙو قلم هو، جنهن موجب ميمبرن کان ڏنڊ وصول ڪري سگهجي، پر پنگتي سڌار منڊل انهيءَ ائڪٽ جي مدعا هيٺ اچي نه سگهيو. ڏيارام درخواست ڪئي ته سنه 1860ع جي 61 نمبر ائڪٽ ۾ اهڙو سڌارو ٿئي، جو هي پنگتي سڌار منڊليون به انهيءَ هيٺ رجسٽر ڪرائي سگهجن. لکپڙهه بمبئي سرڪار ڏانهن ويئي. انهن چيو ته اهو سڄو قاعدو سڌارڻ لائق بيشڪ آهي؛ پر حال حاضر انهيءَ ڳالهه کي نه ڇيڙبو. تنهنڪري سرڪاري قاعدي دان بمبئي سرڪار کي اها سفارش ڪئي ته هيءَ منڊلي هندستاني ڪمپنين جي ائڪٽ نمبر 6، سال 1884ع واري هيٺ رجسٽر ڪجي، انهيءَ لاءِ ته داني منڊلين جي ائڪٽ نمبر 21، سال 1860ع واري کي سڌارڻ جي ضرورت نه ٿئي. انهيءَ صلاح موجب مڪاني سرڪار کي اِها اختياري هئي ته سفارش ڪري ته هيءَ پنگتي سڌار منڊلي ڪمپنين جي ائڪٽ جي 62 قلم موجب رجسٽر ٿئي. مڪاني سرڪار کي اهڙي درخواست ڪئي ويئي. پر مڪاني سرڪار به چيو ته اڳي ته ڪا اهڙي منڊلي ڪمپنين جي ائڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيڻ لاءِ نه آئي آهي، سو اُنهن سڀ ڪاغذ ولايت موڪليا. آخر فيصلو ٿي آيو ته بيشڪ موڪل ڏجي ته اها پنگتي سڌار منڊلي ڪمپنين جي ائڪٽ هيٺ داخل ٿئي ۽ آخر 15 آگسٽ 1888ع جي اها منڊلي رجسٽر ٿي. انهيءَ دير مدار ڪيترن سڌارڪن جي دلين کي ته ٿڌو ڪري ڇڏيو هو پر ڏيارام ۽ سندس دوستن (ديوان نولراءِ، ساڌو هيرانند، ديوان تاراچند  ۽ ديوان ڪؤڙومل) جو جوش اهڙو ئي قائم رهيو. هن جي اهائي ڪوشش هئي ته ڏيتي ليتيءَ ۾ جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر سڌارو ۽ سهوليت ڪجي؛ تنهن تي پئنچات جون ميٽنگون ڀائي پياري رام جي ٽڪاڻي ۾ ٿيون؛ جتي گهٽين جا پير مرد ۽ بزرگه سڏايا ويا؛ ۽ سڀني جي صلاح ۽ رضامنديءَ سان اهو ٺهراءُ ٿيو ته ڏيتي ليتي شاديءَ جي 500 رپين اندر ڪجي، وڌ نه. اهو پئنچاتي ٺهراءُ اٽڪل ٻه اڍائي ورهيه چڱيءَ طرح هليو.

هن منڊليءَ جا اصل منڍ ۾ ڪل 230 ميمبر ٿيا. تمام گهڻيءَ ڪوشش بعد 1200 ميمبر ڪيا ويا، جن اقرار ڪيو ته اهي متن سان ٻڌل رهندا، پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها ٿي ته اُنهن مان هڪڙي نامياري وڪيل، انهن انجامن مان هڪڙو انجام ڀڳو ۽ ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. مٿس ڪيس ڪيو ويو. ڪيس اهڙو قوي هو، جو هن ڏنڊ آخر ڀري ڏنو. انهيءَ ڪري منڊليءَ جو ڪجهه وقت تائين ڏاڍو مان ٿيو.

پر ٻيون سخت مشڪلاتون پيش آيون.هڪڙو ته عاملن مان 600 گهر کن اڃا تائين اهڙا هئا جي هن منڊليءَ جا ميمبر ئي ڪين ٿيا هئا؛ انهن ڏيتي ليتي جام ٿي ورتي. منڊليءَ جي قاعدن موجب وٺڻ واري تي ڏنڊ هو، نه ڏيڻ واري تي؛ تنهن ڪري منڊليءَ جي ميمبرن کي ٻٽي ڪس ٿي لڳي. وٺي سگهن ڪين، ۽ ڏيڻو پوين. ٻي گهٽتائي اها هئي جو ميمبرن جا وارث انهن شرطن سان ٻڌل نه هئا سو ڪن ميمبرن جو چالاڻو ٿي ٿيو ته سندن پوين وري چالو رستو اختيار ٿي ڪيو. ٽيون ته ڪورٽن ۾ دعويٰ ٿي نٿي سگهي. سرڪار کي عرض ڪيو ويو ته منڊلي جيڪو ڏنڊ جو فيصلو ڪري، تنهن جي ڪورٽ مان ڊڪري ملي؛ اها ڳالهه سرڪار قبول نه ڪئي. تنهن کانسواءِ جيتوڻيڪ ڪيتريون فيون سرڪار معاف به ڪيون هيون، ته به ڪمپنين جي قاعدي موجب جيڪي فيون ڏيڻيون ٿي پيئون ۽ ڪاغذ پنا ۽ پرچار لاءِ پستڪ جيڪي ڇپائڻا ٿي پيا، سوئي خرچ تمام گهڻو ٿي ٿيو. وري ڪيترن ميمبرن چندو ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو ۽ زالن به قصي کي رولي وڌو. زالون ڏيتيءَ ليتيءَ جي گهٽائڻ جي ايترو ته آڏو آيون جو آخر منڊليءَ فيصلو ڪيو ته پنگتي سڌار جو بنياد پختو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڇوڪرين جا اسڪول کولبا؛ تنهنڪري منڊليءَ ساڌو هيرانند کي اختياري ڏني ته جدا جدا محلن ۾ ٽي ڇوڪرين جا اسڪول کولي.

ڏيارام ۽ ساڌو هيرانند ماٺ ڪري وهڻ جهڙا مڙس نه هئا. ڏيارام ته ڄائوئي بلوي جي سال ۾ هو، سو ڪرسمن جي برخلاف بلوي ڪرڻ لاءِ تيار هو؛ ساڌو هيرانند چيو ته دير سا پوندي باقي ڪم درست ٿيندو. ڇوڪرين جا اسڪول ڪڍي، ننڍڙي هوندي کان وٺي ڇوڪرين کي قوم جي ڪرسمن بابت سکيا ڏينداسون ته سڌارو پڪ ٿيندو. هن کان اڳه فقط هڪڙو اسڪول ڇوڪرين جو کليل هو؛ اهو هو ميونسپل اسڪول. انهيءَ اسڪول لاءِ ديوان نولراءِ 1500 روپيه پاڻ ڪڍيا ۽ 1500 رپيا ديوان سهجرام چانڊومل آڏواڻيءَ دفتردار کان ورتا ۽ انهيءَ اسڪول تي ديوان نولراءِ جي پتا ديوان شوقيرام ۽ ديوان سهجرام جي پتا ديوان چانڊومل جي يادگيريءَ ۾ ”شوقيرام چانڊُمل گرلس اسڪول“ نالو رکيو ويو. اهو سڪول 1885ع جي ڊسمبر مهيني جي 3- تاريخ ميونسپل کان کولارايو ويو. انهيءَ اسڪول ۾ ديوان نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند صاحب ڪم ڪندا هئا. هاڻي وري ٻيا ڇوڪرين جا اسڪول پنگتي سڌار منڊليءَ جي سهاري هيٺ کوليا ويا.

پهريون ڇوڪرين جو سڪول هن منڊليءَ جي پاران جو ساڌو هيرانند کوليو سو هو دونهين گهٽيءَ وارو اسڪول. راءِ بهادر ديوان پريتم داس حڪومتراءِ شهاڻيءَ (عامل ڪو آپريٽو بئنڪ واري) مهرباني ڪري پنهنجي هڪڙي جاءِ بنا مسواڙ اسڪول کي ڏني، جنهن ۾ پهريائين نڪي هيون بئنچون، نه ٻيو سامان؛ رڳو تڏا هوندا هئا. ماسترياڻيون به پوري پني سنڌي ڄاڻنديون هيون؛ باقي گرمکي اکر پڙهي سگهنديون هيون. ٿورن ڏينهن ۾ ٻه ٻيا اسڪول به پنگتي سڌار سڀا جي سهاري هيٺ جاري ٿيا. انهن اسڪولن جي نگهباني ساڌو هيرانند ۽ ديوان پرڀداس ڪندا هئا. انهن سڪولن جو چيئرمين ديوان تاراچند صاحب هو. ساڌو هيرانند جي ديهانت کان پوءِ ديوان خانچند پرتابراءِ، ايڪڊميءَ ۾ آيو. تڏهن اهو ڪم ديوان ڏيارام هن کي سؤنپيو، جنهن پنهنجي شڪتيءَ آهر ڪنئين سال اسڪول هلايا. پوءِ وري ديوان ڏيارام پنهنجي ڀائٽئي ديوان شيرومل کي انهن اسڪولن هلائڻ لاءِ هرکايو ۽ کيس اهو ڪم سؤنپيائين.

ٻيو اسڪول، سنسڪرت اسڪول جي خالي ڪيل جاءِ ۾ ڪيو ويو. ٽئين اسڪول لاءِ وري ٻائي هرڀڄن صاحب، جو ٻائي گرپت صاحب جي ٽڪاڻي جو گادي نشين هو، تنهنکي ديوان ڏيارام صاحب، ٻائي جڳتراءِ صاحب جي ٽڪاڻي جي سامهون جو پٽ پيل هو ۽ جو ڏنل ئي منشي گدومل جو هو، تنهن تي سڪول جي جاءِ ٺهرائڻ لاءِ چيو. ٻائي صاحب چيو ته اها جاءِ ئي توهانجي ڏنل آهي، سو ٺهرايو به اوهين؛ پيسا مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اها اسڪول جي جاءِ، جنهن ۾ هاڻي لالواڻي اسڪول آهي، سا ديوان شيرومل ٺهرائي ۽ جڏهن ٽي پتيون ڪم جون ٿي ويئون، تڏهن ديوان مولچند جاگيردار خيرپوريءَ، جو انهيءَ ٽڪاڻي جو ٽرسٽي هو، تنهن اچي اهو ڪم پورو ڪيو. اهڙيءَ طرح پنگتي سڌار سڀا جا ديوان خانچند جي ڏينهن ۾ هيٺان پنج اسڪول هئا:-

دونهين گهٽيءَ وارو اسڪول

لالواڻي گهٽيءَ وارو اسڪول

چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول

کيانتي ٽنڊي وارو اسڪول

جواهرين جي گهٽيءَ وارو اسڪول

ديوان خانچند 1924ع ۾ سرڳه پڌاريو ۽ انهيءَ کانپوءِ راءِ بهادر ديوان پريمچند آوتراءِ جهانگياڻي پينشن وٺڻ بعد انهن اسڪولن جو مئنيجر ٿيو. ديوان خانچند جي ڏينهن ۾ مستر گدومل منسکاڻي، ايڪڊميءَ جو ڪلارڪ هو؛ سو به گهڻيءَ خوشيءَ سان هنن اسڪولن جو ڪم ڪندو هو ۽ اسڪولن جو ڪلارڪ به هو، جنهن لاءِ هنکي پگهار ملندو هو. انهيءَ کي ديوان شيرومل چيو ته هيرآباد ۾ پٽ پيا وڪامن؛ ديوان بولچند آهي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ؛ چئينس ته هڪ پٽ اسڪول واسطي به وٺي ڏئي. ديوان خانچند به ديوان بولچند کي چيو. ديوان بولچند همت نه پي ساري؛ چيائين ته اسڪول اسانجا آهن ۽ مخالف ڌر چوندي ته پاڻکي پيا ورسائين؛ پر نيٺ ديوان شيرومل جي چوڻ ۽ ڌئڻ ڪري ديوان ڏيارام، ليلي صاحب ميونسپل انجنيئر کان هڪڙو پٽ نشان ڪرايو ۽ نيلام ڪرڻ کان روڪائي ڇڏيو. اهو پٽ نيٺ اسڪول کي مليو. پر اڏائڻ لاءِ پئسا ڪٿان اچن؟ سڌار سڀا کي پئسا هئا، پر سڀ جدا جدا ڪمن لاءِ اڳيئي پاسيرا رکيل هئا. ماڻهو چندو به ڪين ڏين ها، ڇو جو اڃا هيرآباد وسي ڪانه هئي. گهر به اڃا هئا ٽڪ ۾ ٽي. تنهنڪري ديوان شيرومل ۽ ديوان خانچند پهه پچائي ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ جي هيرآباد واريءَ جاءِ ۾ هڪڙو نئون اسڪول کوليو، جنهن ۾ پهريائين 25-30 ڇوڪريون مس هيون؛ سي به ديوان شيرومل ۽ ديوان چئنراءِ واري اسڪول مان اُٿي وڃي ويٺيون. پر جئن هيرآباد ويئي وسندي، تئن اسڪول ويو ڀربو ۽ هيرآباد واري جاءِ جا 4500 فوٽن کان به مٿي آهي، سا به سوڙهي ٿي پيئي. ساڌو هيرانند کان پوءِ جڏهن ديوان پرڀداس اسڪول جو مئنيجر هو، تڏهن ديوان ڏيارام پنهنجن پئسن منجهان ديوان پرڀداس جي حياتيءَ جو ويمو اسڪول جي فائدي ۾ اُتارائي ڇڏيو هو، جي پئسا ديوان پرڀداس جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ يا 55 سالن جي عمر ۾ ملڻا هئا. ديوان پرڀداس صاحب کي ڀڳوان وڏي حياتي بخشي ۽ ويمي لاءِ چندو به ديوام ڏيارام ڏهين هزارين کان وڌيڪ ڀري چڪو هو. ڪمپني ڀاڳن واري هئي. هن وقت ديوان پرڀداس صاحب جا 55 سال به اچي ٿيا ۽ پوءِ اهي ڏهه هزار رپيا مليا ۽ اڍائي هزار رپيا ديوان تاراچند صاحب پنهنجي ماتا جوهر ٻائي جي پوتر يادگيريءَ ۾ ڏنا ۽ ٻيا ٿورا سوشل رفارم فنڊ مان ۽ چندو وغيره وٺي، ائين ميڙي سيڙي 18000 رپيا ڪيائون، ۽ 18000 رپيا سرڪار کان بڊنگ گرانٽ وٺي، خاصو ڪشادو ديداري اسڪول 1928ع ڌاري ٺهرايائون جو جوهر ٻائي اسڪول جي نالي سان مشهور آهي. پوءِ جون واري مهيني ۾ ٽرسٽ واري جاءِ ڇڏي ڏنائون. اهو سڌار سڀا جو ڇوڪرين لاءِ ڇهون اسڪول ٿيو.

مکڪي پاڙي ۾ ڪن سنڌورڪين ۽ چيدن ڀائيبندن سڌار سڀا کي سندن پاڙي ۾ اسڪول ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ ٻه جاين جا ٽڪر هڪ گهٽيءَ جي هڪ پاسي ۽ هڪ ٻئي پاسي، جن ۾ گهڻي روشنائي ڪانه هئي، بنا مسواڙ ائسوسيئيشن کي ڏنائون، جنهن ۾ ڪجهه سال اسڪول هليو. پوءِ اڳين هڪ جاءِ هئي جنهنجو در مکڪي گهٽيءَ کان به هو ۽ سرور جي قبيءَ کان به هو. اها جاءِ سڀا وارن ورتي ۽ پنهنجو مکڪي گهٽيءَ وارو اسڪول اُتي ڪيائون. هيءُ ٿيو ستون اسڪول سڀا جو. هاڻي اُهو اسڪول اُتان به کڻي ويا آهن، جو هڪڙيءَ مائيءَ پنهنجي پتيءَ جي نالي جي پوتر يادگيريءَ ۾ جاءِ به ڏني آهي ۽ مرمت لاءِ 1200 رپيا ڏنا اٿس. مرامت ڪرائڻ کان پوءِ اسڪول انهيءَ جاءِ ۾ آهي.

سڌار سڀا جي بانيڪارن کي اسڪولن ڪڍڻ جون ٻه مرادون هيون. هڪڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ ۽ ٻي اها ته وڌوائن لاءِ روزگار جي واٽ کولين. پهريائين ماسترياڻيون گهڻو ڪري وڌوائون هيون؛ پر جئن تعليم وڌي تئن ماسترياڻين ۾ لياقت ۽ هوشياري وڌيڪ گهربل هئي؛ انهن لاءِ هڪ ناري شالا ڪڍي ويئي. جتي سبڻ ۽ ڀرڻ جو ڪم ٿيندو هو. اُتي به ديوان ڏيارام صاحب جو پيسو ڪم آيو. ڪنئين مشينون وٺي ڏنائين. گرو گرنٿ صاحب، صاحبن لاءِ صندل ۽ چندو وغيره، جي اُتي رکيل آهن، سي وٺي ڏنائين. مسٽر گدومل به هن ڪم ۾ پاڻکي ڏاڍو پتوڙيو؛ شاباس هجيس جو هيتري ڪلارڪيءَ جي ڪم کانپوءِ به، اوير سوير هي ڪم پيو ڪندو هو. سرڪار جي گرانٽ نه هئڻ ڪري، هينئر اها شالا بند ٿي ويئي آهي. هن ناري شالا جو مثال وٺي ٻه ٻيون ناري شالائون جاري ٿيون آهن، جي چڱيون پيون هلن. هڪڙي ڊاڪٽر وليرام واري، جا دادي ڀوڄي ٻائي ڪڍي آهي ۽ ٻي آهي ڀائيبندن جي جا جهوڙيملاڻي گهٽيءَ ۾ آهي ۽ هاڻي هنري شالا به پيئي هلائي. اهڙيءَ طرح استري سکيا ۽ ناري شالائن جو ڪم زور وٺندو ٿو وڃي.

------------

باب ڏهون

پليگه ۽ ڏڪار ۾ سهائتا ۽ شيوا

جنوري 1897ع ۾ پليگه جا ڪجهه ٻاهران آيل ڪيس حيدرآباد ۾ ٿيا. 8- جنوريءَ کان 19- فيبروريءَ تائين، 33 ڪيس، 28 موت ٿي ويا. مسٽر ڊاجسن صاحب، حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي سرڪار حڪم ڪيو ته پنهنجو دؤرو بند ڪري، حيدرآباد کي پليگه کان بچائڻ جي ڪوشش ڪر. هن گهر گهر جي چڪاس شروع ڪرائي ۽ بيمارن کي لانڊين ڏانهن کڻايو. 23- فيبروريءَ تي هڪڙو پاڙو سڄو ئي خالي ڪرايائين؛ اٽڪل سؤ کن گهر لڏارايائين؛ جو اتي پليگه جا ڪيس وڌندڙ هئا.

پليگه جي بيماري نئين هئي ۽ نه سرڪار کي، نڪي ماڻهن کي ڪا پوري پروڙ هئي ته ڇا ڪجي. سرڪار جي گهرن خالي ڪرائڻ جي سخت ڪارروائي ڪري، ماڻهن ۾ هراس پيدا ٿيو. حيدرآباد گهڻي قدر خالي ٿي ويئي. 3- مارچ جي ظاهر ٿيو ته خود شهر ۾ به ڪيس ٿيڻ لڳا آهن. ٻين شهرن ۾ پليگه نه ڦهلي، تنهنڪري ريلوي اسٽيشن تي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر رکيا ويا، جن بيمارن کي ٻاهر نه ٿي وڃڻ ڏنو. ميڊيڪل اسڪول جي 16 شاگردن کي مکيه رستن تي بيهاريو ويو ته متان ڪو بيمار شهر ڇڏي وڃي ٻين شهرن ۾ اها بيماري پکيڙي.

جيڪي گهر خالي ڪرايا ويا هئا، تن مان تمام گهڻا مئل ڪئا لڌا. حيدرآباد جو جج مسٽر آرنائيٽ ۽ ڪراچيءَ مان سنڌ ڪاليج جو پرنسيپال مسٽر هيسڪيٿ؛ ۽ شڪارپور جو جج ڏيارام گدومل سويم شيوڪ ڪٺا ڪري، اچي ڪليڪٽر صاحب جي مدد لاءِ بيٺا.

ڏيارام جي دياوان هردي کي تمام صدمون پهتو، جو هن ڏٺو ته شهر تي سخت آپدا آهي. پنهنجي تن، من ۽ ڌن سان ماڻهن جي شيوا ۾ لڳي ويو. ٽي مهينا موڪل وٺي آيو. هڪڙي خانگي اسپتال تلڪ چاڙهيءَ جي هيٺان، قيمتراءِ ورنيڪيولر اسڪول نمبر 1 ۾، جتي هاڻي ڪندنمل گرلس اسڪول آهي، اُتي اچي جاري ڪيائين. اسپتال هلائڻ ۾ ريورنڊڪئني صاحب ۽ مس پگٽ ڊاڪٽري ڪم ۾ مدد ڪئي. مٿان هڪ ڀيرو نگهباني ڪرڻ لاءِ سول سرجن ڊاڪٽر هينڊرسن صاحب به ايندو هو. ماڻهن کي محبت سان کاڌ خوراڪ پهچائڻ لاءِ ۽ لاوارث مردن کي هندو ڌرم موجب سنسڪار ڪرڻ ۾، ڀائي مولچند عاج وارو به تن، من ۽ ڌن ڏيئي، ديوان ڏيارام سان شامل ٿي بيٺو هو. ڀائي ڪلاچند وري ڀڄن ٻڌائي بيمارن جي روح کي راحت ڏيندو هو. خزانچيءَ جو ڪم مسٽر ڪنول سنگه پاڻ تي کنيو ۽ راءِ بهادر ديوان پرڀداس ۽ سرڳواسي راءِ بهادر ديوان ڪؤڙومل ۽ ديوان ڪندن مل منگهر سنگه ۽ ٻيا به ڪيترا دوست هن ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا.

ڀائي ڪلاچند

شهر خالي ٿي ويو. مارڪيٽ کان قلعي تائين ڪڪڙوُ ڪوُ لڳي پيئي هئي. مسٽر ڪنولسنگه چوي ٿو ته ڏيارام کيس حساب ڪتاب رکڻ تي وهاريو ۽ چيائينس ته هاڻي آئي آهي عام ماڻهن تي آبدا سو اسان جو فرض آهي ته هر هڪ کي مدد ڪريون. چيائين ته جيڪي به خرچ ٿئي سو پيو ڪجانءِ. وڏيءَ دل سان کيس ڪلي اختياري ڏيئي ڇڏيائين. پاڻ به پليگه هاسپٽل ۾ ڪم ڪندو هو. سڀني سويم شيوڪن وانگر چار ڪلاڪ مقرر ڊيوٽي اسپتال اندر مريضن جي شيوا ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو. هر روز 9 بجي صبوح کان 1 بجي تائين مريضن کي مدد ڪندو هو ۽ کين کير ۽ دوا پنهنجن هٿن سان پاڻ پياريندو هو. هڪ بجي مارڪيٽ واري بنگلي ۾ وڃي، ڪپڙا لٽا ڊِسنفيڪٽ ڪندو هو ۽ پوءِ سنان پاڻي ڪري ۽ ڊسنفيڪٽ ٿيل نوان ڪپڙا پائي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين سان ملڻ ويندو هو. وري سانجهن جو 4 بجي نگهباني ڪرڻ ايندو هو. مريضن جي مٽن مائٽن کي خبرچار ڏيندو هو ۽ ٽڪٽون به اُنهيءَ مهل ماڻهن کي پنهنجن مائٽن کي ڏسڻ لاءِ ملنديون هيون. پوءِ آفيس ۾ حساب ڪتاب تي نظر ڪري، ڇهين بجي ڌاري ڀائي ڪلاچند ۽ ڀائي مولچند جهڙن سنتن سان گهمڻ ويندو هو.

بازار بند ٿي ويئي؛ سيڌو پاڌو ۽ ڀاڄي نه ٿي ملي سگهيا، تنهنڪري پليگه اسپتال ۾ ڀانڊو کوليو ويو. بيمارن ۽ سندن مائٽن ۽ ٻين لاءِ سپرنٽينڊنٽ ضرورت آهر سيڌي ۽ ڀاڄين لاءِ چٺيون ڏيندا هئا ۽ اُنهيءَ موجب هر هڪ کي پيو سامان ملندو هو. سداورت پيو هلندو هو. ڀائي مولچند جا ماڻهو ڪٿان به سيڌو، ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون پيدا ڪري آڻيندا هئا. وري خوبي اها ته ڀائي مولچند انهيءَ لاءِ پنهنجا ۽ پنهنجن مائٽن جا پئسا خرچ ڪندو هو، اسپتال مان ڪين وٺندو هو. ماڻهن ڏٺو ته ديوان بيٺو آهي پاڻ، سو گپت دان به اچڻ لڳو. ڪن دوائون موڪليون، ڪن ايلسي مڻن جا مڻ، ڪن ڪفن، ڪن باسڻ ڀرتي ڪيا. کڻڻ وارا به مشڪل ملندا هئا؛ سو ڪن اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ ماڻهو مقرر ڪري ڏنائون.

اسپتال ۾ چار ڊاڪٽر ۽ چوڏهن پنڌرهن نرسون هيون. انهن سڀني جي پگهار جو بار ديوان تي هو. ديوان ڪنول سنگهه ٿو چوي ته هڪ ڏينهن عملي جي خرچ لاءِ ۽ ڪجهه هٿ ۾ رکڻ لاءِ 7000 هزارن جو چيڪ ديوان کان ورتم. سمجهيم ته ٽي چار ڏينهن وڌيڪ پئسن جي گهرج ڪانه ٿينديم، پر هڪئي ڏينهن ۾ پئسا کپي ويا. ٻئي ڏينهن صبوح جو ڏيارام 9 بجي آيو، البت سوچ ويچار ۾ ويٺل ڏٺائينم. پڇيائين ته مايوس ڇو ويٺو آهين؟ آهين ته چڱو ڀلو؟ چيومانس ته ها. تنهن تي خانو کولي ڏٺائين. چيائين ته پيسا اٿيئي ڪين، ڪم ڪيئن هلائيندين؟ نيٺ قبول ڪرڻو پيم ته پيسن جي ڳڻتي هيم.يڪدم اڍائي هزارن رپين جو چيڪ ڪڍي ڏنائينم ۽ چيائينم ته خيال ڪونه ڪجانءِ. هيءُ آپدا جو وقت آهي، هر هڪ کي مدد ڪر. ماڻهن کي مدد ڏاڍي آئي. داتا پئي مددگار موڪليا، ته به ڪل ٻاهرينءَ مدد کان سواءِ ديوان ڏيارام جو خرچ ويهه هزار کن رپيه ٿيو. مدد هيئن به ملندي هئي: هڪڙو ڪاٺين جو ٺيڪيدار اچي بيمار ٿيو؛ ڏٺائين ته سندس بچڻ جو چاڙهو ڪونهي. سو اڃا چڱي سمجهه ٻوجهه ۾ هو ته ديوان ڏيارام کي سڏي چيائين ته منهنجو سڄو ڪاٺين جو ڪارخانو هاڻي اوهان جو ٿيو؛ سو سندس سموريون 4000 يا 5000 هزارن جون ڪاٺيون ڊسنفيڪٽ وغيره ڪرائڻ لاءِ سڀني جي ڪتب آيون.

هڪڙي ڀيري هڪڙو حڪيم ديوان وٽ آيو؛ چيائينس ته طاعون جي بيماريءَ لاءِ يوناني ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه لکيل آهي، سو اُن موجب ڪو آسري لٿل بيمار هجي ته مونکي ڏيو ته علاج ڪريانس. چيائينس ته اسين ڪنهن مان به آسرو ڪين لاهيندا آهيون ۽ اوهان کي ڪنهن به مريض جي چارج ڪين ڏبي. پنهنجي پارون وس هلائي هر هڪ جي شفايابيءَ لاءِ ڪوشش ڪنداسون، پوءِ کٽنس ڀاڳه. ٻئي ٽئين ڏينهن هو خود بيمار ٿي آيو. ديوان کير پياريس ته نه پئي پيتائين. چيائين ماني ڏيوم؛ نه دوا وٺي ۽ نه کير؛ ڏاڍو ڪڪ ڪيائين آخر ويچارو نباهي ويو.

پليگه اسپتال کولڻ ڪري هڪڙي عملداري ۽ غير عملداري گڏيل ڪاميٽي ٺهي. زوريءَ گهر خالي ڪرائڻ ۽ صفا ڪرائڻ ماڻهن کي تمام ستايو هو. منجهن هائيدوس مچي ويو هو. ميونسپالٽيءَ به 90000 هزار رپيا خرچ ڪري ڇڏيا هئا. آخر ڊاجسن ويو ۽ سٽيل صاحب ڪليڪٽر ٿي آيو. هن خرچ به گهٽ ڪيو ۽ زوريءَ وارا اُپاءَ به ديوان ڏيارام ۽ سندس سنگتين جي صلاح سان گهٽايائين، جنهنڪري ماڻهن تان گهڻي قدر آزار لٿو.

اسپتال جو بندوبست بلڪل سٺو رکيل هو. هڪ هڪ بيمار سان فقط هڪ هڪ خذمت ڪندڙ اندر رهندو هو. جيڪي مٽ مائٽ بيمارن جا کين ڏسڻ ايندا هئا، سي به جدا لانڍين ۾ رهايا ويندا هئا، جن کي ڇوت لڳلن جي ڇانوڻي سڏبي هئي.

وري جيڪي  خوش ٿين ۽ جيستائين وري سگها ٿين تن لاءِ هئي خوش ٿيندڙن جي ڇانوڻي. سڀني هنڌ چڱو بندوبست هو ۽ سپرنٽينڊنٽ مقرر هئا؛ ڏيارام سڀني جي نگهباني ڪندو هو. ريورنڊڪئَني ۽ مس پگٽ به ٻين وانگر ڊيوٽي ڏيندا هئا. ڀائي ڪلاچند مريضن ۽ سندن مائٽن وٽ ڀڄن ڀاءُ ڪري، سندن آتما کي آنند پهچائيندو هو.

هن اسپتال جو نتيجو چڱو نڪتو. سؤ مريضن مان اٽڪل 42 ڇٽي ٿي ويا. يعني جهڙا نتيجا ڪراچيءَ ۽ سکر جي سرڪاري اسپتالن جا هئا اهڙائي هن ڏيارام جي اسپتال جا هئا. انهيءَ کان پوءِ 24- مارچ جي سرڪار به سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر هينڊرسن جي نظرداريءَ هيٺ سرڪاري پليگه اسپتال کولي. ٻئي اسپتالون 15- جون 1897ع جي بند ڪيون ويون. انهيءَ طرح ست پرش ڏيارام پليگه وقت ماڻهن جي خذمت ڪيئن ڪجي، تنهنجو مثال قائم ڪيو. اسپتال بند ٿيڻ کان پوءِ به ڊسنفيڪشن ڊيپوز (صفائيءَ جا مرڪز) جاري رهيا. وري جڏهن 1899ع ۾ پليگه پيئي، تڏهن به ديوان ساڳيءَ طرح مدد ڪئي. تنهنکان پوءِ 1901ع ۽ 1903ع ۾ ڪجهه قدر پليگه ڏيکاري ڏني، ته به جيڪا ٽولي ديوان ٺاهي هئي، تنهن ئي ماڻهن جي پئي خذمت ڪئي؛ جيتوڻيڪ ديوان جو ايترو هٿ به ڪونه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org