ڪيئن نه ڏيارام ائين پنهنجي عمر جي پوين ڏينهن ۾
منزلون پار ڪندو ٿي ويو ۽ ست سروپ ۾ سمائجڻ لاءِ
روز روز سانباهو ٿي ڪندو رهيو.
چابڪن ۽ رهاڻ مان جيڪڏهن جدا جدا سنگرهه ٺهن، ته
وگيان ويچار وارا حصا هوند شاگردن کي ڏاڍا ڪمائتا
ٿين. جو انهن ۾ وگيان جون عجيب حقيقتون ڏيکاريل
آهن ۽ وگيان جي وسيلي هنن ۾ ڌرم ڀاوء جاڳائڻ جي
ڪوشش ڪيل آهي. ستوتر ۽ پرارٿنائون به هردي ٺاريندڙ
آهن. وري انوڀون ۾ جي اندر لاءِ اشارا آهن ۽
سکيائن ۾ سمجهاڻيون، سي پڙهي ته دل جي عجيب درستي
حاصل ٿي ٿي سگهي. گرواڻيءَ جي پريمين لاءِ گرواڻي
ويچار ۽ گرپرساد تمام سٺو آهي ۽ چت پرساد جي
سامگري آهي. آزمودگارن لاءِ اتهاسڪ ويچار تمام سٺو
توشو آهن. جدا جدا قسمن جي ماڻهن لاءِ، وديارٿين
چاهي ويدانتين لاءِ، چابڪن ۽ رهاڻ ۾ دماغ، دل ۽
جيوت لاءِ سچو خزانو ڀريل آهي. شل اهو سنڌواسي ڪم
۾ آڻين!
ٻين جي ڪتابن تي محنت
ديوان ڏيارام ڪشالو ڪري نه رڳو پنهنجا ڪتاب ٺاهيا،
پر ٻين جا ٺاهيل ڪتاب به نظر مان ڪڍندو هو. مرحوم
شمس العلما مرزا قليچ بيگ، چچه نامي جو ترجمو
پارسيءَ مان انگريزيءَ ۾ ديوان ڏيارام جي چوڻ موجب
ڪيو، ته اهو سڄو ڪتاب اول ديوان صاحب پاڻ نظر مان
ڪڍي، ڪيترن هنڌن ضروري ڦيرگهير ڪري، پوءِ مرزا
صاحب کي موٽائي موڪليو ته هاڻ ڀلي ڇپائي پڌرو
ڪريو. ديوان صاحب جيتوڻيڪ انهيءَ ڪتاب تي تمام
گهڻي محنت ڪئي ۽ انجو منڍ به پاڻ لکيائين، ته به
ائين ڪونه ڄاڻايائين ته مون ڪا انهيءَ تي محنت ڪئي
آهي. مرزا صاحب کي به انهيءَ ڳالهه ڄاڻائڻ کان
جهلي ڇڏيو هئائين، نه ته هو پنهنجي ڪتاب جي منڍ ۾
ديوان صاحب جي شڪرگذاري ضرور ظاهر ڪري ها.
ڏيارام
گدومل نئشنل ڪاليج
مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ رباعيات عمر خيام جو ترجمو
ڪيو ته ديوان ڏيارام انهن رباعين جو تات پرج اهڙي
عمدي نموني لکيو آهي، جو جيئن پڙهه تيئن فرحت پيئي
اچي. ساڳيءَ طرح ديوان ڪؤڙيمل، ساميءَ جا سلوڪ گڏ
ڪري ٿي ڇپايا، ته سلوڪن جو تات پرج ديوان ڏيارام
لکيو. اهي ٻئي تات پرج نهايت نزاڪت سان لکيل آهن ۽
منجهن ٻولي اهڙي سپڪ ۽ سوادي آهي جو ويجهڙائيءَ ۾
مسٽر ڀيرومل مهرچند سنڌي نثر جي ڪتابن مان چونڊ
مضمون ڪٺا ڪري ٿي ڇپايا، ته ديوان صاحب جا اُهي
ٻئي مضمون پنهنجي ڪتاب ۾ آندائين. مسٽر ڀيرومل جو
اهو ڪتاب ”بهار نثر“ جي نالي سان مشهور آهي ۽
ويجهڙائيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ وارن جڏهن اهو
درسي ڪتاب ڪري منظور ڪيو، ته ڪيترن ماسترن ديوان
صاحب جي انهن ٻنهي مضمونن جي نهايت گهڻي ساک ٿي
ڪئي. سچ پچ اهي مضمون پڙهڻ وٽان آهن ۽ ديوان صاحب
جي قابليت جي ساک ڀرين ٿا.
باب سورهون
آخرين سکيا
منشيه جيون جو مقصد آهي يوگه، يعني ايشور سان
ميلاپ يا ايشور پراپتي. يوگه شاستر موجب انهيءَ
مقصد کي سامهون رکي، سڀ ماڻهو ٽن درجن ۾ ورهايا
ويا آهن. هڪڙا اُتم اڌڪاري، ٻيا مڌيم اڌڪاري ۽
ٽيان مند اڌڪاري. اُتم اڌڪارين لاءِ ايشور پرنيڌان
هڪڙو مکيه ساڌن آهي. مڌيم اڌڪارين لاءِ يوگه جي
ساڌن پاد جي پهرئين سوتر ۾ لکيل آهي ته ٽي ساڌن
آهن يعني تپ، سواڌياءِ ۽ ايشور پرنيڌان. مند
اڌڪارين لاءِ اٺ يعني يم- نيم- آسن- پراڻايام-
پرتهار- ڌارڻا- ڌيان ۽ سماڌي.
جيڪڏهن جدا جدا ماڻهن جي حياتيءَ کي جاچي ڏسبو، ته
خبر پوندي ته ڪن جي ساري عمر پنهنجي چال سڌارڻ جي
ڪوشش ۾ لڳي ٿي وڃي. ڪي اُن کان مٿي اهڙي قسم جا
ساپرش آهن جو سم درسي، سيتل سدا، سڀ جا سکدائي؛
ممتا ميل اندر ۾، رکن نه رائي؛
سامي سدائي، ڪن اُپڪار اَچاهه ٿي.
يعني چال ڪافي سڌريل اٿن ۽ منجهن پراُپڪار ورتي
ڀريل آهي. اهي ٿيا مڌيم درجي جا يوگه اڌڪاري. تنهن
کان مٿي ڪي اهڙا آهن جن پنهنجي چال به اڳيئي سڌاري
ڇڏي آهي ۽ پراُپڪار به انهن ۾ سڀاويڪ آهي، ۽ يڪدم
صرف ايشور ڌيان ۾ لڳي، منشيه ماتر کي نئين رستي
لائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، جيئن گرو نانڪ ديو. هي صاحب
جي سڌا جپ ۾ لڳي ٿا وڃن ۽ ٻين کي به نام دان ڏيڻ
جي ڪوشش ٿا ڪن، اُهي سمجهجن اُتم اڌڪاري.
ڏيارام جي جيون چرتر جاچڻ مان ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي
ته سندس آتمڪ اوسٿا هن جنم ۾ مڌيم اڌڪارين جي درجي
واري هئي. سندس جيون چرتر ۾ وديا وٺڻ کانپوءِ ٽي
مکيه ڀاڱا ٿا ڏسڻ ۾ اچن. هڪڙو تپسيا پرڌان ڀاڱو،
جنهن ۾ ڏيارام ۾ پراُپڪاري ورتي پرٻل ۽ پرڌان هئي؛
اهو آهي سندس نوڪريءَ جو زمانو. وري 1904ع کان وٺي
ڪلفٽن ۾ رهڻ کانپوءِ سواڌياءِ جو انگ وڌڻ شروع ٿو
ٿئي ۽ تپ سان گڏ سواڌياءِ به لڳو لڳ هلندو ٿو رهي.
اهو زمانو 1912ع تائين هلي ٿو. پوءِ ڏيارام
سنسٿائن کولڻ ۽ هلائڻ جي ڪم کان هٽجي فقط
سواڌياءِ. وگيان ۽ ويدانت ورتي وڌائيندو، ايشور
پرنيڌان جي رستي تي چست طرح هلڻ شروع ٿو ڪري.
جولاءِ 1923ع ڌاري يوگه جي ڀومڪا هن ۾ ظاهر ٿئي
ٿي؛ الهام جو زمانو اچيس ٿو ۽ ايشور پرنيڌان سندس
مکيه ساڌن رهجي ٿو وڃي. انهيءَ طرح يوگه ڀرشٽ،
يوگه يڪت جي پدويءَ تي پهچي ٿو ۽ اُميد ڪري ٿي
سگهجي ته ٻي جنم ۾ سندس پدوي اتم اڌڪارين جهڙي ٿي
سگهندي.
سندس جيوت مان اسانکي اها سکيا ٿي ملي، ته ماڻهو
هن دنيا ۾ آيو آهي پاڻ سڌارڻ لاءِ ۽ پورڻتا حاصل
ڪرڻ لاءِ. جيڪي به دُک ۽ تڪليفون ڏسي ٿو سي کيس
ڪرمن انوسار ملن ٿيون، ته سنئين راهه تي هلڻ سکي ۽
يوگه لاءِ اُتم اڌڪاري ٿي سگهي. ڏيارام جي مکيه
سکيا ماڻهن لاءِ هوندي هئي يم، نيم پالڻ جي سکيا،
ايشور پراپتي ۽ جڳت هت لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي سکيا.
انهيءَ لاءِ هن اسڪول ۽ سنسٿائون کوليون جن جو ذڪر
تيرهين باب ۾ ڪيل آهي. انهيءَ لاءِ هن ليک لکيا ۽
پستڪ رچيا، جن جو ذڪر پنڌرهين باب ۾ ڪيو آهي، ۽
انهيءَ لاءِ هن ايشور استتيءَ ۽ پرارٿنا لاءِ
اُمنگ ڏيکاريو جنهن جو ثبوت سندس چابڪ ۽ رهاڻ مان
ملي سگهي ٿو.
هلندڙ زماني ۾ سنڌ جا جيڪي به مهاپرش ٿي گذريا
آهن، تن مان ڏيارام به هڪ مکيه هو. سندس پراُپڪار
ورتي، اسان سڀني کي پراُپڪاري ٿيڻ ٿي سيکاري. سندس
گهر وگيان ۽ وشال ودوتا ڏيکاري ٿي ته ماڻهوءَ لاءِ
فرض آهي، جهان سمجهڻ ۽ پاڻ سمجهڻ ۽ پر ماتما
سمجهڻ. انهن کي سمجهڻ جي هن ساري عمر ڪوشش ڪئي، ۽
پنهنجي جيوت سان سِڌِ ڪري ڏيکاريائين ته: جان جئين
تان سِک- جيئڻ سک سکدائي. سکدائي ٿيڻ سان ۽ سکيا
پراپت ڪرڻ سان، انسانن سان ايڪتا حاصل ڪرڻ ۽ اندر
جو آرام ۽ ايشور سان ايڪتا حاصل ڪرڻ، اهي جيوت جا
مکيه مقصد هن پنهنجي حياتيءَ هلائڻ سان ظاهر ڪيا.
شل اسين اهي سڀ سبق دل سان هنڊايون! جڳت هِتَ لاءِ
هر قسم جون سنسٿائون جيئن هن کوليون ۽ هلايون،
تيئن اسين به کوليون ۽ هلايون؛ خاص ڪري اسڪول،
ڪاليج ۽ هنري سڀائون، اوچ وديا لاءِ اسڪالرشپون،
صحت آشرم، سيوا سدن ۽ شانتي آشرم هنڌ هنڌ کوليون.
چت پرساد ۽ اندر جي آرام ۽ ايشور سان ايڪتا پراپت
ڪرڻ لاءِ ڀڄن ڀاءُ، گيان، ڌيان، ڌارمڪ درشٽي ۽
رهڻي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهون!
هر هڪ مها پرش پنهنجي ديش ۽ ڪال جي ساٿين کي
سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ته جيوت جو مقصد
سمجهو ۽ اها اجائي نه وڃايو. پنهنجن پنجن دوتن کان
پاڻ بچايو ۽ آتمڪ اُنتي ڪريو ته جنم مرڻ جي چڪرن
کان ڇٽو ۽ جيون مڪت ٿي ڌرم ميگهه وانگر سڀني تي
ديا، ڌرم ويچار جي ورکا ڪريو ۽ سنسار کي سُرڳ
بڻايو ۽ آتمائن کي پرماتما جي آنند درٻار ۾ داخل
ٿيڻ ۾ مدد ڪريو. شل اِهي سبق اسين سندس حياتيءَ
مان سکي سگهون! ۽ سنڌين لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جو
ڏيارام الهام ڇڏيو آهي، سو پڙهي پاڻ سڌاريون ۽
پراُپڪار ۾ اڳتي تڪڙي وِکَ کڻي سگهون!
اوم شانتي! شانتي!! شانتي!!! |