ديوان ڏيارام کي ميري ڪاريليءَ جا آتمڪ مضمونن تي
لکيل قصا ڏاڍا وڻندا هئا جو خاص طرح
“Romance of two worlds”
هن لوڪ ۽ پرلوڪ جو لقاءُ،
“Life Eternal”
جاوداني حياتي يا اَمرجيون وارن ڪتابن پڙهڻ جي
سفارش ڪندو هو. 24 مئي 1907ع ۾ تمام سندر هدايتون
لکي موڪليون اٿس. هر هڪ ڪم لاءِ وقت مقرر ڪري
ڇڏيو. ڌارمڪ گيان ۾ چت لڳائڻ کان اڳ ۾ دليل ۽
دنيوي خيال اول پورا ڪري ڇڏيو. پهريائين چت کي
ڦرنن کان فارغ ڪري پوءِ پرلوڪ ۽ ڌرم جي ڳالهين جي
چنتن ۾ اُن کي لڳايو. ڪنهن طرح اها عادت ٺاهي ڇڏيو
۽ جڏهن چت هيڏانهن هوڏانهن ٿئي ته وري ڦيرائي
ايشور جي ڌيان ۾ لڳايوس. ۽ اهو ڪم صبر سان ڪيو،
جيترا ڀيرا من ڀٽڪيوَ. سنت فرانسز هڪڙو مغربي يوگي
چوندو هو ته جيڪڏهن اوهين ڌيان سکڻ لاءِ پنهنجي من
کي به صبر سان نٿا روڪي سگهو ته ٻين سان وري صبر
سان ڪيئن هلي سگهندؤ. ڪڏهن به نرآش نه ٿيو؛ پورو
پورو وشواس رکو ۽ جڏهن به واندو وقت مليوَ تڏهن من
کي پريتم جي پريت ڏانهن اُتساهه ڏيو ۽ اُن جي درشن
جي اَٻلاکي ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو. اندر ۾ ايشور جي
اَتي سندر مورتي پسڻ جي پياس جاڳايو ۽ ڪوشش ڪريو.
جيڪڏهن هر هر اهڙي آس اندر ۾ آڻبي ۽ ٿورا لفظ اهڙي
قسم جي پرارٿنا جا اُچاربا ته به تمام گهڻو فائدو
ٿي ٿو سگهي.
سندس 18 آڪٽوبر 1911ع جي خط مان معلوم ٿئي ٿو ته
ديوان ڏيارام انهن ڏينهن ۾ 2 بجي کان 5 بجي 10
منٽين تائين هر روز گرانٽ روڊ جي ڀرسان سيواسدن ۾
وڃي ڪم ڪندو هو.
15 جولاءِ 1908ع جي خط ۾ انتر ڌيان پچائڻ لاءِ
ديوان ڏيارام وڌيڪ وستار سان سمجهاڻي لکي آهي.
لکيو اٿس ته هميشه پنهنجي اندر ئي اندر دل ۾ چوندا
رهو ”پار برهم تو ام گتر مم“ ”پرميشر مان توڏانهن
اچان.“ جڏهن به ٻيو ڪو ڪم نه هجيوَ ته مٿيون منتر
اندر ۾ چوندا رهو. ايشور کي پريم روپ سمجهو. ڌيان
پچائڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اندر کي سمجهايو. جيڪڏهن
ايشور جو پريم نه هجي ها ته مون کي جيوت به حاصل
نه ٿي سگهي ها. هو ئي آهي منهنجي پرانن جو پران؛
هو ئي آهي منهنجي جيوت جي جوت. منهنجو ساهه کڄي ٿو
ڇاڪاڻ ته هو اندر ويٺو آهي. هو سورج منڊلن تي راڄ
ڪري ٿو ۽ هو تڇ کان تڇ وستوءَ ۾ به آهي. هو سڀني
شين جو آڌار آهي ۽ سڀيئي هن ۾ جيئن ٿا ۽ هنجي
وسيلي هلن ٿا. منهنجو پريتم تمام سندر آهي. حواسن
جي لوڪ کان پري من جي لوڪ ۾ وڃان ۽ من کان ٻڌيءَ
لوڪ ۾ وڃان ۽ ٻڌيءَ کان اَنتر آتما جي لوڪ ۾ وڃان.
اجهو هيءُ هتي ويٺو آهي. پريتم، هاڻي مونکان ڀڄي
ڪين سگهندين. مون توکي پاتو آهي، ڄاتو آهي؛ مون
توکي لڌو آهي.
پار برهم توام گتر مم، سري ڪرشن تو ام گتر مم، ست
چت آنند توام گتر مم، اوم، اوم، اوم. پنهنجي من کي
پريم سان ڀرپور ڪرڻ لاءِ ٻيون به يڪتيون ڪم ۾
آڻيو. تارن جي سُونهن جو ويچار ڪريو. گلن جي،
انساني دنيا جي گلن جو، سنتن، رشين ۽ ڀڪتن جو.
انهن جو ويچار ڪندي ڪندي انهن مان لنگهي پار پئي
هن ايڪ اونڪار جو ويچار ڪريو، جنهنجو ٻاهريون ويس
اهي سڀيئي آهن ۽ پوءِ هنکي پيار ڪريو. پوءِ اوم کي
هنجو چن بنايو. انهيءَ شبد کي پريم سان پورن ڀريو؛
جئن اهو شبد اوهان لاءِ سارٿڪ يعني معنيٰ سان
ڀرپور ٿئي. ڌيان ڪرڻ وقت ۽ هميشہ مٿئين رٿ موجب
ڪوشش ڪريو ۽ جيڪو اَثر ٿئي تنهن جي خبر ڏيو.
12-آڪٽوبر 1912ع ۾ لکيو اٿس ته جڏهين پهريائين
انهيءَ منتر تي من ايڪاگر ڪري سگهو تڏهين پوءِ اهو
منتر پورن اُتساه، ويساهه ۽ پريم سان جپيندا رهو.
جڏهين ساڳي معنيٰ اوم سان لڳائي سگهو ته پوءِ فقط
اوم چوندا رهو. اوهان منڊوڪيه اپنشد پڙهيو آهي؟
انهيءَ ۾ اوم جي معنيٰ ڏنل آهي.
تنهن کانسواءِ پنهنجي غريب ڀائرن ۽ ڀينرن جي شيوا
ڪندا رهو. شڪارپور جي استرين لاءِ ڪو وڏو
اسڪالرشپ جو چندو نٿا ڪٺو ڪري سگهو؟ گوڪلداس
تيجپال جي دان مان هڪڙو چندو يووڪن لاءِ مقرر ٿيل
آهي، جنهن مان 117 بي.اي. پاس ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترا
وڏي وڪالت ۽ ڪيترا ڊاڪٽري. انهيءَ جهڙو چندو ڪو
استرين لاءِ ڪڍو. جيڪڏهين انهن مان ڪي ڪاما اسپتال
۾، ڪي جي، جي، اسپتال ۾، نرسنگه جي ڪم سکڻ لاءِ يا
ڪراچيءَ اسپتال ۾ بيمارن جي خبرداريءَ جي ڪم سکڻ
لاءِ موڪلي سگهو ته تمام چڱو ڪم ڪندؤ. زالن ۽
اڇُوتن ڏانهن اسين تمام غافل رهيا آهيون. اهو پاپ
اوهين ڌوئي ڇڏيو. ڪيترو نه ڏيارام جو استرين ۽
اڇوتن جي اڌار لاءِ پيار هو؟
وري ٻئي خط ۾ لکيو اٿس ته مون کي خوشي ٿي آهي اهو
پڙهي ته اوهين ڌيان سکندا ٿا وڃو. جيڪڏهن اوهان جا
ٻاهريان ڪم پريم پوروَڪ ۽ ٻين جي سهائتا ڪرڻ جي
ڀاوَ سان ڀرپور آهن ته اوهان جو انتر ڌيان سولو
لڳندو.
هاڻي ڪجهه انهن خطن بابت ويچار ڪبو جن ۾ لکيل آهي
ته ساتوڪ، سڪيارٿو ۽ سنڌ لاءِ ضروري دان ڪهڙو آهي
۽ ڪيئن ڪجي؟ 9- ڊسمبر 1905ع جي خط ۾ لکيو اٿس ته
جيڪڏهين ڀائي مولچند ڪوئٽيا وارو ڪو اُپديشڪن ۽
ڀڄن ڪيرتن ڪندڙن جو ڪلاس ڪڍي ته تمام چڱو؛ جيڪڏهين
ڪو ڌن وارو آدمي هن جي آجيوڪا جو خرچ پاڻ ڀري،
جيئن هو اُدرپورنا جي چنتا کان رهت ٿي سمورو وقت
هن ڪم ۾ گذاري سگهي ته اها ٿيندي هڪ قسم جي آتمڪ
ڀائيواري، جا تمام سندر شراڪت آهي. ڌرم کان سواءِ
ڪو به اُڌار يا سڌارا سان جي ديش واسين جو ڪونه
ٿيندو. تنهنڪري هيءُ تمام ضروري ڪم آهي ته اپديشڪن
۽ ڀڄنيڪن کي سيکاري تيار ڪجي.
دان جي ڪم ۾ به حساب ڪتاب چوکو رکجي. وستار کڻي
ٻين کان رکائجي پر پاڻ سڀني رقمن تي ڌيان ڏجي ۽ هر
هڪ چڱي ڪم لاءِ به آمدني ۽ خرچ جو تخمينو يعني
بجيٽ ضرور تيار ڪجي ۽ اُن موجب اهو ڪم هلائيندو
رهجي.
ودوائن جي اُدر پورنا لاءِ ديوان ڏيارام لکيو آهي
ته هو 22 رپيا در ماهو خرچ ڪندو رهندو آهي. پر اهو
تمام چڱن ماڻهن جي وسيلي ۽ انهن کي اشارو ڪندو آهي
ته ودوائن کي پن بدران پورهيو ڏيو جيئن آخر هو
پنهنجو پيٽ پنهنجي پورهئي مان پالي سگهن.
وديا جي واڌاري لاءِ اسڪالرشپن ڏيڻ مان تمام گهڻو
فائدو ٿيندو. منهنجي نالي تي اسڪالرشپ قائم ڪرڻ
بدران پنهنجي پتا جي نالي تي اسڪالرشپ جاري ڪندؤ
ته چڱو. پنهنجي ڌن مان هڪ هڪ پائي امانت سمجهو ۽
سڪرت ۾ لڳايو؛ هميشه اهنسا، ستيه، يگيه ۽ قربانيءَ
جي رستي تي هلندا رهو. ايشور جي آسيس پراپت
ٿيندوَ.
جيڪي به اوهان کي ملي ٿو سو امانت اٿوَ. امانتن
هلائڻ لاءِ جيڪو قاعدو اٿوَ تنهن مان خبر پوندوَ
ته پنهنجي ڌن کي ڪيئن ڪتب آڻيو. ڏسجو ته ايشور جي
پينل ڪوڊ هيٺ امانت ۾ خيانت ڪرڻ جا ڏوهاري نه ٿيو.
30- جنوري 1913ع جي خط ۾ ديوان ڏيارام لکيو آهي ته
ڪي اهڙا بي. اي. وارا يا وڪيل سجهنوَ جي فقط کاڌ
خوراڪ تي يعني پنجاهه رپين مهيني تي غريبن جي شيوا
ڪندا رهن. منهنجي دل ۾ اُمنگ آهي ته ڪڙمين جي
اوسٿا سڌارجي ۽ انهن جي شيوا لاءِ ”سيلاني سورما“
چونڊي مقرر ڪجن، جيڪي هنن کي ننڍن وڏن ظلمن کان
بچائين. پنهنجن ڪڙمين لاءِ مونکي گهرجن ئي اهڙا؛
هڪڙو مفت ڊاڪٽر، هڪڙو مفت وڪيل ۽ هڪڙو مفت ماستر.
سجهنوَ ڪي اهڙا جي پنجاهه رپئي مهيني تي وڃي هي
سڪرت جا ڪم سنڌي غريب ڪڙمين ۽ ڳوٺاڻن لاءِ ڪن؟
4- جنوري 1913ع ۾ لکيو اٿس ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ
هڪ ٻه اهڙا ماڻهو کپن جي سنڌ جي غريبن جي، سمورو
وقت ڀائرن جيان مدد ڪن؛ جئن ڀارتيه شيوڪ سڀا
Servants Society of India
وارا آجيوڪا تي سمورو وقت ويٺا ڀارت جي شيوا ڪن؛
تيئن سنڌ جي غريبن جي شيوا لاءِ ڪي غريبن جا ڀائر
ڪٺا ڪجن ته تمام چڱو. انهن کي پنجاهه رپيا مهيني
ڏيڻ لاءِ ته مان به تيار آهيان. مهرباني ڪري جاچيو
جي اهڙا جوان هٿ اچنوَ ۽ مسٽر ويرومل کي به هيءُ
خط پڙهڻ لاءِ موڪلجو ته هُو به خيال ۾ رکي.
شڪارپوري واپاري، بخاري، ٿٻيٽ ۽ جپان ڏانهن ويندا
آهن. ڇونه شڪارپور ۾ اهڙو اسڪول ٺاهيو، جنهن ۾
اهڙيون ٻوليون سيکاريون وڃن. سکيا جي سڌاري جي
تمام ضرورت اٿوَ. ڇو نه شاهي باغ ۾ شيوارام
ڦيرواڻيءَ جي صلاح سان ڪو سندر قسم جو اسڪول
ٺاهيو؟
25- فيبروري 1901ع جي خط ۾ لکيو اٿس ته پيارن جي
موت تي به گهڻو غم نه ڪجي. اهي ڏکه ايشور موڪليندو
آهي ته اسين ديا ۽ ويراگه جا سبق سکون ۽ سچو سکه
پراپت ڪريون. اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته موت ته
اصل ڪا وستو ڪانهي. موت فقط هڪ لوڪ کان ٻئي لوڪ ۾
وڃي جيئڻ جو دروازو آهي.
غريبن جي نياڻين کي پرڻائڻ، بيشڪ پڃ جو ڪم آهي پر
هر هڪ کي دان جو ڪم ائين هلائڻ گهرجي جو ٿي سگهي
ته پاڻ مرادو هميشه هلندو رهي ۽ منجهانئس گهڻي کان
گهڻو فائدو ٿئي. انهيءَ طرح سچيءَ قربانيءَ سان گڏ
سچي سمجهه به هلائڻ گهرجي. گيتا ۾ چيل آهي ته ڌن
جي دان کان گيان يا وديا جو دان وڌيڪ اُتم آهي.
تنهنڪري وديا دان ڏيئي غريبن ۽ ڪنيائن جا ڏک دور
ڪجن ته تمام چڱو. اهو آهي ساتوڪ دان. تنهنڪري
جيترو ٿي سگهي تيترو گيان يگيه ۾ مدد ڪريو.
ڌرمشالائن ۾ ڌارمڪ پستڪاليه ڪڍو. هوميوپٿي به يوگه
جو هڪ رستو اٿؤ، هوميوپٿي دواخانه ڪڍو. پاڻ ۾ ست،
شو ۽ سندريه جا ڀاوَ وڌائيندا رهو. انهن ۾ آهي سدا
سچ، سدا هتڪاري، سدا شوَ جو ڀنڊار، سدا سهڻو
سائين. انهن جي وسيلي درشن پائيندؤ سچي سک دائي
سهڻي سائينءَ جو. روز انهن ڀاون جي وڌائڻ جو ويچار
۽ ڪوشش ڪندا رهو ۽ ڪو به انهن کي وڌائڻ جو وجهه
هٿان نه وڃايو، ته پريتم کي پايو.
پنهنجن دوستن کي ۽ ڪانگريس وارن کي چئو ته هو
هندستان ۾ عام جام تعليم جو پرچار ڪن ۽ وديا وڌائڻ
جو ڪم هٿ ۾ کڻن. سچيءَ سکيا کان سواءِ ايڪتا ڪين
ايندي. سچي ايڪتا کان سواءِ شڪتي ڪانه ٿيندي.
هندو، مسلمان ۽ هندستان جي سڀني ديش واسين جي وچ ۾
ايڪتا آڻڻ جي ڪوشش پاڻ ڪريو ۽ دوستن کي انهيءَ
ڪوشش ۾ لڳايو، ۽ عام دکن کي دور ڪرڻ لاءِ خوب جاچ
جوچ ڪريو ۽ کوجنا ڪريو جيئن گوڪلي ڪندو هو. ائين
جاچي ماڻهن جا ڏُک ۽ گهٽتايون دُور ڪريو.
ننڍن ٻارن ۾ ٻيڙيءَ ڇڪڻ، شراب پيئڻ ۽ جوا ڪرڻ جي
خرابين کي روڪيو. خرابيون آهن اوهان لاءِ چڱائي
ڪرڻ جا وجهه. اُنهن خرابين کي ڪيئن دور ڪجي. تنهن
لاءِ سوچيو ۽ سکيا حاصل ڪريو ۽ پوءِ هڪ هڪ تي پورو
ڌيان ڏيئي اهي سڀ خرابيون ۽ ڏُک دور ڪريو.
مطلب ته ديوان ڏيارام کي سدا فڪر هو براين
گهٽائڻ، ڏکن دور ڪرڻ ۽ ماڻهن کي محبت سيکارڻ ۽
ايشور جي ڌيان ۽ جڳت هت ۾ لڳائڻ جو.
انهيءَ کان سواءِ مون ڏانهن به ديوان ڪي خط لکيا.
هڪڙو وڏو خط لکيائين سکيا سڌار لاءِ؛ چيائين ته
اونڊل جي هيڊ ماستر جي حياتي پڙهي ڏس ته اسڪولن جي
رستي ڪيئن سنسار جو سڌارو ڪري ٿو سگهجي. چٺيءَ ۾
لکيائين ته ڪو شاهي باغ ۾ آدرشي وديالو کوليو. مون
لکي پڇيس ته ٻارن کي يوگه ڪيئن سيکارجي؟ پاڻ
لکيائين ته ”من لاءِ چابُڪ“ ۾ مصالح اٿوَ. جڏهن
کيس اهو لکيو ويو ته انهيءَ ۾ ڪي حصا اهڙا آهن جي
ٻالڪ به سمجهن؛ پر ڪي اهڙا آهن جي ودوان به مس
سمجهي سگهن ته جواب موڪليائين ته ٻارن لاءِ سوَلا
سوال چونڊي ڪڍو. کانئس پڇيو ويو ته پاڻ ڪيئن
سڌارجي ۽ ڪيئَن انتر جوت پراپت ڪجي. تنهن تي پاڻ
هيٺيون بيت لکي موڪليائين:
بيت
ڌن سي جي گهرن انتر جوت پرڪاش،
پر تنهن لئه گهرجي اوچ انتر آڪاش.
ڪمائي جنمن جي آٿت آڌار،
۽ پڻ هن جنم ۾ شڌ پر اُپڪار.
اهم ڀاوَ رهت، سنگه ڦل رهت،
داس ڀاوَ سهت، ڀڳتي ڀاوَ سهت.
سمپورن شرڌا حاضران حضور،
سموري سرشٽ ڏس ساڻس ڀرپور.
اهڙي درشٽ لاءِ وگنيان ويچار،
گرواڻيءَ سان اَتينت پيار.
جپڻ ويڃائڻ، انتر نور شوڌڻ،
ادرشٽ ڌيائڻ، انتر پرٻوڌڻ.
سنڌيا ۽ ڀڄن، ايڪانت رهاڻ،
سڀ وقت پياس پرڀ درشن ڪاڻ.
مهاتمائن سنگه رستو ڪري سهلو،
پر اهو درلڀ، جن هوميء جهلو.
يم نيم پال يوگڪ پهريائين،
ادرشٽ رهنما تيجسوي جي چاهين. |