ڏيارام جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڳٽڪا
سنه 1908ع کان وٺي ڏيارام کي سيواسدن جو خيال دل ۾
ويٺو جيئن پنهنجي خط ۾ لکيو اٿس. پينشن وٺڻ
کانپوءِ روز گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪ اهو ڪم هلائڻ ويندو
هو. استرين کي سيوا لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هن انهن
ڏينهن ۾ 12 ڳٽڪا ڇپايا جن مان 3 مکيه آهن:-
پريم جي الف بي
Albhabet of Love، نيم جي الف بي
Alphabet of Law،
انتظام جي الف ب Alphabet of Discipline
.
اهي اڇي ڪنول مالها
Whita Lotus Series
جا پهريان ٽي انڪ ڪري ڇپايا ويا آهن، ۽ تمام سندر
اتساهه ڏيندڙ ۽ آتما سڌاريندڙ ڳٽڪا آهن. پريم جي
الف ب ۾ اي کان وٺي زيڊ تائين سموري انگريزي الف ب
جي هڪ هڪ اکر تي ايشور مهما جي ڪوتا چونڊي رکيل
آهي جيئن ايشور پريم، ايشور ڀڳتي، ايشور شڪتي،
ايشور پرارٿنا ۽ ايشور ارپڻ جي عادت هر هڪ ۾ پوي.
ڪراچي
سينٽرل لئبرري- واچناليه
هر هڪ اکر ۾ استتي، پرارٿنا ۽ آراڌنا آهي؛ جيئن ته
اي اکير ۾ لکيل آهي ته هي پريتم! تون ئي سڀ ۾
سمائجي رهيو آهين؛ جيڪي آهين سو تون آهين. توتي
سمورو وشواس ڪريان ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجهه تنهنجي پريم
جو پرڪاش آهي، ته به ساڳئي وقت تنهن جي نيم جي
آڌار آهي. مان اڪيلو تو اڪيلي سان ڳالهائڻ ٿو
گهران.
جيئن سورج مکي گل، سورج ڏانهن منهن ڪندو آهي، تيئن
اي پريتم! منهن جي آتما تو ڏانهن ٿي رخ رکي. وري
بي ۾ لکيل آهي، پريتم! شل پنهن جي نماڻيءَ دل ۾
تنهن جو درشن پسان. اجهو هيءَ منهن جي دل پسين ٿو.
مان اها سڄي تنهنجي هٿن ۾ رکان ٿو، جنهن جو مطلب
آهي ته مان سمورو پاڻ توکي ارپڻ ڪريان. منهن جا
مالڪ! ٻڌاءِ ته مون کان ڇا ٿو ڪرائڻ چاهين؟ اهڙن
سندر ويچارن ۽ وچنن سان هي ڳٽڪو ڳتيل آهي.
انهيءَ اڇي ڪنول مالها جو ٻيو ڳٽڪو
Alphabet of Law
نيم جي الف بي- هن ۾ انگريزي ڪوتائن مان ۽ پنهن جي
ڪوتا جهڙيءَ ٻوليءَ ۾ هندويم نيم تمام سهڻيءَ طرح
سمجهايا ويا آهن. هن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پاپ
ڪيئن هن جهان ۾ ڏُک پيدا ڪري ٿو؛ ۽ سرڳه ۾ پهچڻ جي
سيڙهي يا ڏاڪڻ ڪهڙي آهي ۽ نرڳه جي ڪهڙي. لکيل آهي
ته اپريگره ۽ اعتدال جي ڪري، برهمچريه ۽ پوترتا
حاصل ٿي سگهي ٿي. انهن ٻنهي جي مدد سان ايمانداري
اچي ٿي ۽ ٽنهي جي وسيلي سچائي ۽ چئني جي وسيلي،
آدمي اهنسا تي هلي سگهي ٿو. اهي پنج مددگار آهن
شوچ يعنيٰ اندرينءَ ٻاهرينءَ صفائيءَ جي هير وجهڻ
لاءِ؛ جي اها هير پيئي ته سولائيءَ سان سنتوش جي
هير پئجي سگهندي؛ اهي ٻئي عادتون پيئون ته پاڻ پلي
سگهبو ۽ تپسياوان ٿي تڪليفون سهي سگهبيون، پوءِ
سمورو وقت سواڌياءَ ۾ لائي سگهبو ۽ انهن مان ايشور
پرنيڌان جي عادت پوندي، جيڪا آهي جيوت جو مٽڪ ۽
آتمڪ چاڙهيءَ جي چوٽي. سمورو پستڪ ڌرم جي اهڙي ته
پختي پاڙ ٻڌڻ ٿو چاهي ۽ اهڙين ته سندر ڪوتائن ۾
لکيل آهي جو پڙهي دل ٺري پوي ۽ انسان جو سچو سڌارو
ٿي سگهي ٿو.
اڇي ڪنول مالها جو ٽيون ڳٽڪو آهي،
Albhabet of Discipline
پاڻ پلڻ يا خود انتظام جي الف ب. انهيءَ ۾ صبح
سانجهيءَ اندر کي ڪهڙا اشارا ڏيڻ گهرجن، من کي
ڪهڙي مت ڏيڻ گهرجي ۽ اندر جو ڪهڙو امتحان وٺڻ
گهرجي؛ انهيءَ لاءِ سندر ويچار، وچن ۽ ڪوتائون
لکيل آهن. جيئن منڍ ۾ ئي لکيل آهي ته اي منهنجي
دل! سرت سان سُجاڳ ٿيءُ، جيئن سهڻا گل سُجاڳ ٿيندا
آهن؛ ۽ دلبرشاهه جي در تي چنڊول وانگر لات سان گڻ
گيت ڳاءِ. ڏينهن جو ايشور کي ڇايا اسٿنڀ ڪر ۽ رات
جو جوتي اسٿنڀ. ايشور سان ڳالهه ٻولهه ڪر، ڇاڪاڻ
ته هو ٻڌندو آهي ۽ آتما، آتما سان ميلاپ ڪري
سگهندي آهي ساهه کان به اوڏو آهي اسانجو سپرين ۽
هٿن پيرن کان به ويجهو آهي اسانجو ايشور. وري
ڏينهن جو چت جي چڪاس وٺو. ڇا ڪرڻو آهي؟ اهو ڪيو
اٿوَ يا نه؟ غريبن سان پيار وڌايو اٿوَ يا نه؟
دکين جي دل ورتي اٿوَ يا نه؟ سانجهيءَ جو اوهان جي
دل اوهان جا ڪرتويه پورا ڪري مشڪي سگهي ٿي يا نه؟
ائين ئي خاص رات جي پرارٿنا به ڏنل آهي. هميشہ هوت
هج مون وٽ، وڃڻ جي ڪانه ڪر وائي؛ سج لهي سانجهي
اچي ٿي، وڌي ٿي هاڻ اونداهي. جڏهن ساٿي ڇڏن سڀ ۽
سُک ڀڄن سڀ؛
نرآڌارن جا آڌار، ٿيءُ تون سهائي.
سکي ننڊ مون کي ڏجانءِ اي ڌڻي؛
سمهان سانت ۾، جاڳان آنند کڻي.
جڏهن هوت آخر مان تو ڏانهن اچان؛
غم سان نه ڪو موڪلائي مون کان.
لَڏي لهر مون کي دنيا کان پري؛
سنمک اُها شل توسان ڪري.
ائين ڏيارام سديو چاهيندو هو ته هر هڪ هن وانگيان
دنيا ۾ رهي، ڌرم هلي، دلبر جو درسن پائيندو رهي.
سيوا سدن واسطي لکيل سندس ٻيا ڳٽڪا هٿ ڪونه چڙهي
سگهيا آهن؛ پر جيڪي هٿ چڙهيا اٿم سي ڏيارام جي
استري اڌار جو اتساهه چڱيءَ طرح ڏيکاري رهيا آهن.
جيئن هڪڙي اشتهار جو سرو آهي اپيل، سوچنا ۽ نويدن،
منجهس لکيل آهي ڇا؟ هي وچن:-
اسانجي نشاني آهي اڇو ڪنول. اسين پرارٿنا ٿا ڪريون
ته هر هڪ استريءَ جي هردي جو ڪنول سورجن جي سورج
ڏانهن ٽڙي بيهي. اسين دعا ٿا گهرون ته شل انهن مان
هر هڪ سچي شيوا ڪري ديوي ٿئي. هندستان ۾ ڪروڙين
ودوائون آهن؛ اسين چاهيون ٿا ته خاص طرح انهن لاءِ
ڪمائتا ڪم ڳولي ڪڍون ۽ هيءُ انساني خزانو جو هاڻي
گهڻي قدر اجايو ٿو وڃي سو سجايو ڪريون. جيڪڏهن
پنهنجي سٽ مان پنهنجي ديس لاءِ ڪپڙا ٺاهڻ، ديش
ڀڳتيءَ جي نشاني آهي، ته ڇا اها وڌيڪ سچي ديش ڀڳتي
نه آهي ته ديس جي استرين مان ايشور جون پتريون ۽
انسانن جون ڀڳتڻيون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي.
ڌارين جون سنسٿائون هندستان جي سڌاري لاءِ اٽڪل هڪ
ڪروڙ رپيا هر سال خرچي رهيون آهن. ڇا اوهين
سيواسدن کي اها مدد نه ڪندا ته هندستان لاءِ
سوديشي غريبن جون ڀينر، سوديشي سيوڪائون تيار ڪري
سگهي؟
اسانجو عقيدو آهي ته حياتي هڪ امانت آهي، پريم ۽
قربانيءَ ڀري سيوا ڪرڻ لاءِ. ٻيو اهو ته اسين اندر
۾ ته سڀ هڪ آهيون؛ جيڪڏهن متن متانترن ۾ سڀ هڪ نه
به هجون. جيڪڏهن اوهانجو به اهو وشواس آهي ته اسان
جي سهائتا ڪريو ته اهي سچ سڀني عام ماڻهن جي سيني
۾ داخل ڪريون؛ استرين ۽ اڇوت جاتين سان جيڪي صدين
کان پاپ ڪيا اٿئون، گويا ايشور جي مکه ۽ ايشور جي
چرنن سان جيڪي پاپ ڪيا اٿئون، سي سيوا دواران
موکيون.
چوندا آهن ته ماڻهو اول ته پنهنجو گهر ٺاهيندو آهي
۽ پوءِ گهر وري ماڻهوءَ کي نئين سر ٺاهيندو آهي،
ماڻهوءَ کي نئون بڻائيندو آهي. ائين به چوندا آهن
ته پرسٿتي يا آس جون حالتون سکيا جو رپئي مان
ٻارهن آنا ساڌن آهن. اسين سيوا سدن ۾ ڪوشش ٿا
ڪريون ته نشڪامتا جو وايو منڊل پيدا ڪريون، انهيءَ
لاءِ اسانجو آئينده جون سيوڪائون، پريم ۽ قربانيءَ
سان سيوا ڪرڻ سکن. حال حاضر اسان وٽ اڌ ڊزن
ڊاڪٽرياڻيون، اڌ ڊزن وديا ڏيڻ واريون، هڪ ڊزن
پنگتي سيوا ڪندڙ ڀينرون آهن، جيڪي پنهنجي سيوا
لاءِ ڪجهه به نه وٺنديون آهن. انهيءَ ڪوشش ۾ اوهين
پنهنجي ڌن يا وقت جي قرباني ڪري مدد ڏيندؤ؟ غريبن
کي ڇٽائڻ چڱو ڪم ٿا سمجهو، ته اسانجي دواخاني کي
مدد ڪريو. بيمارن جي خذمت ڪرڻ سٺي ٿا سمجهو، نه
پيسا وٺي خذمت ڪرڻ، پر پريم وچان خذمت ڪرڻ سچ پچ
ٿا سمجهو، ته اسان جي نرسنگه ۽ دائڪي ڪم جي ڪلاس ۾
مدد ڪريو. غريبن ۾ ابتدائي تعليم پکيڙڻ جي فائدي ۾
آهيو، ته گهرو سکيا جي ڪلاس هلائڻ ۾ اسانکي مدد
ڏيو. هٿ جي هنرن وڌائڻ ۾ وشواس اٿو، ته اسانجي
ودوائن ۽ اناٿن جي هنري شالا ۾ مدد ڏيو. بي سهاري،
نراس ۽ دربدر رلندڙ زالن کي مدد ڪرڻ اوهانکي وڻندو
هجي، ته بي گهرن لاءِ گهر اسان ٺاهيو آهي ان ۾ مدد
ڏيو. گندگي ۽ بيماري روڪڻ ۽ صفائي ۽ صحت جي پرچار
کي پڃ سمجهندا هجو، ته صحت پرچار ڀاڳه ۽ سلهه گهر
جي سڀا ۾ مدد ڪريو. مطلب ائين دلين کي پراُپڪار جي
ڪمن ڏانهن ڇڪڻ لاءِ نويدن ٿيل آهي.
ٻئي اشتهار ۾ وري لکيل آهي:-
منهنجون ڀينر، جيڪي پليگه يا ڏڪار ڪري ودوائون ٿي
وييون هجو، ڇو نه اوهين اسان وٽ اچو ۽ اچي پنهنجي
جيوت ايشور ارپڻ، پريم ڀريل ٽهل ۾ گذاريو. اچو
اسان وٽ سڀيئي ديلو ديويون، ڪهڙيون به غريب هجو.
اچو ستونيتون برف کان وڌيڪ پوتر هردي واريون؛ اچو
اسان وٽ سڀيئي، جيڪي پنهنجي ڪرتويه پالڻ جي سخت پٿ
تي هلڻ لاءِ تيار آهيو. اچو اچي پنهنجي ماتر
ڀوميءَ جي سيوا ڪريو، سندس هلندڙ حالت سڌاريو ۽
سندس بار هلڪو ڪريو. اندرين جي ڄار ۽ ڦندن مان
نڪري، منهنجون مٺڙيون ڀينر، اچي پرماتما جي پورن
رٿ ۾ پاڻ کي ڪمائتو ڪريو.
”سڀ ڪجهه ارپڻ ڪريو ايشور جي اڇا کي؛ آگيا ڪاري ٿي
آپو ڪڍي، قرباني ڪريو.“ پوءِ اوهانجي حياتي اڇو
سڳنڌ ڀريو گل ٿي آڪاس ڏانهن اسرندي ۽ سرڳه جو رنگه
لائي لعل ٿيندي.
وڃو وڃي گهر گهر سرڳه آڻڻ ۽ سرڳه ماڻڻ جي سکيا
ڏيو. وڃي سمجهايو ته سمپ ۾ رهڻ، ۽ سکدائي ٿيڻ سان،
ڪيئن غريبيءَ ۾ به گهر کي گلزار ڪري ٿو سگهجي ۽
دُک ۾ به دلبر جو ديدار اندر ۾ پائي هردو ٺاري ٿو
سگهجي.
سنتن واري قرباني، اوچ آدرش موجب ڪرتويه، ستين جي
پوترتا ۽ ايشوري نئڙت، نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ کي
پنهنجي آتما جو ڀوڄن بڻايو. هن ڌرتيءَ کي پنهنجي
حياتيءَ جي هٻڪار سان سرڳه ڀومي بڻايو. هٿن سان ۽
مکه سان مڌر گيت وڄايو ۽ ڳايو، پنهنجي آتما جي
سڳنڌ سان ديش کي سڳنڌت ڪريو. اهڙا اهڙا سندر اپديش
۽ دل ڇڪيندڙ پرٻوڌ ڏيارام جي 12 اشتهارن ۾ ڏنل آهن
|