باب تيرهون
سنسٿائون
سنسٿائون آهن مهاپرشن جي انتر آتما جو پاڇو، انهن
جي خواهشن ۽ خيالن جو خاڪو. انهن مان ظاهر ٿيندو
آهي ته هنن پنهنجي ديش لاءِ ڇا ٿي چاهيو. انهن مان
ظاهر ٿيندو آهي ته سنسار جي سڌاري لاءِ سندن ڪهڙا
خيال هئا. جيئن ڏيارام جي ديهانت کانپوءِ سندس
رچيل پستڪ سندس آتما جو آواز اسانکي پهچائيندا ٿا
رهن؛ تيئن سندس همٿايل ۽ برپا ڪيل سنسٿائون به
سندس آتما جا شڀ سنڪلپ پورا ڪنديون ٿيون رهن ۽
سندس اندر جو پرچو ٿيون ڏين.
سنسٿائون آهن پنگتي ڪوششون، انساني ضرورتن کي پوري
ڪرڻ لاءِ. انساني ضرورتون مکيه طرح ڇهن قسمن جون
آهن. ٻه آهن شخصي ضرورتون: تندرستي ۽ من درستي يا
تعليم جون. انهن ٻن ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ گهرجن
صحت سڌارڻ لاءِ ۽ سکيا سڌارڻ لاءِ سنسٿائون.
انسانن جون ٻيون ٻه ضرورتون آهن پدارٿن جي سنٻنڌ
۾: اهي آهن روزگار ۽ راحت جون ضرورتون، ڪم ۽ راند
جون، هنر ۽ وندر جون. انهن لاءِ ضروري آهن هنري
سڀائون ۽ سنسٿائون ۽ سنگيت، چتر ۽ ناٽڪ شالائون،
وندرگاهه ۽ راند جون سهولتيون. تنهن کانسواءِ ٻه
ٻيون انسان جون ضرورتون آهن: انصاف ۽ اخلاق. تن جي
پوري ڪرڻ لاءِ کليل آهن راجنيتڪ ۽ ڌارمڪ سڀائون ۽
سنسٿائون. ڏيارام جي جيون چرتر مان معلوم ٿو ٿئي
ته انهن مان گهڻو ڪري هر هڪ قسم جي سنسٿائن برپا
ڪري هلائڻ ۾ سندس هردو، هوش ۽ هٿ ڳنڍيل هئا.
صحت سڌار سنسٿائون
سنسار ۾ پهريون سکه آهي نروڳي ڪايا. اهو سکه هرهڪ
کي پهچائڻ لاءِ ڏيارام جي هميشه ڪوشش رهي. سندس
ٺاهيل ٽرسٽ ۾ پهريون ذڪر آهي اؤشڌ سهائتا جو، جنهن
لاءِ 1200 رپيه ساليانو مقرر ڪري ويو آهي. اهو به
لکيل آهي اؤشد سهائتا هليءَ چليءَ موجب ديوان
ميٺارام گشتي خيرياتي دواخانه دواران ڏيئي سگهجي
ٿي. انهيءَ دواخاني کي هلائڻ لاءِ ڊاڪٽر هرنامداس
مقرر ٿيل هو ۽ هو هر هنڌ ماڻهن ۾ صحت بچائڻ جي
نيمن جو پرچار ڪندو رهندو هو ۽ خاص آپدائن جي سمي
ڏيارام پاڻ به ڪيتري نه سرجوشيءَ سان حيدرآباد ۾
پليگه اسپتال ڪڍائي ۽ هلائي! وبا جي وقت ڊاڪٽر
هرنامداس شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گشت ڪندو رهندو هو ۽ ماڻهن
کي سهائتا پهچائيندو رهندو هو. حيدرآباد جي صحت
سڌار سڀا جو ڪم ديوان ڏيارام جاري ڪرايو. انهيءَ
ڪم لاءِ ڊاڪٽر وليرام لکيو آهي ته ديوان صاحب 5600
رپيا سهائتا ڏني، جي هاڻي وياج سميت 10000 رپيا ٿي
پيا آهن؛ جن جي وياج مان جيڪي ماڻهو حيدرآباد مان
ڌرمپور موڪلبا آهن تنکي سهائتا ڪبي آهي. انهيءَ
مان ظاهر آهي ته سلهه جي روڪڻ ۽ مريضن کي سمجهاڻي
۽ دوا درمل ڏيڻ، ٻاهر ڌرمپور وغيرهه موڪلڻ جو ڪم،
جو حيدرآباد شهر ۾ هلي رهيو آهي، تنهن جو اصل
بنياد ديوان ڏيارام جي ڪوشش آهي. انهيءَ ڏس ۾ مکيه
ڪم جو ڏيارام صاحب پنهنجي دوست ملباري صاحب سان
گڏجي ڪيو، سو هو ڌرمپور ۾ سلهه وارن مريضن لاءِ
گهرن ٺهرائڻ جو ڪم، جنهن جي ذريعي سڄي هندستان جي
خذمت اڃا تائين ٿي رهي آهي. انهيءَ سنسٿا جو بيان
ٻئي ڪنهن هنڌ اسان تفصيل سان ڪونه ڏنو آهي،
تنهنڪري هت ٿو ڏجي.
ڌرمپور سلهه آشرم- هن سنسٿا جو بيان ڊاڪٽر
هرنامداس جي واتان جيئن ٻڌو ويو آهي تيئن ڏجي ٿو.
گهر جي تڪليفن مان پر جو فائدو ڪيئن ٿو نڪري، تنهن
جو هڪڙو مثال ڌرمپور صحت آشرم به آهي. ديوان صاحب
جي ويجهن عزيزن مان گذريلن ويهن پنجويهن سالن ۾
اٽڪل 8 ڀاتي سلهه جو شڪار ٿي چڪا هئا. جڏهن ڏيارام
صاحب ڏٺو ته ڪنهن به دوا ڪرڻ سان هن بيماريءَ کان
بچڻ مشڪل آهي، تڏهن ويچار ۾ پيو ته سلهه وارن لاءِ
ڇا ڪجي؟ يورپ ۽ اَمريڪا جي صحت آشرمن جو احوال
پڙهي هن پنهنجي دوست مستر ملباريءَ سا اها ڳالهه
ڪئي ۽ ٻنهي يڪراءِ ٿي هندستان ۾ اهڙي هڪڙي
سئنيٽوريم (صحت آشرم) کولڻ جي تجويز 1906ع ڌاري دل
۾ پڪيءَ ريت ڪئي. انهيءَ لاءِ ديوان صاحب پاڻ ڏهه
هزار رپيا ڪڍي ڏنا ۽ 24000 چندو عام خلق مان ڪٺو
ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ڪل 34000 روپين سان ڌرمپور
صحت آشرم جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڏيارام صاحب جو آدرش
اهو هو ته نه فقط سلهه جي بيمارن کي مغربي نموني
تي کليءَ هوا، سج جي روشنيءَ ۽ 5000 فوٽ مٿاهينءَ
جاءِ تي چيل جي درختن جي هوا جو فائدو ملي، پر
انهيءَ سان گڏوگڏ هنن کي ستت راضي ڪرڻ لاءِ چت
پرساد، اندر جي آرام ۽ آتمڪ انتيءَ لاءِ سهائتا
ملي؛ تنهنڪري جدا جدا ڌرمن جي خيالن موجب، ڌارمڪ
جايون به اتي ٺهرائي ڇڏجن، جتي وڃي خدائي خيالات ۾
ماڻهو محو ٿين؛ ۽ ڪو اهڙو ماڻهو به انهن جي مدد
لاءِ مقرر ڪجي، جو سندن دلين کي ايشور جي طرف مائل
ڪري ۽ آتمڪ انتيءَ جو رستو ڏيکاري. سندس هدايت هئي
ته صبوح شام ڀڄن ڪيرتن ڪيا وڃن، جيئن تن من ۾
شانتي پراپت ٿئي، ۽ اهي پرميشور پاسي لڳن. ڊاڪٽر
هرنامداس چيو ته مون اتي وڃي هڪڙي راڳيءَ کي پگهار
تي رکڻ لاءِ منظوري گهري، تنهن تي ديوان ڏيارام
صاحب لکيو ته توهانکي سڀ اختياري آهي؛ پر چڱو ائين
ٿيندو ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي اتي رهڻ جي ڪوٺ ڪجي
جنهن جي دل ڀڪتيءَ ۾ ڀنل هجي؛ جيئن ته ڊاڪٽر ريوبن
جهڙو ماڻهو؛ پوءِ انهيءَ تي جيترو خرچ ٿئي تيترو
بيشڪ ڪجي.
ڌرمپور ۾ اسپتال جو ٺهڻ
ملباري صاحب جي اپيل تي گڏيل علائقن جي ليفٽيننٽ
گورنر صاحب پاڻ کيس آڇ ڪئي ته اوهين آلمورا پهاڙ ۾
جيڪا ۽ جيتري جاءِ گهرو اها اوهانکي مفت ڏيڻ لاءِ
تيار آهيان. تنهن تي ديوان ڏيارام ۽ ملباري صاحب
سوچيو ته اڳيئي آلمورا پهاڙ تي گهڻا بيمار ويندا
آهن ۽ انهن جي کانگهارن وغيرهه کي ڊسنفيڪٽ ڪرڻ ۽
سندن بيماريءَ جي جيوڙن ناس ڪرڻ جو جوڳو بندوبست
نه ٿو ٿئي؛ تنهنڪري اتي اڳيئي انهيءَ بيماريءَ جو
ٻج گهڻو پکڙيل هوندو؛ سو اسين نوان تجربا چڱي طرح
ڪين ڪري سگهنداسون. انهن ڏينهن ۾ پٽيالا جو
مهاراجا ننڍو هو ۽ هنجو ايجنٽ هڪ انگريز هو، تنهن
لکيو ته جي اوهانکي سملا وئليءَ ۾ ڪا جاءِ گهرجي
ته اسين ڌرمپور جا جهنگل ڏيئي سگهنداسون؛ انهن
جهنگلن ۾ صحت آشرم لاءِ سڀ موافق حالتون مؤجود
آهن؛ سندن اتاهين 5000 کن فوٽ آهي، منجهن چيل جا
درخت آهن وغيره؛ پر انهيءَ زمين تي حق مالڪاڻو
رياست جو رهندو. ديوان صاحب ۽ ملباري صاحب اها
ڳالهه قبول ڪئي ۽ 100 ايڪڙ زمين، 99 سالن لاءِ، هڪ
روپيه ساليانو حق مالڪاڻو ڏيئي ورتائون. پوءِ
مونکي (ڊاڪٽر هرنامداس کي) ديوان صاحب پنهنجو
مختيارنامو لکي ڏنو ۽ مان انهيءَ جاءِ جي. چارجه
وٺڻ لاءِ ويس. پر ڏٺم ته 100 ايڪڙ زمين ۾ پاڻيءَ
جو چشمون هڪ به ڪونهي ۽ جيڪو آهي سو ڪيترو پنڌ پري
آهي. ديوان صاحب کي لکي موڪليم ته پاڻيءَ کانسواءِ
سئنيٽوريم (صحت آشرم) ڪين هلائي سگهبو؛ ۽ ايتري
مفاصلي تان پاڻي آڻڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري هن جي
بدران ڪو ٻيو ٽڪر وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪجي. تنهن تي
ديوان ڏيارام پاڻ ڌرمپور چڙهي آيو؛ سر زمين تي
چشمون وغيرهه ڏسي چوڻ لڳو ته بيشڪ پاڻيءَ جي
گهٽتائي آهي؛ پر جنهن زمين جو نالو ڌرمپور آهي
تنهن کي ڪيئن ڇڏجي. ڌرم جي نالي تان ئي قربان
وڃجي. پرواهه نه آهي؛ پاڻي پهچائڻ لاءِ پئسا خرچه
ڪنداسين، پر هن ڌرم ڀوميءَ کي ڪين ڇڏينداسين. پوءِ
ته آخر پنجاب سرڪار پنهنجي خرچ تي پاڻيءَ جو
بندوبست ڪيو ۽ واٽر ورڪس ٺهرايا.
صحت آشرم جي ڪاميابيءَ لاءِ ديوان ڏيارام هڪڙي
هدايت روبرو ڏني جنهن مان سندس سندر دل جي ڪجهه
قدر خبر پئي ٿي. هن چيو ته پنهنجي علائقي جي
پسگردائيءَ ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هجن انهن سان بلڪل
مٺ محبت سان رهجو ۽ انهنکي جيڪا به ضروري مدد ڏيئي
سگهو، سا ڏيندا رهجو، ته پوءِ اُهي به ڪنهن قسم جي
تڪليف بيمارن کي ڪين ڏيندا ۽ انهن مان ڪو چوريءَ
جو خطرو ڪين رهندو. جڏهن ڊاڪٽر هرنامداس اتي آيو ۽
جهنگه صاف ڪرائي صحت آشرم پئي ٺهرايائين، تڏهن
ديوان ڪندنمل منگهرمل صاحب به هنکي مدد ڪرڻ لاءِ
اُتي ويو هو. پر افسوس جو اُتي دل بيهڻ سبب هن جو
ديهانت ٿيو. اها هئي سنڌ جي پهرين قرباني. انهيءَ
کانپوءِ ڪجهه مهينن بعد يعني مئي 1909ع ۾ ڊاڪٽر
هرنامداس چارچ ڇڏي. هاڻي ته اُتي تمام وڏو بندوبست
آهي. اهو ڪم
Consumptives Home Society
سلهه گهر سڀا، جي هڪ رجسٽر ٿيل
منڊلي هلائي رهي آهي. انهيءَ سڀا جي منتريءَ مسٽر
ايس. پي. واڊيا پوئين رپورٽ به مهرباني ڪري موڪلي
۽ ان سان گڏ هڪ ليک به موڪليائين. انهيءَ ليک ۾
لکيل آهي ته ديوان ڏيارام گدومل جي ديا ڀريءَ دل ۾
اهو ويچار اُتپن ٿيو ته سلهه جي برخلاف ڪا ساري
هندستان لاءِ رٿيل ڪوشش هلائجي.هن اهو ارادو
پنهنجي دوست مستر بهرامجي ملباريءَ کي لکي موڪليو.
سنه 1907ع ۾ سلهه گهر سڀا، بمبئي جي نالي تي پوسٽ
آفيس ۾ هڪڙو کاتو کوليو ويو، جنهن ۾ 7700 رپيه جمع
ڪرايا ويا، جنهن ۾ 2700 هڪڙي دوست جا ڏنل هئا ۽
5000 رپيه آر. ايڇ. اي. (R.
H. A.)
جي نالي جا ڏنل هئا. (ڀانئجي ٿو ته آر. ايڇ. اي.)
معنيٰ ديوان ڏيارام.) اهو مقصد رکيو ويو ته اهي
پئسا سلهه گهرن جاري ڪرڻ ۾ ڪتب آڻجن، جيئن انهيءَ
مرض ۾ ورتلن کي مدد ملي سگهن.
سنه 1909ع ۾ ڌرمپور ۾ سلهه وارن لاءِ صحت گهر رٿيو
ويو ۽ ديوان ڏيارام انهيءَ جو منتري ٿي رهيو. ٽن
ورهين تائين هر هر وڃي انهيءَ صحت گهر جي جاري ڪرڻ
۽ اُنجي پڪي پائي تي انتظام رٿڻ ۾ لڳايائين. انهن
ڏينهن ۾ هڪڙو تمام اوچ آتما ۽ قدرت جو پوڄاري بابو
پرتاب چندر مؤزُمدار به بنا پگهار انهيءَ صحت گهر
جي مٿان نگهباني ڪندو رهندو هو، ۽ انهيءَ ۽ ڊاڪٽر
هرنامداس جي مدد سان هن سندر ڪم جي پائي وجهڻ جي
منڍ وارين مشڪلاتن کي ديوان ڏيارام منهن ڏيندو
رهيو. پٽيالا جي مهاراجا صاحب هنکي پهريائين ڪادم
ٻيلو صحت گهر لاءِ ڏنو ۽ تنهن کانپوءِ وري کاروڪا
کيت ڏنو، انهيءَ لاءِ ته ڌرمپور ۾ سلهه جا مريض جي
رهن، تن جو اثر ٻاهر نه وڃي، جنهنکي روڪڻ لاءِ
چؤڌاري ڇڏيل ميدان هجن. ڪل اهڙيءَ طرح 100 ايڪڙ
مليا ۽ 1909ع ۾ 10 مريض اچي تنبن ۾ رهيا. ٻئي
ورهيه 70، ۽ هاڻي ته هر سال 150 مريض سنسٿا جو
فائدو وٺن ٿا: پر اٽڪل 150 کن کي موٽائڻ به ٿو
پوي. هڪ هڪ مريض سان گڏ اٽڪل 4 کن ٻيا به سندس مٽ
مائٽ ۽ شيواڌاري اچن ٿا ۽ انهن سڀني کي کليل هوا،
اس، صفائي، سٺي کاڌي ۽ آرام ۽ سلهه کي روڪڻ جي
اصولن جي خبر ٿي پوي. ڌرمپور ۾ هاڻي تنبن بدران
جدا جدا مڪان ٺهي ويا آهن. 16 جهوپڙيون پارسين
ٺهرايون آهن، جن ۾ 33 ڪوٺيون آهن. 7 بلاڪ ٻيا به
پارسين ٺهرايا آهن، جن ۾ 23 ڪوٺيون آهن. 6
جهوپڙيون هندن ٺهرايون آهن جن ۾ 12 ڪوٺيون آهن ۽
انهن هڪ شاميانو پڻ ٺهرايو آهي جنهن ۾ 6 کٽولا
آهن. هڪ جهوپڙي مسلمانن ٺهرائي آهي جنهن ۾ 6
ڪوٺيون آهن ۽ ٽيهه ڪوٺيون عام چندي مان ٺهيل آهن.
16 ڪوٺيون نوڪرن لاءِ آهن. ڪل 90 مريض رهي سگهن
ٿا.
صحت گهر کي پاڻي ليڊي هارڊنج واٽر ورڪس جي وسيلي
پهچي ٿو، جو ڪم سر چنو ڀائي ماڌو لعل، احمد آباد
جي سيٺ، اڌ لک خرچي ٺهرايو آهي.
سر ڀوپيندر سنگهه مهيندر بهادر هڪڙي شاهي وندرگاهه
ٺهرائي آهي، انهيءَ لاءِ به 7000 روپيه سر چنو
ڀائي ماڌو لعل ڏنا ۽ 4000 هزار روپيه پٽيالا درٻار
ڏنا آهن. انهيءَ وندرگاهه ۾ سڀ در اندر ويهي ڪرڻ
جون رانديون رکيون ويون آهن ۽ هڪڙي ناٽڪ شالا به
آهي ۽ هڪڙو پستڪاليه به. اها جهوپڙين ۽ بلاڪن جي
وچ واريءَ جاءِ تي آهي. اتي اچي مريض خوشي پرائي
پٽيالا جي مهاراجا کي ڌنيواڌ ڏيندا رهندا آهن،
جنهنجي 100 ايڪڙن زمين جي دان ڪري هيءُ ڌرمپور ۽
صحت گهر ٺهي سگهيا. هڪڙو نؤشيروان عادل مهمان خانو
به ٺهيل آهي؛ جنهن لاءِ رتن ٻائي، نسروانجي ٽاٽا
جي ڌيءَ، 90000 روپيه دان ڏنا هئا. بيمارن کي کير
پهچائڻ لاءِ پروجٻائي پٽڪ گئَوشالا آهي. مطلب ته
هر قسم جو بندوبست بيمارن جي سهوليت لاءِ آهي.
اهڙيءَ طرح ديوان ڏيارام ۽ مسٽر ملباريءَ جي شڀ
ڪامنا جو پوکيل ٻجه وڌي وڻ ٿيو آهي ۽ ڌرم جو ڪم
ڌرمپور ۾ پيو هلي. ديوان ڏيارام جي صحت سڌار
سنسٿائن مان، ڌرمپور صحت آشرم سڀ کان وڏي سنسٿا
ليکڻ گهرجي. ٻئي درجي ۾ گشتي خيرياتي اسپتال. ٽيون
هوميوپٿيءَ تي زور ڏيڻ ۽ هوميوپٿي سکڻ لاءِ
اسڪالرشپون تجويز ڪرڻ. انهيءَ کانسواءِ ديوان
تاراچند مان خبر پيئي ته وٽس هڪڙو ڪاغذ هو، جنهن
مان معلوم ٿو ٿئي ته ديوان ڏيارام ڪجهه وقت لاءِ
ليپر آشرم منگهي پير واري جو پريزيڊنٽ هو، ۽ انهن
ڏينهن ۾ مسٽر هرچندراءِ سيڪريٽري هو، مطلب ته هر
هڪ پر اُپڪاري ڪم ۾ ديوان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ
تيار رهندو هو.
هيرانند ڪوڙهين جي اسپتال، منگهو پير ڪراچي
سکيا سڌار سنسٿائون
سکيا سڌار جي سنسٿائن اسٿاپن ڪرڻ ۾ ديوان ڏيارام
تمام گهڻو بهرو ورتو. پهرين وڏي سنسٿا، جا هنجي
ڪوشش سان کلي، سا هئي ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج واري.
انهيءَ جي لاءِ جا اپيل ديوان ڏيارام ٺاهي، سا
سندس علميت جي هڪ وڏي ثابتي آهي. تنهن کانپوءِ
لڳاتار ڪوشش جا هو ڪندو آيو تنهنڪري اهو ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ برپا ٿي سگهيو ۽ 17- جنوري 1887ع ۾ 28
شاگردن سان کوليو ويو. هاڻي ته وڌي وڻ ٿيو آهي ۽
انجنيئري شاخ به ان سان لڳائي ويئي آهي ۽ ”لا“
ڪاليج به کليو آهي، جنهن ۾ ايل. ايل. بي لاءِ به
پاڙهيو وڃي ٿو. حيدرآباد نئشنل ڪاليج ۾ جا ديوان
صاحب جي ڌرمادا ٽرسٽ مان مدد ملي ۽ آخر ۾ سندس
يادگار فند پڻ ديوان تاراچند ڏنو، تنهن
جو ذڪر ڪري آيا آهيون. انهيءَ ڪري اهو ڪاليج هاڻي
ڪوٺبوئي ڏيارام گدومل نئَشنل ڪاليج آهي. سنڌ ۾ ٻه
وڏا ڪاليج کولائڻ ۾ مدد ڪرڻ، ديوان صاحب جي گيان
يگيه ۾ وشواس جو وڏو ثبوت آهي.
تنهن کان پوءِ سال 1888ع ۾ ساڌو هيرانند کي ايڪڊمي
کولڻ ۾ همٿايائين ۽ هيرانند جي ديهانت کانپوءِ
انهيءَ ايڪڊميءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. انهيءَ ئي
سال ۾ 8 نومبر 1888 ۾ رفارم ائسوسيئيشن رجسٽر
ڪرايائين، جنهن جو مقصد هو ته نارين ۾ وديا
ڦهلائجي ۽ جيڪي پنگتي يا ڌرمي يا ٻيون اهڙيون
خرابيون هجن سي نندجن؛ پوڙهن جو ننڍين نيٽين سان
پرڻو روڪجي؛ جيئري تي جيئري شاديءَ جي رسم کي
روڪجي.
سيٺ هرچندراءِ وشنداس
ناري وديا لاءِ هن ائسوسيئيشن جا 7 اسڪول کليل
آهن، انهن جو بيان اڳيئي ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾
زناني تعليم انهيءَ ائسوسيئيشن جي ڪري تمام زور
ورتو آهي. انهيءَ کانسواءِ ٻين ديسن ۾ لائق جوانن
کي وديا پرائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ديوان ڏيارام
اسڪالرشپن ڏيڻ جو سلسلو جاري ڪيو، جنهن مان
حيدرآباد کي ۽ ڪجهه قدر سنڌ جي جوانن کي تمام گهڻو
فائدو مليو آهي. اهڙيءَ طرح سکيا سڌار ڏانهن ۽
سکيا جي سهوليتن وڌائڻ جي ڪم ۾ ديوان صاحب جو تمام
گهڻو وشواس هو ۽ سندس ڪوشش رهندي هئي. ڪاليج،
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول، گدومل سنسڪرت پاٺشالا،
ساڌو آشرم، شانتي آشرم ۽ پستڪاليه، اهي سڀيئي
سنسٿائون ڏيکارين ٿيون ته ڪيترو نه شوق ۽ اُتساهه
ديوان ڏيارام جو هن ڪم ۾ هو. سندس گهڻي کان گهڻو
زور انهيءَ گيان يگيه تي هو. سيواسدن سنسٿا جو
مکيه ڪم به وديا پرچار هو ۽ آهي. منجهانئس ڪنئين
ماسترياڻيون پيون هر سال تيار ٿين. سندس هلايل
ڌرمادا ٽرسٽ ڪيترن سالن کان ڪروي يونيورسٽيءَ سان
لڳايل وومينس ڪاليج، حيدرآباد ۾ ۽ پڻ آرٽ اسڪول
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ۽ تازو تمام وڏي لئبرري
شرناگتي، ڪراچيءَ ۾ برپا ڪيا آهن. انهيءَ ريت
ديوان ڏيارام جا جاري ڪيل گيان يگيه اڃا تائين پيا
هلن ۽ اُنهن پر اُپڪاري برکشن مان ماڻهن کي ڦل
ملندا رهن ٿا.
آرٿڪ سهائتا ۽ روزگار وڌائڻ لاءِ سنسٿائون
ديوان ڏيارام جو ڌيان فقط صحت ۽ سکيا جي سنسٿائن
تائين محدود ڪونه هو. هر قسم جي دُک کي دور ڪرڻ
لاءِ سندس دل ۾ ديا اُڀرندي هئي. سندس مراد هئي ته
گيان يگيه سدائين هلي ۽ پڻ دکن جي نورتي ٿئي،
جنهنڪري ماڻهو پرماتما جو ڌيان ڪري سگهن ۽ سندس
جيون جي شيوا ڪري سندس پيارا ٿين؛ تنهنڪري هر ڪنهن
اتفاقي يا دائمي تڪليف کي باقاعدي دور ڪرڻ جي ڪوشش
۾ ديوان ڏيارام جو دماغ ۽ هردو رڌل رهندو هو. مٿي
اڳيئي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيئن ديوان صاحب ڏڪار جي
وقت عام طرح سهائتا ڪرڻ جو يتن ڪيو ۽ ڪيئن ڀائي
مولچند صاحب سان ملي سستو اَن ۽ پاڻي موجود ڪرڻ جي
ڪوشش ٿي ڪيائين. ساڳيءَ ريت شادين ۽ غمين تي جيڪي
خرچ ٿين ٿا ۽ ڪمائيندڙ جي مؤت کانپوءِ جا ٻالڪن ۽
پروار جي ڀاتين کي سهائتا کپندي آهي، انهن جي لاءِ
سهائتا موجود ڪرڻ لاءِ ديوان ڏيارام 1894ع ۾ سنڌ
هندو پراويڊنٽ فنڊ سوسائٽي رجسٽر ڪرائي. هن
سوسائٽيءَ جي مراد هئي ته هڪ ٻئي کي فائدي پهچائڻ
جي سرشتي تي سنڌ جي هندو جاتيءَ جا ماڻهو ۽ ٻيا
رهواسي، جي سنڌ ۾ 7 سالن کان مٿي عرصي تائين رهيا
هجن ۽ جي ظاهر ڪن ته هميشه سنڌ ۾ رهنداسين.
1. اُهي پنهنجي مرتيوءَ بعد پنهنجن ڪٽنبين، ويجهن
عزيزن ۽ آڌار رکندڙن لاءِ پيسن جي سهائتا جو
بندوبست ڪن.
2. شاديءَ جي ڪارج تي هڪ ٻئي کي مدد ڪن.
3. ٻيءَ طرح ويمي جي پسند ڪيل ڪن سرشتن موجب ويمي
جو ڪاروبار هلائين.
ديوان ڏيارام جي هلايل اها سنسٿا به خوب زوردار
طرح سالن جا سال هلندي آئي، پر هاڻي قاعدي جي
ڦيرڦار ڪري سميٽجي رهي آهي.
انهيءَ کانسواءِ جوانن کي روزگار ۾ لڳائڻ لاءِ،
جون – 1904ع ۾ ديوان ڏيارام، دي انڊسٽرئيل
ائسوسيئيشن نالي، هڪڙي هنر ورڌڪ منڊلي برپا ڪئي ۽
رجسٽر ڪرائي. انهيءَ جي قاعدن جي ڪتاب جي مٿان متو
چونڊيائون ته حياتيءَ جي گهرائيءَ جي معنيٰ آهي ته
ٻين کي مدد ڪرڻ ۾ به گهرائي آڻجي. انهيءَ منڊليءَ
جا مقصد هيٺينءَ ريت رکيا ويا:-
1. هنري تعليم ڏيڻ ۽ وڌائڻ؛ اهو ڪم هنري شالا کولڻ
سان يا جوانن کي نون هنرن سکڻ لاءِ موڪلڻ سان يا
ٻيءَ طرح پورو ڪجي.
2. اڳين هنرن مان جيڪي به هنر همٿائڻ جي لائق هجن
تنکي پنر جيوت ڪرڻ، نئين سر جاڳائڻ ۽ نون هنرن کي
پنهنجي ديس ۾ جاري ڪرڻ ۽ وڌائڻ، انعامن ڏيڻ يا
ٻيءَ طرح سهائتا ڏيڻ سان يا ڪجهه وقت لاءِ جيڪو
پونجي لائي تنهنکي وياج ڏيڻ جي ذمي کڻڻ سان.
3. هنري سهڪاريه وڌائڻ.
4. جيڪي پئسا هن منڊليءَ کي ملن تنکي مٿين ڪمن جي
پورائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ سان وغيره.
هنري شالا جو مقصد حال في الحال اهو رکيوويو ته
جدا جدا هنر وارن کي بنا پئسي سندن هنر هلائڻ لاءِ
جاءِ ڏجي ۽ غريبن جي ٻارن کي انهن وٽ هنرن سيکارڻ
لاءِ مفت ويهارڻ جو بندوبست ڪجي، بشرطيڪ هر هڪ
شاگرد گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ 39 ڪلاڪ پنهنجو چونڊيل هنر
سکندو رهندو. هيٺين قسمن مان ڪنهن به قسم جي هنر
جي ڪارخاني کي جاءِ ڏيئي ٿي سگهجي:-
مڪئنيڪل انجنيئر – انجڻ هلائڻ جا ڪارخانا.
ڪرسين، ميزن، ڪٻٽن وغيره ڪاٺ جي سامان جو ڪارخانو.
سونارڪو ۽ واڍڪو ڪم.
سون چانديءَ ۽ گلٽ جو ڪم.
واچن ٺاهڻ ۽ مرمت جو ڪم.
ٽين جو ڪم.
لوهارڪو ڪم.
ٺاٺارڪو ڪم.
نقش ڪاري ۽ اُڪرڻ جو ڪم.
جنڊيءَ جو ڪم.
ڪاشيءَ جو ڪم.
درزڪو ڪم.
پٽ ۽ سرمي جي ڀرت جو ڪم.
فوٽو گرافيءَ جو ڪم.
بيڊ جو ڪم.
سنه 1909ع ۽ 1910ع جي رپورٽ مان معلوم ٿو ٿئي ته
هيءَ منڊلي به، اوڌر طور ڏنل يا موٽي ملندڙ اسڪالر
شپون، هر ورهيه نوجوانن کي انجنيئري ۽ ڪپڙي جي مل
يا بجليءَ جي ڪمن سکڻ لاءِ ڏيندي رهي. انهيءَ وقت
سندس ڪل فند اسڪالرشپن لاءِ 3530 روپيا ۽ هنري
شالا لاءِ 6000 هو. آخر فقط موٽي ملندڙن اسڪالر
شپن ڏيڻ جو ڪم وڃي باقي رهيو، جنهن مان ڪيترا چڱا
چڱا جوان هنر سکي اوج تي وڃي پهتا آهن. جيڪس هنري
شالا وارو خيال گهڻي قدر سوڀارو ٿيل ڪونه ٿو ڏسجي.
غريبڙي بئنڪ – مٿين آرٿڪ سهائتا جي ڪمن کان سواءِ،
ديوان ڏيارام ٻارن ۽ غريبن ۾ ڪفائت ۽ ميڙڻ جي عادت
وجهڻ لاءِ، هڪڙي بئنڪ جاري ڪئي، جنهن جو نالو رکيو
ويو غريبڙي بئنڪ. منشي هوتچند جو چوڻ آهي ته هڪ
لڱا پنهنجي گهر ۾ ننڍن ٻارن جي فضول خرچي ڏسي،
ديوان 15- 20 منٽ اکيون ٻوٽي چوڻ لڳو ته ٻارن ۾
ميڙڻ جي چوش ڪيئن وجهجي؟ پوءِ چيائين هڪڙي بئنڪ
ڪڍجي، جنهنجو نالو رکجي غريبڙي بئنڪ. انهيءَ منجهه
ٻالڪ پائي کڻي اچن سا به وٺجي ۽ داخل ڪري ڏجي.
انهن کي سندن جمع پيل رقم تي 4 سيڪڙو وياج ڏيئي
سندن کاتو چالو رکجي. گهرج آهر ڀلي ڪڍائي وڃن.
منشي هوتچند کي چيائين ته اهو ڪم اوهانکي سنڀالڻو
پوندو. منشي هوتچند جو چوڻ آهي. ته مان منجهي پيس
ته ايترن ٻالڪن، پورهيتن ۽ ودوائن جا ننڍا ليکا
ڪيئن رکبا. چيومانس ته ٽوٽو پوندو. چيائين فڪر
ڪونهي، ڀربو. پوءِ ته ويهي دل مان فارم ڪڍيائين ۽
سڏ ڪري ويهي سمجهايائين. پوءِ پڇيائين ته ڪلاڪ ۾
100 ٻالڪن جو ڪم ڪري سگهندين، ڪين نه. چيم هائو.
فارم ڇپجي ويا؛ سڪولن ۾ اشتهار ويا؛ ماسترن ڏانهن
فارم موڪليا ويا. مهيني جو مٽو ڪتابن ۾ داخل ڪرڻو
هون. پوءِ ديوان ڏيارام، سورت ويو. مون (منشي
هوتچند) کي بئنڪ جي ڪم هئڻ سبب پاڻ سان ڪين وٺي
ويو؛ چئي ويو ته شڪي ۽ تڪليف ڏيندڙ ماڻهن جو حساب
بيشڪ بند ڪري ڇڏجانءِ. رول ڪين ٺاهيا ويا؛ رسيد
بوڪن جي مٿان ”غريبڙي بئنڪ، جوابدار ديوان ڏيارام
گدومل“ اهي لفظ لکيا ويا. رسيدن تي صحيون مان ۽
ديوان آوتسنگهه ۽ ديوان شير سنگهه ڪندا هئاسون. ڪم
هليو. ٻار پئسا روز ڏيڻ ايندا هئا. روز ڇوڪرن
ڇوڪرين جو ميلو لڳو پيو هوندو هو. انهيءَ مان
73000 روپيه اچي ٿيا. ڪم ڪندڙن مان هڪ هيٺان منشي
رکيم. 12 مهيني وياج ڪڍون ڀائي بندي نموني. 25
پاين تي هڪ پائي، نقصان پي سٺوسين. ديوان کي لکيم
ته نقصان ڇو سهون ۽ هنڊيون وٺي ڇو نه وياج وڌايون؟
لکيائين ته اهي جوکائتا ڪم ڪين ڪبا. هڪڙي ڏينهن
ديوان ٽهلرام، پيپلس بئنڪ جي مئنيجر لکيو ته جي
اوهين غريبڙي بئنڪ جا پئسا اسانوٽ رکندا ته 6 في
صدي وياج ڏبو. ديوان لکيو ائين ڪريو؛ پئسا پيپلس
بئنڪ ۾ رکو ۽ جيڪو وياج 2 ٽڪا وڌيڪ اچي سو ڪم
هلائڻ جي خرچ ۾ لايو. مون جواب ڏنو ته آءٌ ديوان
ٽهلرام جو واقف آهيان پر مونکي بئنڪ تي ڀروسو
ڪونهي؛ جي بئنڪ ٽٽي پئي ته پئسا ڀرڻا پوندا.
لکيائين ته جيڪا تنهنجي مرضي. ديوان جو پنهنجن
ماڻهن تي پورو ويساهه رهندو هو ۽ انهن کي ڀائرن ۽
دوستن وانگر هلائيندو هو. خير، هيءَ بئنڪ به 1911ع
تائين هلائي ويئي، پوءِ پاڻيهي سميٽي ڇڏيائين.
غريب ڪنيائن لاءِ شاديءَ ۾ سهائتا
آرٿڪ سهائتا جون جيڪي سنسٿائون ديوان ڏيارام
هلايون، تن مان هڪڙي هئي غريب ڪنيائن لاءِ شاديءَ
۾ سهائتا ڪرڻ جي تجويز. ڌرمادا ٽرسٽ جي فقره ۾
لکيل آهي ته پيدائش جي بچت مان ٽرسٽي، هر سال
وانگر ڇهه سوَ روپيه ساليانو، منهنجي پگهار مان
ٺاهيل، غريب ڪنيائن جي شادي فنڊ ۾ ڏئي. اهو فنڊ
هاڻي منهنجي متر ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ
جي حوالي آهي. سندس چالاڻي بعد ٽرسٽيءَ جي حوالي
رهي. فنڊ پوسٽل سيونگه بئينڪ حيدرآباد جي ۾ رکيل
آهي ۽ ڪم کَپت ٿيندڙ آهي، تنهنڪري جيڪا رقم مٿين
بئنڪ ۾ رهي، سائي رقم مٿئين فنڊ جي سمجهڻ گهرجي ۽
ديوان تاراچند جي پوين کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه
گهرجي. گپت پراُپڪار لاءِ ٽرسٽي ڌار داخلائون رکي
سگهي ٿو. ديوان ڏيارام ڪيترو ڪم وڌوائن جي سهائتا
جوبه، ڪنيائن جي شاديءَ ۾ سهائتا جي ڪم وانگر، گپت
هلائيندو هو. شڪارپور ۾ سندس اهڙو ڪم وڌوائن جي
سهائتا جو هلندڙ هو. سندس دل نه ٿيندي هئي ته
پراُپڪار جي ڪمن ۾ سندس نالو ٿئي، تنهنڪري ٻين جي
معرفت اهو هلائيندو هو. پنهنجي حساب جي ڪتابن ۾ به
فقط منڍ ۾ صفحا لکي، پوءِ خيرات الف، خيرات ب،
نالا رکي پئسا داخل ڪندو هو، جيئن ڪتابن پڙهڻ مان
به پتو لڳي ته ڪنهن کي دان مليو. پنهنجو نالو
لڪائي، چڱائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اهو سندس تمام
وڏو گڻ هو. جيڪو دان سندس سڄو هٿ ڏيندو هو، تنهن
جي خبر کٻي هٿ کي به ڪانه ڏيندو هو.
ڀڳت روپچند
ڀڳت روپچند جي معرفت ڌرمائو ڪم
ڀڳت روپچند جهامراءِ شهدادپوري، هڪڙو مشهور
گرهستي ڀڳت ٿي گذريو آهي. هو ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو
هيرانند جي سنگه ۾ آيو ۽ انهن ساڌن جا گڻ گرهڻ ڪري
پاڻ به سچو ساڌو ۽ ڀڳت ٿي پيو.
ڀڳت روپچند، ڪراچيءَ ۾ ٽراموي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري
ڪندو هو؛ مگر 13 ورهين جي نوڪريءَ بعد هن جو خيال
ٿيو ته نوڪري ڇڏي پنهنجو سمورو وقت هريءَ جي ڀڄن
ڪرڻ ۽ ماڻهن جي شيوا ۾ گذاريان. انهيءَ ڪري هن سنه
1900ع ۾ نوڪري ڇڏي ڏني. اها خبر جڏهن ديوان ڏيارام
کي پيئي تڏهن هن صاحب ڀڳت روپچند کي چوائي موڪليو
ته منهنجي مرضي آهي ته توهين منهنجي پاران غريبن
جي شيوا ڪريو ۽ انهيءَ ڪم لاءِ مان توهان کي ڪجهه
اُجورو پڻ ڏيندس. اهو نياپو جڏهن ڀڳت روپچند کي
پهتو تڏهن هن چوائي موڪليو ته مون نوڪري هريءَ جي
ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ڇڏي آهي؛ پر جيئن ته غريبن ۽ دکين
جي شيوا به هريءَ جي شيوائي آهي، تنهنڪري توهان جي
آگيا موجب مان غريبن جي شيوا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان؛
پر انهيءَ ڪم لاءِ مان اُجورو ڪجهه ڪين وٺندس؛
نشڪام شيوا ڪندو رهندس. پڪيءَ طرح معلوم ٿيو آهي
ته ديوان ڏيارام اٽڪل هڪ سؤ روپيا ماهوار ڀڳت
روپچند کي موڪليندو رهندو هو، جنهن مان هو غريبن
جي کاڌي پيتي ۽ دوا درمل جي شيوا ڪندو رهندو هو.
جيڪي وڌوائون هونديون هيون، تنکي ماهوار پگهار ٻڌي
ڏيندو هو، ڪنهن غريب جي جاءِ خراب ٿي پوندي هئي ته
ان کي مرمت ڪرائي ڏيندو هو. غريب ڪنيائن جي شاديءَ
۾ مدد ڏيندو هو.
ڀڳت روپچند جو ديهانت ڊسمبر 1914ع ۾ ٿيو. اهو
سمورو وقت يعني اٽڪل چوڏهن ورهيه ديوان ڏيارام
اٽڪل سؤ روپيه ماهوار ڀڳت روپچند کي ڏيندو رهندو
هو. اهڙيءَ طرح ڀائي مولچند عاج واري ۽ ڀائي
ڪلاچند جي معرفت به ديوان ڏيارام جا ڪيترائي
پراُپڪار جا ڪم هلندا رهندا هئا.
خوشيءَ ۽ وندر جون سنسٿائون
ديوان ڏيارام جو هردو ۽ هٿ نه فقط صحت ۽ سکيا جي
مٿين سنسٿائن اسٿاپن ڪرڻ ۾، يا فقط آرٿڪ اُنتي ۽
سهائتا جي سنسٿائن ۾ هو، پر خوشيءَ جي هڪ سنسٿا
کولڻ ۾ به هن خاص بهرو ورتو. اُنهيءَ سنسٿا جو
نالو هو ’سنڌ ڪاليج ائميچوئر ڊرئميٽڪ ڪلب‘. انهيءَ
جو احوال ديوان ڪنول سنگهه وٽان هن طرح مليو آهي:-
پروفيسر پادشاه جو خيال هو ته ڪاليج کي هاسٽل کپي
۽ اُن لاءِ پئسو ماڻهن وٽان ملڻ ۾ ڍلائي ٿي ٿئي.
ڪيترن هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جو انجام ڪيو، پر
پئسا ڏنائون ئي ڪين ٿي. تنهن تي حيدرآباد مشن سڪول
جي هيڊ ماستر رابرٽ لسٽن گارڊن صاحب چيو ته جي
اوهانکي چندو نه ٿو ملي ته اوهين کڻي ناٽڪ ڪريو،
جنهن مان ڪيترا پئسا ملي پوندؤ. پروفيسر پادشاه
چيو ته مان ناٽڪن جي برخلاف آهيان. پر جي ڪرڻا اٿو
ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ ڪريو، پر فقط اهڙا جي ديوان
ڏيارام ۽ ديوان ڪؤڙومل پسند ڪن تنهن تي سنڌ ڪاليج
ڊرئميٽڪ ڪلب ٺهي جنهنجو پريزيڊنٽ ٿيو پروفيسر
پادشاه ۽ صلاحڪار ڪائونسلر ٿيو ديوان ڏيارام.
انهيءَ ريت سنڌي ڊراما (ناٽڪن) جو پايو پيو. ٻنهي
جي صلاح ٿي ته ناٽڪن ۾ هر هر راڳه نه هجن، ڀل
زباني وڌيڪ هجي، جيئن جيوت ۾ سڀاويڪ طرح زباني ڪتب
ايندي آهي.
مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلا رام به هن ڪم ۾ شامل
ٿيا. انهن سنڌيءَ ۾ ناٽڪن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. ديوان
ڏيارام انهيءَ ڪم ۾ گهڻو چاهه وٺندو هو. ناٽڪ ۾
جيڪي خاميون ڏسڻ ۾ اينديون هيس سي نوٽ ڪندو هو، ۽
آخر ۾ دستخط وٽس موڪليندا هئا سي سڌاري موڪليندو
هو. هو چوڪون ڪڍي شڌ ڪري ڏيندو هو، تنهن کانپوءِ
اهو کيل ڪرڻ ۾ ايندو هو. ديوان ڏيارام هرڪو ڪم
تمام چاهه ۽ اتساهه سان ڪندو هو، سوهن ڪم ۾ خوب
بهرو ورتائين. مسٽر ڪنولسنگهه جو چوڻ آهي ته جيڪو
به ديوان ڏيارام سان لاڳاپي ۾ ايندو هو، تنهن تي
سندس اعليٰ دماغ، سادگيءَ، قرب ۽ ڌرمي ڀاو جو تمام
گهڻو اثر ٿيندو هو. انهيءَ ڊرئميٽڪ ڪلب، کيل ڪري
ڏهه هزار رپيا ڪاليج جي هاسٽل ۾، پادشاهه هال
ٺهرائڻ لاءِ ڏنا.
راجنيتڪ ۽ پنگتي سنسٿائون
سرڪاري نوڪريءَ ۾ هئڻ ڪري ۽ گيان يگيه ڏانهن خاص
طرح من جي لاڙي هئڻ ڪري، ديوان ڏيارام راجنيتڪ
سنسٿائن ٺاهڻ يا هلائڻ ۾ ڪو تمام گهڻو يا خاص بهرو
ڪونه ورتو؛ پر ته به سائي سلي ملڪ جي راڄنيتڪ
بهتريءَ ڏانهن سندس ايترو ته خيال هو، جو هن سنڌ
سڀا جي هلائڻ ۾ خاص جفاڪشي ڪئي.انهيءَ سڀا بابت
ديوان ڏيارام. ساڌو هيرانند جي جيون چرتر ۾ ذڪر
ڪيو آهي. لارڊ رپن جي حڪومت، تعليم يافتن جي دلين
۾ سڌارن لاءِ جوش پيدا ڪيو ۽ خوش نصيباً انهن
ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر صاحب مستر ارسڪن تمام انصاف
پسند ۽ دورانديش حاڪم هو، جو عام راءِ ۽ ملڪ جي
ودوانن جي آواز ۽ نڪته چينيءَ تي غصي ڪونه ٿيندو
هو؛ بلڪ اُن تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو. هن سنڌ سڀا کي
بيوفا راجنيتڪ منڊلي ڪري ڪين ڄاتو، بلڪ سمجهندو هو
ته هيءَ چڱن ودوان ماڻهن جي منڊلي آهي، جنجي
درخواستن ۽ ليکن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.انهن ڏينهن ۾
سڀا جو روح روان هو ديوان ڏيارام ڄيٺمل صاحب، جنهن
جهڙو هوشيار وڪيل ۽ ملڪي مدبر ڪو ورليو لڀندو.
انهن ڏينهن ۾ تعليم کاتي جي هڪڙي اخبار هئي جنهنجو
نالو هو سنڌ سڌار؛ انهيءَ اخبار ۾ کين کوٽ هئي،
تنهنڪري اها هنن سنڌ سڀا کي ڏني، انهيءَ شرط تي ته
تعليم کاتي وٽان جيڪي خبرون کين موڪليون وينديون
سي ظاهر ڪندا رهندا. انهيءَ اخبار جو پهريون
سمپادڪ ٿيو ساڌو هيرانند. انهيءَ اخبار جي ڪم
هلائڻ ۾ ديوان ڏيارام پنهنجي دل جي دوست کي تمام
گهڻي مدد ڪندو هو. چئبو ته گويا اوائل ۾ ديوان
ڏيارام، سنڌ سڀا جي راجنيتڪ سنسٿا ۽ سندن اخبار
سنڌ سڌار جي هلائڻ ۾ خاص بهرو ورتو. اخبار ۾
ميونسپل معاملات کي سڌارڻ لاءِ خاص ليک پوندا هئا؛
۽ ملڪي فائدي جي هر هڪ سوال تي سڀيئي ودوان سنگتي
گڏجي ويچار ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ هندو، مسلمان ۽
پارسي، راجنيتي ڪم گڏجي ڪندا هئا. پر پوءِ جلد مت
ڀيد ڪري اچي مسٽر حسن علي ۽ هندن جو پاڻ ۾ نفاق
ٿيو، ۽ مسٽر حسن علي وڃي مسلم انجمن ڪڍي، جنهن
مدرسو قائم ڪيو. آخر ديوان ڏيارام نيٺ به هندو
عامل هو ۽ راجنيتي مغز به هوس. انهيءَ مغز جو پتو
سرڪار جي پاران جاگيردارن جي تواريخ ٺاهڻ ۾ جو هن
تحسين جوڳو ڪم ڪيو تنهن مان پوي ٿو . آخر تائين
سندس دينڪ وهيءَ ۾ هندو مسلم ناسازي ۽ گانڌي هلچل
بابت ويچار ظاهر آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس
راجنيتڪ درشٽي تيز هئي. پوليس کاتي جي جاچ جي ڪم ۾
خوب ستنترنا، سچ ۽ سڌاري لاءِ ديوان پيار ڏيکاريو.
راجنيتڪ اصولن ۾ سندس دل جو اصول هو ڀارت ماتا جي
هندو، مسلمانن ۽ دنيا جي انسان ذات ۾ ڀراتري ڀاءُ
پيدا ڪرڻ. هن جي صحبت ۽ محبت سڀني قومن سان هئي.
سندس ڪتابن ۾ فارسي ۽ سنسڪرت ۽ هندي ٻولي، ٻنهي
مان اعليٰ انسانن جا سٺي کان سٺا تجربا ۽ گفتا درج
ٿيل آهن. باقي پنگتي سڌاري ڏانهن ته سندس خاص طرح
لاڙو هو. پنگتي ڪانفرنس ۾ هو استرين ڏانهن جيڪي
اُتياچار ٿين ٿا، سي دلسوز طرح تي بيان ڪندو هو.
استري جاتيءَ سان ست اتياچار، جنهن جو بيان اڳي
ڪري آيا آهيون، ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ سڌارو ڪرڻ، جيئري
تي جيئري شادي کي روڪڻ ۽ استرين ۾ وديا جي وڌائڻ
لاءِ هن خاص سڀا جاري ڪئي، جنهنجو نالو پنگتي سڌار
سڀا
Social Reform Association
رکيائين. انهيءَ سوشل رفارم ائسوسئيشن جي
1926-1928ع جي رپورٽ ۾ لکيل آهي ته جڏهن سڀا
1888ع ۾ برپا ڪئي ويئي تڏهن اصل مرادون هيون ته:-
نارين ۾ وديا ڦهلائجي.
جيڪي پنگتي يا ڌرمي يا ٻيون اهڙيون خرابيون هجن سي
نندجن.
(الف) پيرسنن جي ننڍين ڪنيائن سان وواهه ورڌ تحرڪ ڪجي.
(ب) جيئري تي جيئريءَ جي شاديءَ جي رسم بند ڪجي.
اهي مرادون هاڻي گهڻي قدر پوريون پيون ٿين.
1- ناري وديا لاءِ ڪيترا اسڪول سڄي شهر ۾ برپا ٿيل
آهن. پاڙي پاڙي ۾ اسڪول ڏسڻ ۾ ٿا اچن. جتي ڪنهن
هنڌ اسڪول موجود نه آهي اُتي بانيڪارن پاڙي جي
ڇوڪرين آڻڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ گاڏين جو بندوبست رکيو آهي.
هندو رفارم ائسوسئيشن جا خود 7 اسڪول آهن، جنجو
ذڪر اسان اڳيئي ڪيو آهي. تنهن کانسواءِ وومينس
ڪاليج پيا هلائين.
2- پنگتي ۽ ڌرمي ڪرسمن ۾ به گهڻي بهتري آهي.
(الف)- ننڍي هوندي جي شاديءَ جي رسم اڳي کان گهڻو
گهٽ آهي؛ خاص عامل قوم ۾، جنهن ۾ پاڻ وڏور ڪنيائون
آهن. (ڪيترن مائٽن کي اُنهن جي اُڪلائڻ جي پاڻ
انتظاري آهي.) ڏيتي ليتيءَ جي باري ۾ سڀائون برپا
ٿيل آهن، جي ڏيتي ليتيءَ جي ڏرت کي هڪالي ڪڍڻ جي
ڪوشش پيون ڪن، جنهنڪري ائسوسئيشن پنهنجو گهڻو ڌيان
ڌرمي ۽ تعليمي ڪم تي محدود ڪيو آهي.
ڌرمي سنسٿائون.
ديوان ڏيارام ۾ ڌرمي ڀاءُ تمام پرٻل هو ۽ اهو هن
پنهنجي پتا مان ئي پرايو. صبح سانجهيءَ پرارٿنا-
پاٺ ۽ ڌارمڪ ۽ آتمڪ انتيءَ جو ويچار ڪرڻ سندس نت
نيم هو. شڪارپور ۾ گيتا جو ڪلاس ديوان هلائيندو
هو، جنهن ۾ وڪيل ۽ وڏا آدمي شامل ٿيندا هئا. ڌارمڪ
انتيءَ ڏانهن سندس ڪيترو نه لاڙو هو، سو سندس
سکمنيءَ جي سار، جپ صاحب، گيتا جي ٽيڪا، راج يوگه
جي پستڪ ۽ سندس انگريزي دينڪ وهين مان ظاهر آهي.
سندس ’من لاءِ چابُڪ ‘ مان خبر پوي ٿي ته هن راج
رشيءَ، آتمڪ انتيءَ ۽ انتر جوت جاڳائڻ ۾ ڪيتري نه
گنڀير ڪوشش ڪئي. اها رهڻي ۽ اهي پستڪ به ڄڻڪ
حياتيءَ ۾ ۽ هاڻي ڌارمڪ سنسٿا روپ آهن. پر وشيش
ڌارمڪ سنسٿائون جي هن مهاپرش جاري ڪيون تن مان
پهرين هئي سنسڪرت پاٺشالا، ٻي ساڌو آشرم ۽ ٽين
شانتي آشرم. |