بانڪيپور
بعد ڏيارام جو وڃڻ گيا ۾ ٿيو. اُتي جي گيالي ۽
ڌامي پنڊن جي دردشا ڏيکاري اٿس. ٻين مان پرڻجن
ڪين، تنهنڪري وڃن گهٽبا ۽ دان ملين گهڻو ۽ علم
لڀين ڪونه. سو ڀنگه پي پيا جنم گنوائين. ڏيارام جي
دل ۾ دکه ٿيو ته ڇو نه ڪو اچي هنن کي سڌاري. ڇونه
راجائون هنن کي دان ڏيڻ بدران هتي سنسڪرت ڪاليج
کولين جو هنن کي سڌاري ڇڏي. پوءِ گيا تي نالو ڪيئن
پيو، تنهن جي ساري ڳالهه گيا پراڻ مان ڪڍي ٻڌائي
اٿس ۽ لکيو اٿس ته ڪيئن راجيندرلعل متر موجب سچ پچ
گيا تيرٿ تڏهن ٿيو جڏهن هندن ٻڌ ڌرم وارن کي اُتان
هڪالي ڪڍيو. اُتي ٻوڌي وڻ آهي ۽ وشنوپاد سچ پچ ٻڌ
جو پاد آهي. خير، ڪجهه به هجي اُتي جو قدرتي نظارو
تمام سهڻو آهي. قدرتي طرح گيا ۽ ڏيارام کي شراڌن
جي سچي ارٿ تي خيال آيو ۽ لکيو اٿس ته شراڌ معنيٰ
جيڪي شرڌا سان ڏجي ۽ اهو ايترو ته ضروري آهي جو
ڪيشب چندرسين به هڪ نموني جا شراڌ مقرر ڪيا
آهن.گيا جهڙين جاين تي انهيءَ شرڌا ڪري ماڻهو ٿا
وڃن ته وڏن جو ڪجهه موڪش دوار ڪريون. گيا ۾ جيڪي
سنسٿائون هيون، سي به لکيون اٿس. ڌرم سڀا جنهن کي
اسڪول هو، برهم سماج ۽ سندن ڇوڪرين جو اسڪول،
انجمن اسلام ۽ ڪلب وغيرهه.
گيا کان
اٽڪل ست اٺ ميل پري آهي ٻڌ گيا، جتي مهاٻوڌي جو
وڏو مندر آهي ۽ جتي ٻڌ ڀڳوان جي سوني ويٺل مورتي
آهي. مورتي مان يوگه، آنند ۽ ايڪاگرتا ٿا بکن. پر
ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه آهي ته جتي ٻڌ ڀڳوان جهڙي
پوتر آتما ڌرم جا ڏهه لڪشڻ ماڻهن کي ٻڌايا، جيئن
ته-:
دان يعني
سڀني پيارن وستن کي ڏيئي ڇڏڻ
شيل يعني
من، وچن ۽ ڪرم ۾ پوتر رهڻ
نشڪرميه،
دنيا جي ڀلي لاءِ خودي ۽ خود غرضي ڇڏڻ
پراگنا،
آتمڪ گيان جي پراپتي
ويريه،
انسانن جي شيوا لاءِ شڪتي ۽ پرشارٿ
شانتي
يعني مشڪل کان مشڪل موقعن تي کميا ۽ صبر
ستيه، هر
وقت سچ چوڻ
اڌيشانه،
اڇا شڪتي کي وڌائڻ
مئتري،
سڀني پرانين لاءِ پريتي ديا
اپيڪشا
يعني نندا اُستت کان بي پرواهه رهڻ، اتي گيالين ۽
ڌامين جهڙا ڪڪرمي پنڊا انهن سڀني ڳالهين جي اُبتر
چريتر هلي رهيا آهن! عجب اسرار!
ٻڌ گيا
مان ڏيارام وري بانڪيپور موٽي آيو پاٽنا ڏسڻ لاءِ.
خبر پيس ته پاٽنا ۾ گرو گوبند سنگهه جو جنم ٿيو هو
۽ اتي هر جي مندر ۾ اڃا تائين گرنٿ صاحب جو پاٺ
ٿيندو آهي. اها به خبر پيس ته بهار ۾ سکن جا 300
گردوارا آهن. وري پاٽنا کان بانڪيپور موٽي آيو ۽
اتان راجگري ٽڪرين تي ويو؛ جتي جيتوڻيڪ ملڪيت
سموري مسلمانن جي آهي، ته به مسلمانن جي ملڪيت
هوندي به، هڪ سکن جي درٻار آهي. سکن کي اتي درٻار
ٺاهڻ ڪيئن ملي تنهن جو سبب لکيو اٿس ته هڪڙي سکه
گوبند پرشاد نالي مرڻ مهل چيو هو ته منهنجي سماڌي
انهيءَ هنڌ ٺاهجو. جڏهن هنکي اتي جلائڻ آيا تڏهن
مسلمان زميندار ۽ سندس ماڻهن منع ڪئي. تنهن تي لاش
ڪجهه وقت اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي خواهش ظاهر
ڪيائين. هيءُ معجزو ڏسي سندس سماڌيءَ لاءِ آسپاس
زمين زميندار ڏني. اُتي چوڌاري جيڪي ٽڪريون آهن سي
ديوان ڏٺيون ۽ گرم جهرڻا به ڏٺائين.
راجگريءَ
مان ٿي وري بختيارپور اسٽيشن تي اچي، اتان هو
بئديه ناٿ جو شوالو ڏسڻ ويو. لکيو اٿس ته قدرتي
نظارن ڪري تيرٿ چونڊيا ويا آهن. ۽ هتي بيشڪ قدرتي
نظارا تمام سٺا آهن. چوڌاري ٽڪريون، ساوڪ ۽ پاڻيءَ
جون نهرون لڳيون پيئون آهن. ڪٿا آهي ته راوڻ جڏهن
شوَ جو لنگه ڪئلاس کان کڻي لنڪا ٿي ويو تڏهن هتي
اچي جلندر ٿيس. ساڻس شرط هو ته ڪٿي به لنگه هيٺ
رکيو ته اُتي مندر ٿيندو، سو هتي لاٿائين ته مندر
ٿيو. اها حرڪت هڪڙي برهمڻ رشيءَ جي هئي جنهن اها
پيڙا راوڻ جي بدن ۾ پيدا ڪئي؛ ۽ پوءِ ٻڍي وئديه جي
روپ ۾ هنکي درشن ڏنائين.
بئَديه
ناٿ مان ٿيندي ڏيارام 19- جنوريءَ جي اچي ڪلڪته
پهتو. هي ٽيون دفعو ڪلڪته جو درشن ڪيو هوائين، سو
فقط جايون ڏسڻ بدران ماڻهن جو حال احوال جاچيائين.
بابو بنڪم چندرچئٽرجيءَ سان مليو. هن ٻڌايس ته
بنگال جي براهمڻن جون ٽي شاخون آهن؛ وارندرا،
ايريا ۽ ويديڪا. وارندرا شايد برائدرا جو بگڙيل
لفظ آهي ۽ ايريا شايد راشٽريا جو. مشهور ڪلين
برهمن ايريا شاخ جي نک آهن ۽ سندن به 36 ڀاڱا آهن.
ڪلين برهمڻ ۾ ننڍي هوندي جون شاديون عام آهن ۽ هڪ
هڪ تمام گهڻيون زالون پرڻبو آهي. هڪڙي ڪلين خبر
ڏني ته هڪڙي ڪلين کي 105 زالون هيون. ٻيو ٻڌايائين
ته هڪڙي ڪلين برهمن جي ماءُ پٽ کي ڏوراپو ڏنو؛
چيائينس ته ڌرم وساري ڇڏيو اٿيئي؛ ڇاڪاڻ ته هن 18
ورهين جي عمر ۾ 5 شاديون ته ڪيون هيون ۽ 34 ورهين
جي عمر ۾ 12 شاديون ڪيون هوائين؛ پر وڌيڪ شاديون
نٿي ڪرڻ گهريائين. هنن شادين تي ڪنواريتن کي ڏاج
به گهڻو ڏيڻو پوندو آهي. ٻي دکدائڪ ڳالهه جا ديوان
ڏيارام ڏٺي سا اها ته موڪلاڻيءَ ۽ گؤني جهڙي
درآگمن جي رسم، جيڪا بنگالين ۾ هوندي هئي، جنهن
موجب شاديءَ کانپوءِ به ڇوڪري ماءُ پيءُ وٽ ٽڪيل
هوندي هئي، جيستائين هوءَ بالغ ٿئي؛ اها سٺي رسم
به ڊهندي ٿي ويئي ۽ بلوغت کان اڳي نالي ماتر اها
رسم ادا ڪئي ٿي ويئي.
چيو
ويندو آهي ته تعليم جي واڌاري ڪري دير سان شاديون
ٿيڻ لڳيون آهن، پر اهو غلط آهي. دير سان شاديون
ڏيتي ليتيءَ جي واڌاري ڪري ٿيڻ لڳيون آهن، جو سٺن
ورن لاءِ پيسا به گهڻا ٿا گهرجن.
اُنهن
ڏينهن ۾ ڪلڪته ۾ سمنڊ جي مسافري ڪرڻ بابت ڏاڍو بحث
مباحثو هلي رهيو هو. ڊاڪٽر بئنرجيءَ دليل ڏنو ته
اسانجي شاسترن جو اهو مطلب ڪڏهن ڪين هوندو ته دنيا
جون ڏهن مان نوَ پتيون اسان لاءِ بند هجن. بابو
چندرناٿ بوس جو چوڻ هو ته سنياسي بيشڪ سمنڊ جو سفر
ڪن، پر ننڍا ڌرم وڃائي ٿا اچن. پنڊت مهيش چندرا
نياءَ رتن، ڪلڪتا سنسڪرت ڪاليج جو پرنسيپال، سمنڊ
جي مسافريءَ جي فائدي ۾ هو ۽ ننڍپڻ جي شاديءَ جي
به فائدي ۾ هو، پر ننڍپڻ ۾ درآگمن کانسواءِ ساهرن
وٽ ڪنيا کي موڪلڻ جي برخلاف هو. هن چيو ته ڌرم جو
سار آهي پر اُپڪار؛ اچاهه ٿي چڱا ڪم ڪرڻ؛ اهم سنگه
کانسواءِ ۽ ڦل اڇا کانسواءِ چڱو ڪم ڪرڻ.
ڪلڪتي ۾
ديوان گهڻن ماڻهن سان مليو ۽ اُنهن سان گفتگو
ڪيائين سرروميش چندر متر جج چيس ته ننڍي هوندي جي
شادين جي برخلاف آهيان، پر چيائين ته پنگتي ڳالهين
۾ قاعدي جو دخل نه ڪجي ته چڱو. ٻيو مليو بابو
پرتاب چندر موزمدار سان. سندس وياکياڻ شڪتيءَ ۽
سڌارڪ ورتيءَ جي ساراهه ڪئي اٿس. سندس خيال هو ته
سچو سڌارو ڌرمي رنگه ڏيڻ سان ٿي سگهندو پر قدرتي ۽
دنيوي دليل به سڌاري ۾ مدد ڏين ٿا. ننڍي هوندي جي
شاديءَ جي برخلاف اهي به دليل ڪمائتا ٿيا آهن. وري
سندس خيال هو ته پنڊتن مان ڪجهه نه ٿيندو، پر
ڏيارام لکي ٿو ته اُنهن جي مدد وٺڻ سان من هنن جو
اٽڪاءُ دور ٿئي. مهرشي دويندر ناٿ ٽئگور سان مليو.
هن کان ايشور پراپتيءَ بابت پڇيائين. مهرشيءَ چيس
ته شرڌا وارو گيان لهندو آهي ۽ چيائين ته ايشور جو
تيج اندر ٻاهر آهي ۽ اها جوت جاڳائڻ گهرجي. چيائين
ته ڇهه ويٺا آهن ته ستون هو آهي؛ هو هر جاءِ موجود
آهي.
سوامي
شونارائڻ سان گڏيو ۽ هن راڄ يوگه ۽ پراڻايام وغيره
بابت ٻڌايس. سوامي شونارائڻ جو اثر ٿياسافيءَ وارن
تي گهڻو ڏٺائين. سوامي شونارائڻ، ادويتي هوندي به
چڱن ڪمن جي تمام فائدي ۾ هو. هن جي مثال مان ظاهر
هو ته ادويتي به ست ڪرم جي برخلاف نه آهن. هن
کانسواءِ بابو ڪالي چرن بئنرجيءَ سان مليو. هو
ڪرستان پر قوم لاءِ ڏاڍو ڪم ڪندڙ، سڀني ۾ عزت حاصل
ڪندڙ ۽ وڏو وياکياڻ ڏيندڙ هو. ڪالي چرن بئنرجي
تمام لوڪ پريه هو، ڇاڪاڻ ته هو مٺي مزاج، چڱي
چريتر، اُتساهه ۽ نئڙت وارو- نيڪ ڪم ڪندڙ ۽ نيڪ دل
هو.
زناني
تعليم ڪلڪتو
ڏيارام،
مس پگٽ سان بيٿيون ڪاليج ڏسڻ ويو. هڪڙي بيٿيون
نالي واپاريءَ جي دولت ۽ سخاوت سان اهو ڪاليج هلي
ٿو. مس چندر مکي بوس ايم. اي. جا اُتي پرنسيپال
هئي تنهن ساري سنسٿا کيس ڏيکاري. ٻيو ڏٺائين مسٽر
شوناٿ شاستريءَ جو برهمڻ ڇوڪرين جو اسڪول. لکي ٿو
ته برهمن ۽ ڪرستانن کان سواءِ ٻين ۾ اڃا زناني
تعليم پکڙيل نه آهي. تعليم ڪري البت ڇوڪرين کي
وڌيڪ لائق ور ٿا وڻن، پر اُهي ملن نٿا، تنهنڪري
شاديءَ ۾ مشڪلات ٿي ٿئي. ٽاگور جي ڪٽنب مان مسز
گهورشال هڪڙي ناري وديا لاءِ اخبار به ڪڍندي هئي ۽
هڪڙي سکي سميتي به ڪڍي هئائين پر اها سميتي فقط
ٿورين ڇوڪرين کي بيٿيون ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ سهائتا
ڪري ٿي سگهي. راماٻائي جهڙي ڪا سنسٿا ڪانه ڪڍي
اٿس. گهروُ ڪلاسن سان به ڪجهه ڪم پيو ٿئي.
ڪلڪتي ۾
ڏيارام، آدي برهمو سماج جو ورهيارو اُتسو ڏٺو ۽
اُتي مشهور شاعر رويندراناٿ ٽئگور کي ڳائيندو
ٻڌائين ۽ سندس سُر جي تعريف ڪئي اٿس. انهيءَ وقت
ڪلڪتي ۾ برهمو سماج جون ٻه شاخون هيون؛ هڪڙي
نؤوڌان سماج ۽ ٻي ساڌارڻ سماج. ديوان صاحب لکيو
آهي ته نؤوڌان واريءَ شاخ جي ميمبرن ۾ ڪجهه ونجوڳه
هو. وري به ساڌارڻ برهمو سماج جي شاخ البت چڱي پئي
هلي. ڏيارام ڪلڪتي ۾ ٿياسافيءَ جي بانيڪار ڪرنل
آلڪاٽ ۽ ٻڌ ڌرم جي پرچارڪ مسٽر ڌرمپال سان به مليو
۽ عجب ٿو ڏيکاري ته ڇو ٿياسافي اڃا هندستان جي
تعليم يافتن ۾ ايترو گهر ڪري ڪين ويئي آهي. پنجاب
۽ بهار ۾ ته ڪيتريون شاخون کتري ذات جون آهن پر
بنگال ۾ ڪين ڏسڻ ۾ آيون. ڪايسٿ، روميش چندردت جي
چوڻ موجب وئيش آهن پر نه پائين جڻيو، نه ڏين ست
ڦيرا شاديءَ تي. جدا ذاتين بابت جيڪا کوجنا ٿيڻ
گهرجي سا اڃا ڪين ٿي آهي.
ڪلڪتي
مان ڏيارام، دارجيلنگه ۾ ويو، جتي هماليه جبل
ڏانهن ويندڙ جابلو ريل ۽ قدرتي نظارن جي تعريف ڪئي
اٿس. اُتان ڪينچنچنگا جو درسن ڪيائين. برف، ٽڪر،
جهرڻا، ساوڪ، گڙ گڙ ڪري ڪرندڙ پاڻي ۽ وڻ اهي سڀ
عجيب نظارا، بي نظير ٻوليءَ ۾ لکيا اٿس.
ڏيارام،
دارجيلنگه جو تمام سهڻو بيان ڏنو آهي. اتي جيڪي
چانهه جا کيٽ آهن انهن جو بيان ۽ برڇ ٽڪريءَ واري
باغيچي جو بيان نهايت سندر ريت ورنن ڪيو اٿس. اتي
ڏيارام ڏٺو ڳاڙهو ڀٽو يا سنگه، جو پٽي کائڻ تي هو؛
مگر سندس سنگتيءَ روڪيس ۽ چيائينس ته اهو اٿيئي وش
ڦل، يعني زهري سنگه. اتي هن کي گيتا جو سلوڪ ياد
پيو ته عيش عشرت اهڙو سرپ سنگه آهي: وري ڏٺائين
ماڪ جو ٺهيل موتي ڪنهن پن تي، ته اُتي ياد پيس ته
اسين به موتي آهيون ايشور وٽان آيل. ائين قدرت جي
نظارن ۾ ڏيارام کي هر گهڙيءَ هري درشن ۽ ڌرم جون
ڳالهيون سجهي اينديون هيون. ڪهڙي نه سندر سندس
آتما ۽ سندر اُستتي ۽ ورنن شڪتي!
دارجيلنگه کان ٿي ڏيارام وري بنارس ۾ آيو، هڪڙي
ٻڍي ساڌوءَ سان سهواس ڪرڻ، هيءُ ساڌو نانڪ پنٿي
هو؛ پڙهيل هو ۽ سڀ تيرٿ ڪيا هئائين. ست پريون ۽
چارئي ڌام ڀيٽيل هئس. ست پُريون يعني هردوار ڪاشي،
اُجين، اَيوڌيا، ڌاراوتي، مٿرا ۽ ڪانڇي. پهريان ٽي
وشنوُءَ جا تيرٿ آهن. پويان ٽي شوَ جا ۽ پشڪرجي
برهما جو ۽ ڪانڇي شوَ ۽ وشنوءَ ٻنهي جو. چار ڌام
آهن: جگنناٿ، بدري ناٿ، دوار ڪاناٿ ۽ رامناٿ. هن
ساڌوءَ کي ڪجهه سال ٿيا هئا جو ويراڳه آيو هو ۽
سندس رهڻي تمام سهڻي هئي. ايشور پريم هن جي اکين،
وچنن ۽ ڪمن مان ٿي بکيو. پنهنجا سمورا پئسا دان ۾
ٿي کپايائين؛ وديارٿين کي ڀوڄن ڏيڻ ۾ ۽ غريبن جي
سهائتا ۾. باقي پاڻ تي مهيني ۾ ٻه ٽي رپيا مس ٿي
لاتائين.
بنارس ۾
ڪيترائي برهمن برهمچاري وديا لاڀ لاءِ ايندا آهن.
۽ اُهي وڃي ڪنهن برهمڻ گروءَ جا شش ٿيندا آهن؛
کاڌو پني ايندا آهن؛ ڪاٺيون ڪٺيون ڪري ايندا آهن ۽
گروءَ جي شيوا ۾ لڳندا آهن. ڪي ڪي برهمڻ تمام
ودوان آهن ۽ منشه مانز جا سچا متر آهن، پر گهڻا ته
نالي جا برهمڻ آهن. ڏيارام لکيو آهي ته راجائن لکن
رپين جا محلات ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ لکين رپيا برهمن
کي ڀوڄن کارائڻ تي بنارس ۾ خرچيندا آهن. ڇو نه
ڪجهه دان اهڙن وديالن ۾ لڳائين، جتي سچيءَ برهمڻ
ورتي وارن، ودوان برهمڻن، کشتري ۽ ويش، برهم چارين
کي پراچين نموني پاڙهين.
بنارس
مان ڏيارام وري پرياگه آيو. سچن سان ساڌن،
مهاتمائن جي گهڻي ڳولا ڪيائين، پر لڌائين خير ڪو.
هڪڙو سو گڏيس، جنهنکي يوگي ڪري سمجهندا هئا؛ پر
ڏٺائين ته نٿي آئي کيس انگريزي ۽ نه سنسڪرت رڳو
گيتا جو ڪو فارسي ترجمو پڙهيو هئائين؛ سو به ٺيڪ
ترجمو ڪونه هو. ڪجهه هٺ يوگه ڄاڻيندو هو، باقي ٿيو
ڀلو. فقيرن جا سي جهنڊ ڏٺائين ۽ لکيو اٿس ته فقير
پنڻ لاءِ جيڪي ٻول ٻوليندا آهن تنجي ڪو ياداشت
ٺاهي ته ڏاڍو مزو اچي.
ڏيارام
11- فيبروري جبلپور پهتو ۽ اُتان 11 ميل پري
ڪرکشيتر ڏسڻ ويو، جتي رنگه به رنگي سنگمرمر جون
ٽڪريون آهن ۽ منجهس جل ڪنڊ آهن ۽ نربدا ندي ٿي
لنگهي. پهريائين ڏٺائين ڀمراگهاٽ، جتي ڪوچين جي
راجا هڪڙو ڍڪيل ٽُڪر، پنهنجي راڻين جي اشعارن لاءِ
ٺهرايو آهي. هتي وري ٻانڀڻن ٻي ترويڻي ٺاهي رکي
آهي. نربدا سان اچي ڪنڊ ٿا گڏجن. ڀرسان وري آهي
پنچ وٽي، جتي نربدا جون پنج شاخون اچي ٿيون هڪڙي
وڏي ويڪر ۾ پون. اُتان آهي جانوي ڌارا، جتي سرڪاري
ٻيڙي بيٺي آهي جا هڪ رپئي ۾ درياهه جو چڪر هڻائي
اچي. ستن قسمن جا سنگمرمر هتي ملن ٿا، اَڇو، پيلو،
نيرو، سائو، ڪارو، ڳاڙهو ۽ لچڪيدار. ٻاونجاهه ڪنڊ
آهن ۽ نديءَ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. جانوي ڌارا
کان لهي، بيلن جو ٻيلو لنگهڻ کانپوءِ، پاڻي جي
ڪِرڻ جو نظارو تمام سهڻو ڏسڻ ۾ ايندو. اُهي درشيه
ڏسي، گوري شنڪر جو مندر ڀيٽي، جئن ڏيارام گاڏيءَ ۾
چڙهي، جبلپور ڏانهن ٿي موٽيو، ته گاڏيءَ جو ڦيٿو
ڀڄي پيو ۽ کيس چار ڪوهه پنڌ ڪرڻو پيو. واٽ تي
ڏٺائين ته ڪيترائي ٻڌ ڀڳوان جا بوتا هئا، پر ٻانڀڻ
نوري انهن سان شو جا لنگه به کڻي رکيا هئا.
جبلپور ۾
ڏيارام. مدن محل ڏٺو. هيءُ هڪ ٽڪريءَ تي آهي؛ هيءُ
محل هڪڙي راج گونڊ ٺهرايو هو. راجپوت، گونڊ ۽ راج
گونڊ يعني راجپوت پتا ۽ گونڊ ماتا جو اولاد،
واگهرا، مرهٽا، مارواڙي اهي ذاتيون جبلپور ۾ رهندڙ
هيون. جبلپور ۾ هڪ ڪاليج آهي ۽ ٻه ڇوڪرين جا
اسڪول؛ اهي هن ڏٺا ۽ چئن چڱن سان ملي کين چيائين
ته پنهنجي هتڪارني سڀا کي زور وٺايو، ننڍپڻ جون
شاديون بند ڪرايو ۽ ٻيون خراب رسمون گهٽايو ۽
ڇوڪرين ۾ وديا وڌايو.
ڪٿا آهي
ته رام، سيتا ۽ لڪشمڻ پرياگه ۾ ڀاردواج سان مليا
هئا؛ هن چين ته هتان ڏهه ڪوهه پري هڪڙو منوهر پربت
اٿو، جتي سهڻي ساوُڪ ۽ مزيدار ميوا ۽ رشين منين جا
اَسٿان آهن؛ اُتي مور، ڪوئلون ۽ ٻيا هرڻ آدڪ پشو ۽
پکي اَٿو؛ اتي وڃي اوهين بنواش ڪريو. هنن به هڪ
ڪٽيا والميڪي رشيءَ جي ڀرسان ٺاهي. ڏيارام، چترڪوٽ
جو درشن ڪرڻ ويو ۽ سڄو درشيه والميڪي رامائڻ وارو
سامهون اچي ٿيس. ڀرت جو اچڻ ۽ رام کي سمجهائي
بيهڻ، ڌرنو مارڻ ته ڪيڪئيءَ جو پاپ ڌوئي اچي تخت
تي وهي ۽ رام جو چوڻ ته پيءُ جو وچن پاڙڻ ۽ پنهنجو
وچن پاڙڻ وڏو فرض آهي؛ ۽ آخر ڀرت کي سمجهائي هنجي
فقط اها مرضي پوري ڪيائين جو چاکڙيون هنکي ڏنائين؛
جن چاکڙين جي شرن وٺي ڀرت وڃي راڄ هلايو؛ جيستائين
چوڏهن ورهيه پورا ڪري رام ۽ سيتا ايوڌيا ۾ آيا.
ڪهڙو نه سندر آسٿان چترڪوٽ ۽ ڪهڙي نه سندر ڪٿا!
هاڻي
چترڪوٽ ۾ ڇا آهي؟ هڪڙو ته ڏسندؤ رام گيا، جتي پنڊا
زوريءَ پيا ماڻهن ۽ وڌوائن کان پنڊ ڀرائين؛ ٻيو
ڏسندؤ رام ديول جتي چوڻ ۾ اچي ٿو ته رام ۽ سيتا
پهريائين اچي لٿا هئا. اتان وڃبو يجنه ديويءَ تي،
اُتان امرناٿ جي مندر ۾، جتان پرڪرما ڏبي آهي؛
ڇاڪاڻ ته ڪٿا آهي ته ڀرت رام جون چاکڙيون سر تي
کڻي اُتي پر ڪرما ڏني هئي. پهرين منزل آهي
مکاروند، هتان تلسي پتر ۽ پاڻي وٺي پرڪرما شروع
ڪبي آهي. وڻن تي رام رام قدرتي اُڪريل پيو ڏسڻ ۾
اچي. پوءِ وري در گهمي اچي ڏسبي آهي سرا گانءِ پٿر
جي، انهيءَ گئوءَ جي يادگيريءَ ۾ جنهن رام ۽ سيتا
کي 12 ورهيه کير ڏنو. پوءِ ڏيکاريندا آهن اُها
جاءِ جتي لڪشمڻ پهري تي بيهندو هو. پوءِ ڏيکاريندا
آهن جانڪي ڪنڊ، جتي سيتا ماتا اشنان ڪندي هئي.
جانڪي ڪنڊ جي چوڌاري 35کن ڀڳتن جون ڪٽيائون آهن جي
پاڻکي سيتا وانگر رام جا ڀڳت سمجهندا آهن ۽ سارو
ڏينهن رات سندس ويچار ڪري پيا آنند پرائيندا آهن.
هڪڙي اهڙي ڀڳت، رام نام لکي اَٽي جي گولين ۾ پي
ويڙهيو ته اهي جانڪي ڪنڊ ۾ مڇين کي وجهي. ٻيو وري
ڏيکاريندا آهن ڪوٽ تيرٿ، جتي پاتال گنگا وهندي آهي
۽ غفا ۾ رام جو درشن ياتري ڪندا آهن. جانڪي ڪنڊ
کان ڪلاڪ پنڌ تي ٽڪري آهي جنهنجو نالو آهي هنومان
ڌارا. هتي هنومان اچي ٽڪيو هو. هڪڙو ٻيو مندر آهي
اَنسويا ديويءَ جو، جا اَئتري رشيءَ جي اهڙي
وفادار استري هئي جهڙي سيتا رام جي. مطلب ته ٽي
ڏينهن ياترين کي لڳندا آهن چترڪوٽ پوري ڪرڻ تي.
ڏيارام ته هڪ ڏينهن ۾ صبوح کان سانجهيءَ تائين پنڌ
ڪري گهڻو حصو ڏسي ورتو.
چترڪوٽ
مان ڏيارام، مرزان پور آيو ۽ اُتان ونڌياچل تيرٿ
ڏٺائين، جتي سيتا ماتا پنهنجي شال ۽ ڳهڻا ڪيرايا
هئا. اُتي گنگا ۾ اشنان ڪري ڀاڳوتي، مهاڪالي،
سرسوتي ۽ جوڳ مايا، اٺن ڀڄائڻ واري ڪرشن جي ڀيڻ جا
مندر ڏسبا آهن. ٽڪريءَ جي مٿان شوالو آهي ۽ هيٺان
وري راميشور مهاديو آهي، جتي سيتا ماتا سيتا ڪنڊ
ٺاهيو. شوَ جي لنگه بابت پادرين جو هندو ڌرم تي
ڇنڊا وڌا آهن، تنجي برخلاف ڏيارام لکي ٿو ته هر هڪ
ڌرم ۾ اهي ڳالهيون آهن ۽ انهن جو اندريون رهسيه
سمجهڻ گهرجي.
ونڌياچل
مان موٽي ڏيارام، مرزاپور ۾ آيو. اُتي ٻڌائين ته
هڪ ڀٽ جي پروهت مهنت جيرام گر آهي ۽ هندو ڌرم جي
پاران شاستر اَرٿ ڪندو آهي. اُتي ڏيارام هاءِ سڪول
جي هيڊ ماستر مسٽر رام روپ سان مليو، جنهنجي دل
ڊهي پيئي هئي جو مسٽر تلنگه سڌارڪ ٿي به، پنهنجي
ڌيءَ جي شادي ننڍي هوندي ڪئي هئي. مرزاپور ۾
ڇوڪرين لاءِ هڪ آريه سماجين جو هڪ ميونسپالٽيءَ جو
۽ هڪ پادرين جو اسڪول هو. ننڍي هوندي جي شاديءَ جو
رواج عام هو. واڻين جون ٻه ذاتيون هيون. هڪڙيون
عمرکاري ۽ ٻيون عمردسري. اهي نالا ڪيئن پين سا خبر
ڏيارام لهي ڪين سگهيو. پوربي کترين جا به ٻه ٽي
گهر هئا ۽ ڪجهه برهمڻن جا به. مرزاپور ۾ انهن
ڏينهن ۾ گئو گهات تي تمام شور متل هو. ديوان لکي
ٿو ته جو نه سرڪار اهو ٺهرائي ته ڪنهن هندوءَ جي
دل دکائڻ لاءِ عام جاءِ تي گئو گهات ڪرڻ جرم آهي.
مرزاپور جو هڪڙو اڳيون گزيٽئرهٿ لڳس. هڪ سؤ ورهين
۾ مرزاپور ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڦيريون ڦارون ٿيون آهن
سي ڏيارام لکيون آهن. زمانو بدليل آهي؛ وڪيلن،
قاعدن ۽ پٽيوالن ملڪ منجهايو آهي. ڍلون ڳريون آهن
۽ واپار ۾ ڪوڙ گهڙي پيو آهي. اخبارون آهن ۽ ڪوڙا
اشتهار. امن امان آهي ۽ ڪوڙ به گهر ڪري ويو آهي.
اهي آهن سندس خيال.
وري
مرزاپور مان موٽي بنارس اچي ڏيارام انهيءَ رات جو
شوراتري ڏٺي. زالن گيت ٿي ڳاتا ۽ وشوناٿ جي مندر ۾
ماڻهن جا ميڙ هئا، جن ۾ اڃا اڳيون ويساهه زور هو.
ڪبير جا دوها پي پوڄارين ڳاتا. واهه هندو ڌرم، جو
جو لاها به قبول ڪنس! ۽ هاڻي؟
بنارس
مان 17- فيبروري ڏيارام، ايوڌيا ڏانهن روانو ٿيو.
ابوالفضل 1582ع ۾ لکيو آهي ته ايوڌيا جو شهر تمام
وڏو هو؛ 184 ڪوهه ڊگهو ۽ 36 ڪوهه ويڪرو؛ پر 1828ع
۾ هئملٽن لکيو ته هيءُ شاندار شهر هاڻي ويران آهي،
تمام ننڍو وڃي بچيو آهي. چوڌاري ڊٺل جايون گهڻيون
آهن، جتي رام، سيتا، لڇمڻ ۽ هنومان جا مندر هئا ۽
جتي پوڄاري هاڻي به ويندا آهن. دڙا سو چوڌاري پيا
ڏسڻ ۾ اچن ۽ گهوگهرا ۽ سُرايوُ نديون پيون وهن.
دسرٿ پنهنجو اَشوميڌيگيه، سرايو نديءَ جي اُتر
واري ڪپ تي ڪيو هو. ڏيارام انهيءَ اشوميڌ جو
شاسترن موجب بيان ڏنو آهي ۽ ڏيکاريو اٿس ته منوءَ
موجب قربانيءَ کانسواءِ گوشت کائڻ جي منع آهي.
ڏيارام، ايوڌيا جا نظارا خوب طرح لکيا آهن. سرايو
نديءَ ۾ هر هڪ باتريءَ کي هٿ ۾ ناريل کڻي پوءِ
اشنان ڪرڻو پوندو آهي. ناگيشور جو مندر شوَ جو
آهي. رامڪوٽ، راجگادي ۽ رام جي آرام جي جاءِ، رنگه
محل به ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ ڪنڪڀون ۽ آنندڀون، دسرٿ
جي راڻين جا محل، ۽ ڪوپ ڀون جتي ڪيڪئي زمين تي
ليٽي پيئي هئي ۽ دسرٿ کان رام جي بنواس جو وچن
ورتائين؛ هڪڙي ننڍڙي ڪٽيا، جنم ڀومي نالي ڏيکارين
ٿا. اعتبار ته نٿو اچي ته شاهي محل اهڙو هوندو، پر
اورنگزيب گهڻا چِن يا نشان ڊهرائي، مسجدون ٺهرائي
ڇڏيون آهن، سو وري ماڻهن جتي ڪٿي جهڙا تهڙا گهر
ظاهر ڪري کڻي ڪٿا ۾ بيهاريا آهن. اهڙيءَ طرح
راجمحل، هنومان جو مندر وغيرهه به ياترين کي
ڏيکاريا وڃن ٿا، پر اصل اهي ڪٿي هئا، سو ڄاڻي
پرماتما.
اصل
ايوڌيا ڪهڙو هو، سو ته اوهين والميڪيءَ جي ورلن
مان، من جي مورت جوڙيندا ته خبر پونديوَ. سرايو
نديءَ جي ڪناري تي ويهي، ڏيو اندر ۾ ٽٻي، ته پئيوَ
خبر. ڏيارام اهڙين ٽٻين هڻڻ ۾ ڀڙ هو ۽ والميڪي
رامائڻ جي ڪوتا پڙهي، من ۾ پوري پوري مورت جوڙي
سگهندو هو، جئن سندس بيان مان خبر ٿي پوي. ڄڻ ته
هوبهو اڳين اَيوڌيا جو درشن ٿو پڙهندڙن کي ڪرائي؛
۽ اُتي دسرٿ، ڪيڪئي، رام ۽ سيتا جي بنواس وڃڻ تي
گفتگو هوبهو ٿو ورنن ڪري.
اَيوڌيا
۾ 26000 ماڻهو آهن ۽ هاڻي اهو شهر فقط فيض آباد
شهر جو حصو آهي. فيض آباد صدين کان نوابن جي گادي
جوهنڌ هو، اُن ۾ ڪل 72000 آدم رهندڙ آهي. هاڻي
اَيوڌيا بلوي کان پوءِ هڪ برهمڻ مهاراجا جي هٿ ۾
آهي.
ڏيارام،
فيض آباد جي تعلقدارن ۽ انهن جي جهڳڙن جو احوال
لکيو آهي. فيض آباد ۾ پوربي ۽ پشچمي کتري رهندا
آهن ۽ سوريه ونشي ۽ چندرونشي، وشن بنسي ۽ گرگه
بنسي کتري رهندا آهن ۽ اُتراڌي ۽ دکشني آرور به
آهن ۽ وئيشن جون چار شاخون آهن، اگروال، راستوگي،
ڪانديو ۽ ڪنڌان. پوين ٻن ۾ ودوا واهه کان منع
ڪانهي. پاڻ ۾ شاديون ڪين ڪن. سودر آهن تيلي، ڪهار،
اهير ۽ تنبولي. ڪايسٿ هت پاڻ کي سودر سڏائيندا
آهن. واڻين ۾ ننڍي هوندي شادي ڪن. گمن جي ريت آهي
پرڻجڻ کان ٽي ورهيه پوءِ. اوچ ذاتين ۽ مسلمانن ۾
دير سان شادي ٿئي. فيض آباد ۾ پردي جو رواج آهي.
نوابن کي گهرجي پردو ۽ زنانو، زالن کي گهرجي حقو،
۽ سندن نگهبانيءَ لاءِ کپن کدڙا. اهي کدڙا اهڙا
شاهوڪار ٿي ويندا هئا جو هڪ کدڙي جي ملڪيت تي نواب
۽ ماڻس وڙهي پيا؛ سرڪار نواب کي ملڪيت ڏياري. بيگم
کي مليو وصيعت هلائڻ جو ڪم ۽ هن سندس چئي موجب 3
لک لڳايا سندس تربت تي ۽ ڪجهه لک موڪليائين مڪي
مديني. اهو آهي حال.
هندن ۾
هڪڙو چڱو سڌارڪ فيض آباد ۾ ٿي گذريو آهي؛ سندس
نالو راءِ ڪاڪوُمل بهادر هو. هن آئوڌ واپاري بئنڪ
ڪڍي ۽ ڪمپني ڪڍيائين274000 پونجيءَ سان. اخبار به
ڪڍي هئائين جنهنجو نالو هو ارور بنس پرڪاش. ڏيتي
ليتي گهٽائي ڇڏيائين. ڏوئا ۽ ناچ ۽ شراب شادين تان
بند ڪيا هئائين؛ جس هجيس؛ ڪي ته بهادر به پيا آهن.
فيض آباد
سرڪاري اسڪول هڪڙو هو پادرين جو، ٻئي ڇوڪرين جي
اسڪول ڪڍڻ جي ڪوشش هلندڙ هئي هندن پاران. فيض آباد
جي اسٽيشن تي ديوان ڏيارام ڏٺو ته پوليس وارن
ويچارن مسافرن کي ڏهين بجي رات جو شيڊ مان اُٿاري
ٿي ڇڏيو. چي يا ته ڏيکاريو ٽڪيٽون يا اسٽيشن ماستر
کان موڪلائي اچو. نه ٺهي ٽڪيٽ وارو، نه ٺهي اسٽيشن
ماستر، سو مزو ٿيو چيري ميري کائڻ جو پوليس واري
کي. ڏيارام لکيو آهي ته اسٽيشن ماستر کي سنڀالي
حڪم ڏيڻ گهرجن، نه ته مسافرن سان آزار ٿو ٿئي.
19-
فبروري 1893ع ڏيارام، لکنؤ پهتو. لکنؤ اڳي به ڏٺل
هوس، وري به ريزيڊنسي انگريزن جي رهڻ جي جاءِ
ڏٺائين ۽ هڪڙيءَ زال جو ڀيانڪ بوتو ڏٺائين، جيڪا
توب جي گولي سان مري ويئي هئي، جڏهن 87 ڏينهن وڃي
زالون ۽ ٻار هيٺ لڪا هئا. توب خانو جتي لارينس
ساهه ڏنو، اهو به ڏيارام ڏٺو. لامارٽينر، جنرل
مارٽن جو يوروپين ٻارن وارو اسڪول به ڏٺائين.
امامبرو،
آصف الدولہ جي قبر ۽ آئوڌ جي بادشاهه جو زالن ۽
رنڊين لاءِ محل، جتي سوَن قسمن جا وڀچا ٿيندا هئا،
اهو به ڏٺائين؛ پر نه وڀڇار ڪندڙ، نه راڻيون ۽ نه
ستيون، سڀ خاڪ سان خاڪ ٿي ويا. لکنؤ جي سوڙهين
گهٽين ۽ رفاهه عام ۽ تعلقدارن جي ائسوسئيشن جو
ڏيارام ذڪر ڪيو آهي. لکيو اٿس ته ست اسڪول هوا
ڇوڪرين جا، پر نه منجهس پڙهائي سٺي، نه جايون
سٺيون. سڀ جايون تنگه ۽ اونداهيون. ڪل ٻه کتري
زالون انگريزي دان هيون. باقي ائوڌ ۾ اخبارون خوب
هيون- 18-19 اردو اخبارون- انهن ۾ مشهور هئي ائوڌ
اخبار، جا منشي نول ڪشور ڪڍي هئي، ائوڌ پنج مزيدار
اخبار ۽ لکنؤ ائڊووڪيٽ هڪڙي کتري مهتمم جي هٿ هيٺ
هلندڙ. بابو بنسي لعل سنگهه، هنديءَ ۾ هڪڙو ڪامني
ڪلپدروما نالي، ناري ودياتي پستڪ ڪڍيو هو، جنهن ۾
برين رسمن کي تمام ننديو هئائين ۽ ڪنوارين، پرڻيل
۽ وڏور زالن جا فرض ڏيکاريا هئائين.
منشي نول
ڪشور ڪيئي ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪيا هئا. منشي نول ڪشور
کي بخت لڳو پينل ڪوڊ جي ڇاپڻ مان. سرڪار چيس ته
30000 ڪاپيون ڇاپي ڏي. ٺيڪو مليو نول ڪشور کي، ۽
خوب نفع ڪيائين. پوءِ ته سڄو سرڪاري ڪم ڇاپڻ جو
مليو منشي نول ڪشور کي. هاڻي ته لکاپتي آهي؛ سي.
آءِ. اي جو خطاب اٿس. اسڪولن ۽ پستڪالين کي خوب
مدد ڪندو آهي. اُميد آهي ته هيءُ ملڪ کي ڪنڀ ڪرڻ
جي ننڊ مان جاڳائيندو ۽ بد رسمن جي برخلاف ماڻهن ۾
خيال پيدا ڪندو.
لکنو ۾
ڪيترا عجيب رواج ڏيارام ڏٺا. لکيو اٿس ته هت ڏوئن
ڏيڻ واريون خاص زالون آهن، جن کي چار رپيه ڏيئي
گهرائبو آهي. اهڙا ته ڪچا ۽ ڪنا ڏوئا ڏينديون آهن
جو ايشور رکي. ٻيو ته، کتري گوشت ڪونه کائين، پر
جهنڊ تي ٻڪرين جي قرباني ٿئي اهو گوشت سڀ کائين؛ ۽
ٽيون ته شاديءَ وقت ڀارگون ۾ ڪنوار وٺڻ کان اڳه ۾
گهوٽ وڃي پنهنجي ماءُ جي ٿڻن مان کير پئي ته متان
ماءُ کي وساري ڇڏيو اٿس. ٻيو وري آهي ڪچي ۽ پڪي
کاڌي تي تڪرار. پڪو يعني پوري، پڪوڙا يا تريل کاڌو
ٻئي وٽ کائجي. پر ڪچو يعني رڌل کاڌو ڪنهن کاڌو ته
ٿيو ڀرشٽ. جنهن زماني ۾ ماڻهو سوڍا لمليٽ پيا پين
۽ ٻيڙيون پيا ڇڪين تنهن ۾ ساڳيا ماڻهو ڪچي پڪي تي
ايترو تڪرار ڪن، اهو ته عجب آهي. پر آدمي آهن لڪير
جا فقير.
ڏيارام
لکي ٿو ته ڪانپور تي نالو پيو ڪامپ پور مان، جو
انگريزن اچي ڇانوڻي ڪري اهو ٽڪر وسايو هو. سندس
وقت ته منجهس 160000 آدم هو ۽ 20 هزار هئا مسلمان.
ڪانپور ۾ سنجن جي ڪارخاني ۽ بوٽن جي ڪارخاني
کانسواءِ وڏيون سرڪاري ۽ خانگي اٽي جون ملون هيون
۽ ڪيتريون ڪپهه جون ملون. پر سڀ کان مشهور هئي پشم
جي مل؛ هڪ جوٽ مل به هئي
ڪانپور ۾
مارواڙي رهاڪو ڏيارام ڏٺا. منجهس ڪي هئا چوراوائي
۽ ڪي لهٽيري. اهي هڪ ٻئي مان شادي ڪن ۽ ڪنوار خريد
ڪن. سٺ ورهين جو ٻڍو مارواڙي به ٻي هزارين 12
ورهين جي ڪنوار خريد ڪري سگهي. هڪڙي 47 ورهين جي
مارواڙيءَ 13 ورهين جي ڪنوار خريد ڪئي ۽ ٽن ورهين
کان پوءِ مري ويو ۽ وڌوا لاءِ ڏهه لک رپيا ڇڏي
ويو.
ڪانپور ۾
کتري، پوربي، پشچمي ۽ چار گهر، اڍائي گهر سڀ موجود
آهن. موڪلاوي جي رسم آهي. شاديءَ کان ٽي ورهيه
پوءِ ٿئي موڪلاوو. هتي زالون مردن جي چئي ۾ ايترو
نه آهن. بنا موڪل تيرٿن تي وڃن ۽ ناٽڪ ڪن ۽ ڏوئا
ته سخت ڏين.
تعليم
لاءِ هڪ سرڪاري هاءِ اسڪول ڇوڪرن لاءِ، هڪ مشن
ڪاليج ۽ هڪ پادرين جو اسڪول ڇوڪرين لاءِ آهن.
اخبارون ڪانپور گزيٽ ۽ ائڊورٽائيز. ڪانپور ۾
وئشيائون گهڻيون، ڇو جو ڇانوڻي وڏي. آريه سماج،
ڌرم سڀا ۽ برهمو سماج به آهن.
ڪانپور
کان پوءِ ڏيارام، هردوار ويو ۽ اُتي وڃي گنگانديءَ
جي ڪٿائن بابت جاچ ڪري لکيائين ته گنگا ۾ اِشنان
ڪرڻ سان آنند آيس ۽ گنگا ڪناري ويهي ڌيان لڳائڻ جو
مزو به ماڻيائين.
هن سفر
مان معلوم ٿيندو ته ڏيارام کوجنا جو ڪوڏيو هو. هر
هنڌ ڌرمي ۽ پنگتي کوجنا ٿي ڪيائين ۽ سنسار جي سفر
مان هميشه اهو سبق سکڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين ته ڪيئن
انسانن جا ڏکه ۽ دويش سمجهجن ۽ هٽائجن ۽ انهن کي
سک پهچائجي ۽ ايشورکي اوڏو ٿجي. سفر ته گهڻا ڪن پر
ڪنهن ڪنهن جو سفر سڦلو، جو اهڙيءَ سکيا درشٽيءَ
سان ڪيل هجي!
ساري
حياتي امانت سمجهي سفر مان به سکيا پرائڻ جو مطلب
هن اوچ آتما جو هو. شل اسين به سفر مان اهو ڦل
پراپت ڪريون.
باب اٺون
حيدرآباد
هندستان
جي سفر ڪندي ديوان ڏيارام، پنجاب پاسي ڪيترا
پراويڊنٽ فنڊ ڏٺا ته دل ۾ خيال آيس ته سنڌ ۾ غريبن
لاءِ اهڙو ڪو فنڊ ڪڍجي. انهيءَ ڪري 1894ع ۾ هن
حيدرآباد پراويڊنٽ فنڊ جاري ڪيو. اصل به ته سنڌ ۾
پاهت جو رواج هوندو هو؛ مٽ مائٽ، ساٿي سنگتي ڪجهه
نه ڪجهه پائي ويندا هئا. انهيءَ رواج کي قاعدي
موجب هلائڻ لاءِ پهريائين ڏيارام، موت فنڊ ڪڍيو.
300 کن ميمبر ٿيا. فنڊ هلائڻ لاءِ هڪ ڪلارڪ رکيو
ويو. سو وري اهڙو مليو جنهن دفتر ئي ساڙي ڇڏيا.
ٻيو ڪلارڪ رکيو ويو، جنهن وري ٻي بندوبستي ڪئي.
پوءِ نيٺ چڱو ماڻهو مليو. فنڊ کي ديوان ڏيارام ۽
سندس ڪي چند دوست هلائيندا هئا. جهڙوڪ ديوان
ڪؤڙومل، مسٽر ڪندنمل منگهرسنگه، راءِ بهادر
پرڀداس، مسٽر ڪنولسنگهه پوهومل، ديوان تاراچند،
ديوان بيلارام ۽ ٻيا. ديوان ڏيارام جڏهن وئڪيشن تي
ايندو هو تڏهن ميٽنگون ٿينديون هيون. ڪورم نه ٿئي
ته 15 منٽ ميٽنگه مهمل ڪري وري بنا ڪورم ئي کڻي
هلائيندا هئا. ڪي ورهيه ٿيا ته فنڊ وڃي وڏي اوج
رسيو هو.
سال
1932ع ۾ هيءَ سوسائٽي ويمي وارين ڪمپنين جي ائڪٽ
نمبر 6 سال 1912ع هيٺ هند سرڪار جي نظر هيٺ ڪم
ڪندي هئي ۽ کيس ٻن لکن رپين جي امانت رکڻ کان هند
سرڪار کان معافي مليل هئي. سوسائٽيءَ ۾ 31- مارچ
1931ع تي ميمبرن جو تعداد 67034؛ سال جي وصولي
9،66،507 رپيا؛ رزروڊ فنڊ 10،03،139؛ سمانتا فنڊ
75،969؛ ڪاروباري فند 86366 ۽ سال ۾ سهائتا ڏنل
7،06،143 هئي. ايترو واڌارو هن ڪم ڪيو هو.
گهڻن
فنڊن نڪرڻ ڪري ۽ ڪن اصولي غلطين ڪري ۽ قاعدي ۾
ڦيرڦار ڪري ٻين فنڊن وانگر هاڻي افسوس ته هي فنڊ
به سميٽجي ويو.
يونين
ائڪڊمي 28- آڪٽوبر 1888ع
ديوان
ڏيارام، يونين ائڪڊمي جاري ٿيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اها
ڳالهه هن طرح آهي:-
نومبر
1887ع ۾ ساڌو هيرانند، ڪراچيءَ مان اخبارن جي
ايڊيٽري ڇڏي ۽ ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد
آيو. اهو به مطلب هوس ته حيدرآباد جي برهمو مندر ۾
نئين حيات ڦوڪيان. ٻيو وڏو مطلب هوس ته اسڪول
ڪڍان. ديوان نولراءِ صاحب، هاءِ اسڪول ۾ اخلاق تي
وياکياڻ ڏيندو هو ۽ 1885ع ۾ پنهنجي ٿوريءَ گهڻيءَ
بچت مان ٽي انعام برپا ڪيا هئائين. پنج سوَ رپيا
گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي ۽ ٻه سؤ رپيا چرچ مشن
اسڪول کي ڏنا هئائين، ته انهن جي وياج مان ساليانو
انعام انهيءَ ڇوڪري کي ڏجي جو انگريزي ۾ پهريون
نمبر اچي ۽ 16 ورهين کان مٿي ۽ ڪنئارو هجي. اهو هو
شاگردن جو ڌيان برهمچريه ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ۽ دير
سان شاديون ڪرڻ لاءِ. باقي هڪ سؤ رپيا به هاءِ
اسڪول جي هيڊ ماستر کي ڏنائين ته انهن جي وياج مان
هر سال انعام انهيءَ ڇوڪر کي ڏنو وڃي، جو سڀ کان
سچيار سمجهيو وڃي. پر ٻن سالن جي تجربي کان پوءِ
هن محسوس ڪيو ته رڳو انعامن ڏيڻ مان ڪو سڌارو ڪونه
ٿيندو. هاءِ اسڪول ۾ ڌرمي سکيا ڏيڻ کان منع هئي ۽
خود اخلاقي سکيا به درسي ڪتابن کان ٻاهر نه ڏيڻ ۾
ايندي هئي. ٻيو ته سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ سنسڪرت
لاءِ خيال ڪونه هو ۽ هن سمجهيو ته جيستائين سنسڪرت
لاءِ وديا نه ڏبي تيستائين سنڌيءَ جو سڌارو به
مشڪل ٿيندو. انهيءَ ڪري ساڌو هيرانند هڪڙي اسڪول
ڪڍڻ جو پهه پچايو جتي سڌارن ڪرڻ لاءِ هن کي ڇوٽ
ڇڙواڳه ملي.
ساڌو
نولراءِ شونقيرام
ساڌو
هيرانند اسڪول کولڻ جو آرنڀ ڪيو ته ديوان نولراءِ
۽ ديوان ڏيارام پنهنجو ڌن هِن جي اڳيان رکيو. هنن
جو هيرانند ۾ پڪو وشواس هو ته هو سکيا دوران ۽ نيڪ
مثالن ۽ اوچن آدرشن سان ڇوڪرن کي ڏاڪو مٿي کڻندو.
اسڪول ۾ هن اخلاقي سکيا ۽ سنسڪرت ٻوليءَ تي مکيه
ڌيان ڏيڻ جو خيال ڪيو. هيرانند جڏهن ڪلڪتي ۾ هوندو
هو تڏهن ٻن جوان بينگالين سان پنهنجو نينهن هوس.
هڪڙو نند لعل سين- جنهنجو پريمين ۾ نالو هو ڀولو ۽
جو هاڪاري ڪيشب چندرسين جو ڀائٽيو هو ۽ ٻيو هو
ڀواني چرن بئنرجي، جنهنکي ڀواني ڪري ڪوٺيندا هئا.
ڀواني سنسڪرت جو ڪوڏيو هو ۽ ڀولو اخلاقي سکيا ۾
قابل هو. انهن ٻنهي کي پنهنجي ڪم لاءِ حيدرآباد ۾
گهرائي ورتائين. انهن ٽنهين پرشن جي ميلاپ ڪري
پنهنجي اسڪول کي يونين ايڪڊمي ڪوٺيائين. هنن ٽنهين
نوجوانن سان ديوان نولراءِ جو شش به شامل ٿيو، اهو
هو مسٽر (هاڻي راءِ بهادر) پرڀداس. هن جي انگريزي
انجنيرنگ کاتي ۾ نوڪري هئي ۽ مفت ۾ سڪول ۾ سکيا
ڏيڻ جو ڪم ڪندو هو. پهريائين ارادو هون ته جيڪب
صاحب سنڌ جو هاڪارو ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر صاحب
اسڪول کولڻ جو مهورت ڪري ته پوءِ ڪم يڪدم شروع ٿيڻ
گهرجي. انهيءَ طرح 28- آڪٽوبر 1888ع جي ايڪڊمي
کلي.
راءِ
بهادر پرڀداس جو چوڻ آهي ته يونين ايڪڊمي نالو
انهيءَ ڪري رکيو ويو جو اُن ۾ مشرق ۽ مغرب جو
ميلاپ هو، ڇو جو ٻه ڄڻا هئا مشرق جا يعني بنگال
جا، جو اوڀر ۾ آهي ۽ ٻه ڄڻا هئا مغرب جا يعني سنڌ
جا، جا اولهه ۾ آهي. ٻيو ته هن ۾ روحاني، دماغي ۽
جسماني تعليم جو ميلاپ هو. ٽيون انگريزي ۽ سنسڪرت
جو. چوٿون سڀني ڌرمن جو ميلاپ هو، جو برهمو سماج
جو متو آهي.
خير منڍ
کان ئي وٺي ٻئي سنڌي ساڌو هيرانند ۽ مسٽر پرڀداس
مفت ۾ پاڙهيندا هئا ۽ هو به مسٽر نند لعل سين ۽
بابو ڀواني چرن نرواهه ماتر خرچ وٺندا هئا، جو
ديوان ڏيارام ڀريندو هو. چئن ئي کي جدا جدا عهدا
هئا. ساڌو هيرانند هو پرنسيپال، مسٽر پرڀداس هو
مئنيجر، بابو ڀوانيچرن هو راندين مٿان ۽ نند لعل
سين هو سپرنٽينڊنٽ. انهيءَ کان اڳه ميشرس کيمچند ۽
پرمانند (جي پوءِ وڃي ڪرستان ٿيا) تن اولڊ پوسٽل
روڊ وٽ، ٽن درجن تائين هڪڙو اسڪول کوليو هو؛ تنهن
جا ڇوڪرا به ايڪڊميءَ ۾ ويا ۽ مسٽر پرمانند به
ايڪڊميءَ ۾ وڃي نوڪري ڪئي.
پهرين
اسڪول ايڪڊميءَ جو رومن ڪئٿلڪ چرچ جي سامهون، انهي
جاءِ ۾ هو جا هاڻي ديوان چانڊومل گوپالداس جي هٿ
آهي. ڪچي جاءِ هئي، بنگلي جي نموني ۾. انهيءَ ۾
بئنرجي ۽ نند لعل سين به رهندا هئا. پر ڇوڪرا وڌڻ
لڳا ۽ پوءِ اها جاءِ ڇڏي ٿورو پرڀرو ڪئنٽونمينٽ حد
۾، جت هاڻي نور بلڊنگس آهن، اتي اسڪول ڪڍيائين-
جاءِ وڌيڪ ڪشادي هئي. اُتي به ٻئي بنگالي رهندا
هئا. هيرانند کي به هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي هئي.
جئن رومن
ڪئٿلڪ ڌرم جي جيزوئٽ پادرين دنيا ۾ تعليم جي ڏاڍي
ترقي ڪئي آهي تئن هي به انهن وانگر رهندا هئا. ڇا
جو کاڌي جو خيال، ڇا جو ڪپڙن جو خيال، ڇا جو جاءِ
جو خيال!ساڳيو ڪمرو ٻٽو ڪم ڏيندو هو. ڏينهن جو
اسڪول ۽ رات جو بئنچ پاسيرا ڪري سمهڻ جي جاءِ ڪري
ڪتب آڻيندا هئا. خانگي وقت ۾ ڏسون ته جتي پيرن ۾
ٺهيئي ڪانه ۽ اسڪول ۾ اچن ته جوراب ڪونه پائين.
اهڙيءَ طرح سادگي ڪري، شاگردن کي به سادو ڪيائون ۽
سادگيءَ جو مزو ڏيکاريائون. اهو زمانو ڪن ماڻهن جي
خيال ۾ گويا ايڪڊمي جو سونو سمو هو. اسڪول جي
پٺئين پاسي اڱڻ هو، پر فرش ڪونه ٻڌل هوس. اتي
ڇڻڪار ٿي ويندا هئا ۽ ڊبيٽنگه سوسائٽيءَ جا
وياکياڻ اتي ٿيندا هئا. هڪ لڱا اتي راءِ صاحب
ديوان اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻيءَ ناستڪ متي تي
وياکياڻ ڏنو؛ وقت جو سڀاپتي ديوان ڏيارام هو.
ديوان اُڌارام جو چوڻ هو ته ڀڳوان آهي ئي ڪونه.
تنهن تي ديوان ڏيارام اچي پلٽيو. ٻه ٽي ڏينهن
سانده انهيءَ وشيه تي گيان چرچا ٿي. ماڻهن جا حشام
اچي مڙندا هئا. اهڙن وقتن تي بعضي رات جا 11 لڳي
ويندا هئا ۽ ماڻهن جي کچڻي به ٺري ويندي هئي، ته
به ڪنهن کي وياکياڻ ڇڏڻ تي دل نه ٿيندي هئي.
ڇوڪر ڪو
اسڪول جا پنج ڪلاڪ پڙهي ماسترن کان آجا ڪين ٿيندا
هئا. ماسترن جي نظر هردم انهن تي هئي، پر نه
سختيءَ جي، پر پتا ۽ ڀراتا سمان. ڏنگائيءَ کي ٽارو
به هو ته اشارو به هو. ماستر جيڪي چوي سو ڄڻ ڪلام.
انهيءَ ڳالهه هڪڙي مصيبت ايڪڊميءَ تي آندي. هڪڙي
ڇوڪر هوندي مل کي پيءُ لکيو ته هيرانند کي تو
پنهنجو ڀڳوان بنايو آهي. انهيءَ ڇوڪر جي پڦيءَ جو
مڙس هڪڙو هاڪارو ڪائونسل جو ميمبر هو. تنهن هن کان
پڇيو ته پرڻبين ڪڏهن؟ چيائينس ته مان هاڻي نه
پرڻبس، وڏو ٿي کٽي ڪمائي پوءِ. تن ڏينهن ۾ ننڍي
هوندي جي شاديءَ جو رواج هو ۽ مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ
شاگردن کي به هڪ ٻه ٻار هوندو هو. تنهن تي پڦڙ
ڪاوڙجي پڇيس ته اهو توکي ڪنهن چيو آهي. چيائين ته
منهنجي ماستر. تڏهن پڇيائينس ته جيڪڏهن پڻهي چويئي
پرڻج ته پرڻبين؟ چيائين ته نياز سان چوندوسانس ته
اهو ڪم ڪين ڪندس. تنهن تي ديوان کي ڪاوڙ لڳي ته
ايڪڊميءَ ۾ بي اَدبي ٿا سيکارين. اهو خيال مٿئين
صاحب ڪائونسل ۾ ويندي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن
سان ظاهر ڪيو؛ جنهن هيرانند کان ان بابت سبب پڇيا.
هيرانند کي پنهنجو ڪم ڪار حيدرآباد ۾ ڇڏي بمبئيءَ
ڊوڙڻو پيو: پر جيڪب صاحب ڳالهه کي کڻي ورتو:
لکيائين ته هيءُ اسڪول سڄي سنڌ ۾ سڀني کان سٺو
آهي.
نولراءَ
هيرانند ائڪڊمي حيدرآباد سنڌ
ساڌو
هيرانند ۽ ٻين بنگالين پنهنجي پيار ۽ قربانيءَ جي
ڪري، پنهنجي چوگرد چڱا ماستر ۽ چڱا شاگرد ڪٺا ڪيا
۽ اسڪول ويو وڌندو. سنه 1891ع ۾ چئٽفيلڊ ڊائريڪٽر
ٿي آيو. سرڪار جي اها نيتي ٿي ته سرڪاري اسڪول بند
ڪجن ۽ خانگي اسڪولن کي همٿائجي. احمد نگر جو اسڪول
هڪڙيءَ سوسائٽيءَ کي ڏنو ويو. حيدرآباد ۾ به
چاهيائون ٿي ته سرڪاري اسڪول بند ڪري ساڌو هيرانند
جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجي. ڪجهه وقت سڀني جو خيال ٿيو ته
ائين ڪجي، تنهنڪري ايڊيوڪيشن سوسائٽي به ٺاهي ويئي
۽ رجسٽر ڪرائي ويئي. ستن ڄڻن، جن سوسائٽيءَ جي
قاعدي تي صحيح ڪئي، سي هئا چار ايڪڊميءَ وارا ۽
ديوان ڏيارام، ديوان تارا چند ۽ ديوان نولراءِ.
شهر وارن کي اها ڳالهه قبول نه هئي. ديوان ميٺارام
جو خيال انهيءَ جي برخلاف هو. ڪيترا حيدرآبادي ته
خود برهمڻ جي به برخلاف هئا، جو سمجهائون ٿي ته
برهمو ڌرم آهي ڪرستاني ڌرم جو پهريون ڏاڪو؛
تنهنڪري ماڻهن جي مرضي ٿي ته ٻه اسڪول هجن ته چڱو.
پوءِ هڪڙي عام ميٽنگه ٿي ۽ ماڻهن سرڪاري رٿ جي
برخلاف ٺهراءُ ڪيو؛ تنهنڪري ايڪڊميءَ وارن هاءِ
اسڪول ڪين کنيو. مسٽر چئٽفيلڊ البت ڏوراپو ڏنو، پر
ساڌو هيرانند چيو ته شهر جي برخلاف ڪم ڪرڻ چڱو نه
آهي.
جيڪب
صاحب به البت ناراض ٿيو. هاءِ اسڪول جي جاءِ پوري
نه هئي. هن سمجهيو ٿي ته سوسائٽي وڌندي ته ماڻهن
جي مدد ملندي. سا ڳالهه ته پوري ٿي ڪانه؛ تنهن تي
جيڪب صاحب لنگهي آيو ديوان ميٺارام صاحب جي اوطاق
تي. چيائينس ته هاءِ اسڪول جي جاءِ سوڙهي آهي؛
ايگزئمنيشن هال گهرجي؛ جنهن تي اٽڪل 12000 رپيا
لڳندا؛ جي اوهين مهرباني ڪري 6000 ڏيو ته اڌ سرڪار
کان وٺي اوهان جي نالي تي هال ٺهرائجي. آخر هال
ٺهرايو ويو ته 12000 بدران 15000 لڳا. انهن جو اڌ
سرڪار ڏنو، باقي اڌ ديوان ميٺارام پاڻ ۽ دوستن کان
ڪٺو ڪري ڏنو، جنهن مان اهو هال ٺهيو، جنهن تي سندس
نالو پيل آهي. ديوان ميٺارام اهو به شرط وڌو ته
پئنچات جون ۽ ٻيون ميٽنگون به انهيءَ هال ۾
ٿينديون ته روڪ ڪانه ڪندؤ. اهو شرط جيڪب صاحب قبول
ڪيو. انهيءَ شرط ڪري هڪ ٻه ڀيرا جڏهن سرڪار اسڪول
بند ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، تڏهن به انهيءَ هال جي
اٽڪ ڪري بند نه ڪري سگهيا هئا. هاڻي انهيءَ ساڳئي
اسڪول ۾ مدرسو آهي. |