راءِ بهادر ديوان ڪؤڙومل چندنمل
ائين نه رڳو ڪراچيءَ سان وڙ ڪيو اٿن، پر حيدرآباد
سان به ڀال ڀلايو اٿن. حيدرآباد جي سنڌ نيشنل
ڪاليج کي ديوان ميٺارام جي ڌر مائو ٽرسٽ مان،
ديوان شيرومل، جو ان وقت ٽرسٽي هو تنهن هڪ لک
100000 رپئي جي مدد ڏني. انهيءَ مدد ملڻ کان پوءِ
يونيورسٽيءَ اهو ڪاليج منظور ڪيو، نه ته منظوري
ملڻ ناممڪن هئي. اهو حيدرآباد وارو ڪاليج اڄ تائين
سندن مدد سان پيو تڳي. ويجهڙائيءَ ۾ ديوان ڏيارام
جي يادگار لاءِ ڪيترا پئسا ديوان تاراچند ۽ ڪن ٻين
صاحبن ڪوشش ڪري ڪٺا ڪيا هئا، سي سمورا هن ڪاليج کي
ڏنا ويا؛ ۽ هاڻ انهيءَ ڪاليج جو نالو پڻ بدلائي
ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج رکيو اٿن.
انهيءَ طرح ڪاليج ۽ هاسٽل جو سلسلو هلندو اچي.
ديوان ڏيارام جو مقصد ته –گيان يگيه ٿيندو رهي، سو
پورو ٿيندو ٿو اچي.
جاگيردارن جو رڪارڊ
15- مئي سنه 1885ع کان وٺي اپريل سنه 1886ع تائين
ڏيارام کي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جو عهدو ڏيئي هڪڙي خاص ڪم
تي رکيو ويو.
اهو خاص ڪم هو جاگيردارن جو رڪارڊ ٺاهڻ. ڪمشنر
صاحب ڄاتو ٿي ته ديوان ڏيارام جهڙو هوشيار ڪو ورلي
لڀندو جو جاگيردارن جو رڪارڊ چڱيءَ طرح ٺاهي سگهي،
تنهنڪري هڪ سال لاءِ اهو ڪم خاص طرح کيس
سونپيائين. هي نئون ڪم مليس ته ديوان ڏيارام اول
انگريزن جي ڍلن جي سرشتي (روينيو سسٽم) چڱيءَ طرح
سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ جو ته سائي سلي ڪوڏيو
هو، پر هينئر اَڪبر بادشاهه ۽ ميرن جي ڍلن جي
سرشتي جو ڀليءَ ڀت اڀياس ڪري پوءِ هڪ وڏو ڪتاب
تيار ڪيائين جو جاگيردارن جي تاريخ
History of Land Alienation in Sind
جي نالي سان مشهور آهي.
ڪراچي جي سنگين ٻاري
هيءُ هڪ تمام اعتبار جوڳو ۽ عمدو لکيل ڪتاب آهي،
جنهنجي ساراهه وڏن وڏن ودوانن ۽ عملدارن ڪئي آهي.
ڪمشنر صاحب به هن ڪم سبب سندس تعريف ڪئي آهي.
ديوان ڏيارام جو ڏاڏو منشي مينگهراج جاگيرات جو
منشي هو، تنهنڪري ڪمشنر صاحب ديوان ڏيارام کي چيو
ته اوهان جي ڏاڏي جاگيردارن جي تاريخ ميرن جي
ڏينهن ۾ شروع ڪئي ۽ اوهان سندس پوٽي اُها تاريخ
انگريزن جي صاحبيءَ ۾ اچي پوري ڪئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ چؤياري
ديوان ڏيارام جن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ هو، تن ڏينهن ۾
پاڻ سان چڱيون آتمائون گڏ ڪيائين. راءِ بهادر
ديوان ڪڙومل. ساڌو هيرانند، مسٽر گپتا، ديوان
تاراچند ۽ ديوان ميٺارام اهي سڀ اچي پاڻ ۾ گڏيا يا
عالمن جي ڄڻ ته جهومر لڳي ويئي. سندن انهيءَ وقت
جو فوٽو موجود آهي جو سامهون ڏسڻ ۾ ايندو. اُنهن
ڏينهن ۾ ديوان هيرانند کيم سنگه به ساڻن ڪٺو وڃي
رهيو. هن صاحب جو چوڻ آهي ته سارو ڏينهن ديوان
ڏيارام ڪم ۾ مشغول رهندو هو، صبوح جو اشنان پاڻي
ڪري، پوٿي پنو پڙهي ڪجهه وقت ايشور جو ڌيان ڌريندو
هو ۽ پوءِ افلاطون جي گفتن ويچار ۽ بحث ڪرڻ يا
پنگتي سڌاري ۽ وديا جي واڌاري ۽ سنڌ جي بهبوديءَ
تي ويچار ۽ بحث ۽ رٿن ڪرڻ ۾ گذاريندو هو.
سنڌ سڌار ۽ فينڪس ۾ جيڪي ليکه پوندا هئا تن بابت
بحث مباحثا پاڻ ۾ ڪندا هئا. اُتي سنڌ ڪاليج جي
برپا ڪرڻ جا ويچار ۽ رٿون، ملڪي سڌاري جون
ڳالهيون، مطلب ته هر پرڪار جي چرچا هلندي هئي. 11
کان 4 تائين، سو هر ڪو ڌار ڌار پنهنجي پنهنجي ڪم
تي هليو ويندو هو؛ نه ته باقي سارو وقت اهو روحاني
چهچٽو لڳو ئي پيو هوندو هو.
ديوان صاحب ڪراچيءَ ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ،
ميونسپالٽي، خالقڏني هال لئبرريءَ جو پريزيڊنٽ 7
ورهين تائين هو ۽ ڪوڙهين جي آشرم جو چيئرمين هو.
باب پنجون
اَحمد آباد
سرڪاري عملدارن جي تاريخ مان خبر ٿي پوي ته هيءُ
ست پرش هيٺين هنڌن تي، هيٺين وقتن تي نوڪريءَ تي
رهيو:-
1- اَحمد آباد
1- 8- جون سنه 1887ع کان 25 مئي سنه 1889ع تائين.
2- 21- اپريل سنه 1892ع کان 6 جنوري سنه 1894ع
تائين.
3- 30- سپٽمبر سنه 1907ع کان رٽائر ٿيڻ تائين.
اَٽڪل 8 ورهيه- ٽي دفعا.
2- شڪارپور ۾
1- 26- جولاءِ سنه 1889ع کان 21 اپريل سنه 1892ع
تائين
2- 1- مارچ سنه 1894ع کان سپٽمبر سنه 1900ع تائين
ٻه دفعا.
3- ڍوليا ۾
1- 2- نومبر سنه 1900ع کان 1 مارچ سنه 1903ع تائين
2- 22- نومبر سنه 1904ع کان 24 نومبر سنه 1905ع
تائين
ٻه دفعا.
4- سورت ۾
24- نومبر سنه 1905ع کان 30- سيپٽمبر سنه 1907ع
تائين هڪ دفع ڏيارام جي گجراتين سان چڱي محبت هئي.
ساڻس گڏ نرسنگهه لال ديوٽيا به سول سروس ۾ چونڊيو
ويو هو، تنهن جي ڪٽنب سان منڍ کان ئي چڱي پريت
هيس. سول سروس وارن کي پنهنجي مادري زبان کانسواءِ
هڪ ٻي به ڏيهي ٻولي سکڻي پوندي هئي، ڏيارام اُها
ٻي ٻولي جا سکي سا گجراتي هئي.
ڏيارام کي ٻولين سکڻ جو ڏاڍو شوق هو. جڏهن سائنس
سکڻ جو اُتساهه منجهس جاڳيو، تڏهن سمجهائين ته
فرينچ ٻولي ڪارائتي ٿيندي. عيساين جي انجيل پڙهڻ
جو چاهه ٿيس ته هڪڙو وڏو بائيبل خريد ڪيائين.
آڪسفورڊ ايڊيشن ۽ اُنجو ترجمو فرينچ بائيبل ٻئي گڏ
رکي پڙهائين ۽ ڏٺائين ته فرينچ ۽ انگريزي ٻولين ۾
تمام ٿورو تفاوت آهي. آهي به ائين جو اهي ٻئي
ٻوليون ساڳئي بڻ مان پئدا ٿيون آهن.
گجراتي ۽ سنسڪرت
ديوان ڏيارام گجراتي ٻولي تڏهن سکيو جڏهن سندس
بدلي اَحمدآباد ۾ ٿي، جو سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندو ملڪ
چئبو. اُتي هنکي هڪڙو شاستري هٿ لڳو؛ جنهن کان هن
گجراتي ۽ سنسڪرت سکڻ شروع ڪئي. هيءُ شاستري کيس
رات جو واندڪائيءَ جي وقت ۾ سنسڪرت ۾ مهاڀارت پڙهي
گجراتيءَ ۾ سمجهائيندو هو. ڏيارام کي خبر هئي ته
سنسڪرت گرامر اؤکو آهي، تنهنڪري انهيءَ تي گهڻو
مٿو ڪونه ماريائين. گرامر جون رڳو ضروري ڳالهيون
سکي سنسڪرت جو ويو اڀياس ڪندو. سگهوئي گيتا جي
ترجمي ڪرڻ جو خيال ٿيس. گيتا سنسڪرت ۾ سڄي ڪنٺ هيس
۽ اُنجو پاٺ ڪندو هو.
اَحمدآباد کان پوءِ وري جڏهن شڪارپور ۾ آيو تڏهن
اُتي جي مشر ولبداس مهراج کان گيتا جو اَکري توڙي
اندروني ارٿ سکندو رهيو. وري ٻيو ڀيرو جڏهن
احمدآباد ۾ 1892ع کان 1894ع تائين بدلي ٿيس تڏهن
اهو اڀياس پورو ڪري، سال 1893ع جي اپريل مهيني ۾
سري ڀڳوت گيتا جو سار ۽ ٽيڪا، سانکيه ۽ يوگه جي
بيان سميت سنڌيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين.
ڏيارام جو ننڍي هوندي کان سنڪلپ ٿيل هو، ته هڪڙو
ڪتاب لکي پتا کي ۽ هڪڙو ماتا کي ارپڻ ڪندس. پڻس
سنسڪرت جو وڏو ودوان هو ۽ برهمن کي سنسڪرت
پاڙهيندو هو، تنهنڪري سري گيتاجيءَ جو پستڪ سنڌيءَ
۾ شرڌا ۽ پريم سان پنهنجي پتا کي ارپڻ ڪيائين.
پنهنجي پتا جي سنسڪرت ٻوليءَ لاءِ شوق جي
يادگيريءَ ۾ ۽ سندس سنسڪرت سيکارڻ جي ڪم جاري رکڻ
لاءِ گدومل سنسڪرت پاٺشالا جاري ڪيل آهي، جتي سندس
پتا جي نالي اهو گيان يگيه اڃا تائين پيو هلي.
هيرانند يونين ائڪڊمي نڪتي، ته اُتي به سنسڪرت
ٻوليءَ کي زور وٺائڻ لاءِ، ڏيارام، سنسڪرت پنڊت جي
پگهار جو سمورو خرچ هڪ سؤ روپيا درماهو پاڻ تي
هموار ڪيو.
گرمکي
جيئن سري گيتاجيءَ جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي، پنهنجي
پتا کي ارپڻ ڪيائين؛ تيئن جپ صاحب جو سنڌيءَ ۾ ارٿ
لکي اهو پستڪ پنهنجي ماتا کي ارپڻ ڪيائين.
ننڍي هوندي، پنهنجي ماتا کي امبرت ويلي جپ صاحب جو
پاٺ ڪندو ٻڌندو هو، ۽ پنهنجي پتا کي به هر روز
ٻائي گرپت صاحب جي ٽڪاڻي ۾ ويندو ڏسندو هو، جتي هو
وڃي گرو گرنٿ صاحب جو پاٺ ڪندو هو. وري جڏهن ٺارو
شيخ جو معاملو ٿيو ۽ منشي گدومل صاحب دليل ڏيڻ لڳو
ته گرنٿ صاحب ۾ اهڙي ڪم کان منع ڪانهي، تڏهن
ڏيارام جو خيال ٿيو ته گرنٿ صاحب پڙهان ۽ پنهنجي
سر ڏسان ته انهيءَ ڳالهه بابت گرنٿ صاحب ڇا ٿو
چوي. اهڙي طرح هن کي گرمکي پڙهڻ جو چاهه ٿيو؛ ۽ جپ
صاحب سنڌيءَ ۾ لکي راس ڪيائين.
عربي
ڏيارام کي جدا جدا ٻولين سکڻ جو ايترو ته شوق هو،
جو ويهينءَ صديءَ جي اَوائل ۾ هو عربي سکڻ لڳو.
عربي به ايتري سکيو جو هڪڙو عربي ڪتاب به ”گمنام“
لکي پڌرو ڪيائين. سندس خيال هو ته ترجمان زيڪ جي
ڀرت جي پُٺِ وانگر آهن، جتي پَٽَ جا ڌاڳا فقط
ايترو ڏيکارين ٿا ته گل ڪيئن آهي، يعني سندس خاڪو
۽ ڊول ڏيکارين ٿا، جنهن ۾ گل جي قسم ۽ ڀرت جي
نموني جي فقط خبر پوي ٿي، پر چمڪ ۽ چلڪو، ٻهڪو ۽
نظارو، سونهن ۽ سوڀيا گل جي، سا زيڪ ۽ مقيس جي
سبتي پاسي مان خبر پئجي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح ڌرمي
ڪتابن جا ترجما اسانکي رڳو مطلب ٻڌائين ٿا، پر
سوڀيا ۽ ميٺاج آهي اصلوڪين ٻولين ۾، جن ۾ پيغمبرن
اهي پيغام ڏنا آهن. تنهنڪري هو عربي ٻولي سکيو ته
قرآن پيغمبر صاحب جي چيل ٻوليءَ ۾ سمجهي سگهي.
هبريو ۽ آرمينين
امانيوئيل
(Emmanuel)
صاحب جو ساڻس ائڊيشنل جج هو، سو هو يهودي. هو
هبريو ۽ آرمينين ٻولين ۾ قابل هو. جڏهن هو
حيدرآباد جو جج ٿي آيو ته ڏيارام به ساڻس گڏجڻ
ويو. ڏيارام جو گڏجڻ رڳو مزاج پرسي ڪونه هوندو هو.
هو ته گيان چرچا ۽ وديا چرچا ڪندو هو، سو
امانيوئيل صاحب سان به يهودين جي ساهتيه ۽ ڌرم
بابت ئي ڳالهه ٻولهه ٿي. جڏهن اُتان موٽيو، تڏهن
اچي پنهنجي ڀائٽئي ديوان شيرومل کي چيائين ته دل
هيم ته تون به مونسان گڏ هجين ها ته خبر پويئي ها
ته هي سويليئن جيڪي ولايت مان اچن ٿا، سي ڪهڙا نه
هوشيار ماڻهو آهن. اِمانيوئيل صاحب مونکي کارايو
سو ڪونه هو، پر مانسڪ ڀوڄن ته مونکي خوب ڏنائين.
ڪرستان پادري اسان تي کلندا آهن ته هندن جو ڌرم
ڄمڻ کان مرڻ تائين رڳو ڪريا ڪرم آهي؛ پر اڄ مونکي
اِمانيوئيل صاحب ٻڌايو آهي ته يهودين جي جيوت به
هندوري ۾ ڄمڻ کان وٺي قبر تائين ۽ قبر کان پوءِ به
ڪريا ڪرمن ۽ ڌارمڪ سنسڪارن سان ڳتيل آهي؛ ۽ مان
سمجهي سگهان ٿو ته ڇو اڃا ڪيترا انگريز به موسائي
آهن، ۽ ڪرستان نٿا ٿين. پراڻي عهدنامي
(Old Testament)
۾ ڏاڍيون خوبيون آهن، جي انگريزي ترجمي مان اسين
ڏسي نٿا سگهون. جنهن ٻوليءَ ۾ حضرت موسيٰ ۽ حضرت
ابراهيم اهي خدائي قانون ڏنا آهن، سا ٻولي پڙهي
ڏسڻ گهرجي. وري به ساڳيو انجيل ۽ هبريو ۽ آرمينين
ترجما به ڳولي هٿ ڪيائين، ۽ اُنهن اصلوڪن ٻولين جي
به مدد ورتائين.
ڏيارام جو چوڻ هو ته اسڪولن ۾ ته اسان کي اهو خيال
هو ته رومن ڪئَٿلڪ اَلاجي ڇو نه ٿا پنهنجا ڪتاب ۽
پنهنجون پرارٿنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪرائين، پر اصلوڪي لاتيني ٻوليءَ ۾ ٿا چون. پر
ڏيارام چيو ته هاڻ مونکي تعجب نٿو لڳي. هاڻ مان
سمجهي سگهان ٿو ته انهيءَ ۾ وڏو مطلب رکيل آهي.
مثال طور، پنهنجي ڀائٽئي کي چئي ٻڌايائين ته ڏس
فارسيءَ ۾ چيل گفتي جو سنڌي ترجمي ۾ ڪيترو نه فرق
ٿيو پوي. جيئن ته:
’بدين درگاه چون حافظ را ميرانند، ميرانند‘
مطلب:- هن درگاه ۾ ڇاڪاڻ ته مير آهن،تنهنڪري حافظ
کي ڪڍي ٿا ڇڏين. اصل ۽ ترجمي جي سونهن جي وچ ۾
ڪيڏو نه فرق.
يا وري- ’زندگي بي بندگي شرمندگي است‘- جو کڻي
ترجمو ڪجي، ته عبادت کان سواءِ حياتي هلائڻ ئي لڄ
جهڙي آهي، ته اصل جي سونهن جي ڪا ترجمي ۾ خبر پوي
ٿي؟
مطلب ته انهن سببن ڪري، ڏيارام کي ٻولين سکڻ جو
شوق ٿيندو هو ته ڌرمي ڪتاب، اصلوڪين ٻولين ۾ پڙهي
۽ اُنهن جي سونهن ۽ نزاڪت به ماڻي سگهي.
اَحمدآباد ۾ ڏيارام اهڙو ته هردلعزيز ٿي رهيو جو
سڀڪو کيس ڀائي ڏيارام جي ڪري سڏيندو هو. سندس سادي
رهڻي ۽ اوچ اڀياس گجراتين کي وڻي ويا؛ ويتر جو ڪي
ڏاڍا ڪهنا ڪيس، جي سالن کان گهلبا پي آيا، سي
چڱيءَ طرح ۽ پوريءَ سمجهه سان فيصل ڪيا، تنهن
ڳالهه ته هيڪاري هنجو پرجا ۾ مان وڌايو. گجرات ۾
کيس مها ودوان ۽ ڌرماتما ڪري. سمجهندا هئا. اڄ به
سندس عزت عام ۽ خاص ۾ گهڻي آهي. |