سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ويرن جي وسندي

صفحو :9

”پر اھو سچ آھي.“

”شل ھجي. کڻي مڃون ٿا. پر اڳتي ھلي توھان به ٻين جيان ٿي ويندوُ. قومي انتظاميه جو فوجي ۽ چور نه ھجي؟ اھو ته سوچي ئي نٿو سگهجي!“

چئني ماڻھن شرم وچان ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو.

ان درميان مينھن جي رفتار ٻيڻي ٿي چڪي ھئي. ٻاھر ٻاٽ ڪارنھن ھئي. ٻڍڙي ڪجھه مٿاھين آواز سان چيو، ”ڏاڍو مينھن پيو پئي. رات ٿي آھي ڇا؟“

”ھائو چاچا.؟

”ٽم، پٽ، بتي ته ٻار.“

ڇوڪري رڌڻي ۾ باھه مچائي رھي ھئي. ھوءَ ٻاھر آئي، ۽ مڇيءَ جي تيل جو ھڪ ڏيئو ٻاري صندل تي رکي واپس رڌڻي ڏانھن پليٽون کڻڻ وئي. ٿانون جي کڙڪي تي ٻڍڙي ھمراھن کان پڇيو، ”ماني کاڌي اٿوَ؟“

”ھائو، چاچا.“

”نه کاڌي اٿو ته ھت کائو. مان ڇوڪريءَ کي چوان ٿو ته توھان لاءِ وڌيڪ چانور تيار ڪري وٺي.“

”مھرباني، چاچا. اسان سچي پچي کائي آيا آھيون.“

ڪراڙو اٿي بيٺو پنھنجي چٻي چيلھه تي ھڪ ٻه ٺپڪيون ھڻي. وڌي اچي بانس جي صندل تي ويٺو. ٽم ھن آڏو چانورن جي جمني آڻي رکي ۽ چاپ اسٽڪس (کائڻ جون تيليون) جو جوڙو ھٿ ۾ ڏنو.

ھن تيلين سان چانورن کي گهمايو ۽ پوءِ فوجين ڏانھن منھن ڪيو، ”ته فوجي ٿيڻ کان اڳ ۾ توھان ھاري ھيئو؟“

”ھائو، سائين،“ ڪارپول ڪُو جواب ڏنو.

”گهر رھي آبادي ڇو نه ٿي ڪيو “

سوال کين منجھائي وڌو. ھن ڪاٺين سان چانور کڻي وات ۾ وجھڻ شروع ڪيا. ٽم شوروي مان مڇيءَ جو ڳترو ڪڍي باقي ناني جي چانورن تي وڌو. ھن خاص ناني لاءِ شوروو تيار ڪيو ھو. کيس شوروو نه وڻندو ھو. ھوءَ رڳو مڇي کائيندي ھئي. نانو ڏھٽي ماني کائي رھيا ھئا ته ھڪ فوجي اٿي ڀِت ۾ لڙڪيل يڪتاري طرف ويو. ھن کي ڇھيو ته منجھانئس مڌر سر نڪتو.”ڪھڙو نه مٺو سُر آھي!“ ڪراڙو ڳائڻو ماٺ ۾ ماني کائيندو رھيو. آخر ھن جون بي نور اکيون ساز ڏانھن کڄيون جو اڃا ڌنوين رھيو ھو. گنڀير آواز ۾ ھن چيو، ”وڄائي ڄاڻين ته وڄائينس. جي نه ايندو اٿئي ته ھروڀرو خراب نه ڪرينس.“

فوجيءَ موڪل جو فائدو ورتو، ڀِت تان ساز کڻي ھو دروازي وٽ آيو. ھو اڍنگا سر ڪڍڻ لڳو، ڪڏھن ننڍا ته ڪڏھن ڊگها. ٻاھرطوفان وڌي رھيو ھو، ماني پوري ڪري ڪراڙو ھيٺ لھي تڏي تي ٿي ويٺو ۽ ڏند کوٽڻيءَ سان ڏند صاف ڪرڻ لڳو. ھن جو سڄو خيال وسندڙ مينھن طرف ھو ۽ نه ڪي يڪتاري جي بي ڊولن سُرن ڏانھن. آخرفوجي پاڻ ئي وڄائي وڄائي تنگ ٿيو.

”چاچا، چوندا آھن ته توھان ڏاڍو سٺو وڄائيندا آھيو،“ھن چيو ، ”اسان کي نه ٻڌائيندوُ؟“

ھو ڇرڪ ڀري ڄڻ خوابن جي دنيا مان موٽي آيو. خالي اکين سان گهوريندي ھن چيو، ”ڇا؟....... مان وڄائي ٻڌايان؟“

”ھائو، چاچا. شروع ڪيوس.“ ڪارپول ڪُو چيو.

ڪو وقت ٽوڊان خاموش رھيو. ”مان ته اُداسيءَ جون ڌنيون وڄائيندو آھيان!“

”نه. اسان کي خبر آ ته توھان شاھه يڪتاري نواز آھيو. وڄايو، چاچا! ۽ ھي ننڍڙي نينگري ان تي راڳ ڳائيندي. اڃا مينھن پئي رھيو آھي. گهڻو وقت ترسڻو پوندو، ڪجھه ته وقت ڪٽجي.“

”مان ڪوڙ نٿو ڳالھايان. منھنجي حياتي ڏکن ڏولاون واري حياتي آھي، ان ڪري منھنجي فن تي به ان جو اثر پيو آھي. ماڻھن کي منھنجو واڄو اداس ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ لڳندو آھي.“

ان انڪار جي باوجود ڪارپول ڪُو فوجيءَ کان يڪتارو کسي ٻڍڙي کي ھٿ ۾ ڏنو. ڪرڻ جي ڀوُ کان ڪراڙي تڪڙ ۾ ان کي قابو پڪڙي ورتو. ان تي پيار سان ھٿ گهمائي، چپن مان ڪجھه آواز ڪڍي، ھن چيو، ”ان رات به ڪيترائي سپاھي آيا ۽ يڪتاري وڄائڻ جي گهُر ڪيائون. جيئن ته ھو به توھان وانگر زور ڀري رھيا ھئا سو سندن مرضي رکڻي پئي. يڪدم منھنجو گهر ماڻھن سان سٿجي ويو. چوڪين تي بيٺل سنتري به پھرا ڇڏي واڄو ٻڌڻ آيا ھئا. پر ليفٽينيٽ اچي ڪاوڙ ۾ چٽو ۽ وائي بتائي بڪڻ لڳو. ھن سپاھين کي ته ڀڄائي ڪڍيو ۽ مون کي پڪڙي چيو، ”اڙي ٻڍا بدمعاش! اڄ کان وٺي خبردار جو راڳ رستي منھنجي سپاھين کي کارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي، سمجھيئي؟“

مون کيس ورندي ڏني، ”سائين! منھنجو ته ڪو ڏوھه ڪونھي. مان ته انڪار ڪيو پر ھنن زوري ڳارايو.“

ليفٽينيٽ مون کي دڙڪو ڏنو، ”اڄ کان پوءِ تون راڳ نه ڪندين، جي ڪيئي ته ساز ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو مانءِ“ ۽ مون کيس وچن ڏنو، ”دلجاءِ ڪريو. توھان جي سپاھين لاءِ وري ڪڏھن نه ڳائيندس.“

پنھنجي ڪٿا پوري ڪري ٻڍڙي پاٻوھه سان يڪتاري تي ھٿ ڦيريو، ڄڻ ان جو اڃا تائين صحيح سلامت ھئڻ ھڪ معجزو ھو.

”پر ھاڻي ڊڄڻ جي ڪا ضرورت نه آھي، چاچا. ليفٽينيٽ ٻه ڏينھن اڳ مري ويو.“

”مون به ٻڌو آ. شايد غار جي منھن تي اچي وٺ ڪيائونس ائين نه؟“

”ھائو.غار جي سامھون.“

”۽ ان جي جاءِ تي آيل؟ اھو به يڪتاري ڀڃڻ جي موڊ ۾ آھي ڇا؟“

ھنن ھِن جي ان سوال جي طنز سمجھي ورتي. ”بلڪل نه، چاچا. ان جي جاءِ تي آيل ليفٽينيٽ ان پاسي ڌيان ئي نه ڏيندو آھي.“

”اڇا. جي ائين آ ته پوءِ مان توھان لاءِ وڄائيندس.“ ھن يڪتاري جي تار کي تاڻي سرٺاھڻ شروع ڪيو. سر تار ملائي ھن ڏھٽيءَ کي سڏ ڪيو. ٽم! باسَڻ مانڃي ورتئي؟“

”ھائو. نانا، پورا ڪيا اٿم.“

”چڱو پٽ، ھٿ ڌوئي ھيڏانھن ھلي اچ. اچين ٿي نه؟“ ھن آڱرين تي ننڍڙا بانس جا ڇلا چاڙھيا ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. چارئي ھمراه سري ھن کي ويجھو ٿي ويٺا.

ڪجھه منٽن کان پوءِ ٽم رڌڻي مان ٻاھر نڪري آئي، سندس پيرن جي آواز ٻڌڻ تي ڪراڙي آڱر سان کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيو، ”ھتي ويھه پٽ! ھنن جوانن لاءِ نام آئي ڳاءِ. مان ساز تي ساٿ ٿو ڏيانءِ.“

ڇوڪريءَ جي منھن تي ناراضگيءَ جا اھڃاڻ چٽا ڏيکارجي رھيا ھئا. ھن پنھنجا لڙڪندڙ وار ڇڪي ڇڪي سيني تي آندا، ۽ وٽ کائيندي چيو، ”نه، مان ڪونه ڳائينديس!“

ڪراڙو کِليو ۽ مھمانن کي چيائين، ”ڏسو نه ھيءَ اڃا ڪڪڙ وڃائڻ تي ڪاوڙيل آھي.“ پوءِ مٺي آواز سان ڇوڪريءَ کي سمجھائڻ لڳو، ”ڳاءِ، پٽ، ڳاءِ. ھي ماڻھو ڪالھه وارن جھڙا نه آھن. ھي اسان وانگر ئي غريب ماڻھو آھن،“

ڪجھه چوڻ ڌاران ٽم ناني جي ڪلھي تان ٽوال لاھي ھٿ اگهي وري موٽائي اتي رکيو. ڏيئي جي ٽم ٽم ڪندڙ جھڪي روشنيءَ ۾  ننڍڙي ٽم اکيون ڦوٽاري ھيٺ تڏي ڏانھن گهوريو. رکي رکي ھن چوگرد ويٺل فوجين ڏانھن به پئي نھاريو. سندس اکين مان لڳي رھيو ھو ته سندس مَٺيان ڪي قدر ماٺي ٿي ھئي _ جيتوڻيڪ چمڙيءَ تي ماتا جا نشان ھيس تڏھن به مورت وڻندڙ ۽ دلڪش ھئي.

ٻڍڙي ڳائڻي کي پڪ ھئي ته سندس ڏھٽي ھاڻي ضرور ڳائيندي. سو ھن کٻي ھٿ ۾ يڪتاري جي ڳني جھلي ۽ سڄي ھٿ جي آڱرين جي چرپر سان پتل جي تار لرزش ۾ اچي وئي، ۽ سڏڪن جھڙي ھڪ تان شروع ٿي. سُر کڄندو رھيو. ٻڌندڙن مينھن ۽ ڀتين تي ڪرندڙ پاڇولن ڏانھن تڪيو. ھن ھڪ ھٿ سان ناني جي رنگ ڦٽل گڊيءَ کي جھليو. سُر ماحول ۾ پکڙجندو رھيو ۽ رسيلو ٿي ويو. ٽم ڳايو:

شاھي فرمان توکي اعزازن لاءِ پڪاري رھيو آھي ..........

۽ مان ھتي اجائي ويٺي تنھنجي خبر جو انتظار ڪريان،

مان نديءَ مٿان اڪيلي مينا جيان، پاڻ وڃائي،

جادو ڀريا تيز ۽ چڀندڙ گيت پئي آلاپيان.

منھنجو پيار ماٺو پيو ٿيندو وڃي

منھنجا گلابي گل، انتظار ۾ پيلا پيا ٿيندا وڃن،

۽ مٽي ڪرندي ٿي رھي، ڪرندي ٿي رھي،

اسان جي پيار جي آکيري تي.

ست سال ڪسمپرسيءَ ۾ گهاريل ٻڍڙي جي سرساز ۽ ننڍڙي نينگر جي آواز جي ميلاپ عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.سڀ سراپجي ويا ھئا.

گهڻو پري جھنڊا ڦڙڪن پيا،

گهڻو پري نقارا وڄن پيا.

ڇا اھو شاھي فرمان آھي،

جو منھنجي مڙس کي سڏي رھيو آھي؟

او، دور سرحدن تي وڙھندڙ منھنجا پيارا

توکي سَڌ آھي ته مون سان ڪھڙي ويڌن ۽ پيڙا آھي؟

ٽم جو آواز وڌيڪ تيز ٿي ويو.

جڏھن کان تون جنگ تي ويو آھين

مان تنھنجي سُڌسماءَ لاءِ ترسندي رھي آھيان،

جيئن مڇي انتظار ڪندي آھي

تارن جي روشنيءَ جو .............

تارننڍڙي ۽ اڪيلي نه رھي ھئي. اھا ڄڻ يڪتاري مان نڪري ابد تائين لامحدود ٿي چڪي ھئي. ڪوبه چئي نه پئي سگهيو ته ڪراڙي سٺو وڄايو يا خراب. سُر اداس ڪندڙ ھئا يا سُرھائي ڏيندڙ! ساز ۽ آواز اندر کي پڪڙ ڪري، وٽ کارائي رھيا ھئا. ھرڪو پنھنجي زال ۽ ٻارن لاءِ سوچڻ تي مجبورٿي ويو . راڳ سندن دل ۾ ديس لاءِ محبت جو جذبو موجزن ڪري ڇڏيو. ڳوٺ جا نظارا سندن اکين اڳيان تري آيا. اھي زمينون ۽ مڪان سندن اکين آڏو اچي ويا جتي سندن ابا ڏاڏا رھيا ھئا.

فوجين ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا.

مينھن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. يڪتارو نراسائي ۽ وڇوڙي جا آخري سڏڪا ڀري ماٺ ٿي ويو. ڪاري رات ۾ ڪرندڙ ڦڙن تي ٽمڪندڙ روشنيءَ جو عڪس پئجي رھيو ھو.

 

باب ڇھون

(1)

مينھن ڙي! مينھن! پاڻي پيو اچي!“

خبر وڄ جيان غار جي ھڪ ڪنڊ مان ٻيءَ ڪنڊ تائين پکڙجي وئي. ٽام ۽ بَي پنھنجن بسترن تي اٿي ويٺا ۽ ٻرندڙن موم  بتين ڏانھن تڪڻ لڳا. ھنن ماڻھن کي رڙيون ڪندو ٻڌو ته ڏارن مان پاڻي اندر اچي رھيو ھو. نام نھو موم بتي جھلي بيٺي ھئي ۽ ڪوين ان جي روشنيءَ تي ٽمندڙ پاڻي مٽين ۾ ڀري رھي ھئي. ٻاھران وڻندڙ ٽپ ٽپ جو آواز اچي رھيو ھو. مينھن تڪڙو لٿو ته ٽمڻ بجاءِ ڏارن مان پاڻي ناليون ڪري وھڻ لڳو ۽ صاف به اچڻ لڳو. ڪوين مٽيءَ تان ڌيان نه ھٽايو. مٽي ڳوري ٿي ته ڪوين نھاريو. اڃا اھا اڌ ڀري ھئي. ”ٺھيو اُڃ ته ختم ٿي .“ ھن چيو.

زمين تي ڇونه ٿي رکينس؟ جھلي ڇو بيٺي آھين؟“ نام نھو تجويز ڏني.

ڪوين مٽي پٽ تي رکي ۽ پاڻيءَ کي تڪڻ لڳي. جو ھينئر جٿان ڪٿان وھي رھيو ھو. ”اڄ اسان بنا تڪليف جي ٻه سوڀون ماڻيون آھن. پھريون دونھاٽي ڪڍڻ واري سازش جي ناڪامي ۽ ٻيو ھي مينھن! ٻاھر ته اصلي ٻوڏ ھوندي.“

”بلڪل.“

آسمان اسان تي مھربان آھي. ڳڻتيون ختم ٿيون. چانور به آھن ته پاڻي به جھجھو ٿي پيو. ھاڻي ڏسون ته ڪيئن ٿا اسان کي ھتان ڪڍن!“

”مردن کي ڀوُ آھي ته ڊائنامائيٽ نه استعمال ڪن.“

”ان مان به ڪجھه نه ھڙ حاصل ٿيندن. اسان رڳو غار۾ اندر تي پٺڀرو سري اينداسين ۽ ڌماڪي کان پوءِ وري وڌي اينداسين، ائين ئي ٿيندو جيئن ان ڏينھن ھٿ بمن سان ٿيوھو.“

مَٽِي ڀرجي ڪنن مان وھڻ لڳي. نام نھو موم بتي پٿرتي چنبڙائي رکي ۽ پلاسٽڪ جي وڏي چادر کولي ٻنھي ان کي چئن ئي ڪنڊن کان وٺي جھليو ۽ ڪرندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو.جھٽ ۾ اھا به ڀرجي وئي. ڪنڊون ٻڌي ڪوين نام نھو کي ٻين مٽين ۽ ٿانون آڻڻ لاءِ چيو . ھوءَ جھٽ کان پوءِ خالي ھٿين موٽي ۽ چيو سڀ ڀريل آهن. مردن ماٺ ڪري مينهن ڪونه پئي ڏٺو.“ ڪوين ”گوڏن تي ھٿ رکي ويھي پاڻي زيان ٿيندو ڏسڻ لڳي. آخر ھن ڪنڌ مٿي ڪري وات ڦاڙي ڪرندڙ پاڻي پيئڻ شروع ڪيو. پيٽ ڀري ھن چپ اگهيا ۽ نام نھو کي چيو، ”ھاڻي تون پيءُ.“

نام نھو جلدي سان حڪم جي پوئواري ڪئي.

”تون اتي ترس ته مان ٻين کي سڏي اچان.“

پاڻيءَ جي نار ھيٺان نام نھو اڪيلي ويٺي رھي. ھو ته سڄي ڀڄي ڌوپي وئي. پاڻي سندس مٿي ۽ بُت تي ڪري رھيو ھو ۽ ڪپڙا سندس سرير کي چھُٽي پيا ھئا. ڪوين موٽي آئي.”تو ته تڙ ڪري ورتو؟ سٺو خيال آ مان به. سڀ ٿانوَ ۽ ماڻھو رٻيا پيا آھن.“

نام نھو اٿي بيٺي. پنھنجو مٿو ھڪ دفعو وري ڪرندڙ پاڻيءَ ھيٺان جھليائين، ۽ پوءِ ھٽي وئي. ڪوين به نار ھيٺان ويٺي، وارن مان بلڪل ڪڍي ڏندن ۾ جھليائين. پاڻي سندس مٿي تان ٿي منھن کي ڌوئي بت تي ڪرڻ لڳو. سندس چھرو موم بتيءَ جي روشنيءَ تي چمڪڻ لڳو. سندس آلي ڪاري پوشاڪ بت کي چھٽي پئي. ھن پوري ريت وھنجي بس ڪئي ته پاڻي به جھڪو ٿيڻ شروع ٿيو.

”مينھن بند پيو ٿئي.“ نام نھو چيو، ”ھل ته ھلي لٽا مٽايون.“ ھوءَ ھلي وئي پر ڪوين اڃا پويون ڀيرو منھن مھٽڻ لاءِ ترسي پئي. پوءِ ھو به موم بتي کڻي سمھڻ واري جڳھه ڏانھن وئي. ھن نگان کي ٿئي جي ڀرسان ليٽيل ڏٺو. ٿئي جو مٿو نگان جي ٻانھن تي ھو. ”نگان! اھي ريشمي ڪپڙا ته کڻي ڏي!“ ”وھنجي آئين ڇا؟ ٿڌ ته نه ھئي؟“

”ھئي، پر وڻندڙ.“

نگان ڪپڙا کڻي پنھنجي مڱينديءَ کي ڏنا. ”جلدي مٽائي وٺ! ڏس متان ٿڌ نه لڳي وڃئي.“ ڪوين ماٺ ۾ ڪپڙا مٽائي ورتا. ھن آلا ڪپڙا نپوڙي، ڇنڊي ٽڪر تي وائکي ڪري سڪڻ لاءِ وڌا. نگان جي ڀرسان ھن ڇپ تي چڙھي ھن ڄنگھون ڊگهيري وار ڇنڊڻ ۽ سڪائڻ شروع ڪيا. نگان به ٻانھن خلاصي ڪرائي اٿي ويٺو. ھن ڪوين کان ڦڻي وٺي، سندس ڪلھا ڦيري، وارن کي ان سان ڇڏائڻ شروع ڪيو. ڇوڪري ماٺ ڪيو ويٺي رھي ۽ پٿر تي پوندڙ پاڇن کي تڪڻ لڳي. ٻيو ھينئر ڪو موقعو ھجي ھا ته جيڪر ھوءَ شرارت وچان مرڪي ھا. پر ھينئر سندس چپ بند ھئا. نگان سندس وار ائين ڇڏائڻ ۽ سينڌڻ لڳو، جيئن ننڍي ڀيڻ جا ڇڏائيندو ھو. ھو به ماٺ ھو. سئو جي موت کان پوءِ ھو مڱينديءَ جو خاص خيال رکڻ لڳوھو، ۽ ھو سڪ ۽ پيار سان کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. سئو کان ڪوين جو ڏک ۽ غم ھٽائڻ وارو ھوئي وڃي رھيو ھو. گذريل رات به پھري کان موٽي ھو سندس ڀرسان اچي ليٽيو ھو ۽ تيستائين سندس ڪلھي ته ٿپڪيون ھڻندو رھيو ھو، جيسين کيس ننڊ نه آئي ھئي. ان بعد ھو وري موٽي وڃي ساٿين سان مليو ھو.

۽ ھاڻي ھو سندس وارن کي ڦڻي ڏيئي رھيو ھو. وار جي آلا ھئا پر ٿڌا نه، گرم ھئا پرنرميءَ سبب ”۽ تنھنجو بڪل؟“

ڪوين ماٺ ۾ کيس بڪل ڏنو. ھن بڪل وجھي پورو ڪيو ته ڪوين ڏانھن منھن ڪيو. منھن سندس سيني ۾ پوري ھوءَ ھوريان ھوريان روئڻ لڳي. سندس ڪلھا لُڏي رھيا ھئا. نگان ڪا جھٽ ھن کي ائين روئڻ ڏنو. پوءِ چيو، ”بس، وڌيڪ نه رو، مٺي! چيو جو مانءِ ته .......“

”سئو جو سوچي دل ئي ڇڄيو ٿي پيم. ھوءَ ته اڻ ٿڪ ٿي مڙس جو انتظار ڪندي رھي. ھاڻي ھنن لاءِ باقي ڇا رھيو آھي؟ اڄ صبح جو مون کي اھو خط نظر آيو جو ھن کيسي ۾ رکي ڇڏيو ھو. سوچ ته ........ اھو خط سانءَ وٽان تازو تازو آيو ھوس ۽ سندس پڇا ڳاڇا جو پھريون جواب. ھن جواب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر رڳو چند لفظ لکي سگهي ھئي، ”منھنجا پيارا، ھينئر ھينئر تنھنجو خط مليو ...... بس!“

نگان، سانءَ متعلق سوچڻ لڳو. ان حادثي جي خبر پيس ته مٿس ڇا وھندو واپرندو؟ ملڪ جي ھن بد نصيب ورھاڱي ڪيترين ئي عورتن کي جھنم جي باھه ۾ ڌڪي ڇڏيوآھي. سالن جا سال مسلسل پرک ۽ آزمائش ! منڍ ۾ ته ڪا ايڏي وڏي ڳالھه ڪانه ٿي لڳي، پر ٽين سال حالت سخت خراب ھئي. پر نگان ھزارھا عورتن کي ان مصيبت ۽ آزمائش مان پار پوندو ڏٺو ھو. سختين ۽ وقت کين ڪراڙو ڪري ڇڏيو ھو، پر ھو اڃا به جِي رھيون ھيون. جي ڪي ھلي چڪيو ھيون انھن مان نگان گهڻين کي سڃاڻيندو ھو، پر سئو سڀني ۾ وڌيڪ ھمت ۽ جرات واري ھئي. ھو ست سالن تائين مقابلو ڪندي آئي ھئي، ۽ ھمت جو مظاھرو ڪري حياتي وڃايائين.

”سندس موت، بھادريءَ جو موت ھو، ڪوين!“

”پر، ان ڪري ساڻس ھمدردي ڪرڻ ته ختم ڪري نٿي سگهان .“

”مان پڻ ...... ھر ڪو. پر تون، تو لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏکي ٿيڻ سڀاويڪ آھي. اڄ روئي وٺ، مٺڙي، پر سڀاڻي .........“

”سڀاڻي پاڻ تي وس رکنديس.“

”ٺيڪ آ، دشمن آڏو اسان کي پنھنجا ڳوڙھا اگهي ڇڏڻ گهرجن. چٽي اک رکجي ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪجي.“

”ڀوُ اٿم ته ٿئي کي سئو جي موت جي خبر نه پئجي وڃي.“

”دير يا مدير خبر ته اوس پونديس. پر اھو چڱو ٿيندو جو دشمن جي جُلھه کان پوءِ پتو پويس.“

ڪوين ماٺ ٿي وئي، بي خبريءَ ۾ نگان جي ڪلھي کي ڇھندي رھي. پوءِ ھن اوچتو ئي گفتگو جو موضوع، علحديءَ لھجي سان مٽايو، ”تون! تون مون کي ڇنڀڻ بند نه ڪندين!“

”نه، ائين ته ناھي!“

”ھا! ائين آھي. اجھو اڃا ھينئر مون کي ڇنڀئي.“

نگان کلڻ لڳو. ”ڇو جو تون ماءُ جي ننڍي ۽ سڪيلڌي ھيئنءَ ان ڪري ھُن توکي کاري ٻُھر ڪري ڇڏيو آھي. نه ته مان ته توکي ڪڏھن به اھڙي ڳالھه نه چئي آھي. ڇنڀڻ ته پري رھيو پر ڪڏھن ڪنھن ڪم بابت پڇيو به ڪونه اٿي مانءِ.“

”اھو ته تون چئين ٿو، پر مون کي خبر آ ته تون ......“

کلندي نگان چيو، ”چڱو! وڃي سمھي پوُ. سڀاڻي دشمن وري حملو ڪندو. ھفتو ته ٿي ويو آھي.“

”ان کان به وڌيڪ ٿو لڳي.“

”ان ڪري جو روز سخت انتظار ٿو ڪرڻو پوي، ۽ انتظار جون گهڙيون ڊگهيون ئي لڳنديون آھن.“

”نه، ان ڪري نه. پران ڪري جو انھن ستن ڏينھن ۾ گهڻو ڪجھه ٿي چڪو آھي.“

”اھو به صحيح آھي. ۽ اھو ته رڳو ست ڏينھن آھي. سوچ ته سھي ، گذريل ستن سالن ۾ ڏکڻ سان ڪھڙيون ڪھڙيون ويڌنون ٿيون آھن! قربانيون، نفرت، بھادري ........“

”مان ته ھڪ به رات سمھي نه سگهي آھيان.“

”چڱو، ھاڻي ننڊ ڪري وٺ. مان ھمراھن ڏانھن ھلان ٿو. مينھن به بس ٿي چڪو ھوندو.“

ڪوين ڪنائڻ لڳو. کيس ڏارن مان پاڻي ڪرڻ جو يا ٽم ٽم جوآواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. جيئن ئي موم بتي آخري ڦڙڪو کائي اجھامي ته نگان به ھن کان چمي وٺي ٻاھرطرف ھليوويو.

جھٽ پوءِ اوت ڪوين وٽ آيو. ”ننڊ آھين ڇا، ادي؟“

”نه، اوت“ ھوءَ اٿي ويٺي ۽ ھٿ ڏئي ڇوڪري کي مٿي ڇپ تي چڙھڻ ۾ مدد ڪيائين. سندس ھٿ ٿڌا ھئا ۽ ڪپڙا ۽ وار آلا.

”تون نه وھتينءَ ڇا؟“ اوت پڇيو.

”ھائو.“

”خبر ٻڌئي؟ ڪنھن زام جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. ڳوٺ ۾ !“

ڪوين ڳيت ڏني.”توکي ڪيئن خبر پئي؟“ ھن کانئس پڇيو.

”ڪامي ٻڌايو. ھينئر ھينئر ڪجھه چانور کڻي آئي. توکي خبر ڪانھي ڇا؟“

”ڪامي، ڪٿي آ؟“

”ھينئر ھينئر موٽي وئي ....... ھوءَ آئي ته مينھن پالوٽ ڪري وسي رھيو ھو. ھن ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن زام ۽ سندس اردليءَ کي ماري ڇڏيو آھي. ھن جي ماءُ ڀڄي وئي آھي. ۽ پوءِ ڪامي بي تحاشا روئڻ لڳي. خبر ناھي ته ڇو. منھنجي خيال ۾ ته فوجين ساڻس ڪجھه ڪيو آھي.“

”تو ڪامي کي ڏٺو؟“

”پڪ ئي پڪ. مان اتي ھيس ....... مينھن وسندي، ھنن ڪنھن کي سڏيندي ٻڌو، ’ڀائرو، مان ڪامي آھيان، ڪامي!‘ مان به تڏھن ٻين سان ٻاھرويس. ڪامي ڪجھه سامان اندر پڄايو ۽ پاڻ سان ٿيل ويڌن ٻڌائي اچي روئڻ ۾ ڇٽي. جڏھن ھوءَ موٽي ته وڄ ٿي ۽ مون ڏي ڏٺو ته سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل ھئا.“ اوت تڪڙو تڪڙو ڳالھه ڪري ويو ۽ ضد ڪرڻ لڳو ته ھو سڀ سچ چئي رھيو ھو. پوءِ ھن ڪوين جو ھٿ پڪڙيو ۽ چيو، ”آءُ، ڀلا، جي پت نه ٿي ڪرين ته .......“

ڪوين ڇپ تان لھي ڇوڪري جي ڪڍ لڳي، ھوءَ ھائي ٿيپ ڏانھن ڊوڙي. ”ڪامي آئي ھئي ڇا؟“

”ھائو، کاڌو ۽ تماڪ آندو ھئائين، ڏاڍو سٺو ٿيو جو زام جو ڪنڌ لاھي وڌائون!“

”سچي؟ مون اوت تي اعتبار نه ڪيو.“

”اھو سچ آھي. ۽ بيگم ڪازوئي گم ٿي وئي آھي.“

”ھوءَ اسان جي گهر مياڻيءَ ۾ ھوندي.“ اوت وچ ۾ چيو.

”اھو ڪيئن ٿو چئين؟“

”اھو لڪڻ لاءِ سٺي جڳھه آھي. ان ڪري ٿو چوان. ھوءَ اتي ٺيڪ آھي ۽ ھو کيس اصل نه ڳولي سگهندا.“ اوت چوندو رھيو. ھائي ٿيپ ڪوين ڏانھن مڙيو. ”ويچاري، ڪامي! سون ورني دل اٿس، ڪوين! جڏھن آئي ته مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته سبب ٻڌائي پر رڳو ايترو چيائين، ’نه،ھائي چاچا! جڏھن سڀ ٻاھر آيوُ ته ٻڌائيندي مانوَ.‘ پوءِ ھوءَ موٽي وئي.سندس سڀ ڪپڙا ڦاٽل ھئا.“

”ھائي الله!“ ڪامي سان ٿيل ويڌن جو سوچي ھو ڏڪي وئي. ھوءَ پنھنجون آڱريون ڇڪيندي رھي. ھن جي اڳيان ڪاميءَ جو مظلوم ۽ آلين اکين وارو چھرو تري آيو. ڪوين کي ھن جو کلندڙ ۽ ٻھڪندڙ چِلولو چھرو ياد اچي ويو. ڪيئن ھو ٻئي گڏ کيڄ وجھنديون ۽ چمڪنديون نديءَ تي وينديون ھيون، ھوءَ ڳائيندي ھئي ”شھزادي دئيت“ وارو ڳيت. ھر شام جو گهڙو نديءَ ڪناري رکي ھوءَ ڪوين جا ھٿ پڪڙي جھمر وجھندي ھئي. لحظي ۾ ڪوين آڏو سڄي ساري ڪامي ڦري وئي، زنده دل ، خوش مزاج، وفادار ۽ پاڻ ارپيندڙ! ڪھڙي نه پيار ۽ پڪ سان ھوءَ ڪوين جي ڳٽي تان چميون وٺندي ھئي!

ڪوين دل جي گهراين سان فوجين ھٿان لوٿاڙيل ڪاميءَ جو درد ۽ دک محسوس ڪيو. پر ان ھوندي به ھوءَ ان تي ويساھه ڪرڻ کان ھٻڪندي رھي. ”نه،“ ھن ھائي ٿيپ کي چيو، ”ڪھڙي خبر ائين نه ھجي، پڪ ته ڪانھي.“ ايتري ڪجھه جي باوجود به ڪا شڪ جي گنجائش ھئي!

(2)

ٻئي ڏينھن آسمان بلڪل صاف ٿي بيٺو ھو. مينھن سان ڌوپي وڻن جا پن به چھچ ساوا ٿي پيا ھئا. ڪنھن به حملي جا آثار نظر نه پئي آيا _ ھڪ پراڻي طنبيلي ۾ ويٺا، ڪارپول ڪُو ۽ سندس ٽي ساٿي اُڻ تُڻ وچان وقت ڪٽي رھيا ھئا. اھو طنبيلو ھنن لاءِ ڪئمپ جو ڪم ڏئي رھيو ھو. ھنن خواھش پئي ڪئي ته بااُو سان ملڻ جي مھل تائين سڀ خير جي گذري ۽ ڪوبه واقعو نه ٿئي. پر بدنصيبي سان شام جو ڪُو کي ليفٽينيٽ سڏرائي ورتو.

”پنھنجو ٽولو وٺي آءُ، ۽ اچي ڪمپنيءَ ۾ شامل ٿيءُ!“

ڪُو پاڻ تي وس رکي ڏڪڻ ۽ ٿڙڪڻ کي روڪيو. ھن ساھه بند ڪري ليفٽينيٽ جو حڪم ٻڌو . ”اڄ رات جو ويٽ ڪانگن لاءِ ۽ ڳوٺاڻن لاءِ فلم شو ٿيندو. تون ان جي انتظام ۾ مدد ڪرائيندين.“

”ڏاڍو سٺو، ليفٽينيٽ.“ ڪارپول سامت جو ساھه کنيو.”ھاڻي اجازت آ، سائين؟“

”ھا!“

ڪُو سوچيو، ”وري رولو پئجي ويو! ھاڻي ڀاڄ لاءِ ڪيئن نڪري سگهنداسين؟“ طنبيلي ۾ پھچي ھن ساٿين کي حڪم ٻڌايو ۽ ھڪ کي ڪجھه پرڀرو وٺي چيو، ”ھاڻي جو ھاڻي مادام بااُو ڏي وڃ ۽ ٻڌائينس ته اسان ڏاڍو رڌل آھيون. چئينس ته اھوڪم ستين اٺين تائين ترسائي. اتان سڌو ئي اچي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا ٿي چوي.“

جڏھن محافظن جي ڪمپني جي وائيس _ ڪمانڊر، ڪُو کي پنھنجي ٽولي سميت آيل ڏٺو ته پڇيو، ”پڙدي وغيره ھڻڻ ۾ توھان مدد ڪندوُ؟“

”هائو، سائين.“

”ٺيڪ آ، منهنجي ڪڍ اچو.“

هو سڀ ڀر واري هڪ باغيچي طرف ويا جت اڳ ئي ڪئي عورتون، ٻڍا۽ ٻار فوجين جي پهري هيٺ اچي گڏ ٿيا هئا. انهن ۾ اُوت جو پيءُ توراوُ به هو. جنهن کي شهر مان ان مهل گهلي آندو ويو هو جڏهن هو اتي مڇي وڪڻڻ آيو هو. هو ڏاڍو ڪاوڙيل هو ۽ ڀڻ ڀڻ ۾ گارگند ڏئي رهيو هو. پويان منهنجي ٻارن ۽ مڇين جي سار سنڀال ڪير لهيندو ؟ ڀلا منهنجو هن بيڪار مقصد سان ڪهڙو واسطو آهي!“

”اسان توکي سڀڪجهه ڏينداسين ! ان ڪري بڪ نه ڪر جوهڪ ڏينهن مڇي نه ماري سگهندين. امير ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏ، بدمعاش ! ڇا اهو تنهنجي مفاد ۾ نه آهي ته اسين ويٽ ڪانگن سان وڙهي رهيا آهيون؟“

”مان بک مري ويندس!“ هن ڌيرج سان چيو.

سيڪنڊ ليفٽينيٽ ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو . هن ان نٺر ڏانهن نُهن کان چوٽيءَ تائين نهاريو. ”هيڏي ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

”توَ.“

”توَ ڇا؟“

”بس توَ!“

عملدار مڪ سان مٿس اُلر ڪئي، پر هو ساڻپ ۽ چستيءَ سان  گسائي ويو. عورتون ليفٽينيٽ جي چوڌاري ڦري آيون.”ڇا ٿو ڪرين؟ ايڏو ظلم؟ هن توکي پنهنجو نالو ٻڌايو، پوءِ ڌڪ ڇو ٿو هڻينس؟“

هڪ ٻڍڙو وچ ۾ پيو، ”سائين توهان ڀلا آهيو. هي توَ جي نالي سان سڏبو آهي. پر اسين کيس توراوُ به سڏيندا آهيون ڇو جو کيس ڏاڙهي آهي.“ (راوُ ويٽنامي زبان ۾ ڏاڙهي کي  چئبو آهي).

پر عورتن احتجاج جاري رکيو، ”اسان نه هلنديوسين. اسان توهان جو حڪم نه مڃينديوسين.“

پر توراوُ وچ ۾ پئجي معاملو ٽاري ڇڏيو.” چڱو ادي هاڻي گذريءَ کي درگذر ڪريو.“

سيڪنڊ ليٽينيٽ وٽان لنگهندي هن مڌر آواز ۾ چيو، ”ڀاڳ ڀلا ٿي جو ويٽنامي ٿي پيو آهين. جي يانڪي هجين ها ته ڪنڌ ڀڃي وجهانءِ ها!“

گنگ ٿي عملدار ھن ڏاڙھيءَ واري جانٺي کي ڏسندو رھيو. ھن جو وات بند ھو ۽ ڀرسان ماٺ ۾ ھلندو رھيو. عورتن به توراوُ جي راءِ رکي وڌيڪ گوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ھنن مان ھر ڪنھن کي لڪڙي، ڪارائي، چاقو يا ڪھاڙي کڻائي وئي ۽ کين غار جي سامھون نيو ويو،جتي فوجين کي کانئن پردي ھڻڻ لاءِ لڪڙن جي گهوڙي ٺھرائڻي ھئي، جتان غار جي اندر وارن کي به فلم نظر اچي سگهي. جنھن وقت ڪارپول ڪو ماڻھن کي کڏن کوٽڻ ۽ لڪڙن کوڙڻ ۾ مدد ڪري رھيو ھو، ان وقت ھو مٿي غار طرف به نھاريندو رھيو ۽ دل ۾  چوندو رھيو  ”باقي ڪي ڪلاڪ آھن ۽ پوءِ آزادي زنده باد.“ ھن دل ئي دل ۾ مادام بااُو جو ٿورو مڃيو جنھن کيس چوائي موڪليو ھو ته ھو رات جو دير تائين به سندن انتظار ڪندي ڇاڪاڻ ته اھو ڪم ٻئي ڏينھن تي رکڻ جھڙو نه ھو.

ڪافي تڪليف کان پوءِ سنجھاٽاڻي گهوڙي کوڙي تيار ڪئي وئي، رات پئي ته ڪارپول ڪُو ۽ سندس ساٿي به طنبيلي ڏانھن موٽي آيا. ھنن تڪڙ ۾ ماني کاڌي، پنھنجون رائفلون کنيون، ۽ خاموشيءَ سان اتان نڪري پيا. پر سي لي جي چوسول تي ھنن کي ڪابه پَھَرَ نظر نه آئي.

”ڪاڏي وئي؟“

”تو خيال سان ٻڌو ۽ سمجھيو ھو ته ھن ڇا چيو ھو؟“ پر پوءِ ستت ئي رستي جي ٻئي پاسي کان ڄاتل سڃاتل آواز اُڀريو.”پھچي ويا آھيو نه ، دوستو؟“ اھا مادام بااُو ھئي. پر ظاھرٿيڻ کان ڪي پل اڳ ھوءَ ڪنھن جھڳٽي جي پويان لڪي بيٺي رھي .”اجھو مان اچي ويس، توھين به سڀ آھيو نه؟“

”ھائو.“

”پنھنجون رائفلون ۽ گولو بارود سڀ مون کي ڏيو.“

چئني ماڻھن يڪدم پوئواري ڪئي. بااو ھڪ ھٿ ۾ ٻه ٻه رائفلون کڻي موٽي جھڳٽي طرف وئي ۽ اتان موٽندي رائفلن جي بجاءِ، ناريل جي پنن ۾ ٻڌل کاڌي جا چار بنڊل کڻي آئي.”توھان جو کاڌو. چانور ۽ ڪڪڙ اٿو.“

ماڻھو سندس شڪر گذار ٿيا. مادام بااُو اڳيان  ھلڻ لڳي ۽ ھو سندس پٺيان. ھو وچٿري رفتار ھلي رھيا ھئا. چوسول کان ڪو ٻه اڍائي سوُ وال پري ھوءَ سارين جي پوک ۾ لڙي. ميدان ۾ اچڻ سان ئي ھن ڳوٺ ۾  ميگافون جون رڙيون ٻڌيون. ”اھو ڇاھي؟“ ھوءَ بيھي رھي.

”ماڻھن کي فلم ڏسڻ لاءِ ڪٺو ڪري رھيا آھن.“

خاطري ڪري بااُو اڳتي وڌي. ھنن اڳيان واھه رانگ ندي گوڙ شور سان سمنڊ ۾ ڪري رھي ھئي. مادام ھنن کي سڌو ڪناري ڏانھن وٺي ھلي. اتي بيھي بااُو ٽي دفعا تاڙي وڄائي. ٻئي پاسي کان ڪي شڪليون ظاھر ٿيون، جي چوٽين مان عورتن لڳي رھيون ھيون.

”تون آھين ڇا، بااُو؟“ آواز آيو.

”ھائو.“

”جھاڳي اچو! پاڻي ھن مھل تراکڙو آھي“

مادام بااُو ھمراھن ڏانھن ڦري. ”مان ھتان موڪلائينديس، منھنجو ڪم پورو ٿيو.“ ھن ڪا شيءِ ڪارپول ڪُو کي ھٿ ۾ ڏيندي چيو. ”اسان توھان لاءِ چندو ڪيو ھو. ھي 300 پياسٽر اٿي. سفر ۾ ڪم ايندوُ.“ ڪُو پنھنجو ھٿ ڇڪي ورتو پر عورت زوريءَ اھي سندس ھٿ ۾ ڏنا ۽ چيو، ”توھان کي دڳ ۾ ان جي ضرورت پوندي اسان دلي خوشيءَ سان اھو ڪجھه توھان جي نذر ڪيو آھي.“

ڪُو جاپير زمين ۾ کپي ويا. ھو بااُو جي اڳيان بت بڻيو بيٺو رھيو. ٻين ھمراھن ھن نيڪ عورت کي الله واھي چيو، پنھنجا بوٽ لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ لھي پيا. ڪُو به ٿورا مڃي موڪلايو. ٻئي پاسي کان آواز آيو، ”پنھنجون ورديون لاھي ڇڏيو، رڳو گنجي ۽ ڪڇي ۾ اچو. ورديون گپ ۾ پوري ڇڏيو. ھت توھان لاءِ ٻيا ڪپڙا تيار آھن.“

ھمراھن ڪپڙا لاٿا، اھي ويڙھيا، ۽ پوري سگهه مان ڪناري جي ڪيچڙ ۾ پوري ڇڏيا، ۽ پوءِ جھاڳي ٻئي طرف ھليا. اڌ اوندھ ۾ مادام بااُو ھنن کي ٻئي ڪناري تي چڙھندو ڏٺو .سندس مھم ڪامياب وئي ھئي. سندس دل اُڌما کائي رھي رھي.”چار ٻيا به ھمراھ جيتي ورتاسين!“ ھوءَ تڏھن ئي موٽڻ لاءِ مڙي جڏھن چارئي ھمراھه نون رھبرن سان گڏ سندس نظرن کان اوجھل ٿي ويا.

ڳوٺڙي جي ڀرسان پھتي ته چون چون جا آواز ٻڌائين. ڄڻ ڪنھن ماکيءَ جي ماناري کي ڇيڙيو ھجي. سپاھي ٻاڪاري رھيا ھئا. اڳتي وڌڻ کان اڳ ھوءَ جھٽ ترسي. چوسول وٽ ھڪ سپاھيءَ اوچتو اچي کيس ٻانھن کان جھليو ۽ سوڀ جي رڙ ڪئي، ”ٻي به، مان پڪڙي آ!“

ڊڄي مادام بااُو سپاھيءَ کي ڌڪو ڏئي جند ڇڏائي ڀڄڻ واري ھئي جو ٻيو سپاھي به مٿان اچي ڪڙڪيو ۽ لعنتون ڪرڻ لڳو، ”ڪُتيون ڪنھن جاءِ جون! فلم ڏسڻ لاءِ به کين ڪڪڙين وانگر ڊوڙائڻو ۽ ورائڻو ٿو پوي!“

بيگم بااُو جو ڀوُ ڀڄي پيو، وٽ کائي ھن پڪڙ کان پاڻ ڇڏايائين، ”ڇڏ مون کي! اھو ڪھڙو طريقو آ؟ مان پاڻ ئي ھلان ٿي .“ سپاھيءَ سندس ٻانھن کي ڇڏي ڏنو ۽ چيو، ”تون ھل يا نه ھل منھنجو ڇا؟“ مون کي ان جي عيوض ۾ ڪجھه ڪونه ملندو. رڳو ڪمانڊر جو حڪم ٿو پورو ڪرڻو پوي.“

”ھائو، ھلو. ڪھڙي فلم آ، ۽ ڪٿي؟“

”ڇا ٿي چئين؟ سانجھي لاڪون سمھي پئي ھئينءِ ڇا؟ ھو ڏھه ٻارنھن دفعا ميگافون تي اعلان ڪري چڪا آھن. آمريڪي فلم، غار جي سامھون، سمجھيئي؟“

رستي تي کين ڳوٺڙي مان آندل ٻيو ھڪ ماڻھن جو ٽولو به مليو. جڏھن غار جي سامھون پھتا ته کليل ميدان ماڻھن سان ڀرجي چڪو ھو. لڪڙي تي ٻڌل لائوڊ اسپيڪر تي ماڻھن کي گوڙ نه ڪرڻ ۽ ماٺ ڪرڻ جون ھدايتون ڏئي رھيا ھئا. پر ھو نھايت وڏي آواز سان ڳالھائي ۽ چري پري رھياھئا. سانھه، نفسياتي کاتي جي سيڪنڊ ليفٽينيٽ جو آواز اتساھه سان ڀريل ھو. پنھنجي خيال ۽ رٿ جي تڪميل ٿيندو ڏسي ھو ٽانءِ ۾ ڀرجي ويو ھو. جنريٽر چالو ٿي چڪو ھو. پردو لٽڪايو ويو ھو، ۽ ڪافي تماشبين ڪٺا ڪيا ويا ھئا.

گوڙ گھمسان جي باوجود ھن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نھايت ئي گنڀر ۽ سخت لھجي ۾ ھن ماڻھن کي خطاب ڪيو. ”پيارا وطن دوستو، اڄ مان فخر سان اوھان آڏو حيرت ۽ لرزش ۾ وجھندڙ فلم پيش ڪري رھيو آھيان جا اعلي اختياريءَ وٽان اڄ اسان وٽ پھتي آھي. اھا ڪوريا ۾ سنگڪمرينگ جي جنگ بابت آھي، جتي آمريڪا جي بھادر فوج کي زبردست فتح حاصل ٿي ھئي.“

روشني بند ٿي وئي ۽ فلم شروع ٿي. ماڻھن پڙدو سڄو جھازن سان ڀريل ڏٺو ۽ پوءِ وري پيادي فوج جا دستا ٽئنڪن سان اتي آيا. آمريڪي فوجي، لوھا ٽوپلا پايون، ڳريون توبون کنيون، ٽئنڪن پويان ڊوڙندا پئي آيا. تماشبينن ۾ گوڙ گھمسان بند ٿي ويو.

غار ۾ پھري تي بيٺل جٿو، اھو سڀ ڪجھه ڏسي پئي سگهيو. ”نفسياتي جنگ“ ھائي ٿيپ چيو، ”ھو اسان جو بچاءَ نه ٽوڙي سگهندا، ۽ نه ئي اسان جي مقابلي جي سگهه کي ختم ڪري سگهندا، ان ڪري فلم رستي اسان کي دل شڪن ٿا ڪرڻ چاھين. پاڻھي ئي حشر ڏسندا.“

رائفل تاڻي نگان پنھنجون اکيون ڦاڙي پڙدي کي ڌسڻ لڳو. پڙدي تي گولن جا ڌماڪا، دونھن جا غبار ھئا، چمڪندڙ ٽوپلا ھئا ۽ چيني _ ڪوين فوجين جون ڄنگهون ، جن تي ڪپڙن جون پٽيون ويڙھيل ھيون، جي اونھي غار ۾ گهڙي رھيون ھيون. ھن سوچيو، ”پڪ ئي پڪ اھو ڪردار سنگ من ري ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جي سپاھين ادا ڪيو ھوندو.“

چيني _ ڪوريائي فوجن کي آمريڪي جھاز ۽ ٽئنڪون غار ۾ پناھه وٺڻ  لاءِ مجبور ڪري رھيون ھيون. ”مار پوين، ڏاڍا حرامي آھن،“ نگان چيو، ”بلڪل ابتڙ ڳالھه پيا ڪن. مان ان جنگ جي چيني فلم ڏٺي ھئي، ان ۾ ته آمريڪي پيا پناه وٺن،“

”مان به ڏٺي ھئي.“ ٽرانگ چيو.

”مون کي ميگافون آڻي ڏي!“

”کڻي ٿو اچان.“

پڙدي تي جنگ ڇتي ٿيندي وئي. آمريڪي سپاھي ڪيترائي دفعا غار تي حملي ڪرڻ لاءِ چڙھيا. ھنن کي ھر بار پٺتي ڌڪيو پئي ويو. پر ھوريان هوريان غار جا سڀ رستا ۽ لنگهه بند ڪيا ويا. گهيري ۾ آيل ڪوريائي اُڃ ۽ بک کان پاھه ٿيڻ لڳا، بي ھمت ٿي پيا. آمريڪين آخري زوردار حملو ڪيو ۽ چيني ۽ ڪوريائي ٻاھر نڪري رائفلون تاڻي بيٺا. لائوڊ اسپيڪر تان ڪمينٽري جاري ھئي. سانھه جو آواز وڌيڪ جوشيلو پئي ٿيندو ويو.”چيني ۽ اترڪوريائي ڪميونسٽ ڏاڍا ضدي آھن. گهيري ھيٺ اچي به پيش پوڻ کان انڪارٿا ڪن. آمريڪين کي مجبوراً غار کي اُڏائڻو پيو ڏسو، ھو ڦاڙيندڙ ۽ اُڏائيندڙ بارود کنيو پيا اچن!.......

پڙدي تي آمريڪي فوجي غار وٽ ڊائنامائيٽ رکڻ لڳا. آخر ۾ پڙدي تي جبل جي ڦاٽڻ ۽ پرزا پرزا ٿيڻ ڏيکاريو ويوجنھن ۾ رڳو ڌوڙ ۽ ڇپون اُڏامنديون نظر اچي رھيون ھيون.

سانھه پنھنجي نموني ڪيمنٽريءَ جو انت ڪيو. ”پيارا ھم وطنو، توھان ڏٺو ته اھو وڏو جبل ڪيئن ڇيھون ڇيھون ڪيو ويو.ھان ڊئٽ جھڙي ننڍڙي ٽڪري ان آڏو ڇا  حيثيت رکي ٿي.“ لائوڊ اسپيڪر جو رخ غار طرف ڪيو ويو ۽ سيڪنڊ ليفٽينيٽ جي آواز ۾ لرزش اچي وئي ، ”ھلو! ھلو! توھان گهيري ۾ آھيو. اسان توھان کي پيش پوڻ جي صلاح ٿا ڏيون. ٻيءَ حالت ۾ رعيتي راڄ جي فوج ھن ٽڪريءَ کي به ائين زمين دوز ڪندي جيئن توھان ھاڻي فلم ۾ ڏٺو.“

ڪاوڙجي نگان پنھنجو ميگافون مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪئي، ٻڌو، ساٿي ديسواسيو! توھان کي خبر آ ته دشمن ھاڻي ھاڻي پڙدي تي ڇا ڏيکاريو آھي؟ ھڪ ڪوڙي فلم! ان جي ھڪ لفظ تي به ويساھه نه ڪجو. اسان کي ان جنگ جي خبر آھي! اھا جنگ ان جيل تي ئي ٿي ھئي، پر ان ۾ چيني _ ڪوريائي عوامي فوجن يانڪين جون چار ڊويزن فوجون ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيون ھيون!“ ٻاھر وڏي آواز سان داد ۾ تاڙيون وڄايون ويون ۽ ھوڪارا ڪيا ويا. نگان تقرير جاري رکي، ”ساٿي ديسواسيو! اسان غار وارا آخري ماڻھوءَ تائين آخري رت ڦڙي تائين وڙھنداسين. اسين سڀ جيئرا آھيون. ھٿيار به موجود آھن، ۽ توھان، نگوڊين ڊيم جا ڇاڙتا ۽ غدار وطن،آمريڪا جا ڀاڙيتو، جي دم اٿو ته ھليا اچو! اڳتي وڌو ۽ دماغ چٽ ڪرايو! اڃا به وقت نه ويو اٿوَ. اکيون پٽيو!“

ميگافون ڦِٽي ڪري نگان، ٿامپسن جي گوليءَ سان پڙدي جو نشانو چٽيو. پڙدو گولين سان ڦاٽي پيو. ھيٺان وري داد ۾ ھوڪارا اٿيا ۽ تاڙين جا ڦھڪا ٿيا.

”ڪافي آ،“ ھائي ٿيپ چيو ، ”بارود زيان نه ڪر، نگان.“

جيستائين دشمن  جون ايم _ جي واپسي ۾ فائرڪن، تيسين ھرڪو محفوظ جڳھه ڏي ھٽي ويو. ٺڪا ٺوڪي بند ٿي ته نگان وري ميگافون کنيو ۽ ڳالھايو، ”ٻڌو، ڀائرو فوجيو! جي عملدارن جو حڪم مڃي وري غار تي حملو ڪيو ته موت نصيب ٿيندوَ. توھان لاءِ سٺي صلاح اھا آھي ته گهر ٻار ٻچن ڏانھن موٽڻ جي گهُر ڪريو يا ڀڄي وڃو! جي حملو ڪندوُ ته اسان کي مجبور توھان تي گولي ھلائڻي پوندي ۽ پت ڪيو ته توھان اسان جي گولي گسائي نه سگهندوُ. اسان جي بيھڪ بھتر آھي ۽ گوليءَ گسڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“

..............................

اھڙي ريت فلم شو ناڪام ويو. ڳوٺاڻا ٽارچون ٻاري کليو کلايو چرچا گهٻا ڪندا ۽ ٽھڪ ڏيندا ڳوٺ ڏانھن موٽيا. سيڪنڊ ليفٽينيٽ ڏاڍو غصي ۾ ھو، پر رڳو پنھنجي ڪمانڊر تي. ”مان چيو ته ڳوٺاڻن کان سواءِ چڱو ٿيندو. پر نه. ھن ته ھڪ تير سان ٻه شڪار پئي ڪرڻ چاھيا. ڳوٺاڻن کان سواءِ جي ويٽ ڪانگ دل شڪن نه به ٿين ھا، ته به ايڏو نقصان نه ٿئي ھا جيترو ھاڻي ٿيو.......“

ڪمانڊر سانگ شراب جي سُرڪ ڀريندي سپاھي کان ٿيل واردات جي رپورٽ ٻڌي رھيو ھو. ھو گلاس ڦٽو ڪري پاسريٽين تي ھٿ رکي اچي کل ۾ ڇٽو. ”ڪجھه ھڙ حاصل نه ٿيو؟ ان نڪ بيني سانھه مان ٻي توقع به ڇاٿي ڪري سگهجي؟ ھن جڏھن مون کي اھو خيال ڏيکاريو تڏھن ئي مان ان کي بيوقوفي سان تعبير ڪيو. پر سندس زور ڀرڻ تي ھائو ڪئي. جي معلوم ڪرڻ چاھين ته ويٽ ڪانگ ڪيئن ٿيندا آھن ته مون کان پڇ! جڏھن مان زيورو ضلعي جو سربراه ھيس ته مان سندن مٿا ھٿوڙن سان ڀڃائيندو ھوس، پر ھو حرف به نه ڪڇندا ھئا. ھڪ جو مٿو چٿبو ھو ته ٻيو ڀرسان ائين بيٺو ھوندو ھو ڄڻ فلڪ ئي ڪانه ھيس. عورتن پڻ. مان سندن آڱرين ۾ سيون ٽنبيون ۽ انھن کي مترڪن سان اندر کوڙڻ جي نيت ڪئي . پر انھن مان ھڪ سُين ٽنبيل آڱريون ڪٺيون ڪري چيو، ’ڏس!‘ ھن آڱرين سان زوردار ڌڪ ڀت تي ھنيو ۽ سڀ سيون سندس ماس ۾ گهڙي ويون! ويٽ ڪانگ اھي اٿي. خدا پڄين! ان ڏينھن واري ڇوڪري ڏس، تلوار جي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ به اسان کي نديندي ۽ ڌڪاريندي رھي. سو ھليو ھو کين فلم ڏيکاري مڃرائڻ! ڪتي جو پٽ،چِٻَ ڪنھن جاءِ جي!“

ڪمانڊر گاريون ڏيندو رھيو ۽ پنھنجي لاءِ ٻيو گلاس به ٺاھڻ لڳو. ھن بوتل ايڏو زور سان ٽيبل تي گهڪائي جو سندس گلاس ڪرندي بچيو. ھن پنھنجو ھٿ کولي ان کي وڏي زور سان ھوا ۾ گهمايو، ”بس، ٺيڪ آ، ھاڻي مان ڪوشش ڪندس.“ پوءِ ھن ٿورو پاسيرو ٿي سڏ ڪيو، ”ليفٽينيٽ توُ!“

”حاضر ڪمانڊر.“ ھڪ ليفٽينيٽ، عمر اٽڪل چاليھه سال، جھڪي سندس اڳيان اچي بيٺو.

”سيمينٽ تيار رک. رٿا موجب سرون به غار طرف ڍوئراءِ.“

”ھاڻي، ڪمانڊر؟“

”ھائو ،ھاڻي ، اھو تمام ضروري آھي. سڀاڻي صبح ٿيڻ سان ئي مان غار جو منھن بند ڪري ڇڏيندس، ۽ اھو سندن انت ٿيندو!“

(3)

چانڊوڪيءَ سان چمڪندڙ ڪناري تي ڪامي، توراوُ جي پويان پويان ھلي رھي ھئي.”سچ پچ، مون کي پڪڙي وڃي فلم ڏسڻ تي ڪا ارھائي يا پڇتاءُ نه ٿيو آھي. اسان جي ماڻھن ڏاڍي سٺي نموني ڳالھايو .“

اوت صحيح ھو، بيگم ڪازوئي توراوُ جي مياڻي واري گهر ۾ ئي لڪي ھئي. ماڻھن پھريائين ھن کي ڳوٺڙي ۾ ئي لڪايو ھو پر جڏھن ڳولا سخت ٿي وئي ته توراوُ کيس پاڻ وٽ آڻي رھڻ جو فيصلو ڪيو.

”چاچا، خوش ته آھي نه؟“

”سدا جيان.“

”دکي آھي ڇا؟ دورا پَونسَ ٿا ڇا؟“

”نه، رڳو ڪجھه عجيب عجيب ٿي لڳي.“

”عجيب؟“

”سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڇا ٿي ويو اٿس، پر ھينئر ڳالھه ۽ ڪم حيرت انگيز ڦڙتائيءَ سان ٿي ڪري. سندس چستي وري موٽي آئي آھي.“

”ڇا ٿي، پئي ڪندي رھي؟“

”رڌ پچاءَ، ڄارن جي مرمت، پرويچاري اڃا تائين ڳنڀير ۽ دکي آھي.“

ڪامي وڌيڪ ڪوبه سوال نه پڇيو. دل تي ھڪ ھٿ رکي ھوريان ھوريان ھلندي رھي. سندس اڳيان واريءَ تي چانڊوڪي پٿري پئي ھئي. سمنڊ جي لھرن جي ڀڻ ڀڻ ۽ ماٺي روشني ۾ به سندس دل ڌڪار ڀريءَ ڪاوڙ سان ڀري پئي ھئي. ڪالھه سندس گهر ساڙيو ويو ھو. ھن کي ھاڻي ناريل جي وڻن جي پنن جي سر سر کان ۽ کڙ کڙ کان ڌڪار اچي رھي ھئي، ڇو جو ڪالھه غار ڏانھن وڃڻ ويل کيس انھن پنن تي ليٽائي سندس ستُ ٽوڙيو ھو _ ڪيڏي نه ڳري قيمت ادا ڪئي ھئي ھن کاڌ خوراڪ ساٿين تائين پھچائڻ جي!

توراوُ جي ٻيڙي اڃا ڪپر تي مٿي سڪيءَ تي بيٺي ھئي. لھرون پاڻ کي ان تائين پھچڻ لاءِ زور زور سان مٿي اڇلائي رھيون ھيون. پر ھر ڀيري ناڪام پئي ويون. ڪامي جي مدد سان توراوُ ان کي ڌڪي ھيٺ پاڻي ۾ آندو. ٻيڙي لھرن کي چيري اڳڀرو سري. ٻئي ٽپ ڏيئي ان ۾ ويٺا. توراوُ وڏي جفاڪشيءَ سان ونجھه ھڻي رھيو ھو. پر ھن جي جاکوڙ جي باوجود ھو تيزيءَ سان وڌي نه سگهيا، ڇو جو ھوا اٿائي لڳي رھي ھئي ۽ سندن ٻيڙيءَ کي پٺتي ڪناري طرف ڌڪي رھي ھئي، ھو ڦٽي ڪيل ڄار جي نشانن تي ھلي رھيو ھو ۽ پريان سندس مڇي مياڻيءَ واري ڳاڙھي بتي ٽم ٽم ڪندي نظر اچي رھي ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org