سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ويرن جي وسندي

صفحو :2

 

باب ٻيو

 

(1)

 

ان شام جو ٽري ٽان جي ننڍڙي شهر ۾ ڄڻ زندگيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. راچ گيا مان فوجن سان ڀريل ٽرڪ پويان ٽرڪ اچي رهي هئي. اهي پاڻ سان مٽيءَ جا بادل اٿارينديون پئي آيون، جي مکيه گهٽيءَ جي پاسن کان بيٺل جاين، دڪانن ۽ هوٽلن تي ڌوڙ جا تهه چاڙهيندا پئي ويا. ٽرڪون اچي بيٺون ۽ فوجي ٽپا ڏيندا لهندا ويا. باقاعدي فوج جا دستا، خاڪي ڊريس، دشمن جي نظرن کي ڌوڪو ڏيندڙ ڊٻڙ ڊٻڙ لباس ۽ چمڙي جي ڊگهن ۽ ڪپڙي جي جهنگلي بوٽن سان ٽولن ٽولن ۾ هلڻ لڳا ۽ هو پاڻ سان مٽيءَ جا واچوڙا اٿاريندا پئي ويا ۽ سندن پيرن جي ڳري آواز روڊ کي مٿي تي کڻي ڏنو هو.

شهر جا باشندا پنهنجي درن تي بيٺا ڀڻ ڀڻ ۽ ڪن گوشين ۾ انهن تي نڪته چيني ڪندا رهيا ۽ کين لنگهندو ڏسندا رهيا. انهن ۾ سندن ڏٺل وائٺل چهرا به هئا پر ڪنهن به انهن کي سڃاڻڻ پسند نه پئي ڪيو. جيڪي فوجي سائگان کان آندا ويا هئا سي گهرن ۽ دڪانن ڏانهن عجب مان ڏسي رهيا هئا. پر رينجرس پنهنجا منهن گنڀيرتا بڻايا هئا ۽ اکيون بي جان. سندن ٽامي گنون ۽ رائيفلون به تيار رکيون هيون.

رينجرس جي ڪمانڊر، ليفٽيننٽ زام ڳرا قدم کڻندو اڳيان وڌي آيو. سندس اکين ۾ شيطاني چمڪ هئي ۽ انهن جون ماڻڪيون ايتريون ته ننڍيون هيون جو ڪاري کان وڌيڪ اڇيون نظر اچي رهيون هيون. کيس پهريل وڳو سندس بت کي وڪوڙيو پيو هو. کيس مٿي تي هڪ اهڙي ٽوپي پيل هئي جنهن جا ٽي پاسا هيٺ لڙڪي سندس ڪنن ۽ ڪنڌ کي اُس کان بچائي رهيا هئا. ماڻهو ٽوڪ وچان ان کي ”ٽه پڙدي“ ٽوپي سڏيندا هئا. سندس ٻنڊڻن تي، سندس منهن جي رنگ جهڙي رنگ واري چمڙي جي پوش ۾، 12 ڪولٽ جو ڀاري پستول سٿر سان گڏ لڙڪي رهيو هو. سندس ڪلهي تي رائفل به لڙڪي رهي هئي ۽ چيلهه سان هڪ نوڪدار خنجر به. سندس ماڻهن کي اهڙو لبادو اوڙهيل هو، ۽ هرهڪ کي رائفل، ٽامي گن ۽ آمريڪي ڇرو ساڻ هُو. سارو ڏيک دل آزاريندڙ ۽ ڏڪائيندڙ پئي لڳو.

زام اوچتو رستو ڇڏي هڪ بار ۾ لنگهي ويو. هڪ بير جي بوتل ۾ هٿ وجهي، هن هيسيل چيني مالڪ کي اک ڀڳي ۽ ٻاهر نڪري آيو. خنجر ڪڍي هن بوتل جي منڍي ڀڳي ۽ غٽ غٽ ڪري پيئڻ لڳو. ٻه حصا پي، رهيل ٽيون حصو هن پنهنجي اڳيان هلندڙ فوجيءَ کي ڏنو، جو باقي بچيل حصو پنهنجي اڳواڻ واري نموني ۾ چاڙهي ويو. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هو پنهنجي آقا جي اهڙين مهربانين جو عادي هو. ان موقعي تي ڪمانڊر دستي کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. مقامي فوجي چوڪيءَ ۾ رڳو ٻن بٽالين جي ترسڻ جي گنجائش هئي. ان ڪري باقاعدي فوج واريون ٻه بٽاليون ئي اتي ترسيون. باقي مليشيا ۽ رينجرس تي مشتمل بٽالين کي کليل ۽ ٺوس ساريالي زمين تي ئي ديري ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

مليشيا جي ڪمانڊر پنهنجي ڪمپنين کي مقررشده زمين ڏانهن مارچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پر زام ڪر ڪر ڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”قهر خدا جو! پنهنجي جنم ڀوميءَ ۾ به مون کي مٽيءَ ۾ سمهڻو پوندو ڇا؟“ تڏهن به هن پنهنجي هٿ جي اشاري سان، پنهنجي دستي کي، شهر جي ڇيڙي ۾ پيل خالي زمين ڏانهن هلڻ جو حڪم ڏنو.

لهندڙ سج جا ڪرڻا چوڪيءَ جي چوگرد غيرآباد زمين جي مٿان هيڊي روشني وجهي رهيا هئا. فوجي تنبن هڻڻ يا رڌڻن جي جاءِ ٺاهڻ ۾ رجهي ويا، ڪي گٽ گٽ جي آواز سان آمريڪي دٻن مان شراب پيئڻ لڳا. ڪي پٺيءَ ڀر ليٽي سگريٽ جا دونهان اُڀ ڏانهن اڇلڻ لڳا. سندن جسمن مان پگهر، تکي تماڪ، شراب ۽ سستي تيل جي ساڙيندڙ ڌپ اچي رهي هئي، جا اڻ کٽ اگري ڌپ ڀاڙيتن سان سدائين ساٿ ۽ سنگ ۾ رهندي آهي.

زام هڪ ئي سٽ سان پنهنجي قميص لاهي اڇلائي. نڀاڳ کان بچڻ خاطر هن ڏورن کي ڪيترن تعويذن سان سٿي ڇڏيو هو. سندس ويڻين تي ڪارا ۽ ناسي ڌاڳا ٻڌل هئا. ڳچيءَ ۾ سوني زنجيري ۽ اُن ۾ لڳل عاج تي اڪريل شيطان جي تصوير وارو بوتو هو، جنهن جي چوڌاري سينگار لاءِ ڏند جڙيل هئا. ڀوري رنگ جي ڪپڙي تي هو اهڙو بي ڌيانيءَ سان ليٽيو پيو هو جو کيس سڌ ئي نه پئي ته ڪو سندس سگريٽ اچي سڙي کٽو هو. توُ تي ڇرڪ ڀري هن ٽوٽو ڦٽي ڪيو ۽ اٿي ويٺو. هن جون نگاهون فوجين تي وڃي پيون جي مانيءَ جا پئڪيٽ کولي رهيا هئا، هڪ سپاهي وڌي وٽس آيو، ”ادا وڏا،رات جي ماني تيار آ.“

زام بنا ڪنهن جوش خروش جي اٿي بيٺو ۽ سپاهيءَ جي ڪجهه پرڀرو وڇايل ڪپڙي ڏانهن هليو، جنهن تي مٿان اخباري ڪاغذ وڇايا ويا هئا. ان دستر خوان تي هڪ ڀُڳل ڪڪڙ، ٻه وڏيون ڊبل روٽيون ۽ چٽڻيءَ جو کليل دٻو رکيل هو. زام جو منهن دونهاٽجي ويو. هن خار واري لهجي ۾ چيو، ”شراب جو ڇا ٿيندو؟ سمورو کپي ويو ڇا؟“ ”اجهو، ادا وڏا!“ اردليءَ هڪ وڏو ٽين جو دٻو وڌائيندي چيو. زام اهو ورتو ۽ سندس ڍَڪ ڪٽيو ۽ چپن تي آندو. هڪ ٻن ڍڪن ڀرڻ کان پوءِ اهو اردليءَ کي جهلڻ لاءِ ڏنو ۽ ڪڪڙ کڻي، هٻڇ سان ان جي ٽنگ ڇني ورتي. جيئن هن چاٻا ڏئي، واڇن کان وهندڙ گيهه ۽ رس کي هٿ جي پٺيءَ سان پئي اَگهيو، تيئن سندس سونا ڏند چمڪڻ لڳا. هن اردليءَ کي به ماني کائڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ هر هڪ ڪڪڙ جي ٽڪر کائڻ کان پوءِ به ٽي ڍڪ چانورن جي شراب جا پئي پيتائين. جيستائين هنن اڌ ڪڪڙ ۽ شراب جو دٻو کائي پورو ڪيو ته سنجها به اچي سهڙي ۽ سج ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻ ڪا ڳاڙهي ٿالهي رکيل هئي.

زام جهٽڪو ڏئي اٿيو ۽ زور سان پاسريون کنهڻ لڳو. سندس ڪيترائي ماڻهو نشي ۾ شل ٿي چڪا هئا. شراب ختم ٿي چڪو هو ۽ هو رهيل کهيل مانيءَ تي لامارا ڪري رهيا هئا. ڪيترن ئي پنهنجون قميصون لاهي ڇڏيون هيون ۽ سندن ٽامي جهڙيءَ ڇاتيءَ تي ڏينڀوڙين سان ڇپيل اجگر ۽ نانگ نظر اچي رهيا هئا. ٻيا ٻارڻ لاءِ ڪاٺ، ڪيلي جا سڪل ٿڙ، آڻي ڪٺا ڪري رهيا هئا، جي هو هِتان هُتان چوري ڪري آيا هئا.

رات لهي آئي. هِت هُت ٻرندڙ مچ اوندهه جو سينو چيري رهيا هئا. انهن جي چوڌاري مِڙيل فوجي پنهنجن دٻن ۾ پاڻي ڪوسو ڪري رهيا هئا. جهل ۽ روڪ جي باوجود ڪيترائي فوجي شهر مان شراب ۽ کاڌو هٿ ڪرڻ هليا ويا. آپريشن ڪمانڊر وٽان کين اهي حڪم مليا هئا پر انهن تي مختلف دستن جا ڪمانڊر خير ڪوئي ڌيان ڏئي رهيا هئا. زام به پنهنجن ماڻهن سان پيئڻ ۾ جنبي ويو هو کيس ادو وڏو ڪوٺي شراب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪوٺي رهيا هئا، ۽ سندس نائب کي جنهن جو منهن سنهو ۽ اکيون کوپي جهڙيون هيون، ٻيو ڀاءُ ڪوٺي رهيا هئا. زام کي ادي وڏي جو خطاب وڌيڪ وڻندڙ هو ۽ ليفٽينيٽ سائينءَ جي نالي سان سڏجڻ پسند نه ڪندو هو. ”ادو وڏو بلا آهي. ڪيترو به پيئندو پر بيهوش نه ٿيندو.“ انهن مان هڪ چيو، ”اچو، ادا وڏا، نوش ڪيو.“ ٻئي چيو.

زام خوشيءَ مان ٻهڪي پيو، هن هر هڪ دعوت قبول ڪئي ۽ ڪڏهن به گلاس خالي ڪرڻ کان انڪار نه ڪيو. سچ پچ هو بلانوش هو، ۽ ڪڏهن به ڪريو نه پئي. هاڻي سندس اکين جي اڇاڻ، رت جهڙي ڳاڙهاڻ ۾ مَٽيجي چڪي هئي. منجهانئن باهه جا اُلا ۽ تِرورا اٿندا نظر پئي آيا. سندس وفادار وياکاڻي سندس چوڌاري مِڙي آيا ۽ سندس شراب نوشيءَ ۽ خونريزيءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. اوچتو انهن مان هڪ چيو، ”ادا وڏا، سڀاڻي جڏهن هان ڊئٽ هلياسين ته تون گهر ويندين ڇا؟“

زام شراب جو دٻو، جو هو خالي ڪرڻ وارو هو، چپن کان هٽايو ۽ ڪافي وقت چپ ڪيو بيٺو هو. ”هائو“، آخر هن چيو، ”امان ۽ ادڙيءَ کي ڏسڻ ويندس.“

”ڪاميءَ؟“ ٻئي چيو ”هاڻي ته وڏي ٿي وئي هوندي، هاني، ادا وڏا؟“

”سمجهان ٿو اڻويهن سالن کي پڳي هوندي...“ زام چيو. ٻڌو هوسين ته تو کين شهر لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو، اوڏانهن ڇو نه ويون؟“ پهرين پڇيو.

”هيل ته پاڻ هان ڊئٽ تي قبضو ڪري وٺنداسين. مان کين چوندس ته هو ڳوٺ ڇڏي اچي چوڪيءَ تي رهن“ پوءِ هن آواز هلڪو ڪندي چيو، ”هان ڊئٽ جي زندگي بهتر آهي. جڏهن مان اُت پوسٽ ڪمانڊر هوس، ته هتان کان وڌيڪ خوش هوس. ات هر قسم جو ميوو ۽ مينهن جو سڪل گوشت جهجهو آهي. لاتعداد ڇوڪريون آهن، ڪي ته لاجواب حسين آهن. سندن ڇاتيون سهڻيون ۽ عجيب آهن، جهڙا ناريل. تون پنهنجن ننڍڙن هٿن سان ته کين جهلي به نه سگهندين!“

سپاهي موقع خوشيءَ سان ٽڙي پيا ۽ سندن گگ وهي آئي.

هنن ڄاتو پئي ته سڀاڻي هو پنهنجا پير بهشت ۾ پائيندا. انهن مان ڪن کي اُن وقت اُن موت جو به خيال آيو جو  اُت سندن راهه نهاري رهيو هو، پر عورتن کي لٽڻ ۽ لوئڻ جو خيال مٿن حاوي پئجي ويو. جن اڳ هان ڊئٽ ڏٺو هو سي اتان جي مزن ۽ عياشين جا پهه پچائڻ لڳا، ڪو چوڻ لڳو ته جي توهان کي مينهن جي گوشت جو چسڪو وٺڻو آهي ته رڳو ڪنهن چرندڙ مينهن جو نشانو وٺي گهوڙو دٻايو. انهن مان هڪ، ڪيل ڪيترين ئي زوري زنائن مان، هر هڪ جو وچوروار بيان ڏيڻ لڳو ۽ آخر ۾ فخر سان چيائين ته هن تيرهن عورتن جون سٿڻون ڦاڙيون هيون. ٻئي ٻڌايو ته هن هڪ ويٽ ڪانگ جو مٿو پنهنجي بوٽ سان ائين چٿيو ۽ ڀڳو جو سندس پتلون تي ان جي ميڄالي جي ٽڪرن جا ڇاپا ٿي پيا . سڀ کان وڌيڪ ادي وڏي جي ان فن جي ساراهه ٿيڻ لڳي جنهن سان هو ماڻهن جا پيٽ ڦاڙي، جيرو ڪڍي وٺندو هو،_ دُن وٽان هڪ چاقوءَ جو چير ۽ پوءِ چار اَڱريون وجهي ائين جيرو ڪڍي وٺندو هو جيئن ماهر دائي ٻار ڄڻائيندي آهي. زام ڪيترن ئي مظلومن جا پيٽ ڦاڙيا هئا ۽ انهن مان جيري ۽ پتي ڪڍي وٺڻ جو ماهر ليکيو ويندو هو. پر هن جي مهارت ڪو اتي دنگ نه پئي ڪيو. هن ماڻهن کي مارڻ جا سوين طريقا ڄاتا پئي. هن جي رڳن ۾ ان ظالم پيءُ جو رت ڊوڙندو هو، جنهن ڪو وقت هان ڊئٽ تي مطلق بادشاهه جيان راڄ ڪيو هو. ماڻهو چوندا هئا ته زام ۾، بدنصيبيءَ سان، بيگم ڪازوئي جي رت جو هڪ به ڦڙو ڪونه هو، جا کُمير قبيلي جي عورت هئي ۽ سندس ماءُ هئي، ۽ جنهن جي زندگي اهڙي مسلسل پيڙا ۽ پڇتاءُ هئي، جنهن سندس مت ماري ڇڏي هئي.

جوانيءَ ۾ سندس ماءُ هڪ سهڻي ۽ ٺاهوڪي عورت هئي. ناسي اکين ۽ بادامي رنگ جي چمڙيءَ سان هوءَ کمير عورت جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڙو نمونو هئي، جو اهڙن عورتن جو ورثو هو. مٽيءَ جا ٿانو ٺاهي ۽ گهر گهر هلي وڪڻڻ، سندن بت جي هر وٽ ڪڙ کي دلڪش ۽ حال کي وڌيڪ پيارو بڻائي ڇڏيو هو. کين روز پندرهن ويهه ميل کن پنڌ ڪرڻو پوندو هو گهڙي مٿان گهڙو مٿي تي رکي، هٿن سان پنهنجو ۽ گهڙن جو توازن رکي اهڙي چال هلنديون هيون جو پسون پکي به وائڙا ٿي کين تڪيندا هئا. هان ڊئٽ جي زميندار ڪومل، ڪازوئيءَ کي زوري کڻي آڻي پاڻ وٽ سريت ڪري ويهاريو. ان ڪري سندس مڱيندو ٽاچ کا ايترو ته نراس ۽ نااميد ٿي ويو جو ڪمبوڊيا وڃي پورهيو ڪري پيٽ پالڻ لڳو. زام اڃا ننڍڙو ئي هو جو سندس پيءُ مؤ، نين ڇوڪرين جي پٺيان لڳي ماڻس تان ڌيان هٽائي ويو. هوءَ ٻيهر پيرن ڀري ٿي پر ان هوندي به مڙسهنس کيس تڙي ڪڍي ڇڏڻ ۾ اصل نه هٻڪيو، ۽ زام به کسي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيائين. ڪازوئي، مؤ جي پڪي پٿرائين گهر مان تڙجي هان ڊئٽ موٽي آئي، جتي هن هڪ ننڍڙي جهوپڙي اڏي ڪڙمت ڪرڻ لڳي. جڏهن نئون ٻار اچڻ وارو ٿيو ته هوءَ رڙهي سڙهي سارين جي فصل ۾ وئي ۽ پنهنجي رڙين کي لڪائڻ ۽ دٻائڻ خاطر سڪل پلال کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙڻ لڳي. ڀاڳن سان ان مهل بيگم ساؤ ۽ سندس ڌيءَ سئو وام رانگ جي مارڪيٽ کان ڳوٺ موٽندي اتان لانگهائو ٿيون. اهڙيءَ ريت ننڍڙي ڪاميءَ بيگم ساؤ جي گهر ۾ جنم ورتو. هفتي کان پوءِ ٽاچ کا هان ڊئٽ آيو ۽ ماتا ساؤ جا ٿورا مڃي، ڪازوئي ۽ ڪاميءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ وٺي ويو. پر چند مهينن کان پوءِ موُ جي پاليل ۽ ڌاريل خونين، ٻيلي ۾ مٿس حملو ڪيو، ۽ گهر اچي هن دم ڏنو. ڪازوئي وري پنهنجي ڌيءَ جي گذربسر لاءِ مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهي وڪڻڻ شروع ڪيا، ۽ ننڍڙي ڪامي وڏي ٿي سهڻي ۽ وڻندڙ ڇوڪري ٿي پئي، هوبهو ماءُ جهڙي.

زام پنهنجي پيءَ سان رهندو آيو، ۽ هن جي نقش قدم تي هلي هن جيان کَري ٻُهر ٿي پيو. هو پڪي پٿرائين گهر ۾ ٻين جي پگهر جي پورهئي تي وڌي وڏو ٿيو. ڦرمار جي هٿ ڪيل زمين سندس پيءُ فٽن پيري ڪنڀرن کي نيڪال ڪندو هو. بغاوت واري جنگ دوران انقلابي اختياري سندس زمين مقامي هارين ۾ ورهائي ڇڏي. موُ راچ گيا ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ ڪروڌي ۽ ڪاوڙيل هارين نارين سندس بنگلو نهس تهس ڪري ڇڏيو.

امن قائم ٿيڻ کان پوءِ موُ وري پٽ سوڌو موٽي هان ڊئٽ آيو. زام، نگوڊين ڊيم جي فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽينيٽ ٿي چڪو هو. موُ زمين موٽي حاصل ڪئي، حويلي ٺهرائي ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ سالن جي سانڊيل ساڙ جا پَلوَ انقلابين کان وٺڻ لڳو. زام پيءُ کان به وڌيڪ پاپي ۽ پليت نڪتو. امريڪي هٿياربند ٿي، پنهنجي قاتل رهزن ساٿين سان گڏ، جابجا پڄي هو ماڻهن جو شڪار ڪندو هو. سندس رينجر گهوڙن جهڙو تکا ڊوڙي سگهندا هئا. هو انقلابين کي ٻنين ۾ ڊڪائي ماريندا هئا ۽ ڏينهن رات سندن ٻيلن وارن اڏن تي ڇاپا هڻندا هئا. اڌ رات منجهه مينهوڳيءَ يا طرفان ۾ ماڻهو سندن بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌندا هئا. جڏهن ماڻهو ڪو گوليءَ جو آواز ٻڌندا هئا ته هو سمجهندا هئا ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو پٽ، ڀاءُ يا مائٽ انقلابي وڃي موت جو مهمان ٿيو. پر ان هٿان جنهن سڀ کان وڌيڪ سٺو سا ڪازوئي هئي.

جڏهن 1956ع واري بغارت ڀڙڪي ته عوام ظالم زميندار موُ کي موت جي ٽڪيٽ وٺرائي. پر زام اٽڪل ۽ حرفت سان ڀڄي ويو ۽ وڌيڪ ڇِتو ۽ خوني ٿي پيو.

دنيا جي هر علائقي جيان، هان ڊئٽ جي هر ماءُ کي به پنهنجا پنهنجا سور هئا. پر اهڙيون ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هونديون جن سان ڪازوئي جهڙي ٿي هوندي. جڏهن زام، ڇاڙتي سرڪار طرفان هان ڊئٽ جي چوڪيءَ تي ڪمانڊر ٿي آيو ته هن ماءُ ڀيڻ لاءِ، ڀانت ڀانت جو ريشمي ڪپڙو ۽ ڳهه ڳٽا آندا، جي هن پنهنجن ڇاپن ۽ حملن دوران ڦُريا لٽيا هئا. هنن ٻنهي سندس سوکڙين قبولڻ کان انڪار ڪيو. سندس ماءُ اهي اڱڻ ۾ اڇلائي، ٻئي هٿ منهن تي ڏنا ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽي.

 

(2)

 

بيگم ڪازوئي گهران نڪري چوسول واري بيگم بااُو جي دڪان ڏانهن وڃي رهي هئي، جو هان ڊئٽ جي ڀڪ ۾ هو. خالي بوتل کي هٿ ۾ کنيو هوءَ ڌيرج ۽ ماٺ ۾ اوڏانهن وڌي رهي هئي. هان ڊئٽ جا ماڻهو جڏهن به رات جو اڪيلائي ۾ ڪنهن کي رستن تي رلندو، ڀٽڪندو ڏسندا هئا ته هو سمجهي ويندا هئا ته اها اڀاڳي ڪازوئي هوندي هئي. ٻئي ڪنهن کي به رات جو اوندهه ۾ پاڇولي جيان گهمڻ جي عادت ڪانه هئي. سندس دماغ ۾ ڪا خرابي ٿي هئي. پر حيرت اها هئي جو ان ذهني ٻگاڙ جي باوجود به هوءَ، بنا ٿيڙ کائڻ يا ٿاٻڙجڻ جي، سلامتيءَ سان گهمي ڦري گهر موٽي ايندي هئي. شايد کيس اندر جي اک ملي چڪي هئي.

جڏهن هوءَ دڪان تي پهتي ته دڪان خالي سمجهيائين. پر چائنٺ ٽپندي هن بيگم بااُو کي پنهنجو ليکو چوکو ڪندي ۽ موڙي سنڀاليندي ڏٺو. سندس اڳيان گاسليٽ جي بتي ٻري رهي هئي، پيرن جي کڙڪي تي بااُو ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ۽ ماٺي آواز ۾ چيو ”تون آهين ڇا ڪازوئي! هن مهل ڪيئن آئي آهين؟“ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران ڪازوئي پنهنجي خالي بوتل مٿي ڪئي. مالڪڻ يڪدم سمجهي وئي. هن ليکو چو کو ڇڏي بوتل کنئين. بيگم با اُو سچ پچ اهڙي هئي جهڙو سندس نالو هو. (او جي ويٽنامي زبان ۾ معنيٰ آهي گولائي). هوءَ گهڻو ڪجهه ئي هئي. دخل کان ٻاهر نڪري پنهنجي ٿلهي ۽ گول ٻانهن وڌائي بوتل کنئين. هوءَ مٽيءَ جي هڪ گهڙي طرف وڌي، بانس جي لوٽي ان ۾ وجهي، شراب ڪڍي ڪازوئي جي بوتل ۾ ڀرڻ لڳي. هن شراب اهڙي مهارت سان اوتيو جو ڦڙو به زيان نه ٿيو.

بوتل ڪازوئيءَ کي ڏيندي هن کمير زبان ۾ چيو، ”تو ته خبر ٻڌي هوندي، ٻڌي ٿي نه؟“

”ڪهڙي خبر؟“ ڪازوئي پنهنجا اڻڀا ڀورا وار ڇنڊي جواب ۾ چيو.

بيگم بااُو سندس ڪن ۾ چيو، ”زام موٽي آيو آهي. مون کيس اڄ شام جو ٽري ٽان ۾ ڏٺو آهي. هو فوجي ٽرڪ تان هيٺ لهي رهيو هو.“

”زام... موٽيو آ... ٽري ٽان ۾؟“ بيگم ڪازوئيءَ اکيون سستيءَ سان ڇنڀيون، ڄڻ فرش تي ڪا شيءَ ڳوليندي هجي. پوءِ هوءَ مڙي تڪڙو تڪڙو دروازي ڏانهن وڌي، جتي چائنٺ وٽ ٿاٻڙجي ذري گهٽ ڪري هئي. بوتل فرش تي ڪري ڇيهون ڇيهون ٿي وئي. شراب پٽ تي پکڙجي ويو، پر هن ان پاسي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ۽ بي ڌيانيءَ سان ويندي رهي.

مادام بااُو سندس پويان ڊوڙي ٻانهن کان ورتائينس، ”اچ، ادي، هل ته ٻي بوتل ڏيان. آ، هلي آ من.“ هوءَ کيس دڪان ۾ وٺي آئي، خالي بوتل ڳوليائين، اها شراب سان ڀريائين. ۽ کيس ڏنائين ”سنڀالي وڃجانءِ متان هيءَ به ڪيرائي ڇڏين.“ هن چيو.

ويچاري ڪازوئي هينئر هڪ ٻار جيان ائڪٽنگ ڪري رهي هئي هن ائين ئي ڪيو جيئن چيو ويس. بوتل کي زور سان مُنڍيءَ کان پڪڙيائين ۽ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران ٻاهر نڪري وئي. هن رستي ۾ ڪيئي ٿيڙ ۽ ٿاٻا کاڌا. هوءَ هڪ اڪيلي ڪمري واري لانڍيءَ ۾ رهندي هئي جا چوسول کان ڪافي پنڌ تي هئي. هوءَ جاءِ ۾ گهڙي ته ڌيءَ ڪاميءَ کي تڏي تي ويٺو، هلڪيءَ زرد روشنيءَ ۾، سڻيءَ جي ڳوٿري اُڻندي ڏٺائين. ڇوڪري ٿوري دير لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري ماءُ کي ڏٺو ۽ پوءِ وري ڪم کي لڳي وئي. ڪامي ڀاءُ زام کان وڌيڪ ماءُ ڪازوئي جهڙي هئي. هوءَ اڻويهن سالن جي سهڻي نينگر هئي. وڏيون ڪاريون اکيون ڊگهيون پٽ جهڙيون پنبڙيون. هلڪي ۾ هلڪي روشنيءَ ۾ به سندس چپ گلاب جيان لڳندا هئا. پنهنجي ماءُ جي جوانيءَ جو جيئرو جاڳندو ثبوت هئي،_ پر ان کان به سرس.

”ڪامي“ ماءُ چيو، ”زام وري آيو آهي. هو هينئر ٽري ٽان ۾ آهي.“

”ٽري ٽان ۾؟“ ڇوڪري چيو، ”توکي ڪنهن ٻڌايو، امان؟“ ”مادام با اُو.“

ڪازوئي صندل جي ڪنڊ تي ويٺي ۽ هڪ ڄنگهه مٿي ڪري رکيائين. هن ڪو وقت ڪا چرپر ڪانه ڪئي. پوءِ هڪ ننڍي پيالي ۾ شراب اوتي هڪ ڳيت سان پي وئي. ڄڻ ڪو پاڻي پيتو هو. هوءَ ماٺ ميٺ ۾ ڀت تي پوندڙ پنهنجو پاڇو ڏسڻ لڳي. هڪ ٻن ڳوٿرين اُڻڻ کان پوءِ هر رات جو شراب جي پيالي پيئڻ ته سندس عادت بڻجي چڪي هئي. ايترو ٿورو شراب کيس مخمور ڪرڻ ۽ هر ڳالهه وسارڻ بدران سندس ذهن کي وڌيڪ تيز ۽ يادگيرين کي وڌيڪ چِٽو ڪري ڇڏيندو هو. هن پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ سندس دماغ تي جوانيءَ جي ياد تري اَئي. هن کي اهي گهڙا ياد آيا جي هن ٺاهيا هئا ۽ آويءَ ۾ پچي ڳاڙها ٿي ويا هئا. پوءِ کيس زوڪي،_ کمير قوم جي مشهور ناچ واريون راتيون ياد اچي ويون. جڏهن ٽاچ کا شهزادي جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ هوءَ غريب ڇوڪريءَ جو. پوءِ هن جي ذهن جي اک ۾ زميندار مؤ جي صورت اُڀري ۽ پڪي پٿرائين گهر ۾ گهاريل ڏينهن جا ڏيک، ۽ پوءِ سندس ذهن تي اڀري آيا، ٽاچ کا سان گذاريل چند خوشين ڀريا مهينا. جنهن بعد هن جي اکين اڳيان اهو منظر اڀري آيو جڏهن ٽاچ کا ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر جي اڱڻ ۾ اچي ڪريو هو، سندس هٿ ۽ جسم رت سان رڱيل هو. ڪيڏو نه دک دائڪ ڏيک هو. هر ڀيري پنهنجو پاڇو ڏسندي، ڌيءَ کي ڳوٿري اُڻيندو ڏسندي، اهي نظارا سندس ذهن جي پڙدي تي ڇپجي پئي ويا. هن کان اهو به نه وسريو هو جو ڪجهه انقلاب بعد ٿيو هو. جنهن ۾ کيس زمين ملي هئي. ۽ پٽهنس زام جو پنهنجي مقابل جو پيٽ ڦاڙيندو هو ۽ سندس کوپري چٿيندو هو.

”زام موٽي آيو آهي.“_ مادام با اُو جو آواز اڃا سندس ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. ”اڃا الائي گهڻا ماڻهو ماريندو؟“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو. هن رڙيون ڪرڻ پئي چاهيون. ”هو ڇا لاءِ ٿو اچي. شال موت اچيس!“

”ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس پٽ مري؟“ ان هوندي به مادام ڪازوئي پٽ جي مرڻ جي دعا گهري هئي. هن جو مري وڃڻ هن لاءِ ايڏو ستائيندڙ نه هو. جيڪڏهن هن ماڻهن جو ڪوس جاري رکيو ته هوءَ ڏکن سورن ۾ مري ويندي. اهو ئي سندس ضبط ۽ وهم هو ته يا هوءَ مري يا زام مري!

هڪ لڱا ڪاميءَ کانئس پڇيو هو، ”امان. تو اهڙو پٽ ڇو ۽ ڪيئن ڄڻيو هو؟ مان ته کيس پنهنجو ڀاءُ نه سمجهندي آهيان.“

کيس ڌيڻس ائين چيو هو. اها ڳالهه هن پنهنجن پاڙيسرين کي به چئي هئي، ”زام منهنجو پٽ نه آهي.“ ڪيترائي ڀيرا هن ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ استدعا ڪئي هئي، ”مهرباني ڪري هن کي منهنجو پٽ ڪري نه ڏسو.“ پر اهي لفظ چوندي شرط سندس دل ڀرجي ايندي هئي. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو ڏکيو ۽ ڏکوئيندڙ امر هوندو آهي جو هوءَ پنهنجي ٻار کي پنهنجو نه ڪري. سڌي ۽ سليم طبيعت سبب، سندس ان فعل کيس ذري گهٽ چريو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ستن سالن جو عرصو موڳي، وائڙي ۽ اڌ چري ٿي گهاري چڪي هئي. ڏينهن بجاءِ رات جو گهمندي هئي. هوءَ سوچيندي هئي ته رات جي اوندهه کيس ماڻهن جي نظرن کان لڪائي ڇڏيندي. هن پنهنجي پٽ سان به بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر هو کيس ڪوبه جواب نه ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ناراضگيءَ وچان ڪنڌ لوڏي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي چوندو هوس، ”امان! تون مون کي ويٽ ڪانگ جي طرفداري ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ پئي چاهين ڇا؟“ پر پوءِ هو مرڪندو هو. ڏسڻ ۾ ايندو هو ته هن ماءُ جي سامهون هڪ پٽ جهڙو ورتاءُ پئي ڪرڻ چاهيو نه ڪي ڪنهن خوني يا قاتل جهڙو. ڪو وقت ڪازوئي انهن افواهن تي اعتبار نه ڪندي هئي ته ڪو سندس پٽ ظالم ڪاسائي هو جو پنهنجي شڪار جو پيٽ چيري جيرا بڪيون ڪڍي وٺندو هو. پر هڪ ڏينهن سندس اهو وهم به ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. هڪ ڏينهن زام کيس ڏسڻ لاءِ گهر لنگهي آيو. سندس واڇن  تي رت ڏسي هن کانئس اچرج وچان پڇيو هو، ”زام! پٽ وات مان رت ٿي اچئي ڇا؟“ ڪجهه ڪڇڻ ڌاران، زام واڇون اگهي هليو ويو هو. پوءِ ان پٺيان ئي ڪامي رڙيون ڪندي ڳوٺ کان موٽي هئي. سندس منهن تي دهشت هئي. چرين جيان سڏڪا ڀريندي هن ماءُ کي ٻڌايو هو ته ڪناري تي هڪ ماڻهوءَ جو پيٽ ڦاڙي جيرا ڪڍي آيو هو. پوءِ هن هڪ گهر ۾ وڃي فرائي پان کڻي اهي تريا هئا ۽ کائي ڇڏيا هئا. مادام ڪازوئي اهو ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويئي هئي. جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي هئي ته کيس زام جي واڇن تي لڳل رت ياد آئي هئي، ۽ هوءَ وري بيهوش ٿي وئي هئي.

ٻئي ڏينهن تي زام وام رانگ تي ڇاپي هڻڻ کان پوءِ موٽي آيو هو، ۽ ساڻس ڪجهه قيدي به هئا. اهو چئي نه پيو سگهجي ته اهي انقلابي جٿي جا هئا يا عام ماڻهو. جڏهن ڪازوئي کي خبر پئي ته، هو چوسول ۾ انهن جا پيٽ ڦاڙي جيرا ڪڍندو، ته هوءَ ان مقصد سان اوڏانهن ڊوڙندي وئي، ته کيس ان حرڪت کان باز رکي. پر هن جي ات پهچڻ کان اڳ ئي زام قيدين جون ڪاڪوس واريون جايون چاڪن جي چيرن سان ڦاڙي ڇڏيون هيون. پوءِ هيءَ عورت رستي تي ئي بيهوش ٿي ڪِري پئي. زام سپاهين کي کيس گهر کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن هوءَ شام جو سامت ۾ آئي ته ڀر ۾ ڪامي کي ويٺل ڏٺائين. هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. ”هليو وڃ زام! ٽري وڃ.“ ان ڏينهن کان وٺي ڳوٺاڻا چوندا آهن ته مادام ڪازوئي چري آهي.

حقيقت ۾ چري ڪو هن لاءِ مناسب ۽ موزون لفظ نه آهي. هن ڪڏهن به ڪو تشدد جو مظاهرو نه ڪيو. ان جي ابتڙ هوءَ هر شيءَ کان ڊني پئي ۽ رحم ۽ قياس جوڳيءَ حالت ۾ ماڻهن کان لڪندي ڇپندي پئي وتي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس ذهن تيز ۽ تکو ڏيکاريو هو. هن کي مادام با اُو کان اوڌر تي ورتل هر شيءَ ذري پرزي ياد هئي. ٺهيل ڳوٿريون وڪڻي، هوءَ پوري پوري رقم دڪاندار کي ئي ڏيندي هئي. ڳوٿرين ٺاهڻ ۾ هن ڪڏهن ڪا ڀل چڪ نه ڪئي هئي. هن جي خاص ڳالهه اها هئي ته جڏهن به ڪو سندس گهر ۾ گهڙندو هو ته هوءَ پاڻ کي ان جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيندي هئي، رڙيون ڪندي هئي، سڏڪا ڀريندي هئي، ڄڻ کانئس معافي پِني رهي هجي. هائي ٿيپ، نام ٽان. بارين، ماتا ساؤ، سئو ۽ ڪوين اڪثر اٿاري کيس پنهنجي پيرن تي بيهاريندا هئا، ڇو جو اهي ئي هئا جي گهڻو ڪري سندس گهر ايندا هئا، ۽ صلاح ڏيندا هئا ته هوءَ زام کي ڪيئن سڌاري، ۽ جڏهن زام لاعلاج ٿي پوندو هو ته کيس همٿائڻ ۽ اَٿت ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. هڪ ڏينهن هائي ٿيپ کيس چيو، ”ماسي ڪازوئي، ايڏي ڳڻتي نه ڪر. توکي عوام چاهيندو آهي، ڪوبه توکي اڪيلو نه ڇڏيندو.“ ۽ ڪازوئي هانءُ ڦاڙي رني هئي.

جڏهن هٿ ٺوڪي سرڪار جي خلاف پهريان سياسي مظاهرا شروع ٿيا ته هن انهن ۾ شريڪ ٿيڻ جي سگهه نه ساري هئي، ڇو جو هوءَ پاڻ کي ان لائق نه پئي سمجهيو. پر هڪ ڏينهن ماتا ساؤ ۽ ٻيون عورتون وٽس آيون ۽ چيائون، ”اسان سان هل، مادام ڪازوئي.“ ويچاري ڪازوئي ايترو ته خوش هئي جو ڄنگهن به ساٿ نه پئي ڏنس. ان کان پوءِ هن هڪ به احتجاجي جلوس نه گسايو هو. ۽ اهڙي ريت هوءَ هڪ ڏينهن زام جي بندوق جي ناليءَ جي سامهون اچي وئي. ان فيصلي ڪن موقعي تي، ماءُ جي اختياريءَ هن کي قابل بڻايو جو هوءَ بندوق جو رخ موڙي سگهي ۽ مظاهرو ڪندڙ اڳتي وڌي سگهيا...

اها هئي مادام ڪازوئي جي ڄاتل سڃاتل چريائپ جي ڪهاڻي. هان ڊئٽ جي ڪنهن به باشندي کي هن لاءِ دل ۾ ڪينو ڪين هو. هو هن کي پيڙيل ۽ ڦُريل لٽيل طبقي جي هڪ غريب عورت سمجهندا هئا، زام ۽ سندس پيءُ کي ڦرمار ڪندڙ. پر ان هوندي به مادام ڪازوئي کي چين نه هو. هر ڳالهه جي باوجود هوءَ اڃا به زام جي ماءُ هئي، ۽ هن جو رت ئي ان دئيتُ جي رڳن ۾ ڊوڙي رهيو هو. اها سوچ ئي هن جي سڀني سورن جو سبب هئي.

ڪامي انهيءَ مسئلي تي وڌيڪ صاف ۽ چٽي هئي. هو رڳو چوندي نه هئي ته، ”هو منهنجو ڀاءُ نه آهي.“ پر ان ۾ سچ پچ ويساهه به ڪندي هئي، ۽ کيس بلڪل اوپرو ۽ ڌاريو سمجهندي هئي، اهڙو اوپرو جنهن لاءِ هن کي پوري پوري ڌڪار هئي. جڏهن به هو سندن گهر لنگهي ايندو هو ته هوءَ هن سان ٻڙڪ به نه ٻوليندي هئي. ۽ جيڪڏهن ڪوبه ڪڏهن به سندس اڳيان هن جو نالو ئي وٺندو هو ته هوءَ سختيءَ سان احتجاج ڪندي هئي ۽ غمگين ۽ زخمي لڳندي هئي.

هوءَ انقلاب سان ڪيئن ڳنڍي هئي! اهو ائين هو ڄڻ سندس رڳن ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي هئي.

هينئر هوءَ نوجوانن جي جماعت جي اميداوار ميمبر هئي. هن کي هڪ ٻن ميڙن ۾ ڪوٺيو ويو هو، ۽ انهن ۾ شرڪت کيس وڌيڪ جوشيلو ۽ جذباتي بڻائي ڇڏيو هو. هوءَ سدائين، هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئي،_ ڪوڙڪا وڇائڻ يا کاهيون کوٽڻ. هن جو ڳلو ڏاڍو سريلو هو ۽ اهي پراڻا گيت ڳائڻ پسند ڪندي هئي جي ٻڍڙن ڳوٺاڻن کي گذريل ڏينهن جون يادگيريون تازيون ڪرائيندا هئا، جڏهن هو ليٽ ۾ آيل ٻنيون لتاڙي ساڪ ٽنگ ۾ زوڪي ناچ ڏسڻ ويندا هئا، جن ۾ ٽاچ کا هيرو ۽ ڪازوئي هيروئن جو ڪردار ادا ڪندا هئا. ڪازوئي ڏکوئيندڙ يادن ۽ ڳوڙهن سان پنهنجي ڌيءَ جو راڳ ٻڌندي هئي.

هن اُن ڏينهن کان پيئڻ شروع ڪيو هو، جنهن ڏينهن سندس پٽ ڪٽپتلي سرڪار جو دلال ٿي سندس دل ٽوڙي هئي، اها نازڪ ۽ معصوم دل، جنهن کيس تڏهن ڇاتيءَ سان لاتو هو، جڏهن مٿس اڃا زام جو نالو ئي ڪونه رکيو ويو هو.

۽ اڄ به هوءَ، دستور جيان پي رهي هئي....

دستوري طور هوءَ روز هڪ پيالو پيئندي هئي. اڄ هن بوتل جي ٻُجي  لاٿي ۽ ٻيو پيالو به ڀريو. هوءَ چسڪيون وٺي پي رهي هئي.

”اهو ڇا امان! ٻيو پيالو؟“ ڪاميءَ ڪر ڪر ڪئي ۽ ڪم کان ڪنڌ مٿي کنيو. ”وري ٻيو دفعو ٿي پين. هڪ ڪافي آ، امڙ!“

ٻاهر ڪتن ڀونڪڻ شروع ڪيو، ۽ ترت ئي ٻاهران کمير زبان ۾ ڪنهن ڳالهايو، ”ڪامي، اندر آهين؟“ ڇوڪريءَ پنهنجي ساهيڙي ڪوين جو آواز سڃاتو. هن ڪم مان هٿ پالها ڪيا، اٿي بيٺي ۽ جواب ڏنو، ”هائو، مان ويٺي آهيان.“ اڌ دروازو کولي هوءَ اڱڻ ۾ نڪري آئي. ڪوين کيس هٿ کان وٺي ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪيو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”خبر اٿئي؟ زام جي اچڻ جي؟“

”نه، ته دشمن حملي جون تيارون پيو ڪري. ڳوٺ کي خبر ڪرڻي آهي. ٽري ٽان ۾ ڪافي فوجي پهچي ويا آهن. اسان جا گوريلا به تيار آهن. مان هاڻي هاڻي ساڻن گڏ ڪوڙڪا هڻي موٽي آهيان.“

”مون کي هلڻ لاءِ ڇو نه چيئي؟“ ڪامي نراسائيءَ وچان چيو.

”ڳڻتي نه ڪر، تو لاءِ گهڻو ڪجهه ڪم آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته توکي قانوني جدوجهد ڪرڻ واري جٿي جو حصو ٿيڻ گهرجي. توکي خبر آ ته فوجن جي اڳواڻي زام ڪري رهيو آهي...“

”خبر آ، خبر آ...“

”ته پوءِ خيال سان ٻڌ، هو ايندا ته اسان رڳو بمن ۽ ڪوڙڪن سان سامهون نه پونداسين، پر گوريلن کي مدد ڏيڻ لاءِ سياسي جدوجهد به شروع ڪنداسين. جيئن ته تون اڃا باغي مشهور نه ٿي آهين، ۽ فوجي توکي زام جي ڀيڻ سمجهندا آهن، ان ڪري توکي سيڌي سامان پهچائڻ ۽ لاڳاپي رکڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي.“

”مان ته سرنگون وڇائڻ پسند ڪنديس.“

”ان ڪم لاءِ ٻيا مقرر ڪيا ويا آهن.“

ڪامي ڪا جهٽ سوچيو، پوءِ چيو، ”ٺيڪ آ، مان ڪنديس پر...... سچ پچ مان انهن جو منهن ڏسڻ به پسند ڪونه ٿي ڪريان. ڏاڍو ڏکيو آ. هاني؟“

ڪوين ساهيڙي جي چيلهه ۾ ٻانهه وڌي، ”ڪوبه انهن سان ملڻ نه چاهيندو. پر انقلاب لاءِ ائين ڪرڻو ئي پوندو ۽ پارٽي چاهي ٿي ته تون اهو ڪم ڪاريگريءَ ۽ بنا ڪاوڙ جي ڪرين. توکي ٿڌر ٿانئرو ٿيڻو پوندو. جي ضرورت پئي ته سپاهين سان مٺو ڳالهائڻو ۽ کين راڳ ٻڌائڻو به پوندئي.......سمجهيئي ته توکي ڇا ڪرڻو آهي؟ اسان جو توتي آسرو ۽ آڌار آهي.“

ڪامي پنهنجا چپ ڀيڪوڙيا ۽ پوري قوت سان هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هن ڀاڪر پائي ڪوين کان موڪلايو ۽ کانئس ٻه دلي چميون ورتيون.

 

(3)

 

ٻڍڙي ٽيوڊان جي بنديل درن واري گهر جي هڪ ڪمري ۾ نگان ۽ جٿي جي ٻن ماڻهن، ٽرانگ ۽ ٽوئي، رينجرس جي يونيفارم پاتي. نگان سيڪنڊ ليفٽينيٽ جو روپ ڌاريو ۽ ٽن پردن واري ٽوپي مٿي تي پاتي. جڏهن سندس ساٿين، روپ مٽائي پورو ڪيو، ته هو سندن اڳيان اچي بيٺو ۽ سندن راءِ معلوم ڪرڻ لڳو.

”واهه، واهه! باڦي واهه جو ڄار ۾ ڦاسندو.“

ٽوئي ۽ ٽرانگ، ٻنهي کي ڪلهي تي ٿامپسن رائفل لڙڪي پئي. نگان ڪولٽ پستول ڪڍيو ۽ ان جي چيجر جون گوليون ڳڻيون. هن پستول بند ڪيو ۽ پوش ۾ وڌو. ٽان جو کين راهه ڏيکاري رهيو هو هٿين خالي هو.

”هلو“، نگان چيو.

وان ٿانهن جو ڳوٺڙو ٽپي هو سارين جي ٻنين ۾ گهڙيا ۽ وان هيپ طرف وڌيا. ڳوٺ جي مهڙ وٽ پهچي ٽان هنن کي ترسڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ خبرچار لهڻ لاءِ اڳتا وڌيو. ٿوري دير ۾ هو موٽي آيو. ”سڀ ٺيڪ آ. اسان هلي سگهون ٿا.“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي.

هو سندس پٺيان لڳي پيا. درياهه وٽان لنگهي هنن باڦي جي مڇي مارڻ وارن ڇپري جي روشني ڏٺي. پاڻي تڪڙو تڪڙو گجگوڙ ڪندو سمنڊ ۾ گهڙي رهيو هو. پاڻي جي وهڪري تي ٿوڻيون هيٺ‎ مٿي لُڏي لمي رهيون هيون، ۽ انهن تي سائي بتي ٻري رهي هئي.

”اڄ شايد ڄار نه وڌا اٿئون“، ٽان چيو، ”جي وجهندا آهن ته ڳاڙهي بتي ٻاريندا آهن.“

اڀامندڙ پاڻيءَ تي سائي بتي عجيب روشني وجهي رهي هئي. هر وک سان ڇپر جا نشان وڌيڪ ظاهر ٿيندا پئي ويا. اهو ڪافي وڏو هو ۽ درياهه ۾ ٿوڻين تي اڏيل هو. ڀرسان رهائشي جاين مان به جهڪي روشني اچي رهي هئي. مڇيءَ جي بڻانس، سمنڊ جي لوڻ ۽ گجيءَ جي ڌپ گڏجي مڇي مياڻيءَ واري ککيءَ جهڙي بوءِ سان سندن ناسون ساڙي رهيون هيون.

”ويٺو آ،“ ٽان نگان جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.

”سٺو ٿيو. تون ٻاهر ترسجانءَ اسان اندر وينداسين.“

نگان ۽ سندس ٻه همراهه تکو تکو اڳتي وڌي ويا. هو بنا هٻڪ جي سڌو دروازي طرف ڌوڪي ويو ۽ ساٿي ڪڍ لڳا ويس. دروازي وٽ پهچي هو بيهي رهيو ۽ ان سان ڪن لڳايائين. اندر آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا پر هو سمجهي نه سگهيو ته ڇا پئي ڳالهايو ويو. هن دروازو کڙڪايو. گفتگو هڪدم بند ٿي وئي. نگان وري در کڙڪايو ۽ پڇيو، ”مسٽر باڦي آهي؟“

ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ عالماڻي آواز ۾ ڪنهن ڪڇيو، ”ڪير آ؟“

”دوست آهيون. در کوليو.“

نگان فرش تي وڌندڙ چمپل جو آواز ٻڌو، کڙڪي سان در جي هڙڪي کڄي ۽ دروازو ٿورو کليو.

لالٽين جي روشنيءَ ۾ هڪ عورت جو ٿلهو متارو منهن ظاهر ٿيو. هن پنهنجون ڏٻيون اکيون کوليون ۽ لالٽين مٿڀرو ڪري آيل ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. نگان هن کي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. پر اندازو لڳائي ويو ته اُها باڦي جي زال هئي.

”مادام، مسٽر باڦي آهي؟“ هن چيو.

عورت اکيون ڇنڀيون. ”هائو، اندر اچو.“

نگان چپن تي آڱر رکي هن کي اشارو ڪيو ته هوريان ڳالهائي. هوءَ هٽي بيٺي ته جيئن ٽئي همراهه گهڙي اچن. نگان پير جي کُڙيءَ سان پٺيان دروازو ٻيڪڙي ڇڏيو.

ان گهڙيءَ ڪمري جي کٻي پاسي وارو پڙدو چريو پريو ۽ هڪ گنجي کوپري ٻاهر نڪتي، مالڪ مڪان،_ گنجو، پنجاهه کان چڙهيل. ٿلهو ۽ بندرو، رڳو هڪ پتلون ۽ گنجي پهريل هو. سندس نگاهون موڳيون هيون، ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ هينئر هينئر جاڳيو هو. نگان کيڪار جي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو، ”مسٽر باڦي؟“

مرد ٻئي هٿ سيني تي رکي جهڪيو، ”هائو، منهنجا سائين.“

نگان هن جي ان چاپلوسيءَ کي سٺو اهڃاڻ سمجهيو. ”مون کي توهان سان ڳالهائڻو آهي. منهنجي واقفيت اها آهي ته مون کي ليفٽينيٽ زام موڪليو آهي.“ هن اٿاڇري نموني گهر پٺيان هڪ پاسي ڏي اشارو ڪيو، ”اسين سب سيڪٽر مان هينئر هينئر آيا آهيون.“

”مون کي خبر آ. ڀلي آيا، سائين. اچو، اندر اچوني!“ ٿلهي ماڻهو پڙدو هٽائي مهمان کي اندر ڪمري ۾ لنگهڻ ڏنو. وڏي ڪمري ۾ هڪ وڏو صندل، گهڻي واهپي سبب، گسي لسو ٿي ويل، پيو هو. ۽ ان جي پريان هڪ کٽ هئي، جنهن تي مڇرداني ويڙهيل هئي. ٽئي ملاقاتي صندل تي ويهي رهيا. اک جي ڦڙتائيءَ سان نگان جاءِ کي جاچي ويو. پوءِ جوش خروش سان باڦي سان مخاطب ٿيو. ”ڀلو، توهان هت ڏاڍو سٺو ۽ سکيو جيون پيا گهاريو. اسان کي توهان جهڙي سهولت ۽ سانت ڪٿي نصيب آ... هينئر ته انهن،_ ويٽ ڪانگن، اصلي رڻ ٻاري ڏنو آهي. ننڊ آرام حرام آ.“

”مون کي سڀ خبرون آهن، ليفٽينيٽ! هينئر ئي اها خبر به پئي اٿم ته توهان ۽ ٻيا فوجي پهچي ويا آهيو. مان ۽ منهنجي زال ڏاڍو خوش آهيون. اسان ته رات ڏينهن توهان جو انتظار پئي ڪيو، سچ پچ ڏاڍو منتظر هئاسين!“ هن زال ڏانهن رخ ڪيو، ”وڃي پاڻي ڪوسو ڪرڻ لاءِ رک.“ پوءِ هن ڀرئون مٿي ڪندي ٻاهر جي آس پاسن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو، ”فوجين آس پاس پڙلاءُ وڌو آهي؟“

”بالڪل.“

”شڪر آ خدا جو! مان ته ڪجهه سوچي ئي نه پئي سگهيم. توهان ڪيئن نه شاندار نموني هر ڪم ڪري ٿا وڃو.“ هن گاريون ڏنيون ۽ پوءِ ڏند ڪرٽيا. ”هيل اسين مٿن کلنداسين. ليفٽينيٽ، اهي ويٽ ڪانگ ڪتا ته هتان جا مالڪ مختيار ٿي ويا آهن. مان توهان کي هڪ هڪ، مرد توڙي عورت، ڏيکاريندس. مان کين پوري ريت سڃاڻان. توهان کي رڳو رائفل جو گهوڙو ڇڪڻو پوندو. سمجهو ڄڻ آڙين جو شڪار پيا ڪيو.“ ”مسٽر باڦي! بلڪل ان مقصد لاءِ ئي مان توهان سان ملڻ آيو آهيان.“

”ڏاڍو سٺو! ڏاڍو سٺو.“ باڦي پٻن تي اٿي بيٺو، ۽ تختي تان هڪ ڪارو چمڪندڙ آنبوسي تشت کنيو. ان تي اجگر ڇاپيل ڦاڙهي رنگ جي ڪٽليءَ سان لڳ روبي برانڊ سگريٽن جو پاڪيٽ پيو هو، هن ڪجهه سگريٽ ڪڍيا ۽ نوڙت سان نگان کي ڏنا، ۽ پوءِ رڌڻي ڏانهن هليو ويو. نگان پنهنجي آڱوٺي جي ننهن تي سگريٽ ٺوڪيو. عورت ديڳڙو باهه تي رکي ڪمري ڏانهن موٽي آئي. نگان کي ڇهڻ جي حد تائين ويجهو ايندي، هن اکيون ننڊاکڙيون ڪندي چيو، ”ترسندؤ نه، سائين؟“ هن اشتها ڏيندڙ نموني ۾ اک ڀڳي.

نگان اچرج کي لڪائيندي چيو، ”اسان کي وقت جهجهو آهي، ۽ ڪم ڪونه جهڙو.“

”ڪجهه پيئڻ ته پسند ڪندؤ نه؟“

نگان دل ۾ چيو، ”انڪار ته نٿو ڪري سگهان.“ هن اک جي ڪنڊ کان عورت تي نگاهه وڌي، ۽ اطمينان جي اظهار سان مرڪندي چيو،”جهينگا ۽ کيکڙا ته هوندؤ؟“

”توهان جي ڀاڳ ۾ اڄ ڪابه تازي مڇي ڪانه آهي. رڳو سڪل گوج آهي. پر... ‎ٺهيو، توهان کي بدڪ جو شورو ملي ويندو.“

هن جي جواب لاءِ ترسڻ ڌاران هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي ۽ پنهنجي مڙس کي چيائين ”وارو ڪر، وڃي ٻه چڱيون بدڪون ڦاسائي اچ!“

مڙس، ديڳڙي ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٺيڪ آ. ترس، جيستائين مهمانن لاءِ پاڻي ڪوسو ڪري وٺان، بلڪل تيار آهي.“

هو پاڻي کڻي ڪمري ۾ آيو ۽ چانهه پيل ڪٽليءَ ۾ وڌائين. ڪو وقت هن ٻاڦ نڪرڻ ڏني ۽ پوءِ ڪوپن ۾ پائڻ لڳو، پوءِ هن کين پيئڻ جي صلاح ڪئي. پاڻ چانهه جو ڍُڪ ڀريندي هن دلجاءِ وارو ساهه کنيو، ۽ پوءِ مهمانن کان منهن ڦيري، هن پتلون جا پاچا مٿي ڪنجهيا ۽ فرش جا هڪ ٻه تختا ڪڍي هيٺ لهي ويو. هنن بدڪن جي ڪان ڪان ٻڌي. چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ جهليندي، نگان هيٺ کڏ ۾ نظر ڪئي، کيس مهاڻي جي وڏي موڪري پٺي نظر اَئي جو بدڪن پٺيان ڊڪي رهيو هو. مهاڻي کي پوري وت ۽ سگهه سان بدڪون پڪڙيندي ڏسي نگان جو من ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. ”رڳو حرامي ناهي“، هن سوچيو، ”پر ڪوتهه حرامي آ!“ بدڪون ٽاهه کائي ٽپي ۽ ڀڄي رهيون هيون. عورت به اچي کڏيءَ جي ڀرسان ٿي بيهي رهي. وات ۾ کاٻر جون ڪجهه ڏوريون پيون هيس. جيئن ٿي مڙسهنس بدڪ پڪڙي پئي ڏنس تيئن ئي ان کي کنڀڙاٽين کان وٺي، ٻڌي، فرش تي ڦٽو پئي ڪندي وئي. ٻه بدڪون پڪڙي مڙسالو نديءَ تي پاڻ ڌوئڻ ويو. جڏهن ڪمري ۾ موٽي آيو ته صاف رنگين ڪپڙا پيل هئس ۽ گنج تي رهيل چند وارن کي ڦڻي ڏئي رهيو هو.

نگان هن ڏانهن سري آيو ۽ چيو، ”مسٽر باڦي ڇو نه وقت بچائڻ خاطر، شوروي تيار ٿيڻ کان اڳ ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺجن؟“

”ليفٽينيٽ! مان ته توهان جو خادم آهيان.“

”تو وٽ علائقي جو نقشو ته هوندو، اٿي ني؟“

جواب ڏيڻ ڌاران گنجو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ موٽي آيو ته هٿ ۾ سڪل بانس جو نلڪو هيس. هن ويهي بانس پنهنجي هنج ۾ رکيو ۽ ان مان سگريٽ جيترو ويڙهيل ويٽو ٿيل ڪاغذ ڪڍيو. نگان کانئس اهو ورتو، کوليو ۽ وڇايو. ٽوئي ۽ ٽرانگ ان کي جهلڻ لاءِ سندس ڪنڊن تي چار ڪوپ رکيا. وڏي اسڪولي ڪاپيءَ کان ٻيڻي سائيز ۾ تفصيل وار نقشو هنن اڳيان هو. گهر، باغ، پهاڙيون سڀڪجهه ان ۾ نشان ڪيل هيون.

باڦي اوچتو نوجوان ڏانهن نهاريو. سندس اکين ۾ خوف جي لهر هئي. هن دروازي ڏانهن ڏٺو جو اڳ ئي بند ٿيل هو.

”ڌيرج ڌر“، نگان چيو. ”آس پاس اسان جا جوان بيٺا آهن. تون بنا ڀوُ جي ڳالهائي سگهين ٿو. پڪ ئي پڪ توکي سڌ هوندي ته سڀاڻي اسان هان ڊئٽ تي حملو ڪرڻ وارا آهيون“

”هائو، مون کي سڌ آهي.“ مهاڻي پنهنجي صدري بند ڪندي ڀڻ ڀڻ ۾ ڳالهايو. هن نقشي جي مٿان جهڪي، سگريٽ جي دونهين ۾ زرد ٿيل آڱر ان مٿان گهمائي، ”ڏسو، جن گهرن تي ڳاڙها مندُيئڙا ڏنل آهن انهن ۾ ويٽ ڪانگ رهن ٿا. اهي ياد ڪري ڇڏ، ليفٽينيٽ.“

”ڳاڙهن منڌيئڙن سان نشان ڪيل تي؟“ نگان چيو. ”مان سمجهي ويس.“

باڦي جي گدليءَ ۽ وڏي نهن واري آڱر وري نقشي تي اشارو ڪيو. ”هن جاءِ تي هٿيار ٺاهيندا هئا. منهنجي رپورٽ تي جهاز آيا. بم ڪيرايائون ۽ سندن سڀڪجهه ناس ڪري ويا. پر ويٽ ڪانگ پنهنجو سامان سڙو کڻي وري ڪنهن ٻئي پاسي وڃي نڪتا ۽ وڃي ويٺا آهن. هي هان ڊئٽ واري غار آهي، ان جو توهان کي خيال رکڻو پوندو، اڳئين ڀيري انهن خلاف اسان جا سڀ حملا ناڪام ويا هئا، جنهن ۾ وڃي پناهه ورتي هئائون. اسان کي ڪافي نقصان سهڻو پيو هو. هيل جو ڪم سڀ کان پهريون ڪرڻو پوندو سو اهو ته اسان کي سندن غار ڏانهن موٽي پناهه وٺڻ جو رستو روڪڻو يا ڪاٽڻو پوندو.“

جاسوس جون ڳالهيون ٻڌندي، نگان سوچيو ۽ دل ۾ چيو، ”ڏاڍو خطرناڪ آ! ڪُتي جا ڦر تون به ڪيتو لوڙيندين!“ جڏهن همراهه سڀڪجهه اوڳاڇي بيٺو ته نگان اٿي نقشو ويڙهيو ۽ سندس ڪلهي تي ‎ٺپڪي هنئين. ”ٺيڪ آ! ٻيو ڪجهه ته چوڻو ڪينهي؟ تو سٺو ڪم ڪيو آهي. مهم پوري ٿي ته توکي چڱو انعام ڏنو ويندو.“ پوءِ رڌڻي ڏانهن منهن ڪندي هن خوشيءَ گاڏڙ لهجي ۾ چيو، ”مادام، ماني تيار ٿي يا نه؟“

”اچان پئي، اچان پئي!“ عورت فراءِ پان رهڙيندي وراڻيو،  ”ٽِڪا به تيار آهن.“

کن کان پوءِ هوءَ بصرن سان گڏ تريل ٽڪن جي پليٽ پُر ڪيو کنيو آئي، جن مان وڻندڙ خوشبوءِ پئي آئي. مڙس جهڪي بوءِ سنگهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ٻئي ڪمري ڏانهن تڪڙو تڪڙو هليو ويو. موٽيو ته ”نيرو اجگر“ ڇاپ شراب جي بوتل هڪ هٿ ۾ هيس ته ٻئي جي اَڱرين ۾ چار گلاس جهليل هيس. هن چڪ سان بوتل جي ٻوچ تي لڳل پنيءَ جو چوس لاٿو ۽ آواز ڪري ٻاهر ٿڪيو. ٻاڦ ڪڍندڙ پليٽ ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ نگان باڦي ڏي ڏٺو ۽ سندس اکين ۾ اکيون وجهي پڇيو، ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، باڦي! تو ڪڏهن انساني گوشت چکيو آ؟“

گنجي جاسوس بوتل صندل تي رکي ۽ ڪنڌ لوڏ ڪندي چيو، ”نه، ليفٽينيٽ نه! اڃا اها همت ساري نه سگهيو آهيان. انهن ماڻهن جي واتان مان ان جي ساراهه ٻڌي آهي، جن اهو کاڌو ۽ چکيو آهي... پر مون کي الائي ڇو ڪجهه ڪرڀ ايندي آهي.“

نگان، ڪجهه گنڀيرتا ۽ ڪجهه چرچي سان اچي کِل ۾ ڇٽو. ”۽ جاسوسي واري ڪرت تي ڪڏهن به ڪرڀ نه آئي اٿي؟“

”اها ٻي ڳالهه آ ليفينيٽ! هي ڪم صحيح طريقي تي ڪبو ته ڪوبه جوکو ڪونهي... مان ڪو بيوقوف نه آهيان، ڪنهن کي به سڌ پوڻ نه ڏني اٿم.“ پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي پيٽ تي رکي هن نگان کي ڪن ۾ چيو، ”چڙجو نه، ليفٽينيٽ، توهان ڪڏهن اهو چکيو آ؟“

”ڇا؟“

”انساني... انساني گوشت... هان...“

”هون، اُهو.“ ٽوئي ۽ ٽرانگ کي اک ڀڃندي نگان چيو، ”انهن ٻنهي پهلوانن“، هن ٽوئي ۽ ٽرانگ ڏي آڱر ڪئي، ”...انهن چکيو آهي. مون نه. ان ڪري نه ته ڪو مون کي وجهه نه مليو آهي، پر ان ڪري جو ان جو ڪو خيال ڪونه اٿم. مان رڳو جيرو پسند ڪندو آهيان، ۽ پِتو پڻ. شراب سان گڏ انهن جو واهپو سلهه لاءِ اڪثير آهي! ۽ جي توکي وجهه ملي ته اهو مزو وٺڻ جي همت ڪندين؟“

همراهه جهٽ ماٺ رهيو. پوءِ پنهنجو گنجو مٿو لوڏيندي چيائين، ”سچ ته اهو آهي ته مون کي اهو ڪجهه ڪراهت ڏياريندڙ ٿو لڳي... پر بهرحال، جيڪڏهن ڪو وجهه ملي ويو ته مان ڪونه ڇڏيندس،_ رڳو اهو ڄاڻڻ خاطر ته جن ماڻهن اهو چکيو آهي سي ان جي ساراهه ڇو ٿا ڪن.“

”چڱو! مان توکي ٻه سير ڏيندس. سڀاڻي پڪ ئي پڪ چڱو مال ملندو.“ پوءِ نگان يڪدم ڳالهه جو موضوع بدليو، ڄڻ کيس اوچتو اهڙي ڪا ڳالهه ياد اچي وئي هجي، جا وساري ويٺو هجي. ”اڙي يار! ها ڳالهه ته پچڻ وسري ويم... تنهنجي مدد گارن جو ڇا حال آهي؟“

”منهنجا مهاڻا؟“

نگان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”ها!“ باڦي عجب ۾ چيو، ”مون وٽ ڪوبه مهاڻو ڪونه آهي. مان ٻئي ڪنهن سان ڪم ڪرڻ ۾ ويساهه نه رکندو آهيان. اسان سڄو ڪم پاڻ ڪندا آهيون، مان ۽ منهنجي زال.“

نگان هاڻي ان چرچي کي وڌيڪ جاري رکڻ غير ضروري سمجهيو. ايترو ڪجهه ڪافي هو. سندس رت ٽهڪائڻ کان به وڌيڪ ڪافي هو. هن ٽوئي ۽ ٽرانگ کي اک جي اشاري سان حرڪت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو.

باڦي خالي گلاسن کي ڀرڻ لاءِ چريو ته نگان سندس ڪلهي کي جهلي چيو، ”ڏس، يار! گهڻو ٿيو، ڪوبه تنهنجو اهو ڌپ وارو شراب نه پيئندو.“ پوءِ اُتي بيهندي هن پنهنجو آواز ڳرو ڪيو، ”گهڻو چرچو گهٻو ڪيوسين. سوئر! مان تنهنجو پيارو ليفٽينيٽ نه آهيان. اسين آزاديءَ جا سپاهه آهيون ۽ توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون. سمجهيئي؟“

ٽوئي جي خودڪار رائفل هن جي ڇاتي کي ڇُهي چڪي هئي. ڀوُ جو اظهار ڪندي گنجي جاسوس رڙ ڪئي، ”ڇڏيو سائين! چرچا ڇو ٿا ڪريو!“

”چرچا؟ انهن جو سوال ئي نٿو اُٿي!“

نگان سندس ٺونٺيون پٺيان ڪري ٻڌيون. ٽرانگ عورت کي ڌڪي رڌڻي مان ٻاهر ڪڍيو. اها نئين صورتحال ڏسي ۽ محسوس ڪري ٻنهي جو رنگ ڇڏائي ويو. جيتوڻيڪ هن هڪ به ڍڪ نه پيتو هو تڏهن به جاسوس جون اکيون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. هراس ۽ خوف عورت جي اکين کي وائڙو ۽ وياڪل ڪري ڇڏيو هو.

(4)

 

هو وان ٿانهه پڳا ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ٽان پنهنجا ٻه جاسوس ٻن همراهن سان گڏ هان ڊئٽ مڪا هئا. ٽوئي ۽ ٽرانگ پنهنجي چمڙا پوش لاهي ٽان سان گڏجي ويڙهه جي جاءِ تي ويا هئا. جتي باغ کٽا پئي ۽ اڳيان کليل ٻهراڙي هئي جا ٽري ٽان جي شهر تائين پکڙيل هئي. دشمن ان طرف کان ئي اچڻو هو. باغن ۾ پڄندي ئي هو بارين سان ٽڪريا جنهن امالڪ کانئن پچيو، ”پڪڙيونس ڪين ڪونه؟“

”هائو“، ٽان وراڻيو، ”ٻنهي کي هان ڊئٽ موڪليو اٿئون.“

سندن گرفتاريءَ جي داستان ٻڌڻ تي بارين پاڻ کي کِلڻ کان روڪي ڪونه سگهيو. پوءِ پنهنجن ساٿين کي ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪيندي چيائين، ”اچو! ٽام چان هينئر هتان ويو آهي، ۽ حڪم ڪري ويو آهي ته اسان کي پنهنجون جڳهيون، ٽن ٽن جي ٽولن ۾، والاري ويهڻ گهرجن. الڳ الڳ کاهيون پر ٽولن ۾. هن چيو پئي ته باغن جي ڇيڙي وٽ بچاءِ واري جنگ ڪرڻ کان سواءِ، مقابلو ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻ ٿيڻو ٿيندو. وڌيڪ چيو اٿائين ته جي پنهنجي حالت دلجاءِ جوڳي نه آهي ته اسان کي اڳرائي ڪرڻ يا وڙهڻ جو حڪم نه ڏيڻو آهي.“

”پر ويو ڪيڏانهن؟“

”هائي ٿيپ سان گڏ هان ڊئٽ موٽي ويو. هن نام نهو ۽ ننڍڙي ڊيپ کي به گهرائي ورتو آهي. ٻئي موٽي پڄي ويا آهن. هونءَ ته کڻي هو سهوليت پسند آهي، پر ڪم وقت ٽام چان ڏاڍو سخت ۽ ڪٺور ٿي ويندو آهي. ان ڏس ۾ هو مون جهڙو آهي، سچي.“ ٽارچ هٿ ۾ جهلي بارين پنهنجي ساٿين کي چتاءُ ڏيندي اڳتي وڌيو. ”بلڪل منهنجي پير ۾ پير رکندا اچو، متان ڪوڙڪن ۾ ڦاسي پئو. هولڙي ٿيڻ جي مهل ناهي.“

ٽان کي ڪوڙڪن جي جاين جي سُڌ هئي. پر نگان بلڪل بارين جي پيرن جي نشانن تي پير رکي پئي هليو. صوفن جي جهڳٽن پٽڻ مهل، هنن ساهه کڻي پڪل ميوي جي سڳنڌ سنگهي. رکي رکي ڪو پڪل صوف سندن اڳيان پٽ تي اچي پئي ڪريو.

”جي اسان جي کاڌ خوارڪ ۽ سامان جي پهچ بند ڪئي ويئي ته ڪِريل ميوو به ان جاءِ تي ڪم ڏئي ويندو.“

”مون کي نه وڻندا آهن.“ ٽان چيو ”مون کي ڪيلو وڌيڪ وڻندو آهي.“

”عجيب ماڻهو آهين. هن مهل به پيٽ جي پيو سوچين،“ بارين کلندي چيو، ”مون کي ته رڳو بندوق ۽ توبن جي گولي بارود جي ڳڻتي ۽ ڀوُ آهي. پنهنجي ٺاهيل توبن لاءِ ڇا چئجي؟ ڪهڙي خبر ته اهي فائر به ڪنديون يا نه؟“

”چڪاس مهل ته ڌڌڪا پئي ڪڍيئون.“

”هائو... اها ته چڪاس ۽ آزمائش هئي. ڏسون ته دشمن اڳيان ڇا ٿيون ڪن؟“

”ٺيڪ ڪم ڪنديون! باقي گولين بابت تنهنجي ڳڻتي واجبي آهي. انهن جي اڳ ئي کوٽ آهي، اسان کي سنڀالي واپرائڻيون پونديون. هائي ٿيپ ۽ ٽام چان جو چوڻ هو ته اسان کي دشمن خلاف ڇرن ۽ خنجرن کان به وڌ ۾ وڌ ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي غار ڏانهن رڳو آخري اجهي ۽ اٽڪل جي حالت ۾ موٽڻو پوندو.“

”هو ٺيڪ ٿا چون.“ نگان چيو، ”مان پاڻ متفق آهيان ته اهو اسان جو آخري اجهو ۽ اٽڪل هئڻ گهرجي. پر بچاءُ جي لحاظ کان به غار هڪ آدرشي جڳهه آهي. لنگهه تي رڳو هڪ ماڻهو ئي، عام رواجي هٿوڙي سان هٿياربند، دشمن کي اندر اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جو ڪم رڳو اهو هوندو ته هر ان مٿي تي مترڪو وهائي ڏي جو اُت ظاهر ٿئي.“

”مون پاڻ به اهو ئي سوچيو آهي يار!“ بارين چيو، ”پر رڳو هٿوڙي بجاءِ مان چورسو دستو وڌيڪ پسند ڪندس. اهو وڌيڪ ڳرو آهي، ان جو هڪ اُڀو ڌڪ ئي، ڪهڙي به ڏيل جهڙي ماڻهوءَ کي حرام ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.“ ائين پاڻ ۾ ڳالهائيندا ٻولهائيندا پنجئي ڄڻا ان روشني طرف ويا جا پتن جي وٿين مان ڏيکارجي رهي هئي. جڏهن هي اتي پهتا ته گوريلن کي خاموشيءَ سان پنهنجي مقابلي جي جاين ٺاهڻ ۾ رڌل ڏٺائون. باغيچي جي ڇيڙي تي نيون الڳ الڳ ماڻهن لاءِ کاهيون کوٽجي رهيون هيون. ٽارين ۾ لالٽين لڙڪي رهيا هئا. ۽ هر هڪ سان ڪيلي جو پن ائين ٻڌل هو جيئن پريان سارين جي ٻنين مان ان جي روشني نه ڏيکارجي سگهي.

نگان هر کاهيءَ جو معائنو ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ ٽام چان جي ان تجويز جي ساراهه ڪئي. هن ان ڪم جو اڳرائي، توڙي بچاءَ جي نقط نظر کان جائزو ورتو ۽ اهميت جو اندازو لڳايو. اهي کاهيون انهن لاءِ املهه هيون جي دشمن کان گهٽ هٿياربند هئا.

هن نگان لاءِ به هڪ کڏو کوٽايو هو جو سندس نائب گام کيس ڏيکاريو. ”اجهو هي تو لاءِ آهي.“ نگان ان کي وڌيڪ غور سان ۽ ويجهڙائي کان جاچڻ لاءِ ان ۾ ٽپي پيو. هن ٽوئي کان پنهنجي رائفل ورتي ۽ اها کڏ جي ڪپر تي رکي، جهڪي، ناليءَ سان سنوت ۾ ڏيڻ لڳو. پوءِ هن رائفل موٽائي ٽوئي کي ڏني ۽ بيلچي سان کڏ جي ٻني کي ٿورو ننڍو ۽ هيٺ ڪيو، جو هن جي ماپ کان مٿڀرو هو. جڏهن اوچائي سندس گهرج موجب ٿي ته هن ٻيهر هٿيار وٺي آزمائي ڏٺو. دلجاءِ ڪري هو ٻاهر نڪري آيو. پنهنجي ساٿي کي ائين گهرو معائنو ڪندو ڏسي، ٽوئي کي پنهنجي مورچي جي ڳڻتي لڳي، ۽ تڪڙو تڪڙو، ڊوڙي اوڏانهن ويو. تياريون پوريون ٿيون. نگان پنهنجي ماڻهن کي چيو، ”سنتريءَ کان سواءِ هر ڪو پنهنجي مورچي کي ٽارين سان ڍڪي ڇڏي، ۽ پوءِ وڃي سمهي آرام ڪري، اڳ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي.“

”هائو! سمهڻ به گهرجي. پاڇولن مان آواز اُٿيو، ”خبر نه آهي ته ڇو، پر هر ڀيري جڏهن به دشمن ڪاهيندو آهي ته مون کي ننڊ اچڻ شروع ٿيندي آهي.“

”پر مون کي،“ بارين ردڪد ڏنو ”رڳو تڏهن ئي ننڊ اچڻ لڳندي اٿم جڏهن مان ڪٿي لڪل هوندو آهيان ۽ نه ڪي لڙائيءَ ويل. هڪ ٻي ڳالهه به ياد اچي وئي. سڀاڻي هر قيمت تي مان پنهنجي شڪاري توب جو افتتاح ڪندس. هائي ڪاٽرين ۽ مان ان تي ٻه مهينا وڃايا آهن.“

”ان لاءِ بهتر ٿيندو ته پهريائين توهان پنهنجون ڄنگهون تيار ڪري رکو.“ نگان چيو، ”پري کان اها ڳري عجيب شيءَ ڪو چگهه به نه ڪري سگهندي، ان ڪري توهان کي ڀرسان اچي هلائڻي پوندي. پوءِ پوري ٿيڻ پڄاڻا اُها توهان کي ٻڌي، سڌي ڪلهن تي به کڻڻي پوندي.“

هائي ڪاٽرين نالي واري گوريلي لغام لاٿو، ”مان ته رڳو سڌو سنئون فائر ڪندو آهيان،“ هن چيو، ”دشمن کي رڳو رهڙ ڏيڻ سان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان، سچي پچي.“

پنهنجي پنهنجي جاين کي لڪائڻ کان پوءِ گوريلا خوشمزاجيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هنن سڀني ڄاتو پئي ته سڀاڻي کين دوُس دشمن سان منهن ڏيڻو آهي، پر ان ڳالهه جي کين ذري برابر به اڻ کڻ ڪانه هئي. دشمن سان مقابلو ته سندن لاءِ فطري عمل ٿي چڪو هو. هر دشمن جو موت سندن من جي اها ڪڙائي ۽ دل جو اهو بار هلڪو ڪندو هو، جي مدت کان، تڏهن کان سندن هانءَ تي بار هئا جڏهن وير ۽ بغض واري ماحول ۾ سندن اکين اڳيان سندن ڪيترائي ساٿي ڪٺا ويا هئا. بغاوت جي اڀرڻ کان پوءِ هر ڪو کليءَ طرح دشمن لاءِ پاليل ڌڪار جي اطمينان ۽ پنهنجي گڏيل پيڙائن ۽ پورن جي پلئه وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو. جيتوڻيڪ سندن هٿيار ڀتا هئا، تڏهن به کين پڪ هئي ته دشمن وري کين اڳ جيان پيڙي نه سگهندو. هينئر مسئلو آسان وڃي بچيو هو. جي دشمن اسان کي ڌڪ هڻندو ته اسان کين موٽ ۾ دون جي هڻنداسين. موت رڳو هڪ طرفو نه هو. هينئر موت پڻ اڳ کان وڌيڪ بامعنيٰ ٿي پيو هو، ۽ نقصان، جي اڻ ٽر هئا، انهن نقصانن کان گهٽ هئا جي ماٺ ڪري ويهڻ وارن خاموش سالن ۾ يا ان ڪوڙي امن واري زماني ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ دشمن ڪڏهن به حملي کان بس نه ڪئي هئي.

هنن صوف جي وڻ هيٺان ٽپڙي وڇائي. هائي ڪاٽرين جي ڳالهائڻ کي ڪا پڇاڙي ڪانه پئي آئي. ٿام، نگان کي سڏي پاڻ سان آرام وٺڻ لاءِ چيو. تڏي تي ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويهڻ کان پوءِ نگان پنهنجو ڪولٽ 12_ لاٿو. ان جون گوليون ڪڍيون ۽ رڳو ٽي ان ۾ رهڻ ڏنيون. هن پنهنجي پٽي مان به سڀ گوليون ڪڍيون. ٽرانگ کي سڏي، کيس گولين جو ڍير ڏيکاري چيائين، ”هي کڻي وڃي ٿامپسن وارن ٽن همراهن ۾ ورهاءِ. مان رڳوٽي ٿو جهليان. منهنجي پستول لاءِ اهي ڪافي آهن.“

ڇا ته غنيمت هئي! ٽرانگ جلدي پنهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ چمڪندڙ نيون گوليون ان ۾ سٿيون. ان کان پوءِ نگان، ماس رائفل چڪاسي ۽ تپاسي. دلجاءِ ڪري هن اها ڀرسان رکي ڇڏي. هو جنگ ۾ ان بندوق کي ترجيح ڏيندو هو. اڪثر ماڻهن کي چوندو هو، ”فرانس ڇاپ واري اُها ڏنڊي نما بندوق سٺي نه آهي، پر سندن ماس _36 حيرت انگيز ۽ بلڪل ٺيڪ آهي.“

هو ٿام سان پٺي پٺيءَ ۾ ملائي ٽيڪ ڏيئي ليٽي پيو. هڪ قسم جي گرمجوشي ۽ لڳاءُ سندن جسمن ۾ ڊوڙي ويو. جيتوڻيڪ نگان ڪجهه سال وڏو هو، ته به ٿام هن سان ڳالهائڻ ۾ حجت ۽ گستاخيءَ کان ڪم وٺندو هو. پيٽي بورجوازي طبقي مان آيل ٿام کي ڪجهه تعليم به مليل هئي. هو انهن مضمونن کي ايڊٽ ڪرڻ جو انچارج هو جي دشمن جي سپاهين لاءِ لکيا ويندا هئا. هو بلڪل گهٽ ڳالهائو هو. سندس والدين پهرين بغاوت ۾ حصو ورتو هو. هڪ هٿياربند ويڙهه کان پوءِ دشمن سندس پيءُ کي ماري ڇڏيو ۽ ماڻس کي چولو ڪونڊرا ٻيٽ ڏانهن قيدياڻي ڪري اماڻي ڇڏيو. هُن هڪ ڏينهن نگان کي اعتماد ۾ آڻي چيو، هو، ”ڏاڍي سٺي عورت هئي، منهنجي ماءُ. هوءَ ماسترياڻي هئي، ۽ جڏهن مان سندس ڪلاس ۾ آيو هوس ته مون سان سڀني کان وڌيڪ سخت ورتاءُ ڪندي هئي. جڏهن گرفتار ٿي هئي ته اميدواريءَ سان هئي. مون ٻڌو هو ته اهو ٻار چي ها جيل ۾ مري ويو هو. پر ٻيٽ ڏانهن موڪلڻ کان پوءِ سندس ڪابه خبر نه پئي اٿم.“

نگان دل ۾ سوچيو ته ٿام ان ڪري رات جو بي چين رهندو آهي جو هو پنهنجي پياري اميءَ کي ڳولي نٿو سگهي، ۽ ٻئي طرف نگان کي اهڙي ڳڻتي ڪانه هئي. ننڍي هوندي ئي ڇوري ٻار ٿي پوڻ سبب، سندس ماءُ بابت ياد گيريون، سندن غربت ۽ افلاس جي يادن سان گاڏڙ ساڏڙ ٿي ويون هيون. چتين هنيل پراڻي صدري. لوندڙين تي پگهر جي آبشار، ۽ ڪلهن تي ٽوڪري، جا کڻي هوءَ مارڪيٽ ۾ مزدوريءَ لاءِ ويندي هئي...“

”اڄ، مڱينديءَ سان ملين؟“ ٿام اوچتو سوال ڪيو.

”بلڪل.“ نگان مرڪيو. ساهي پٽي هن وري چيو. ”خبر ٿي ته جڏهن مون کي تو واري گڊي پهريل ڏٺائين ته پڇيائين ته اها ڪنهن جي آهي.“

”انهن ڪپڙن جو پتو اٿس جي تو ڏانهن موڪليا هئائين؟“

”هائو، جڏهن مون کيس ٻڌايو ته اهي ڪنهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿم ته هو مرڪي هئي. هن هيڏانهن اچڻ تي ڏاڍو زور ڀريو، پر اجازت نه مليس.“

ٿورڙيءَ ماٺ کان پوءِ ٿام چيو، ”مهاڻي مان هٿ آيل معلومات مان ته پڪ ٿي پوي ته هو سڀاڻي اچي رهيا آهن. سڀاڻي لاءِ تيار ٿيڻ ۽ وڙهڻ واسطي ٿورو آرام ڪر.“

نگان پاسو ورائي، ساٿي جي چيلهه تي ٻانهن رکي سمهي پيو. منٽ ڏيڍ کان پوءِ کونگهرا هڻي رهيو هو. ٿام باک کان اڳ کيس جا ڳايو.

هر ڪنهن رات وارا بچيل چانور کاڌا. هنن اڃا کائڻ شروع ئي مس ڪيو هو ته بارين ڊوڙندو آيو ۽ رڙ ڪئي، ”هر ڪو پنهنجي جاءَ والاري. خابروءَ جو چوڻ آهي ته هو هان ساڪ تائين پهچي ويا آهن!“

نگان رائفل کڻي مورچي ڏي ڊوڙيو. ٿام ۽ ٽرانگ سندس پيروي ڪئي. پنهنجي کڏ جي ٻني تي اڳڀرو هلندي وات ۾ پيل چانورن جو گرهه اڳريو. ”پنهنجو راشن پورو ڪيو.“ هن چيو ”هو ڪو ايترو تڪڙو هت نه پڄندا.“

جڏهن هو کائي رهيا ته ان مهل ڏينهن اڀري چڪو هو. هان ساڪ طرف نظر ايندڙ بنجر ميدان تي دشمن جا دستا پکڙيل نظر اچي رهيا هئا. هو ڪافي هئا ۽ اڀرندڙ سج جي ڪرڻن سان پيدا ٿيندڙ پاڇا ڪافي ميدان تي ڇانوَ ڪري رهيا هئا. اکيون ڇنڀي نگان چيو، ”هي ته الاهي آهن. ”ٺيڪ آ!“ پوءِ مشاهدو جاري رکندي چيائين، ”حرامي ڏاڍا مغرور ٿا نظر اچن!“ ٿام ڏانهن منهن ڪندي هن چيو ”حڪم پهچاءَ: هر ڪو صبر ڪري. جيستائين هو انهن ٻنين ۾ نه پهچن جن ۾ ڪوڙڪا وڌا ويا آهن تيستائين ڪو گولي نه هلائي. اتي پهچن ته پوءِ گولي هلايو ته جيئن باهوڙجي ڪوڙڪن ۾ ڪِرن ۽ ڦاسن.“

بارين، نگان جي مورچي تي آيو ۽ جهڪيو، ”نگان! ڪوڙڪا به ڍڪيا اٿو نه؟“ هن پڇيو.

”ڪو فڪر نه ڪر. سڀ ٺيڪ آ. پنهنجن ماڻهن کي چئي ڇڏ ته ڇا به ٿي پئي، پنهنجن کڏن مان ٻاهر نه اچن. جيستائين ڪي خاص احڪام نه ملن.“

”هائو، پر پٺتي هٽڻ جي حالت ۾ تنهنجي ماڻهن کي اڳ ۾ نڪرڻو ۽ ٿيڻو پوندو.“

”نه. توهان کي، توهان رستو چڱيءَ طرح سڃاڻو. جڏهن به ٺيڪ سمجهين تڏهن پٺتي هٽڻ جو حڪم ڏجانءَ، اسان تنهنجي ڪڍ لڳنداسين. تيستائين ته گولي هلائڻ جو وجهه ڏي.“  

   .”مان پهرين نڪتي تي متفق آهيان. پر تنهنجا ماڻهو اول هٽندا. مان توهان کي دڳ ڏيکاريندڙ ڏيندس. اسان پٺين محافظ طور آخر م هٽنداسين.“

”پٺين محافظ“ وارو جملو بارين جي چپن تي فخر سان آيو. ڄڻ هو هزارها حملي آور دشمن کي منهن ڏيڻ جو اهل هو. هو ڳرن قدمن سان هليو ويو. هن پنهنجي صدري لاهي مٿي سان ٻڌي هئي. نگان پنهنجي دوست جي موڪرن ڪلهن کي صوف جي ٽارين ۾ گم ٿيندو ڏسي مرڪيو. هن ڪڏهن لوهر کي هٿوڙو سانڌاڻ تي هڻندي به ايڏو جوشيلو ۽ جذباتي نه ڏٺو هو. نگان کي ياد هو ته جڏهن هو ٻيلي ۾ وڃي لڪا هئا، تڏهن به بارين ويڙهو ۽ جوشيلو گوريلو هوندو هو. ڪو ڏينهن اهڙو نه هوندو هو جڏهن جو سپاهيءَ يا ڳوٺاڻي محافظ تي حملي لاءِ موڪل نه وٺندو هو. ماڻهن واتان قانوني جدوجهد جي ڳالهين ٻڌڻ کي هو ڌڪاريندو هو. هڪ لڱا هو پنهنجي رائفل کڻي هائي ٿيپ وٽ آيو هو ۽ چيو هو، ”گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مان پنهنجي بندوق پارٽيءَ کي واپس ٿو ڪريان.“

هائي ٿيپ جون اکيون اچرج ۾ ڦاٽي ويون. پر بارين ڳالهه جاري رکي، ”مان چرچا نٿو ڪريان. ان بندوق رکڻ جو ڪهڙو فائدو جا مان استعمال نٿو ڪري سگهان؟ جي دشمن سامهون اچي ويو ته مان مُڪن ۽ چڪن سان پنهنجو بچاءُ ڪندم ۽ پوءِ ڪابه دانهن فرياد نه ڪندس.“ هن پنهنجن پوين لفظن تي خاص زور ڏنو هو. پر هائي ٿيپ ان ڳالهه جو عادي نه هو ته ڪو ٻيو ماڻهو کيس ٻڌائي ته هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ”ان جي معنيٰ ته،“ هن بارين کي چيو، ”تون پارٽيءَ جي لائين تي احتجاج ٿو ڪرين؟ تون پارٽيءَ کان الڳ ٿيڻ ٿو چاهين؟“ اهي لفظ هن جي سيني ۾ خنجر جيان چُڀي ويا. هائي ٿيپ کي انهن جملن تي ڀروسو هو. هن ڄاتو پئي ته سندس ساٿي ان مهڻي ۽ ميار کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن به شيءَ کان نه پئي ڊنا. هائي ٿيپ اٿي بيٺو ۽ ڳالهه پوري ڪئي، ”ٺيڪ آ. مان ڪامريڊ ٽام چان کي رپورٽ ڪندس.“

”ترتس! ترس!“ بارين خوفزده رڙ ڪئي، ”چريو نه ٿيءُ. مون توکي هٿيار موٽائي ڏنا، تو وٺڻ کان انڪار ڪيو_ ان ڪري کڻي ڳالهه ئي ڇڏي ڏجي. ان لاءِ رپورٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“

هائي ٿيپ کيس ائين ئي منجهيل بيٺو ڇڏي، نگان طرف ويو ته جيئن کيس ٻڌائي ته ڇا ٿيو هو. اهڙو معاملو وري نه ورجايو ويو. ٽام چان کي به نه ٻڌايو ويو ۽ بارين به بندوق رکيو آيو. ٻه مهينا پوءِ بغاوت جو حڪم آيو ۽ بارين پنهنجي بندوق، هان ڊئٽ چوڪيءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ استعمال ڪئي.

۽ اڄ، پٺتي هٽڻ تي بحث ڪندي، هن چاهيو پئي ته نگان جو دستو ئي حملي تان هٽڻ جي اڳواڻي ڪري. نگان سڀ کان وڌيڪ ڄاتو پئي ته پٺتي هٽڻ ۾ پوئين پلٽڻ کي ڪهڙين حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ائين ڪرڻ ۽ اهو چوڻ آسان نه هو، جيئن بارين چيو پئي ”ته مان آخر ۾ پٺئين محافظ طور هٽندس.“

ڪاهي ايندڙن جا چهرا ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. اڳيان اڳيان رينجرس پئي آيا. سندن هٿيار اُڀا هئا. نگان کي انتظار جو انت ڏکيو ۽ ماحول ڇيهي کان به ڳورو پئي لڳو. جيتوڻيڪ هن ڪيترائي دفعا موت جو منهن ڏٺو هو، پر اڄ هو پنهنجي دل جي تڪڙي ڌڪ ڌڪ کي روڪي نه سگهيو. هو، بي صبر هو، ڇاڪاڻ جو هن کي خوف جي ڪابه خبر ڪانه هئي، سو به تڏهن جڏهن کيس هٿيار به هئا. هڪ ڀيرو هن ٻڌل هٿن سان پنهنجي محافظن کي ڪيرايو هو ۽ ڀڄي ويو هو. هينئر، هٿ ۾ بندوق سان ۽ چوطرف ساٿين سان، هن کي پاڻ ۾ وڌيڪ ويساهه اچي ويو.

سڀ کان وڌيڪ هن کي ڪوڙڪن واري زمين ۾ گهڻو ڀروسو هو. دشمن سڌو ان طرف وڌي رهيو هو، جا زمين بلڪل سارين جي ٻني جيان بڻائي وئي هئي. هاڻي هو ان ۾ داخل ٿي رهيا هئا،  ۽ ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته اُت سندن لاءِ ڇا هو. هٿيون جيڪو سو هنن پنهنجي وک وڌائي ڇڏي هئي. هنن مان هر هڪ سڀ کان اول صوفن جي باغ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.

نگان هوريان اُڀو ساهه ڀريو ۽ رائفل جي سيفٽي ڪئچ ڍري ڪئي. فاصلو هينئر ڏيڍ سوُ فوٽن کان وڌيڪ ڪونه هو. ”اها مهل آ.“ هن سوچيو ”وري اهڙو وجهه نه ملندو.“ هن خيال سان سڀ کان اڳ ۾ اڳتي وڌندڙ وچ وٺي هلندڙ قداور همراهه جي چست ورتي ۽ گهوڙو دٻايو. خشڪ آواز فضا کي چيري ويو، ۽ پويان سندس ماڻهن جي ڳري گولي بازي شروع ٿي وئي. قداور همراهه گم ٿي ويو. ٻيا خوفزده ٿي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. نگان انهن مان ڪيترن کي لڪل ڪوڙڪن ۾ ڪرندو ڏٺو. هو زمين ۾ کوٽيل کڏن ۾ ڪري پيا هئا ۽ رڳو هٿيارن جون چوٽيون نظر اچي رهيون هيون.

”هاڻي ڦاٿا ٿي!“ ماڻهن رڙ ڪئي.

”ٻيو ٿو وڃئي!“

”ٽيون ڀي!“

جيترو حملي ڪندڙ هراسان پئي ٿيا اوترو تڪڙو ۽ گهڻا کڏن جي ڪوڙڪن ۾ پئي ڪريا. آخر هو اڳتي وڌڻ يا موٽڻ جي همت نه ساري زمين تي سمهي پيا. پر پويان بيٺلن وري همت ٻڌي ۽ باغيچي کي گولين جو نشانو بنائڻ لڳا. چوطرف صوف ڪِرڻ لڳا. هڪ ڀڳل ٽاري نگان جي ڪلهي تي اچي ڪري. هن اها هٽائي ۽ پنهنجي مورچي جي ٻني تائين اُٿي بيٺو جيئن ته حملي آور زمين تي ستل هئا، ان ڪري هن رڙ ڪئي، ”گولي هلائڻ بند ڪريو، ساٿيو! وري تڏهن گولي هلائجو جڏهن هو اٿن ۽ اڳتي وڌن.“

ڪجهه پَلن جي ماٺ کان پوءِ، حملي آور اٿي بيٺا ۽ هنن طرف وڌڻ لڳا. پويان اڳين ڏانهن رڙيون ڪري رهيا هئا. هو ڏاڍو سنڀالي هلي رهيا هئا. وک وک جاچي رکي رهيا هئا. نگان ان مهل بارين جي جٿي جي ليبيل رائفلن جي ٺڪا ٺوڪي ٻڌي، جي مشين گن جيان گرجي رهيون هيون. دشمن ۾ وري هراس ڇانئجي ويو. وري ڪجهه وڌيڪ ماڻهو کڏن جي ڪوڙڪن ۾ ڪريا. ٻيا وري زمين تي ليٽي پيا. ان وچ ۾ ڪجهه رينجرس ويجهو اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. گوليبازي جي باوجود رڙهندي رڙهندي هنن اڳتي وڌڻ جاري رکيو. ٻيا هنن جي پيروي ڪرڻ لڳا. دشمن ان طرح ڪوڙڪن وارو ميدان ٽپي اچي پهتو هو. ڪنهن به ائين نه پئي ڀانيو. نگان محسوس ڪيو ته هنن يڪدم ڪجهه نه ڪيو ته ٻيءَ گهڙيءَ هو سندس سر تي هوندا. هو جلدئي پنهنجي مورچي مان نڪتو، هڪ پاسي ٿورو ڊڪي پٽ ٿي پاڻ ڪيرايائين ۽ دشمن جي حملي جي جاءِ جي سامهون ٿي چست ورتائين. ٽي چار رينجرس سامهون ڏسي هن پنهنجي رائفل جو گهوڙو دٻايو. ٻن کي گولي لڳي. پويون همراهه اڳ ۾ ڪريو. اڳيون يڪدم رڪجي بيهي رهيو، پنهنجي خودڪار بندوق اڇلايائين، سڌو ٿي آڪڙيو، ۽ پوءِ ڪثيل ٿُڙ جيان پٽ تي ڦهڪو ڪري ڪريو. هاڻي جڏهن ته دشمن ڪوڙڪن مان دڳ ڳولي لڌو ته هنن جي پيش قدمي به سولي ٿي پئي هئي. ٻنيءَ جي وچ ۾ رکيل توبخاني فائر ڪرڻ شروع ڪيو. گولا زوڪاٽ ڪري باغيچي ۾ اچي ڦاٽڻ لڳا ۽ وڻ ٻوٽا هوا ۾ اُڏامڻ لڳا. دونهين جا ڪارا ڪارا بادل اُٿيا نگان وري گولي هلائي ۽ رڙ ڪئي، ”پهرئين پٺتي هٽڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکو!“ هڪ گوريلي ڏي منهن ڪندي، هن چيو، ”تون اسان جي رهنمائي ڪر.“ نگان جو سارو جٿو سونهين جي ڪڍ لڳو. بارين رڙ ڪري چين، ”باغ جي پريان اسان لاءِ ترسجو.“

”تون نٿوهٽين ڇا؟“

”هائو، مان به اجهو آيس.“

پر هن تڪڙ نه ڪئي. ڪنڌ ورائي نگان ڏٺو ته بارين ۽ ڪجهه گوريلا ٻه ”شڪاري توبون“ کنيو باغيچي جي وڻن مان دشمن طرف ڊڪندا پئي ويا جوان ان ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. اهي هٿيار جي صفا ڄٽڪا هئا، ڏسي هن جي دل ۾ لوهار ۽ سندس ساٿين لاءِ قرب ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿيو.

سڀئي باغيچي وٽ پهچي، نگان ۽ سندس ساٿي هڪ ڪڙئي جي ڪنڌي تي پوزيشن وٺي بيهي رهيا. ٽن پاسن کان حملا ٿي رهيا هئا. هنن اٺ حملا ڌڪي ڇڏيا. اوچتو ٿام، جو هڪ لاهيءَ طرف ٽپو ڏئي رهيو هو، ڄنگهه ۾ توب جي گولي لڳڻ سبب ڦٽجي پيو. ڀاڄ ۾ سندس ساٿين کي هن کي به کڻي وڃڻو پيو. کڏن کان ٽپندا ڇاڙتا فوجي، وڏي وات رڙيون ڪندا، هٿن مان نڪتا پئي ويا. گوريلن کي بارين جي جٿي جي ڪا خبر ڪانه پئي پئِي. نگان، ٽوئي کي، ٿام کي رستي طرف وڃڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پاڻ ۽ ٻيا ترسي، کيس بچاءَ جي وٿي ڏيڻ لاءِ، ڪجهه منٽ گولي هلائيندا رهيا. پوءِ هو فائرنگ ڪندا پٺتي هٽڻ لڳا.

نگان پنهنجي ڊڪندڙ پيرن هيٺان رت جي ڌارا ڏٺي. ”ويچارو ٿام“ هن سوچيو، ”هو ٽوئي کي اچي پهتو جو ٿام کي پٺتي کنيو ڳورن قدمن سان ڊڪندو پئي ويو، ٿام جا پير زمين کي ڇهي رهيا هئا. سندس پنيءَ جي زخم کي رومال سان ٻڌو ويو هو. ”ايذاءَ ٿو اچئي ڇا؟“ نگان پڇيو.

ٿورڙو چڀي ٿو.“ ٿام چيو، ۽ مرڪيو.

سندس دوست پيلو ٿي ويو هو. ايڏو تڪڙو رت جو وهڻ بي همت ۽ نراس ڪندڙ هو. رومال سارو ڀڄي چڪو هو ۽ رت کڙي طرف وهي هيٺ زمين تي ڪِري رهي هئي. جتي ۾ پيل واري يڪدم چوسي ناسي رنگ جي پئي ٿي وئي. پنهنجي ڳڻتي کي لڪائيندي نگان چرچي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ”ٿورو وقت سور سهه، ٿام، مان، نام نهوءَ کي تنهنجي تيمارداري لاءِ وٺي ايندس. جڏهن هوءَ ڦٽ جي پٽي ڪندي آهي ته سڀ سور لحظي ۾ لهي ويندا آهن.“

ٽوئي ٿڪجي پيو ته ٽرانگ ٿام کي کنيو. نگان ٻنهي جي پاسي ۾ پئي هليو ۽ بارين ۽ سندس ساٿين کي موٽندي ڏسڻ جي اميد ۾ هر هر پٺيان پئي نهاريو. ان طرف گوليبازي جهٽ لاءِ بند نه ٿي هئي. اوچتو هن ٻه چيريندڙ گجگوڙون ٻڌيون، بي 61_ م م توب جي آواز کان ڪجهه هلڪيون هيون. جهٽ پوءِ هن جٿي کي ايندو ڏٺو.

”بارين ۽ سندس ماڻهو آهن.“ هڪ همراهه رڙ ڪئي.

”واهه جو ڀڄن ٿا! پڪ ئي حرامي پٺيان هوندن!“

”هائو باغيچي جي ڪناري تي پڄي چڪا هوندا.“

نگان وچ ۾ چيو ”ٺيڪ آ. هلو هلو جلدي ڪريو. مان ٽرانگ ۽ ٿام سان گڏيو ٿو اچان. آرام سان هل، ٽرانگ جڏهن ٿڪجين ته مون کي ڏج.“

ٿام ۽ ٽرانگ وٽان لنگهندي همراهن کڙين تي ڏني. بارين جا ماڻهو اچي پڳن. هو ٽوراؤ جي پٽ کي آڌار ڏنيون پئي آيا. ڇوڪرو ڏاڍي تڪليف سان هلي رهيو هو. نگان کيس چتائي ڏٺو ته سندس گڊيءَ جي کٻي ٻانهن ڌاڳن ۾ لڙڪي رهي هئي. ڊڄندي ۽ پريشانيءَ مان هن پڇيو ”تون؟“

جي ڪنڌ لوڏ ۾ ها ڪئي.

بارين به ڪلهي تي پيل شڪاري توب جي بار کان جهڪيو، اچي پهتو ۽ ڍڳي جيان رنڀندي، چيائين، ”اسان جي شڪاريءَ جي رنڀ ٻڌئي؟“

”ٻه ڌماڪا ٻڌم، اهي ان جا هئا ڇا؟“

”هائي ڪاٽرين ۽ مان، ٻنهي هڪ هڪ ٺڪاءَ ڪڍيو.“ پنهنجي لفظن کي هٿن لوڏ سان ڌار ڌار ڪندي هن چيو، ”يار، ڏسين ته ها، ڪيئن پئي کين دسيائين. ڏک اهو آ جو تڪڙي موٽڻ ڪري اسان کيس وڌيڪ هلائي نه سگهياسين. بدمعاش هينئر ته ڪاهي ڪڍ پيا آهن.

”هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“ نگان چيو.

”هان ڊئٽ هلو.“

هو سڀ ڳوٺ طرف وڌيا، جو هينئر ويجهو هو. جيئن هُو اوڏانهن وڌيا ته سامهون ناريل جي جهڳٽن مان هنن هڪ عورت کي تڪڙو تڪڙو نڪرندو ۽ پوري سگهه سان ڏانهن وڌندو ڏٺو، سندس هر وک سان وار ڪِري ۽ اُٿي رهيا هئا. نگان، نام نهوءَ کي سڃاڻي ورتو. سهڪندي سهڪندي هوءَ اچي پُڳي ۽ ٽرانگ سان وک ملائي هلڻ لڳي. هن ڪاروباري نموني ٿام جو زخم جاچڻ شروع ڪيو. هن پنهنجو رومال ڪڍي جلدي جلدي سندس ڄنگهه اُگهي. پر هن صاف ئي مس ڪئي ته وري ٻي رت وهڻ لڳي. هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.

”پريشان نه ٿي، نام نهو،“ نگان چيو، ”هي اڃا مرڻ لاءِ تيار نه آهي.“

ڇوڪري ڏانهن ڏسندي هن دل ۾ سوچيو: ڄڻ تنهنجي جسم کي زخم ٿيو آهي: هون؟ تو پڪ ئي پڪ منهنجي مذاق تي ڀڻ ڀڻ ڪئي هوندي! ٺيڪ آ. ڇوڪر! سو تون منهنجي ٿام تي مرين پئي. سٺو! پوءِ هن پنهنجي مڱينديءَ بابت سوچيو: جي هو ڦٽجي ها ته ڪوين جيڪر روڇ ڪري ها؟ ڪجهه دلجاءِ سان هن خيال ئي خيال ۾ ڪوين کي پنهنجي زخم تي نام نهوءَ جيان وائڙو ۽ واويلا ڪندي ڏٺو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org