”سمجھيوسين.“
اوچتو اونده ۾ ٽونگيپ جو آواز اڀريو، ”اڙي تون آھين ڇا، ڀلو
ٿئي؟“
”ھائو. مان آھيان منھنجا ڀتار. مان. چڱو الله واھي!“
غار جي منھن ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي بوتلن ۽ چانورن جي ھڙن جي آواز ۾
مليل جليل تڪڙا سوال ۽ تڪڙا جواب. ھلڪي چنڊ جي
روشنيءَ ۾ رڳو عورتن جا جُوڙن سان يا ڊگهين چوٽين
سان ھلڪا ھلڪا ڌنڌلا پاڇا پئي نظر آيا. گوريلن
پنھنجي ڌيءَ کي يا زال کي ايتري روشنيءَ ۾ به
سڃاڻي پئي ورتو. عورتون رڳو ٻاھر نڪرندڙ ھٿ ۽
اندران ايندڙ آوازئي سڃاڻي پئي سگهيون، ته ڪنھن جو
ڀاءُ ھو، ڪنھن جو مڙس ته ڪنھن جو پاڙيسري. پيارا ۽
پنھنجا آواز. پنجن ڏينھن کان ڪنھن کي به ڪنھن جي
ڪا خبرچار ڪانه ھئي. ھرھڪ غيرمعمولي اتساھه ۾ ڀريل
ھو. اھو خيال ئي اندر رھندڙ کي وڏي سگهه ۽ حوصلا
ڏئي رھيو ھو ته ھو پنھنجن پيارن کان ڪٽيل ۽ الڳ نه
ھئا. عورتون غار ڇڏڻ وقت بااميد ۽ آسائتيون موٽيون
پئي. ٻنھي کي پڪ ٿي وئي ھئي ته اھا گڏجاڻي ڪا سندن
آخري گڏجاڻي ڪانه ھئي.
عورتن جي موٽڻ کان چنڊ پل پوءِ ھڪ ننڍڙو جسم غار ۾ گهڙي آيو ۽
سندس پويان ھڪ گلر. جسم بارين جي ھنج ۾ اچي پيو.
لوھر کيس قابو جھلي رڙ ڪئي، ”ڪير آ! ڇا ٿو ڪرين؟“
”مان آھيان....... مان ....... مان موٽي ڪونه وٺندس.........
مون وٽ ھڪ ھٿ بم آھي ........“ جسم احتجاج ڪيو.
”چڱي ٿئي! تون آھين ڇا اُوت؟ اڙي يار ھي اُوت اٿو!“
”مان ھت رھندس. چيو نه مانو! مان ڪونه موٽندس!“
اُوت ڦڙتيءَ سان بارين جي پڪڙ مان ترڪي نڪري ويو. ۽ اندر گهڙيو.
ھو ڪنھن کان چمي وٺي رھيو ھو ۽ پنھنجو کھرو مٿو
سندس پيٽ سان ٽڪرائي رھيو ھو. ھو مڻ مڻ ڪندو
رھيو”مان نه موٽندس. مون کي گم ڏسي سڀ وائڙا ۽
حيران ٿي ويندا.“
”اُوت! تون آھين ڇا اُوت؟“ خوشيءَ ڀريا سوال غار مان اندران
پڇجڻ لڳا.
انھن مان اُوت، ٽام چان جو آواز سڃاتو، ”توھان آھيو ڇا، چاچا
ٽام؟ خبر اٿو ته توھان جي زال روز مھاتما ٻڌ آڏو
موم بتيون ۽ اڳربتيون ٻاري توھان جي خيريت جي دعا
گهرندي آھي.“
”چرچا ڇڏ! آءُ، اچي پنھنجي ڀاءُ کي ڏس. ڦٽجي پيو آھي.“
”مون کي خبرآ.“ ڇوڪري بنا ڪنھن جذبي جي وراڻيو.”تڪڙ ڪانھي ٿورو
پوءِ ئي سھي. بابا کي به اھا خبرآھي. چيائين پئي
ته ويڙھه ۾ اھا معمولي ڳالھه آھي. اڙي، مون کان ته
وسري ويو. مون وٽ بلڪل نئون نڪورو ھٿ بم آھي. جيڪو
سپاھين وٽان چورايو ھوم. سڀاڻي جي ھو ھيڏانھن آيا
ته ڦھڪو ڪرئيندومان، پوءِ ھيڏي يا ھوڏي!“
ھرڪنھن کان ٽھڪ نڪري ويا.
”وڏي ڪا ڇپ آن! اھو ته آخري ھٿيار ھوندو آھي. دشمن پري ھوندو
آھي ته اھا اٽڪل ڪم نه ڏيندي آھي.“
وچ ۾ اٽڪاءَ ۾ پوڻ ۽ مُنجھڻ جي باوجود اُوت کڙائيءَ سان جواب
ڏنو. ”مان به ته ائين پئي چيو نه ته آخر ۾ اھو
داءَ ئي استعمال ڪندس _ آخري داءُ.“
”پوءِ ته ٺيڪ آ، پر ھِت اھا نوبت ايندي ئي ڪانھي، ننڍڙا گوريلا
ڀاءُ! ھو اڃا منڍي ڪڍندائي ناھن ته اسان شوٽ ڪندا
آھيون. پوءِ جڏھن ھو ڪافي ويجھو ايندا آھن ته بم
استعمال ڪندا آھيون.“
”ائين نه! پوءِ ته سڀ ٺيڪ آ!“ ڇوڪري ڦڙتائيءَ سان جواب ڏنو.
پوءِ ھن پڇيو، ۽ ”ڪوين؟ اھا ڪٿي آھي؟“
”اندر.“
اُوت ھن ڏانھن وڃڻ لاءِ مڙيو، پر پوءِ وري يڪدم بيھي رھيو. ھن
سڻڪيو ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيو، ”ھون ...........ھون
...... سئو مري وئي.“ ھو غار جي وچ ۾ بيٺو ڳوڙھا
ڳاڙيندو رھيو. جڏھن ماڻھن کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
ته ھن کين ڌڪي پاسي ڪري ڇڏيو. ڄڻ ھر ڪنھن تي
ڪاوڙيل ھو. پوءِ ھن روئڻ بند ڪري پنھنجو نڪ زور
سان سڻڪيو.
ھائي ٿيپ ھن کي ڀاڪروڌو. ”ڏسِ، اوت! تون ڀلي ھت ترس. پرھت رھي
ٿئي کي اھو نه ٻڌائجانءِ ته سندس ماءُ ڪا مري وئي
آھي. سمجھيئي؟ جي کيس خبر پئي ته سندس ڳوڙھا اسان
جي جھلجڻ جا نه ھوندا. باقي رھيو تنھنجو ناميارو
بم، سو اھو اسان کي ڏي، اسان اھو تنھنجي لاءِ رکي
ڇڏينداسين.“
اُوت پتلون جي کيسي مان ايم. ڪي _ 3 ٻاھر ڪڍيو ۽ ھائي ٿيپ جي
حوالي ڪيو. ”وڃائجو نه،“ ھن چيو، ”مان توھان کان
ڀرائيندس.“
”ويو ته ٻيو ڏيندومانءِ. انھن جي اسان وٽ کوٽ ڪانھي.“
کاڌ خوراڪ ڪٺي ڪري ھڪ ڪنڊ ۾ ميڙي رکي وئي.ٽارچن جي روشنيءَ ۾
ھنن اھا ڳڻي، درجن پاڻيءَ جون بوتلون، درجن چانورن
جون ھڙون، ڪيترا دٻا تماڪ ۽ ھڪ ڪارٽون روبي سگريٽن
جو. مٿن ويڙھيل ڪيلن جا پتا اڃا تازا پيا ھئا. ھڪ
ڳنڍ اڃا گرم ھئي. ھنن پتا لاھي کولي، ڀڳل چانور
گرم گرم ۽ ھڪ ڪڪڙ روسٽ ٿيل ۽ ڀڳل بصر ۽ ٻيا
مصالحا.واه! واه!“ ھر ڪنھن حيرت مان چيو، ”اڄ ته
شاھاڻي ماني ملي آ!“
”اڄ رات،“ بارين چيو، ”اسان کي وڃايل سگهه موٽائي وٺڻي پوندي.
پيٽ ڀري کائو ۽ پيئو، ۽ پوءِ روبي سگريٽ دکائي
ڇاڙتن ۽ ڀاڙيتن کي آڱوٺو ڏيکاريو.“
”روبي جي حد تائين ته ائين ممڪن آھي.“ ھائي ٿيپ چيو، ”پرکاڌو ۽
پاڻي اسان کي ڪفايت سان کپائڻو پوندو. ھيءَ حالت
ڊگهي دير رھي سگهي ٿي. منھنجي راءِ آھي ته اسان کي
سڀڪجھه ڪوين جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ۽ ھن کي اختيار
ڏجي ته جيئن مناسب سمجھي تيئن ونڊي ورھائي.“
”کاڌي تائين مان ان رٿ جي تائيد ٿو ڪريان.“ ٽونگيپ چيو، ”پر
سگريٽ ۽ تماڪ لاءِ _ مان انھن جو ذميدار
ٿيندس.“ٽھڪن جي گونج سندس رٿ جي آجيان ڪئي. سڀني
اھا منظور ڪئي. پر بارين گنگ رھيو. ٽونگيپ ڳنڀيرتا
سان چيو. ”چئو، بارين! ڪو خام خيال دل ۾ نه آڻج!
اجتماعي ڀلائي جي ڪري ئي مان سگريٽ ۽ تماڪ جو ذمو
کنيو آھي نه ڪي پنھنجي ڀلائي لاءِ. مان ڪو اھڙو
خود غرض ۽ پاڻ پرست نه آھيان.“
بارين رڳو مرڪيو.
(4)
بيگم ڪازوئي پنھنجي ڏک جي گهراين ۾ وڃي پھتي ھئي. جڏھن زام
پنھنجي تلوار سان سئوتي حملو ڪيو ھو ته ھن ان
ڏانھن اُلر ڪئي ھئي. پر سپاھين کيس پري ھٽائي ڇڏيو
ھو ۽ لتاڙيو ھو ۽ ھوءَ بيھوش ٿي وئي ھئي. ھوءَ ھوش
۾ ان مھل آئي جنھن ويل سج ٻڏي رھيو ھو. کليل ۽
وچڙيل وارن سان روڄ راڙو ڪندي ڪامي ڊوڙي سندس صندل
ڏانھن آئي ھئي ته جيئن کيس ٻڌائي ته سئو مري چڪي
ھئي. پوءِ ڇوڪري يڪدم ٻاھر ھلي وئي ۽ کليل گهر ۾
ماءُ کي بانس جي صندل تي اڪيلو ڇڏي وئي. ناريل جي
پنن جي ٺھيل پڙدي جھڙين پٽين مان ھوا اندر اچي رھي
ھئي. گهڻي ڪوشش ۾ اورچائيءَ کان پوءِ بيگم ڪازوئي
پنھنجي سر اٿي صندل تي بيھي رھڻ جي قابل بڻي. سندس
اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ ھئي. سندس ڪڪا وار کليل
ھئا ۽ لھندڙ سج انھن تي ڦڪو زرد عڪس وجھي رھيو ھو.
ھو ماٺ ڪيو بت بڻي ويٺي رھي. رات اچي وئي پر ھوءَ
چُري پُري ڪانه. ڪمري ۾ اونده قبضو ڪندي وئي پر
ھوءَ ان ۾ بلڪل گم ٿي وئي. جڏھن چنڊ نڪتو ته ھن جي
شڪل وري ظاھر ٿي. ان وقت ھوءَ صندل تي نه ھئي پر
اتان اٿي چڪي ھئي. ھن جھوريءَ لڳل کمير عورت جي
بيھڻ جو اندازو به نرالو ھو. ڄنگهون کليل، پير
ڪجھه اندر ڀرو مڙيل، پٻ زمين ۾ کتل. ٻانھون جسم
سان چھٽيل اڳڀرو جھڪيل. ھن عورت جي مورت ائين
ڏيکارجي رھي ھئي ڄڻ ڪو وڻ ڪرڻ وارو ھجي.
ھوءَ گهڻو وقت ائين بيٺي رھي. اڌ ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ. پوءِ
اوچتو ھوءَ چُري، ۽ جھڪيل ٿيڙ کائيندي، گهر کان
ٻاھر نڪتي. ھوءَ ڄاتل سڃاتل ۽ پيرن ھيٺان لتاڙيل
پراڻي پيچري تان ھلڻ لڳي. ھوءَ ھر ھر ڪري ٿي پئي
پر وري اٿي بيٺي پئي _ اڳتي وڌڻ لاءِ. آخري ڀيرو
جڏھن ھوءَ بيگم بااُو جي دڪان تان شراب وٺي آئي
ھئي تڏھن به ان رستي تان ٿيڙ کائيندي موٽي ھئي، پر
تڏھن ھوءَ ايڏا ڀيرا ڪونه ڪري ھئي جيڏا ڀيرا اڄ
ڪري رھي ھئي. ڏک سچ پچ ھن کي چريو ۽ وائڙو ڪري
وڌوھو.سندس پنھنجو پٽ ڪيتري وقت کان پوءِ ھان ڊئٽ
موٽيو ھو ۽ سو به ان لاءِ ته اھڙي ڇوڪريءَ کي ماري
جنھن کي ويٽنامي توڙي کمير ٻئي ڏاڍو چاھيندا ۽
ڀائيندا ھئا. ان عورت ۽ سندس ماءُ ڪيترائي ڀيرا
سندن سان سھڪار ڪيو ھو. ويھه سال اڳ ھڪ سرد ڪوھيڙي
واري رات جو ماتا ساوُ ئي ھن کي پنھنجي گهر وٺي
آئي ھئي ۽ ماتا ساوُ ۽ سئو ٻنھي کي مٿن تي رومال
ٻڌل ھئا. ھن کي اھو به ياد ھو ته ڪيئن نه ننڍڙي
سئو سندس ھٿ وٺي کيس گهر وٺي ھلڻ لاءِ سھارو ڏنو
ھو. ھن کي سڀڪجھه ياد ھو، ۽ جڏھن سندس پيارو ٽاچ
گا مري ويو ته ماتا ساوُ ۽ سندن ڌيئن ڪامي جي سار
سنڀال لڌي ھئي. ھن سندس سڀ ٿورا دل تي نقش ڪري
ڇڏيا ھئا. ۽ اھو نه پئي ڄاتائين ته اھي ڪيئن لاهي
سگهندي. ھُو (ماءُ ڌيءَ) وقت بوقت ماتا ساوُ جي
مدد ڪنديون ھيون. ڪڏھن پاڻي ورائڻ ۾، ڪڏھن مال
چارڻ ۾ ته ڪڏھن لابارن لاھڻ ۾. پر اھو سڀڪجھه سمنڊ
۾ ڦڙي برابر ھو _ ۽ اڄ رات ان شيطان، جنھن کي ھن
ڄڻيو ۽ پاليو ھو، تلوار جي ڌڪ سان سئو جي حياتيءَ
جو انت آندو ھو!
سئو جو قاتل زام ھو _ اھو ڏھڪاءَ ئي سچ پچ ته ڪازوئي کي رستي تي
ٿيڙ ۽ ٿاٻا کارائي رھيو ھو. ھوءَ ڪيڏانھن وڃي رھي
ھئي؟ ھوءَ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پيچري تي رڙھي رھي
ھئي. ھن جي لاءِ ڄڻ اھا راھه ڪنھن ويم گهر جي راھه
ھئي. نيٺ ھن جي مورت ھڪ چوراھي تي ظاھر ٿي.
ھيڏانھن ھوڏانھن مڙڻ بجاءِ ھوءَ سڌو ھلندي
رھي.سندس ارادا ظاھر ھئا. ھوءَ ماتا ساوُ ڏانھن
وڃي رھي ھئي. سندس وک منجھيل، ڊڄڻي ۽ ڏڪيل ھئي.
انبن وارو باغ ٽپڻ مھل ھن رستي تان ھلڻ جي ھمت نه
ساري پر ٻني تان لڪندي ڇپندي آئي. ماتا ساوُ جي
گهر تائين پھچڻ وارو وقت ھن کي نه ختم ٿيندڙ وقت
پئي لڳو. اتي پھچي ھن وڏو انبوه انسانن جو ڏٺو. ھو
سئو کي وھنجاري ۽ ڪفنائي رھيا ھئا. پر ھن اھو نه
ڏٺو ته ماتا ساوُ ڪھڙي نه پيار ۽ پاٻوھه سان ڌيءَ
جا وار ڳنڌي رھي ھئي. ان ڪري جو ھن ان انبوه جي
روبرو اڱڻ ۾ اچڻ نه پئي چاھيو. ھوءَ ٻاھر رستي تي
ئي انناس جي وڻن جي اوٽ ۾ لڪي بيھي رھي. اُت بيٺي،
ماتا ساوُ جا پار ٻڌي ھوءَ ڏڪي ۽ ڪنبي وئي ھئي. ھن
ھٿن سان پنھنجو مُنھن ڍڪي ڇڏيو. جڏھن اڱڻ ۾ ٻريل
شعلن جي روشني ھن تائين پھتي ته ھوءَ ڀوُ ۾ ڌرتي
تي جھڪي وئي. انناس جي پنن جي وٿين مان ھن ماتمي
جلوس ڏٺو _ سئو جو ڳاڙھو ڪفن ۽ ماتا ساوُ جا اڇا
وار. ھن ڪفن کي گهوريو. سندس دل ڀرجي آئي. ھوءَ
سرد ۽ ساڪت ٿي وئي ۽ اکيون بند ٿي ويس. جيتوڻيڪ
ھوءَ ڪئي گهمرا ورجائي چڪي ھئي ته زام سندس پٽ نه
ھو، پر ان ھوندي به اھا حقيقت ھئي ته کيس ھن دنيا
۾ جنم ڏيڻ واري ھوءَ ئي ھئي. الله جي پناھه! ڪيڏي
نه گهُٽ ۽ گرمي ھئي ان رات! ان ملعون زميندار جي
پٿرائين گهر جون ڀتيون ڪيڏيون نه ٿلھيون ھيون.
انھن چوديوارين جي اندر، پگهر ۾ شل، ھوءَ رات لڙي
تائين لڇندي ڦٿڪندي ۽ ڪو ڪندي رھي ھئي، ۽ ان نتيجي
۾ کيس ٻار پيدا ٿيو ھو _ زام قاتل.
ماتمي جلوس اڳتي ھلي ويو، سندس ڌيءَ ڪامي به انھن سان ھئي.
مادام ڪازوئي انھن سان شامل ٿيڻ چاھيو پئي پر ان
جي سگهه نه پئي ساريائين. ھن ۾ سچ پچ ايتري ھمت ۽
جراُت ڪانه ھئي. ڪامي ڪري پئي سگهي، پر ھوءَ نه.
ھن پاڻ تي ڦٽڪار وڌي. اھو سندس پراڻو احساس ھو پر
اڄ اھو سڀ کان وڌيڪ ۽ شدت سان کيس وڪوڙي ويو ھو.
ان ڪري ھن کي جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ جي ھمت ئي ڪانه ٿي.
ھرڪو ھليو ويو ھو. مشعلون به ڏسڻ ۾ نه پئي آيون. ھينئر رڳو
چانڊوڪي ئي ماتا ساوُ جي اڱڻ کي اجرو ڪري رھي ھئي.
بيگم ڪازوئي انناس جي ٻوٽن پويان ماٺ ڪيو بيٺي
ھئي. سامھون ھوءَ دڙي تي ٺھيل گهر ڏسي رھي ھئي،
جنھن ۾ مڇيءَ جي تيل جو ھڪ ڏيئو اندر ٻري رھيو ھو.
رستي کان مٿي ھڪ ننڍڙو ڏاگهرو ھو جو چڙھي ئي ماڻھو
اڱڻ ۾ پھچي پئي سگهيو. ھوءَ ان کي تڪيندي رھي.
ويٽنامي ڇوڪريءَ ڪڏھن کيس سھارو ڏئي اھو ڏاگهرو
چاڙھيو ھو. ان گهٽ روشنيءَ واري گهر ۾ ئي ھن ڪامي
کي جنم ڏنو ھو. ھن گهر ۾ ئي ٽاچ گاھن کي پنھنجي
گهر ھلي رھڻ لاءِ مڃرائڻ آيو ھو.
زام، زام! ڪھڙو نه دئيت آھين! تو ان گهر ۾ ماتم آندو آھي جنھن
مون کي بچايو ھو. جيئن تنھنجي پيءُ ڪيو ھو تيئن ئي
تون به ڪري رھيو آھين. منھنجي دل ڀڃي ڀورا ڀورا
ڪري رھيو آھين. تون اھڙو چاقو آھين جنھن منھنجي ۽
عوام جي وچ واري ھر ناتي رشتي کي ڪپي ڇڏيوآھي،
تنھنجي ڪري ئي ھوءَ ھر ڪنھن کان پاڻ لڪائي رھي
آھي، ۽ رات جي پاڇولن جيان ھلي رھي آھي. خدا غارت
ڇو نٿو ڪريئي؟ ھُن کي توکي نيست ۽ نابود ڪرڻ
گهرجي! ھڪ دفعو ته سور سھنديس پر ھڪ لاڳيتي ۽ نه
ختم ٿيندڙ سورن کان جان ڇٽي پونديم!
بيگم ڪازوئي پٽ کي پٽڻ لڳي، پوءِ ھوريان ھوريان اٿي بيٺي. ھوءَ
انناس جي پنن مان نڪري ٻاھرآئي. ھوءَ ماتا ساوُ جي
گهر ۾ گهڙي سوچيائين ته ڏيئو وسائي تيل بچايان.
ڏاگهري تان جھُڪي، ھوءَ ھڪ ھڪ ڏاڪي کي ڏسندي ھٿ
لاھيندي، مٿي چڙھڻ لڳي، ڄڻ ڪجھه وڃايل رستو ڏاڪي
ڏاڪي تي ڳولي رھي ھئي. اھڙيءَ ريت ھوءَ اڱڻ ۾ اچي
پھتي. ھن ديوالگير تي ماتا ساوُ جي مڙس جي تصوير
جي ڀرسان ڦڙڪندڙ لاٽ ڏٺي. اوچتو ھن جون اکيون ڦاٽي
ويون ۽ ھن خوفناڪ رڙ ڪئي .ڏيئي جي ڀرسان ڪارن
چمڪندڙ وارن جي چڳ رکي ھئي. اکين تي ھٿ ڏيئي ھوءَ
پوئين پير پٺتي موٽي ۽ اڱڻ ٽپي ھيٺ لھڻ لڳي، ھن جي
ھانءِ کي ڪو ڀوائتو سور ۽ پيڙاپيڙي رھي ھئي، ڄڻ
سپاھين جي بندوقن جا ڪنداڪ وري کيس نشانو بڻائي
رھيا ھئا، ان سور ۽ پيڙا سندس ساھه منجھائي ڇڏيو ۽
پوئين ڏاڪي تي اچي ھوءَ بيھوش ٿي ڪري پئي.
اڌ رات ڌاري ماتا ساوُ ۽ سندس ساٿي دفن ڪفن تان واندا ٿي موٽيا.
ھيٺ ڏاڪي وٽ ڪِريل ڪازوئي تان ھڪ ٻن ماڻھن ٿاٻڙجي
ڏانھس ڌيان ڏنو ۽ کڻي اندر آڻي رکيو. سندس صدري
لاھي کيس مالش ڪري ھوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.
ماتا ساوُ ڪا جھٽ ماٺ ڪيو ڪازوئي ڏانھن تڪيندي
رھي. پوءِ منھن ڦيري، چپ ڀيڪوڙي، ڪمري جي ڪنڊ
ڏانھن نھارڻ لڳي. ھوءَ اٿي رڌڻي ڏانھن وئي ۽ موٽي
آئي ته ھٿ ۾ سنڍ جو ٽڪرو ھيس. سنڍ سندس تريءَ تان
کڻندي بيگم ھائي ٿيپ ڏٺو ته سندس اکين ۾ ڳوڙھا ھئا
۽ سندس چپ اڃا ڀيڪوڙيل ھئا. بيگم ھائي ٿيپ سنڍ جو
ٽڪرو ڏندن سان ڀڳو ۽ ان سان ڪازوئي جي پٺيءَ کي
زور زور سان مھٽڻ لڳي، ان بعد پٺيءَ کي ڦڻيءَ جي
پٺ سان مھٽيائون. بيگم بااُو سندس وار کوليا.
آخرڪار ڪازوئي ڪنجھڻ شروع ڪيو، ھوءَ ھوش ۾ اچي رھي
ھئي.
جيئن ئي ھوءَ ھوش ۾ آئي ته کيس ھر ڳالھه اکين آڏو تري آئي. ماتا
ساوُ تي نظر پوندي ئي ھوءَ گوڏن ڀر ويھي رھي. سئو
جي ماءُ ڏانھن منھن ڪري، سندس پيرن تي نوڙندي،
روئيندي ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندي رھي.”مون کي ماري ڇڏ،
بيگم ساوُ!“ ھن ليلڙايو، ”چاقو کڻ ۽ مون کي وھائي
ڪڍ!“
ماتا ساوُ بت بڻي بيٺي رھي، ۽ جھٽ کان پوءِ پاڻ ئي ڳوڙھا ڳاڙڻ
لڳي.
بيگم ھائي ٿيپ، ڪازوئي کي ڇڪي اٿاريو ۽ ٽيڪ ڏيئي بيھاريو. ”ماتا
ساوُ ائين نه ڪن. جھڪ نه، رونه ماتا ساوُ مان ۽ سڀ
زام ۽ آمريڪين ۽ ڊيمين کي ڌڪاريندا آھيون. تنھنجي
خلاف ته اسان جي دل ۾ ڪجھه به نه آھي.“
”زام!“ جھريل عورت رڙ ڪئي، ”مان تو کي مارينديس!“ھوءَ اٿي بيٺي،
پنھنجون مٺيون ڀيڪوڙيائين ۽ درکان ٻاھر خلا۾ گهورڻ
لڳي.
”ھاڻي ھل ته ھلون،“ بيگم بااُو چيس.”توکي! آرام ڪرڻ گهرجي.“ ھن
ڪازوئي کي ٻانھن کان ورتو.
”مان پاڻ ئي ھلي وينديس.“
”نه، مان وٺي ھلندي مانءِ.“ بيگم بااُو سندس ٻانھن کي زور سان
جھليو ۽ در کان ٻاھر نڪتيون.
ٿورو ئي مس ھليون تي کين ڪامي گڏي جا ماءُ جي ڳولا ۾ پريشان ۽
ھلاڪ ھئي. ”گهر وٺي وڃينس، ڪامي!“ بيگم بااُو چيو،
”سنڀال ڪجانس. وري بيھوش ٿي وئي ھئي.“
ماءُ کي صندل تي سمھاري، ڇوڪري زمين تي ويھي رھي.صندل کي ٽيڪ
ڏيئي، گوڏن کي ٻانھن ۾ جھلي ھوءَ ڪنڌ جھڪائي ويٺي.
ھن سئو لاءِ سوچيو، ڪجھه وقت اڳ غار ۾ ٿيل ويڙھه
جو خيال ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته سندس دل زام کان
ڌڪار سان ٽمٽار ٿي چڪي ھئي. پر ھن جي پيڙا ڪا ماءُ
جيڏي ڪانه ھئي. ھن رڳو سئو لاءِ پيار ۽ خوني لاءِ
ڌڪار پئي محسوس ڪئي. سئو جي موت کان پوءِ ھوءَ ان
جي بدلي وٺڻ ۾ پنھنجي ڀاءُ جي مڪروه ڏوھه جي ڪفاري
ادا ڪرڻ لاءِ سڀڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. ھوءَ
تيستائين ان حالت ۾ ويٺي رھي جيستائين چنڊ جي
چانڊاڻ جھڪي نه ٿيڻ لڳي. جڏھن ڪڪڙ ايندڙ باک جو
ٻانگن سان آڌرڀاءُ ڪرڻ لڳا ته ڪامي به اٿي ۽ بيگم
ھائي ٿيپ جي گهر ڏانھن رواني ٿي.
ڪاميءَ جي ھلي وڃڻ کان پوءِ ستت ئي پرھه ڦٽيءَ جي اُسرندڙ
سُجھندي ۾ زام گهر ۾ داخل ٿيو. ھڪ چنُھجين اکين
وارو اردلي ساڻس گڏ ھو. ھو ٻيو دفعو ماءُ سان ملڻ
آيو ھو. ھن کي اڃا ٽن ڀتين واري ٽوپي پئي ھئي. ان
سندس نراڙ کي گهڻي ڀاڱي ڍڪي ڇڏيو ھو، ۽ رڳو ڪارين
ماڻڪين واريون وحشي اکيون ڏيکارجي رھيون ھيون. ھو
ھڪ پاسي جھُڪي ھلي رھيو ھو. سندس سڄو ڪلھو ٻڌل ۽
ھيٺ تي جھڪيل ھو. ھو اڱڻ ۾ ترسيو ۽ اردلي اڳ ۾
اندر گهڙيو ته جيئن سندس آمد جو اعلان ڪري سگهي.
ھن ڪنڌ نوڙائي پاڻي واري مٽيءَ ڏانھن نھاريو. گهر
۾ ھوا جا ڌوڪر ھئا. ناريل جي پنن سان ٽڪرائجي ھوا
عجيب وغريب ۽ کانئس وسري ويل آواز پيدا ڪري رھي
ھئي. اڱڻ ٻاھران بيٺل سوئا دئا جو وڻ اڃا اڇا گل
ڇاڻي رھيو ھو، ڀرسان بيٺل تلاءَ مان، جو سڪي چڪو
ھو، مٽيءَ جي ڀني ڀني بوءِ اچي رھي ھئي. ھوا جو
آواز، گلن جو ڇڻڻ، ڀني ڀني ڀونءِ جي بوءِ ۽ باک
ڦٽي _ سڀ ڪنھن حد تائين ھن خونيءَ جي دل تي اثر
ڪرڻ لڳا ھئا. پنھنجي ماءُ جي سڄي اڱڻ ۾ بيٺي بيٺي
رينجر جي دل ۾ ڪي انساني احساس ۽ جذبا جاءِ وٺڻ
لڳا ھئا.اھو نظارو ڏسڻ جي سگهه نه ساري ھن مُنھن
ڦيريو ۽ چائنٺ ٽپي اندر گهڙيو. بيگم ڪازوئي ، جنھن
کي اڳ ئي خبر ملي چڪي ھئي، سندس انتظار ۾ صندل تي
ڄنگهون لڙڪايو ويٺي ھئي. زام سندس آڏو ڪجھه وقت اچ
وڃ ڪري آخر سندس سامھون اچي بيھي رھيو. ”سپاھين
ايذاءُ ته نه رسايئي؟“
ڪوبه جواب نه.
زام وري پسار پچائڻ شروع ڪيا.سندس سڄي ٻانهن سيني سان لڳل هئي.
”تون هان ڊئٽ جي انهن شرارتين سان ڇا لاءِ گڏي
هئينءَ، امان؟ تون نه هجين ها ته سڀ هن مهل تائين
گولين جو کاڄ ٿي ويل هجن ها.“ڪمري جي وچ ۾ بيهندي،
پنهنجي زخمي ٻانهن کي کٻي هٿ سان سهارو ڏيندي، هن
وري بيان جاري رکيو ”ڏاڍي سخت جان هئي، اها سئو
تلوار جا ٽي وار به سندس ڪنڌ نه ڪٽي سگهيا. هچا!
ڇالاءِ اهڙيءَ طرح موت قبولڻ خاطر وڃي ويٽ ڪانگن
سان گڏي؟ ۽ سندس ماءُ_ اڇي مٿي واري ٻي هچا! ايڏي
ڪراڙي ٿي وئي آهي جي چڱو مٺو به نه پئي سمجهي
سگهي. هنن کيس موڪل ڏني ته ڌيءَ کي مڃرائي پر هن
انڪار ڪيو.بهرحال ٻڌي ڇڏ ته امڙ، اهي غار وارا
بيوقوف اڄ نه سڀاڻ ضرور مرندا. پاڻيءَ ۽ مانيءَ
کان سواءِ هو ڪيترو جالي سهگندا ؟جلد ئي ڪوھيڙي
گهٽجڻ کان پوءِ، مان ان غار ۾ مرچن جو دونھون ڏيڻ
وارو آھيان. پاڻھي ڪوئن جيان ان ٻِر مان ٻاھر
نڪرندا!“
بنا ڪجھه ڪڇڻ جي ڪازوئي ٻڌندي رھي ۽ رڳو رکي رکي تيز نظرن سان
پٽ ڏانھن تڪيندي رھي. ڏڪائيندڙ ۽ وحشي نگاھه پر
ساڳئي ئي وقت صاف ۽ چِٽي.
”اما، ڪامي ڪٿي آھي؟“
”ڳوٺ ۾ ئي .“
زام صندل تي ويھي رھيو، ۽ پوءِ پٺيءَ ڀرليٽي پيو. ۽ ڪامھل ڇت کي
گهوريندو رھيو، ۽ پوءِ وري اٿي ويھي رھيو. ”ھن
ڀيري، امڙ، مان ھان ڊئٽ ۾ ترسندس. ويٽ ڪانگن کي
ناس ڪري اسان ھت چوڪي قائم ڪنداسين. مان بابا واري
سموري زمين وري ھٿ ڪنديس. جنھن جنھن وٽ اھا آھي ان
کي بٽائي يا ڍل ڏيڻي پوندي. سارين جي ٻني، باغيچا،
ھرشيءِ جو حساب ڪتاب وٺبو، ھلندڙ سال جو به ۽
گذريل سال جوبه .
بيگم ڪازوئي آخر ڳالھايو. ”پڪ اٿي ......... ته ھت چوڪي ھنئين
ويندي؟“
”بلڪل. خاطريءَ سان،“ زام چيو ۽ اٿي بيٺو. ” مان ئي چوڪي قائم
ڪندس ۽ پوءِ پنھنجو گهر وري اڏائيندس. توکي ۽
ڪاميءَ کي ھاڻي پورھيو نه ڪرڻو پوندو، اوڄڪو ۽
ڪنڀارڪو سارو ڪاروبار ھاڻي ختم ڪريو. مان توھان کي
ڪار ۾ راچ گيا وٺي ويندس. مان زال کي چوندس ته
ڪامي لاءِ سٺا ۽ سھڻا ڪپڙا وٺي. سھڻي ويسن وڳن سان
ھوءَ وڌيڪ سھڻي لڳندي.“
”ڏسنداسين،“ بيگم ڪازوئي، جيترو ٿي سگهيس اوترو، قدرتي نوع ۾
چيو. پوءِ ھوءَ سڌو کڏي ڏانھن وئي ۽ ٻه چوزا
ڦاسائي آئي. موٽي اچي ھن اھي وچ ڪوٺيءَ ۾ زمين تي
ڦٽا ڪيا.”زام،“ ھن چيو، ”تون ۽ اردلي ھتي ترسي
ماني مون سان نه کائيندو؟“
”خوشيءَ سان،“ زام جو منھن ٻھڪي پيو.ھينئر سندس ماءُ ساڻس بھتر
ورتاءُ ڪري رھي ھئي. ھن مٿي تان ٽوپي لاھي صندل تي
ڦٽي ڪئي. پوءِ چوزن کي پيرن سان ڇھندي ڇيائين،
”ڏاڍا سوکا آھن.“ خوشيءَ ۾ سرشار ٿي ھن پنھنجو پٽو
کوليو ۽ ٻه سوُ پاسٽر جو نوٽ ڪڍي اردلي کي ڏنو.
”اڙي، ھاڻي تون وڃ، وڃي ڪجھه ڇانڊو پاڻي ڪر، ڳوٺ
واري دڪان تي شراب ۽ کاڌو ملي ويندئي.“
اردلي جھڪي ادب سان نوٽ ورتو. زام پنھنجو دٻو به ھن کي ڏنو ۽
چيائين ته موٽ تي ٻڻي ڀرايون اچي. ھائي نوھه جلدي
ٻاھر ھليو ويو، پر ڪجھه سيڪنڊن کان پوءِ وري موٽي
آيو. سندس بندوق پٺيان وسري وئي ھئي، جا کڻڻ لاءِ
موٽيو ھو. زام ھٿ لوڏي چيس، ”پئي ھجي، ڪو ڀوُ نه
ڪر. غار وارا ماڻھو ھتي ڪونه پڄي سگهندا جو کڻي
وڃن.“
سندس اردلي ھليو ويو. زام اتساھه ۾ ڀرجي ويو، ۽ خوشحاليءَ ۽
آرام جي جذبن سان ليٽي پيو. ڪافي عرصي کان پوءِ ھن
ائين محسوس نه ڪيو ھو! بيگم ڪازوئي باھه ٻاري
ديڳڙو پاڻيءَ جو چاڙھي ڇڏيو.
”ھائي ڊئٽ ۾ اڃا اھي پراڻي قسم جامٽيءَ جا باسڻ واپرايا ٿا وڃن
ڇا؟“ زام منھن چٻو ڪندي چيو، ”مان توھان کي جستي
ٿانَو وٺي ڏيندس، امان، راچ گيا ۾ ڪوبه اھي ڀتيون
شيون ڪم نه آڻيندو آھي.“
سندس ماءُ جا ان مھل چوزي ڪھڻ جون تياريون ڪري رھي ھئي، بيھي
رھي ۽ ھيٺ فرش ڏانھن نھاريائين. چوزي جي نڙي ڪپڻ
کان اڳ ۾ ھن ڪجھه کنڀ ڇڪي ڊوھي پٽي ڪڍيا. چوزي جي
نڙيءَ مان گهٽيل آواز نڪتو _ رت وھي رکيل پاٽڙي ۾
ڪرڻ لڳي. ماءُ جي ڀرسان بيھي اھو سڀڪجھه ڏسندي زام
بيوقوفن جيان چيو، ”ڪالھه ڪتيءَ سئو جو به بلڪل
اھو حشر ٿيو ھو!“
چاقو بيگم ڪازوئي جي ھٿن مان ڪرندي ڪرندي بچي ويو، صدمي کان
سندس دل ٻيڻي ٿي وئي، پر ھن پاڻ تي ضابطو ڪيو ۽
ٻيو چوزو به ڪھي وڌو. آرام ۽ آسائش جي احساس ۾
تار، زام ڪوبه شڪ شبھو نه ڪري سگهيو. ھن ماءُ کي
چوزن صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. مادام ڪازوئي ماٺ ميٺ ۾
ماني تيار ڪندي رھي. ھوءَ ھڪ چوزو ناريل جي پاڻيءَ
۾ تيار ڪري رھي ھئي ته ٻيو سڪل لوڻ ۾ _ ٻئي
مشھورکمير طعام ھئا. ھن ھڪ ڪُني ناريل جي پاڻيءَ
سان ڀري ۽ ٻيءَ ۾ لوڻ وجھي وچ ۾ بانس جي ڪاٺين جي
ڄاري اٽڪائي. جڏھن ڪني ۾ لوڻ ٽڙڪڻ لڳو ته ڄاريءَ
تي چوزو رکي ڇڏيائين. ھوءَ ڏاڍي ڌيان ۽ خيال سان
ٻئي چوزا ٺاھڻ لڳي. شايد، سڄي زندگيءَ ۾ ھن اھڙي
ڌيان ۽ ڌُن سان ڪڏھن به رڌ پچاءُ نه ڪيو ھو.
جڏھن ھائي نوھه شراب جي ٻن دٻن سان گهر موٽيو ته ان مھل تائين
ماني تيار ٿي چڪي ھئي. ٻئي چوزا ڏاڍا سوادي ۽
اشتھا وڌائيندڙ ھئا. ڪازوئي انھن کي ٽڪر ٽڪر ڪري
ٻن پياکن ۾ رکيو ۽ مٿن لوڻ مرچ ٻرڪيو. ھڪ ڪاٺ جي
ڊيش تي رکي ھن اھي ٻنھي مڙدن آڏو صندل تي ٺاھي
رکيا.
ھن تمام ٿورو کاڌو پر شراب گهڻو پيتو، ۽ زام ۽ سندس اردليءَ کي
به ائين ڪرڻ لاءِ لاچار ڪيو. حياتيءَ ۾ اھو ئي
ڀيرو ھوءَ پٽ سان گڏ کائي رھي ھئي. ٻئي مڙد تڪڙو
تڪڙو پيئڻ لڳا ۽ چوزن تي مارو ڪرڻ لڳا. ٻئي دٻا
ستت ئي خالي ٿي ويا پر ڪڪڙ اڃا ٿوري بچي پئي. بيگم
ڪازوئي اھا کڻي ورتي ۽ چيو، ”ھي ڀيڻي ڪامي لاءِ ٿي
رکان.“
ھائي نوھه تي ترت ئي شراب جو اثر ٿيو ۽ پٽ تي ئي ليٽيو پيو ته
ننڊ اچي ورايس. زام به ڪجھه منٽ ھيڏانھن ھوڏانھن
جون بدشد ڳالھيون ڪندو رھيو، پوءِ صندل تي ليٽي
ٽنگون ٽيڙيائين ۽ ٽوپ کڻي منھن تي رکيائين. جھٽ پل
کان پوءِ کونگهرا ھڻڻ لڳو.
بيگم ڪازوئي ترسي. پوءِ وکون وجھي پٽ جي پاسي ۾ آئي. وڏي ڦر
وارو گراريءَ تي کليل چاقو سندس ھٿ ۾ ھو. ڏڪندي
ڏڪندي ھن کٻي ھٿ سان زام جي منھن تان ٽوپي لاٿي.
سندس اکيون بند ھيون، ۽ چمڙي چمڪي رھي ھئي، ان ئي
چھري کي ھن ڪڏھن ڇاتيءَ سان لاتو ۽ چمين سان چٽيو
ھو. انھن چپن سندس ڇاتي ڌاتي ھئي. پر ھيءُ سندس پٽ
ھو؟ ھاڻي ھو سڃاڻڻ ۾ نه پئي آيو، ھن جو مُنھن
مھانڊو ان راڪاس جھڙو پئي لڳو جو کن پل ۾ ماڻھن جا
آنڊا گجيون ڪڍي وٺندو ھو، ۽ سندن پتو پٽِي جيرا
کائي ويندو ھو. ٻالجتيءَ جي پيارن ۽ قربن کان اڻ
ڄاڻ، ھاڻي ھو ان گهر کي وري ٺاھڻ جو خواب ڏسي رھيو
ھو، جنھن کي ھارين ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ اچي ڊاھي ڇڏيو
ھو. تلوار جي خونخوار حملن سان ھُن اُھا ڇوڪري
ماري ڇڏي ھئي، جنھن سندس ماءُ کي بچايو ھو. ھن بي
حيائيءَ سان اھوڪم ڪيو ھو ۽ پوءِ وري ان جي ڀيٽ
ڪسندڙ چوزي سان ڪئي ھئي! ماءُ کائي رکي سکي ماني ۽
پٽ جو نالو مريڙو خان. ڪازوئي ھڪ پورھيت ڪنڀارڻ
ھئي ۽ پٽھنس ھو جو مٽيءَ جي ٿانون کي ڌڪاري جستي
ٿانون جي واکاڻ ڪري رھيو ھو. ھن اھو وسارڻ پئي
گهريو ته انھن مٽيءَ جي ٿانون ٺاھڻ وسيلي ئي سندس
ماءُ اڃا تائين حال حيات ھئي ، ۽ جو مٺو شراب ھن
پيتو ھو سو به انھن مٽيءَ جي ٿانون ۾ ئي ٺاھيو ويو
ھو.
وقت بوقت ھو ڪڏھن ڪڏھن ورلي ڪو ماءُ ڀيڻ جي سار لھندو ھو. پر
آخري ڀيري سندس ڏيکاريل خيال ۽ ڀاونا، سندس اندر ۽
انسانيت جي بچيل ذري پرزي جو مظھر ھئا. ايتري ڪجھه
ئي بيگم ڪازوئي کي ٽي ڀيرا چاقوءَ وارو مٿي ڪيل ھٿ
ھيٺ آڻڻ تي آمده ڪيو. پر سندس بچاءَ جو آخري ۽
اڪيلو امڪان گهٽبو ويو _ سندس ڏوھه ان امڪان کي
لوڙھي ۽ ٻوڙي رھيو ھو، ۽ ستت سندس ماءُ محسوس ڪيو
ته اھو منھن سندس ان پٽ جو نه ھو، جنھن کي ھن دنيا
۾ آندو ھو. ان ڪري ڪافي ذھني ڪشمڪش کان پوءِ بيگم
ڪازوئي چاقو پٽ تي رکي ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاھر ھلي وئي.
ڪجھه منٽن کان پوءِ، ٻه گوريلن جا پاڇالا، پوئين دروازي کان
ڌيرج ۽ ڌيان سان اندر گهڙيا، زام ۽ سندس اردلي
گهوڙا ٻڌيو ستا پيا ھئا، ھڪ گوريلو ھٿ بم کنيو در
وٽ بيٺو رھيو، ۽ ٻيو چپ چاپ ڪنھن کڙڪي ڪرڻ ڌاران
سمھيلن جي مٿان اچي بيٺو. زام وراڪيدار خنجر جي ھڪ
وار سان ئي مري ويو. ھائي نوھه چري پري اٿيو ۽
بندوق ۾ ھٿ وجھڻ لڳو، پر ان ئي خنجر جي ٻئي وار
سان ئي ڦھڪو کائي ڪريو. سندس ڳچي ھڪ کان ٻئي ڪن
تائين ڪپجي چڪي ھئي.
(5)
منجھند جي سج جا ڪرڻا ناريل جي وڻن جي چوٽين تي سڌا ڪري رھيا
ھئا، ۽ پنن مان ڇڻي ھيٺ رکيل انھن گاھه جي ڳٺڙين،
مرچن جي ڳوڻين ۽ چوني جي ٻاچڪن تي پئجي رھيا ھئا
جي نديءَ جي ھُن ڀر کان آڻي، ناريلن جي جھڳٽن وٽ
سٿيون ڪيا ويا ھئا.
جڏھن زام اچڻ ۾ دير ڪئي ته سيڪنڊ ليفٽينيٽ با پنھنجن ماڻھن کي
حڪم ڏنو ته ھو اھو سامان مٿي تي کڻي غار جي ويجھو
ھلن. عجيب منظر ھو. ماڻھو سنڀال لاءِ چپ چاپ ھلي
رھيا ھئا. ھو چورن جيان پير پير ۾ وجھي ھليا پئي
حالانڪ ھيٺ جھڳٽن ۾ به گن مشينون ڪنھن به حالت ۾
وسڪاري ڪرڻ لاءِ تيار بيٺيون ھيون. جيئن جيئن ھو
مٿي چڙھندا ويا ته پويان رڳو گاھه جون ڳٺڙيون ئي
نظر پئي آيون.
خيال ۽ خبرداريءَ سان ٻنھي طرفن کان غارکي ويجھو پھچي ھو پنھنجا
وزن لاھي ھيٺ رکڻ لڳا. لنگهه جي ٻنھي پاسن کان
گاھه جا ٿھا ٻه چمڪندڙ قطارون ٺاھي رھيا ھئا.
پويان مرچ ۽ چونو کڻي ايندڙ آيا. ھو به ور وڪڙ
ڪاٽيندا آيا ته جيئن غارجي رھواسين جي نگاھ کان
بچيل رھن. ان کان پوءِ سيڪنڊ ليفٽينيٽ وڌيڪ سپاھين
کي موڪليو جن جي ھٿن ۾ ڊگها ڊگها بانس جا لڪڙا
ھئا. اھي لڪڙا صبح جو ڪناري تان ڪٽيا ويا ھئا،
جنھن ڪري ڳوٺاڻا ڀڙڪي ۽ ڪاوڙجي احتجاج ڪري ڪمانڊر
جي گهر پڳا ھئا. لڪڙن کي ڪم آڻڻ تمام ضروري ھو، ان
ڪري ھن ڳوٺاڻن کي ان جو معاوضو ڀري ڏنو. با به
ھمراھن سان اچي مليو. ھن ڳوڻيون ۽ ٻاچڪا کوليا ۽
مرچ ۽ چن گاھه جي ڳٺڙين مٿان ھاريا. پوءِ ڊگهن
لڪڙن سان، ھيٺان بيھي، سپاھين انھن ڳٺڙين کي غارجي
مُنھن طرف ڌڪيو. غار ۾ ويٺلن يڪدم گولي ھلائي.
گولين تي گاھه جي ڳٺڙين کي اچي باھه لڳي. سيڪنڊ
ليفٽينيٽ جو زمين تي ستو پيو ھو کِل ۾ اچي ڇٽو، ۽
رڙيون ڪيائين، ”واھه جو وقت تي گولي ھلائي اٿائون!
اسان کي باھه ڏيڻ جي خفي کان ڇڏائي وڌائون. توھان
ھاڻي خيال ڪجو جيئن ڪوبه نڪري نه سگهي.“ سپاھين
لڪڙن سان سوري سوري غار جو سڄو منھن ٻرندڙ ڳٺڙين
سان ڍڪي ڇڏيو. سڪل گاھه کي باھه يڪدم وچڙي ويئي.
اندر ڦاٿلن گوليبازي بند ڪري ڇڏي. سپاھي پنھنجو ڪم
ڪندا رھيا ۽ سيڪنڊ ليفٽيننٽ ڪم جو معائنو ڪندو
رھيو . گن مشينون غار طرف منھن ڪيو تيار بيٺيون
ھيون ته جيئن ئي گوريلا ٻاھرمنھن ڪڍن ته اھي گولين
جو ڌوڙيو لائي ڏين. وڏيءَ دلجاءِ سان ۽ فخر سان
عملدار اعلان ڪيو، ”ڪتي جا پٽ، مرچن جو دونھون
اٿو! اجھو ڪوئا ٻِر مان ٻاھر نڪتا سڀني کي ماري
ڇڏجو. سمجھيوَ؟“
گن مشينن وارا گهوڙي تي آڱر رکيو، چپ ڀيڪوڙيو، انتظار ۾ تيار
بيٺا ھئا. پر ڪجھه به نه ٿيو. اوچتوئي غار جي ڀر ۾
بيٺل سپاھي ٽپا ڏئي ،پري ھٽڻ لڳا ۽ گاريون ڏيڻ
لڳا.
”ڇاھي ڙي؟“ عملدار رڙ ڪئي.
جواب ڏيڻ بجاءِ سپاھي زور سان کنگهڻ لڳا. دونھون غار ۾ اندر نه
وڃي رھيو ھو. اندران نڪرندڙ ھوا جي ڪري دونھون
ٻاھر ڌڪجي، ٻنھي پاسن پکڙجي رھيو ھو، ۽ سپاھين جو
نڪ ۾ دم ڪري رھيو ھو. لنگهندا، ڇڪون ڏيندا، رڙيون
ڪندا ھو پٺتي ھٽي رھيا ھئا. ڪي ته ڄڀين جي توُ کان
ڦٽجي ڪري پيا ھئا، ۽ ڪي اکين ۾ دونھين پوڻ سبب
انڌن جيان ريڙھيون ڏئي رھيا ھئا.
ڪاوڙ جي با مٿي اٿيو ۽ جاچڻ ويو. دونھين سڌو سندس منھن ۾ اچي
ٺڪاءَ ڪيو. ڇتي کنگهه کنگهندي ھو يڪدم پٺتي ھٽيو،
۽ دونھين جا ڪارا بادل سندس پيڇو ڪندا رھيا. ائين
لڳي رھيو ھو ڄڻ غار مان ڪو دونھين کي پکا ھلائي
مچائي رھيو ھو. پر اھو سواءِ ڇاڙتن جي فوج جي
بيوقوفيءَ جي ٻيو ڪجھه نه ھو. غار ۾ اندر ھوا جي
داٻ وڌيڪ ھئڻ سبب دونھون اندر وڃي ئي نه پئي
سگهيو.
ان صبح جو جڏھن ڳوٺ جي ماڻھن کي پتو پيو ته فوجي ڪھڙو منصوبو
ٺاھي رھيا ھئا ته ھو دل ئي دل ۾ کليا ھئا. ڪراڙي
ٽوڊان سپاھين کي، جي وٽانئس پلال کڻڻ آيا ھئا، چيو
ھو، ”جيڪو وڻيو سو کڻي وڃو. منھنجو ڇا ويندو. پر
توھان کي ڪجھه نه ورندو.“
”چئين ڇا ٿو، ٻڌاءِ؟“
”غار کي دونھاٽڻ نا ممڪن آھي.“
ٻئي سپاھيءَ وچ ۾ ڪٽيندي چيو ھو، ”ڇڏينس يار! جيئن چيو اٿائون
تيئن ڪر. ھن انڌي سان بحث مان ڇا ھڙ حاصل ٿيندو؟“
پر ٽوڊ ان صحيح ھو، ۽ ھن ڄاتو پئي ته جو ڪجھه چئي
رھيو ھو سو سچ ھو.
دونھون غار جي منھن جي ٻنھي پاسن کان پکڙبو رھيو. سيڪنڊ
ليفٽينيٽ پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ”ڪم نه ٿيو.
پلال ئي اصلي غار جي منھن اندر ڌڪيو،“ ھن حڪم ڏنو.
جيئن ماڻھو، ھزار خبردارين سان، حڪم جي بجا آوريءَ لاءِ اڳتي
وڌيا، ڊگها لڪڙا ھٿن ۾ کنيو دونھين کان پاڻ
بچائيندا ھو سرندا رھيا. ڳٺڙين وٽ پھچي ھنن جلدي
لڪڙن جي تڏ ڏئي ھڪ ڳٺڙيءَ کي غار ۾ اندر سورڻ جي
ڪئي، پر اوترو جلد ئي ھو وري پٺيان ھٽيا. دونھين
سندن دم منجھائي ڇڏيو ھو. ھيل سيڪنڊ ليفٽينيٽ به
اميد لاھي ويٺو _ دونھون غار ۾ اندر وڃڻ کان نابري
واري ويٺو. ھڪ سپاھي پاراتا ڏيندي ۽ اکيون مھٽيندي
چيو، ”ڪراڙو انڌو حق تي ھو. ھن طريقي سان اسان کين
ڪڏھن به دونھون پڄائي نه سگهنداسين.“
”ليفٽينيٽ، چڱو ته ائين آ ته پٺتي ھٽون ۽ ڪو ٻيو طريقو ڳوليون.
جي ھو حملو ڪري آيا ته جان بچائڻ ڏکي ٿي پوندي.“
”بيوقوفو اھو ته ھٿيون چڱو جو ٻاھر اچن. پٺتي ھٽڻ جو سوال ئي
نٿو اٿي .“ڪروڌ ۾ اچي سيڪنڊ ليفٽينيٽ رڙ ڪئي. ھن
کين ھڪ ٻي گار به ڪڍي. جنھن ويل ھو ائين گجي ۽
گڙڪي رھيو ھو ته ان مھل ھمراھه ناريل جي جھڳٽي مان
ڊوڙندو ڏانھن آيو، جنھن کي ھن زام کي سڏي اچڻ لاءِ
مڪو ھو. سھڪندي، سڪل ۽ زرد چھري سان، ھن ڳيت ڏئي
چيو، ”ليفٽينيٽ ......... مري ......ويو!“
سيڪنڊ ليفٽينيٽ بت بڻجي ويو ۽ سندس وات ڦاٽي ويو.
”ھائي نوھه پڻ،“ سپاھيءَ ڳالھه جاري رکي ، ”ھنن کي تلوار يا
اھڙي ڪنھن ٻئي ھٿيار سان ماريو اٿئون. ليفٽينيٽ جو
سر ڌڙ کان ڌار ٿيل آھي. خدا جي پناھه! صندل سڄو رت
سان ڀريو پيو ھو.“
”ڪٿي ماريا ويا آھن ۽ ڪنھن ماريو اٿن؟ جنھن قتل ڪيو اھو پڪڙيو
آھي.“
”ليفٽينيٽ جي ماءُ جي گهر ۾. مون کي خبر نه آھي ته ڪنھن مارين.
مان اندر ويس ته ٻنھي کي اتي مئل ڏٺم۽ مٿن مکين جا
ميڙ ھئا. گهر ۾ ڪوبه ڪونه ھو.“
”حرامزادا! ھاڻي قتل شروع ڪيائون!“
سيڪنڊ ليفٽينيٽ جي مُنھن جو پنو ئي لھي ويو ھو.
“ڪمانڊر کي سڌ ڪيئي؟“
”ھائو ليفٽينيٽ!“
”ھن ڇا چيئي ؟“
”ھن پيتو پئي. سندس ھٿ مان گلاس ڇڏائي ويو.“
ٻي ڪنھن به سوال پڇڻ کان سواءِ سيڪنڊ ليفٽينيٽ سڀڪجھه بند ڪرڻ
جو حڪم ڏنو. سپاھي پنھنجا لڪڙا ڦٽا ڪري کليل ميدان
۾ اچي بيٺا. سڀ، جن کي دونھين نه ستايو ھوسي به،
اھا خطرناڪ خبر ٻڌي ڏڪي ۽ ٿيڙ کائي رھيا ھئا.
پھريون ڀيرو رينجرن جي اندر ۾ ڏھڪاءَ ويٺو ھو.
زام ھنن کي جنوني بڻائي ڇڏيو ھو. ھنن کي ويساھه ويھجي چڪو ھو ته
زام ساڻ ھوندي ھو ھرڪا لڙائي جيتي ويندا، جيترن کي
وڻندن اوترن کي ماري سگهندا ۽ کين ڪو چوڻ وارو به
ڪونه ھوندو. زام کليو کلايو کين گناھه ڏانھن ڌڪي
رھيوھو، انقلابيءَ تي نظر پوڻ سان ئي ھو ڇرڪي
گهوڙي جيان سندس پٺيان پوندو ھو.ھو سارين فصل،
دُٻا ۽ دڙا لتاڙڻ ۾ به ھٻڪ نه ڪندو ھو. ھو ماڻھن
کي مينھن واريون راتيون ۽ طوفانن واريون سانجھيون
۽ بربحر جھاڳرائيندو ھو. سندس ويساھه ھو ته ائين
ھو اوچتو مٿان ڪڙڪي ويٽ ڪانگن جو خاتمو آڻي سگهندا
ھئا. پھريائين سندس ماڻھو انساني گوشت جي سواد کان
ڪرنھن کائيندا ھئا، پر زام پھريون دفعو اھو سواد
ورتو. ھو ڏاڍي چاھه ۽ شوق سان اھو کاڌو ۽ محسوس
ڪرايو ته ان کان بھتر غذا ٻي ھئي ئي ڪانه. ماءُ ۽
ڀيڻ کان سواءِ ھر عورت سان زوريءَ ڪرڻ جي اھل ھو.
ڪنھن بدنصيب عورت سان بدفعلي ڪرڻ کان پوءِ ھو سندس
ڇاتيءَ ۾ چڪ وجھي ان جو رت پيئندو ھو ۽ چوندو ھو
ته عورت جو رت مرد جي رت کان وڌيڪ قوت بخش آھي.
اھڙو ئي دئيت ۽ نرد شخص ھو زام. ان ڪري ئي نگوڊين ڊيم چئن ٻين
جيان ھن کي ”چوٿين فوج جو ھيرو“ جو لقب ڏنو ھو. ھن
واري فوجي ڪمپني زھريلو سپ ھئي، جنھن جو مٿو ھي
ھو. ھينئر جيئن ته مٿو چٿجي چڪو ھو، سو نانگ جو ڌڙ
رڳو پئي ڦٿڪيو۽ وٽيو سيٽيو.
سندس سيڪنڊ ليفٽينيٽ با جي جرات ۽ آرڏائيءَ جي جاءِ ھينئر
ھوريان ھوريان ڀوُ ۽ ڏھڪاءَ وٺي رھيو ھو. ناريل جي
جھڳٽي تائين پھچندي پھچندي ھن ڪيترائي ڀيرا ٿاٻا
کاڌا. ڪي رينجر ڀڄندي ڀڄندي به مڙي مڙي غار طرف
ڀوُ کان تڪيندا پئي ويا.ھر ھڪ شل ٿي چڪو ھو. سندن
مھم جي ناڪاميءَ جي موقعي تي زام جي موت جي خبر
سندن سڀ قوتون ختم ڪري ڇڏيون ھيون. سندن پويان
ٻرندڙ پلال جا کرا رک ٿي رھياھئا. فضا تي ھوريان
ھوريان اڇو دونھون ڇانئبو ويو. اوچتو رک جا ڍير
ڪرڻ لڳا ۽ غار جو منھن وري کلي پيو.
جڏھن سپاھي نديءَ لڳ پنھنجي ڪئمپ وٽ پھتا ته ڪمانڊر اڳ ئي اتي
پھچي چڪو ھو. دونھين واري مھم جي ناڪاميءَ جي خبر
ٻڌي ھن جو منھن ڪاراٽجي ويو. گذريل رات کان ھن کي
توائي ئي توائي پئي نصيب ٿي. منڍ ۾ ھان ڊئٽ پرامن
ھو. پر جڏھن کان ڇوڪري (سئو) مئي ھئي تڏھن کان
مانڌاڻ متو ھو. رات وارو مظاھرو، ڪٽيل بانس جي
لڪڙن جي معاوضي لاءِ مظاھرو، ان کان پوءِ وري زام
جو ھي لونءِ ڪانڊاريندڙ قتل، ۽ ھينئر مٿان دونھاٽي
ويٽ ڪانگن کي ڪڍڻ واري مھم جي ناڪامي!
گاريون بڪندي ھن با ڏانھن منھن ڪيو. ”چئو! ھاڻي کين غار اندر
دفن ڪرڻو پوندو. جيتري قدر زام ۽ ھائي نوھه جو
سوال آھي ته ھن جو شڪ کمير عورت ۾ آھي، ڏسجي ٿو ته
ھوءَ چري آھي،“
منھنجو پاڻ اھو خيال آھي. ٻيو ڪو ٿي ئي نٿو سگهي. سندس اکيون ئي
خوفناڪ آھن.ھن کي ڪيئن به گرفتار ڪرڻ گهرجي،
ڪمانڊر.“
ھوءَ ڀڄي وئي آھي. اسان جي ماڻھن سڄو ڳوٺ ڳوليو آھي. مون ته
کريل رت واري نوجوان ڇوڪريءَ، زام جي ڀيڻ جي به
گرفتاريءَ جو حڪم ڪيو ھو، پر سڀ ڳوٺاڻا وچ ۾ پئي
کيس ڇڏائي ويا.“
”ھتي گهڻا ئي ھوڏ وارا ڏسجن ٿا، ڪمانڊر! شايد اسان کي ھڪ ٻن جا
پيٽ ڦاڙڻا پوندا، ته جيئن ٻيا سبق سکن. ڪمانڊر
ڪوبه جواب نه ڏنو. ھن ٻانھن کڻي گهڙيءَ ڏانھن
نھاريو. ”ٻه ٿي ويا.“ ھن چيو، ”وڃو، وڃي زام ۽
سندس اردليءَ کي دفنائي اچو. مان اسڪول زخمين کي
ڏسڻ ٿو وڃان. ڏاڍيون دانھون ۽ رڙيون پياڪن. خدا
جي مار پوين، ھيليڪاپٽر به ڪونه موڪليو اٿئون.
ڪيترائي دفعا عرض ڪيو اٿمان پر خير آ.“ ھو مُڙي
ڳوٺڙي طرف ھليو ۽ محافظ ڪڍ ھليا.
ھان ڊئٽ ۾ اچڻ جي پھرين ڏينھن تي ڪمانڊر اسڪول مان سڄو فرينچر
ڪڍرائي ٻاھر ڦٽو ڪيو ھو. ھينئر اسڪول ۾ عجيب منظر
ھو. جتي ڪٿي ڪپڙي جي چادرن تي زخمي ائين قطار ۾
پيا ھئا جيئن نوڙيءَ ۾ مڇيون پوئبيون آھن. سندن
منھن پيلا ھئا، ۽ جسم پٽين سان ٻڌل جن مان گندي
بانس اچي رھي ھئي. ھو سور ۽ پيڙا کان لاڳيتو ھٿ
پير ھڻي رھيا ھئا. فرش تي ھِتي ھُتي رت ۽ پونءِ
ٻڏل ڪپيل ۽ چٽين جا ٽڪرا پيا ھئا.بانس اٻٿون ڏيندڙ
ھئي، زخمي ڪنجھي ڪرڪي به رھيا ھئا ته بي تحاشا
گارگند ۽ پٽ پاراتي کان به ڪم وٺي رھيا ھئا.
روئندڙ ٻارن جيان وڏا وڏا سڏڪا، ڀيڪوڙيل ڏندن مان
نڪرندڙ سيسراٽيون، جڪ کائي پاڻ کي ڌڪ ھڻڻ جا آواز،
۽ منجھيل ۽ گهٽيل ڪيڪراٽيون _ سڄي اسڪول کي مٿي تي
کنيو بيٺيون ھيون. رڳو سخت زخمين کي ئي ھتي رھايو
ويو ھو. ٻيا، جن ۾ اڪثر اھي عملدار ھئا جي قابل
علاج ھئا، ان ساڳئي ئي ھيلڪاپٽر رستي اُماڻيا ويا
ھئا، جنھن ۾ يانڪيءَ جو لاش ويو ھو. ڦٿڪندڙ ، وٽ
کائيندڙ ۽ ڪيڪراٽ ڪندڙ زخمين تي ڪمانڊر خار وچان
نظر وڌي. ھن جو لڇڻ ڪڇڻ قدرتي ھو يا ڄاڻي واڻي
ڪيل، پر ڪمانڊر ڏاڍو ڪاوڙيو. ھڪ باڊي گارڊ کي
چيائين، ”چئين ته زبان بند ڪن. نه ته سڀني کي ھتي
جو ھتي چٽ ڪندس!“
سندس محافظن مان ھڪ رڙ ڪئي، ”بس ڪريو! ڇو ٿا ڪوڪون ڪيو؟ بند ڪيو
بڪواس نه ته ڪمانڊر اھڙي ڪندوُ جو سچ پچ ڪيڪراٽ
پيا ڪندوُ!“
”اھو حرامي، ڪتيءَ جو پٽ! آھي ڪاٿي ڙي ڪمانڊر ٻچو؟“ زخمي وڌيڪ
زور سان رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ اوڏانھن رڙھڻ ۽ گسڪڻ لڳا
جتي کين دٻائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ماڻھو بيٺا ھئا. ڊڄي
ڪمانڊر ڪجھه پٺتي ھٽي ويو، ۽ زخمي زور سان رڙيون
ڪرڻ لڳا. ھو کيس گاريون ڏيندا در طرف وڌڻ لڳا. ۽
مٿس کين موت جي منھن ۾ اڇلڻ جا الزام ھڻڻ لڳا.
عملدار جھٽ کين ڏسندو رھيو. پوءِ رڙ ڪيائين، ”بس ماٺ ڪريو!
چوانَو ٿو چپ ڪريو!“ پرھو وڌندا رھيا کيس گاريون
پاراتا ڏيندا رھيا ۽ دڙڪا ڏيندا رھيا ته جي ھو مري
ويا ته سندن روح کيس مارڻ لاءِ ايندا. ھڪ ھٿ
ڪمانڊر جي بوٽ تائين اچي لڳو. ھن ھڪ اردليءَ ڏانھن
نھاريو جنھن جي ڪلھي ۾ ٿامپسن لڙڪي رھي ھئي، ”ختم
ڪرينس!“
سپاھيءَ ڪلھي تان بندوق لاٿي، پر وائڙو ٿي بيھي رھيو. سندس وات
ڦاٽي ويو. گهوڙي تي سندس آڱر ڏڪي رھي ھئي. پر
ڪمانڊر نه ترسيو. ھن پنھنجو ڪولٽ _ 12 روالور
ڪڍيو، پٽين سان ڍڪيل مٿي جو نشانو ورتو ۽ گولي
ھلائي. زخمي ڍرڪي پيو ۽ ڪمانڊر جي بوٽ ۾ ڦٻيل سندس
ھٿ ڍرو ٿي زمين تي ڪري پيو. ڪمانڊر ڏند ڪرٽيا۽
پنھنجو پستول اردليءَ ڏانھن سڌو تاڻيو، ”۽ تون،
سوئر جا پٽ! تو منھنجو حڪم ڇو نه مڃيو؟“ اردلي
ڪجھه نه ڪڇيو. پر سندس کٻي ھٿ جي رائفل تي پڪڙ
مضبوط ٿي وئي. اوچتو ھن رائفل ڪمانڊر ڏانھن سڌي
ڪئي. ڪمانڊر جو منھن زرد ٿي ويو! اردليءَ ڏانھن
خيال سان تڪيندي ھن ھوريان ھوريان روالور وارو ھٿ
ھيٺ ڪيو ۽ اھو ڪپل ۾ وجھي ڇڏيو. ڪافي وقت سنتري
رائفل ڪمانڊر ڏانھن سڌي ڪيو بيٺو ھو، ۽ پوءِ اوچتو
اھا ھٽائي ڪلھي ۾ وجھي ڇڏيائين.
ان دوزخ کي ڇڏيندي ڪمانڊر سوچيو، ”ھن کي مارڻو ئي پوندو، نه ته
مون کي ماري ڇڏيندو!“ سپاھي به پنھنجي بالادست کي
ڪيترا ڀيرا ڏٻيءَ اک سان ڏٺو ۽ دل ۾ چيو، ”ھي پڪ
ئي پڪ بدلو وٺندو. ان ڪري مون کي اڳ ۾ ئي سندس ڪم
لاھڻ گهرجي!“ ھر ھڪ ڄاتو پئي ته ٻئي ڇا پئي سوچيو.
اٽڪل چئين بجي ڌاري ھيلڪاپٽرن جو ھڪ جٿو ھان ڊئٽ پھتو، جنھن جي
آواز سمنڊ جي آواز کي به مات ڪري ڇڏيو. ماڻھن ڏٺو
ته سمنڊ جي پاسي کان ڇھه ھيليڪاپٽر اچي رھيا ھئا.
چار ٻن انجڻين وارا ھئا جن کي ماڻھو”ڪئٽر پلر“
چوندا ھئا ٻه ھڪ انجڻ واراھئا جنھن کي ماڻھو
”ٻوڙيندڙ ھٿيار“ چوندا ھئا. ھئبتناڪ مشينون، بھادر
۾ بھادر ھاريءَ لاءِ ڀوائتو ڏيک لڳي رھيون ھيون .
ڪنارو ٽپي ڇھه ئي زمين کي ويجھو اچي ٿيا. سندن پرن
جو کڙڪو تھان وڌي ويو. وڻن جون چوٽيون ائين لڏڻ
لمڻ لڳيون. ڄڻ ڪا وڏي ٻوڏ اچي وئي ھئي، ھان ڊئٽ
جتان اڃا به ھلڪي دونھين جي لڪير اڀري رھي ھئي،
کان ٿي ھيليڪاپٽر کليل ميدان تي لھڻ جون تياريون
ڪرڻ لڳا. ھنن جا دروازا کليل ھئا جتان ڀوري چمڙيءَ
وارا آمريڪي ڪاريون عينڪون لڳايو ھيٺ تڪي رھيا
ھئا. زمين کي ڇھڻ کان پوءِ جڏھن ڦرندڙ پر بلڪل ڍرا
ٿي ويا، باغيچي ۾ بيٺل سپاھي ڊوڙندا اوڏانھن وڌيا.
ٻه آمريڪي لھي انھن ڏانھن وڌيا. ٿوري ڳالھائڻ کان
پوءِ ڪيترائي فوجي موٽي آيا، باقي ڊڪندا
ھيليڪاپٽرن تي چڙھيا ۽ سامان لاھڻ لڳا جنھن ۾
سيمينٽ جون ڳوڻيون، سليٽي رنگ جي ڏات جون پٽيون،
ھڪ فلم پرجيڪٽر، ھڪ ٽپائي ۽ ڪيترائي لائوڊ اسپيڪر
ھئا. نفسياتي کاتي جو سيڪنڊ ليفٽينيٽ، پنھنجي
اھميت جي وڏائيءَ ۾، تڪڙو تڪڙو انھن سپاھين سان
وڃي ڳنڍيو جن وٽ فلم پروجيڪٽر ھو. ھن پيار مان ھٿ
گهمايو ۽ چيو، ”نيٺ منھنجي صلاح مڃيائون. کين ھڪ
فلم ڏيکاريو ويندو.“
”ھان ليفٽينيٽ؟“
”بلڪل.“
ڪنھن زور سان ٿڌو ساھه ڀريو. ”واه واه ڇوڪريون.ڪھڙو نه مزو
ايندو ھن ماحول ۾ فلم شو ڏسي ڪري؟“
سيڪنڊ ليفٽينيٽ جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ”اھو شو توھان
لاءِ نه آھي. اھو ويٽ ڪانگن ۾ ڳوٺاڻن لاءِ آھي.
توھان جو دماغ اڃا ٺيڪ نه ٿيو آھي ڇا؟“
”پر ڇو، ليفٽينيٽ؟“
توھان واقعي ڍڳا آھيو! ويٽ ڪانگن جي مقابلي لاءِ رڳو رائفلون
ڪافي نه آھن. اسان کي نفسياتي طور طريقا استعمال
ڪرڻا پوندا. ھيءَ فلم تازي آمريڪا مان ئي آئي آھي
۽ سچ پچ خطرناڪ آھي! فلم چيني ڪوريائي فوجن ۽
آمريڪي فوجن درميان ھڪ جابلو لڙائيءَ متعلق آھي.
آمريڪي آخر ۾ ھر ھڪ دشمن ماري مڃائين ٿا.“ سيڪنڊ
ليفٽينيٽ ساھي پٽي، پنھنجي سيني تي آڱر رکندي اڳتي
چيو، ”اھو خيال مون ڏنو ھو! اھا رٿ ڏني ھئي ته ويٽ
ڪانگن جا حوصلا پست ڪرڻ لاءِ اھا فلم غار جي
سامھون ڏيکاري وڃي. اسان ڳوٺاڻن کي به زوري وٺي
اچي فلم ڏيکارينداسين ته جيئن ھنن جون به ھمٿون
ٽٽن ۽ ھو ڀاڙي ٿين.“
سپاھين عملدار جي ساراھه ۾ آسمان مٿي تي کڻي ڏنو. ”واه واه! ڇا
ته عقل آ! ھي ويٽ ڪانگ، ديجھان اصلي مري ويا!
ليفٽينيٽ صاحب توھان فوجي نفسياتي کاتي لاءِ بلڪل
لائق ۽ مناسب ماڻھو آھيو.“
سيڪنڊ ليفٽينيٽ ان ۾ لڪل ٽوڪ ۽ چٿر سمجھي نه سگهيو ۽ مور جيان
سينو ساھي ڪرکڻي بيٺو. پوءِ ڏاڍي سنجيده لھجي ۾
چيائين، ان طريقي سان ئي اسان کي ويٽ ڪانگن سان
وڙھڻ گهرجي. پر اھا ڳالھه رڳو پاڻ تائين رکجو،
سمجھيوَ؟“
”ھا سائين! واه جو سمجھيوسين. بلڪل راز رھندو!“ ڪنھن چيو. ھتي
سڄو سامان باغيچي طرف ويو. رستي ۾ ھنن کي اھي زخمي
گڏيا جن کي اسڪول کان کڻي ھيليڪاپٽرن ڏانھن پئي
نيو ويو. پٽين ۾ ويڙھيل ۽ جھينگن جيان وٽ کاڌل
جسم. ڪنجھون ڪيڪون ۽ ڪني ڌپ. کين ڍوئيندڙ وڏيون
وڏيون وکون کڻي رھيا ھئا. ڏوليون لوڏي بي رحميءَ
سان زخمين کي چيچلائي رھيا ھئا. ڪي ته دڳ ۾ وڻن
مان ميوا پٽيو کائيندا پئي ويا. پنھنجن ساٿين جي
سک کان وڌيڪ گهڙيءَ جي بک کي ترجيع پئي ڏنائون.
ائين پئي لڳو ڄڻ ڀاڙيتي ٿيڻ سان گڏوگڏ منجھائن سڀ
انساني احساس گم ٿي ويا ھئا.
گهڻي ڀاڱي آمريڪي ھيليڪاپٽرن ۾ اندر ويٺاھئا، انھن مان به، جيڪي
اڳ ۾ لٿا ھئا سارين جي فصل جي وچ ۾ ڄنگهون ٽيڙي،
ھٿ اڳيان ٻڌي، سگريٽ جا ڊگها ڊگها ڪش ھڻڻ لڳا.
جڏھن به ڪا ڪائي وٽانئن لنگهي پئي ته هنن ڪارا
چشما لاهي هڪ چٽي نظر ان تي وڌي پئي. پوءِ ٻئي
رستي کان ھٽي بيٺا ۽ ھٿ جي ھوا سان نڪ وٽان بڻانس
ڌڪڻ لڳا. ھڪ ھڪ ٿي ڪري پٽين سان ڍڪيل ۽ ڌپ ھنيل
زخمي جسم سندن اڳيان لنگهندا ويا. ڪاين مان رت ڦڙا
ڳڙي رھيا ھئا. رت؟ پونءِ؟ يان ڪا ٻي اھڙي شيءِ جا
اڻ سبيل ۽ ڍڪيل ڦٽن مان وھي وھي ھئي؟ ٻئي آمريڪي
ٿڪون اڇلائيندا، سگريٽ مان باھيون ڪڍندااتان پري
ھٽي ويا.
ھيليڪاپٽرن جي فرش تي زخمي لاھيندا، فوجي پوئتي موٽيا ۽ ڪايون
پويان کوليندا آيا. ھيليڪاپٽر جون انجڻيون چالو
ٿيون. آواز وڌندو ويو. پر کڙا ٿي زور سان ڦرڻ لڳا.
ڪمانڊر آيو. ھن آمريڪين سان ھٿ ملايو ۽ ڪا گهڙي
بيٺو انھن سان ڳالھائيندو رھيو. ڳالھائڻ دوران ھو
ڳاڙھو ٿي ويو. ھڪ آمريڪيءَ سگريٽ مان ٻيو سگريٽ
دکايو، ته مٿي ويٺل دوست رڙ ڪين ”جلدي ڪيو. اچو!“
ٻئي آمريڪي ھيليڪاپٽرن ڏانھن ڊوڙيا. ڪمانڊر به ڪڍ لڳو وين.
ليفٽينيٽ مٿي چڙھي در تان ڇاڙتي ڪمانڊر کي سلام
ڪيو. ڪمانڊر ھيليڪاپٽرن وٽ سيٽيو بيٺو رھيو. پَرن
جي ھوا سان سندس وار اڏامي اُڀا ٿي ويا ھئا. ھن
ٻئي ٻانھون مٿي ڪري رڙ ڪئي، ”جو حڪم سائين! جو حڪم
سرڪار!“
آمريڪي عملدار منھن سڄائي ھن کي ھٽي وڃڻ جو اشارو ڪيو. انجڻن جو
آواز تيز ٿي ويو، ۽ آخر ھيليڪاپٽر مٿي کڄڻ لڳا.
ڪمانڊر جي چوڌاري ڄڻ واچوڙو اچي ويو. سندس پيرن
ھيٺ ڪک پن ۽ مٽي اڏامڻ لڳا. طوفان جھڪو ٿيو ته
ڪمانڊر به اکين تان ھٿ ھٽائي پوئتي موٽيو.
ھيليڪاپٽر ھان ڊئٽ ٽپي سمنڊ طرف ھليا ويا.
آمريڪي ليفٽينيٽ دريءَ کان ٻاھر ڏٺو. لھرون ڪنارن ڏي رڙھي رھيون
ھيون، پوءِ اڇي گج ٿي ختم ٿي ويون. ھيليڪاپٽرن
پنھنجي رفتار وڌائي. اوچتو آسمان ۾ بارش سان ٽمٽار
ڪڪر اچي ويا. ھيٺ سمنڊ جو پاڻي نيري مان مٽجي ڀورو
سليٽي ٿي چڪو ھو. ليفٽينيٽ دري بندي ۽ چيو، ”آنڌي
پئي اچي.“
”ھائو، ليفٽينيٽ!“ سندس ڀرسان ويٺل جونيئر عملدار چيو. پوءِ اٿي
ھيٺ نھاريندي ھن چيو، ”ھاڻي ٺيڪ ٽائيم آ سائين،“
”نه اڃا ڪنارو ويجھو آھي.“ ھن واچ ڏانھن نھاريو ۽
چيو، ”پنج منٽ ٻيا به ترس.“ ھن پنھنجو ٿلھو متارو
ڳاڙھو ڳٽول ھٿ شيشي تي رکيو. سندس آڱريون بي
آرميءَ سان نچي رھيون ھيون. مٿي چڙھڻ کان پوءِ
ڪئبن ۾ ڪيئي ڌچڪا ۽ جھاڪا آيا ھئا. فرش تي پيل
زخمي وٽ وڪڙ کائي رھيا ھئا. سندن ڪنجھڻ ڪرڪڻ جو
آواز انجڻن جي آواز ۾ دٻجي پئي ويو. لوڏن ۽ لمن
سندن ڦٽن کي وڌيڪ کولي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو ھو. رت
پٽين کي آلي ڪرڻ کان پوءِ فرش تي ٽِمي دُٻو ٺاھي
چڪي ھئي. دُٻي مان ھوريان ھوريان ھيڏي ھوڏي وھڻ
شروع ٿي ھئي، ۽ فرش جي چيرن ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ھيٺ ڪري
مينھن جي ڦڙي سان ملي سمنڊ ۾ وڃي پَئي پئي.
ليفٽينيٽ ريڊئي واري ڪئبن ڏانھن ويو، ۽ ڦٽيلن کي لتاڙيندو ويو.
گهڙي کن ۾ ھو موٽي آيو ۽ جونيئر عملدار کي اشارو
ڪري چيائين، ”ھاڻي!“
عملدار پنھنجي قميص لاھي ھڪ پاسي ويو. ھن ھڪ لوھي چڪري ۾ ھٿ وڌو
جنھن سان ھڪ تار ڳنڍيل ھئي. ھن زخمين تي آخري
نگاھه وڌي ۽ ڏند ڪرٽي، پوري طاقت سان اھو چڪرو
ڦيرائڻ لڳو. تار ڍري ٿي ۽ فرش ۾ فوٽ وٿي پيدا ٿي
وئي.ست اٺ زخمي گم ٿي ويا. ٻه فرش کي چنبڙي پيا.
لوھي نالن وارن بوٽن جي ٽوڪر سان اھي به وڃي اڳين
سان مليا. باقي ھڪ ھمراھه پنھنجون آڱريون زور سان
تختي ۾ اٽڪايو ۽ لڙڪندو رھيو عملدار ان کي به لت
ھڻڻ وارو ھو جو وري خيال آيس ۽ ماٺ ڪري جھُڪي ان
کي ھورا کورا سان واچڻ لڳو. پڪڙ ڪيل آڱريون ھوريان
ھوريان ڍريون ٿينديون ترڪنديون ويون، ۽ آخر ۾ صفا
ڇڏائجي ويون.
ھيٺ ويرن جي ھنج ۾ ڪِري ڪي زخمي ته ٿڏي تي ئي مري ويا ۽ ڪي
بيھوش ٿي ويا ۽ باقي پاڻيءَ ۾ رھي سھي سگهه سھيڙڻ
شروع ڪئي. پر کين اھو احساس ٿيو ته حالت
نااُميديءَ جوڳي ھئي. جڏھن سمجھيائون ته ھو مرڻ
وارا آھن، ته ڇتا ٿي پاڻيءَ ۾ ھٿ پير ھڻڻ لڳا.
سندن رت پاڻي ۾ ملي رھي ھئي ۽ پاڻيءَ جو لوڻ زخمين
کي وڌيڪ ڪُرائي رھيو ھو. گهڻا ھٿ پير ھڻي شل ٿي
ھنن موت اڳيان ھار مڃي. ستت ئي سگهه ساٿ ڇڏي وين،
۽ ھڪ ھڪ ٿي لھرون کين ڳڙڪائي ويون. چند منٽن جي
اندر ڇھن ھيليڪاپٽرن مان ڪيرايل ڇائيتاليھه زخمي
وڃي تري داخل ٿيا ۽ مٿان ڪارو ڇوليون ھڻندڙ پاڻي
ڇڏي ويا. جنھن جي مٿان پوندڙ مِينھن سندن رت کي
جلدي غائب ڪري ڇڏيو.
(6)
ڪارپول ڪُو ھڪ ڳيت سان پنھنجو گلاس خالي ڪري ڇڏيو. ساڻس گڏ آيل،
ھم عمر ٽن فوجين به، ھن جي پيروي ڪئي. ھنن پنھنجا
خالي گلاس صندل تي رکيا ۽ پليٽ مان تريل مڇيءَ جو
ٽڪر کڻڻ لڳا. ھو مادام بااُو جي دڪان ۾ اندر ويٺا
ھئا. ٻاھر زوردار مينھن پئجي رھيو ھو. ٿورو وقت
اڳ، آسمان ڏانھن نھاريندي، ۽ محسوس ڪندي ته اجھو
ڪي اجھو طوفان ۽ ٻوڏ آئي، ھوءَ خوشيءَ ۾ نه پئي
ماپي. جڏھن بتيءَ جي وٽ ڦڙڪڻ لڳي ھئي، ۽ ھوا ۾
اُٺي جي بوءِ رچجي چڪي ھئي ته ھن دل ۾ چيو ھو، ”يا
خدا! ڪو وڏڦڙو وساءِ، ته غار وارا ساٿي اُڃ
اُجھائين!“انھن ”همدرد“ سپاھين لاءِ مڇي تيار ڪرڻ
کان پوءِ ھوءَ دروازي ۾ ئي بيھي رھي. ڍاڪ تي ھٿ
رکي ھوءَ چرندڙ ڪڪرن ڏانھن نھاري رھي ھئي. ايترو
بي صبريءَ سان ھن ڪڏھن به مينھن جو اوسيئڙو نه ڪيو
ھو. جڏھن ڇت تي پھريان ڦڙا ڪريا ھئا ته ھن انھن جي
وڏ ڦڙا ھجڻ جي خواھش ڪئي ھئي.
”منھنجا دوستو،“ ھن ڪمري ۾ اندر ايندي چيو ھو، ”اڄ موسم اسان
سان نڀائي رھي آھي.“
”ھو مينھن جو پاڻي غار ۾ ھٿ ڪري سگهندا؟“ ڪارپول ڪُو پڇيو.
”بلڪل.“ مادام بااُو جھيڻي آواز ۾ ھاڪار ڪئي.
”ٺھيو، چئبو ته اُڃ به ختم ٿين.“
”ھائو. چيرن ڦاڙن مان ڪافي پاڻي غار ۾ ڪرندو آھي.“
”ھن مند ۾ گهڻو ڪري مينھن پوندو ته ڪونھي .“
مادام بااُو مرڪي ۽ ڪجھه چرچي ۽ ڪجھه ساڀيا ۾ چيائين، ”پر ھي
سال ٻين سالن جيان نه آھي. آسمان به ويٽ ڪانگن جي
مدد ڪري رھيو آھي. آھي نه؟“
ھڪ فوجي مِينھن کي ڏسڻ لڳو. ڀت تان پاڻي وھي ھيٺ ننڍي ڪسي ٺاھي
رھيو ھو ۽ ان تي پوندڙ ڦڙا ڦوٽا ٺاھي رھيا ھئا. ھن
ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”مون کي مينھن اُداس ڪري ڇڏيندو آھي.
جڏھن مون کي ڀرتي ڪيو ويو ھو ته اسان جي ڇت پراڻي
ٽمندي ھئي. سالئون سال ڪکائين ڇت کي ھٿ ھڻڻ ضروري
ھوندو آھي. پر گذريل ٻن سالن کان اُن کي ڇھُيو به
نه آھي. پاڻ ئي سوچ ته ڪھڙي نه ابتر حالت ھوندس؟
رات جو جڏھن مينھن پوندو ھو ته منھنجي زال ۽ ٻار
روئندا رڙندا ھئا. ڪابه جاءِ محفوظ نه ھوندي ھئي،
سڄي ڇت جٿان ڪٿان ٽمندي ھئي، ڄڻ اندر رھي به اڱڻ ۾
ھوندا ھئاسين. مون لاءِ ته مينھن ھڪ آفت آھي. مان
ته ھت گرم ٿيو ويٺو آھيان پر ٿي سگهي ٿو ته منھنجي
زال ۽ ٻار بارش ۾ ڀڄندا ھجن.“ ھن ترسي مڇيءَ جو
ٽڪر کنيو ۽ فڪرمند ٿي ڄٻاڙڻ لڳو. ”اسان ڇت تي
ناريل جا پتا به وجھي پئي سگهياسون، پر اسان جي
علائقي ۾ اھي ڏاڍا مھانگا آھن. امن جي زماني ۾
واپار وڙو کلي ته پوءِ کڻي وٺي سگهجن ٿا پر ھن جنگ
جي زماني ۾ ته ناممڪن آھي. اڄ ڪلھه ته مقامي
واپارين جي لئي آھي، ٽيڻي چوڻي اگهه تي پيا اھي
نيڪال ڪن. ان لاءِ پئسا ڪٿان ايندا؟“
”معاف ڪجو، “ ”مادام بااُو وچ ۾ چيو، ”توھان ڪٿان جا آھيو؟“
”چاڪ ڪاواوُ جو، جنھن کي خوشحال خطو سڏيندا آھن!“
بيگم بااُو فوجيءَ ڏانھن نھاريو ۽ چيو، ”جڏھن تون ھتان ھليو
ويندين، ته وري ان خوشحال خطي ڏانھن موٽندين ڇا؟“
”نه. اھو ته ختم ٿي ويو. سيپٽمبر ۾ ئي ان کي تباھه ڪري
ڇڏيائون.“
”ھون!“
مينھن وسندو رھيو ۽ بااُو گراھڪن جي سيوا ڪندي رھي. ھنن کي شراب
ڏيندي رھي، وڌيڪ مڇي تيارڪندي رھي. اسپرٽ جي چلھي
تي تريندي ھوءَ سرڪي سان کين گرم گرم مڇي آڇيندي
رھي. ھوءَ سڄو ڪم تيزيءَ ۽ مھارت سان ڪندي رھي.
فوجي ڏاڍو مطئمن ھئا، پر ان ھوندي به ڪجھه ڳڻتيءَ
۽ فڪر۾ ضرور ھئا. ان ڪري اطمينان جو اظھار ھٿ جي
لوڏ سان يا گوڏن تي آڱرين جي ٺڪ ٺڪ سان ڪري رھيا
ھئا. ڇاڙتي جھڙي ذليل روپ ۾ به ھو تازي تريل مڇي
کائي رھيا ھئا ۽ شراب پي رھيا ھئا، نه ته ڇاڙتين
لاءِ اھڙي برسات جون رنگين شامون ڪٿي ھيون؟ ٻين کي
اھڙي محبت ۽ مروت جھڙي دڪاندار نصيب ۾ ڪٿي ھئي؟
ھنن جي اطمينان ۾ بااُو لاءِ عزت ۽ نيڪ نيتن جا
جذبا به شامل ھئا. ھو گذريل ھفتي کان بااُو جي
دڪان تي اچي رھيا ھئا. اھا ڪارپول ڪُو جي کوجنا
ھئي ۽ ھوئي دوستن کي اُت وٺي آيو ھو. ٻه ڏينھن اڳ
ڪارپول ڪو بااُو سان باسيو ھو ته ھو فوج مان ڀڄي
وڃڻ لاءِ تيار آھن. ۽ ھوءَ کين آن رانگ ندي ٽپائي
پار ڪرڻ ۾ مدد ڪري.اتان ھو پاڻھي ئي پنھنجي منزل
تائين پھچي ويندا. ان ڪري ئي اڄ شام جو ھو وٽس آيا
ھئا.
ھو شراب پيئندا رھيا. ڪجھه وقت پليٽ جي ڪناريءَ تي آڱرين گهمائڻ
کان پوءِ _ جا ھن جي ھٻڪ ۽ مونجھاري جي علامت ھئي
_ مادام بااُو آخر ھنن سان ڳالھيو، ”مان توھان جي
مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو، ڇو جو توھان کي گهَرَ جي
سڪ ھئي ۽ ھت ڏتڙيل زندگي گهاري رھيا آھيو. پر سڀ
ڳالھه جو دارومدار توھان تي آھي. توھان جو ڪجھه
ڪرڻ چاھيو ٿا ان لاءِ خاطري اٿو؟ مون کي ته پڪ نه
ٿي پوي.“
”ڊڄ نه محترمه، “ ڪارپول ڪوُ چيو، ”اسان قطعي فيصلو ڪري چڪا
آھيون. جيترو جلد اوترو چڱو. ھيليڪاپٽرن ۾ زخمين
جا انبار ڏٺئي ؟ جي اسان کي ان قسم جي موت کان
بچائڻ ٿي چاھين ته اسان جي مدد ڪرڻي پوندئي.“
”مان ته پڪ سان توھان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر توھان کي
اٽلتا کان ڪم وٺڻو پوندو.“
”اسان کي قبول آ. اسان جي زبان تي ويساھه نٿو اچئي ڇا؟“
مادام بااُو دلجاءِ واري مرڪ مرڪي. پوءِ پليٽ جي ڪناري کي
ڇڏيندي ڪارپول ڪُو ڏانھن نِوڙي، ”ٺيڪ آ،“ ھن ڀڻ ڀڻ
ڪئي،
”سڀاڻي رات ٻئي، چوسول وٽ اچجو. مان اُت ھونديس.“
”ھائو، ھائو.“
”وقت تي اچجو _ ٻيو وجھه وري نه ملندو. مان اڳيئي .......“
”دلجاءِ ڪر.“ ڪُو وچ ۾ ڪٽي چيس، ۽ پنھنجو ڪنڌ ڪيترائي ڀيرا
ڌوڻيائين.
”پنھنجي ساٿين کي چئي ڇڏيو ته اھو راز راز رھي.“ مادام بااُو
چيو.”منھنجو توتي ڀروسو آھي.“
”ھائو، ڳڻتي نه ڪر.“
ڪارپول ڪُو ٻيو گلاس به خالي ڪيو ۽ اٿي بيٺو . ھو دروازي ڏانھن
ويو. اھو ڏسي ته مينھن ھلڪو ٿي چڪو ھو، ھن پنھنجي
ساٿين ڏانھن منھن ڪيو ۽ چيو، ”ھلو ته ھلئون. پي
وٺوته ھلو. ٽئي ھمراھه گلاس خالي ڪري روانا ٿيا.“
بيگم ھائي ٿيپ جو چوڻ ياد ڪري، متاري عورت اڳتي
وڌي ڪارپول ڪو جي گڊيءَ کي پڪڙيو”ھٿيار.“ ھن چيو
”چڱو ته ائين ٿيندو ته ٻيا به کڻي اچو. پر جي اھو
ڏکيو لڳي ته انھن جي ڪري ترسجي يا روڪجي نه پئجو.
ان حالت ۾ ھرھڪ لاءِ ھڪ رائفل به ڪافي ٿيندي. چڱو،
سڀاڻي وري چوسول وٽ ملبو. پئسا توھان اڳ ئي ڪٺا
ڪري ڇڏيا آھن، سو ڳڻتيءَ جي ضرورت ڪانھي.“
ڪُو ڪنڌ جھڪائي، رڪيل ۽ گهٽيل آواز ۾ چيو، ”چڱو، الله واھي،
مادام بااُو.“ ھو ترڪندڙ روڊن تان تڪڙو تڪڙو وڌي
وڃي پنھنجي ساٿين سان گڏيو ۽ کين اھو ڪجھه ڏسيائين
جو بااُو وڃڻ مھل چيو ھوس. مينھن ته ڍرو ٿي چڪو ھو
پر ھنن جي نڪرندي ئي وري تڪڙو پوڻ لڳو. چارئي
ھمراه پاڻ بچائيندا ترڪندڙ رستي تان ڊوڙڻ لڳا.
پاڻي چادر جيان ڪِري رھيو ھو. ڪارپول ڪُو گدامڙيءَ
جي وڏي وڻ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ھوڏي، ھوڏي ڏسو!
ٻڍڙي نابين جو گهر!“
ھو گدامڙيءَ طرف ڊوڙيا. ات جھٽ بيھي ڪپڙا ڇنڊي ھو گهر ۾ ڌوڪي
پيا. انڌو موسيقار ٽوڪري آڻي رھيو ھو. سندن تيزيءَ
سان اندر اچڻ ۽ قدمن جي چال مان ھو سمجھي ويو ته
اھي فوجي ھئا. معمولي سپاھي، ڇو جو کين ڪپڙي جا
بوٽ ھئا. سندس ٻارھن سالن جي ننڍڙي ڏھٽي کڙڪي تي
رڌڻي مان نڪري آئي. پاجامي سان پنھنجو ھٿ اگهندي،
ھن پڇيو ”ڇا کپيوَ؟“
”ڪجھه نه، ڪجھه نه. رڳو مينھن کان بچڻ لاءِ اندر ھليا آيا
آھيون.“ ھڪ فوجيءَ وراڻيو ۽ ڪراڙي ڏانھن منھن ڪري
چيائين، ”چاچا، موڪل ڏيو ٿا يا نه؟“
ٽوڊان پنھنجي ڪرت جاري رکندي ڌيرج سان چيو، ”ڀلي ترسو!“
ڇوڪري کين ڏٻيءَ اک سان ڏسندي رڌڻي ڏانھن موٽي وئي. چارئي فوجي
فرش تي ھڪٻئي جي آمھون سامھون، گوڏا ٻانھن ۾
ڦاسائي ويھي رھيا، ۽ ڪراڙي کي ٽوڪريءَ جو ڪنارو
ٺاھيندو ڏسڻ لڳا. ”توھان ڏاڍا ڀَڙ ڪاريگر آھيو!
چاچا.“ انھن مان ھڪ چيو.
”تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين. ڇو جو اُڻڻ ۾ مان سٺو ڪاريگر نه آھيان.“
جواب مٿن ڄڻ گندي پاڻيءَ جي وسڪاري جيان ڪريو.فوجي ڪجھه ھٻڪيو،
پر گهري ٿيڻ لاءِ وري ٻي ڪوشش ڪيائين، ”ڏينھن ۾
گهڻيون ٺاھي ويندا آھيو؟“
”ٻه، جي گهربل شيون ملي وڃن ته.“ ڪراڙي لنوائڻ خاطر ٿوري ۾ جواب
ڏنو.
ان روزگار مان گذربسر ٿي وڃيوَ؟“
ڪراڙي پنھنجون بي نور اکيون کڻي سولجر ڏانھن ڪيون.”ان تي راضي
رھڻو پوندو آ. مان جھڙو لاچار مڙئي حياتي ڌڪي پيو
وڃي. ٻين جيان ڪرڻ مان ڇا حاصل؟ جو ائين ملي
سوچڱو.“
”ٻين جيان؟ اسان سان به ساڳي حالت آھي چاچا. اسان رپين سان ڪونه
پيا کيڏون.“
ٻڍي ٽوڪريءَ مان ھڪ ھٿ ڪڍندي چيو، ”ڏس! مان تنھنجي ڳالھه نه
سمجھي سگهيو آھيان. مان انڌو آھيان، پر توھان کي
ٻه اکيون آھن، تون سگهارو آھين، تو وٽ ھٿيار آھي،
توکي ھر مھيني جي پڄاڻيءَ تي پگهار ٿي ملي. ڪڏھن
ڪڪڙ ٿي ڦٻيو ته ڪڏھن بدڪ. باقي ڪيئن ٿو چئين ته
تون ۽ مان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار آھيون؟ اھا ڳالھه عجيب
آ.“
”مان سچ ٿو چوان، چاچا، اسان مان اڪثر خوش نه آھن.“
”ھا، خوش نه آھن، تنھنجي چوڻ تي. ھتي مينھن ماري کاڌو. ھتي ڪڪڙ
......“
ڪارپول ڪُو نيٺ زبان کولي، ”اسان بدنصيبن تي ايڏا حملا نه ڪريو،
چاچا. اسان انھن جيان نه آھيون جي مينھون ماريندا
آھن ۽ ڪڪڙ ڦريندا آھن.“
ٽوڊان ٽوڪري اُڻڻ ۾ جنبي ويو. ”منھنجو ڪھڙو وس جو توھان کي ڪجھه
ڪري سگهان، ۽ مان ڪجھه چئي به ته نٿو سگهان ته ڪير
ڪڪڙيون چورائي ٿو ۽ ڪير نه! منھنجي چوڻ جو مطلب
اھو آھي ته اھا ڳالھه توھان فوجين جي طبيعت ۾ آھي
ته مينھون ماري کائو ۽ ڪڪڙيون ھضم ڪيو.ڪالھه توھان
جو ھڪ ماڻھو اچي اسان جي آنا ڏيندڙ ڪڪڙ زوري کڻي
ويو. منھنجي ڏھٽيءَ جي آزين نيزارين به ڪو اثر نه
ڪيو!“
”اسان انھن جيان نه آھيون چاچا. اسان چارئي اڳ ھاري ھئاسين.
چوريءَ کان اسان بک مرڻ کي ترجيح ڏينداسين.“
”مان ڪيئن ڄاڻان؟ توھان جي زبان تي کڻي اعتبار ڪريان ٿو!“ |