سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ويرن جي وسندي

صفحو :4

”بلڪل“

جواب صاف ۽ کليل هو ۽ نگان محسوس ڪيو ته هو سچ ڳالهائي رهيو  هو. ڪيتري وقت کان هو هن ارڙهن سالي نوجوان کي پسند ڪري رهيو هو. جڏهن به هو ضلعي ۾ ٽام چان سان ملڻ ويندو هو ته هو کيس مڇيءَ ۾ پکيءَ جي شڪار لاءِ اتاولو ڏسندو هو. اڳواڻن جي هٿياربند محافظن جي فرضن سان گڏوگڏ هو سندن ماني ٽڪيءَ لاءِ وسان نه گهٽائيندو هو. ان حقيقت ته، ڊئٽ هڪ ڇورو ٻار هو، کيس نگان جي وڌيڪ ويجهو آندو هو. سندس ماءُ کيس جنم ڏيندي مري وئي ۽ پيءُ1958ع واري پهرين بغاوت دوران ڊيم جي ڀاڙيتن هٿان مارجي ويوهو، ۽ ان جو لاش کڏ ۾ اڇلايو ويو هو. ان جون هاٺيون به، ٻين جي هڏن گڏن جيان، ڪوين ۽ سئو ميڙي هٿ ڪري اچي غار ۾ رکيون هيون. ڊئٽ جي رڳو هڪ ناني جيئري هئي جا سٺ ورهين جي هئي. لنهه ڪوئنهن ۾ رهندي هئي. هو ٻن سالن کان ٽان چام سان گڏ هو. هڪ ڀيري سندس ناني، سندس سڪ ۾ گهلجي کيس اتي ڏسڻ آئي هئي.

”گذريل رات لنهه ڪوئنهن ۾ ناني سان مليو هئين؟“

نگان پڇيس.

”هائو..... ڏاڍو خوش هئي. هن منهنجو سرير ٺپيو ۽ رُني. پڪل پپيتو هٿ ڪري جهينگن جي سلاد ٺاهي کارائي هئائين. ڏاڍو سوادي هو. اصلي نڙيءَ تائين پيٽ ڀري کاڌم.“

”مون کي اها سلاد وڻندي آهي.“

”مان توکي نانيءَ وٽان سڪل جهينگا آڻي ڏنا هئا.“

نگان، ڊئٽ جي ڪاربائين تي هٿ رکيو ” ڀريل آ؟“

”هائو. پرسيفٽي چڙهيل اٿس.“

”سٺو. اهڙي جاءِ ڳول جتي سولائيءَ سان چُري پُري سگهين.“

”هيءَ سٺي جڳهه آهي،“ ڊئٽ وراڻيو. هن پنهنجي بندوق، لنگهه جي چست وٺي، هڪ پٿر تي رکي، ۽ کٻي اک ٻوٽي نشانو ڏٺو. چپن تي زبان ڦيرندي هن ڪيترائي ڀيرا اهو شغل ورجايو.”زبردست مارڪو آ.“ پنهنجي بندوق سٿر سان رکندي هن دٻو کوليو ۽ ٻه ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا پيتا. پوءِ نگان کي  ڏيندي چيائين”ڪجهه پيندين؟”

”نه لوڙ ڪانه اٿم،“۽ پنهنجي  دٻيءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ خاطر پٽي ڏانهن ڏٺو. ٿوري جهٽ کان پوءِ هن چيو، ”جيترو گهٽ ٿي سگهئي اوترو گهٽ پاڻي پيءُ، اصلي جڏهن اڃ نه جهلي سگهين.“ نگان ٻين همراهن کي به چيو، ”ساٿيو، پنهنجو پاڻي بچايو. هت پاڻي ڪونه آهي. سڪل چانور توهان جو خاص کاڌو آهي. هروڀرو بوريت ڪاٽڻ لاءِ اهي نه ويهي چٻاڙيو.“

”پر غار ۾ اڇا چانور به ته آهن؟“ ٽوئي چيو.

”بلاشڪ، پر چند ڳوٿريون. وڌ ۾ وڌ ٽن يا چئن ڏينهن جيترا.“

”پر تيستائين هو هليا ويندا.“

”ڪابه ڳالهه يقيني نه آهي. ڪهڙي خبر ته هو هفتو سانده اسان کي وڪوڙي ويهن؟“

ڪنهن به ورندي نه ڏني. هر ڪو جاءِ ڳولي آرام سان ويهي رهيو. نگان لنگهه مان هيٺ زمين طرف نهاريو. هن خاموش بيٺل ناريل جي وڻن کي ڏٺو، جي سج جي روشنيءَ ۾ جهڪي رهيا هئا، فوجين ڪجهه کنيو، جو هو نه سڃاڻي سگهيو، اچي وڃي رهيا هئا. هن ٿانون جي ڪرڻ جو آواز ۽ فوجين جو گوڙ گهمسان ٻڌو ۽ رکي رکي ڪنهن ناريل جي ڪرڻ جو آواز پڻ.

(2)

ڪوين جي ٽارج جي روشنيءَ ۾، سئو دکيون جاچيون ۽ چڪاسيون، دکين کي هٿ سان محسوس ڪندڙ ڇوڪريءَ چيو پاڻي سمي ٿو ڇا؟“

”تمام ٿورو.....ترس، مان پلاسٽڪ جون شيٽون کڻي انهن کي ويڙهي ٿي ڇڏيان، ۽ پوءِ اهو پاڻي به زيان ٿيڻ کان بچي ويندو.“ جڏهن هو موٽي ته سندس هٿ ۾ پلاسٽڪ جو وڏو ٽڪرو هو. “ٿوري روشني ڪر،“ هن اهو کوليندي ڀيڻ کي چيو. ان کي خيال سان جاچيندي چيائين، ”ڏاڍو سٺو، ڪٿان به ڦاٽل ڪونه آهي.“ هن اهو نرم پٽ تي وڇايو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري دکيون ان تي رکڻ لڳي. ”نام نهو کان هڪ ڀڄي پيئي. ”اهو ڏاڍو خراب ٿيو،“ هن چيو، ”پلاسٽڪ جي چادر جون ڪنڊون ٻڌڻ کان پوءِ، هوءَ اٿي بيٺي، ‎ٺيڪ، هاڻي هل ته هلي  چئون جون چاڏيون ڏسون.“

ٻئي ڀينر پاسي واريءَ چر ڏانهن وڌيون . اوچتو هنن سڄي پاسي کان مياڻيءَ واري مالڪ مهاڻي جا اڀا ساهه ۽ سندس زال جا ٻاراڻا روئڻ جا آواز ٻڌا، جا سندن قدمن جو آواز ٻڌي روئندي چئي رهي هئي. ”رحم ڪريو، پاڻي پياريو.“

 ڪوين ڀيڻ جي ٻانهن جهلي. ”ٻڌئي؟ پاڻي ٿي گهرئي.“

”ترسي، سگهي ٿي، اسان کي هاڻي ٿيپ کان پڇڻو پوندو.“

 ڪوين هڪ ٻه وکون وڌيون ۽ زور سان چيو، ”پاڻي کپئي؟ ٿورو ترس.“

”اوئي الله !“ عورت رڙ ڪئي. تون آهين ڇا ڪوين؟ رحم ڪر، اسان تي رحم ڪر. عرض ٿي ڪيانوَ.“ ڪوين جنهن کي اها توقع ڪونه هئي، پنهنجي سڃاڻجي پوڻ تي ارهي ٿي پئي. ”عرض غرض بند ڪر! مان تولاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهان. هو توهان تي عوامي عدالت ۾ مقدمو هلائيندا ۽ اتي جيڪو وَڻيوَ سو چئي ڏجو.“

”عوامي عدالت،“ عورت خوف کان ڏڪي وئي. ”هاء الله ! پوءِ ته اسان مئا پيا آهيون.“ هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.

”ڏس ! چيو جو مانءَ نه ماٺ ڪر،“ سندس مڙس چيس.

”ڏاڍو ٻٽاڪي هئين.“ ڪوين سوچيو، ”هاڻي ڏسنداسين !“

چانورن جي چاڏين وٽ پهچي ، سئو مُٺ ڀري کنئين ۽ سنگهيو.” سٺي حالت ۾ پيا آهن.“ هن خوشيءَ وچان چيو. ٻن چاڏين تي روشني اڇلائي وري خاطري ڪئي.

”هنن ٻن وڏين چاڏين ۾ ٻه مڻ چانور  ٿي ويندا نه؟“

هن پڇيو.

”مان نٿي سمجهان،“ سئو چر مان نڪندي فڪرمند ٿي وئي. ”پچائينداسين ڪيئن؟“ هن چيو، ” اسان پاڻي ته کپائي نٿا سگهون.“

”ائين به آهي. پوءِ ڪيئن.....“

”اڄ هر ڪنهن وٽ پنهنجن کيسن ۾ راشن آهي. سڀاڻي کڻي ڀُڃنداسين. تنهنجو ڇا خيال آ؟“

”جي ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهي ته ائين ئي ٺيڪ آ.“

هنن سموري صورتحال هائي ٿيپ کي ٻڌائي، هو رڳو مرڪيو، ”اسان ان ڏس ۾ توهان ٻنهي تي ڀروسو ۽ مدار ٿا رکون. ٺيڪ آ؟ٿورو آ ته اسان کي به ٿورو ڏيو. جي وڌيڪ آ ته وڌيڪ ڏيو _ پر رڳو انهن کي ترجيح ڏيڻ نه وساريو جي ڦٽيل آهن.انهن لاءِ ٿورو ضروري هئڻ گهرجي.“

سئو ۽ ڪوين، غارجي ڪنڊ ۾ چلهه ٺاهڻ لاءِ پٿر ڳولڻ نڪتيون. ٿانو چمچن ۽ ڏوين سميت اڳ ئي ات رکيل هئا جي هو جنگ جي ڀوُ کان ات رکي ويا هئا.سئو سگريٽ لائيٽر ٻاريو. باهه مچڻ  ۾ گهڻي دير ورتي. ڪوين ننڍو ٿانو کڻي شورو کڻڻ وئي. پوءِ منهن هٿن ۾ جهلي ويهي باهه جو ناچ ڏسڻ لڳي. ٿئي زخمين کي ڇڏي، پٻن تي گهمندي سندس پٺيان اچي بيٺي ۽ سندس ڪنڌ ۾ ٻانهون وڌيون. ڪوين ٻانهون  پويان ورائي هن کي جهليو. ايم جي ڦاٽڻ جو وڏو آواز ٿيو.

”وري حملو پيا ڪن !“ ڪوين چيو ۽ يڪدم اٿي بيٺي.

”پنهنجن جو جواب نٿو ٻڌجي؟“ سئو ڀڻ ڀڻ ڪئي.

ان مهل هن ٿا مپسن جي گجگوڙ ٻڌي ۽ ان سان گڏ هلڪي رائفلن ۽ ڪاربائين جا آواز به.

”اهي اسان جا آواز آهن،“ چوندي ڪوين غار جي لنگهه ڏانهن ڊوڙي. ڀيڻ جي سڏن جو خيال به نه ڪندي ڇوڪري سڌو ڀڄندي هائي ٿيپ جي جٿي وٽ وڃي پهتي.

”اسان هڪ ٻيو جٿو به ٺاهيون ٿا،“ هائي ٿيپ چئي رهيو هو، ”مون سان ڪير ايندو؟“

”مان!“

”مان!“

ڪوين هٿ مٿي ڪيو ۽ ويجهو آئي، پر پارٽي سيڪريٽري کيس ڌڪي پاسي ڪيو. هن کي صدمو رسيو.

ٻه گوريلا هائي ٿيپ جي پٺيان هليا. ٽونگيب پنهنجي ”شڪاري توب“ ٻانهن ۾ کنيو آيو ۽ گهر ڪئي، ”مون کي هي هلائڻ ڏيو ته ڏسان ته ڪيئين ٿي ڪم ڪري؟“

”ٻي ڪٿي آ ؟

”هتي.“

”ٻئي کڻي آءُ.“

غار جي لنگهه کان ٿورو اڳڀرو بارين ٽڪر پٺيان بيٺو کڳيون هڻي رهيو هو. ”توهان ماٺ ڪري اندر ويهي رهو. توهان جو وارو اڃان نه آيو آهي. اسان ئي هٿ ٻڌي ويٺا آهيون.جيڪو حرامي وڌيو آهي ان کي نگان ۽ سندس ماڻهن ئي موت ڏئي ڇڏيو آهي. ڏسڻ چاهين ته هيڏانهن هليو آءُ.در ٻاهران ڍير ٿيا پيا آهن.“

”ڪٿي آهن ؟ ڪٿي آهن؟“ هرڪو ڏسڻ لاءِ ڊوڙيو. هاڻي ٿيپ ٽڪر جي سنهڙيءَ وٿي مان ڏٺو _ڇهه دشمن پٺيءَ ڀر ڪري پيا هئا ۽ سندن بندوقون ڀر ۾ پيون هين. دشمن اڃا لنگهه طرف وڌي رهيا هئا، گوليون سندن  مئلن جسمن کان ٿي زمين ۾ گهڙي مٿي اٿاري رهيو هيون. اُس ناريل جي وڻن مان ڇڻي پٽ تي ڊگها ڊگها تلوار جهڙا پاڇا اڇلائي رهي هئي. گولين جا سُرساٽ جاري هئا. مئلن  جا چهرا نااميدي  ۽ ڏک جا آثار بڻيا پيا هئا. پنهنجن جون گوليون مرڻ بعد به کين آرام سان رهڻ نه ڏئي رهيون هيون. هاڻي ٿيپ ارمان سان مئلن جي ڀر ۾ پيل هٿيار ڏٺا. ڪاريون گرانڊ رائفلون چمڪندڙ نالين سان. ٿامپسن ڳاڙهن پٽن سان. ڇاتيءَ سان لڳل گولين جا نوان نويل پٽا. هي اهي هٿيار هئا جنهن جي هو ۽ سندس رفيق مدت کان پاڻ وٽ هئڻ جي خواهش ڪندا هئا، سندن بحث مباحثي جو موضوع هوندا هئا ۽ خوابن ۾ ڏسندا هئا. هينئر سندن خوابن وارا هٿيار سندن آڏو، پهچ اندر پيا هئا.  دشمن جي گوليبازيءَ ۾ معلوم پئي ٿيو ته هو کين انهن هٿيارن تائين پهچڻ کان روڪي رهيا هئا. هائي ٿيپ صبر سان گوليبازي بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو . پوءِ ئي انهن ۾ هٿ وجهڻ ممڪن ٿي پئي سگهيو.في الحال ڪجهه به نه پئي ٿي سگهيو ڇو جو گوليبازي سخت هئي.

منٽ کن رکي، پنهنجي بي صبري تي اختيار نه رکي، هائي ٿيپ بارين طرف مڙيو، ”اسان کي انهن هٿيارن کڻڻ لاءِ هڪ ٽولو ٺاهڻ گهرجي،“ هن چيو.

بارين ڪنڌ ڌوڻيو. ٻئي نگان جي جٿي طرف وڌيا. گوليون جبل ۾ اچي لڳيون ۽ چڻنگون اٿيون. هو رڙهندا ۽ ٽپندا وڌندا رهيا . جڏهن هو نگان وٽ پهتا ته هائي ٿيپ سندن ڪن ۾ ڪڇيو،

”هن گولين جي بارش ۾ ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ئي ڪونهي؟“

نگان ڪنڌ ڌوڻيو. سندن منهن گنڀير ۽ ڳڻتيءَ وارو هو. ” مون کي ٻاهر کسڪي وڃڻ ڏيو. مان ننڍو آهيان هو منهنجو نشان نه وٺي سگهندا. مون کي رڳو موڪل ڏيو.ٺيڪ آ؟“ مان وڃان، هان؟“

ڊئٽ زمين تي ليٽي پيو. نگان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ پنهنجون ڀرون تاڻيون. ڊئٽ هن جي ماٺ کي راضپو سمجهي ٺونٺين تي مٿي ٿيو ۽ هلڻ شروع ڪيائين. نگان جو تيز آواز اٿيو، ” مان اجازت ڪونه ٿو ڏيان. ڊئٽ خبردار جو چريو آهين، سمجهئي؟“

ڊئٽ وري ڪري پيو. هن اکين جي ڳوڙهن کي روڪڻ لاءِ چپ ڏندن هيٺان ڏنو. ” ٺيڪ آ.“ هن چيو ”ڏسجو ته هوئي اهي واپس کڻي ويندا.“

”مان ٿو وڃان!” اٽل ارادي وارو آواز اٿيو. هي تونگيب هو. چاليهه ساله گوريلو موڪل لاءِ نه ترسيو. پر پنهنجي گڊي ۽ پتلون لاهي رڳو گنجيءَ ۽ ڪڇي ۾ ٿي بيٺو. هن جي چرپر سندس ڪاميابيءَ جي ڀروسي ۽ اٽل ارادي جو مظهر هئي. ”مون کي رسيءَ جو ويٽو يا تار ڏيو، مهرباني ڪري جلدي ڪريو.“

”ڇا لاءِ ؟“

”هٿيارن کي ٻڌڻ لاءِ پوءِ توهان کان رڳو اها ڇڪڻي پوندي.“

نگان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو.”هينئر نه وڃ، چاچا. هو ڪڏهن به حملو ڪري سگهن ٿا، منهنجي خيال ۾ .....“

ٽونگيب پنهنجي بي اطميناني لڪائي ڪونه سگهيو، ”جي هنن حملو ڪيو ته پنهنجا هٿيار کڻي ويندا ۽ اسان هميشه جيان پنندا وتنداسين.“

”نه“ نگان چيو.”جي هنن حملو ڪيو ته وري به اڳ جيان وڃي وٺنداسين ۽ کين وقت ئي نه ڏينداسين جو ڪجهه کڻي سگهن، نه مئل ۽ نه ئي هٿيار. ان کان پوءِ پاڻ  يڪدم ڌوڪي پونداسين، هٿيارن کڻن لاءِ. ٽوئي ٽانگ ۽ مان تنهنجي پويان پنهنجي گولين سان توکي بچاءُ ڏيندا هلنداسين، ڪيئن !“

هائي ٿيپ ڪنڌ لوڏي پنهنجي منظوري ڏيکاري. سڀ متفق ٿيا ته اهو ئي آخري طريقو هو.

”اسان کي تڪڙو وڃڻو پوندو،“ نگان وڌيڪ چيو. ”سو في الحال بي خبر نه ٿيءُ. آرام ڪر ۽ کين دل ڀري فائرنگ ڪرڻ ڏي. کين ڀٺتي هٽائڻ کان پوءِ مان اڳتي ٽپي پوندس ۽ توهان به ڌوڪي پئجو، قبول آ؟“

”قبول آ.“

ڊئٽ ان بجلي جهڙي ڪم جو ٻڌي پنهنجو ايمان تازو ڪيو. ٽونگيپ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”رٿ ته سٺي آهي، پر ان تي ڏاڍو تڪڙو ڪم ڪرڻو پوندو !“

هي دشمن جي ٻئي حملي جو بي چينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳا. نگان جي رٿ نه رڳو همت واري هئي پر پڪيءَ ڪاميابيءَ واري پڻ. ان ڪري هرڪو خوش هو. غار تي گولين جو وسڪارو جاري هو. نگان ڳوٿريءَ مان تماڪ جو چپٽو ڪڍي سگريٽ ٺاهيو. اها ڳوٿري ڪوين پئراشوٽ جي ڪپڙن مان ٺاهي هئي، جا هن سان اڳ سيٽو جي مشقن کان پوءِ ڪناري تان لڌي هئي. سندس مڱيندي اکين جي ڪنڊن مان کيس ڏسندي مرڪي هئي ۽ چيو هو، ”اها ان ٻيڙي ڇڪيندڙ تي رحم ۽ دبا جي ڪري آهي، جنهن کي تماڪ رکڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.. ۽ نه ان ڪري ته پنهنجي وڌيڪ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ همت افزائي ٿئي.“

جڏهن به نگان چپٽو ڀريندو هو ته کيس ان جو مشورو ياد ايندو هو. هرڀيري جڏهن هو پاڻ کي ڏکي حالت ۾ محسوس ڪندو هو، ته ڪوين جا لفظ سندس آڏو ڦري ايندا هئا. جڏهن هو گرفتار ٿيو هو تڏهن به ائين ئي ٿيو هو. جڏهن هو کيس مارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا ۽ هو ڀڄڻ جي واهه تاڙي رهيوهو. ته به ڪوين هن جي اکين آڏو هئي ۽ کيس سڏي ۽ زور ڀري رهي هئي. هر ڏکئي وقت هن کي يقين ٿي ويندو هو ته هو پنهنجي مڱينديءَ جي منهن ڏسڻ کان اڳ نه مرندو. هاڻي به جيئن ته ايندڙ عمل ڏاڍو ڏکيو هو، هن کي پڪ ٿي وئي هئي ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، ته هو ڪيئن به ڪري وري موٽي پنهنجي محبوبڙيءَ جو منهن ڏسندو ۽ سندس ڊگهين اکين ۾ عجيب و غريب چمڪ جاچيندو، هو وري پنهنجون آڱريون هن جي سڳنڌ ڀريل ڪارن ڊگهن وارن ۾ گهمائيندو. پر جنهن  ڇوڪريءَ سان هن پيار پئي ڪيو سا سندس اکين ۾ مڱ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به هئي، ان  ۾ انبن جي مٺاڻ هئي، بانس جي وڻن تي چمڪندڙ آس هئي. اڪ جي وڻن جي ساواڻ هئي، مامتا جهڙي نرميءَ جي گرمي هئي، ٻار جهڙو تيز ۽ ککو آواز هو، ناريلن جي وڻن جو آواز هو، مظاهري ڪندڙن جو ڪاوڙ ڀريو جوشيلو آوازهو، سندن مشعلن جا بدلجندڙ رنگ  هئا، ٽهڪ هئا، سڏڪا هئا_ هن کي اهو سڀڪجهه ڪوين ۾ مليو هو، ڪوين رڳو ڪوين نه هئي پر سندس ساٿين جي پرتو هئي. نگان جي پيار کيس هڪ سڀ جي شيءَ سان ٻڌي ڇڏيو هو، جو انقلاب هو، جو اهو نئون جيون هو جو هنن ان ڪناري واري ڳوٺ تي نئين سر ماڻيوهو.

سال به سال، ماهه به ماهه، نگان پاڻ کي دڙن تي ٺهيل انهن گهرڙن سان، انهن بهادر کمير ڀائرن ۽ ڀيڻن سان، ۽ انهن ڪونجن سان جي انهن عورتن جي مٿان ڪُرڪنديون اڏامنديون هيون، جي ملائم ٻانهن ۽ کليل ٽهڪن سان پاڻي ڀرينديون هيون، وڌيڪ گهرو ۽ يڪو ناتو جڙندو محسوس ڪندو هو. اهي سڀ تصور هن جي ذهن ۾ وڌيڪ چٽا ٿي بيٺا ۽ هن پاڻ کي انهن سان هزارين ڳنڍين سان ڳنڍيل محسوس ڪيو.

لوهي ٽوپلن کي ناريلن جي وڻن مان ٻاهر نڪرندو ڏسي. هن پنهنجي سگريٽ جو اڌڙ اڇلائي ڇڏيو، تماڪ جي ڳوٿري ورائي کيسي ۾ وڌي، ۽ جهڪي آواز ۾  چيو، ”اجهو، اچن پيا !“

هرهڪ چُريو پريو، سڌو ٿي بيٺا يا چپ ڀيڪوڙي ۽ هڪدم تيار ۽ خبردار ٿي ”سيفٽي مٿي ڪئي اٿئي؟ “ نگان، ڊئٽ کي چيو.

”هائو.“

”هڪ دفعو وري ورجايان ٿو: جڏهن هنن کي هٽائي بيٺاسين ته ٽوئي، ٽرانگ ۽ مان ٽپي پونداسين. توهان ۽ ٻين کي اسان پٺيان لڳڻو پوندو، بلڪل جلدي، سمجهيوَ؟“

ڳالهائيندڙ نگان وڌندڙ دشمن کي به تاڙي رهيو هو. هو ڌڙا ڌڙ گوليون هلائي رهيا هئا. اٽڪل ٻه پلٽڻيون هيون. اڳرائي ڪندڙ نگاهجندڙ رينجر سندن اڳيان هئا. هو هاڻي چاري تي اچي پهتا هئا. نگان انهن مان هڪ کي چٽو ڏٺو، چيلهه ۾ پٽو هيس، ۽ ڪنڌ ۾ تعويز ۽ ڪا چمڪندڙ شيءَ لٽڪي رهي هيس.

”زام !“ بارين ڦاٽ کاڌو.

”اڇا ته اهو آ.“ نگان پاڻ کي چيو، ۽ مٿس گولي هلائي. زام سڄو ڪلهو لوڏيندو، غار کان ڪو ويهارو فوٽ پري رستي تي رڪجي بيهي رهيو. سندس ٻه ماڻهو اڳتي وڌي کيس ٻانهن کان گهلي پوئنا وٺي ويا. ٽوئي، ٽرانگ ۽ ڊئٽ گولي وسائيندا رهيا. گوريلن جي گولين کان گهائجي دشمن سپاهه رڙيون ڪندو ڪرندو رهيو. نگان ٻيو وسڪارو ڪيو. ڪي غار جي لنگهه وٽ ڪريا، ته ٻيا اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ٽوئي هڪ وڏي ايم. ڪي_3 هٿ بم جي سئي ڪڍي، ٽن تائين ڳڻيو، ۽ انهن جي جٿي تي اڇلايو. ڌماڪي لنگهه کي گهاٽي دونهين ۾ ڀري ڇڏيو.

”ٻيو به“. نگان رڙ ڪئي.

ٽرانگ جو ٻيو ڦٽو ڪيل هٿ بم، بلڪل هنن جي ٽولي جي وچ ۾ ڪريو. ان مهل هو اڃا اٿڻ جي ڪري رهيا هئا. ان حملي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو، هو واپس ٿي رهيا هئا.  نگان ٻن سپاهين کي هيٺ ڀرو، رستي تان کنيو، ويندو ڏٺو. هنن پويان گوليون هلايون، هو ڊڪندا رهيا . سندن پويان تڪڙي وک وجهندي نگان وري گوليون هلايون ۽ رڙ ڪئي .حملو !“

هو غار مان ٻاهر ٽپي پيو. سندس ڪڍ ئي ٽوئي، ٽرانگ، ڊئٽ، هائي ٿيپ لڳي پيا،ٻين گوريلن به کُڙي تي زور ڏنو ۽ دشمن جون بندوقون ۽ بارود کڻڻ لڳا. ٽونگيپ ۽ ڊئٽ جهٽ ترسي پيا ۽ مئلن تان گولين جا پٽا لاهڻ ۽ سندن ٿامپسن جون ڪليپون کڻڻ لڳا. هنن اڃا ٻه ڪلپون ۽ ٻه پٽائي مس کنيا جو دشمن وري ڪاهي آيو. گولين جي منهن ۾ هنن پٺيان رڙهڻ شروع ڪيو.  ۽ سندن ساٿي هنن کي بچاءُ جي ڍڪ ڏيڻ لاءِ گوليون هلائيندا رهيا، ڊئٽ به پٽا گهليندو ڏيڏر جيان رڙهي رهيو هو. ٽونگيپ ان کان ڍرو رڙهي رهيو هو، پر ڪنهن طريقي سان. نگان گوليون هلائيندي. هنن تان اکيون نه هٽايون.

”جلدي، يار !“ هو اڃا غار کان چند قدم پري هئا ته هائي ٿيپ رڙ ڪئي.

آخر هو چڙهي آيا ۽ غار  ۾ ٽپي پيا، سندن جسم ۽ گوڏا رهڙجي پيا هئا. ڊئٽ گولين جا پٽا پَٽَ تي اڇلائي، ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو ته سندس اکيون چمڪي پيون. اُڀ ساهيءَ ڪري سندس منهن تي موڪري مُرڪ اچي وئي هئي. ٽونگيپ ويٺي گوڏن کي ٺپڪيون هنيون ۽ چيو ” يارو ، ڏاڍو ڏکيو ويلو هو !“ هن ٿامپسن ڪلپ کنئي ۽ گولي ڪڍي اها جاچي. بلڪل نئين هئي چمڪندڙ پتل جي گوليءَ جي پٺيان ٺهڪڻ واري جاءِ تي واڱڻائي وارنش لڳل هوس. هن اها نڪ آڏو آڻي سنگهي ۽ ڦيرائي ڏيکاري ”آها ! سندن کوکن مان نڪتل ڪارتوس جي بوءِ ڪيڏي نه سٺي آهي.“ هن ڪلپ هڪ ساٿي ڏانهن وڌائي جنهن جي هٿ ۾ ٿامپسن هئي. ”گهڻيون بندوقون هٿ آيون؟“ هن پڇيو.

”ڇهه_پنج گارانڊ ۽ هڪ ٿامپسن،“ بارين، کيس گارانڊ  ۽ ان جون چمڪندڙ گوليون ڏيندي، چيو. ”هان، هيءَ تولاءِ آ.“ جذبات سان ڀرجي هن بندوق ورتي. ڄڻ خواب ڏسي رهيو هو. هن بندوق سيني سان لاتي، ۽ پيار مان ان تي ناليءَ کان ڪنداڪ تائين هٿڙو گهمائڻ لڳو.

”آيو نه مزو؟“ بارين چيو، ”اها بندوق توکي پنهنجي شڪاري توب تي ڪيل محنت لاءَ آٿت ڏيندي نه ؟”

”ڄڻ وري زندگيءَ سان همڪنار ڪري ڇڏيو اٿائين. جئين چوندا آهن ته ” جاکوڙ کان سواءِ نفعو ڪونهي.“ سو... اها به ڪنهن چڱائيءَ لاءِ ئي هوندي !“

”بلڪل ! ڳڻتي نه ڪر، اڃا ٻيون به هٿ ڪبيون.“

”هن گارانڊ سان گڏ مون کي هر اها شيءَ ملي وئي آهي جا مون گهري پئي. هاڻي جي مئس ته به ڪا حسرت يا ارمان نه رهندو.“ نگان سرهائيءَ مان مرڪيو ۽ پنهنجو چانورن جو ڀورينڊو ڪڍيو. سج چوٽ تي چڙهي چڪو هو. ۽ هرڪو بک محسوس ڪري رهيو هو. دشمن تي ڪرڙي نظر رکندي هو ڪالهوڪا بچيل چانور کائڻ لڳا، کين ڇتي بک هئي. ان مهل ڪوين ڏانهن وڌي آئي سندس هٿ ۾ سڪل جهينگا هئا، جي هنن انهن ۾ ورهايا. اها ورڇ پوري ڪري هوءَ مال غنيمت وٽ آئي ۽ انهن هٿيارن کي ڇهي ڏٺو، پوءِ هوءَ پنهنجي مڱيندي ڏانهن آئي، ۽ ٻئي هٿ پنهنجي ڇاتي تي رکي اهو جذبو ۽ هيجان ڍرو ڪرڻ لڳي جو ڪجهه وقت اڳ منجهس پيدا ٿيو هو. ”مان توکي ٻاهر ٽپندو ڏٺو هو، خبر ٿي ؟“ هن کيس چيو.

”ٽڪر جي پويان بيٺي هئينءَ ڇا ؟“

ڪوين ڪنڌ لوڏيو ۽ هن کي چانور کائيندو ڏسڻ لڳي. ڄڻ ڪجهه ڪونه ٿيوهو. ٿوريءَ خاموشيءَ کان پوءِ هن وري ڳالهايو. سندس آواز ۾ نراسائي ۽ ڳرائي هئي. ”هت ڪنهن کي به مون ۾ ويساهه ڪونهي. هومون کي وڙهڻ جي لائق نٿا سمجهن.“

”ڏس ! هي ويساهه ٻيساهه جو سوال نه آهي. ڳالهه اها آهي  ته في الحال اسان کي توهان جي وڙهڻ جي لوڙ نه آهي. جڏهن به ضرورت ٿي ته توهان کي پٺتي نه رهڻ ڏنو ويندو. ڌيرج ڌر، پياري !“

(3)

زام هوريان هوريان اکيون پٽيون. سندس سڄو ڪلهو پٽي هيٺان ڏُکي رهيو هو. ٿامپسن جون ٻه گوليون اندر هيس .هو مئونه هو، هو پنهنجي تنبوءَ ۾ هوريان هوريان سامت ۾ آيو هو ۽ جو ڪجهه ٿيو هو، تنهن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

جنهن ويٽ ڪانگ کيس ڦٽيو هو _ان جو چهرو هن کي سڃاتل پئي لڳو، جيتوڻيڪ کيس کن پل لاءِ جبل تي بيٺل ڏٺو هو، هو پڪ سان چئي نه پئي سگهيو ته هن کي ڪٿي ڏٺو هئائين. ڀلا هو اهڙن سوين ماڻهن جا چهرا ڪيئن پئي ياد رکي سگهيو، جن کي هن ماريو هو يا جي مارجڻ کان بچي ويا هئا؟ ان جي باوجود هن کي اهو تاثر هو ته هو انهن مان هڪ هو جي وٽانئس جان بچائي ڀڄي ويا هئا. بهرحال اهو پهريون دفعو هو جو هن کي بيڪار بڻايو ويو هو. هن پاڻ کي چيو، ”هن جي گولي هلائڻ کان اڳ ۾ توکي هلائڻ گهربي هئي.“

مک مرد نرس، ڪوتاه نظر عينڪ پاتل آفيسر، هن جي مٿان جهڪيو، ”زخم ڪي ڀاري نه آهن، ليفٽينيٽ.“ هن چيو.

”سچي پچ؟“

”بلڪل معمولي، پر ڀرجڻ ۽ مڙڻ ۾ ڪجهه وقت وٺندا.“

 زام ان تي ڌيان نه ڏيو. هن گنجيءَ ۾ پيل مورتيءَ کي پيار سان هٿ گهمايو۽ جان بچاءَ  لاءِ ان جو ٿورو مڃيو. جي اهو نه هجيس ها ته ڪير ڄاڻي ڇا حشر ٿيئس ها؟ گهڻي وقت کان پوءِ هو پهريون ڀيرو هان ڊئٽ آيو هو، ۽ کيس ڪيڏو نه وڏو ڌڪ رسيو هو ! هن کي اها توقع ڪانه هئي. صبح جو کڏڙن وارن ڪوڙڪن جي زمين ۽ هاڻي وري ٻن حملن جي پسپائي. بيشڪ اڄ جو هان ڊئٽ اهو ساڳيو هان ڊئٽ نه هو، جنهن ۾ اڳ هو چوڪي ڪمانڊر ٿي آيو هو. اها اڻ وڻندڙ حيرت کيس ڪاوڙ ۾ ڇتو ڪري رهي هئي. ”ڪاحد ٿيندي آ ! مان سندن مٿا ڀڃي ڇڏيندس، هڪ هڪ جو !“

هن سوچيو. پنهنجي پٽيءَ تي ٻڌل ڦٽ ڏانهن نهاريندي هن مک نرس کي چيو، ”غار تي ٻيو حملو شروع ڪيو اٿائون؟“

”نه، اڃا، ادا وڏا.“

”ڇو نه ؟“

”اسان ڪمانڊر جي حڪم جو انتظار پيا ڪريون.“

”چي !“ زام رڙ ڪري اُٿي ويٺو ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳو.

”پاڻ هزار ڄڻا آهيون ۽ اندر غار ۾ نٿا وڃي سگهون ! ائين ڪتن ٻلن جيان پيا مرون ! ان تي به ماڻهو ڇتو نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟“

”پر. ادا وڏا، هنن کي ڏاڍي سٺي  بچاءَ واري پوزيشن آهي. “

زام زبان بند ڪئي. مک نرس سچ چئي رهيو هو. غار تي قبضو ڪرڻ سولو نه هو، ۽ ان جو ثبوت_ هو پاڻ بستري داخل هو.

”اڳهون“ نرس ڳالهه جاري رکي . ”ڪيترن ئي آمريڪي صلاحڪارن کي کڻي هيليڪاپٽر آيو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته هنن غار جي ناڪي بندي لاءِ حڪم ڏنو ته جيئن اُڃ  ۽ بک کان تنگ ٿي ٻاهر نڪرن. مون کي هينئر هينئر سندن حڪم مليو آهي ته پاڻيءَ واري ڪسيءَ کي زهريلو ڪري ڇڏيان.

زام وائڙو ٿي اهلي پيو، ”سو هينئر زهر تي اچي پڳاسين ؟“

 جڏهن نرس ڪنڌ ڌوڻ ڪئي، ته زام هورا کورا وچان چيو، ”۽ اسان ڇا پيئنداسين ؟ ۽ ماڻهو ؟ جي کين ٻڌايو نه ويو ته اهي مري ويندا“

”بلڪل نه. اسان تلاءُ ٺاهينداسين ۽ ڪسيءَ جو رڳو اهو ڀاڱو زهريلو ڪنداسين جو غار جي ڀرسان آهي. “ زام پنهنجو ڪنڌ وهاڻي تي اڇلايو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جو خيال آيو. اڄ صبح جڏهن هو وٽن ويو هو ته ماڻس تڙين بجاءِ ڌيرج سان ڳالهايو هوس. ان ورتاءُ کيس خوش ڪيوهو. او چتو هن کي خيال آيو ته هت تنبوءَ ۾ سڙڻ پچڻ کان هو پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ وڌيڪ چاڪائي ۽ آسائش ماڻي سگهندو،“

”مان پنهنجي ماءُ جي گهر رهڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو.

 ”ائين نه ٿي سگهندو. ادا وڏا. تنهنجي حالت سخت نگهبانيءَ ۽ تيمار داري جي لوڙائو آهي. جڏهن ڦٽ مڙي وڃن ته پوءِ  وڃڻ ۾ ڪو ڀوُ ڀولو نه آهي.“

”ٿورن ڏينهن ۾ ؟“

”ٿورن ڏينهن ۾ سچ پچ ٺيڪ ٿي ويندؤ.“

زام وڌيڪ نه ڳالهايو ۽ ماٺ ڪري چپ پيو رهيو. هن جي چوگرد گوڙ جاري رهيو. فوجي کاڌو کائي رهيا هئا. غار جي چوڌاري به گهيرا وڌا ويا هئا، منهن وٽ اڌ گول، ۽ ٻيو وڏو گهيرو ڳوٺ ويجهو وڌو ويو. ڳوٺ ۾ آيل ماڻهو هر جاءِ ٽڙي پکڙي  ويا. ڪجهه شهري محافظ مادام بااُو جي دڪان تي ويٺا وڏي واڪ ڳالهائي رهيا هئا، مالڪڻ پنهنجي شراب وڪڻڻ ۾ رڌل هئي. ۽ پاڻ کي فوجين جو مربي ظاهر ڪرڻ لاءِ، ساڻن عزت، کل ۽ فراخدليءَ سان ڳالهائي  ٻولهائي رهي هئي.

”پيارا سائين ! توهان کي ڪيترا پيا سٽر پگهار ملندي آهي ؟“

”هزار ! اسان کي ته رڳو هڪ هزار اٺ سو ملندا آهن.

ڏس نه، اهي ته سٺي کاڌي لاءِ به ڪافي نه آهي.“

عجب جو اظهار ڪندي مادام بااُو جون اکيون ڦاٽي ويون ”هڪ هزار اٺ سوُ ! پر توهان مسخري ٿا ڪريو ! ايتري ۾ توهان جو  گذارو ٿي ئي نٿو سگهي ! آها ! هاڻي سمجهيم_توهان کي ان سان گڏوگڏ ڪٽمبي ڀَتو به ملندو هوندو.“

”مادام ! تون ته اسان جو وات پاڻي پاڻي پئي  ڪرين. رڳو ۽ رڳو هڪ هزار اٺ سوُ.“

متاري عورت پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي هنيا ۽ زبان هلائي.

”مان سمجهيو پئي ته هو توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار ادا ڪندا هوندا.“

ويٺل همراهه کليا. هڪ ڪارپول جنهن جي عمر پنجٽيهه سال پئي لڳي، پنهنجو گلاس خالي ڪري چپ چٽيا. ”مادام“ هن چيو، ”ڳالهه ته ائين ٿي ڪرين ڄڻ يانڪين کي پئسا واڌارا آهن.“

”پر هرڪو چوندو آهي ته هو ڏاڍا امير آهن.“

”اهو ته آهي، جي نه هجن ها ته اسان کي ڀرتي نه ڪري سگهن ها.پر معاف ڪجو، هو اهڙا بيوقوف نه آهن جو اسان کي سٺي قيمت ادا ڪن. اهي بيوقوف اسان آهيون.“ همراهه ترسيو، ٽوڪ ڀري ۽ ڀرم ڀڳل انداز سان هٿ جون آڱريون پنهنجن گهاٽن وارن ۾ گهمايائين.

”معاف ڪجو سائين، توهان ڪهڙي علائقي مان پيا اچو ؟“

”مان مئڪ ڪئن ڊنگ جو آهيان.“

بااُو حيرت کي خوشي ۾ بدلائي رڙ ڪئي .“ڇا ! توهان مئڪ ڪئن ڊنگ جا آهيون _ يعني بنهه هُوا؟“

”هائو! تون اُتي رهي آهين ڇا؟“

”بلڪل ! جنگ کان اڳ مان باقاعد گيءَ سان  اوڏانهن ويندي هيس.“هوءَ وڌيڪ اتساهه  ۾ اچي وئي. ”ڏاڍي عجيب وغريب جڳهه آهي. ندين  ۾ ترانگهڙي پاڻيءَ ۾ ئي ججهيون مڇيون ٿين. هر قسم جون. هرڪو ماڻهو پنهنجي مرضيءَ جيتريون ڦاسائي ٿو سگهي. ۽ ترندڙ چانور _ سدائين پڪو ۽ يقيني فصل.“

 ڪارپول اڳنا جهڪي آيو ۽ پنهنجون موڪريون اکيون با اُو ۾ کپايائين. ”تعجب آ ! تون ته چڱي  طرح واقف آهين.“

”بلڪل مان ڄاڻان ٿي. ان کان سواءِ، هتان ڪو پري به ته نه آهي.“

ٻين سپاهين مئڪ ڪئن ڊنگ جي کمير نالي واري ڳوٺڙي بابت ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو. سندن شراب ختم ٿيو، پنهنجي واريءَ جا پئسا ڏنائون، ۽ ٿيڙ کائيندا پنهنجي ڪئمپ طرف هليا ويا. رڳواهو ڪارپول ئي وڃي بچيو. سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. دڪان جي وچ ۾ پيل ڪاٺ جي صندل تي پاڻ ڪيرائيندي هن ٿڪل مرڪ مرڪي، ۽ پنهنجي کهري ڏاڙهيءَ تان شراب جا ڦڙا اگهيا جي موتين جيان لڳي رهيا هئا،

”ٻيو گلاس اچي، سائين؟“

هن ٻن هٿن سان گلاس کڻي عورت ڏانهن وڌايو. ”هائو مهربان !“

عورت گلاس ڀريو، ”ڳوٺ ۾ ڇاڪندا هيوُ؟“ عورت پڇيس. ”ساريون ڪندو هوس. آبڪلاڻيءَ ۾ مڇي پڻ ماريندو هوس.“

 ”فوج  ۾ گهڻو وقت ٿيو اٿو.؟“

”ٻه سال.“

مالڪڻ اتاڇري نموني ڪارپول جي ٻانهن کي ڇهيو.”جهٽ ترسو. پيئڻ سان کائڻ لاءِ ڪجهه تري ڏيانو.“ هن جي جواب لاءِ ترسڻ کان سواءِ هن سامهون لٽڪيل سڪل مڇيءَ مان هڪ ڇني ورتي ۽ تڪڙو تڪڙو رڌڻي ڏانهن هلي ويئي. ماڻهو ڏاڍو متاثر ٿيو. هن گلاس ميز تي رکيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو. جيئن ئي بوءِ هن جي نڪ تي لڳي ته هن جون ناسون ڦٽڻ لڳيون.

”بوءِ ته واهه جي اٿس.“

مادام بااُو موٽي ته سندس هٿ ۾ تشت هو جنهن تي تريل مڇيءَ سان گڏ هڪ پيالو به هو. ” سرڪو ۽ ڳاڙها مرچ.“ هن پيالي ڏي اشارو ڪندي چيو، ”منهن ڏيس، سائين !“

”مهرباني!.....“

ڪارپول مڇيءَ جو ٽڪر کنيو، ڇلڙ لاٿائين، ۽ پيالي مان ٻوڙي هوريان هوريان وات ۾ وڌائين. مالڪياڻي ٻانهون گوڏن کي وڪوڙي صندل جي ڪنڊ تي ويهي هن کي کائيندو پيئندو ڏسڻ لڳي. جهٽ کان پوءِ چيائين.”ڳوٺ ۾ رهي آبادي ڇو نه ٿا ڪريو؟ اها زندگي فوجي زندگيءَ جهڙي سخت ته نه آهي.“

ڪارپول گلاس رکيو ۽ مٿو کنهڻ لڳو. ”مان بيوقوف آهيان،“ هن جي چپن تان لفظ ترڪي آيا. ” پوري طرح ڇسو. پر رڳو مان هڪ ته نه آهيان !“

”توهان جي ڳوٺ جا ٻيا به ڪي آهن ڇا ؟“

”چار پنج. سڀ مئڪ ڪئن ڊنگ جا نه آهن. ويجهڙائيءَ جا، _ ونهه هانهه، نانگ گو....“

”معاف ڪجو مسٽر ....، مون کان توهان جو نالو پڇڻ وسري ويو، ۽ اهو پڻ ته پنهنجي ڪٽنب ۾ توهان جو ڪهڙو مرتبو آهي.“

”منهنجو نالو ڪوُ آهي، ۽ گهر ۾ نائين نمبر تي آهيان.“

مادام بااُو ڪنڌ ڌوڻيو. پوءِ خوفزده آواز ۾ چيائين ”اُف  !اڄ صبح ڪهڙي نه ڀيانڪ ويڙهه ٿي هئي، غار وٽ. ايڏي گوليبازي ۽ گوڙ !“

”هائون، رينجرس حملو ڪري رهيا آهن، پر سندن حملو پسپا ڪيو ويو آهي. اتي ڪي ڏاڍا گهڻا ماڻهو آهن جي اهڙو مقابلو ڪري رهيا آهن. اسان جا لڳ ڀڳ ويهه همراهه هن مهل تائين مري چڪا آهن.“

”ڳوٺ مان سڀ ڪائيون هٿ ڪري ويا آهن.“

”زخمين کي کڻڻ لاءِ.“

مرد پنهنجي گلاس سان اڳنا نويو ۽ پنهنجو آواز جهڪو ڪيو، ”ٻڌاءِ ته، مادام، توکي خبر آ ته اتي گهڻا همراهه آهن؟“

”مان ڪيئن ٿي معلوم ڪري سگهان، سائين؟“

ڪارپول گلاس صندل تي رکيو ۽ خاموش ٿي چيو، ”جي تون به نٿي ڄاڻين ته ٻيو ڪير ڄاڻيندو هوندو؟“ جيڪڏهن ٻڌائيندينءَ ته مان ڪي احتياطي قدم کڻي سگهندس ! هينئر اسان جو وارو ايندو، پڪ ئي پڪ ! اهو اجايو آهي. اهي غار وارا همراهه بيڪار پيا ڪوشش ڪن.“

بااُو گوڏي تي آهستي ٺپڪي هنئين. ”ٻيو ڀلاٿي به ڇاٿو سگهي؟ سمجهه ته ڪو ماڻهو تنهنجي نڙيءَ تي چاقو ٿو رکي. جيڪڏهن تون مرڻ نٿو چاهين ته پوءِ ڇاڪندين؟ يقيناً يا ته تون هن کان چاقو کسي وٺندين يا سندس ڪنڌ مروڙي ڇڏيندين. ڇو  جو جي تون چپ ڪري بيهندين ۽  ڪجهه نه ڪندين ته اهو تنهنجو انت ٿيندو، ائين آهي نه ؟ سو انهن غار وارن سان به اها ڪار آهي.“

”برابر......مٽي جي ڪيڙي  تي پير رکبو ته اهو به موٽ ۾ ائين ئي ڪندو.“ ماٺ، پوءِ هن چيو، ” توسان رک رکاءُ  ڪونهي، حقيقت ته اها آهي ته منهنجي دل ساڻن ٽڪر کائڻ نٿي چاهي. منهنجي دل ته گهري ٿي ته ڳوٺ وڃان ۽ اتي ساريون راهيان ۽ مڇي ماريان. هوئي ڊائنگ واهه ڏٺو اٿئي نه؟ منهنجي زال اتي آهي ۽ ڳوٿريون اُڻي ٻارن جو گذر پئي ڪري، ويچاري.“

”ها تون سچ ٿو چئين !“ مادام با اُو رڙ ڪئي. ”سَهڻو سڀ کان وڌيڪ عورت کي ئي ٿو پوي. گهرٻار کي ڇڏڻ جي دل توهان ڪٿان آندي آهي. اهڙي پٿر جي دل؟“

”بس! بس، وڌيڪ ڪجهه نه چئجانءِ. توکي خبر آ ته مان ڪيئي موت مري چڪو آهيان.“ هن پنهنجي گڊيءَ جو ڪالر ڇڪيندي رڙيون ڪيون.

ڪارپول اُٿيو ۽ ڳرن قدمن سان ٻاهر ويو. ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي هن ميڪانگ نديءَ ڏانهن گهوريو. اُفق تائين هن جي اڳيان سارين جو سنهري فصل پکڙيل هو. پويان باٿي جبل جي اوچي چوٽي بيٺي هئي ۽ ان ڏيک هن کي گهاڻي وڌو. هو ڪا مهل اتي بيٺو رهيو، ۽  پوءِ هوريان هوريان وري اندر آيو. هن پنهنجي ماس رائفل ڪلهي ۾ لڙڪائي ۽ کيسي ۾ پيل ڪجهه پياسٽر ڪڍيائين. ”گهڻا پئسا ٿيا، مادام ؟“

بااُو پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”ڪجهه به نه. ايتري ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه آهي.“

ماڻهو هٻڪندي چيو، ”نه، نه، مان اهو پسند نه ڪندس.“

”ٻڌو، منهنجا پيارا سائين،“ هن کيس وچ ۾ ڪٽيندي چيو،”توهان ته آهيو منهنجا ڳوٺائي، سو....“

”ٺيڪ آ تنهنجي مهرباني، محترمه. پوءِ....چڱو، شب خير!“ پنهنجي ڪئمپ ڏانهن ويندي ڪارپول ان وڏيءَ متاري عورت لاءِ سوچيندي هڪ قسم جي  خوشي محسوس ڪري رهيو هو. جنهن کي سون ورني دل هئي، جا سندس اباڻي ڳوٺ کان واقف هئي. خدا جي ڪا مار پويس، ڇالاءِ هن کي مڇيءَ مارڻ ۽ پڪل سارين جي ياد ڏياريائين؟ هن جو من اڃا ويڳائو ۽ وائڙو هو. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن لاباري کان پوءِ اَن آڻڻ لاءِ مينهن گاڏيون ڀاڙي ڪندو هو. ٻنين ۾ هتي هُتي هاري رات جي ماني لاءِ باهڙيون مچائيندا هئا. سارين جي سڳنڌ ۽ ان سان گڏيل مڇيءَ جي بوءِ. ننڍڙا ننڍڙا ٻار جي سنگ سوئيندا هئا، يا مڇي ڦاسائيندا هئا، يا سندس گاڏيءَ جي ڪڍ لڳي، پال پنندا هئا. ڪهڙي نه سهڻي ۽ دلڪش تصوير هئي. هن کي ڪيڏو نه ارمان هو، سنجها جي وقت ڪم ڪرڻ جو. ماني کائي هو جانڀن جي باهه ٻاريندا هئا ۽ سارين جي ول گول دائري ۾ ٺاهي رکندا هئا. ٻيانيءَ سان هو ول اُٿلائيندو ويندو هو ۽ مينهن جو ڪاهيل رول انهن کي ڳاهي ساريون جدا ڪندو هو. عورتن ۽ ڇوڪرين جا ٽولن جا ٽولا هڪ پاسي بيٺا وائر ڪندا هئا ۽ رکي رکي ٽهڪن ۾ اچي پوندا هئا. پوءِ چنڊ چڙهي ايندو هو. هو ڇوڪرين سان ڳالهائيندي بنا ساهي پٽڻ جي ڪم ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ساڻن شرارت به ڪري وٺندو هو. تڏهن هو سهڻو ۽ سڊول جوان هو. سٺو ڪم  ڪندو هو ۽ سٺو هلندو هو. ديرا کڄندا هئا ته هو اڇا اُجرا ڪپڙا پائي، هار سينگار ڪري ، ڪمند جي ڇڙي هٿ ۾ کڻي پل جي ڀرسان تفريح ڪندو هو.

هن جي زندگي سکي ستابي هئي نه ڪي سخت ۽ سورن واري . پهرين بغاوت ڀيري هن گوريلن ۾ شامل ٿي فرانسين خلاف جنگ جوٽي هئي. امن ٿيو ته هن شادي ڪئي. پوءِ جوا جي  پٽ هن کي کيتي واڙيءَ کان پري ڌڪي وٺي وئي. سندس ان حالت جو انت اهو اچي ٿيو جوهن گهر ٻار، ڪنڍي ڄار ۽ هر ڏاٽو ڇڏي ڇاڙتي فوج ۾ شراڪت ڪئي. هن کي ان لاءِ رڳو وک وجهي شهري محافظن ۾ شامل ٿيڻو هو. شروع ۾ هن کي سندس صوبي، لانگ زوئن ۾ رکيو ويو پوءِ کيس راچ گيا آندو ويو. پنهنجي عمر ۽ بت جي باوجود هو اڃا ڪارپول هو ڇو جو ، هو ٻين ڪيترن جيان، ماڻهن مارڻ جي همت نه ساريندو هو. خوش نصيبيءَ سان سندس هاري پس منظر کيس ائين ٿيڻ کان بچايو پئي آيو. ڌوڪي اچڻ ۽ اندر ڪاهي پوڻ وقت بنا سوچ ويچار جي ٻيجن ۽ سلن کي لتاڙيندا ويندا هئا، پر هو ان کان پاسو ڪندو هو. سدائين ٻنن تان هلڻ کي ترجيح ڏيندو هو، ڇو جو هن پاڻ ٻيجو راهيو ۽ رونبو ڪيوهو. ۽ هن ڪڏهن به مينهن کي نشانو ڪري نه ماريو هو. هو به انهن مان هڪ هو جو هان ڊئٽ جي چڙهائيءَ ۾ وڙهڻ بلڪل نه پئي چاهيو. اوڏانهن اچڻ لاءِ نڪرڻ وقت هن کي رڳو هڪ ئي خيال هو . جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد موٽجي. جڏهن هن ڏٺو ته هڪ صبح جي جنگ ۾ ئي ڦٽلين ۽ مئلن جو تعداد ٽيهن کان وڌي ويو هو، ته سندس دل لڙهي  پئي. هن گوريلن کي ڄاتو پئي. هن ڄاتو پئي ته هو پنهنجي زمين جي بچاءُ لاءِ به ائين ئي ڪري ها جيئن گوريلا ڪري رهيا هئا. دشمن هن تي گوريلن سان وڙهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو. پر ڪارپول ڪوُ ۽ انهن جي وچ ۾ جن کي دشمن ويٽ ڪانگ سڏي رهيو هو، سَنڌو يا فرق ايڏو نه هو جيڏو تصور ڪيو پئي ويو. ان ڪري هو. پاڻ کي انهن تي گولي هلائڻ لاءِ آماده نه ڪري سگهيو هو. گهوڙي تي اچي سدائين سندس آڱر هٻڪي بيهي رهندي هئي. هن ڏٺو ته گوريلا هوبهو هن جهڙا هئا، ان ڪري هو ڀُلي پوندو هو. ڇو جو انهن مان گهڻا هاري هئا ۽ هن جيان ڪڙمت ۽ مڇي ماري ڄاڻندڙ ۽ ڪندڙ هئا. جڏهن هن ڊگهي مهم بابت ٻڌو ته سندس ڳڻتي موتمار ٿي پئي، با اُو جي دڪان کان وٺي ڪئمپ تائين، سڄو وقت پنڌ هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ بابت ئي سوچيندو آيو. سندس اندر ۾ دڪاندارڻ جا اهي لفظ ورجائجي رهيا هئا،“ ”توهان جو ڳوٺ هتان ڪو گهڻو پري ته نه آهي،“ ۽ هوريان هوريان پڪي ۽ مضبوط ارادي ۾ خيال تبديل ٿي رهيا هئا.

(4)

شام ٿي وئي پر وري ڪو مقابلو نه ٿيو. نه ئي صبح جيان ڪا ڳري گوليبازي ٿي. رکي رکي ڪا هڪ ٻه گولي هلي پئي، جا فوجي ٻنين ۾ بيٺل مينهن کي ماري رهيا هئا. بيدرديءَ سان غريب جانورن کي ماري رهيا هئا ۽ انهن جي رنڀن  سان هان ڊئٽ گونججي پئي اٿيو.

پنن تي سج جا ڪرڻا هلڪا ٿي چڪا هئا. سامونڊي هوا وڌي رهي هئي. ستن جبلن طرف، انهن جي ڪاري پس منظر تي ٻگهه پکين جا اڇا پر ظاهر ٿي رهيا هئا. هر شام جو ان وقت، سڄو ڏينهن کاڌي جي ڳولا کان پوءِ، اهي پکي هان ڊئٽ ڏانهن موٽي ايندا هئا. هر ڪنهن کي خبر هئي ته هو رات جو اتي انبن جي وڻن ۾ گهاريندا هئا جن ۾ هنن آکيرا ٺاهي ڇڏيا هئا. هر گهڙيءَ، جيئن جيئن هو ٿڪل ٽٽل اڳتي وڌي رهيا هئا، اهي وڌيڪ چٽا ٿيندا ويا ۽ سندن پر ”v“ جهڙي شڪل ٺاهي رهيا هئا. ۽ جڏهن سندن پٺيان وارا جبل لهندڙ سج جي روشنائيءَ ۾ واگڻائي ٿي پيا ته هنن کي ڳڻڻ به ممڪن ٿي پيو.

ان شام جو، انهن مان پهريان پهتل پکي اڃا وڻن تي لٿائي مس ته وري هل هنگامي سان اُٿي اُڏاميا، ڇو جو فوجي کين هيٺان چُٽي رهيا هئا. ڪي ڪري ٻيا. ٻيا ڪو وقت مٿان چڪر ڪاٽيندا رهيا ۽ ويڳاڻا ۽ وائڙا ٿي ، هان جي طرف اُڏري ويا. ماتا ساوُ پنهنجي ڏاگهري تي بيٺي، ٻگهن کي ائين پريشان جان بچائيندو ڏسندي رهي ۽ انهن لاءِ همدردي پيدا ٿيڻ لڳس. هوءَ هڪ ڏاڪي تي ويهي رهي، وڻن پٺيان لڪل غار طرف ڏسڻ لڳي. هورا کورا ۽ اُڻ تُڻ کيس ٿڪائي ڇڏيوهو. صبح کان وٺي هن جي ڪم سان دل نه پئي لڳي، ۽ هوءَ گهر جي چوگرد ڦرندي رهي. سندس ڌيئن سئو ۽ ڪوين جو وڃڻ ته عام رواجي ڳالهه هئي، پر ويچاري ننڍڙي ٿَئي؟

زام هان ڊئٽ ۾ اچڻ سان ئي هن کان اچي پڇيو هو،

”تنهنجون ٻئي ڌيئون ڪٿي آهن؟“

”ڊڄي ڀڄي ويون آهن. خبر نه آهي ته ڪاڏي ويون آهن.“

”اهي غار ڏي هليون ويون آهن، ڪراڙي ڪُتي. ٻڌي ڇڏ ته هيل اسان هر ڪنهن جو ڪنڌ ڪپينداسين ۽ اڳ جيان واپس وڃڻ بجاءِ هت چوڪي قائم ڪنداسين. غار ۾ لڪڻ اجايو آهي. اسان تنهنجي ان غار تي ڪاهينداسين ۽ هر ڪنهن جو پيٽ چيريندا ۽ ڦاڙيندا سين. ڏسجانءِ !“

انهن دڙڪن سان زام پنهنجن ماڻهن سميت موٽي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻيڙن تان وڏين توبن جي هان ڊئٽ جبل تي گوليبازي شروع ٿي، جنهن ڳوٺ جا گهرڙا ڌوڏي ڇڏيا. ماتا ساوُ هيٺ تهخاني ڏانهن ڀڄي وئي هئي. بمباريءَ کان پوءِ غار طرفان گوليبازي شروع ٿي.ماتا ساوُ ڏاڪڻ کان چڙهي ڇت کان ڏسڻ لڳي. گولن جي ٽُڪرن سان وڻن جون چوٽيون ڪري رهيون هيون. انب ۽ صوفن جي وڻن جا پن ڇڻي ڍير ٿي رهيا هئا. پوءِ هن غار مان بمن ۽ گولين جا آواز ٻڌا جي اُت پناهه وٺندڙن جا هئا.

 ان گهڙيءَ بيگم هائي ٿيپ اُت پهتي . ”ماتا ساوُ . ماتا ساوُ، ڪٿي آهين؟“ هن سڏ ڪيا. عورت کي نه ڏسي هوءَ گهر ۾ وڏي واڪي رڙيون ڪرڻ لڳي.

”هيڏي آهيان،“ ماتا ساوُ ڏاڪڻ تان جواب ڏنو.

بيگم هائي ٿيپ اکيون مٿي کنيون. ”اڇا. اِتي آهين، ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ٿو ؟“

”ڪجهه نه . ڀڳل ٽارين کان سواءِ ڪجهه به نه.“

ماتا ساوُ هيٺ لهي آئي. بيگم هائي ٿيپ جو هٿ ورتائين ۽ ڀڳل ٽٽل آواز ۾ چيائين، ”مٺڙي ! هُو غار تي حملو ڪري رهيا آهن. هائي الله ! هو ڇا ڪندا ؟ منهنجو ته ساهه ٿو نڪري. انهن وٽ بندوقون به گهڻيون ڪونه آهن.“

بيگم هائي ٿيپ پنهنجو ٻار صندل تي سمهاريو ۽ ماتا ساوُ جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. ” ٻڌين ٿي؟ اهي ڇاڙتا ڪتا ائين ڇو اونائي رهيا آهن؟“

پرماتا ساوُ ڪن چٻا ڪرڻ جي باوجود، فوجين جو اهو چچريل آواز نه ٻڌي سگهي.

”دل نه لاهه“ بيگم هائي ٿيپ ڳالهه جاري رکي، ”منهنجي خاوند چيو پئي ته هنن لاءِ غار ۾ گهڙڻ آسان نه آهي.“

”هڪدم ته برابر نه وڃي سگهندا. پر جي هنن جو گهڻو وقت گهيرو هليو ته کائيندا ڇا؟“

”ڳڻتي نه ڪر. انهن وٽ چانور آهن.“

ماتا ساوُ ماٺ رهي ۽ پان وات ۾ وڌائين. ”پر ٻڌاءِ ته.“ هن پان وات ۾ وجهندي چيو، ” چانورن پچائڻ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ ڪچا کائيندا ڇا؟“

بيگم هائي ٿيپ منهن ۾ گُهنڊ وڌو، ڇو جو هن کي پتو پئجي ويو هوته نديءَ جي حفاظت پئي ڪئي وئي. ”اسان جا ماڻهو ڦڙت ۽ چالاڪ آهن. کين گهٽ ۾ گهٽ اها خبر هوندي ته چانور ڀُڃي ڦُلا ڪيئن ٺاهبا آهن.“

بيگم هائي ٿيپ جي وڃڻ کان پوءِ، ماتا ساوُ صبح جو باقي عرصو پريشان ۽ اُداس رهي، جيتوڻيڪ ٽام چان ٻن راتين کان هائي ٿيپ وٽ لڪل هو. تڏهن به ڪنهن کي ان جي پروڙ ڪانه هئي، ماتا ساوُ کي به نه.

ٻڌڙيءَ مال کي چارو وڌو. هن کين پاڻ وٽ سڏي هٿ سان گاهه کارايو، ۽ پنهنجن ٻچڙن بابت سوچيندي رهي. جي ماڻهو کيس ڏاڍا پيارا هئا تن کي اوچتو وٽائنس کڻي غار ۾ رکيو ويو هو. هن جي جيئري رهڻ جو ڪارڻ رڳو سندس ڌيئر ۽ خاص ڪري ڏهٽي هئي. سندس ٿيڻ وارو ڄاٽو نگان ۽ ٻيا سندس ڪٽنب جي ڀاتين وانگر هئا. هينئر اهي سڀ خطري ۾ هئا، موت ۽ حياتي تارازيءَ ۾ تُري رهيا هئا، ۽ هوءَ انتظار ۽ اداسائيءَ سان ڏسي رهي هئي ته ڪهڙو پُڙ هيٺ ٿو ٿئي. ڏکن سورن سان پاند هوندي به، هوءَ ڪافي ڊنل ۽ آنڌ مانڌ ۾ هئي. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ کيس مسئلن ڪڏهن به ايترو ڳوڙهو ۽ اوچتو چوپاسو نه اچي ورايو هو.

رات اچي وئي. رستو ڳوليندي هن بتي ٻاري. روشني به سندس گهر جي اڪيلائي کي وڌيڪ اجاڳر ڪيو. هن کي هڪ هنڌ آرام نه پئي آيو. هوءَ اُٿي ۽ ٽي اگربتيون ٻاري مڙس جي تصويروٽ رکيائين ۽ پوءِ ان آڏو هٿ جوڙي دعا گهرڻ لڳي، ”اي منهنجي ڀتار جا روح، اسان جي ڌيئن ۽ ننڍڙي ٿَئي جي حفاظت ڪر، کين سڀني خطرن کان بچائج...“ هوءَ رسمن ۽ ريتن موجب جهڪي ٻاڏائڻ لڳي.

اوچتو هن ميگافون جو وڏو آواز ٻڌو. هوءَ ٽپو ڏئي در وٽ آئي. ”عام ماڻهن کي چتاءُ ٿو ڏجي !“ آواز گونجيو. ”ويٽ نام رعيتي راڄ جي فوج هن رستي هان ڊئٽ جي رهواسين کي اطلاع ٿي ڏئي ته ، ڪيترن ئي مقابلن دوران، هُن ڪيترائي ڪميونسٽ ڌاڙيل ماري وڌا آهن. جيڪي بچي ويا آهن تن غار ۾ پناهه ورتي آهي ۽ پيش پوڻ کان انڪار ڪيو آهي. فوج انهن کي نيست نابود ڪرڻ جو ڪم جاري رکندي. اسان عوام کي چتاءُ ٿا ڏيون ته سڀاڻي صبح جو نائين بجي کان وٺي ندي جي ويجهو وڃڻ تي بندش آهي.“

”نديءَ جي ڀرسان نه وڃو؟“ ماتا ساوُ سوچيو، ”سندن ڪهڙو منصوبو آهي؟ اسان جا ڪيترائي ماڻهو مئا آهن؟“ ڪوڙ ٿا ڳالهائين ! غار ۾ وڃڻ کان اڳ ته اسان رڳو ٻه زخمي ڏٺا هئا، ٽام ۽ ننڍو بي. ٻيا به هئا ڇا ؟“

ميگافون جو آواز گونجندو رهيو. آواز بند ٿيو ته ماتا ساوُ، ٻاهر گهٽيءَ ۾ جهڪو ڀونڪڻ جو آواز ٻڌو. ۽ بتي کڻي در وٽ آئي. هڪ ڪارو گلر، خوشيءَ وچان پُڇ لوڏيندو، ڏاڪڻ چڙهي رهيو هو. ان جي پويان هڪ پاڇو اچي رهيو هو. اُهو توراوُ جو ننڍڙو پٽ هو. ”تون آهين ڇا. اُوت؟“

”هائو ناني.“ ڇوڪري ڊگهين ٻانهن سان ڪاري گڊي پَهري هئي جا پتلون جي اندر پيل هئي. هو ٻه ٻه ڏاڪا ٽپڻ لڳو، ”بابا چيو ته تو وٽ رات رهان ڇو جو تون اڪيلي آهين.“

”چڱو ٿيو، ائين سهڪين ڇو ٿو؟ ڪناري کان هيسيتائين يڪ ساهي ڊڪندو آيو آهين ڇا؟“

”هائو.“

ان تيرهن سالي لاءِ اهو گهڻو ڪجهه هو. اُوت جو رنگ ٽامي جهڙو ناسي هو، ۽ مٿي جا وار نيرا هيس. هن جو کليل ۽ موڪرو نرڙ هن جي چهري کي چست ۽ چالاڪ بنائي رهيو هو. هُو هڪ منٽ به ماٺ نه پئي بيهي سگهيو. هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ پئي آيو ويو ۽ گُلر سان کيڏيو. ڪجهه وقت گلر سان کيڏڻ کان پوءِ، هو صندل تي اچي ليٽيو. پوءِ وري اُٿي ويٺو ۽ ماتا ساوُ کان پڇائين ته وٽس ديڳڙيءَ ۾ ڪجهه چانور بچيل آهن يا نه.“

”اڃا رات جي ماني نه کاڌي ٿي؟“

”نه، سانجهيءَ کان به گهڻو اڳ ۾ کاڌي هيم.“

”آ هلي آءُ.“ هن بتي کڻندي چيو.

ڇوڪرو اُٿي رڌڻي تائين سندس ڪڍ هليو. هن چانورن جو ۽ مڇيءَ جو ديڳڙو ٻاهر ڪڍيو. اُوت هڪ پيالي ۾ چانور ۽ مڇي وٺي چسڪن سان کائڻ لڳو.

”مان ڪجهه به نه کاڌو آهي.“ ماتا ساوُ چيو، ”تنهنجو پيءُ آيو هو . هو اهو ٻڌي ڳڻتي ۾ پئجي ويو هو ته هن جي وڏي پٽ کي زخم رسيا آهن، پر ٻڌايائين ڪجهه به نه. “

”چيائين پئي ته جنگ ۾ اها ڳالهه معمولي آهي.“

”۽ تون، توکي ته ڀوُ ڪونهي نه ؟“

”مون کي ! اصل نه ! مان هڪ هڪ کي بمن سان اڏائيندس.“

ماتا ساوُ کل روڪي نه سگهي. ”ڪوبه توکي بم نه ڏيندو.“

اُوت ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو، پر وري ماٺ رهڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ کائڻ لڳو. چانور کُٽس ته وري ديڳڙي ۾ پيالو وجهي ٻيا ڪڍيائين.

”اُوت، وڏا چمچا جو ان لاءِ پيا آهن !“

”هي طريقو تڪڙو آهي،“ اُوت کلندي وراڻيو. ”جيتري دير ۾ چمچو هٿ ڪيان اوتري دير ۾ هڪ پيالو کائي ويندس.“

”تون لاعلاج آهين.“ ماتا ساوُ هار قبولي، ”بلڪل پيءَ جيان زبان جو تيز آهين.“ هن ڪنڌ لوڏيندي چيو. ”کائڻ ۾ ڊان جيان ئي آهين.“

اُوت ڪجهه نه ڪڇيو. اٿڻ کان اڳ هن ٻيا ٽي پيالا به کپايا. هن مٽ مان گٽ گٽ ڪري پاڻي پتو ۽ پيٽ مهٽيندو ڪمري ۾ گهڙيو. صندل تي ويهي ڪجهه وقت هن ڄنگهون لوڏي پاڻ وندرايو. پوءِ پٺيءَ ڀر اهليندي چيائين.”ماتا ساوُ تون ٻئي ڪمري ۾ سمهه هي صندل مون بلي نه ڪنديئن؟

”جيئن وڻئي پٽ !“

هن ڪمبل کيس ڏنو، اُوت اهو کولي مٿان پاتو ۽ مٿي کان پيرن تائين اوڙهي ڇڏيائين. ماتا ساوُ جهٽ کن پان چٻاڙيندي رهي. ”حيرت اٿم.“ آخر هن چيو، ”ٿئي غار ۾ ڪيئن سمهندي هوندي؟ مون کي ته راتاهي جو به ڀوُ آهي.“

”رات ۾ ته حملو جو سوال ئي نٿو اٿي.“ ڪمبل اندران اُوت جو گهٽيل ۽ دٻيل آواز آيو.

”توکي ڪهڙي خبر؟ تون سمجهين ٿو ته توکي هر ڪا خبر آهي. ائين نه !“

”پر اهو سچ آهي. مان ته ٿئي جي جاءِ تي هجڻ ۾ خوش ٿيندس. غار ۾ مزو هوندو، رڳو....“

”رڳو، ڇا؟“

”رڳو، غار ۾ اسان جي انهن ماڻهن جا هڏڙا آهن جن کي دشمن ماريو آهي. مون کي رڳو ڀوتن جو ڀُو آهي.“

”بيوقوف نه ٿي.“ ماتا ساوُ سختيءَ سان چيو، ”تون ان تي ويساهه ڪيئن ٿو ڪري سگهين ته جن اسان لاءِ قربانيون ڪيون آهن سي توکي ڊيڄاريندا ؟ اڄ کان پوءِ وري اهڙيون ڳالهيون نه ڪج، سمجهيئي؟“

سندس تڙيءَ ٻار کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه وقت پان چٻاڙڻ کان پوءِ هوءَ در بندڻ وئي. پوءِ بتي وسائي هنڌ تي اهلي پئي. پر اُوت ڪمبل مان جهاتي پاتي. ”در کي هڙڪي ڏنئي؟“

”هائو.“

اوت وري ڪمبل تاڻي ڇڏيو. پر هو بي آراميءَ وچان پاسا بدلائيندو رهيو. ماتا ساوُ حيران هئي ته هو ماٺ ڪري سمهڻ جي بجاءِ لُڇي پُڇي ڇو رهيو هو؟ هن کي دروازي جي ڳڻتي ڇو هئي؟ عام رواجي حالت ۾ هو سمهڻ سان ئي کونگهرا هڻڻ شروع ڪندو هو. ٻڍڙيءَ دل ۾ سوچيو ته شايد گهڻو کائي بمجي پيو آهي. هن بابت سوچڻ ڇڏي ڏنائين. ڏينهن جا ڏاکڙا وري موٽي آيس. هن جو ذهن غار تان هٽي نه سگهيو. هن ان جي ضرورت محسوس ڪئي ته پنهنجن پيارن کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي ۽ اهو خدشو لاهي جو سندس دل ۽ دماغ کي ڏڪائي رهيو هو.

اُوت به جاڳيو رهيو. هن کي پنهنجا فڪر هئا. هن کي ياد آيو ته ايم . ڪي_3 جو نئون هٿ بم سندس هٿ ۾ ڪيئن لڳي رهيو هو. هٿ بم جوهينئر سندس هو. ڪجهه وقت اڳ هو پنهنجو راز کولڻ وارو هو پر بروقت پاڻ سنڀالي ورتائين. هو پنهنجو راز ڪنهن سان به سلي نه سگهيو. گهٽيءَ ۾ هر کڙڪو ۽ ڪتي جي هر ڀونڪ، هن کي ڇرڪائي رهي هئي. ٻئي پاسي سندس ڄنگهون بلڪل تيار هيون. گهٽيءَ مان وڏن بوٽن جي پهرين کڙڪي ٻڌڻ سان ئي، هو پوئين در کان نڪرندو. جاءِ جو فرش مٿڀرو هو پر ايڏو مٿي نه جو هو ٽپو نه ڏئي سگهي.

هو ڳڻتيءَ ۾ ڇو هو؟ ٿوري آواز تي ڀڄڻ جو ڇو پئي سوچيائين؟ اهو رڳو هن ئي پئي ڄاتو. شام جو هن سوير ئي ماني کاڌي هئي. پڻس کيس چيو هو، ”اڄ تون ماتا ساوُ جي گهر سمهندين. هوءِ اڪيلي آهي.“ هن قبول ڪيو ۽ گلر ساڻ ڪري ان مهل  ئي  ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اوڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي هو ڪناري وٽ ناريل جي وڻن وٽ پهتو ته فوجين جي هڪ ٽولي کيس ڏسي ورتو.

”او ڇورا، هيڏي اچ.“ هنن سڏيس.

”ڇا کپيو ؟“

”ناريل تي چڙهي سگهندين؟“

هن نه ۾ جواب ڏيڻ پئي چاهيو، جيتوڻيڪ اهو هن لاءِ آسان هو. پر پوءِ هن ان تڏي تي ڪارتوس، گوليون ۽ هٿ بم ڏٺا جن تي فوجي ويٺا هئا. هن پنهنجو خيال مٽايو ۽ هنن سان سٺي نموني هلڻ جو فيصلو ڪيو.

”ڇو نه،“ هن جواب ڏنو.”توهان کي ناريل کپن ڇا، سائين؟“

”هائو، مٿي چڙهه ته.“

”چڙهان ٿو.“

فوجي به چڙهيا پئي. اک ڇنڀ ۾ هو نوريئڙي جيان مٿي چڙهي ويو ۽ هڪ هڪ ناريل هيٺ ڦٽي ڪندو ويو. جڏهن هر هڪ فوجيءَ کي ناريل هٿ آيو ته هو هيٺ لهي آيو. هنن هڪ کيس آڇيو. ”مون لاءِ، مان ڪاڏي ڪندس. اسان ته روز پيا کائون.“

فوجين چاقن سان ناريل ڀڳا ۽ کوليا. اُوت کين ٻڌائيندو ويو ته ڪيئن ڀڃجي . هن کين مهارت سان هڪ ٻه ڪپي ڏيکاريا. ناريل جو پاڻي پي، فوجي آڦرجي ليٽي پيا ۽ پنهنجو پسنديده راڳ وانگ ڪو ڳائڻ لڳا.

”توهان ڳايوته مان به توهان سان جهونگارڻ ۾ شريڪ ٿيندس_ مان چڱيءَ ريت آواز جو نقل ڪري ويندس ٺيڪ آ نه سائين؟“

”ڪنهن سيکاريو اٿي؟“

”ڪنهن به نه پاڻ سکيو آهيان.“

”ٻٽاڪي ! ضرور ڪنهن جو نقل ڪيو هوندئي.“

”هائو ! ٻڍڙي ٽوڊان جو نقل ڪندو آهيان.“ هن ڪجهه سُر ڪڍيا.

”خراب ناهن. سٺو ٿو ڳائين.“

اُوت سندن ساراهه جو ڪوبه اثر نه قبوليو. فوجي هن کان وڌيڪ لطف اندوز ٿيڻ لڳا ۽ کيس پاڻ وٽ ترسايائون. ڪيتري وقت کان اُوت جي نظر تڏي تي پيل هٿ بم ۾ هئي. هن رات تائين ترسڻ جو ارادو ڪيو. هن فوجين کي سامونڊي اجگر جوڙي جي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. جو ڪڏهن ڪڏهن اتي ظاهر ٿيندو هو. فوجين کانئس پڇيو پئي ته آيا هن پنهنجن اکين سان اها ڏٺي هئي.

مان انهن مان رڳو هڪ ڏٺو آ. هاڻي بچيو به هڪ آهي. جڏهن به هوندا هئا ته ٻيڙيون ٻوڙي سوار کائي ويندا هئا. بابا چوندو آهي ته هڪ سخت جان ماڻهو هوندو هو جنهن جو نالو ٿاڦُوءَ آءُ هو، هڪ لڱا هو پنهنجي  زال سان ٻيڙيءَ تي هان ٽري وڃي رهيو هو. جوڻس سکاءُ سنڀاليو ۽ هن ونجهه ۾ هٿ وڌا. جڏهن سامونڊي اجگر اُڀريا ته هوُ چريو پرُيو نه . هو تيستائين انتظار ڪندو رهيو جيستائين نر حملي لاءِ ڪنڌ نه مٿي ڪيو. پوءِ اهڙو ونجهه ٺڪاءَ ڪرايائينس جو پٺي ڀڄي پيس. ان ڪري هاڻي رڳو مادي وڃي بچي آهي. هوءَ هاڻي ٻيڙين تي حملي ڪرڻ جي همت نه ڪندي آهي.

اُوت به ڪهاڻي شروع ڪئي ته رات پوڻ  به شروع ٿي. وڌيڪ وقت وڃائڻ واجب نه ڄاڻي هن سمنڊ طرف اشارو ڪيو، ”اها مادي، ڪڏهن ڪڏهن هتي نظر ايندي آهي،“ فوجين ڏسڻ لاءِ نظرون ڦيريون ته هن ڦڙتائيءَ ۽ صفائيءَ سان وڌي هٿ بم کڻي ورتو. اوچتو چستيءَ سان جو پوئين لفظن چوڻ مهل بم سندس کيسي ۾ پهچي چڪو هو. هو اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”چڱو ڀلا، مان هلان ٿو. الهه واهي، سائين،“

”وري اچجانءِ، اڙي.“ فوجين چيو.

”هتي گهڻو وقت رهندوءَ ڇا؟

”هائو.“ هنن کيس ٻڌايو ، ” جيستائين غار وارن ويٽ ڪانگن جو کنڌو نه کنيو آهي.“

اُوت هوريان هوريان اتان روانو ٿيو. اڳيان گلر هلي رهيو هوس. پر هنن جي اکين کان اوجهل ٿي اهڙي تڪڙي ڊُڪ ڀريائين جيتري ڄنگهن ڀرڻ ڏنس. جڏهن هو ماتا ساوُ جي گهر جي ويجهو آيو ته هو اڪ جي هڪ جهڳٽي ۾ گهڙي ويو، ننڍو  کڏو کوٽيائين ۽ بم ات پوري ڇڏيائين. هن ان کي خبرداريءَ سان لڪايو. ڳجهي نشاني ڇڏي، ۽ پوءِ ماتا ساوُ جي گهر ڏانهن ڊوڙ يو.

(5)

هيڏانهن اُوت پنهنجي بم جي باري ۾ اُڻ تُڻ ۾ هو ته هوڏانهن وري ڀاڻس غار ۾ ڏکيو ويلو ٽاري رهيو هو. همت جي باجود، شام ڌاري، زخمي ڇوڪر ڪنجهڻ ۽ پاڻي پاڻي پڪارڻ شروع ڪيو هو، ڪوين، جنهن سندس ڀر ۾ نام نهو جي جاءِ والاري هئي، رڳو شوروي سان سندس چپ پُسائي پئي سگهي. ڇوڪري نهايت جهڪي آواز ۾ چيو، ”ادي ڪوين ! مون کي پاڻي ڇو نه ٿي پيئڻ ڏين. اُڃ ۾ ساهه پيو وڃيم.“

تازي ٻريل اڇي موم بتي کڻي ڇوڪريءَ هن جو منهن ڏٺو ۽ کيس آٿت ۽ دلجاءِ ڏيندي چيو، ”ننڍڙا، تون ڦٽيل آهين توکي پاڻي پيئڻ جي اجازت نه آهي، رڳو ٿورو شورو ئي پي سگهين ٿو. جيئن طبعيت ٺيڪ ٿئي، ته جيترو پاڻي پي سگهين ته اوترو پيئجان.“

”نه ! مان هاڻي پيئندس، رڳو هڪ ڍڪ.“

ڪوين ڪنڌ ڦيري پنهنجو چپ چَڪيو. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، سندس آواز ۾ التجا هئي، ” ايڏي ڪٺور ڇو ٿي آهين، ادي؟ مون سان دل نه ٿئي ڇا هاڻي ؟“

ڇوڪري ڳوڙها نه روڪي سگهي، هن ميڻ جا ٻه ٽي ڦڙا پٿر تي ڪيرائي موم بتي ان تي کڙي ڪئي ۽ ٿام ڏانهن وئي ۽ گهٽيل آواز ۾ چيائين، ”ٿام“ هن سڏڪو ڀري چيو ”بَي پاڻي ٿو گهري. هو زور ٿو ڀري، هاڻي اسان ڇا ڪريون؟“

”ممڪن ئي ناهي، توکي ته پاڻ خبر آ، توکي ڪنهن به ريت ائين نه ڪرڻ گهرجي.“

”مان ڪيئن به سمجهايانس ٿي ته هو چوي ٿو ته مان کيس نٿي چاهيان.“

ٿام ماٺ رهيو. ” منهنجي خيال ۾، “ آخر هن چيو، ” ته سندس ٻانهن ان حالت ۾ نه رهڻ گهرجي. مون اهڙا ڪيئي حادثا ڏٺا آهن. ائين معاملو ڏاڍو خطرناڪ ٿيندو. منهنجي خيال ۾ اسان کي اهو ماس ۽ هڏن جو لڙڪندڙ ٽڪرو ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.“

”هائي الله !“ ڪوين جي وات مان نڪري ويو.

فيصلو وٺڻ ضروري آهي. اهو ان جي ڀلائيءَ ۾ آهي. ٻڌ ۽ ٻين کي ٻڌاءِ. ته مان ڇاٿو سوچيان.“

”مون کي ڀوُ آ ته اهو سور سهي نه سگهندو.“

هنن بَي جو آواز ٻڌو. ”ٺيڪ آ ادي ! تون ڀلي ائين ڪر ! جي ائين ٿي سگهي ته ڀلي ڪٽي ڦٽي ڪن. مون کي ڪو ڀوُ نه آهي. ٿام ٺيڪ ٿو چئي، پڪ پوءِ مان ٺيڪ ٿي ويندس.“

هن هنن جون ڳالهيون ٻڌيون هيون! ڪوين حيران هئي ته هو خود ائين ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. هن جا پير زمين ۾ کُپي ويا ۽ چُري نه سگهي، وڍڪٽ جو سوچي ئي هن جي دل انساني همدرديءَ ۾ ڀرجي وئي. جنهن کي هوءَ ڀاءُ جيان چاهيندي هئي. جڏهن کان بي جي ماءُ کي ڇاڙتا درندن چيري ڦاڙي ماريو هو، تڏهن کان هو پنهنجي ننڍي  ڀاءُ اُوت ۽ پيءَ سان گڏ رهندو هو. ماڻس جو ڏوهه اهو هو جو هوءَ لڪل انقلابين لاءِ ٻيلي ڏانهن کاڌ خوراڪ کنيو پئي وئي. توراوُ وري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪئي هئي، گهرٻار بنا عورت جي هلندو رهيو ۽ هر ڪو توراوُ ۽ سندس ٻارن تي ڪهل کائيندو هو.وقت بوقت ڪوين يا سندس ڀيڻ سئو ٻيڙيءَ ۾ مياڻيءَ تي سندس گهر وينديون هيون سندس گهر صفا ڪنديون هيون، رڌڻو ٺاهينديون هيون، ۽ لٽي ڪپڙي کي ٽوپو ٽاڙي ڪنديون هيون. انهيءَ جي موٽ ۾ توراوُ، ماتا ساوُ جي گهر ڪڏهن ڪڏهن تازا جهينگا يا ڪا ٻي مڇي موڪلي ڏيندو هو. ڪوين ۽ سئو کي بي ۽ اُوت سان بي انتها لڳاءُ هو، ۽ موٽ ۾ هو به کين ڏاڍو ڀائيندا هئا. هو هنن جو هر حڪم تڪڙو ۽ يڪدم مڃيندا ۽ پورو ڪندا هئا.

بي گوريلن ۾ شامل ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪوين کي عرض ڪيوهو. جيئن ته  هو همت ڀريو، سگهارو ۽ ماءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ اتاولو هو، ان ڪري ان سلسلي ۾ توراوُ ۽ بارين سان ڳالهايو هو. هو ان عمر جي درجي تي پهچڻ کان اڳ ئي گوريلا تنظيم ۾ قبول ڪيو ويو. ائين جيئن ڏکڻ ويٽنام جا ٻيا اهي ننڍا جوان قبوليا ويا هئا. جن کي ڏاڙهي تي وارن اچڻ کان اڳ ۾ هٿن ۾ بندوق آئي هئي. بي بلڪل ڏانو جو نڪتو ۽ ڪنهن به ساٿيءَ کان وک پٺتي نه رهيو. هو قدم قدم تي چست، ڦڙت، چالاڪ ۽ چوبند رهيو. جبلن جا اڙانگا سفر، سمنڊ جا سور سختيون، مينهن جُهڙ هن کي پٺتي نه هٽائي سگهيا. پکي ڦاسائڻ ۾ هوشيار هئڻ سبب هو ڪوڙڪا نهايت ڪاميابيءَ سان کوڙي ايندو هو. هو اڪثر ڪوين کي چوندو هو، ”ادي ! مون لاءِ ته ڳالهه سڌي سنئين آهي. جنگ ۾ ، جڏهن ڳالهه وڌي ٿي وڃي ته، ان مان، مان يا دشمن ٻنهي مان هڪ بچي نڪرڻو آهي.“

ڪوين هن تي ويساهه ڪندي هئي. بَي جي پيشاني ۽ سندس اکيون، جي ماءَ جي ڳالهه ٻڌي آليون ٿي وينديون هيون،_ هرڪا شيءَ يقين ڏياريندي هئي ته هن سچ پئي ڳالهايو. پر هت هومري نه رهيو هو. پهرين مقابلي ۾ هو ٻانهه چچرائي آيو هو. جاکيس سخت پيڙا پهچائي رهي هئي. ڪوين ڄاتو پئي ته ڇوڪري جو ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ سخت سور جو نتيجو هو. جيڪڏهن هن ان جي ڪٽجڻ تي راضپو ڏيکاريو هو ته اهوبه ان سور کان جان ڇڏائڻ لاءِ. ان هوندي به هوءَ هٻڪي بيهي رهي ۽ وک اڳتي نه وڌائي سگهي. هن ٿام جو خيال هائي ٿيپ تائين پهچائڻ اڻ ٿيڻي پئي سمجهيو، جيتوڻيڪ ڄاتائين پئي ته هو ان کي منظور ڪندو. هن جي دل بَي جي عمر، سندس ماءُ جي موت ۽ هن جي حالت تي ڀرجي آئي. هڪ ڏينهن بي هن کي چيو هو، ”مون کي چانهه، بير سان جهينگا وڻندا آهن ! جڏهن امان جيئري هئي ته اها اڪثر اسان لاءِ اهي تيار ڪندي هئي.“

”مون کي به ٺاهڻ ايندا آهن. مان توهان کي دعوت ڏينديس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org