سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ويرن جي وسندي

صفحو :5

ان ڏينهن شام جو ئي هن ان نموني جهينگا تيار ڪيا هئا ۽ توراوُ ۽ سندس ٻارن انهن جي گهر ۾ ماني کاڌي هئي. هوءَ ٿانو ملڻ ويٺي ته بي به ڀرسان ويهي کيس هٿ وڌائڻ لڳو. ”ڏاڍا سٺا ٺهيا هئا.“ هن کيس ٻڌايو، ” پر اڃا به وڌيڪ مون کي اهي وڻندا هئا جي امان ڀڃڻيءَ مان ڪڍي مون کي چکڻ لاءِ ڏيندي هئي.“ ۽ ڪوين ڄاتو پئي ته هوءَ ان کي ماءُ جيان، جهڙا جهينگا نه پئي کارائي سگهي.

هن کي ٻيون به يادگيريون آيون، پر ٿام جي آواز کيس ڇرڪائي ڇڏيو. ”جلدي وڃ ڪوين، ۽ ساٿين جي راءِ معلوم ڪر !“

”هي ٺيڪ ٿو چئي،“ بي چيو، ”کين ٻڌاءِ ته مان اهو سهي ويندس.“

ڪوين ٿام ڏانهن مُڙي، ”نه ! مان نه ڪري...“

هي رڪجي وئي. موم بتيءَ جي روشنيءَ ۾ هن بي جون اکيون پاڻ ۾ کتل ڏٺيون. ”وڃ! منهنجي ٻانهن مون کي ڏاڍو ڏکيو ڪري رهي آهي. لڳي ٿو.... ته اها منهنجي نه آهي.“

هن پاٻوهه سان کيس ڏٺو.....پوءِ هن جي ڀر ۾ جهڪندي، هن پنهنجو هٿ ڇوڪري جي آلي پيشانيءَ تي رکيو.

”ادي! لاوان ڪاوُ (ويٽنا، عوامي فوج جو هيرو) اهو ڪل ڪيتري عمر جو هو، جڏهن سندس ٻانهه ڪٽي وئي هئي؟“

لا جواب ٿي ڪوين منجهي پئي ته ڪهڙو جواب ڏي.

”پوري طرح ياد نه اٿم،“ آخر هن چيو، ”ٻاويهه يا ٽيويهه سال.“

ڪافي وقت هوءَ بيٺي رهي ۽ پوءِ اوچتو اٿي هلڻ لڳي،  ته مٿان وري بي پاڻيءَ لاءِ چئي. هوءَ هائي ٿيپ، بارين، نگان ۽ ٻين ساٿين سان ملي، جي غار ۾ اندر اچي رهيا هئا.

”ڪيڏانهن پئي وڃين؟“ هاڻي ٿيپ پڇيس.

”توهان کي پئي ڳوليم، بي جي حالت خراب آهي. منهنجي تجويز آهي..“

”ٺيڪ آ، هلو ته هلونس. اسان کي خبر آ. ڏاڍو ٿو رڙي ڇا؟“

”گهڻو ته نٿو روئي. اندر ۾ سور سانڍيندو ٿو وڃي. سور ڏاڍو ٿئيس ٿو ته هڪ ٻه دفعا چنگهي ٿو وٺي. ٿام ٿو چوي ته سندس ٻانهن ان حالت ۾ رهڻ نٿي ڏيئي سگهجي.“

”هلي ڏسون ٿا“

جڏهن هو پهتا ته بي اکيون کولي زور جي مرڪ مرڪيو. هائي ٿيپ سندس ڀر ۾ ويهي ٻانهن تپاسڻ لڳو. جيئن ئي هن پٽي کولڻ شروع ڪئي ته بي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. پهو ماس ۾ چنبڙي پيو هو. ”همت، جوان همت ! جي ماڻهو لَڙي ٿو ته هن کي اها به خبر هئڻ گهرجي ته چپ ڪيئن ڀيڪوڙبا آهن.“ هن هوريان هوريان، ڄاڻي واڻي، پٽي کولي.

جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ ۾ سور سخت ٿي رهيو هو، پر بي همت سان اهو سهندو رهيو. پٽي لهي پوري  ٿي ته بي مرڪيو. هنن ٺونٺ وٽ بي ترتيب ماس ۽ هڏن جو ڪچومبر ڏٺو، ڪارو ۽ بدبودار. چتائي ۽ چڱيءَ طرح چڪاسڻ کان پوءِ وري پهو رکي ڇڏيو. هو اٿيو ۽ ٿام ڏانهن رخ ڪيائين.”تنهنجي ڄنگهه ڪيئن آهي؟“

”ٺيڪ آ.“ ٿام ساڻس ڪن ۾ ڀڻڪيو ”اسان کي اها هڪدم ڪٽڻي پوندي، نه ته خراب ٿي ويندي......“

”تون ٺيڪ ٿو چئين.“ جهٽ جي سوچ ويچار کان پوءِ هائي ٿيپ چيو.

هائي ٿيپ، نام نهو سميت سڀني ساٿين کي هڪ ڪنڊ ۾ ڪٺو ڪيو. ”توهان جي ڇا راءِ آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته کيس بچائڻ لاءِ اسان کي سندس ٻانهن ٺونٺ کان ٿورو مٿڀرو ڪپڻ گهرجي. ان لاءِ همت گهرجي. بي کي سور سهڻو پوندو ۽ ٻانهن تان هٿ کڻڻو پوندو. پر ائين سندس حياتي بچي پوندي. مون کي پڪ آ ته هو اهو سهي ويندو. سندس پيءُ به هت ڪونه آهي، پر جي اسان سڀ اهو فيصلو ڪريون ٿا ته پوءِ اسين پڻس ۽ پارٽيءَ ڏانهن جوابدار ٿينداسين.“

”مان اتفاق ٿو ڪريان.“ بارين هٿ مٿي ڪندي چيو.

”ٻيو ڪو طريقو نه آهي.“ نگان چيو، ”رڳو اها پڪ ڪرڻي آهي ته بي وڍڪٽ سهي ويندو يا نه.“

”وري پڇي ڏسوس.“

”مان وڃي ٿو پڇانس،“ هائي ٿيپ چيو، ۽ اٿيو.

”پر اهو ڪم ڪندو ڪير؟“ نگان چيو، ”اسان کي موڪري تلوار استعمال ڪرڻي پوندي ۽ ان کي اسٽرلائيز ڪرڻو پوندو.“

”اهو ڪم ڪندو ڪير، ساٿيو؟“ هائي ٿيپ پڇيو،  خاموشي. صاف ظاهر هو ته ڪنهن به اهو ڪم ڪرڻ نه پئي چاهيو.”۽ تون بارين؟“ هائي ٿيپ پڇيو.

بارين اکيون ڦيري ڇڏيون. اهو پهريون ڀيرو هوجو هن انقلاب جي بهتريءَ ۾ ڪنهن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ پئي چاهيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو هنن کيس هٻڪندو ۽ ڊنل ڏٺو. هي سگهارو خوش مزاج نوجوان، جو  اجتماعي فوجي معاملن جو انچارج هو، اوچتو هچارو ۽ هٻڪيل ٿي پيو. هو دشمن جو  ڪنڌ ته هڪ وار سان ڪپي پئي سگهيو، پر پنهنجي ساٿيءَ جي ڪني ٻانهن ڪٽڻ کان به ڊڄي رهيوهو.

اهو سوچي ئي بارين جي دل سُسي پئي وئي ته بي جي ٻانهن ڪٽجڻي آهي، ”هائي ٿيپ مون کان ڇو پڇي رهيو آهي؟ هو ائين ٿو سمجهي ڇا ته جي مان غدار جي نڙي ڪٽي سگهان ٿو ته هي ڪم به ڪري ويندس؟ مون کي انڪار ئي ڪرڻو پوندو.“

”مون کي خبر نه آهي ته ڪيئن ڪيو.“ هن چيو.

هائي ٿيپ اکيون کڻي بارين جي اکين ۾ نهاريو ۽ بي طرف هليو ويو.

نگان چيو. ”هونئن ته اسان مان هرڪو بي خاطر اهو ڪم ڪري سگهي ٿو. پر مان سمجهان ٿو ته بارين اهو ڪم اسان سڀني کان چڱيءَ ريت ڪري سگهندو. هن جوهڪ ڌڪ ئي ڪافي ٿيندو بي لاءِ گهٽ پيڙا ڏيندڙ پڻ !“

هرڪنهن ڪنڌ ڌوڻيو. هائي ٿيپ موٽيو ۽ کين چيو،”مان هينئر هينئر بي سان ڳالهايو آهي. هو به بلڪل متفق آهي. هن جو چوڻ رڳو اهو آهي ته اهو چڱيءَ ريت ڦڙتيءَ سان ٿئي.“

سڀني جون نظرون بارين طرف ڦريون.ڄڻ کيس ان ڳري بار لاهي ڦٽي ڪرڻ لاءِ ليلڙائينديون هجن. آخر بارين اوچتو اُٿي بيٺو ۽ چيو ”ٺيڪ آ، مان اهو ڪم ڪندس. پر شرط رڳو اهو آهي ته ساڳئي ئي وقت ٻن غدارن جو به ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ ايترو چانور ۽ پاڻي ڪو نه آهي جو هنن کي جيئرو رکي سگهون.“

”اهو پوءِ ڏسنداسين،“ هائي ٿيپ پڪي ارادي سان وچ ۾ ڪاٽيو. ”اسان کي هنن مان وڌيڪ معلومات هٿ ڪرڻي آهي. ان جي ڪا تڪڙ ڪانهي. اهو يقيناً بهتر ٿيندو جو اسان مٿن عوام آڏو مقدمو هلايون.“

”درست آ. اهي اسان جي وس ۾ آهن. تڪڙ ڇا لاءِ ؟“

هائي ٿيپ، نام نهوءَ ڏانهن مڙيو، ”جيڪو ڪجهه گهربل آهي کڻي آءُ_ مرڪيوري ڪروم، ڪپهه  ۽ پٽي. مان هت بارين سان  بيهندس. توهان سڀ پنهنجي جاين تي وڃو ۽ ڪرڙي نگاه رکو، هو رات جو وري ڪوشش ڪري سگهن ٿا.“

نگان اٿيو. پنهنجي رائفل کنيائين۽ روانو ٿيو. ٻيا گوريلا ۽ ڪوين به سندس پيروي ڪئي. جڏهن نام نهو ضروري شين سان پهتي ته هائي ٿيپ چيس، ”وڃ بارين جي سنگين کي اسٽرلائيز ڪرڻ لاءِ پاڻي اُٻار، پاڻ وٽ آنيسٿيشيا آهي؟“

”ٻه شيشيون.“

”بي لاءِ ڪم آڻي ٿا سگهون ؟“

”ڇو نه. سور ختم نه ٿيندو، پر گهٽبو ضرور.“

”ٺيڪ ! بارين کي چئو ته سڀڪجهه تيار  ٿئي ته مون کي ٻڌائي.“

هائي ٿيپ هڪ گوريلي سان گڏ بي وٺ ويو. بي اکيون کوليون ڄڻ چئي رهيو هجي. ”اڃا دير ڇو ٿا ڪريو؟“

هائي ٿيپ سندس بستري تي ويهي  رهيو ۽ بلڪل ڌيمي ۽ رواجي آواز ۾ کيس ٻڌايو ته ڪيئن هنن دشمن کي هٽائي ڇڏيو هو ۽ ڪهڙا ڪهڙا هٿيار هٿ ڪيا هئا. بي ٻڌندو رهيو، سندس اکيون جذبات وچان چمڪي رهيو هيون. هن زبان چپن تي گهمائيندي چيو، ”ڪاش ! مان زخمي نه هجان ها !“

”بلڪل، پوءِ ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها، پر تون ان مان ٺيڪ ٿي ويندين، رڳو چچريل حصو ئي ڪٽي وٺڻ ڪافي ٿيندو. انيسٿيشيا سان اهو ڪم ٿوري سور سان ٿي ويندو.“

”مون کي ڏند ڪرٽڻ ايندا آهن. ڏک رڳو اهو اٿم ته ٻانهن وڃايان پيو !“

”ان جو ڏک ٿو ٿئي ڇا؟“

”ها ۽ نه “ بي ٿورو رڪجي وراڻيو. هائي ٿيپ مرڪيو. ”هائو،“ زخمي ڇوڪري چيو، ”ڇاڪاڻ جو مان وري بندوق جهلي نه سگهندس. لولي ٿيڻ جي پرواهه ڪونه اٿم. جڏهن مان گوريلو ٿيو هوس، تڏهن ڄاتم پئي ته دشمن جو ڌڪ يا موت اڻ ٽر آهن. ان لاءِ مان بلڪل تيار هيس.“

بي جي جواب هائي ٿيپ کي حيران ڪري ڇڏيو ته هو اهو ئي سوچيندو رهيو هو. ”اهو سچ آ.“ هن پاڻ کي چيو، ”جي توهان کي اڳي ئي خبر آهي ته توهان کي ڪهڙا ڪهڙا خطرا آڏو آهن ته پوءِ ڀوُ ڪونه ٿو ٿئي. بي رڳو 17 سالن جو آهي، پر هڪ بالغ ۽ پڪي فوجي جيان پر اعتماد آهي.“

هن پاڻ سان گڏ آندل گوريلي ڏانهن ڪنڌ ڦيريو ۽ آهستي چيو،”وڃي ڏس ته بارين تياري پوري ڪري ڇڏي آهي يا نه،“

”اوچتو بي چيو، ”۽ اي ڪوين، اها ڪٿي آهي؟ هتي نه ٿي بيهي ؟ ان کي سڏيو....“

”ٺيڪ آ. اها به ايندي،“ گوريلي سان ڳالهائيندي هائي ٿيپ چيو، ۽ ڪوين کي به سڏي اچڻ نه وسارجان ءِ.“

بي ماٺ رهيو. پر جڏهن ڪوين آئي ته هن ڇوڪري جوهٿ پنهنجي سڄي هٿ ۾ جهليو. هائي ٿيپ ڦٽيل ٻانهن ٽوالن جي ٿهي تي رکي. نئين موم بتي ٻاري، ۽ هٿ ۾ جهلي.

ڪوين انسيٿيشيا جي ڦوهاري جي ڦون ڦون ٻڌي جو نام نهو جي اڱر جي اشاري مان کلي چڪو هو. هن کٽ جو آواز ٻڌو_ ۽ بي جي آڱرين سندس هٿ کي شڪنجي جيان ڀيڪوڙيو.

 

 

 

باب چوٿون

 

(1)

پٿر تي رکيل، ختم ٿيل موم بتيءَ ڦڙڪو کاڌو. ميڻ جي دٻي ۾ وٽ پويون چمڪاٽ ڏنو ۽ يڪدم  اجهامي وئي. غارجي هن سوجهري واري حصي ۾ به اونده ڇانئجي وئي ۽ ڀت تي پوندڙ ڪوين جو پاڇو ڊهي ويو. موم بتي وسامڻ مهل ئي ڪوين کي ڪو ننڊ جو جهوٽو آيو. بَي به بي سرت ٿيو سمهيو پيو هو. ڏينهن جو سوجهرو اچي رهيو هو.

ٻاهر شايد آسمان روشن ٿي چڪو هو، پر غار ۾ اڃا اونده هئي. جيئن ئي باک ڦٽي تيئن ئي اندر ٿڌ وڌي وئي. سئو اوچتو جاڳي ته پنهنجا پير ٿڌ ۾ ساڻا محسوس ڪيائين ٿئي کيس ڀاڪر پايو سمهي پئي هئي ۽ هن مٿو سندس ڇاتي تي رکيو هو. هن سندس پيرن کي ڇهي ڏٺو، اهي پڻ برف وانگر لڳا پيا هئا. هن اهي ڇڪي پنهنجي ڄنگهن جي وچ ۾ ڪيا ۽ کين گرم ڪرڻ لڳي. ڪافي وقت ائين رهڻ کان پوءِ هن ڌيءَ جون ٻانهون پاڻ کان الڳ ڪرڻ شروع ڪيون، پرهوءَ ننڊ ۾ وڌيڪ زور سان چنبڙندي ويس. هن اٽڪل سان هن کي جدا ڪيو. اٿي ويهي هن هٿوراڙيون ڏئي موم بتيءَ جو هڪ وڏو ٽڪرو ڳولهيو ۽ ٻاريو. نئين لاٽ غار جي اونده کي چيري ڦاڙي وئي.

موم بتي هٿ ۾ جهلي، سئو ڪافي وقت پنهنجيءَ ڌيءَ کي تڪيندي رهي، پنهنجي ماءُ جي گرم ۽ نرم جسم کان محروم ٿي، هن جون ٻانهون نيلان جي  چورسي ٽڪر تي پٿريون پيون هيون. سئو تي ڏاڍو اثر ٿيو. ٿئي گهري ننڊ ۾ هئي. ڦڙڪندڙ روشني سندس وارن جي چڳن کي چمڪائي رهي هئي ۽ پنبڙين سان ٽڪرائي پئي، سندس ناسن جي ڦنڊڻ ۽ سسڻ سان گڏوگڏ ڳاڙها چپ به چرپر ۾ اچي پئي ويا.

گذريل ستن سالن ۾ سئو جي دل رڳو ان ننڍڙي ڇوڪريءَ لاءِ ڌڙڪي ۽ دهڪي هئي، جا چالاڪ ۽ وڻندڙ هئي، جا اڌ هن جي هئي ۽ اڌ سندس مڙس جي هئي جو اتر ۾ هو.

ڪيترائي ڀيرا هن پنهنجي ڌيءَ ڏانهن ماٺ ۾ ۽ ڪهل سان ڏٺو هو. هوءَ هن جي هر ساهه، نگاهه ۽ حرڪت تي نظر وجهندي هئي. دل چوندي هيس ته جيڪر ڏينهن جا ڏينهن ويٺي هن ڏانهن تڪي ۽ نهاري. ڪيڏو نه هن عذاب ۽ درد سٺو هو، جڏهن به سال اڳ کيس ان ننڍڙيءَ ڌيئڙيءَ کي هن کان ڇني ڌار ڪيو ويو هو ۽ اهاپيڙا ۽ پور مهينن جا مهينا هليا هئا. آمريڪين ۽ ڊيم جي ڇاڙتن کيس شينهن جي پڃري“ ۾ اڇلايو هو، جتي هوءَ نه ويهي سگهندي هئي ۽ نه بيهي. ۽ ان بعد .واڳوءَ جي پڃري ۾ جتي کيس گوڏن تائين پاڻي ايندو هو. هن کي ات پيڙا ۽ تڪليف اهي شيشن جا ٽڪر ۽ پاڻي نه پهچائيندا هئا. جي سندس کوليءَ ۾ پکڙيا پيا هوندا هئا، پر اهو ارمان ته هوءَ ڌيءَ کان ڌار هئي، ۽ هن جي ٽهڪن ۽ ٽلڻ جي مشاندهي کان محروم هئي.

هوءَ هان ڊئٽ واسين جي جدوجهد جي ٿورائتي هئي. گهر اچي ڌيءَ کي ڳلي لائي هوءَ سڏڪن ۾  پئجي وئي هئي، ۽ سندس منهن ڳوڙهن سان ڌوپي ويو هو. اهي گذريل ورهيه هن لاءِ غيرمعمولي مصيبتن ۽ مشڪلين جاهئا، هن ارادو ڪيوهو ته هوءَ انهن جو پورو پورو تفصيل پنهنجي مڙس کي راتين جون راتيون ويهي ٻڌائيندي، ۽ موٽ ۾ هو هن سان ۽ ڌيءَ سان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندو. هوءَ تفصيل سوچڻ لڳي. سندس گرفتاري، ۽ ڪيل جدوجهد، يا ان وقت جون غار واريون گهڙيون، جڏهن ڏينهن جي جنگ جي ڌماڪن جا پڙاڏا اڃا سندس ڪنن ۾ وڄي رهيا هئا، گوليبازي، رڙيون، دشمن جون هاڪاريون، ۽ سندس اها اُڻ تُڻ جا هن کي اهو ڄاڻي ٿي ته دکي ٿي سمي رهي هئي. جڏهن هن بَي جو، ٻانهن ڪٽجڻ کان پوءِ، ڪنجهڻ ڪرڪڻ ٻڌو هو. ان گهڙيءَ رات جي ماٺ ڄڻ عجيب وغريب لڳي رهي هيس. اها ماٺ اها هئي جا ڇولين جي شور کان پوءِ ٿي رهي هئي ، يا اها قدرتي ماٺ يا طوفان کان پوءِ طاري ٿي ويندي هئي. سو بهرحال اها ماٺ هئي_ذري تي اچي بچيل موم بتي سندس ساٿين جا گونگهرا ان ماٺ ۾ رخنو وجهي رهيا هئا.

هوءَ سوچڻ لڳي، ”هوبه هن وقت اتر۾ ڪٿي ستو پيو هوندو ۽ کيس اهو خيال به نه هوندو ته ڪو سندس ڌيءَ ۽ زال غار ۾ گهاري رهيون هونديون. نه، سوچي ئي نه سگهندو هوندو.“ اوچتو مڙس جو خط ياد ڪري هن کيسي تي هٿ رکي اهو محسوس ڪيو. املهه خط اتي ئي هو. پڪ ڪرڻ لاءِ هن ان کي هٿ سان ڇهي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجا پير هيٺ ڪري پٿرائين فرش تي رکيا.

هن اڃا منهن ڦيريوئي مس ته ڇوڪريءَ اڻ چٽو آواز ڪڍيو، هوءَ بيهي رهي.

”امي!“ سئو چپ ڪري بيهي رهي، ان خيال کان  ته ڇوڪري وري نڊ پوندي. پر نه، هن وري وڏي آواز ۾ کيس سڏيو ”امي!“

”چئو پٽ“ هن تڪڙي ورندي ڏني، ”سمهي پئو پٽ، مان ٿورو پاڻي ڪوسو ڪري اچان.“

”نه، مان نه سمهنديس، توسان هلنديس.“

”آءُ ڀلا“ سئو هن ڏانهن پٺي ڪندي چيو. ٿئي اُٿي پنهنجون ٻانهون ماءُ جي ڳچيءَ ۾ وڌيون. ڌيءَ کي ڊڊيءَ تي کڻي سئو هلي ۽ اڳيان موم بتيءَ سان سجهندو ڪندي رهي. هوءَ ستل ساٿين جي ڄنگن ۽ جسمن جي وچ ۾ فرش تي ڇڏيل وٿين تي پير رکندي هلي، چلهه وٽ پهچي هن ٿئي کي ڊڊيءَ تان لاٿو، ميڻ جا ڦڙا هڪ پٿر تي ڪيرائي موم بتي ان تي چنبڙائي رکي ۽ هوءَ باهه ٻاري رهي هئي ته ٿئي چيو. ”امي، مان کواب ڏٺو هو.“

”کواب نه پٽ، خواب چئو.“ سئو صحيح ڪيو.

”هائو، خواب. مان هڪ پري ڏٺي جنهن کي ڏاڍا سهڻا پر هئا، هوءَ بلڪل ماسي ڪوين جهڙي هئي. مون کي سڏ ڪيائين ته آواز به صفا ان جهڙو هيس.هن پنهنجا پر ڦڙڪائي چيو، آءُ هلي آءُ، جلدي ڪر، منهنجي پٺيءَ تي چڙهه. مان ڏاڍو خوش ٿي، کيس چيو، ’ترس، ته مان امان کي سڏ ڪيان، اها به هلندي ! پريءَ ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مان ڊوڙيس ۽ توکي زور سان سڏ ڪيم. پوءِ مان جاڳي پيس. ان ڪري ئي تو کي سڏيم.“

”اڇا، ته مون کي جيڪي سڏ ڪيئي، سي پريءَ کي ڏسي؟“

ٿئي هاڪار ڪئي، ۽ پنهنجون وڏيون اکيون ڦاڙي غار جي لنگهه ڏانهن تڪڻ لڳي، ڄڻ پري کيس ڇڏي اتان نڪري وئي هئي.

باهه ٻرڻ شروع ڪيو. ڄڀيون نچڻ لڳيون، ۽ ڇوڪريءَ جي گنڀير چهري تي روشني وجهڻ لڳيون، جا اڃا پنهنجي خواب جي پٺيان هئي _ساڳي ئي روشنيءَ جنهن سندس ڌيءَ جو چهرو گلابي ڪري ڇڏيوهو. سندس دل ۾ به اميد جي روشني پيدا ڪئي. هوءَ ائين خوش ۽ راضي هئي ڄڻ پاڻ خواب ڏٺو هئائين. ڌيءَ جيان هوءَ به آئيندي جا اهي منظر ۽ ڏيک تصور ۾ ڏسڻ لڳي. جن لاءِ هن ورهين کان اوسيئڙو پئي ڪيو، ۽ جنهن لاءِ هن نه ڄاڻ ڪيترائي ڀيرا خالي پلاءَ پچايا هئا.

جيئن جيئن باهه مچندي وئي تيئن تيئن روشنيءَ جو گهيرو وڌندو ويو. گوريلا بي پرواهه ٿيا ستا ٻيا هئا. سندن چهري تي معصوميت ۽ بي پرواهي جهلڪي رهي هئي. باهه جي روشني غار جي ڪنڊڪڙڇ تائين ٻهڪڻ لڳي، ۽ سامهون ڀت تي ڪوين جو پاڇو ڦڙڦڙ ڪرڻ لڳو. سئو موم بتي ڌيءَ کي هٿ ۾ ڏني، ”بتي کڻ، هل ته پاڻي کڻي اچون،“ ٿئي بتي کڻي ماءُ جي اڳيان اڳيان هلڻ لڳي. دکين وٽ پهچي هن خبرداريءَ سان پاڻي کنيو، ۽ هڪ ڦڙو به پٽ تي هارجڻ نه ڏنو. پاڻيءَ جي رڳو هڪڙي مٽي وڃي بچي هئي، ڪالهه سئو ۽ ڪوين رڳو هڪ هڪ ڍڪ پاڻيءَ جو پيتو هو ۽ اهو به ڀُڳل چانورن جي گرهه کائڻ کان پوءِ، ان کي نڙيءَ کان هيٺ لاهڻ لاءِ، اُٻاريل پاڻي وڙهندڙن لاءِ رکيو ويو هو ۽ ان جوڪجهه حصو زخمين جي شوروي لاءِ. جڏهن به سئو پاڻي پئي کنيو ته سندس دل ويهجي پئي وئي. جيڪڏهن جنگ چند ڏينهن ٻيابه هلي ته پاڻيءَ جي موتمار اڻاٺ ٿي پوندي !

”مٺڙي،“ هن ڌيءَ کي چيو، ”جيترو گهٽ ٿي سگهئي اوترو گهٽ پاڻي پيءُ، سمجهيئي؟“ مان تولاءِ پاڻي بوتل ۾ ئي ٿي رکان. جڏهن ڏاڍي اُڃ لڳئي تڏهن رڳو هڪ ڍڪ پيجانءِ ڏس نه، پاڻي کپي ويو آهي.“

ٿئي ماٺ ۾ ها چيو، ۽ پوءِ ٻئي چلهه ڏانهن موٽيون. ٿانءَ باهه تي رکي سئو موم بتي اجهائي. ان مهل ڪوين پنهنجي موم بتي ٻاريو هنن وٽ آئي ۽ ٿئي کان وڏي آواز واري چمي ورتائين، ۽ هن جي ڀر ۾ ويهي رهي . ڇوڪريءَ پنهنجي ماسيءَ کي ٻانهن وڪوڙي، سندس ڪن ۾ ڳڻتي واري لهجي ۾ چيو، ”ماسي بَي مري ويندو ڇا؟“

”نه پٽ ! اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.“

ڪوين چوڪريءَ کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ۽ ڀيڻ کي چيو، ”بَي هاڻي ڪجهه ٺيڪ. آ ٻانهن ڪٽجڻ ڪري ڪجهه هيڻو ضرور ٿي ويو آهي، پر پيڙا ۽ تڪليف گهٽ اٿس. رات اک به سٺي لڳي اٿس.“

”چڱو ٿيو، رڳو خيال رکينس. جي ڪو مٿان نه ويٺس ته هانءُ لاهي پوندو ۽ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو.“

”ڪا ڳالهه نه آ ! مان هر ساهه ۽ ساعت پئي کيس ڏسندي آهيان. سندس  نبض به ٺيڪ آ. هينئر هينئر اٿيو ۽ مون کان پڇيائين ته صبح ٿيو هو يا نه. چيائين پئي ته ٻانهن ڏکيس ڪونه ٿي. مان جلد ٺيڪ ۽ چاڪ ٿي ويندس نه ادي؟“ مون کان بڇيو.

ڀيڻ جون ڳالهيون ٻڌندي سئو پنهنجا ڳوڙها اُگهيا. ٿئي پنهنجون منهن ڪوين جي ڇاتيءَ ۾ لڪايو.

”مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪو هو ايترو همت وارو ۽ دلير آهي.“ ڪوين چيو.

”مان ته آپريشن ويل کيس ڏسڻ جي سگهه نه ساري سگهيس. هو سڄو وقت منهنجي هٿ کي ڀيڪوڙيندو رهيو ۽ زبان مان ٻڙڪ نه ٻوليائين.“

سئو ماٺ هئي. ٿوري دير رکي پوءِ چيائين،” ڏاڍو سور سٺو هوندائين، پر پي ويو. سوال ئي نٿو اٿي ته ٻانهن پئي ڪپجي ۽ سور نه ٿئي. ڊاڪٽر ته سدائين اها ڪارائيءَ سان ڪٽيندا آهن ته ڪي موڪري تلوار سان.“

”هائو. ائين ته آهي. ڊنگ کي به سورمي لاوا ڪائو.....“

”بلڪل.“

”خبر ٿئي.“ ڪوين ڀيڻ ڏانهن نمندي ۽ جهڪي آواز ۾ چيو، ”ته آپريشن کان اڳ ۾ بَي مون کان پڇيو....،

”ڇا؟“

”....ته ان مهل لاواڪائو ڪيتري عمر جو هو. مون کي چڱيءَ ريت ته ياد ڪونه هو، ان ڪري مون جواب ڏنس ته ٻاويهه يا ٽيويهه. پوءِ مون کي چيائين ”جي ڪاوُ سهي سگهي ٿو ته مان به؟“

سئو جذبات تي وس نه رکي سگهي. سندس اکين مان ڳوڙها تري آيا جي هن گڊيءَ جي ٻانهن سان اگهيا. ٿئي سڏڪا ڀريا.

”آپريشن کان پوءِ منهنجا ۽ نام نهو جا ڳوڙها ڳڙي پيا، پر هائي ٿيپ جا نه. هن بَي کي ٻانهن ۾ کنيو. ويچارو بيهوش ٿي ويو هو ۽ هر ڪنهن کي سندس موت جو ڀوُ هو.جڏهن آخرڪار اکيون کوليائين ته اسان جو به ساهه سامت ۾ آيو،“

سئو اُٿي بيٺي. مان ڏسڻ ٿي وڃانس. ڪوين تون اتي ترس پاڻيءَ تي نظر رک. هر هڪ دٻي ۾ اڌ اڌ آڻو کن پاڻي وجهج. وڌيڪ اصل نه“هوءَ هلي وئي. ٿئي به ماسيءَ کان ٻانهن ڇڏائي ڪڍ لڳيس.“

ڪوين ڪاٺيون سوري پوري باهه مچائي ۽ انتظار ڪرڻ لڳي. پاڻي ٻڙڪڻ لڳو ته هن ٿانءَ لاهي پٽ تي رکيو ۽ ٻاهرين ورانڊي طرف وئي. هر وک سان سندس پاڇو هلڪو پئي ٿيندو ويو. باک سوجهرو ڪري رهي هئي. اوجاڳي واري رات کان پوءِ هوءَ دماغ خالي محسوس ڪري رهي هئي ۽ ائين هلي رهي هئي جيئن ڪو خواب ۾ گهمندو آهي. سندس ذهني تاڻ لهي چڪي هئي.

ويڙهه وارو ڏينهن ۽ اوجاڳي واري رات ڪيڏو نه عجيب هئا. انهن چوويهن ڪلاڪن ۾ سندس دل ڪيترا ڀيرا نه اڻ تڻ ۽ هورا کورا ۾ ڌڙڪي هئي، پيار، خوشي، ڳڻتي ۽ آنڌمانڌ !

اوندهه جي باوجود بنا دڳ ڀُلڻ جي هوءَ اوڏانهن وئي جتي نگان بيٺل هو. هميشه جيان حجاب بدران هيل هن کيس زور سان وڃي ڀاڪر وڌو. نگان وائڙو ٿي ويو. پر هو ترت ئي سمجهي ويو. اهو ڪو پيار ۽ پاٻوهه جو معمولي نموني هو. ان ڪري نه ئي هن موٽ ۾ ساڻس اهڙو ورتاءُ ڪيو ۽ نه ئي چمي ورتي. هن سندس ڪنڌ کڻي پنهنجي ڪلهي تي رکيو. آخرڪار هوريان هوريان هن کيس ڪُلهن کان ورتو، ٿورو پٺتي هٽيو، ڇوڪريءَ جو مُنهن پنهنجن هٿن ۾ جهليو ۽ کيس گهوري نهارڻ لڳو. مُنهن اونداهيءَ ۾ هو سندس چهرو چتائي ڏسي پڙهي نه سگهيو. ڇوڪريءَ جي ٿڌي ساهه سندس منهن کي تازو ڪري ڇڏيو، ۽ هو سندس ان ساهه ۽ اکين  مان سمجهي ويو ته ساڻس ڇا وهي واپري رهيو هو.

”اڄ ايڏو سُرهي ڇو آهين؛ ڪوين؟“

ڪوين هن جي ٻانهن مان نڪري آئي. ”ڪجهه به ناهي..... هرڀرو ڀي، سچي !“

حقيقت ته اها آهي ته کيس خود به خبر نه هئي ته هوءَ ائين هلڪي ۽ چرهي ڇو هئي. ان جو سبب شايد، غار جي ٻاهران دشمن جي واويلا هئي، يا سندس ڀيڻ جو خبرداريءَ سان پاڻي ورهائڻ جو منظر، يا اها حقيقت ته ٻانهن ڪپجڻ وقت بَي سندس هٿ کي زورسان پڪڙيو هو، ۽ يا سڀ گڏ !

”۽ تون، نگان، رات ننڊ آئيئي؟“

”هائو. اسان واري واري سان سمهياسين، ۽ هر ڪنهن ڪجهه نه ڪجهه ننڊ ڪئي،“

”مان ۽ نام نهو به ائين ئي ڪيوسين. اڌ رات تائين هوءَ بَي کي ڏسندي رهي. ۽ پوءِ هن مهل تائين مان کانئس وارو ورتو،“

”هاڻي ٺيڪ آ؟“

 ”گهڻو ڪجهه، مان ته ڳڻتيءَ ۾ چري ٿي پئي هيس. مان پنهنجو وارو سندس ڇاتي ۽ نبض ڏسندي ۽ ساهه چڪاسيندي پورو ڪيو.“

”اهو سٺو سوڻ ۽ اهڃاڻ آ جو هن پهرين رات خير جي گذاري.مون کي پاڻ ڏاڍي ڳڻتي هئي.

ڪوين نگان جي پٽي مان دٻو ڪڍيو ۽ ان کي لوڏي ڏٺو. منجهس پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هيس. ماٺ ۾ هن سڀني کان دٻا ڪٺا ڪيا ۽ غار ۾ هلي وئي.

انهن ۾ پاڻي وجهڻ کان پوءِ سئو وري ٻاهرين لنگهه ڏانهن وئي. هوءَ اڃا اُت پُڳي ئي مس ته نگان جي دل ڏاريندڙ رڙ ٻڌائين، ”هو ڏسو ! اچي ويا !“

غار جي لنگهه وٽان ٻه يا ٽي ڪاريون شڪليون نظر آيون. هن اڃا ڀت سان لڳي بيهڻ جو خيال ئي مس ڪيو ته کيس ڪو ڌڪو لڳو ۽ هوءَ پٽ تي اچي ڪريو. پوءِ زور سان ٿامپسن جي هلڻ جو آواز آيو ۽ ان پٺيان ٻيا ڪيترائي ساڳيا آواز. هوءَ رڳو ايترو ڏسي سگهيي ته ڪي ڪاريون شڪليون هيون، جي جهٽ بيٺيون ۽ پوءِ لڏيون ۽ پٽ تي وڃي ڪريون. هوءَ رڙهندي رڙهندي پاسي واري سوراخ ڏانهن وڌي. سامهون هن ٽوئي کي ڏٺو جو ليٽيو ٿامپسن هلائي رهيو هو ۽ ڪوين محسوس ڪيو ته اهو ٽرئي ئي هو جنهن کيس ڌڪو ڏيئي ڪيري سندس جان بچائي هئي. غار جو لنگهه وري خالي ٿي ويو. ڪوبه دشمن جو سپاهي اندر نه اچي سگهيو. پر اوچتو ڪي شڪيلون لنگهه ٻاهران تير جيان لنگهي ويون ۽ هٿ بم اچي اندر پٿرن تي ڪريا.

”بم اٿو. سنڀالجو !“ نگان رڙ ڪئي.

پٿرن تي ڪري ڦاٽڻ کان اڳ، بم رڙهي ويا. ٻاهران وري ٻيا اچڻ شروع ٿيا.

زبردست ڌماڪا ٿيا ۽ غار دونهين ۽ پٿرن جي ذرن ٽڪرن سان ڀرجي وئي. ڪوين کي ڪا شيءَ پٺيءَ ۾ لڳي. هن هٿ لائي ڏٺو ته ڪو زخم ته نه ٿيو هو. ڌماڪن ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيا ۽ ساهه کڻڻ ۾ بارود جي ڏاڍي بوءِ پئي آئي.

اوچتو نگان رڙ ڪئي. ”پٺتي هٽڻ لاءِ تيار رهو. مان رڙ ڪيان ته ڀڄجو.“

ڌماڪا ۽ ٺڪاءُ گجگوڙ ڪندا رهيا. ڪالهه جيان، اڄ دشمن غار ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هو لنگهه جي هڪ پاسي، کاٻي پاسي ٽپندا پئي ويا ۽ پنهنجا ايم. ڪي _3 اندر اڇلائيندا پئي ويا. ڪي جبل جي پٺيان ڦٽي ڪندا رهيا. سوڙهي غار ۾ ڪوين جي ڇاتي تي وڏي ڇپ ڪيرائي رهيوهو.

ٽڪرن ۽ ڇپن جي اوٽ مان نڪري غار اندر مٽي وڃڻ به جان جوکم جو ڪم هو. نگان مناسب موقعي لاءِترسيو. ايم ڪي _3 هن کي مهلت ئي نه ڏئي رهيا هئا. ڌماڪا ٿيندا رهيا. اڃا اٿيو ئي مس پئي ته وري ليٽڻو پيس. هن سوچيو ”اسان کي هنن بمن سان نستو ۽ نڪمو ڪري، هو اندر ڌوڪي ايندا ۽ اسان پڪڙيا وينداسين.“ هن هٿ بم جي سئي ڇڪي ۽ رڙ ڪئي، ”پنهنجا هٿ بم تيار رکو !“

”جي مرڻو آ ته هن موقعي ۽ مهل تي سڀ گڏ مرنداسين.“ هن وري سوچيو. اوچتو ماٺ ٿي وئي. هو هڪدم اٿي بيٺو، هڪ هٿ ۾ ٿامپس کنيائين، ايم ڪي _3 ٻاهر اڇلايائين ۽ رڙ ڪيائين، ”هينئر ڀڄو!“ هر هڪ ڀڳو. هوسندن پٺيان پناهه ڏيڻ لاءِ گولي هلائيندو پئي آيو ۽ اچي ساڻن مليو. پهرين موڙ تي پڄي هن بيهڻ جو حڪم ڏنو. ايستائين هٿ بم نه پڄي سگهيا، ۽ اڳيان وڪڙ واري ٽڪر انهن جي زور کي به ڀڃي پئي ڇڏيو. پنهنجن ماڻهن وٽ پهچي نگان کين، ”ڪوين ڪاڏي وئي؟“ چوندو ٻڌو.

”ڪوين ! ڪوين !“ نگان رڙيون ڪيون.

ڪوبه جواب نه آيو. نگان مُڙي لنگهه طرف وڃڻ لاءِ سنڀريو_ٽوئي رڙ ڪئي. ”نه نگان ! مان ٿو وڃان !“ پر نگان وڃي چڪو هو. هو هڪ وڪڙ کان ٻئي وڪڙ تائين بانبڙا پائيندو رهيو ۽ پنهنجي مڱينديءَ کي سڏيندو رهيو. هو ڪنهن ڄنگهه تان ٿاٻڙيو. اها ڪوين هئي جا پيٽ ڀر سمهي پئي هئي ۽ هٿ به هيٺان اچي ويا هيس. نگان ڏڪي ويو. کيس کڻي، ڇاتيءَ سان ڪن لائي هوسندس ساهه ٻڌڻ لڳو. هوءَ ساهه کڻي رهي هئي. هن رائفل ڪلهي ۾ وڌي. کيس ٻانهن تي کنيو ۽ غار اندر ڀڳو.

ٻاهر ڏينهن جي روشني پوري ريت پکڙجي چڪي هئي.

هڪ ڳرو متارو ڪئپٽن، جنهن کي ڳاڙهن ڪارن پٽن واري پتلون پيل هئي، هٿ ۾ پستول کنيو سپاهين تي زور ڏئي رهيو هو.”هڪ ڀيرو وڌيڪ ! کوکن وارا بم استعمال ڪيو !“

سپاهي کوکن کولڻ لاءِ ڊوڙيا . بلڪل نوان نڪورا ايم_ڪي_3 بم ڪڍيائون ۽ پاڻ ۾ ورهايائون. هر ڪنهن ٻه ٻه کنيا، غار جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ ٿي بيٺا. ڏندن سان ڇڪيندي ،هنن لنگهه جي ٻيءَ ڀر ٽپو پئي ڏنو ۽ بم اندر پئي اڇلايو. ڪالهه ٻه آمريڪي صلاحڪار آيا هئا. باک ڦٽيءَ سان ئي ڪئپٽن آمريڪين واري ڳري حملي واري مهم لاءِ  بمن جا چاليهه کو کا کڻايا هئا.

هر هڪ کوکي ۾ ويهه بم هيا. ڏهه کوکا هن مهل تائين ٻه سوُ کن بم کپي چڪا هئا. غار جي لنگهه تي گهاٽو ڪارو دونهون هو. ڪنهن کي به ڪا شيءَ نظر نه پئي آئي، پر ڪئپٽن مهم جاري رکيو آيو. ٿڪ کان سندس ماڻهن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون هيون. ۽ سُيون ڪڍي ڪڍي سندن ڏند سور ڪري رهيا هئا.

جيستائين دشمن چاليهه کوکا کپايا تيستائين سج به ڪافي چڙهي آيو. دونهون هوريان هوريان آس پاس ويهندو ۽ آٺرندو ويو. ڪئپٽن ماڻهن کي اندر وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر هو هٻڪيا.“

”مار پئيو“ هن رڙ ڪئي،“ اندر سڀ مئا پيا آهن ! ڊڄو ڇا کان ٿا؟“ هٿ ۾ ڪولٽ_12 پستول جهليو هو اڳتي وڌيو ۽ ماڻهن کي پاسي ڪيائين. ”هٽي وڃو. سوئر جا ڦرؤ! مان ٿو اندر وڃان.“

ڏاڏر ۽ ٽيڳر ۾ هو غار جي لنگهه طرف ڊوڙيو. سندس باڊي گارڊ به ٽرڙائپ ۾ پٺيان لڳا ويا. پر هن اڃا غار ۾ اندر پير پاتو ئي مس ته هڪ گولي اچي منهن ۾ لڳس. هو پٿرن تي ٿيڙ کائيندو پٺيءَ ڀر ڪريو ۽ هٿ مان پستول ڇڏائي ويس. سندس بت مڇي جيان وٽ وڪڙ کائڻ لڳو. سندس باڊي گارڊ کيس ڇڏي هيٺ ڀڄي ويا. چوطرف اهڙي رنگ جي رت پکڙجي وئي، جو رنگ سندس پتلون جو هو. دونهون هوريان هوريان جهڪو ٿيندو ويو ۽ آهستي آهستي ڳرو متارو مئل مڙهه به ظاهر ٿيندو ويو.

 

 

(2)

”ڪوين! ڪوين!“ سئو ڀيڻ کي ٻانهن ۾ جهلي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڇوڪريءَ جون اکيون ٻوٽيون ئي رهيون.

ٿئي رڙيون ڪري رهي هئي ، ”ماسي ! ماسي.“

سئو کي ڀيڻ جي جسم تي ڪوبه ڦٽ يا ڌڪ نظر نه آيو. نگان ٺيڪ پئي چيو. هوءَ رڳو ڌماڪن جي دهشت کان بت بڻجي وئي هئي. سئو زور سان سندس سينو مهٽڻ لڳي، پر هوءَ تڏهن به سامت ۾ نه آئي. هيءَ ڦلڙي ٿي سئو جي ٻانهن تي ليٽي پئي هئي، سندس وار کُلي ويا هئا ۽ زمين کي ڇُهي رهياهئا، هنن هن لاءِ اهڙيءَ ريت بتي باري جهڙيءَ ريت هن بَي لاءِ ٻاري هئي. ان جي جهڪي زرد روشنيءَ ۾ سندس منهن اڇو پئي ڏيکاريو. سندس ڀرون ڪجهه تاڻيل هيون، چپ ائين کليل هيس ڄڻ ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪدم چُپ ٿي وئي هجي. سئو جو ساهه ڇڏائي ويو. هن کي لڳي رهيو هو ته هوءَ ڪي ورهيه اڳ واري ڪوين کي گود ۾ جهليو ويٺي هئي. جڏهن هوءَ ننڍڙي هئي ۽ سئو کيس لوليون ڏئي ٺپي ٺپي ننڊ ڪرائيندي هئي. سندس پياري ننڍڙي ڀيڻ، جنهن کي پڻس به رڳو هڪ دفعو ڏسي سگهيو هو، جڏهن کيس ڇاڙتا فوجي ٽڪر ڏانهن گولي هڻي مارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا، ۽ سندن گهر اڳيان لنگهيا هئا. ڪيترائي دفعا سئو هن کي ڪڇ تي کڻي ڏاڪڻيون لٿي چڙهي هئي ۽ انبن جي باغ ۾ گهمي هئي. جڏهن ڪوين ڪجهه وڏيري ٿي ته سئو ساڻس کيڏڻ کي ترجيح ڏيندي هئي. هوءَ پنهنجي شيءَ جو وڏو حصو ڪوين لاءِ بچائي رکندي هئي ۽ هردم مٺو انب کيس ئي ڏيندي هئي. ۽ اڄ اها مرڻينگ حالت ۾ سندس ڪڇ ۾ پئي هئي. سئو پاڻ تي ڦٽڪار وجهڻ لڳي ته هن پاڻي ورهائڻ جو پنهنجو ڪم هن کي ڪرڻ لاءِ ڇو چيو هو.

ٿئي، ڪوين جي ڄنگهن کي چنبڙي اوڇنگارون ڏئي رهي هئي، ۽ سندس منهن ڳوڙهن جي ٻوڏ ۾ ٻڏي چڪو هو. ڪوين ساهه کنيو پئي ۽ سندس دل هلي پئي. سئو جنوني ٿي کيس مالش ڪندي رهي. اوچتو ڪوين جو سڄو سرير تڙڦي اٿيو، اکين جون پمبڙيون ڇنڀيائين ۽ پوءِ اڌ اکيون کوليائين. خوشي وچان سئو جي رڙ نڪري وئي، ”اکيون کولي ٿي ! ٺيڪ آ.“ ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ ڇٽي. ”ڪوين ! ڏس من، مان ويٺي آهيان!“

ڇوڪريءَ جون اکيون وڌيڪ کليون. هن ڀيڻ کي ڏٺو ۽ سڃاتو ۽ پوءِ ٻين ڏانهن خالي اکين سان نهارڻ لڳي، ڄڻ کين سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. پوءِ وري ٻوٽي ڇڏيائين، ڄڻ ان پل سمهڻ چاهيندي هجي.

ڊڄي، سئو پنهنجي ڀيڻ جو منهن مٿي ڪيو. پر سندس چپن تي مرڪ ڏسي هن جو ڀوُ ڀولو لهي ويو، ڪوين پوءِ وري اکيون کوليون، هن ڀيري هوءَ بلڪل هوش ۾ هئي. ”مان ڪٿي آهيان، سئو؟“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.

”غار ۾ ٻيو ڪٿي، ڪجهه به ياد نٿو اچي ڇا، ڪوين؟“

”اڙي، ها!“ ڪوين اٿي ويٺي ۽ پنهنجي بت کي چڱيءَ طرح سڄو ڇهي ڏٺائين، ”ڪٿي ڌڪ لڳو اٿم؟“

”توکي ڪوبه  ڌڪ ڪونه لڳو آهي.“

”نه؟ مان ته سمجهيو هو ته ڪو بم جو ٽڪر لڳو اٿم، ۽ پاڻيِءَ جا دٻا؟“ پوءِ هن هٿ ڇاتيءَ تي رکيا. ”هت سور پيو ٿئيم.“

هوءَ سئو جي ٻانهن ۾ اهلي پئي، ”ڌماڪن جو اثر اٿئي.....اٽڪل هزار کن ته هئا، سوچ ته سهي! اسان جا ڀاڳ آهن جو تون جيئري آهين.“

ڪوين ڀيڻ ڏانهن نهاريو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اڃا بيٺا آهن ڇا؟“

”هائو! پر اندر نه اچي سگهيا.“

”مان بيهوش ٿي وئي هيس. ها نه ؟ گهڻو وقت رهيس ڇا ؟ ۽ مون کي هتي ڪنهن آندو ؟“

نام نهو وچ ۾ ٽپڪي، ”پندرهن منٽ بي سرت هئينءَ مٺڙي ! توکي هت ڪنهن آندو ؟ ڀلا تنهنجي نگان کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي !“

”ڏس نه ! مون کي ته ڪجهه به ياد نه آهي.“ ڪوين وائڙي ٿيندي چيو.

”هوندو. هر ڪو ماڻهو پٺتي هٽي آيو. پر تون پاسي واري سوراخ وٽ پئي هئينءَ. جڏهن پتو پيو ته تون نه موٽي آهين ته نگان جان جو کم ۾ وجهي وڃي توکي کڻي آيو. ڀاڳ هيئي جو بچي وئينءَ نه ته هينئر اسان وٽ نه هجين ها !“

ڪوين جي مرڪ ۽ رنگت وري موٽي آيون. ڳلن تان موت جي هيڊاڻ گم ٿي وئي، ۽ هو اڃا هوريان هوريان گلابي پئي ٿيندا ويا. هن جي مُرڪ ۾ شرارت جهلڪيون ڏيڻ لڳي، ڄڻ کين چئي رهي هجي، ”مان ته مسخري پئي ڪئي. توهان سوچي ئي ڪيئن ٿا سگهو ته ڪو مان مرنديس ؟“ سڀني کي ڏيکارڻ لاءِ ته هوءَ چاڪ چوبند هئي، ڇوڪري اٿي ويٺي ۽ ڀيڻ جون ٻانهون هٽائي پري ڪيائين.

پرسئو وري کيس پڪڙي سمهاري ڇڏي. ٿئي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳي، ۽ اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تري آيس. ماڻس اٿي وئي ته هوءَ ٺهي ‎ٺڪي ماسيءَ جي ڀڪ ۾ ويهي رهي. سندس هٿ جهليائين ۽ ان تي پنهنجو هٿ پيار وچان گهمائڻ لڳي. ڪوين ڇڪي ويجهو آندس ۽ ڳوڙها اگهيائين. ”توبه ائين سمجهيو هو ڇا ته مان مري ويئي آهيان؟“

ٿئي رک رکاءَ جي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. پوءِ هوءَ پاڻ تاڻي ۽ سيٽي ليٽي پئي ۽ ٻانهون ۽ ڄنگهون کولي ڇڏيائين.

”تون هيئن ٿي وڻي هئين!“ هن ناٽڪي انداز ۾ چيو پوءِ هو يڪدم اٿي ويٺي، چانورن جي مٺن مان ڦلن جي مٺ ڀري ماسيءَ جي تريءَ تي رکيائين ۽ چيائين ،”آ شيءَ کاءُ.“

ڪوين خبرداريءَ سان هٿ مٿي کنيو ۽ چيو، ”هيءَ ته ٿوري آ! ان کي ڏند ئي ٻه لڳندا.“

”بچي ئي رڳو اها آهي.“ ٿئي شرم وچان چيو.

”مٺڙي مان ته چرچا پئي ڪيئي، مون کي نه کپي. آ، تون کاءُ! اها کاءُ ته ٻي به ڏيندي مانءِ.“

پرڪوين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي. ”وات کول “ هن حڪم ڪيو ۽ ڪجهه داڻا سندس وات ۾ وڌا. ڪوين داڻا چٻاڙڻ لڳي ۽ ڪوين گذريل تي سوچڻ لڳي. غار جي لنگهه وٽان ظاهر ٿيل دشمنن جون شڪليون. ٽوئي جنهن کيس ڪيرايو. ڪن ٻوڙا ڪندڙ ڌماڪا. ان وقت تائين به هوءَ هوش ۾ هئي. هن نگان کي پٺتي هٽڻ جا حڪم ڪندي به ٻڌو هو . شايد ان کان پوءِ... هاڻي هن کي ياد اچي ويو. هن پاڻ کي آٿت ڏني، ”اڇا، ته مرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي... معني ته ان کان پوءِ ڪجهه به محسوس نه ڪبو آهي.“ نام نهو جا لفظ ياد ڪري هن جي اندر ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. نگان ئي هن کي کڻي اچي سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچايو هو. ”هن کي ڀوُ هو ته متان مان مري وڃان، هو هينئر دشمن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ۽ شايد سڌ ئي نه هونديس ته مان سامت ۾ آئي آهيان.“

بمن جا ڌماڪا بند ٿي چڪا هئا. رڳو رکي رکي ٿامپسن جي هلڻ جو آواز يا ڪڏهن ڪڏهن ڪو هٿ بم جو ڌماڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ڪوين اوچتو اٿي بيٺي. پير پٽ تي پوڻ سان ئي سيني مان سور جي سٽ اڀري ويس. سئو اچي پهتي ۽ چيائينس،

”ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڇا ٿيو؟“

”ڪجهه به ناهي....رڳو سيني ۾ ٿورو سور اٿم.“

”آرام ڪر.....ڪاڏي چرپر نه....“

سئو وري ڀيڻ کي سمهاري ڇڏيو. ”مان هينئر لنگهه وٽان پئي اچان. هرڪو صحيح سلامت آهي. هنن دشمن جا ٽي حملا ناڪام ڪري ڇڏيا آهن. تنهنجي سُرت ۾ اچڻ جو ٻڌي نگان ڏاڍو سرهو ٿيو آهي. چيائين پئي ته ڀاڳ زورهئا جو توکي اتان کڻي آيو. ڇو جو ويرم بعد دشمن وري حملو ڪري ڏنو هو.“

”پر گولين جا آواز ته اڃا ٻڌجن پيا.“

”اهي اسان جا همراهه انهن دشمنن تي هلائي رهيا آهن. جي پنهنجي مئلن جا مڙهه کڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ڪوين جي ڳڻتي لهي وئي. هن جون اکيون ٽڪرن ۽ ڇپن جي وٿين مان ايندڙ جهڪي ۽ مردار روشنيءَ ڏي کڄي ويون. هوءَ ڪنائڻ لڳي ته فائرنگ بند ٿي يا نه، ماٺ. سواءِ ويجهو ايندڙ ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ آوازن جي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.

نگان اچي ويو. هو ڪي گهڙيون بيٺو، پنهنجي مڱ کي ڏسندو رهيو ۽ هن کي ان جي ڪابه خبر نه پئي. سندس مُنهن ڪوسائل ۽ ٽڪل هو، ۽ نرڙ تا ڪريل پگهر جا ڦڙا سندس گڊيءَ جي ڪالر تي ڪري رهيا هئا. ڪوين جي ڇت مان ڪرندڙ روشنيءَ کي ائين تڪڻ تي هو هلڪي کل کليو. ۽ هن جي پيرن کي ورتائين. ڪوين ڇرڪ ڀري ڄنگهه مٿي سوري ورتي. نگان ٽپ ڏئي سندس اڳيان اچي بيٺو. ڪوين اٿي ويٺي ڄڻ اسپرنگ پيل هيس ۽ هن کي ٻانهن ۾ جڪڙي ورتائين.

”چريا! مون کي ته ڊيڄاري ڇڏيئي.“

”۽ تون ! هوش ۾ آئينءَ ته به چرچا پئي ڪيئي. مڃيو مانءِ“

”تون ته مون کي اتي اڪيلو ڇڏي پٺتي هٽي آئين نه .....“

نگان هٿ پٿر جي ڪنارن تي رکي سندس ڀر ۾ ٿي ويٺو. سندس بندوق جو ڪنداڪ پٿر سان ٽڪرجي کڙڪو ڪري رهيو هو. هن بندوق لاهي هيٺ رکي ان کڙڪي مان جند ڇڏائي ۽ ڀڙڪو ڪري ننڍڙي ٿئي ڏانهن سڌي ڪئي. ڇوڪري خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

نگان پنهنجي مڱ ڏي تڪيندو رهيو. ”سچي پچي مان توکي مئو سمجهيو هو.“

”ناممڪن، تون نه هجين ها ته مان پاڻ هٿ پير هڻي، هٿوراڻيون ڏيئي اندر سرڪي اچان ها.“

”آها!مان نه هجان ها ته دشمن ائين کڻي وڃئي هاجئين ڍير تان پٽاٽو! ناشڪري !“

”ٺيڪ آ، ته پوءِ هن ناشڪري کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڇو نه ڏنئي؟ مون کي موٽائڻ لاءِ جتن ڇو ڪيئي؟“

ڪجهه چوڻ بجاءِ نگان مرڪيو. ٿئي جا وچ ۾ ويٺي هئي وڌيڪ سُسي سڪي وئي، ته جيئن ماڙهنس جو مٿو ماڙهنس سان ٽڪرائجي.

”توکي کڻي اچڻ کان پوءِ ته بمن جا ڍير لڳي ويا. هڪ ماڻهو مون ماري وڌو. کيس ريٽي رنگ جي پتلون پيل هئي. ٻه ماڻهو سندس لاش کڻڻ آيا ته انهن مان وري هڪ کي ڊئٽ نشانو بنايو. هينئر طوفان کان پوءِ واري سانت آهي. بارين ۽ هائي ٿيپ پهري تي آهن.“

نگان اکيون ٻوٽيون ڪوين اڃا به هن سان ڳالهائڻ چاهيو پي، پر ماٺ رهي. جهٽ پوءِ هو کونگهرا هڻڻ لڳو. ڪوين هن جو مٿو پنهنجي جسم کان ڌار ڪري مٿي ڪيو ته جيئن وچ ۾ ويٺل ٿئي سري نڪري وڃي. پوءِ هن پنهنجي ڪنڌ مان رومال لاهي تهه ڪري پٿر تي رکيو ۽ هن جو مٿو ڌيرج ۽ ڌيان سان ان تي رکيو. هن سندس نرڙ تي بيٺل موتيءَ جي داڻن جهڙو پگهر اگهيو ۽ کيس ستل تڪيندي رهي. هاڻي جڏهن هو کيس ڏسي نه پئي سگهيو ته سندس پيار ۽ پاٻوهه اٿلون ڏيڻ لڳو. سندس بت تي مٿي کان پيرن تائين صبح واري جنگ جا اهڃاڻ ڏسي هن جون اکيون ترٿي ويون. سندس ڪاري وڏين ٻانهن واري قميص ڪلهي وٽان ڦاٽل هئي. سندس جسم مان بارود جي تکي بوءِ پئي آئي. سندس ٺونٺين تي رهڙن ۽ وڍن جا انشان هئا، جي شايد کيس ان وقت پٿر تي رڙهڻ ۾ آيا هئا جڏهن کيس ڳولي رهيوهو. ڪوين پنهنجي ڀيڻ جي ٿيلهي مان ڳولهي ڦولهي مرڪيوري ڪروم جو پائوڊر هٿ ڪيو ۽ سندس ڦٽن تي ٻرڪيو.

هن اڃا پوري ملم پٽي به ڪونه ڪئي هئي ته ريڊيو هلڻ جو آواز آيو. ڪٿان هائي ٿيپ رڙ ڪئي، ”اچو! اچي چاچي هُو کي ٻڌو !“

خوشيءَ وچان رڙيون ڦهلجي ويون ۽ پوءِ تڪڙين تڪڙين وکن جا آواز.

”اٿي! نگان، اٿي!“ ڪوين سڏيو، سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هئي.

”ڇو.... ڇاهي؟“ ڇرڪ ڀري نگان پڇا ڪئي.

”چاچو هُو ريڊيو تان ڳالهائي پيو. جلدي ڪر!“

نگان ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بندوق کنيائين. ٿئي ڊوڙي سندس پٺيان اچي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وڌيون ۽ ڊڊيءَ تي چڙهي ويٺي. ڪوين ڇپ تان لهي پٽ تي آئي ۽ وک اوڏانهن وڌايائين. پٺيان نگان ۽ ئي هيس.

هائي ٿيپ سندس ساٿين سان گڏ، ٽرانزسٽر کنيو ان ڪنڊ طرف هليو جتي زخمي پيا هئا. هو بَي ۽ ٽام جي ڀرسان ٿي ويٺو ۽ آواز وڌايائين. هن صدر هُو جو آواز ٻڌو. سڀ ماٺ هئا، رڳو اهو چٽو ۽ چست آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو.

”اڄ1961ع واري سال جي پهرين ڏينهن تي، اتر ويٽنام اقتصادي بحاليءَ ۾ سوشلزم جي اڏاوت جا ست سال پورا ڪيا آهن، ۽ ڏکڻ مڙسيءَ ۽ بهادري واري ستن سالن جي جدوجهد مان لنگهي پار پيو آهي. آمريڪي سامراجين هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اسان جو ملڪ هڪ بيٺڪ ۾ تبديل ٿي وڃي. پر ڏکڻ ۾ اسان جي محب وطن ساٿين غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي سامراجين ۽ سندن ڪٺ پتلي ڊيم پسندن تباهيءَ ۽ ماتم جو ٻج پوکيو آهي.“ اوچتو سڏڪا شروع ٿيا. اها سئو هئي، ڪوين پاڻ تي وس رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر نيٺ اها به ڀرجي اٿلي پئي. ۽ جلد ئي جيئن جيئن صدر جو سٻاجهو ۽ پيارو آواز غار کي پُر ڪندو ويو ۽ سندن دلين ۾ هر لفظ چڀندو ويو، ته هر ڪنهن جون اکيون آليون ٿي ويون. هنن سندس لفظن ۾ غرق ٿي وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. تڏهن به هر سٽ هر جملو نون ڳوڙهن کي جنم ڏئي رهيو هو. هو روئڻ کان رهي به ڪيئن پئي سگهيا؟ هن جي ڳالهائڻ جو آواز ئي هنن لاءِ ڪافي هو. ڇو جو جنهن ويل هو ڳالهائي رهيو هو، ان مهل هان ڊئٽ جي ان گمنام ڪنڊ ۾ سندس ڀائيٽا ۽ ڀائيٽيون مشترڪه دشمن سان موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي رهيا هئا.

ننڍڙي ٽرانزسٽر رستي چاچي هوُ، هان ڊئٽ جي ان غار ۾ ويٺل هرهڪ جي دل سان رهاڻ ڪئي،”اسان جا ڏيڍ ڪروڙ ڏکڻ جا محب وطن ۽ جوڌا آمريڪي سامراجين ۽ سندس ڇاڙتن سان مڙسيءَ سان وڙهڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن. سندن ان جدوجهد ۾ سڄو اتر سندن ٻانهن ٻيلي ۽ سڄي دنيا جو ترقي پسند سندن همدرد آهي! اها جدوجهد سوڀ پٺيان سوڀ ماڻي رهي آهي. اتر جي عوام جون اکيون سدائين پنهنجن ڏکڻ وارن جوڌن ۽ جوانن ڏانهن ۽ مادر وطن ڏانهن هونديون !“

نگان، جنهن جي پٺيءَ تي ٿئي چنبڙي پئي هئي. ڄمي ويو، ڄڻ سندس پير زمين ۾ کُپي ويا هئا. هن جي سرير مان سيسراٽ نڪري ويو ۽ ڳيت نڙي ۾ اٽڪي پيس. ڪوين هن سان لڳي بيٺي. غار ۾ بيٺل هر هڪ ماڻهو هڪٻئي جي ويجهوسري آيو. ڇوڪريءَ جي هٿ مڱيندي جي هٿ کي زور سان پڪڙيو. ٿام پنهنجي هڪ، چاڪ چوبند ڄنگهه تي غار جي ڀت سان ٺيڪ ڏيئي بيٺو هو ۽ پٿر تي رکيل سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. بَي پنهنجي سڄي ٻانهن تي زور ڏيئي ۽ ٽيڪ ڏيئي مٿڀرو ٿي ويٺو هو. سئو سندس ڪلهن هيٺان پنهنجا ڪلها ڏئي کيس اَڌار ڏنو هو. سڀني جا منهن ڳوڙهن آلا ڪري ڇڏيا هئا.

(3)

ان شام جو پاڻي صفا کپي ويو. زخمين لاءِ شوروي ٺاهڻ واسطي به ڦڙو نه پچيو. هائي ٿيپ پنهنجو بچيل ڍُڪ ٻه پاڻي سئو کي ڏنو، هن رڳو هڪ ٻه ڍڪ ئي مس پيتا هئا. ان مثال جي پيروي ڪندي هر ڪنهن پنهنجو بچيل سچيل پاڻي سئو جي پيالي ۾ وڌو هو. پر ان هوندي به پيالو رڳو اڌ ٿيو هو. شورو ڏاڍو گهاٽو ٿي پئي ها. چلهه ڏانهن ويندي هن کي اهو آنو اڌ پاڻي ياد آيو جو هن پنهنجي ڌيءَ ٿئي لاءِ رکيو هو. ” اهو به ملي ويو ته بي ۽ ٿام لاءِ چڱو شورو ٺهي ويندو.“ هن سوچيو ۽ مڙي .

ٿئي اُتي ڪونه هئي. پيالو پٿر تي رکي هن سندس گلاس کنيو. هوءَ هٻڪي، ”ٿئي ڇا پيئندي؟“ هن پاڻ کان پڇيو. هڪ پاسي ڦٽيل هئا ٻئي پاسي سندس ڌيءَ ٿئي. آخرڪار هن گلاس پيالي ۾ اوتيو ۽ چُلهه طرف هلي وئي. هن ٿورا چانور ديڳڙي ۾ وڌا، ۽ ڏک ٿيس ته ڌوئي به نه پئي سگهي. هوءَ شوروو تيار ڪرڻ بيٺي ته پاڻيءَ جو مسئلو به ڳتيل ۽ ڏکيو ٿيندو نظر آيس. ان جي ڳڻتي ته سڀني کي هئي پر سئو سڀني کان وڌيڪ پريشان هئي. اهو سندس فطرت ۽ سڀاءُ جو هڪ حصو هو. ات کاڌ خوراڪ يا پاڻيءَ جي ذميداري هن تي نه هئي پر گهر ۾ توڙي ساٿين ۾ هوءَ هميشه پنهنجو حصو به ٻين کي ڏيندي هئي. هوءَ انهن مان نه هئي جو رڳو پنهنجين خواهشن جي پورائي تي خوش ٿيندا آهن، پر هن جي خوشي سندس ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ساٿين جي خوش ٿيڻ ۾ هئي. جڏهن هوءَ ماءُ ٿي ته هر شيءَ پنهنجي ننڍڙيءَ لاءِ رکندي هئي. جڏهن کان هو غار ۾ آيا هئا ته سڀني کان گهٽ ۾ گهٽ پاڻي هن پيتو هو ۽ ان جي ڪنهن کي به سڌ ڪانه هئي. ڪالهه منجهند کان ته هن رڳو هڪ ڍڪ ڀريوهو . اهو ان ڪري نه ته ڪو هن کي اڃ ئي ڪانه هئي. چانورن جي ڦلن جي مٺ کائڻ کان پوءِ ته هن کي ڇتي اُڃ لڳي هئي. هن کي گوج نديءَ جي اوجل ڌارا ياد اچي وئي.

ڇا ٿِئي، جي رات جي وانداهيءَ ۾ هو پاڻي نيڻ وڃن؟ اهو ڪري پيو سگهجي. نيٺ ته دشمن ڪو سڄي نديءَ تي ته قبضو ڪيو ڪونه ويٺو هوندو.

شوروو ٻڙڪڻ لڳو ته هن لاهي ٻن پيالن ۾ اوتيو. هڪ ٿام کي ڏيئي ٻيو پاڻ چمچي سان بَي کي کارائڻ ويٺي. هن سندس چپ اُگهيا ته بَي چيو، ”ٿورو پاڻي ته ڏينم.“ سئو هن کي حقيقت بيان ڪئي. ڇوڪري اکيون ڇنڀيون ۽ ماٺ ڪري پيو. ڏسڻ ۾ پئي آيو ته هن سئو تي پورو پورو اعتبار نه ڪيو هو. سئو سندس وارن ۾ هٿ گهمايو، ”مٺڙا، هڪ ڍڪ به ڪونه بچيو آهي. پر اڄ رات مان وڃي تنهنجي لاءِ کڻي اينديس.“

”کڻي آئينءَ ته اچڻ سان ئي مون کي ٿورو پياريندينءَ نه، ادي؟“

”انجام آ.“

هوءَ وڃڻ لڳي ته بَي هٿ کڻي ليلڙايو، ”هلي نه وڃ، هتي ويٺي هج. اڪيلو ته دم ٿو گهٽجيم.“ سئو سندس چيو مڃيو. اکيون ڇت ۾ اٽڪائي بَي چيو، ”اڄ منجهند جو چاچي هُو کي ٻڌندي، مون کي محسوس ٿيو ته هو سچ چئي رهيو هو. مان اهو به سوچيو ته هن کي منهنجي ٻانهن ڪٽجڻ جي به سڌ آهي. سڀ سچ آ. کيس ٻڌي مون کي پڪ ٿي وئي آهي ته هو ڄاڻي ٿو ته اسان هٿ موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي رهيا آهيون ۽ اسان وٽ پاڻي به نه....“

سو بَي به بلڪل ائين سوچيو جيئن هوءَ سوچي رهي رهي. هن سندس هٿ ورتو. ”بلڪل، چاچي هوُ کي اسان جي جدوجهد ۾ جوکم جاکوڙن جي پوري پوري خبر آهي. هن چيو نه پئي ته ڏکن مڙسيءَ واري جدوجهد جا ست سال گهاريا آهن، ياد اٿئي نه؟ هن کي سڀ خبر آ، سچي.“ ”تو محسوس ڪيو ته سندس آواز ڪجهه ڏڪي رهيو هو؟“ بَي چيو ”کيس ٻڌي مون پاڻ کي چيو ته ٻانهن وڃائڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي. پر ڪاوڙ رڳو اها اٿم ته ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، پهرين لڙائيءَ ۾ ئي هٿ هليو ويم....“

”فڪر نه ڪر، ڪيترا هڪ هٿيا به وڙهندا آهن.“

”چاڪ ٿيڻ بعد به مان گوريلي رهڻ جو ئي مطالبو ڪندس جي ملڪ جي اتحاد تائين جيئرو رهيم ته چاچي هوُ ڏي خط لکندس. لکندومانس ته فلاڻي تاريخ تي، فلاڻي وقت تي مان پنهنجي ٻانهن ڪپائي هئي ۽ هان ڊئٽ جي غار ۾ سندس ريڊئي تي تقرير ٻڌي هئي......چئو، اهي سڀ ڳالهيون لکانس نه ؟“

سئو، بَي جي ويچارن تي وائڙي ٿي وئي. کيس جواب ڏيڻ کان اڳ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. ”بلڪل توکي لکڻ گهرجي. پر اتحاد واري ڏينهن تائين ڇو ٿو ترسين؟ جيئن ئي چاڪ ٿين ته لکجان.“

بي سرهو ٿي ويو، پر وري منهن تي گنڀيرتا گهيرو ڪري ويس. ”نه، ائين نه ٿي سگهندو مان ان ڏي لکڻ جي لائق ئي نه آهيان. تون لکجانءِ.“

”ڇا ٿو ڳالهائين ! تون بلڪل ان جي لائق آهين.“

”نه ! نه! اهو ناممڪن آهي.“ بي اکيون کڻي پنهنجي مٿان غار جي وٿيءَ ڏانهن نهاريو. سندس خيالن کي سمجهڻ ڏکيو هو. ڇا هن صدر هُو ڏانهن لکڻ چاهيو پئي؟ پر اهو ظاهر هو ته پنهنجي ان خيال ۽ سئو جي ڳالهه تي هو خوش ڏاڍو هو.

روشني گهٽجي وئي. ٻاهر ستت ئي رات پوڻ واري هئي. سئو کي هينئر بي جو چهرو چٽو نظر نه پئي آيو.هوءَ رڳو هن جي ساهه جو آواز ۽ هٿ جي گرمي محسوس ڪري رهي هئي. هن موم بتي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته بَي چيس،”ضروري نه آهي، موم بتي زيان نه ڪر.“

سئو چپ ڪري ويهي رهي، هوءَ وڌندڙ پاڇن هيٺان، پٿر کي ٽيڪ ڏئي، گوڏا اُڀا ڪيو ويٺي هئي. سندس وار ڪلهن تان ڪري بَي واري پٿر تي پئجي رهيا هئا. سندس چوٽي کليل هئي. اڳيان ڪريل وارن کي هوءَ هٽائي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.سندس وار گهاٽا، ڪارا ۽ پَٽ جهڙا نرم هئا. جڏهن به هوءَ چوٽي ڪندي هئي ته ان کي ڪو وقت هٿ لايو ويٺي هوندي هئي. هن کي ان ۾ به ساهه ۽ حياتي نظر ايندي هئي. ان کي هٿ لائي هوءَ محسوس ڪندي هئي ته اها ساڻس خاص لهجي ۾ ڳالهائي رهي هئي. ائين ڪرڻ سان اها کيس سندس مڙس جي ياد ڏياريندي هئي جو ان سان پيار ڪندو ۽ ڳالهائيندو هو. اها کيس سندس ماءُ به ياد ڏياريندي هئي جا مٿس ان کي ڌوئڻ ويل پاڻي وجهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڇڙٻون ڏيندي مهٽين ! ڏاڍيان !“ کيس پنهنجي ماءُ ياد اچي وئي جنهن کي هو گهر ۾ اڪيلو ڇڏي آيا هئا. هن به چوٽي پوري ڪئي ته ڪوين کي سڏيندو ٻڌائين. موم بتي ۽ لائيٽر بَي کي ڏئي هوءَ اوڏانهن وئي. ڪوين ٻانهون سندس ڳلي ۾ وجهي چيو، ”ٽرانگ ۽ بارين غارکان ٻاهر ويا آهن، جاسوسي ڪرڻ ۽ دشمن جي سڌسماءُ وٺڻ.“

”ڪڏهن؟“

”اصلي هينئر.“

ٿئي ڪٿي آهي؟“

”هائي ٿيپ وٽ.“

”ٻئي ڀينئر لنگهه ڏانهن ويون.

”تون آهين ڇا، سئو؟“

”هائو.“

”ممي“ ٿئي چيو.

”اتي ويهه پٽ، ٿئي. مان ڪو پري ڪونه ٿي وڃان. ادا، ٻڌاءِ ته اسان کي گهڻو وقت گهيري ۾ رکندا ڇا؟“

”اڃا ته سندن پٺتي هٽڻ جو ڪو آثار ئي نظر نٿو اچي. اڄ شام جو ڊئٽ مٿي جبل تي چڙهي ويو هو ۽ سندن چُر پُر جاچيائين. هو گاهه جا کرا ڪٺا ڪري رهيا آهن. خبر نه آهي ته الائي ڇا ڪندا.“

”شايد اسان کي دونهاٽي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا.“

ڪوين چيو.

”ٿي سگهي ٿو، بهرحال گذريل ٻن ڏينهن ۾ سندن ڏيکاريل قوت ۽ ارادن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اسان کي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ غار ۾ ويهن ڄڻن کي ماري ڇڏڻ،_هنن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه يا ڪارنامو نه آهي. پر هنن جو مقصد ماڻهن جا حوصلا پست ڪرڻ آهي، نه رڳو هتي پر جٿي ڪٿي. ان ڪري سندن اها نيت برباد ڪرڻ وڏي اهميت وارو ڪم ٿيندو. سوڀ سڻائي ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ اسان پاڻي هٿ ڪري سگهون، ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهو سياسي جدوجهد تيز ڪري ڇڏين. دشمن جي ڪمزوري اها آهي ته هو هت ڪو هميشه ترسي نه سگهندو، ۽ اسان لاءِ خراب ڳالهه اها آهي جو ڳوٺ کان ڪٽيل آهيون.“

”اسان جا ماڻهو به کين آرام سان ويهڻ ڪونه ڏيندا،“

ڪوين چيو. ”ٽام چان، سندس زال ۽ ٻيا ڳوٺ ۾ ترسيل ساٿي سمجهن ٿا ته کين ڇا ڪرڻ گهرجي. باقي رهيو پاڻيءَ جو سوال، سو ڏسون ته ٽرانگ ۽ بارين ڪهڙي خبر چار ٿا آڻين، جي نديءَ تي وڃڻ ممڪن آهي ته اسين عورتون وڃي پاڻي کڻي اينديوسين. مٽن کڻڻ تي اسان وڌيڪ هريل آهيون.“

هائي ٿيپ پنهنجو ريديو ٽرانزسٽر چالو ڪيو ۽ هنوئي اسٽيشن لڳائي. يڪتاري جا سُر اچي رهيا هئا. پهريون سُر هو

”هين لوانگ جي ڪنارن تي.“ ائين پئي لڳو  ڄڻ سازندن جي سڄي دل آڱرين رستي يڪتاري جي تار تي اچي ڪري هئي، ۽ هر تانَ ۾ سندس دل ڌڙڪي رهي هئي. رکي رکي ائين پئي لڳو ڄڻ سندس ساهه بند ٿي ويو هو، اڪيلو آواز پئي آيو. اهو ماٺ پئي ٿيو ته  وري شروع ڪرڻ ڪاڻ ئي، ۽ جڏهن وري ان سان هڪ ڇوڪريءَ به ڳائڻ شروع ڪيو ته عجيب ماحول ٿي ويو.

ڪوين پنهنجي ڪلهي تي سئو جي کاڏي جو ۽ چيلهه ۾ ٻانهن جو نرم ڇهاءُ محسوس ڪيو. راڳ ۾ زال ۽ مڙس جي ٻه پاسي پيار جو ذڪر هو، ڄڻ اهو هن لاءِ ئي چيو ويو هو. ڪوين ۽ سئو هڪ ڀيرو ان جاٻول لکي ورتا هئا، پر ڪوين پنهنجي ڀيڻ کي اهو ڳائيندو ڪڏهن ڪونه ٻڌو هو. راڳ پورو ٿيوته جهٽ لاءِ سئو چري پري ڪونه. پوءِ سئو ڀيڻ جي ڪلهي تان چري ۽ ٿئي کي چيائين، ”اچ ته سمهون هلي پٽ.“ ٿئي چئي وان ٻار جيان ماءُ جي ڪڍ لڳي.”هو اچن ته مون کي سڏجو، مان ٿئي کي رڳو سمهاري اچان.“ هوءَ اندر گهڙي وئي. ٿئي سندس پٺيءَ تي سوار هئي ۽ سندس ڪنڌ هن جي ڪلهي تي هو. سمهي پئينءَ ڇا، ٿئي.؟“ پر جواب ۾ رڳو ننڍڙيءَ سان هلڻ لڳي ته جيئن هن جي ننڊ نه ڦٽي، هنڌ تي پڄي هن اهڙي آرام ۽ آهستگي سان ٿئي کي اتي ليٽايو جو خبر ئي ڪانه پيس ۽ ستي ئي رهي. جبلت طور هن ماءُ کي ، پاڻ کان ڌار ٿيڻ کان اڳ زور سان پڪڙيو. سئو پنهنجي ڪنڌ وارو رومال لاهي ڌيءَ جي مٿان واڇڻ ڪيو. پر ٿڌ ڪجهه وڌي رهي هئي، سو هن پنهنجي گڊي به لاهي ٿئي، جي مٿان وڌي. ننڍين ٻانهن واري ريشمي صدري سان بيهي هن سوچيو. ”پاڻي آڻڻ لاءِ اهي ڪپڙا مناسب آهن.“ هن ٿئي جي پٺي ٺپي، ٽارچ کنئين ۽ رواني ٿي. هن کي ٿئي پويان سڏ به نه ڪيو، ته به الائجي ڇو هوءَ وري موٽي، ڄڻ ڪا قوت کيس ائين ڪرڻ لاءِ چئي رهي هئي. پوئتي موٽي هن رڳو جُهڪي ڌيءَ جي ڌڪ ڌڪ ۽ ساهه جو آواز محسوس ڪيو۽ ٻڌو پوءِ ڄڻ خاطري ڪري وري موٽي.

همراهه اڃانه آيا هئا.

”سمهي پئي؟“ هائي ٿيپ چيو.

”هائو.“

”ٻار به عجيب آهن ! جنگ به کين سمهڻ کان نٿي روڪي سگهي.“

ڪوين کي آنڌ مانڌ ۽ بي چيني هئي. ”موٽن ڇو نٿا؟ ڪهڙي خبر ڪجهه ٿيو ته نه اٿن؟“

هوءَ پٿر تي ويهي رهي. ان مهل هنن کي ٽرانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”هائي ٿيپ ! ڪٿي آهين؟“

”هتي، هيڏي!“

سيل جو سيڪريٽري ٽرانگ ۽ بارين کي آجيان ڪرڻ لاءِ اٿيو. جي سوڙهي لنگهه کان اچي رهيا هئا. ”ڇا ٿيو؟“ هن چيو.

”پاڻي کڻي اچڻ لاءِ تيار ٿيو.“ بارين چيو. ”هنن جي ڇاوڻي پرينءَ ڀر تي آهي. هن ڀر ڪجهه به ڪونهي.“

”پڪ اٿو؟“

”بلڪل پڪ. پر اسان کي يڪدم هلڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته ڪا مٽ سٽ ٿي وڃي.“

”ٺيڪ آ، هلو ته هلون.“ سئو چيو، ”مٽيون اُتي آهن نه ڪوين؟“

”هائو.“

”تون نه وڃين سگهندينءَ، ڪوين.“ هائي ٿيپ چيو. تون اڃا ڪمزور آهين.“

”پر مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان،“ ڇوڪريءَ احتجاج ڪيو.

”تون هتي رهندينءَ !“ بارين پڪي ارادي سان چيو.

”ٺيڪ ٿا چون، ڪوين. تون هتي ترس. وڃ، وڃي نام نهو کي موڪل ته مون سان هلي.“ سئو چيو.

مرضيءَ خلاف ڇوڪريءَ چيو مڃيو. ٿوري جهٽ کان پوءِ هوءَ نام نهو سان گڏ موٽي.

بارين ٻنهي عورتن کي چتاءُ ڏنو، ”بلڪل ماٺ. توهان اسان جي پويان ٻليءَ جيان چپ چاپ اچو.سمجهيو؟“

ٽرانگ ڪلهي سان ٽيڪ ڏياري پنهنجي ٿامپسن سڌي ڪئي. ”هلو.“

”ٻنهي عورتن پنهنجين پتلونن جا پاچا پنين تائين ڪنجيا، مٽيون مٿي تي رکيون ۽ مردن جي پويان لڳي پيون، لنگهه وٽ بيٺل نگان ۽ ٻين پهريدارن کين خبر دار ٿيڻ جي هدايت ڪئي.

 بارود جي ڌپ سئو جو نڪ ساڙي ڇڏيو هو. پر ٻاهر نڪري هن غار جي گهٽيل ماحول کان آزاد کلي هوا ۾ هڪ ڊگهو ۽ اونهو ساهه کنيو. چارئي جهڪي جهڪي کليل ميدان مان هلڻ لڳا. سئو سڀني جي پويان هئي. ناريلن جي جهڳٽي وٽ پهچي هنن وک ڍري ڪئي ۽ اوندهه ۾ هوريان هوريان خبرداريءَ سان هلڻ لڳا. اوچتو ٽارچ جي روشني اوندهه کي چيري هڪ ليڪ ٺاهي وئي. هو ماٺ ۾ اوٽ وٺي بيٺا. کانئن ڪو اٺ نو فوٽ اڳيان سپاهين جوهڪ جٿو لنگهي ويو. روشني پري ٿي ويئي. پر سندن پيرن هيٺان اچي لتاڙجندڙ سڪل پنن جوآواز اڃا اچي رهيو هو. ۽ پوءِ هوريان هوريان اهو به گم ٿي ويو. هنن نديءَ طرف هلڻ شروع ڪيو. پاڻيءَ تي پهچڻ لاءِ هنن کي رائي ۽ بجري وارو ڪنارو ٽپڻو هو. ٽرانگ ۽ بارين بندوقون تيار ڪري ٻنهي عورتن کي هيٺ وڃڻ لاءِ چيو. سئو ۽ نام نهو تڪڙو پاڻيءَ طرف وڌيون. پهريائين نام نهو اتي پهچي مَٽي پاڻيءَ ۾ ٽٻائي. سئو به تڪڙ ۾ ساڻس شامل ٿي. هوءَ ٻي ڀر تان دشمن جو آواز ٻڌي پئي سگهي. تنبن ۾ ويٺا هو ٽاس کيڏي ۽ زور سان ڳالهائي ٻولهائي رهيا هئا. سئو ڌيرج سان پنهنجي مٽي ڀري. سندس ڀرسان بيهي نام نهو ٻڪ سان پاڻي پيتو، پوءِ مٽي مٿي تي رکي ۽ ڪناري تي چڙهي وئي. سئو به ڪجهه ڍڪ پاڻي پيئڻ چاهيو پئي، پر ائين نه ڪيائين ۽ نام نهو جي ڪڍ لڳي پئي، ناريل جي جهڳٽن وٽ پهچي سئو دل ۾ چيو، ”سڀ خير جي گذري.“

ٽرانگ ۽ بارين سندن اڳيان هئا. سئوپويان پويان هٿ اڳيان لوڏيندي پئي هلي. هن ڪيترائي دفعا ٿاٻا کاڌا ۽ املهه پاڻي هارجڻ کان بچي ويو. هڪ دفعو وري هن ڪنهن ڪاٺيءَ تان ٿاٻو کاڌو. هن مٽي لاهي هيٺ رکي ۽ ڪجهه منٽ ناريل جا پن ڳولڻ ۾ وڃايائين ته جيئن اهي مٽي تي رکي ڇاڇولجڻ کان بچائي. هن ٻيهر مٽي کڻي اڃا مٿي تي رکي مس ته ڪيتريون ئي ٽارچون اچي سندس اکين تي پيون. هڪ سپاهيءَ کيس چڳن کان ڇڪي پٽ تي ڪيرائي وڌو. چئن سپاهين مٿس جُلهه ڪئي ۽ کيس سوگهو ڪري وڌو. سيڪنڊ ليفٽينيٽ با، هٿ ۾ بندوق کنيو، ان اوپري ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ وڌيو جنهن کي سندس سپاهي ٻڌي رهيا هئا.

”جيڪو ماڻهو اڳ هان ڊئٽ ۾ رهيو هجي، سو اڳتي وڌي اچي،“ هن حڪم ڪيو.

هڪ فوجي اڳتي وڌي آيو_نظر پوڻ سان ئي هن رڙ ڪئي، ”اڙي، هيءَ ته سئو آهي.“

”تون سڃاڻينس ٿو؟“

”هائو، پڪي ويٽ ڪانگ آ.“

سٽ سان ليفٽينيٽ سندس صدريءَ کان وٺي ڇڪيو ۽ ٻئي هٿ سان کاڏي وٺي منهن مٿي ڪري پڇيس، ” اهو نالو اٿي؟“

”هائو.“

”ٻيو ڪير هيئي؟“

”گهڻائي هئا پر هن مهل تائين اهي غار ۾ پهچي چڪا هوندا.“

”پاڻي سميت؟“

”ٻيو تڏهن !“

جمعدار کل ۾ اچي ڇٽو. ”سٺو ! ڏاڍو سٺو !“ سئو ڪجهه سمجهڻ ڌاران هوڏانهن تڪيندي رهي. عملدار پنهنجا هٿ پتلون جي گيدن ۾ وڌا، ۽ چٻي چٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اسان پاڻيءَ ۾ زهر ملايو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org