”ڇا چوان؟“
”اھو جو ڪجھه مون ڪجھه وقت اڳ ٻڌايو ھيئي. پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪن.
بس!“
”پھريائين منھنجون ھي رسيون ته لاھيو.“
”نه پھريائين ڳالھاءِ.“
سئو وڌيڪ ڪجھه نه چيو.ھن ھڪ وک وڌي. پوءِ وڄ جيان ھوءَ سيڪنڊ
ليفٽينيٽ سان وڃي ٽڪري ۽ سٽ ڏئي سندس ھٿ مان
مائڪروفون ڪيرائي وڌو، ۽ لت ھڻي پري ٿڏي ڇڏيو. اھو
زمين تي رڙھندو ويو. ڪمانڊر کان اھڙي چيخ نڪتي ڄڻ
ڪنھن گهٽو ڏنو ھوس، ھن اڳتي وڌي سئو تي وار ڪرڻ
لاءِ پنھنجي ٻانھن مٿي ڪئي، ماتا ساوُ وچ ۾ ٽپي
پئي. عملدار ھن کي پٽ تي ڪيرايو ۽ رڙ ڪئي.”زام! ھن
ڪميڻي ڪسبڻ جو ڪنڌ لاھي ڇڏ! ان ھجوم کي ڀڄايو ۽
پري ڌڪيو!“
زام پنھنجي سنگين ڪڍي ھن ڏانھن ائين الريو جيئن بگهڙ شڪار تي
وار ڪندو آھي، پنھنجي پٽيءَ ۾ لٽڪيل زخمي ٻانھن
سيني سان لائي، ھن ٻئي ھٿ سان سئوُ جي ڪنڌ تي
ڀرپور وار ڪيو. پر ڪنڌ نه ڪپيو. ھن خار ۾ اچي ٻه
وڌيڪ وار ڪيا، پر سئو ٿڙي اڳنا جھڪي وئي، ۽ ڪنڌ تي
نھنڊ به نه آيس. زام بيھي رھيو، ھو ٿڪل ڪتي جيان
سھڪي رھيو ھو، ۽ عجب وچان پنھنجي سنگين ڏانھن ڏسڻ
لڳو. آمريڪا جي ٺھيل ۽ تيز چمڪندڙ، پر سئو جا وار
ڏاڍا گهاٽا ھئا، جھجھا، ترڪڻا ۽ گهاٽا، انھن جي
ھزارھا ريشمي تندن ڇوڪريءَ کي بچائي ورتو ھو.
ماتا ساوُ بيھوش ٿي چڪي ھئي.
ٻه سپاھي وڌي اڳڀرو آيا ۽ سئو جي وارن کي مٿي کڻي بيٺا، زام وري
وار ڪيو ۽ ھن ڀيري کيس نشانو بڻايو. رت ريلو ڪري
وھيو، سئو ٿيڙ کاڌو پرڪري نه. ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي ، زام
کيس پوري ڪرڻ لاءِ سنگين مٿي ڪئي. پر اوچتو ڪمانڊر
سندس ھٿ کي روڪيو! ”بس! وري اڳ جيان لٽڪايوس!“
سئو کي ھڪ دفعو وري ناريل جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. ڪمانڊر ڪاوڙ ۽
ڪروڌ وچان ڏانھس نھاريو. ”کيس ان حالت ۾ ئي ڇڏي
ڏيوس. ڀل سندس ويٽ ڪانگ دوست غار ۾ سندس دانھون
ڪوڪون ٻڌن.“........ ان وچ ۾ زام پنھنجي سنگين
اڇلائي، ڪلھي کي پڪڙي ھڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رھيو
ھو. ھن ساھي پٽي پنھنجي گڊيءَ جا بٽڻ کوليا. سندس
ڪپڙا رت ۾ رنگجي چڪا ھئا. ڪنھن به کيس ھٿ نه لاتو
ھو، پر سئو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ پتوڙ ۾ سندس ڦٽ
وري کلي پيو ھو، ۽ ان مان ڏاڍي رت وھي رھي ھئي.
باب پنجون
(1)
سئو کي جواب ڏيڻ خاطر ڪيل بارين جي ٽن فائرن کان پوءِ ھنن کي
غار ۾ ڪابه وڌيڪ خبرچار ڪانه پئي. ڇوڪريءَ سان ڇا
وھيو واپريو؟ ماڻھو بندوق جي نلين کي ڀيڪوڙيو،
نراسائيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ ڪرڪي رھيا ھئا. بارين ۽ ٻين
گوريلن جلھه ڪري ڇوڪريءَ کي بچائي کڻي اچڻ جي گهُر
ڪئي. پر ھائي ٿيپ رڳو ڪنڌ ڌوڻيو، چپ ۾ چڪ پاتو ۽
ڏند ڀيڪوڙي چيو،”شايد ھنن کيس ماري ڇڏيو آھي.“
ھرڪو ماٺ ھو. اھو ويساھ ڪري ته بھادر ڇوڪري مري چڪي ھئي. ان
جدوجھد جي منڍ کان وٺي ھن مھل تائين، پھريون دفعو
ھنن کي ڪنھن املھه وسٿو جي وڃائڻ جو احساس ٿيو.
ھنن جي دلين ۾ گهرو ڏک ۽ بي انتھا ڪاوڙ جاءِ وٺي
چڪا ھئا. سندن رڳن ۾ رت ٻڙڪي رھي ھئي. ان وڙھندڙن
مان ڪنھن به اڳ ۾ اھڙا لفظ نه ٻڌا ھئا جي ھنن سئو
جي واتان ٻڌا ھئا. ھنن تي پيار ۽ ڌڪار ايترو ته
غلبو ڪري ويا جو سندن وڙھڻ ۽ جنگ جاري رکڻ جي
خواھش لوھ جيان مضبوط ٿي وئي. اڳ ڪوين سڏڪن ۾ اچي
ڇٽي ھئي، پر ھينئر ھوءَ روئي به نه رھي ھئي. ٿئي
سندس ڪپڙن کي وٺي ڇڪي رھي ھئي ته سندس ماءُ ڪاڏي
وئي ھئي ۽ ڪڏھن ايندي. لاچار ڪوين کي ساڻس ڪوڙ
ڳالھائڻو پيو ته ھن جي ماءُ ڪنھن ڪم سانگي واھڻ
ويل ھئي.اھو سوچيندي ته ھوءَ ماءُ کان محروم ٿي
چڪي ھئي. ڪوين ٿئي کي زور سان ڳڙاٽڙيون پاتيون.
سئو جي گڊيءَ کي ڇھڻ سان سندس اکين ۾ ڳوڙھا تري
آيا. ھن روئڻ کي روڪڻ لاءِ آڱرين سان ان کي
ڀيڪوڙيو ۽ ڪنڊ کڻي ڏندن ۾ ڏجي. سندس ڀيڻ جي پياري
مٺڙي واس جو اڃا ان گڊيءَ ۾ اثر ھو. اھا گڊي ان
جوڙي مان ھئي جيڪا ماڻس ساڳئي ئي ڪپڙي مان ٺاھيون
ھيون. ڪوين کي به بلڪل اھڙي ئي گڊي ان مھل پھريل
ھئي. نديءَ تي وڃڻ کان اڳ ڀيڻس اھا لاھي ٿئي جي
مٿان اوڍي ھئي. ”رات پڪ ئي پڪ سردي لڳي ھونديس.
منھنجي پياري ڀيڻ! ساڳئي ئي قسم جي گڊي پائي
منھنجي دل جھُري رھي آھي. مان پنھنجو ٻالپڻو،
تنھنجي الھڙائپ ۽ ماءُ ٿيڻ ڪيئن ٿي وساري سگهان؟
اڄ کان وٺي اما ۽ ٿئي لاءِ مان تنھنجي جاءِ
ولارينديس، گهر جي وڏي ڀيڻ ٿي ڪري، مان اھڙو پيءُ
ڪميونسٽ ٿينديس جھڙي تون ھئينءَ ۽ اھڙي مٺڙي ماءَ
ٿيندس جھڙي تون ھئينءَ..........!“ انھن دکدائڪ
خيالن ۾ ئي ھن جو ھٿ سئو جي گڊيءَ جي کيسي سان وڃي
لڳو. سندس آڱرين سانءَ جي خط کي ڇھيو. ھن بنا سوچ
ويچار جي اھو ڪڍي پنھنجي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو.ڪيڪون
ڪندڙ سيٽين جو آواز ٿيو ۽ ان جي پويان وري لائوڊ
اسپيڪر جي کرکر ٿي. ”وري لائوڊ اسپيڪر،“ ڪوين
سوچيو. ھن ٿئي کان پاڻ ڇڏائيندي چيو، ”اِتي ترس،
پٽ، مان ڏسي اچان ته ڇاھي.“
جڏھن ھوءَ غار جي لنگھه وٽ پھتي ته گوڙ بند ٿي ويو ھو. نگان جي
اکين ۾ خوفناڪ چمڪ ھئي. ھن ڳيت ڏئي چيو، ”ھنن
اعلان ڪيو ته سئو پيش پئي آھي ۽ اسان کي به پوڻ
لاءِ چيو آھي.“
”يا الاھي!“ ڪوين رڙ ڪئي ۽ دروازي طرف ڀڳي. ھائي ٿيپ يڪدم ھن کي
پڪڙي موٽائي آندو. ھن جي ڪلھي تي مُنھن رکي سڏڪا
ڀرڻ لڳي. نگان، بارين ۽ ٽين چئن ٻين حملي جي تجويز
ڏني .ھائي ٿيپ رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.
”مون کي وڃڻ گهرجي!“ نگان چيو، ”مان ھِت نٿو ترسي سگهان!“
”مان پڻ!“ بارين پنھنجي رائفل جي نالي اُچي ڪندي چيو. ”مون کي
ماريائون ته ڇا ٿيندو! مون کي سئو کي ڇڏائڻ لاءِ
ڪجھه ڪرڻ گهرجي!“
ھائي ٿيپ ڪرڙي اک سان کين ڏٺو. ”مقابلي جي مفاد ۾،“ ھن چيو،
”مان وري ورجايان ٿو ته منھنجي حڪم کان سواءِ ڪوبه
ھتان نه وڃي.“ ماڻھو چُريا پُريا به ڪونه. پوءِ
ھائي ٿيپ ھڪ ھڪ لفظ تي زور ڏيندي چيو، ”ھرڪو
پنھنجي پنھنجي جاءِ تي وڃي! اھو حڪم آھي! سئو جي
بدلي وٺڻ لاءِ اسان کي ھتي ترسڻو آھي ۽ ھيءَ جنگ
جيتڻي آھي.“
ڪجھه ڪڇڻ ڌاران ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ھلندا ويا ۽ پنھنجين جاين تي وڃي
بيٺا. ڪوين پاڻ تي وس رکڻ ۾ سوڀاري ٿي ھئي. ھاڻي
ٿيپ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي چيو،”رونه، ڪوين!ٿئي
ڏانھن وڃ. ائين ھانءَ نه لاھي ويھه، ۽ لڙھي نه
پئو.“
پنھنجو ننھن ٽڪندي،ڪوين موڳن پيرن سان پٺتي موٽي. ھائي ٿيپ به
ھڪ پٿر تي ويھي رھيو، ڪيترن ڏينھن کان نه لاٿل ۽
وڌي ويل ڏاڙھيءَ کي ھٿ لاھي محسوس ڪيو، ۽ ماٺي
معمولي آواز ۾ چيو، ”مائڪروفون آڻي ھنن نفسياتي
طريقو استعمال ڪرڻ شروع ڪرڻ ڪيو آھي. ۽ انھن جو ئي
ھٿيار استعمال ڪندي سئو اسان سان ڳالھايو ۽ سندن
منصوبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن بي مثال مڙسيءَ جو
اظھار ڪيو آھي. اھو سوچيندي ته اسان کي پاڻيءَ جي
زھريلي ھئڻ جي سُڌ ڪونه آھي، ھن اسان کي ان جي
پيئڻ کان جھليو. ڏسو، يارو! ھن اسان کي اھو به چيو
ته پنھنجا ھٿيار نه ڦٽا ڪيون، ڪڏھن به نه .......“
”سوال نٿو اٿي!“ بارين چيو ، ”سواءِ ان حالت جي جڏھن اسان سڀ
مري وڃون!“
ٽونگيپ ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو. ”اھو تو وارو موت“ ڪڏھن ايندو؟
منھنجي جي ھڪ به پاسيري بچي ته ان سان به دشمن سان
دوبدو ٿيندس. ھو اسان جي ھٿيارن کي اچي ھٿ لائين،
ان کان اڳ اسان کي پنھنجون بندوقون ڀڃي پري اڇلائي
ڇڏڻ گهرجن.“
”مان توسان متفق آھيان،“ ڊئٽ چيو، ”مان به ائين ڪندس جيئن تون
ڪندين، چاچا! پر ان کان اڳ ۾ ڪو پاڻيءَ ڦڙو ھجي ئي
ته ڏينم ته اُڃ اُجھايان.“ ماڻھن موضوع جي مٽاسٽا
جي آجيان ڪئي. ڊئٽ سوالي نگاھن سان ٽونگيپ ڏانھن
نھاريو ۽ چاپلوسيءَ واري مرڪ مرڪيو.
”پر پٽ! تون مِينھن جيان پاڻي پيئندو آھين.“ ٽونگيپ پنھنجو دٻو
ڊئٽ ڏانھن وڌائيندي چيو.
ڊئٽ ھڪدم اھو وات تي رکيو. ھڪ ڦڙو به ان مان نه نڪتو. ڊئٽ اھا
رڙ ڪرڻ وارو ئي ھو، ”واه پريا مڙس واه!“ جو وري
خيال ڦيرائي ڇڏيائين. ھن پنھنجا چپ چٽيا ڄڻ چڱو
چوکو پيتو ھئائين، ۽ پوءِ دٻو ٽوئي ڏانھن
وڌايائين. ”آءُ،“ ھن چيو، ڍُڪ ڀري نڙي آلي ڪر ته
آواز نڪرئي!“
ٽوئي دٻو پڪڙي وات تي رکيو. ڊئٽ کِل ۾ اچي ڇٽو.بيوقوف بڻجڻ تي
ڪاوڙجي، ٽوئي دٻو ھن ڏانھن اڇلايو. ٽونگيپ به کُلي
دل سان کِليو ۽ ٽوئي کي چيو. ”اُڃ اُجھايئي؟“
”مار پئيس ڪا! اسان کي بيوقوف ٿو بڻائي ۽ وري اسان تي کلي به
ٿو!“
ٽونگيپ اڃا وڌيڪ کِليو. ”مان ته توھان کي صبح لاڪر ٿو چوان ته
ڦڙو به پاڻيءَ جو ڪونه اٿم. غلطي ته توھان جي آھي
سائين!“ وڏيءَ عمر جي باوجود ٽونگيپ پنھنجي ساٿين
کي سائين ڪري سڏڻ جو عادي ھو. ھو ٻُڌ مذھب جا ھئا،
ھاوُ فرقي جو پراڻو رڪن ھو. ھن پنھنجا وار به
ڪيترائي ننڍا ڪيا ھئا۽ وشِنو ٿئي به ٻه سال کن ٿيا
جو ڇڏي ڏنو ھئائين.جيتوڻيڪ ھو مسخرن ۾ به مسخرو
ھو، پر تنھن ھوندي به ھن جو مھاتما ٻڌ ۽ بھشت ۾
اڃا اعتبار ھو. ھن جو دٻو سچ پچ گذريل رات کان وٺي
خالي ھو جڏھن ھن آخري ڍُڪ به بَي کي پياري ڇڏيو
ھو.
غار ۾ ڪٿي به ڪنھن وٽ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه رھيو ھو. سڀني جون
نڙيون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون ھيون.
”جي پيشاب پيون ته ڇا؟“ بارين شو شو ڦٽو ڪيو، ”اھو بيئر جھڙوئي
آھي. اٽڪاءُ واري بچاءَ جي جنگ لڙندي، جيڪي ڪامريڊ
پولو ڪونڊور مان ڀڳا ھئا، تن ته ائين ڪيو ھو.“
ٽام ٿان ڪنڌ ڌوڻيو.”اھو بيئر جو قسم مون لاءِ نه آھي. مان اُڃيو
رھڻ کي ترجيع ڏيندس.“
”تون ڏاڍو ڏکيو ٿو پوين،“ بارين چيو، ”ماڻھوءَ کي اوکيءَ
سوکيءَ، ڏکيءَ سکيءَ لاءِ تيار ھئڻ گهرجي. اڄ ڪو
اھو وقت نه آھي جو تون حڪم ڪندين ۽ زال چانھن جو
ڪوپ آڻي ڏيندئي!“
ھرڪو اچي ٽھڪڙڻ ۾ پيو. ھڪ ٻه مُٺيون چانورن جي ڦلن کائڻ کان
پوءِ شام جو بارين پاڻ وڌيڪ نه جھلي سگهيو. ھن
پنھنجي دٻي ۾ پيشاب ڪيو.جيئن ئي ھاڻي ٿيپ ڪنھن ڪم
سانگي اندر ويو ته ھن دٻو ڇاڇوليو ۽ ٻين کي به
پيئڻ جي صلاح ڪئي. ٻين قبول ڪرڻ کان اڳ ئي ھن اھو
پنھنجن چپن تي رکي ڇڏيو. ھڪ سُرڪ پيئڻ کان پوءِ ھن
اطمينان جي رڙ ڪئي ۽ چيو، ” خراب ناھي! ٿورو پي
ڏسو! سوُ سيڪڙو مکياري آ.“
ٻين به سندس پيروي ڪئي. ھائي ٿيپ سڀ ڪجھه ڏٺو. ھن کين روڪڻ پئي
چاھيو، پر وري ارادو لاھي ڇڏيائين. ھو پاڻ اُڃ مري
رھيو ھو، ۽ نيٺ به ان ۾ ڀوُ ڀولو ڪھڙو ھو. ڏکين
ڏينھن ۾، جيتوڻيڪ ھن پيشاب نه پيتو ھو، پر چئن
ڏينھن جي بک کان بيزار ٿي ھن جيئرو کيکڙو پڪڙي،
مزي سان کاڌو ھو. ھڪ رات، ٻيلي ۾ اندر، بارين
پنھنجي چاقوءَ سان سندس پٺيءَ ۾ چير ڏنا ھئا ۽
گندي رت ڪڍي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھنن جھنگ ۾ مال جا
ڇيڻا ۽ لڏيون به بک کان اڳريا ھئا. جيئن ته ھن جي
پيرن جا پٻ ڪٽيل ھئا، ان ڪري پنھنجن پڌرن پيرن کي
لڪائڻ خاطر ھو تھه سياري ۾ به ندي جي وچ مان ھلندو
ھلندو ھان ڊئٽ ويندو ھو. ھو ٻين جي ڪيترن ئي
آزمائشن مان لنگهيو ھو. ان ڪري سندن نظرن ۾ پيشاب
پيئڻ ڪا وڏي ڀوُ ڀولي واري ڳالھه ڪانه ھئي، پر
سندس دل ساٿين تي ڪھل کائي رھي ھئي.
اوچتو ھن کي ياد آيو ته ٽڪر تي ھن ڪٿي پاڻيءَ جو دُٻو ڏٺو ھو.
”ترسو!“ ھن چيو، ”مان ڏسي اچان متان ڪٿي ڪو پاڻيءَ
ڦڙو ھجي.“ ھو غار ۾ اندر گهڙيو ٽارچ سان ڪنڊ ڪنڊ
ڳولڻ لڳو. آخر ھو ھڪ اھڙي پٿر وٽ اچي پھتو جو اندر
تي گهپيل ھو جنھن ۾ سندس ٻڪ جيترو پاڻي بيٺو ھو.
ھن ان مان آڱر ٻوڙي نڪ تائين آندي. منجھس پراڻن
پتن جي بوءِ ھئي.
”ڇي! پر اھو مھلڪ نه ھوندو.“ ھن دل ۾ چيو. ھن انھن کي سڏ ڪيو جي
سڀ کان وڌيڪ اڃايل ھئا. بارين ۽ نوجوان ڊئٽ سوڌا
ڪل پنج ڄڻا ھئا. ٽام ٿان اھو چئي شامل ٿيڻ کان
انڪار ڪيو.”مان اھو اعزاز نٿو وٺان. اھو مرضيل
پاڻي مون لاءِ نه آھي.“
ٽڪر جي چوٽي تي بيھي ھائي ٿيپ، ھر ھڪ کي ھٿ کان وٺي، مٿي اچڻ ۾
مدد ڪئي.
”ھائي!“ بارين اچرج جو اظھار ڪيو. ھن ڊيپ جو ڪلھو ٺپيو ۽ چيو،
”ننڍڙا نوٽيا، پھريائين تون.“
ڊيپ ھلڪي ڪافيءَ جھڙي رنگ جي دُٻي کي ڏٺو ۽ ھٻڪيو.
”ھل!“ بارين وري چيو، ”بيمار ٿئين ته مان ويٺو آھيان. سائگان جي
تفريحن کان ڪجھه بدليل مواد آھي! ھل! ڇڏاءِ جلدي
ڪر! ڍڪ ڀر ۽ اُڃ گهٽاءِ! سمجھين ڇو نٿو ته ھيءَ
لڙائي ڪافي ڊگهي ھلندي.“
شاگرد کِليو ۽ پوءِ پيٽ ڀر سمھيو. سندس منھن دُٻي طرف ھو _ ھن
ھڪ ٻه ڍڪ ڀريا ۽ اٿي بيٺو. پاڻ کي ڇنڊي ھن چپ
اگهيا ۽ ھر ڪنھن ڏانھن ڏسي مرڪيو.
”ڪيئن؟“ بارين اک ڀڳس.
”خراب ڪونھي.“
”مان ته چيو مانءِ منھنجو وارو آ.“ بارين به پيٽ ڀر سڌو ٿي
سمھيو جيئن ڊيپ ڪيو ھو. ٻه ڳيتون ڏئي ھو اٿي بيٺو.
”ھاڻي تون.“ ھن ڀر ۾ بيٺل ٻئي کي چيو.
ھر ڪنھن ائين ڪيو جيئن ٻين ڪيو. دُٻو جلد ئي خالي ٿي ويو. جڏھن
ھائي ٿيپ جو وارو آيو ته ڪجھه ڦڙا وڃي بچياھئا. ھن
کي چٽڻو پيو. ڀرسان غدار باغي جي کنگهه ٻڌي ھائي
ٿيپ اُٿي بيٺو.
”ھنن کي اڃا جيئرو ڇو رکيو اٿوَ؟“ بارين گهر ڪئي. ”رڳو پيا اسان
جو پاڻي پيئن ۽ چانور کائين. منھنجي حوالي ڪيوته
کين اڄ رات ئي رات ۾ وڏن وٽ پھچائي ڇڏيان.“
”سوال ئي نٿو اٿي.“ ھائي ٿيپ چيو. ”کين موت جي سزا ڏيڻ کان اڳ
اسان کي پوري پوري اختياري ھئڻ گهرجي. عوام کي
سندن مقدمو ٻڌڻو ۽ موت جي سزا جي تعميل ڪرڻي
پوندي. تون ڏاڍو بي صبروآھي. خوني ۾ خوني ڇاڙتي جي
ڏس ۾ به اسان کي، عوام کي کين سزا ڏيڻ جو حق ڏيڻ
گهرجي. غلط ڳالھه رڳو اھا آھي ته ھو ھن جاءِ تي نه
ھئڻ گهرجن، ڇو جو ات اسان جون سڀ ڳالھيون ٻڌي ٿا
سگهن. اڄ رات اسان کي کين پري وڃي رکڻ گهرجي، اصلي
غار جي پوئين ڇيڙي ۾.“
”ٺيڪ آ.“
غار جي لنگهه ڏي موٽندي ھائي ٿيپ، نگان جو پاسو کنيو ” اڄ رات
اسان کي ڪجھه اسڪائوٽس موڪلڻ جي ڪوشش ڪري ڪي ناريل
گهرائڻ گهرجن. انھن سان اُڃ ڪي قدر گهٽجي ويندي.
ٻئي ڪارج پورا ٿيندا، کائڻ جو به ته پيئڻ جوبه.“
نگان پاڻ کي ٽوئي ۽ ٽرنگ سان وڃڻ لاءِ پاڻمرادو آڇيو.
”اھي ناريل تي چڙھي سگهندا؟“ ھائي ٿيپ پڇيو.
”واھ جو چڙھندا.“
”ته پوءِ ٺيڪ آ. پر توھان وک وک سنڀال کڻجو. اڃا رات چانڊوڪي
آھي.“
”تون ڳڻتي نه ڪر. مان خبرداريءَ تي ھوندس.“ نگان کلندي بارين
ڏانھن منھن ڪيو. ”ڏس! باڦي کي گرفتار به اسان ڪيو
ھو. سو ان کي مارڻ جو شرف به اسان کي ئي ملندو.
بارين ٻوٿ چٻو ڪيو. ”توھان، مان وانگر ڪيئن ڪري سگهندوُ؟ توھان
جا ھٿ ڏڪندا.“
”منھنجا نه؟“ نگان ورندي ڏنس.
پوءِ نگان، ٽوئي ۽ ٽرانگ کي ڳولڻ ويو ته جيئن کين تيار رھڻ لاءِ
چئي ڇڏي. ٽنھي چيلھه کان مٿي جا ڪپڙا لاٿا.پنھنجون
صدريون مٿن سان ٻڌيون. ھر ڪنھن کي رڳو پتلونون پيل
ھيون. ھنن چيلھه سان ڪجھه ٿامپسن جون ڪلپون ۽ ڪجھه
ھٿ بم ٻڌا.خودڪار بندوقون ھٿن ۾ جھلي ھو رات پوڻ
جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.
نگان غار جي منھن وٽان ويندڙ چارو ڏسي رھيو ھو جو جيئن جو تيئن
وڌيڪ اونداھو ٿيندو ويو. سج کي لٿي ڪافي وقت ٿيو
ھو، ۽ ڏينھن جا آثار ختم ٿيندا پئي ويا. ناريل جا
وڻ لاڳيتو آواز پيدا ڪري رھيا ھئا. ناريلن جو رنگ
ڦري ڳوڙھو نيرو ٿيندو ويو ۽ سندس ڇڙيون سامونڊي
ھوا جي تال تي جھومي نچي رھيون ھيون. جھڳٽي تي
ھلڪو ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ھو. ھر ڪا شيءِ ھوا ۾ لڏي
لمي رھي ھئي. وک وڌائيندڙ رات چاري تي گهمي چڪي
ھئي. دشمن رکي رکي ايڪڙ ٻيڪڙ فائر ڪري پئي ڇڏيو.
نگان کي ڇولين جو آواز ھينئر وڌيڪ چٽو ٻڌڻ ۾ اچي
رھيو ھو. ائين پئي لڳو ڄڻ رات ڌرتيءَ جي سمورن
آوازن کي ان ڪري ماٺو پئي ڪري ڇڏيو ته جيئن رڳو
سمنڊ کي ئي آواز ڪرڻ جو حق رھي. لکن جي تعداد ۾
ڇوليون ڪنارن تي اچي پنھنجي موت مري پئي ويون؛ ھر
دور ۾ ھن ڌرتيءَ تي انھن جي ڀڻ ڀڻ جو آواز سڀ کان
وڏو ۽ لاڳيتو آواز اچي رھيو آھي.
گذريل راتيون نگان ڇولين جي پڙاڏي کي ٻڌندو رھيوھو، ۽ ان آواز ۾
کيس وڌيڪ گرمي پئي محسوس ٿي. غار جون ڇتيون به رڳو
سمنڊ جي آواز جي چادر ۾ ويڙھجي ويون ھيون. چنڊ جي
ٻارھين مھيني جو اڻويھون ڏينھن ھو. رات گهڻي
اونداھي نه ھئي. اونداھ جي ڪن گهڙين کان پوءِ
آسمان ايندڙ چنڊ جي اميد ۾ پيلو ٿيڻ لڳو ھو. نگان
ھينئر وري وڃايل چارو ۾ لڏندڙ لمندڙ ناريل ڏسي پئي
سگهيو. ھن ھٿيار کنيو. اٿي بيٺو ۽ ڀڻڪيو، ”ھلو ته
ھلون.“
ٽوئي ۽ ٽرانگ به اٿيا. ھو جھٽ لنگهه ۾ بيٺا ۽ پوءِ تڪڙو ٻاھر
نڪري آيا. بندوق ھٿ ۾ جھليو، نگان جھڪي، ھوريان
ھوريان اڳتي وڌي رھيو ھو. چارو ڇڏي ھن وچ وٺي ننڍي
رستي تان ھلڻ شروع ڪيو ھو. ڪنھن به دشمن جي دستي
سان سامھون ٿيڻ کان سواءِ ٽئي ڄڻا ناريلن جي جھڳٽن
وٽ پھچي ويا.
اوچتو نگان، گارانڊ بندوقن جا ڪجھه ٺڪاءَ ٻڌا. معمولي دستوري
فائرنگ ھوندي، ھن سوچيو، پوءِ ڳالھائڻ جو آواز
ٻڌائين. نگان ساٿين جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ھنن کي ڪو
شڪ نه پيوآھي. پھريائين ناريلن ھٿ ڪيو. موٽندي
چونڊيندا کڻندا وينداسين.“ ”ٺيڪ آ.“
ٽوئي، ٽرانگ ٻه ناريلن سان ڳتيل ننڍا وڻ چونڊيا. پنھنجون
بندوقون ھنن نگان کي ڏنيون. ”ناريل ان مھل ڪيرائجو
جنھن مھل ھنن جي بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌو. ائين ڪرڻ سان
کين کڙڪ ئي نه پوندي.“
ٽوئي ڪنڌ لوڏيو. ھو ھوريان ۽ ڌيرج سان وڻن تي چڙھڻ لڳا. جھٽ ۾
ھو ڇڙين ۾ وڃي گم ٿي ويا، ۽ ناريل مروڙي پٽڻ لڳا.
جڏھن به دشمن گولي پئي ھلائي ته ھنن ھڪ ھڪ ناريل
پئي ڦٽو ڪيو. نگان ھيٺ ٿڙ کي کڙڪايو ته هو ٻئي
سگنل سمجهي لهڻ لڳا. هيٺ لھڻ سان ئي کين نگان
بندوقون ڏنيون ۽ ناريل اتي ڇڏي، ھو جھڳٽي ۾ اندر
ھليا ويا. ڪجھه قدم اڳتي ھلي ھو بيھي رھيا. نگان
جي نظر ڪن ڳاڙھن ڳاڙھن داغن تي پئجي وئي ھئي جي
اونداھ ۾ ٽانڊاڻن جيان لڳي رھيا ھئا. سپاھي تماڪ
ڇڪي رھيا ھئا. ٿوڊائوموٽ جي تکي تماڪ جي بوءِ سندن
ناسن کي ساڙڻ لڳي. نگان ۽ سندس ساٿي وڻ پٺيان ويھي
رھيا ۽ ناليون دشمن ڏانھن سڌيون ڪيائون. اھي ايترو
ته ويجھا ھئا جو سگريٽ جي ڪش ھڻڻ مھل نگان سندن
چھرا به ڏسي پئي سگهيو.
”ڪتيءَ جو پٽ.“ ھڪ سولجر چيو پئي. ”غار جي منھن تي ڪئپٽن کي
مرندو ڏسي ته لونءَ ٿي ڪانڊارجي وئي. ۽ اھو به
اسان جي ھزار کن ھٿ بمن اندر اڇلائڻ کان پوءِ!“
”جيئن جيئن معاملو ڊگهو ٿو ٿيندو وڃي، تيئن تيئن دلچسپي گهٽبي
ٿي وڃي. ديجھان حرامين ڪو پڪو پھه ڪيو آھي ته
تاحياتيون غار ۾ غرق ڪندا! چار ڏينھن ٿي ويا آھن،
۽ اسان جا لڳ ڀڳ سوُ ھمراھ ھلي چڪا آھن!“
”۽ اسان _ رڳو ھڪ عورت ئي پڪڙي سگهيا آھيون! ڪمانڊر وسان نه
گهٽايو پر ھن کي مڃائي نه سگهيو. واه واه! ڪنھن
پئي ڄاتو ته ھوءَ ايتري ھمت واري ھوندي؟ غار وارن
ھمراھن کي پيش ڪرڻ لاءِ چوڻ بجاءِ کين ھٿيار نه
ڦٽي ڪرڻ لاءِ ئي چيائين. جڏھن ڪمانڊر کيس وڻ ۾
لڙڪايو ۽ ماڻس کي سڏايو ته ان کي ڏسي رڙيون
ڪيائين. ڪمانڊر سمجھيو ته آڻ مڃي ھيائين. پرجڏھن
ھن کيس ھيٺ ڪرايو ۽ مائڪروفون اڳيان آندس ته ان کي
ڪيرائي لت ھڻي ڇڏيائين. سچي ته اھا آھي ته جڏھن
ليفٽينيٽ زام سندس ڪنڌ ڪٽڻ لاءِ حملو ڪري رھيو ھو
ته مون کي شرم اچي رھيو ھو _ شرم ......“
”تڏھن به ڪري ڪجھه نه سگهيس، ھوءَ اڃا مئي ڪانه ھئي. سندس ڦٽ
اٿلي پيس.“
”ھاڻي ته ڪم لھي ويو ھوندس.“
”ڪنھن جو؟“
”ڇوڪريءَ جو.“
”مري وئي سج لٿي مھل. ڪنھن ڳالھه پئي ڪئي.“
نگان ڪنڌ جھڪايو ۽ نڙيءَ ۾ گهٽ محسوس ڪيائين.
”ليفٽينيٽ چار ڀيرا ڪوشش ڪئي، ۽ پويون ڀيرو ئي ڪجھه سوڀارو ٿيو.
پر ان وار به ھن کي ماريو ڪونه، ۽ ڪمانڊر وري کيس
لڙڪائڻ جو حڪم ڏنو، سندس خيال ۾ ھن جو گرڪڻ ۽ ڦٿڪڻ
سندس ساٿين کي ڀاڙي ۽ بي ھمت ڪري ھا.پر شام تائين
ھن چپ نه چوريا، اندر ئي اندر ۾ لڇندي پڇندي رھي.“
”نه ھن ڳالھايو! بلڪل مرڻ مھل، مان پاڻ ٻڌو. واھڻ کان آيل ماڻھن
جو ھجوم بيٺو ھو. ھن انھن کي رڙ ڪري چيو، ”منھنجو
پلئه ڪجو!“ مان ھن کي صدر ھوچي منھه (ھُو) کي
سڏيندي به ٻڌو. پوءِ ھن آخري ٿرڙيون ھنيون ۽ مري
وئي.“
سپاھيءَ جو آواز ماٺو ٿي ويو، ”مان رڳو ............ اھو ڪجھه
ئي ٻڌو .......... ڇو جو يڪدم ھجوم گوڙ ڪري اڳتي
وڌڻ شروع ڪيو. ھجوم ۾ رڳو ڪراڙيون عورتون، ٻڍا مرد
۽ ٻار ئي ھئا. ھو اسان کي پٽي رھيا ھئا ۽ اسان کي
وڪوڙي اسان جي بندوقن تي ٺٺوليون ڪري رھيا. ڪنھن
ڪراڙي کمير عورت ته زام تي چاقوءَ سان حملي جي
ڪوشش به ڪئي، ھڪ سپاھي وچ ۾ پئي ھن کي بچايو پر
سندس ڪلھو ڦٽجي پيو. رينجر ته ان ٻڍيءَ کي شوٽ ڪرڻ
وارو ھو پر زام رڙ ڪري جھليس .پوءِ پتو پيو ته اھا
سندس ماءُ ھئي. مون کي به پٽ تي ليٽائي وڌو ھئائون
۽ ھڪ ٿلھي متاري عورت مون کي لتاڙڻ لڳي ھئي. پر
مڙسي ڪري اٿي جان ڇڏايم نه ته کل کاري وجھن
ھا.ماڻھو نوڙي ڇڪي ڇوڪريءَ جو لاش ۽ سندس ماءُ کي
کڻي ويا. ڪمانڊر اسان کي لاش کسڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر
اسان ائين نه ڪري سگهياسين. ھن ڪاوڙجي ھجوم تي
ھلان ڪئي ۽ للڪاريو. ”مان توھان مان ھڪ ھڪ کي
ماريندس! توھان ھڪ ويٽ ڪانگ کي دفنائڻ ٿاچاھيو؟“
پر ھجوم به ساڳئي ئي ڪروڌ ۾ ڪاوڙ ۾ وراڻيس، ”ھيءَ
اسان مان ھڪ آھي. اسان کي ان ويٽ ڪانگ بابت ڪا خبر
نه آھي جنھن جي تون ڳالھه ٿو ڪرين.“ ھو ماٺ ڪيو
ڳوٺڙي ڏانھن ھليا ويا.آخر ڪمانڊر کي ھار مڃڻي پئي.
ٻيو ھو ڪري به ڇا پئي سگهيو؟ ھو بھادريءَ سان اسان
جي سڌي ڪيل بندوقن اڳيان لنگهندا ويا. يقيناً جي
اسان گولي ھلايون ھا ته عوام مري ھا، پر اسان ائين
نه ڪيو.“
سپاھيءَ ڳالھائڻ بند ڪيو. ھنن نوان سگريٽ دکايا ۽ خاموشيءَ سان
ڇڪڻ لڳا. پوءِ انھن مان هڪ اٿيو. جيستائين اسان جي
پھري جو وارو اچي تيستائين ھلو ته ڳوٺڙي تائين
ڄنگهون ساھي اچون. اتي ھڪ انڌو رھي ٿو جو ڪمال جو
يڪتارو ٿو وڄائي.“
ھو نگان کان ڪو گراٺين جي وٿيءَ تان لنگهيا. ھن پنھنجو ساھ روڪي
ڇڏيو ۽ وڻ سان لڳي بيٺو. سپاھين جي سگريٽن جو
دونھون سندس نڪ تائين پھچي رھيو ھو.
ان عرصي ۾ ٻه سپاھي پٺيان رھيا. ”خدا ڄاڻي، ھيل ٽيٽ به الائي
ڪٿي گذرندو!“ انھن مان ھڪ چيو ”شٽ! ھي ته اسان کي
ڪاماوُ به موڪلي سگهن ٿا!“
”اوڏو يا ڏور، ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ جي ھتي به کڻي رھون ته به ٽيٽ
گهر ۾ ٻارن سان ملھائي نه سگهنداسين.“
”ھاڻي رڳو اھو خيال رکجان ته جيئن غار ۾ اندر نه گهڙين. توکي ته
خبر آ ته ھينئر پاڻ وٽ ڦٽلين لاءِ پلنگ به ڪونه
آھي.“
”جي توکي اندر وڃڻ جو حڪم ملي ته ڇا ڪندين؟ انڪار؟ ڪالھه مان
اسڪول وٽان لنگهيس ته ڦٽلين جون ڪنجھون ٻڌي ،
ھانءُ ڏڪي ويم! الله جو سُنھن!“
”مان! مان ته ڪارپول ڪُو جي ڳالھين تي لڳندس.“
”ڪُو؟ڇا ٿو چئي وري اُھو؟
ٻنھي پنھنجو آواز جھڪو ڪري ڇڏيو. گوريلا انھن جون وڌيڪ ڳالھيون
نه ٻڌي سگهيا. نگان پير سان پنھنجي ساٿين کي
خبردار ڪيو. ٽئي ھمراھه خبرداريءَ سان پٺتي ھٽيا ۽
ڪريل ناريلن وٽ پھتا. ناريلن جو ٻُر لاھي ھنن بار
جھڪو ڪيو ۽ جوڙو جوڙو ڪري ٻڌي ڪنڌ ۾ لڙڪايا. ھو
ساڳيءَ خبرداري ۽ سنڀال سان غار ڏانھن موٽيا. سڄي
واٽ نگان جي دل ۾ اھا اڻ تڻ ھئي. ”سئو مري وئي، سچ
پچ مري وئي!“ گهائيندڙ گهاءُ سندس دل کي چيري ڦاڙي
رھيو ھو. پوءِ ھُن جي دل ۾ گهري ڌڪار ۾ ڪروڌ پيدا
ٿيو. سندس ڪنڌ ۾ لڙڪيل ناريل وک وک سان وڌيڪ ڳرا
ٿي رھيا ھئا.
(2)
جنھن جاءِ تي باڦي ۽ سندس زال کي، پنھنجي قسمت تي روئڻ لاءِ غار
۾ رکيو ويو ھو، اتي روشني ڪڏھن به ڀلجي نه آئي
ھئي. روشني ۽ اُس ته پري رھي پر ڪڏھن ات سوجھري به
منھن نه ڪڍيو ھو. ات رات ڏينھن اونداھيءَ جو راڄ
ھو. ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو ڪوين يا نام نھو وٽن مٺ ڀڳل
چانورن جي ۽ پاڻيءَ ڍڪ آڻينديون ھيون. ڪوين کين
ٻڌايو ھو ته وٽن پاڻيءَ جي اڻاٺ آھي.
جڏھن ڇوڪري کين ايترو ٻڌائي ھلي وئي ھئي ته مڙس ڏندن ۾ ڀڻ ڀڻ
ڪئي، ”وٽن پاڻيءَ جي اڻاٺ آھي! جي وٽن آھي به پر
اسان کي نه ڏيندا.“ ڳڻتين ۾ ڳريل جوڻس ڪوبه جواب
نه ڏنو. باڦي ٽوڪ ۽ ڪاوڙ مان چوندو رھيو. ”ڪيترن
ڏينھن کان کين سخت گهيري ۾ رکيو ويو آھي. ھو ھاڻي
ختم ٿيا آھن اچي، پڪ ئي پڪ، دير يا مدير اسان جا
ھمراھه ھت پھچي ويندا.“
پوءِ ھن پنھنجي زال کي آٿت ڏني. ”رڙيون نه ڪر. مان چوانءِ جو ٿو
ته فڪر جي ڪا ڳالھه ڪانه آھي. ڪو مري ڪونه
وينداسين.“ ھن جو آواز وچٿرو ٿيندو ويو.
”حرامزادا! جلد ئي خبر پوندن ته مان ڇا آھيان! ھر
ڪنھن جو سر اڏي تي ھوندو! مان سندن اڳواڻ ھائي ٿيپ
جو سر ڪٽيندس، پوءِ ان جو جنھن اسان کي گرفتار
ڪيو، ۽ ان کان پوءِ بارين _ سڀني جو!“
”بس ڪر! بس ڪر!“ سندس زال روئڻھارڪو ٿي چيو. ”مون کي ته ڀوُ آ
ته اسان جي آقائن جي پھچڻ کان اڳ ئي ھو اسان جون
سسيون ڌار ڪري ڇڏيندا!“
ان ڳالھه مڙسھنس کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو، ۽ وري اڻ تڻ ۽ پريشاني چھري
تي ظاھر ٿي آيس. ”ائين پڻ ٿي سگهي ٿو!“ ھن مڻ مڻ
ڪئي. ”ھو اسان کي اڳ ۾ ئي ماري ڇڏين.“ جڏھن ھن
ائين سوچيو پئي تڏھن سندس ٻڌل ٻانھن ڏڪڻ ڪنبڻ شروع
پئي ڪيو. ان ھوندي به سندس دل ۾ آس جو ھڪ جھڪو
ترورو چمڪيو پئي. پنھنجي بدڪار فطرت ۽ اندر جي
پوري ڌڪار جي آڌارتي ھو ان تي آرو ڪيو ويٺو ھو. ھن
بدمعاش جاسوس جي کوپريءَ ۾ پريشانيءَ سان گڏ
انتظار به ديرو ڄمايو ويٺو ھو. رکي رکي آس اٿاريس
پئي ته رکي رکي نراس ڪيرايس پئي. سندس حالت بلڪل
ڄار ۾ ڦاٿل ھڪ لومڙ جھڙي ھئي، جو ڄار مان نڪرڻ
بعد، بدلي وٺڻ جو منصوبو ٺاھيندو آھي. ھرڀيري جڏھن
غار تي ڪاھ پئي ٿي ته ھن جي من ۾ آس ۽ نراس
بدلجنديون پئي رھيون. جڏھن به بندوقون ھليون پئي ۽
بم ڦاٽا پئي ته ھو اتساھه ۾ ڀرجي پئي ويو ۽ سندس
ھٿ پير چنبن جيان پئي ٿي ويا، ۽ اونداھه ۾ ھن
پنھنجي زال کي پير لائي اشارو پئي ڪيو ته سندن
نجات جو وقت اچي ويو. پر جڏھن غار وارن کي بچاءَ ۾
گولي ھلائيندي پئي ٻڌو ته کيس وھم ۽ گمان پئي
ٿيا.جڏھن حملو بند پئي ٿيو ۽ ماٺ ٿي وئي، ته ھن جو
انتظار شديد پئي ٿي ويوته اجھو ڪي اجھو ڪو آيو ۽
کيس ڇڏايائين. پر جڏھن ڪوبه نه پئي آيو ته ھو وري
نراسائي ۽ نامراديءَ ۾ وڃي پئي ڪريو. ساڻس اھا
ويڌن جاري رھي _ ساڳيءَ آس، نراس، اتساھه اونده ۽
رسين جاوڍ!
باوجود ان جي ھو سدائين ھوشيار۽ ڦڙت رھيو. ڪن سُرلا ڪيو ھوھر
ٺڪاءَ، ھر آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ان ڪري ھن کي
خبر ھئي ته گذريل چئن ڏينھن ۾ ڇا وھيو واپريوھو.
پھرين مقابلي کان وٺي ئي ھن ھر ٺڪاءَ تي اٿي ڦڙت
ٿي ويھڻ جي عادت ٺاھي ڇڏي ھئي. ھزارھا بمن جو ڦاٽڻ
سندس حياتيءَ ۾ انتھائي خوشيءَ جو موقعو ھو. جنھن
رات بَي جي ٻانھن ڪپي ھئي، تنھن رات سندس دل
خوشيءَ ۾ ٽپي پئي. ڪوين جي بانسجڻ ۾ نام نھو جي
زھرجڻ، کيس وڏي آٿت ڏني ھئي، ھن سئو جي گم ٿيڻ جي
خبر ٻڌي ھئي، ۽ جڏھن دشمن ھن نوجوان ڇوڪريءَ کي
مائڪروفون تي ڳالھائڻ لاءِ لاچارڪيو ھو ته سندس
خوشيءَ کي ڪو ڪاٿو ئي ڪونه پئي مليو. اھو ڄاڻي کيس
صدمو ۽ اچرج پھتو ھو ته ھن ان جي بلڪل ابتڙ چيو ھو
جو ڪجھه چوڻ لاءِ کيس چيو ويو ھو. پاڻيءَ کان
محروميءَ سبب سندس نڙي به ٻين جي نڙي جيان سڪي ٺوٺ
ٿي وئي ھئي، پر اھو عذاب به کيس ھڪ ڇتي ۽ اٽل آس
ڏياري رھيو ھو ته اڄ جي ڪري ھو جلد ڀاڙي ٿيندا ۽
ھٿيار ڦٽا ڪندا. جڏھن ھن محسوس ڪيو ته سئو شايد
ماري وئي ھجي ته کيس اچي آنڌ مانڌ ورتو. ”جي
گوريلا ان جو بدلو مون کان وٺن ته؟“ ھن پاڻ کي
چيو. ان مھل ھن نه پئي چاھيو ته ڪو ڇاڙتا فوجي
گوريلن کي ڌڪي آڻ مڃرائين، ان خوف کان ته متان
ويندي ويندي ھو کانئس پلئه وٺن. اھڙي ريت ھو رات
ڏينھن پنھنجي زال جي قسمت تي اونداھين ۾ ڀٽڪندو ۽
رلندو رھيو. سندس زال ڊگها ساھه کڻي رھي ھئي. باڦي
سندس اھا اُڀ ساھي ٻڌي ورتي ۽ سامھون روشني ايندي
به ڏٺي. ھڪ موم بتي ڏانھن وڌي رھي. اکين جي اونده
تي ھريل ھئڻ سبب ھو ان ھمراھه کي نه سڃاڻي سگهيو
جو ڏانھس اچي رھيو ھو. اوچتو ھن چيو حڪم ٻڌو،
”اٿو!“
اھو ھائي ٿيپ ھو. باڦي جلدي سندس حڪم جي بجاآوري ڪئي. سندس زال
به سستيءَ سان ان جي پوئواري ڪئي. پر ھائي ٿيپ
عورت کي اشاروڪري اٿڻ کان جھليو. پوءِ جاسوس کي
ننھن کان چوٽيءَ تائين گهوريندي، ھائي ٿيپ چيو،
”مون کي ٻڌاءِ، ته ھن مھل تائين پنھنجي ڏوھه جي
سنگينيءَ کي سمجھي سگهيو آھين يا نه؟ تنھنجي ڇا
راءِ آھي، موت جو حقدار آھين يا نه؟“
جواب ڏيڻ کان سواءِ باڦيءَ پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
”جواب ڏي!“ ھائي ٿيپ مٿي آواز ڪندي چيو.
جاسوس مرڻينگ حالت ۾ چيو، ”ھائو.“
”ٺيڪ ٺيڪ“، ھائي ٿيپ سندس مٿي کي ڌڪ ھنيو. ٿوري ماٺ کان پوءِ ھن
وري حڪم، ”ٺيڪ آ، ھل ته ھلون!“ باڦيءَ جو ڄنگهون
ڍرڪي پيون. پر بارين تڪڙو وڌي کيس ڪرڻ کان جھلي
ورتو. ان لوھار کي ائين لڳو ڄڻ جاسوس جون ڄنگهون
ڪٽجي ويون ھيون.اھي بي جان ليلھر ٿيون، ڏورين
جيان لڙڪي رھيون ھيون. بارين ھن کي گهلي موم بتيءَ
جي روشنيءَ طرف آندو. عورت به پار ڪڍندي سندن
پٺيان لڳي. بارين مٺيان وچان چيو، ”اصلي ايڏو
ڀاڙي! خدا جي مار پويس، ساھه ۽ ھوش ئي ڇڏائي ويو
اٿس!“
ھو کيس کڻي غار جي ان حصي ۾ آيا جتي دَکيءَ ۾ انھن شھيدن جون
ھاٺيون پوريل ھيون جي سئو ۽ ڪوين سال اڳ لڌيون
ھيون. دشمن انھن جون کوپريون ٻيڙيءَ جي ونجھن سان
ڀڳيون ھيون، ۽ پوءِ لاش گپ جي ھڪ دٻي ۾ ڦٽا
ڪياھئا. ٽن ڏينھن تائين، ڪوين ۽ سئو انھن لاشن جي
ڳولا ڪنديون رھيون. چوٿين ڏينھن، جيئن ھو ٻيلي ۾
گهڙيون ته ڪتن جي گرڪڻ جو آواز ٻڌائون. آواز جو
پيڇو ڪندي ھو گپ وٽ اچي پھتيون جتي ڪتن کي ھڪ دٻي
مان نڪرندو ڏٺائون جن جي وات ۾ ماس لڳل ھڏا ھئا.
سئو ڪتن کي سوٽيءَ سان ڊڪائي کانئن اھي ھڏا واپس
ھٿ ڪيا ۽ ڪوين کڏ ٽپي اتي رھيل ھڏا ميڙيا. اھي ھڪ
نيلان جي ٽڪر ۾ ويڙھي ڳوٺڙي ۾ لڪائي ڇڏيا. اھي
سڃاڻپ کان پري ھئا. جڏھن ڳوٺ آزاد ڪرايو ويو ته
ھنن اھي ان دکيءَ ۾ رکي اچي غار ۾ رکيا ھئا.
بارين جاسوس کي اڃا به اڳڀرو گهليو ۽ ھڪ پٿر سان ٽيڪ ڏئي
بيھاريو. سندس ڪنڌ اڃا لڙڪي رھيو ھو. گهڻي جھٽ کان
پوءِ ھن پنھنجون اکيون کوليون. ھائي ٿيپ ۽ بارين
ھن کي اڃا به غار جي آخري ڇيڙي ڏي گهلي ويا ۽ اتي
ٻڌي ڦٽو ڪيائونس.
ٻاھر موٽندي ھائي ٿيپ چيو، ”سڀ ھڪجھڙا آھن. کين مارڻ جي ته ھمت
آھي، پر پنھنجو موت نٿا ڏسي سھي سگهون. ھن ائين
سمجھيو ته اسين کيس مارڻ وٺي وڃي رھيا ھئاسين. ان
ڪري ئي بيھوش ٿي ويو.“
”ڪانئر ڪنھن جاءِ جو، رڳو جاسوسي جي خبر ۽ اٽڪل اٿس.“
جنھن وقت اھو ڪجھه ٿي رھيو ھو ته ان مھل نگان پنھنجي مھم تان
موٽي آيو. ھن حيرت ۽ تعجب سان پنھنجا ناريل ڦٽا
ڪيا ۽ ساڳيءَ ريت ٽوئي ۽ ٽرانگ به. ڪوين پنھنجي
مڱيندي ڏانھن وئي. ھو جھٽ ماٺ رھيو ۽ پوءِ ڦاٽ
ڦاڙيائين، ”سئو مري وئي آ!“
ھرڪو بت بڻجي بيھي رھيو. جيڪي ھٿ کيس داد ڏيڻ لاءِ کڄيا ھئا سي
ڪري پيا. ايتري ماٺ ٿي وئي جو کين ھڪٻئي جي ساھه
کڻڻ جو آواز به چٽو پئي ٻڌڻ ۾ آيو. ھائي ٿيپ نگان
ڏانھن وڌيو۽ ڏک ڀريل گهگهي آواز ۾ چيو، ”تون
............ تون ھن تائين پھتين .........؟“
”نه. ھوءَ اتي ڪانھي. ماڻھو کيس کڻي ويا آھن. اسان رڳو ڪن دشمن
جي سپاھين کي ڳالھيون ڪندي ٻڌو.“ نگان اتي لنگهه ۾
ئي ھڪ پٿر تي ويھي رھيو، ۽ کين اھو سڀ ڪجھه
ٻڌايائين جو پاڻ ٻڌو ھئائين. جڏھن ھو سئو جي ان
آخري ذھني پيڙا تي پھتو، جنھن ويل ھن عوام ۽ صدر
ھُو کي پڪاريو ھو، ته سندس آواز سندس ساٿ ڇڏي ڏنو.
ھن جي زبان ٿيڻ کائڻ لڳي. ڪوين سڏڪن ۾ پئجي وئي.
سندس مٿو نگان جي پگهر ۾ شل ٿيل ڪلھي تي لڇي پڇي
رھيو ھو. اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي ھر ڪو صبر ڪري
پنھنجن سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھنن
سڀني کي پڪ ھئي ته سئو ماري وئي ھئي، پر کين اھا
خبرڪانه ھئي ته ھن کي ڪيئن ماريو ويو ھو۽ انھن
آخري گهڙين ۾ ھن سان ڪيئن ورتاءَ ڪيو. ھر ڪنھن کي
محسوس ٿيو ته ھن سئو جو وِتُ پورو نه ڪٿيو ھو ۽
کيس پورو پورو نه سمجھيو ھو. ھن جو اھو امر مثال
سڀني مٿان حاوي ٿي بيٺو. سئو جي پيڙھا ۽ وفاداري،
سونھن، سلڇڻائي، کين قرب تر ھوندي به، ھاڻي پوري
ريت ۽ صحيح نموني سندن اڳيان اجاگر ٿيون ھيون. اھا
جا ماٺ ۾ مرڪندي ھئي. اھا جنھنجي بيضوي چھري ۾
سونھن ۽ گستاخيءَ واريون شاندار اکيون چمڪنديون
ھيون. سندن ريشم جھڙا وار جن تي سڄي ھان ڊئٽ کي
فخر ھوندو ھو. اھي يادگار ساٿين جي دلين تان ڪڏھن
به ميسارجي نه سگهندا، ۽ نه ڪڏھن سندس چيل پويان
آخري لفظ ھنن جي دلين تان ڊھي سگهندا.
ھائي ٿيپ محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪي اڻ ڏٺا ڏند ۽ چنبا سندس دل ۾
ڇيڇاڙي رھيا ھئا. ھو ھوريان ھوريان اٿي بيٺو ۽ غير
متوازن آواز ۾ چيائين، ”اسان لاءِ ڪھڙو نه عاليشان
مثال ھئي! ھوءَ سدائين اسان جي سار سنڀال ۾ مشغول
ھوندي ھئي. چانور جي داڻي داڻي جي حفاظت ڪندي ھئي.
پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو نظر ھيٺ رکندي ھئي. ھو سراسر
ميٺاج ۽ بي غرضيءَ جو نمونو ھئي، ۽ وري ڏسو ته
ڪيئن نه ھن اٽل ارادي سان پنھنجو ڳاٽ دشمن اڳيان
اوچو جھليو. تر برابر نه گٿي. اسان کي حڪم ڪري وئي
ته ھٿيار نه اڇلايون. سندس لفظ اسان جي دلين تي
اُڪرٿيڻ گهرجن!“ ”ساٿيو! ھن اسان کي بدلي وٺڻ لاءِ
سڏيو آھي، اچو ته ان جي پلئه وٺڻ جو قسم کڻون!“
ڪنھن ڪو لفظ نه ڪڇيو. سڀ ھڪ منٽ لاءِ موت جھڙي ماٺ
۾ اٿي بيٺا، ۽ ڪنڌ ھيٺ نوڙائي ڇڏيائون. سڀني جا
خيال ان ماٺيڻي مورت ڏانھن ھئا آڱريون رائفلن جي
نالين تي پڪڙ مضبوط ڪنديون ويون. ھر ڪنھن رت جي
آخري ڦڙي تائين وڙھڻ جو قسم کنيو.
وري ڪنھن رڙ نه ڪئي نه ڪوئي رنو. ھنن اکين تان ڳوڙھا اگهيا. ھر
ڪنھن اھو به سوچيو ته ھي رات جيئن تيئن ڪري تڪڙي
ڪاٽجي وڃي ته جيئن دشمن جي ايندڙ حملي سان ئي سئو
جو پلئه ورتو وڃي.
”نج سون باھ جي پرک کان نه ڊڄندو آھي.“ بارين چيو، ”سئو ۾ نج
سونُ ھئي. باڦيءَ جيان نه ھئي، جو اڳھئون بيھوش ٿي
ويو.“
”ڇو بيھوش ٿيو؟“ نگان پڇيو.
”سمجھيئن پئي ته اسان کيس مارڻ لاءِ سنڀريا ھئاسين.“
ھائي ٿيپ نگان ڏانھن منھن ڪيو. ”گهڻا ناريل آندوَ؟“
”ڇھه .“
”ڏکيائي ٿيوَ ڇا؟“
”نه. رڳو اھا جو ھو اسان کي ايترا ويجھا ھئا جو اسان کي اھو
انتظار پئي ڪرڻو پيو ته ڪا گولي ھلي ته ناريل
اڇلايون. اسان ڪن جي سڄي گفتگو ٻڌيسين. ھي سگريٽ
پي رھيا ھئا ۽ اسان سندن چھرا به ڏسي پئي
سگهياسين. سندن ذھن ڏاڍا منتشر آھن. ھو ھت اچي
ايترو ڏڪي ويا آھن جيترو پليگ کان ڏڪبو آھي. ھن
اسان جي غار تي ’موت جو غار‘ جو نالو رکيو آھي“
”نالو خراب ناھي.“ ھائي ٿيپ چيو، ”موت انھن لاءِ، نه!؟ اسان
لاءِ ته ھيءَ اڃا ھان ڊئٽ آھي.“
ٽونگيپ پنھنجو ڪنڌ لوڏيو. ”ھائو، ھان ڊئٽ ( معني: مٽيءَ جو ڀتر
يا سمنڊ ۾ ٻيڙو ) واقعي ماٺ ۽ نرم آھي. پر ڀلي ته
ھٿ لائي ڏسنس _ جيڪو ڪانڊيرا ميڙيندو، ان کي ڪنڊا
اوس چڀندا.“
”ڇڙو چڀڻ جي ٿو ڳالھه ڪرين.“ نگان وراڻيو، ”ٽولي ۾ يانڪي به
آھن. انھن مان ھڪ ته مئو اٿن.“
”ھائو؟“
”ھون، مون کين چوندي ٻڌو ته ڪالھه ھڪ ھيليڪاپٽر سندس لاش کڻڻ
آيو ھو. ماڻھن ۾ ڏاڍو تاءُ آھي، ڇو جو ان جي
پائليٽ ھنن جي سخت ۾ سخت زخمي سپاھي کڻڻ کان به
انڪار ڪيو.“
”حرامزادا!“
”ھائو، پر ان ڪري انھن جون اکيون کلي ويون آھن، جيڪي پاڻ سان گڏ
يانڪين جي ساٿ تي پاڻ کي خوشنصيب ۽ ڀاڳ وارو سمجھي
رھيا ھئا، ٿي سگهي ٿو ته يانڪي پنھنجي ڪتن سان
پيار ڪندا ھجن، پر ڀاڙيتن سان پڪ ئي پڪ پيار ڪونه
ٿا ڪن. ڀل ته پيا مرن _ ھڪ دفعو پنگلا ٿيا ته پوءِ
ھنن جي ڪھڙي ڪم جا؟ پوءِ کين بچائجي ڇالاءِ؟“
”منھنجي خيال ۾ فوجي بي ھمت ۽ بي دليا ٿي پيا ھوندا.“ نگان چيو،
”اسان کي رڳو سندن ان دلشڪنيءَ کي وڌائڻ لاءِ
اپيلون جاري ڪرڻ کپن!“
”رڳو ٽام چان ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو ئي اھو ڪم ڪري سگهن ٿا.“ بارين
چيو، ”ھتي ته کين ڏسندي ئي نڪ تي ٺونشو ٿو وھائڻو
پوي، سو اپيل جو وقت ڪٿي آھي.“
”ڇو ناھي؟“ ٽونگيپ وچ ۾ بڙڪيو. ”اسان به ڪري ٿا سگهون. رڳو ھڪ
ميگافون جي ضرورت آھي. ھڪ پاسي ساڻن پيا وڙھنداسين
ته ٻئي پاسي کين مڃائڻ جي به ڪنداسين. ان طريقي
سان سندن حوصلو ختم ڪرڻ جي عمل کي تڪڙو ڪري ٿو
سگهجي. نه؟“
”سڀ ٺيڪ آ درست آ.“ نگان چيو، ”پر ميگافون ڪٿان ايندو؟“
جھٽ جي ماٺ کان پوءِ ٽونگيپ تجويز ڏني، ”اسان کي رڳو اھڙي شيءِ
کپي جا ٽين جو ڪم ڏئي سگهي. ھڏن ھاٺين واري مٽَي
ناريل جي پنن سان ڀريل آھي، اسان انھن مان توتارو
ٺاھي ٿا سگهون. مان نه ٿو سمجھان ته ڪو مئن جا روح
ان ڳالھه سان اتفاق نه ڪندا.“
”درست آ،“ بارين چيو، ”اھي رڳو تڏھن ناراض ٿيندا جڏھن اسان انھن
جي اطاعت ڪريون. ان کان سواءِ، مئل آخر مئل ئي
آھن، نه؟“
”ائين ڳالھائڻ مناسب ناھي، بارين!“ ٽونگيپ اعتراض ڪيو. ”اسان کي
مئلن جي ھاٺين جو احترام ڪرڻ گهرجي. مون کي ته ڀوُ
آ ته جي انھن کي ڇھيوسين ته سندن آرام ۾ رخنو
پوندو.“
بارين ماٺ ڪري ويو، پر پوءِ وري اڳتي نِوڙي چيائين، ”ڪجھه وقت
کان وٺي مان تو ۾ نون وھمن ۽ وسوسن کي پيدا ٿيندو
ڏسي رھيو آھيان.“
”پر نه! ائين ناھي! مان........ مان...........“ ٽونگيپ ھٻڪي
بيھي رھيو.
ھائي ٿيپ کيس ڏسي اکين جي اشاري سان ڌيرج ڌرڻ لاءِ چيو. ھن
کِلندي چيو، ”اھو ڪو ٽونگيپ جي وھمي ٿيڻ جو پڪو
دليل نه آھي _ پر جي پَتا ڪم ڏيئي سگهن ٿا ته انھن
جي ڪتب آڻڻ ۾ ھٻڪ نه ڪيو. اھي، اسان جا مئل، خوش
ٿيندا. جلدي ڪري وٺ، پريا مڙس!“
”ٺيڪ آ، اھو منھنجو ذمو آھي، يعني ته ......“ ٽونگيپ ميگافون جي
ٺاھڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، پر ان ھوندي به ھو بارين
جي ٽوڪ تي ناراض ضرورھو. ھن وھمي ٿيڻ کان انڪار
ڪيو، حالانڪ بھشت ۽ ٻڌ ۾ ويساھه پئي رکيائين،
پراڻن دوستن سان ملڻ تي پاسو کنھي ھو چوندو ھو،
”جي ھن ڌرتيءَ جو سڄو آدم بھشت ۽ ٻڌ ۾ ايمان رکڻ
ڇڏي ڏي، تڏھن به ھڪ ڄڻو اھڙو ضرور ھوندو جو انھن
ٻنھي تي ويساھه رکندو ھوندو.“ پوءِ پنھنجي سيني تي
آڱر رکندي ھو چوندو ھو، ”۽ اھو ھڪ ڄڻو ٽونگيپ
ھوندو.“ ھن ويشنو ٿيڻ ڇڏي ڏنو ھو. چوندو ھو ڌرم
ڪرم سان دل جو واسطو آھي نه ڪي پيٽ جو. ويشنو کاڌي
سان ماڻھوءَ کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي سگهه نٿي ملي. ان
کان سواءِ سولو اھو کاڌو پيلو به بڻائي ٿو ڇڏي ۽
اھو ڏاڍو خراب لڳندو آھي.“ غير معمولي ڳالھه اھا
ھئي جو ان دل ۽ ذھن سان ھن پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ
پئي چاھيو. ھڪ ڀيرو ھن ھائي ٿيپ کي چيو ھو ته ھو
ميمبر ٿي سگهي ٿو يا نه. ” ڇو نه،“ ھائي ٿيپ کيس
جواب ڏنو ھو، ”پر توکي رڳو سچ ڏسڻو پوندو. پارٽيءَ
ميمبر کي سڀني مذھبن جي پوئلڳن جي ايمان لاءِ
احترام ۽ عزت ھوندي آھي، پر اھو پاڻ خدا، ٻڌ يا
بھشت ۾ اعتبار نه ڪندو آھي. مان توکي ٽال مٽول کان
سواءِ، سڌي طرح ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته اسان جو ڦر مار
ڪندڙ ۽ پر مار ٿيندڙ ۾ ئي اعتبار ھوندو آھي. اسان
جو ويساھه آھي ته امريڪين ۽ ڊيمين خلاف ھن گڏيل
جدوجھد مان اسان کي مسرت ملندي، ھاريءَ کي ٻني
ملندي ۽ سڀني مذھبن جو تحفظ ٿي سگهندو.“
آمريڪين ۽ نگوڊين ڊيم سان وڙھڻ ۾ ٽونگيپ بلڪل ھنن سان متفق ھو.
پر ھائي ٿيپ واتان پارٽي ميمبر جي وصف ٻڌڻ کان
پوءِ ھن محسوس ڪيو ته ھن لاءِ اھو ٿيڻ ڏکيو ھو.
اھو تضاد ئي سندس رنج ۽ ڏک جو سبب ھو. ڪنھن شيءِ
جي اختلاف ختم ٿيڻ کان اڳ ھن اھا شيءِ ماڻڻ پئي
چاھي.
بارين جي چرچي سندس ان ڏک کي وري ڪا مھل جاڳائي ڇڏيو. ٽونگيپ ڪو
پاڻ تي حملو ٿيندو محسوس نه ڪيوھو. ان کان سواءِ
ھن جي طبيعت ئي اھڙي ڪانه ھئي جو ڪنھن سان گهڻي
وقت تائين ناراض رھي سگهي.
ڪجھه منٽ پوءِ سڀني ھن کي موم بتي کنيو، پتن جي ڳولا ۾ ويندو
ڏٺو. جنھن ڇپ تي سئو ۽ سندس ڌيءَ ستيون ھيون ان جي
پٺيان موم بتي رکي ھو ميگافون ٺاھڻ ويٺو.
سندس مٿن کان ڪوين چادر وڇائي ٿئي کي سمھاري ڇڏيو. ٿئي کي ننڊ
ھئي، ۽ کيس وھم گمان به ڪونه ھوته ساڻس ڪھڙو ھاڃو
ٿيو ھو. ڪوين ٻرندڙ ۽ سڪل اکيون کوليون چرندڙ
پرندڙ پاڇولو ڏسي رھي ھئي. پوءِ ھن ٿئي ڏانھن ڦري
ان کي ڇاتيءَ سان لاتو. ننڍڙيءَ کي ماءُ واري گڊي
اوڙھيل ھئي. سندس وارن تي ھٿ گهمائيندي ڪوين کي
ائين لڳو ڄڻ اھي وڏا ٿي ايترا ڊگها ۽ نرم ٿي ويا
ھئا جھڙا ماڻس جا ننڍي ھوندي ھئا.
(3)
تاريڪ سالن دوران ھائي ٿيپ جي گهر ۾ زير زمين لڪل جاءِ ٺاھي وئي
ھئي. آزاديءَ کان پوءِ، ان کي ڊھرائڻ جي بجاءِ سيل
جي سيڪريٽريءَ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ وڌايو ھو.
اھو گهر جي بلڪل وچ ۾ ھوندو ھو ۽ اتان ڌار ڌار
سرنگهون نڪرنديون ھيون، جي سارين جي پوکن ۾ وڃي
ظاھر ٿينديون ھيون. جي دشمن ان جو دروازو لھي به
وڃي ته ھن لاءِ ات رھندڙ کي ڳولي لھڻ ڏکيو ھو. ھن
لڙائيءَ جي منڍ کان وٺي ئي ٽام چان ات ئي رھيو ھو.
ھر رات ھو جھٽ لاءِ ٻاھر نڪري اچي تازي ھوا
جھٽيندو ھيو، ۽ وري موٽي موم بتيءَ جي روشني تي ڪم
ڪندو رھيو. اڄ رات جيئن ئي سج جاڪرڻا پوين پساھن ۾
ويا، ته بيگم ھائي ٿيپ ڪنھن مھم کان موٽي ۽ ان تھه
خاني جو ڳجھو دروازو کڙڪائي اھو مٿي ڪيائين. جيئن
ئي ٽام چان ظاھر ٿيو ته، ھن موڳي ۽ دکدائڪ آواز ۾
چيو، ”سئو آخرڪار مري وئي!“
ڪا مھل ٽام چان غمگين چھري سان ماٺ ڪيو بيٺو رھيو. پوءِ ماٺي
آواز سان پڇيائين، ”ڪڏھن؟“
”اصلي ھاڻي! ڪو ڪلاڪ به نه ٿيو ھوندو. زام جي تلوار جي وڍ کان
پوءِ به ھوءَ سڄو ڏينھن جيئري رھي. پر اسان سندس
لاش ھٿ ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا آھيون. ھرڪنھن کي ان جو
صدمو آھي. سڀ اتي ھئا جتي کيس لڙڪايو ويو ھو. اسان
کي سندس لاش وٺڻ لاءِ سپاھين سان سامھون ٿيڻو
پيو.“
”ھينئر اھو ڪٿي آھي؟“
”ماتا ساوُ جي گهر ۾، اتي تمام گهڻو گوڙ ٿي ويو آھي.“
ٽام چان سڌو ٿي بيٺو ۽ پنھنجي ٻانھن سان دروازي جي منھن تي ٽيڪ
ڏئي چيائين، ۽ بيگم ھائي ٿيپ ڏانھن سوالي نگاھن
سان نھاريائين، ”تون ھينئر جو ھينئر اوڏانھن وڃ،“
آخرڪار ھن چيو، ”ماتمي جلوس جو بندوبست ڪر. ان کي
سڄي ڳوٺ ۾ ھڪ احتجاج جي صورت ڏيو ته جيئن دشمن
لاءِ عوام جي ڌڪار وڌيڪ تيز ۽ تکي ٿئي.“
”اسان پاڻ اڳ ئي ان لاءِ سوچيو آھي. مان ھينئر وڃان ٿي.“ ھوءَ
اٿي، فرش جو ڳجھو دروازو بند ڪرڻ لڳي.
”ترس!“ ٽام چان چيو ”جلوس کي غار جي ويجھڙائيءَ تائين نيڻ جو ڪو
امڪان آھي؟“
”ڇالاءِ؟“ ھائي ٿيپ جي زال پنھنجون اکيون وڌيڪ کوليندي پڇيو.
ٽام چان ھن کي ويھڻ جو اشارو ڪيو. پوءِ ويجھو ٿي ڪن ۾ کيس
پنھنجو خيال ٻڌايو. ”ھائي،“ ھن ڳالھه ختم ڪندي
چيو. ”تون اھو ڪري سگهنديئن؟ اھو تمام ضروري آھي.“
”مان ان تي ٻين سان بحث ڪنديس.“ جھٽ کان پوءِ عورت وراڻيو، ”جي
سائٿ ھوندي ته ڪنداسين.“
”خبردار رھجان، ادي. ڪابه رعايت نه ڏجو، پر گهڻي سختي به نه
ھجي. سپاھين سان ڪنھن به قسم جي ٽڪر يا ويڙھاند
کان پاسو ڪجو. اسان کي کين پنھنجي طرف ڪرڻ لاءِ ڪم
ڪرڻو آھي. ھا ڀلا، تنھنجا ٻار ڪٿي آھن؟“
”پاڙي واريءَ وٽ ڇڏيا اٿم.“
ھائي ٿيپ جي زال جلديءَ سان دروازو بند ڪيو ۽ ان جي چوڌاري ڪجھه
گهڙي گهمي، ۽ پوءِ ٻاھر نڪري وئي. سنجھا تائين
ماڻھو ماتا ساوُ جي گهر جي اڱڻ ۾ اچي ڪٺا ٿي چڪا
ھئا. جنھن وقت بيگم ھائي ٿيپ موٽي، ان مھل ھو سئو
کي ڪفن ۾ وجھڻ لاءِ تياريون ڪري رھيا ھئا. ماتا
ساوُ ڌيرج سان سئو جو ڪنڌ پنھنجي گوڏي تي رکيو ۽
سندس ڊگهن، پَٽ جھڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳي. ھوءَ
عادت انوسار پاٻوھه سان سندس وارن تي ھٿ به گهمائي
رھي ھئي ته انھن جو ھر گهنج ۽ وڪڙ به ڇڏائي رھي
ھئي. ھن ھيل ڏاڍي ڊگهي وري ڏني. آواز تي ضابطو رکي
ھن آخر ھائي ٿيپ جي زال کي چيو، ”ڏس ته،تختي تي
سندس گريپ فروٽ گل واري تيل جي شيشي ته نه رکي
آھي. ويچاريءَ کي ڏاڍو وڻندو ھو. اصل ھفتو کن اڳ ۾
نئين شيشي آندي ھئائين، پر ھڪ ڦڙي لائڻ جو به وجھه
نه مليس......“
جڏھن بيگم ھائي ٿيپ اھا کڻي کيس ڏني ته ماتا ساوُ ان مان ڪي ڦڙا
پنھنجي تريءَ تي ھاريا ۽ پوءِ ڌيءَ جي وارن کي
لائڻ لڳي. ٻي گهڙيءَ ڪمري ۾ ھڪ سرھي سڳنڌ ڀرجي
وئي. وارن کي ڦڻي ڏيئي پوءِ ھوءَ انھن ۾ سڳي وجھڻ
لڳي.ڪيترائي ڀيرا ھن حياتيءَ ۾ ائين ڪيو ھو! اھي
ڊگها وار ۽ سندن خوبيون خاميون ھن کي ڳجھيون ڪونه
ھيون. ھن ڀيري ھن اھو سڄو ڪم ڏاڍي ڌيان ۽
خبرداريءَ سان ڪيو. سھڻي ۽ شاندار سڳي، اھڙي جھڙي
شايد سندس ڌيءَ جيئري، ڪڏھن نه وارن ۾ وڌي ھئي. ان
۾ عجب جي ڪا ڳالھه ڪانھي، ماءُ آخري ڀيرو ڌيءَ جا
وار ڳُنڌي رھي ھئي، ۽ پوري پيار ۽ پوٻوھه سان اھو
ڪم ڪيو پئي.
چوٽي ڪرڻ کان پوءِ ماتا ساوُ پاڻ کي ڌيءَ کان ڌار ڪرڻ جي ھمت نه
ساري سگهي. ھن پنھنجن وارن مان ھڪ ڊگهو پتل جو
ڪانٽو ڪڍي ڌيءَ جي وارن ۾ وڌو. جيڪي وار زام جي
تلوار سان ڪٽجي ويا ھئا سي ھن کڻي پنھنجي مڙس جي
تصوير جي ڀرسان رکيا _ ۽ اندر ئي اندر ۾ خاموش
رڙيون ڪرڻ لڳي.
ماڻھن کيس وٺي اچي صندل تي ويھاريو. ھائي ٿيپ ۽ بارين جي زالن
سئو کي کنيو ۽ کيس ڪفن ۾ وڌو. جيئن ھو ڪفن جو
مٿيون تختو بند ڪرڻ لڳا ته ماتا ساوُ سڀني کي
ڌڪيندي پاسي ڪندي ڌيءَ ڏانھن ڊوڙي پر ھنن ڍڪ اڳ ئي
ڏئي ڇڏيو. ۽ ات پھچي ڪجھه نه ڏسي ھوءَ اوڇنگارن ۾
پئي. ڪفن سڄو ڳاڙھو ھو، ڳوڙھو ڳاڙھو. ڪفن ان گهر
جي وچ ۾ رکيو ھو جتي وڏي ٿي ھئي. سندس ڳوڙھن،
ٽھڪن، نخرن ۽ چلولاين سان ھي گهر ٽمٽار ھو، ھاڻي
ھوءَ اتي سمھي پئي ھئي. سندس آخري ننڊ! پر پويان
ھوءَ گهڻو ڪجھه ڇڏي وڃي رھي ھئي _ پنھنجي اٽلتا،
زندگيءَ جا ستاويھه سال، ۽ سڀ کان مٿي بھادري ۽
ھمت واريون پويون گهڙيون! ناريل جون ٺھيل يا ڪکن
مان تڪڙ ۾ تيار ڪيل مشعلون ٻري اٿيون. ڪيترن ئي
ماڻھن، جن ۾ ڪامي به ھئي، ڪجھه پنھنجي پھراڻن ۾
لڪايو. جھٽ پلڪ ۾ اڱڻ روشنيءَ سان ٻھڪي اٿيو. ماتا
ساوُ ڌيءَ کي پيءَ جي قبر جي ڀرسان ٽڪري تي ئي
دفنائڻ پئي چاھيو. پر سڌو اوڏانھن وڃڻ بجاءِ ھو
سڄي ڳوٺ کي چوڌاري ڦرڻ لڳا. گهرن ۽ پوکن مان جلوس
ھڪ ڊگهي شڪل اختيار ڪئي. ڀاڙيتن جو ھڪ جٿو ھڪ
باغيچي ۾ سندن اڳيان ڦري آيو. ”بيھي رھو!“ سپاھين
رڙ ڪئي، ”توھان کي خبر ڪانھي ته ڪرفيو لڳي چڪو
آھي؟ڪيڏانھن پيا وڃو؟“
بيگم بااُو جواب ڏنو، ”توھان اسان جي نياڻي ماري آھي ، ان کي
دفنائڻ پيا وڃون.“
جٿي جي مھندار پنھنجن ٻنھي ھٿن سان ھنن کي رستو ڏيکاريندي چيو،
”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ. ھلو، ھلو. مون کي خبر آ ته توھان
جنازي مان به جلوس جو ڪم وٺي سگهندا آھيو.“
ھن پنھنجن ماڻھن ڏانھن منھن ڪيو ۽ کين اشاري سان ماتمين کي وڃڻ
لاءِ اجازت ڏيڻ لاءِ چيو. ھائي ٿيپ جي زال ۽ بااُو
جي زال اڳواڻيءَ ۾ ھيون. ٻرندڙ مشعلون چمڪي رھيون
ھيون. ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ ٻي مشعل به تيار ھئي ته
جيئن ھڪ اجھامي ته ٻي ٻاري وڃي. چئن عورتن جي ڪلھن
تي کڄيل ڪفن جي چوڌاري مشعلون سڙي چرڪاٽ ڪري رھيون
ھيون، ۽ ھجوم ڀڻ ڀڻ ڪري رھيو ھو. روشني اونداھه ۾
ڄڻ سرنگهه ھڻي رھي ھئي، ۽ ان ۾ ڳاڙھو ڪفن بکي رھيو
ھو. روشني ڪراڙين عورتن جي اڇن وارن تي تِرورا
وجھي رھي ھئي، ۽ وڻن جون لڙڪندڙ لامون به چمڪي
رھيون ھيون.
ماتا ساوُ ڪفن جي بلڪل پويان ھلي رھي ھئي ۽ سندس چوڌاري بيگم
بارين ۽ ٻيون ساھيڙيون ھيون. ٻن عورتن وڌي کيس ھٿ
وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن انڪار ڪري پاڻ پنھنجي سر
ھلڻ جي خواھش ڏيکاري. ھن روئڻ بند ڪري ڇڏيو ھو. ھن
طوفان جي وچ ۾ سندس نڙيءَ ۾ اھڙي ڪا گرمي اچي پھتي
ھئي جو ھوءَ روئي نه پئي سگهي. ڪجھه وقت اڳ ھوءَ
ڌيءَ جي جدائيءَ جي ڏک ۾ روئي رھي ھئي، پر ھينئر
ھم سفر ۽ ھم ساٿين جي ھجوم ۾ سندس انداز ۾ ٻين
جذبن ۽ احساسن جنم ورتو ھو. ھن کي محسوس ٿيو ته
سئو رڳو اڪيلي نه ھئي، ڪيترن ٻين به وطن خاطر
جانيون ڏنيون ھيون، ۽ ڏيڻ لاءِ آتا ھئا. سندس
چوڌاري ھلندڙ عورتن مان گهڻن جا مڙس ، پٽ ۽ مٽ
مائٽ ان راھه تي رسي چڪا ھئا؟ ٻين ته پنھنجن پيارن
تي لونءَ ڪانڊاريندڙ ظلم ٿيندي ڏٺا ھئا. ڦڦڙ
ڪوريل، جيرو نڪل، يا ٻانھن يا ڄنگهه ڪٽيل، اکيون
نڪتل وغيره وغيره انھن مان ڪيترن جا پيارا ۽ پرين
اڃا تائين جيلن يا ڪاري پاڻيءَ جي سزا ھيٺ آيا
ھئا! ست سال _ ۽ ان عرصي ۾ ھان ڊئٽ ۾ ڪوبه اھڙو
ڪٽنب نه ھو جنھن ڪجھه نه ڪجھه سٺو ھو. ڪيڏي نه رت
وُڙھي ھئي! ڪوئي به اِھو ڪڏھن نه ٿو وساري سگهي؟
نه، اھا رڳو ھوءَ نه ھئي، پر سندس سڀ پاڙيسري ھئا جي ساڳئي ئي
جھنم مان گذري رھيا ھئا.رڳو ھوءَ اڪيلي نه ھئي جا
وڙھي رھي ھئي. پر ھان ڊئٽ جا سوين رھواسي ۽ ڏکڻ
ويٽنام جا لکين وطن دوست ھئا. سندس پويان گجندڙ
سمنڊ کيس غم کائڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اڀاري رھيو ھو.
وڻن جي پنن جو آواز کيس بدلي وٺڻ لاءِ ڀڙڪائي رھيو
ھو. سندن رت رڙيون ڪرڻ لڳي _ بدلو! پٽ، ڀائٽيا.
سندس ۽ ٻين جا، غار ۾ سوگها ھئا، پر ھو اڃا وڙھي
رھيا ھئا. وڌيڪ جوش سان، اُڃ ۽ بک کي منھن ڏئي به.
رڳو ھڪ ويڙھاڪ ئي دشمن کي ھٿ اچي سگهيو ھو، ۽ ھنن
سرجھڪائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. پر ات اڃا گهڻا ھئا.
سندس ڏھٽي، ٻي ڌيءَ، ڄاٽو ۽ سندس چوگرد ھلندڙ
عورتن جا مڙس، توراوُ جو پٽ بَي ۽ ٻيا به ڪيترائي.
جيئن جيئن ھوءَ انھن بابت سوچڻ لڳي، تيئن تيئن
سندس ڏک ھلڪو ٿيندو ويو.
ھو نديءَ جي ان ڪپ تي اچي پھتا جتان ٿورو پرڀرو دشمن ڇانوڻي
ھنئين ھئي. روشنيءَ جي ھن غاليچي کي پاڻ ڏانھن
وڌندو ايندو ڏسي ماڻھو تنبن مان نڪري آيا. ان
پياري بٽالين جي مھندار ڪئپٽن ڪاوُ ڪفن ڏسندي ئي
معاملي جي نوعيت سمجھي ويو. ھن پنھنجي ماڻھن کي
ھٿيار تيار ڪري يڪدم نديءَ جي ڪناري سان بيھي وڃڻ
جو حڪم ڏنو، پاڻ ھجوم ڏانھن ڊوڙي ويو.”بيھي رھو!
بيھي رھو!“
بيگم بااُو ھن ڏانھن وڌي آئي ۽ مٺڙي لھجي ۾ چيائين، ”ڪئپٽن!
سائين، توھان اسان جي ھڪ ڇوڪري ماري ڇڏي آھي، گهٽ
۾ گهٽ اسان کي ان کي دفنائڻ ته ڏيو نه.“
”ڪمانڊر رات جي ويل ڪنھن به چرپر تي بندش وڌي آھي.“
”برابر! پر جنھن ڀوائتي نموني ھن کي ماريو ويو آھي، ان جي مدنظر
ھن جي دفن لاءِ ترسڻ مناسب ۽ ٺيڪ نه آھي.“
”ھڪ ويٽ ڪانگ لاءِ ان کان به وڌيڪ ھئڻ گهرجي! جو ڪجھه ٿيو اٿس
سو اڃا گهٽ اٿس!“
”ويٽ ڪانگ ھئي يا نه. ڪئپٽن، ان جو سوال ناھي. پر منھنجي ڀاڻيجي
ھئي. جي اسان کيس ٽڪريءَ جي ڀر واري قبرستان ۾
پورايون ته توھان کي ڪھڙي ڪس لڳندي؟ ڏسو سائين،
اھو ته سوچيو ته کيس ڪيئن نه بيدرديءَ سان ماريو
ويو ھو.“
”ھي ٿلھي ڪا ڏاڍي نٺر آ. مار پويس! ٻڌين نٿي ڇا؟ ڪمانڊر رات جي
وقت ھرقسم جي چرپر تي بندش وڌي آھي.“
بااُو پنھنجون ٻئي ٻانھون ھيٺ پاسن تي اڇلايون، ڄڻ نا اميديءَ
جو اظھار ڪندي ھجي. ”سائين! مان سمجھيو ھو ته
فيصلو توھان جي ھٿ ۾ آھي، پر ھِت ته ھر ڳالھه
ڪمانڊر جي وس ۾ آھي. ٺيڪ آ، مون کي اوڏانھن وٺي
ھلو. مان کانئس ان جي موڪل وٺنديس.“
ڪئپٽن ڪاوُ ڪنڌ ھڪ طرف لاڙيو ۽ پوءِ ٻئي پاسي مادام بااُو ڏانھن
تڪيندو رھيو. پوءِ ھن ھڪ ھڪ لفظ چٻي چٿي گرکڻ شروع
ڪيو. ”لڙائيءَ شروع ڪرڻ لاءِ تون ڪمانڊر سان ملڻ
جو منصوبو ٺاھي رھي آھين. واه واه ڏاڍي ٺھين ٿي.
مون کي خبر آ ته تون انھن جي اڳواڻن مان ھڪ آھين.“
”مان کيس ڪئين ڀيرا راچ گيا ۾ جلوسن ۾ ڏٺو آھي.“ ھڪ سپاھيءَ لاڳ
ڏني.
”تون! بيوقوفيءَ جون ڳالھيون بند ڪر. مان ڪئپٽن سان ٿي
ڳالھايان، تون ڪير آھين وچ ۾ ٽپي پوڻ وارو؟“ ھن
وري ڪنڌ ڪئپٽن ڪاوُ ڏانھن موڙيو. سندس آڏو ادب ۾
ھٿ ٻڌي، پيار ۽ ميٺاج سان چيو، ”رحم ڪر، ڪئپٽن
سائين! ڪمانڊر پڪ ئي پڪ مون کي اجازت ڏيندو. توھان
غار وارن ويٽ ڪانگن سان وڙھو. توھان ھڪ قيدي ماري
ڇڏيو. اھو ڪافي آ. کيس دفنائڻ کان اسان کي ڇو ٿا
جھليو؟“
”منھنجو جواب وري به نه اٿئي!“ عملدار رڙ ڪئي، ”وڌيڪ ترڪ تال نه
ڪر!“
بيگم بااُو وڌيڪ ترسڻ ۽ ٻڌڻ جي سگهه نه ساري رڙ ڪئي. ”ته پوءِ
اھو بنا اجازت جي ئي ٿيندو.“ ھن عملدار جي اڳيان
وک وڌي ۽ پنھنجي ساٿين کي به اڳتي وڌڻ جو چتاءَ
ڏنو. ھجوم سندس ڪڍ ڌوڪي آيو ۽ سپاھين کي نديءَ
ڏانھن ڌڪي ڇڏيو.
”بيھي رھو نه ته گولي ھلائيندس!“ ڪئپٽن چيخ ڪئي.
ڪوبه نه بيٺو. مشعلون ھٿ ۾ جھليو ھُو ندي جھاڳڻ لڳيون ۽ ان جي
مٿاڇري تي روشنين جا ھزارين اولڙا ڦٽي ڪنديون
ويون. ڪئپٽن ڊوڙي پنھنجي ماڻھن جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي،
”ھوا ۾ گولي ھلايو.“ رائفلون کڄي ويون، سپاھين
چتاءَ جا ٻه ٽي فائر ڪيا. پر انسانن جي ٻوڏ وڌندي
رھي. ھو ندي ٽپي ٻيءَ ڀر پکڙجنديون ويون. ڪفن ٻيءَ
ڪنڌيءَ تي پھتو ته بيگم ھائي ٿيپ حڪم ھلايو، ”رڳو
چتاءَ جا فائر آھن، اڳتي وڌو!“
تجربي مان ھنن ڄاتوپئي ته اھڙن موقعن تي ڪرڻ جھڙي ڳالھه رڳو اھا
ھئي ته اڳتي وڌندو رھجي. ھرھڪ ماٺ ۾ چپ ھو. ڇوجو
ھو انھن چتاءَ جي فائرن جا ھريل ھئا. سڀ کان وڌيڪ
ته ھنن ڄاتو پئي ته سئو کي دفنائڻ کان سواءِ ھنن
کي ھڪ نھايت ئي ضروري ۽ اهم مھم به پوري ڪرڻي ھئي
_ ڪپڙن ۾ لڪائي کنيل کاڌ خوراڪ ۽ ٻيءَ ضروريات کي
ھان ڊئٽ کي بچائيندڙن تائين پھچائڻ! رات ٿيڻ سان
ئي ھنن اھي شيون ڪٺيون ڪري ڪپڙن ھيٺان لڪائڻ شروع
ڪيون ھيون.
ڪئپٽن ڪاوُ کي سياسي ھلچل دٻائڻ جو ڪجھه تجربو ھو. سو ھن ھجوم
تي گولي ھلائڻ کان پاسو ڪيو. ھڪ به دفعو مظاھرو
ڪندڙن مان هڪ ٻن کي مارائي ھو پاڻ مرندي مرندي
بچيو ھو. ھو سمجھندو ھو ته ھڪ ماڻھوءَ جي مرڻ سان
ئي ھجوم ٽڙي پکڙي ويندو. ان ڪري پھريون ڀيرو ھن
ائين ڪيو ھو، پر نتيجو ان جي ابتڙ، نڪتو . ماڻھو
ٻانھون کنجي مٿس ۽ سندس ماڻھن تي ڦري آيا ۽ پٿرن،
مڪن ۽ ڪلپن سان ھنن جا مٿا ڀڃي وڌائون. ان تجربي
کان پوءِ ھن وري ڪڏھن ائين نه ڪيو.
ھان ڊئٽ ۾ پڄڻ سان ئي ڪمانڊر کين ھدايت ڪئي ھئي، ”ويٽ ڪانگن کي
غار ۾ تھس نھس ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته ھت ڪابه
سياسي ڇڪتاڻ يا ڏي وٺ نه ٿيڻ گهرجي. جي اھي عورتون
ان ۾ اچي ويون ته اسان لاءِ عذاب ٿي پوندو. اھڙي
ھر موقعي تي مون کان حڪم وٺندا ڪريو.“ ڪاوُ
پنھنجي ڪمانڊر جي سياڻپ جي ساراھ ڪئي. ۽ اڄ عورتون
ھلچل ھلائي رھيون ھيون! ھو سندس حڪمن کي نه ليکي
ندي اُڪري رھيون ھيون. ھن لاءِ بھتر اھو ھو ته
پنھنجي بالادستن کي اطلاع ڪري. ھو مواصلاتي تنبو
ڏانھن ڊوڙيو، جنون سان فيلڊ فون جو ھئنڊل ڦيرائڻ
لڳو. آپريٽر جي ننڊا کڙي آواز پڇيو، ”ڪير پيو
سڏي؟“
”ڪئپٽن ڪاوُ، ٽين بٽالين. مون کي ڪمانڊر سان ڳنڍ!“
”پر ھو ته ستو پيو آھي، ڪئپٽن.“
”ته پوءِ جاڳائينس! ڳوٺاڻن احتجاجي جلوس ڪڍيو آھي ۽ ندي ٽپي
رھيا آھن. جلدي!“
پنجن منٽن جي انتظار کان پوءِ ڪاوُ ٻئي پاسي کان ڪمانڊر جو آواز
ٻڌو. ”ڇا چيئي؟ ماڻھن جلوس ڪڍيو آھي ؟“
”ھائو، ڪمانڊر! ھُن مئل ويٽ ڪانگ عورت کي ٽڪريءَ جي پاڙ واري
قبرستان ۾ پورڻ چاھين ٿا. منھنجي جھلڻ جي باوجود
ھو ندي ٽپي ويا آھن.“
”ڇا مصيبت آ! چتاءَ لاءِ گولي ھلراءِ.“
”ائين ڪيو اٿم، ڪمانڊر. پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. مٿن گولي ھلائڻ
جي اجازت ڏيو ٿا؟“
”نه، نه! اھو ته اسان لاءِ وري وڏي قيامت پيدا ڪندو. جي ندي ٽپي
ويا آھن ته سندن ڪڍ وڃو ۽ کين وڃي روڪيو..... “
”حاضر سائين!“
ڪاوُ فون رکي ڊوڙيو. پر ھن ڏاڍي دير لاتي ھئي. ھن کي ڪوبه ماڻھو
ندي لڳ نظر نه آيو. آخري مشعل به ناريل جي جھڳٽي ۾
گم ٿي وئي ھئي. ھينئر رڳو ناريل جي ڇڙين تي پوندڙ
انھن جا عڪس نظر اچي رھيا ھئا. ڪئپٽن ھڪ پلٽڻ ڪڍ
ڪاھيو، ندي ٽپي، سندن پويان ڊڪيو. جيئن ئي ھو
ماتمي جلوس جي پڇڙيءَ وٽ پڳا، ته ان جي اڳين قطارن
مان اونداھين شڪلين جو ھڪ ٽولو ٻاھر نڪري، اونده
مان تيز تيز غار طرف ڊوڙيو.
سڀ جي منڍ ۾ ڪامي ھئي، جنھن جي ھڪ ھٿ ۾ پاڻيءَ جي بوتل ھئي، ۽
ٻئي ۾ دمي ڀريل ڀُڳل چانورن جي ننڍي ھڙ. ھوءَ
ايترو تيز ڊوڙي جيتري سندس ڄنگهن ۾ سگهه ھئي. ان
جي ڪڍ ٻيون، جن کي به کاڌو ۽ پاڻي ھو. جيئن ئي ھو
اونده ۾ غار جي مُنھن آڏو آئي ته اندران گولي ھلڻ
جو آواز آيو. ھوءَ ڏڪي بيھي رھي ۽ رڙ ڪيائين، ”مان
آھيان ڪامي! ڀائو! توھان لاءِ پاڻي ۽ کاڌو آندو
اٿم!“
وائڙو ٿي گولي ھلائيندڙ گوريلي موٽ ۾ رڙ ڪئي، ”ياالله! ڪامي! ڌڪ
ته نه لڳئي نه؟“
”نه، نه! ڳڻتي نه ڪر.“ ڪامي ٿيڙ کائيندي منھن وٽ آئي ۽ بوتل ۽
ھڙ اندر رکيائين. ”سڀ ٺيڪ آھيو نه، ادا!“
”ھا!“
”سئو مري وئي آھي، اسان کيس دفنائڻ پيا وڃون.“ ايترو چئي ھوءَ
پٺتي موٽي، ته ٻي اڳتي وڌي. ٻي بوتل ۽ ٻي ھڙ.ھر
ڪنھن پنھنجو نالو ٻڌايو. ٿوري خيرعافيت پڇي ۽ پٺتي
موٽي. ھر ڪنھن کي اندران اھو جواب پئي مليو، ”دل
نه لاھيو! اسان مان رڳو ٻه ڦٽيا آھن. اسان مڙس ٿيا
بيٺا آھيون. ڳوٺ ۾ جدوجھد شروع ڪريو. نقصان لاءِ
هرجاني جي گهُر ڪريو. ڇاڙتا فوج جا حوصلا پست
ڪريو. پڪي ارادي سان جُمبي وڃو!“ |