کلو نه! اوھين ڏاڍا اونھان موڪل آھيو. اھا ته مون
کي پھرين خبر ھئي. پر آخر اوھين ان نقطي تي اچي
ويندؤ. ٻيا موڪل ذھين ھجڻ کان وڌيڪ جذباتي ٿيندا
آھن. ھو يڪدم گهٻرائجو وڃن، ذھين ماڻھن کي عتراف
ڪندي وقت لڳندو آھي. ھنن کي سڄو طريقو تفصيل سان
سمجھائڻو پوندو آھي. ھو وسارين ڪونه بلڪ لڳاتار
غور ڪندا رھندا آھن، ۽ جلد يا دير ڪجھه تفريحاً ۽
ڪجھه جذباتي ھيجان کان گهٻرائي ظبط جي حدن کي ٽپيو
وڃن، ۽ سڀ ڪجھه ڪڍيو ٻاھر ڪن. اوھين رڳو ذھين ڪونه
آھيو، پر ذھانت جو لڳاتار استعمال ڪرڻ ڪري اوھان
جي ذھانت وڌيڪ اجري ٿي وئي آھي. پر ايترو ته اوھان
کي مڃڻو پوندو، ته اڄ اوھين ايترا خوش ڪونه آھيون،
جيترو اڄ کان پنج ڏينھن پھرين ھئو. ھاڻ آءُ ان جو
انتظار ڪندس ته يا اوھين مون کي خط لکندؤ، يا وري
مون وٽ ايندؤ. اوھين موٽي ايندؤ. آءَ آخر ڇو
بدلجان ۽ جڏھن ڪ مون اھا خوشي حاصل ڪري ورتي آھي،
جا منھنجي لاءِ مناسب آھي! مون ٻٽي طبيعت کان ڀڄڻ
بجاءِ ان کي قبول ڪيو آھي، ان ۾ اھو سڪون ۽ آرام
ڳولي لڌو اٿم، جنھن کي سڄي عمر ڳوليندو رھيو ھوس.
آءُ غلطيءَ تي ھوس، جنھن وقت مون اوھان کي چيو ھو،
’اصل شي فيصلي کان بچڻ آھي.‘ اصل شي ته ھيءَ آھي،
ته انسان پاڻ تي ھر شي کي روا رکي. خواه وقت وقت
تي ھن کي نڙي ڦاڙي پنھنجي اندر جي ڪاراڻ جو اعلان
ڇو نه ڪرڻو پوي. آءُ ھڪ ڀيرو وري ھرشي کي پنھنجي
ذات تي روا ڪريان ٿو. ۽ ھن ڀيري اھو ٽھڪ ٻڌڻ ۾ نٿو
اچي. مون پنھنجي زندگيءَ جي طرز ڪانه بدلائي. آءُ
اڃا به پنھنجو پاڻ سان محبت ڪريان ٿو، ۽ ٻين جي
ڪلھي تي بندوق رکي ھلايان پيو. فرق رڳو ايترو آھي،
ته منھنجي گناھن جو اعتراف مون کي وري ھلڪي دل سان
زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد ٿو ڏئي، ۽ آءُ ٻيڻي لذت حاصل
ڪري سگهان ٿو. ھڪ ته پنھنجي فطرت جي لذت ۽ ٻي نون
ڪمن شروع ڪرڻ جي.
جڏھن کان مون پنھنجو حل ڳولي لڌو آھي. ۽ آءُ ھر شي بنا ڪنھن
تڪليف جي ڳولي پيو سگهان عورت، غرور، بوريت، نفرت،
حتيٰ نڪ ھي بخار، جو ھاڻ مسرت بخش طريقي سان
منھنجي اندر وڌي رھيو آھي. انھن سڀني جي آڏو آءُ
ھٿيار ڦٽا ڪريو ڇڏيان. منھنجي فتح پڇاڙيءَ ۾ ٿيندي
آھي، پر ھميشه لاءِ.ھڪ ڀيرو وري آءُ چوٽي تي پھچي
ويس جنھن کي فتح ڪرڻ وارو آئون ئي اڪيلو شخص
آھيان، ۽ جتان ھر ھڪ تي فيصلو صادر ڪري سگهان ٿو.
طويل وقفن کان پوءِ ھڪ اڌ حسين رات جو فاصلي تي ھڪ
ٽھڪ ٻڌندو آھيان، ۽ پوءِ منھنجي دل ۾ شڪ پئدا
ٿيندو آھي، پر ھڪدم پنھنجي ڪمزورين جي بار ھيٺان
ھر ھڪ کي، انسان ۽ شين، ٻنھي کي دٻايو ڇڏيان، نيئن
سر چاڪ ٿيو وڃان.
آءُ ’ميڪسيڪوسٽيءَ‘ ۾ ، جيستائين ٿيو اوھان جو انتظار ڪندس. ھي
ڪمبل ھٽائي ڇڏيو. اوھين ايندو نه؟ ضرور اچجئو،
آئون اوھان کي پنھنجي ڪم جي طريقي ۽ ٽيڪنڪ متعلق
تفصيل سان ٻڌائيندس. ڇو جو مون کي اوھان سان ھڪڙي
قسم جو قرب ٿي ويو آھي. اوھين مون کي ھر رات ماڻھن
کي اهو ٻڌائيندا ڏسندئو، ته ھو سڀ ذليل آھن، ڪميڻا
آھن. مان ان کان سواءِ رھي نٿو سگهان، ۽ نه ڪو
پنھنجو پاڻ کي ھي ڏسڻ جي مسرت کان باز رکي ٿو
سگهان، ۽ منھنجو ٻڌندڙ ڪجھه شراب جي نشي ۽ ڪجھه
منھنجي تنقيد ڪري منھنجو شڪار ٿيو وڃي، ۽ ڇاتي
ڪٽيو رڙيون ڪرڻ ۾ لڳيو وڃي. ان وقت منھنجو قد وڌي
ويندو آھي، ۽ آءُ آزادي ۾ ساھ کڻڻ لڳندو آھيان.
آءُ ان وقت جبل جي سڀ کان اونچي چوٽيءَ تي ھوندو
آھيان، ۽ منھنجي آڏو ميدانن جون ھيٺاھون چادرون
وڇايل، ھونديون آھن. اھو احساس ڪيترو نه نشي آور
آھي، ته ماڻھو پاڻ کي خداوند خدا، مقدس پيءَ
وانگيان محسوس ڪري، ۽ ماڻھن ۾ بد ڪرداري ۽
بداحماليءَ جون سندون ورھائيندو وتي. ان وقت
بندرگاه جي عرش معلي تي آءُ بديءَ جي فرشتن سان
جلوه افروز ٿيندو آھيان، ۽ ڌنڌ ۽ پاڻي مان نڪرندڙ
ان ھجوم کي ڏسندو آھيان، جو يوم حساب جي آخري
فيصلي لاءِ اچي رھيوآھي. آءُ پنھنجي کان سان ڏسي
رھيو آھيان، ته ھو آھستي آهستي قبرن مان اٿي رھيا
آھن. ھو جو سڀني کان اڳيان اچي رھيو آھي، سو
پنھنجي گهٻرايل منھن تي، جنھن کي ھن ھٿ سان لڪائي
ڇڏيو آھي، عام صورتحال جي اداسي، ۽ رنج جا آثار
کنيو پيو اچي. آءُ ھن کي گناھن کان پاڪ ڪري ھن تي
رحم ٿو ڪريان، ۽ ھن کي معاف ڪرڻ بنا سمجھڻ جي ڪوشش
ٿو ڪريان، ۽ سڀ کان وڌيڪ ھي محسوس ٿو ڪريان ته مون
کي پوڄيو پيو وڃي !
ھا، ھاڻ آءُ گهمي ڦري سگهان پيو. ھڪ سٺي بيمار جيان. آخر
ڪيستائين پنھنجو پاڻ کي ھنڌ ۾ قيد ڪريان. مون کي
اوھان کان بلند ھجڻ کپي، ۽ منھنجا خيال مون کي کڻي
رھيا آھن. اھڙين راتين ۾ بلڪ اھڙن صبحن ۾ اڪثر
ٻاھر نڪري ويندو آھيان، ۽ نھرن جي ڪناري تي تيز
تيز ھلندو آھيان. بي رنگ آسمان تي پرن جا جڳھٽا
آھستي آھستي گهٽجڻ لڳندا آھن. ڇتين مٿان اڀرندڙ
گلابي روشني ۾ منھنجي تخليق جو ھڪ نئون ڏينھن
اڀرندو آھي. ڊمراڪ تي پھرين ٽرام ان مرطوب ھوا ۾
پنھنجي گهنٽي ٿي وڄائي، ۽ يورپ جي پراھين ڪنڊ ۾
زندگيءَ جي ھلچل شروع ٿي ويندي آھي. ان وقت يورپ
جي ھن حصي ۾ لکن انسان، جي منھنجي رعيت آھن،
پنھنجي وات ۾ ڪڙو ذائقو کنيو، تڪليف سان ھنڌن تان
اٿندا آھن، ۽ پنھنجي پنھنجي بنا خوشيءَ واري ڌنڌي
۾ لڳي ويندا آھن، ۽ ان وقت ھن کنڊ تي، جو بنا خبر
جي منھنجي قبضي ۾ آھي، اڀرندڙ سج جي ڳاڙھي روشنيءَ
۾ گندن اکرن سان ڀريل مسرت جي ھڪ انتھا تي پھچي
ويندو آھيان. واقعي آءَ اوھان کي سچ ٿو چوان ته
آءُ مسرت جي انتھا تائين پھچي ويندو آھيان آءُ
ڪڏھن به اوھان کي اھو خيال ڪرڻ نه ڏيندس ته آءُ
خوش ڪونه آھيان. آءُ بي انتھا خوش آھيان. شادي مرگ
جي حالت تائين خوش. سج، ڪنارو، واپاري ھوائن جي
رستي تي ٻيٽ ۽ جواني، جنھن جو بار به ماڻھوءَ جا
وار ئي ڪانڊاريو ڇڏي.
آءُ وري ھنڌ تي ليٽڻ ٿو گهران. معاف ڪجو. مون کي خيال ٿو ٿئي ته
مون پاڻ کي ڏاڍو خفي ڪيو آھي. پر آئون روئان ڪونه
پيو. ڪڏھن ڪڏھن انسان سٺي زندگيءَ جا اسرار ڄاڻڻ
کان پوءِ به، حقيقت تي شڪ پيو ڪندو آھي. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونھي، ته منھنجو ڪو مثالي حل ڪونھي. پر جڏھن
اوھان ڄاڻو پنھنجي زندگي پسند نٿا ڪريو، ۽ جڏھن
اوھان ڄاڻو ٿا ته اوھان کي ٻين جي زندگي بدلائڻي
آھي، ته پوءِ اوھان جي آڏو ڪھڙو رستو ٿو بچي؟ ھڪ
ماڻھو ٻيو بڻجڻ لاءِ ڇا ڪجھه ڪري سگهجي ٿو؟ ھن کي
وجود جي ھر رشتي سان تعلق ختم ڪرڻو پوندو آھي. گهٽ
۾ گهٽ ھڪ ڀيرو ھن کي پنھنجي وجود کي ٻين لاءِ
وسارڻو پوندو آھي. پر ڪيئن؟ ھاڻ ايترا اڻڄاڻ نه
ٿيو. آءُ ان پوڙھي فقير جيان آھيان، جنھن ھڪ ڏينھن
ھوٽل جي ڇت تي منھنجو ھٿ نه ٿي ڇڏيو.”حضور ڳالھه
رڳو اھا ڪانھي.“ ھن چيو ھو.”ته آئون سٺو ماڻھو
ڪونه آھيان، بلڪ مون کان سواءِ اوھين روشنيءَ جي
راه وڃائي ويٺا آھيو.“ ھا اسان روشنيءَ جي راه
وڃائي ويٺا آھيون. اھو صبح ۽ انھن ماڻھن جي مقدس
معصوميت اسان کان ڦرجي چڪي آھي.
ڏسو برفباري پئي ٿئي. مون کي ٻاھر وڃڻ کپي!. ايمسٽرڊم رات جي
اجري چادر ۾ ويڙھيو، خوابديده ٿيو پيو آھي. برف
سان ڍڪيل ننڍين ننڍين پلن ھيٺان، نيرو نيرو پاڻي
آھستي آھستي وھي رھيو آھي. خالي رستا خاموشيءَ ۾
منھنجي قدمن جو آواز. ھي سڀ سڀاڻي صبح تائين ھڪ
پاڪيزگيءَ جي شڪل برقرار رھندا. خواه اھا پاڪيزگي
ھڪ پل لاءِ ئي ڇو نه ھجي. دريءَ جي شيشن سان
ٽڪرائيندڙ برف جي ٽڪرن کي ڏسو، اھي پڪ پکي ھوندا،
ويچارا آخرڪار پستين ۾ لھڻ تي مجبور ٿيو وڃن. ھاڻ
ھو پاڻي ۽ ڇتين تي، پنھنجي پرن جا ٿلھا تھه ڄمايو
ويٺا ھوندا. اھي پکي ھر دريءَ تي ٺڙ ٺڙ ڪندا آھن.
ڪھڙو حملو آھي؟ اسان کي اميد رکڻ کپي ته ھو اسان
جي لاءِ ڪا خبر آڻيندا ھوندا. سلامتيءَ جون خبرون.
رڳو خاص بندن لاءِ نه بلڪ سڀن لاءِ. ملڪيت ۽
مصيبتون ھڪ ٻئي ۾ وراھجي وينديون، ۽ مثال طور تي،
اوھين اڄ کان پوءِ، ھر اچڻ واري رات، منھنجي لاءِ
فرش تي سمھندئو. چڱو ھاڻ کڻي مڃوته جي ھن وقت
آسمان مان ڪو رٿ لھي، ۽ مون کي مٿي وٺي وڃي ، يا
اوچتو برف کي باھ لڳي وڃي ته اوھين گهٻرائجي
ويندؤ، اوھان کي پڪ نٿي ٿئي، پر پوءِ به ھاڻ مون
کي ٻاھر وڃڻ گهرجي.
چڱو چڱو، آءُ ماٺ ٿو ڪريان. پريشان نه ٿيو.منھنجي
ان بڪواس تي نه وڃو. مون ڏاڍي ظبط سان اھي ڳالھيون
ڪيون آھن.ھاڻ ڇو جو اوھين پنھنجي متعلق
ڳالھائيندئو، مون کي ھيءَ خبر پئجي ويندي ته
منھنجن اعترافن جي پويان جي مقصد ھوا، تن مان ڪوبه
حاصل ٿيو يا نه! مون کي ته دراصل ھميشه اھا اميد
رھندي آھي، ته منھنجا اعتراف ٻڌڻ وارو ڪو پوپ جو
ماڻھو نڪرندو، جو مون کي ’عادل منصفين‘ جي چوريءَ
جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪندو، ان کان سواءِ ڇا منهنجو
اهو خيال صحيح ڪونهي ته مون کي ڪنهن ٻئي ڏوهه ۾
گرفتار ڪري نٿو سگهجي؟ جيستائين ان تصوير جي
چوريءَ جو تعلق آھي، اھا ضرور قانون جي پڪڙ ۾ اچي
سگهي ٿي، ۽ مون به پنھنجي پاڻ تي ان چوري ۾ شريڪ
ھجڻ جو ڏوھه ثابت ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ورتي آھي.
اھا تصوير آءُ پاڻ وٽ رکيو ويٺو آھيان، يا ھر ان
شخص کي ڏيکاريان پيو جيڪو ان کي ڏسڻ جو خواھشمند
آھي. ته اوھين مون کي گرفتار ڪندئو؟ تڏھن ته اھا
ڏاڍي سٺي شروعات ٿيندي ان کان پوءِ ٻين ڳالھين جو
به انتظام ٿي ويندو. مثلاً ممڪن آھي ته منھنجي سسي
ڪپي وڃي، ۽ پوءِ مون کي موت جوخوف نه رھندو، ۽ آءُ
بچي ويندس. ماڻھن جي ھجوم آڏو منھنجي ڪپيل، گرم،
رتوڇاڻ سسي بلند ڪئي ويندي، ته جيئن ھو منھنجي شڪل
۾ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهن؛ ته آءُ ھڪ ڀيرو وري
فتحمند ٿيندس. منھنجي ڪپيل سسي نشان راه ٿيندي. ھر
ڳالھه تڪميل کي پھچي ويندي. مون کي ته کپندو ھو ته
اڪيلي، ويراني ۾ رھڻ واري ڪوڙي پيغمبر واري پنھنجي
ھن زندگيءَ کي ................. ھڪ اڻڄاتل
گمناميءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيان ھا، پر اوھين پوليس وارا
ته ڪونه آھيو؟ نه؟ تڏھن ته ڳالھه تمام سئولي ٿيو
ٿي وڃي. ڏٺوَ! مون کي به اھو ئي شڪ ھو. اھوئي سبب
ھو جنھنڪري مون کي اوھان سان ھڪ قسم جو لڳاءُ پئي
محسوس ٿيو. ته اوھين به پئرس ۾ وڪالت جو شريفاڻو
ڌنڌو ڪندا آھيو. مون کي پھرين ئي شڪ پيو ھو ته پاڻ
ٻئي ھڪڙي ڍڳي جا چور آھيون. ڇا اسين سڀ ھڪ جھڙا.
ڪونه آھيون؟ مسلسل ڳالھائيندا پيا وڃون. پر مخاطب
ڪوبه ڪونھي. انھيءَ ئي سوالن لاءِ پريشان آھيون،
جن جي جوابن کان اڳي ئي واقف آھيون. واقعي اسين سڀ
ھڪجھڙا آھيون. ھا ته مھرباني ڪري ٿورو ٻڌايو ته
سھي! ھڪ رات جڏھن اوھان سين ندي جي بند تي پئي ويا
ته ڇا ٿيو، ۽ اوھان پنھنجو پاڻ کي خطري کان بچائڻ
لاءِ ڇا ڪيو؟ اوھين خود انھن اکرن کي ورجايو جن جو
نه ختم ٿيندڙ پڙاڏو ورھين کان منھنجي خاموش راتين
۾ گونججي رھيو آھي، ۽ جن کي آخرڪار اوھان جي واتان
ادا ٿيندوٻڌندس، ”اي نوجوان عورت، ھڪ ڀيرو وري
پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏي ته جيئن توکي ۽ خود پنھنجو پاڻ کي
بچائڻ جو مون کي ھڪ ٻيو موقعو ملي سگهي.“ ٻيو
موقعو؟ ڏاڍي خوفناڪ تجويز آھي. ٿورو تصور ته ڪريو؟
جي واقعي اسان جي ھيءَ آرزو قبول ٿي وڃي ته؟ ته
پوءِ پاڻي ءَ ۾ ٽپو ڏيڻو پوندو. سي _ سي _ سي اُف
پاڻي ڪيترو نه سرد آھي! پر اسان کي پريشان ٿيڻ نه
گهرجي. ان موقعي کي گذري دير ٿي وئي آھي. زندگيءَ
جي ھر معاملي ۾ ھميشه ديرئي ٿيندي رھندي
.......... خوش قسمتيءَ سان !! |