اوھين اھو سڀ ڪجھه ٻاراڻي ڳالھه سمجھندا. پر تنھن ھوندي به،
معمولي لطيفن جي پٺيان ڪو وڌيڪ سنجيدگيءَ وارو سبب
پڻ ٿي سگهي ٿو. مون ھاڻي سڄي راند ڦٽائڻ ٿي چاھي،
۽ سڀ کان وڌيڪ، پنھنجي ماضيءَ جي انھيءَ دل
پرڀائيندار شھرت کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ٿي چاھيم،
جنھن جي خيال اچڻ سان آءُ طيش ۾ ڀرجي ٿي ويس.
”اوھان جھڙو شخص!.........“ ماڻھو تمام خوش
اخلاقيءَ سان ائين چون، ۽ منھنجي منھن جو پنو لھيو
وڃي. مون کي انھن جي عزت ۽ اعزاز جي ضرورت ڪانه
ھئي، ڇو ته اھا عزت عام طرح جي ڪانه ھئي، ۽ عام
طرح جي ٿيندي به ڪيئن، جڏھن آءُ ان ۾ حصيدار نٿي
بنجي سگهيس! انھيءَ ڪري بھتر ھو ته فيصلي توڙي
عزت، ھر چيز کي مذاق ۽ مسخريءَ جي پوش سان ڍڪي
ڇڏجي. مون کي ھر قيمت تي انھيءَ احساس کان پاڻ
ڇڏائڻو ھو، جيڪو منهنجي گلي کي گهڻي ڌهبو هو. آءُ،
جيڪو ميڻ جو خوبصورت بوتو ھرھنڌ پيش ڪري رھيو ھوس،
تنھن کي ٽوڙي ۽ ڦوڙي، سڀني کي ڏيکارڻ ٿي گهريم ته
اھو اصل ۾ ڇا جو ٺھيل آھي: مثال طور، مون کي
پنھنجي ھڪ غير جي ھڪ غير رسمي تقرير ياد اچي ٿي،
جيڪا مون سيکڙاٽ وڪيلن جي ھڪ ميڙ اڳيان ڪئي ھئي.
بار جي صدر، منھنجو تعارف ڪرئيندي، منھنجي ايڏي ته
زبردست ساراھه ڪئي جو آءُ پنھنجي طبيعت جي جوش کي
گهڻي دير برداشت نه ڪري سگهيس. توقع موجب، مون
پنھنجيءَ تقدير جي شروعات جوش ۽ خروش سان ڪئي، ۽
ان ۾ مون کي ڪابه دقت ڪانه ٿي. پر آءُ يڪايڪ
انھيءَ ڳالھه جي حمايت ڪرڻ لڳس ته اتحاد ھڪ دفاعي
سرشتي جي صورت ۾ ھجڻ کپي. مون چيو، سزا ڏيڻ وارن
جديد ادارن جنھن طريقي کي مڪمل بنايو آھي، سو
اتحاد نه آھي، جنھن سان ھڪڙي چور ۽ ھڪڙي ايماندار
ماڻھو کي ڪچليو وڃي. ان جي ابتڙ منھنجو مطلب اھو
ھو ته چور جو بچاءُ ايماندار ماڻھوءَ (مثال طور
وڪيل) جي ڏوھن کي ظاھر ڪرڻ سان ٿيڻ کپي. مون
انھيءَ نُڪتي تي پنھنجا خيال تمام وضاحت سان پيش
ڪيا:
’فرض ڪريو ته مون ھڪ اھڙي قباس جوڳي شھريءَ جو بچاءُ ڪرڻ قبول
ڪيو آھي، جنھن رقابت جي جوش ۾ اچي خون جو ڏوھه ڪيو
آھي. آءُ ان جي بچاءَ لاءِ دليلبازي ڪندي ھيئن
چوندس: جيوريءَ جا معزز رڪن صاحبو! ذرا غور ڪريو
ته صنف نازڪ جي ھٿان جڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي فطري
نيڪيءَ کي آزمائش ۾ مبتلا ٿو ڏسي، ته ان جي غيرت
وچان جوش ۾ اچي وڃڻ ڪيتريقدر معافيءَ لائق آھي. ان
جي ابتڙ، ڪٽھڙي کان ٻاھر، ھن طرف، خود منھنجيءَ
جڳھه تي ھجڻ، جا وڌيڪ سنگين نه آھي، ته ماڻھو ڪڏھن
به نيڪ نه رھيو ھجي يا ڪنھن دوکي کائڻ جي نوبت
تائين نه پھتو ھجي؟ آءُ آزاد آھيان، اوھان جي گرفت
کان محفوظ آھيان، پر تنھن ھوندي به آءُ ڇا آھيان؟
مغروريءَ ۾ لوئي چوڏھون (بادشاھه)، ھوسناڪيءَ ۾
سان، غيظ ۽ غضب ۾ فرعون، ۽ آرام طلبيءَ ۽ سستيءَ ۾
نواب! مون ڪنھن کي به قتل نه ڪيو آھي؟ يقيناً، اڃا
تائين نه.پر ڇا، مون ڪيترن ئي زندگيءَ جي مستحق
ماڻھن کي موت جي منھن ۾ وڃڻ نه ڏنو آھي؟ ٿي سگهي
ٿو ته مون ڪيو ھجي؛ ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ائين
ڪرڻ لاءِ تيار ھجان. ان جي ڀيٽ ۾، ھي شخص _ ذرا ھن
ڏانھن نھاريو _ ٻيھر ڪڏھن نه ڪنھن کي قتل ڪرڻ جو
ڏوھه نه ڪندو. ھي ته اڃا کانئس پھريون ڀيرو ٿي ويل
حرڪت تي ئي حيران آھي؛ انھيءَ تقرير منھنجن ننڍيءَ
عمرجي ساٿين کي البت پريشان ڪري ڇڏيو. پر ڪجھه دير
بعد ان کي مذاق سان ٽاري ڇڏڻ مناسب سمجھيائون.
پوءِ انھن جي پريشاني غائب ٿي ويئي، ۽ ھو بلڪل
مطمئن ٿي ويا، جڏھن مون پنھنجي تقرير جي آخر ۾
انسان جي انفراديت ۽ فرد جي گهربل حقن جو سوال کڙو
ڪيو. تنھن ڏينھن، آخرڪار عادت جي فتح ٿي .
انھن وڻندڙ بي احتياطين کي ورجائڻ سان، آءُ رڳو ٻين جي خيالن ۾
ڪي قدر خلل پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيس. انھن کي
پوريءَ طرح دٻائي نه سگهيس، ۽ نه وري پنھنجن خيالن
تي غلبو حاصل ڪري سگهيس. منھنجي اھڙي نموني جي
گفتگو، عام طرح، ٻڌڻ وارن تي حيرت ۽ پريشانيءَ جي
اھڙي ئي ڪيفيت پيدا ڪندي ھئي، جھڙي ڪيفيت ھن وقت
اوھان تي طاري آھي. نه ته، انڪار نه ڪريو، آءُ ان
کان مطمئن نه ٿي سگهيو آھيان.
ٿورو خيال ڪريو ته اوھين پنھنجو پاڻ کي ڪيئن ٿا قصوروار ٺھرايو.
پر ٻي صورت ۾ وري آءُ ھڪ رڍ وانگر معصوم آھيان.
اھو ضرور آھي ته ٻئي کان قصور وارسمجھيو وڃي، اھا
ڳالھه مون کي ڏاڍي ڏکي معلوم ٿي آھي. ان ڏينھن کان
وٺي ٽھڪ منھنجو رستو ئي نٿو ڇڏي. آءُ بي سوچي
سمجھي پنھنجي ڪوششن ۾ مصروف رھيس جنھن مون کي
نقصان پھچايو.
مون کي ائين پيو لڳي ڄڻ سمنڊ چڙھي پيو. پر پنھنجيون ٻيڙيون ھلڻ
تائين پرسڪون رھنديون. ڏينھن لھندو پيو وڃي. ڏسو
پکي ميڙ ڪيو پيا رڙيون ڪن، روشني ھلڪي ٿيندي پئي
وڃي _ ڇو نه ڪجھه دير ترسي انھيءَ مخصوص ماحول مان
لطف اندوز ٿجي .نه! منھنجيون ڳالھيون اوھان کي لطف
ٿيون ڏين؟ واقعي اوھين ڏاڍا بااخلاق آھيو. ان کان
سواءِ ھاڻ مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي آءُ اوھان لاءِ
دلچسپيءَ جو باعث نه بڻجي پوان. شرمسار مصنف جو
مسئلو کولي بيان ڪرڻ کان اڳ مون کي اوھان سان
عياشيءَ ۽ زناڪاريءَ جي باري ۾ ڳالھائڻو آھي.
(5)
اوھان جو خيال غلط آھي. ٻيڙي تمام تيز پئي ھلي. زئي دزي سمنڊ ئي
مثل آھي.ھن جي سڌن سنون ڪوھيڙي ۽ ڌنڌ ۾ ويڙھيل
ڪنارن مان خبرئي ڪانه ٿي پوي ته ھو شروع ڪٿان ٿو
ٿئي ۽ ختم ڪٿي ٿو ٿئي. ھڪجھڙي منظر ڪري رفتار جو
اندازو به ڪونه ٿو لڳائي سگهجي. اسين اڳيان وڌندا
پيا وڃون پر ٻاھريان سڀ نظارا ساڳيا آھن. ڪابه شي
بدلي ڪانھي. اھڙا سامونڊي سفر حقيقت ۾ خوابن وانگر
محسوس ٿيندا آھن.
يونان جي ٻيٽن ۾ وري مون ان جي بلڪل ابتڙ محسوس ڪيو آھي. اُفق
تي لڳاتار نوان ٻيٽ اڀرندا رھندا آھن، ۽ ھنن جون
وڻن کان خالي گنجيون چوٽيون آسمان جون حدون
ڏيکارينديون آھن. پٿريلا ڪنارا سمنڊ جي مقابلي ۾
وڌيڪ ظاھر ھوندا آھن، ۽ ھر شي صاف ۽ چٽي ھوندي
آھي. تيز روشنيءَ ۾ ھر شي، سفر وقت گذريل نشانن جو
بدل معلوم ٿيندي آھي. پنھنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ ويٺي،
جا لڏندي پئي ھئي، لڳاتار ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ
تائين ويندي مون کي ائين محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ اسين
ھلڪڙين ٿڌين لھرن جي بيقرار ڇاتين تي چڙھيو، گجيون
اڇلائيندا، کلندا ٽپندا، ٻيڙن جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي
رھيا آھيون. بس سائين، انھيءَ ڏينھن کان يونان
منھنجي وجود ۾ ، منھنجي يادن جي سيني تي مسلسل تري
پيو. پر ترسو ......واقعي آءُ موضوع کان ھٽي ويس.
مھرباني ڪري اوھين مون کي ان طرح شاعري ڪرڻ نه
ڏيو.
ڀلا اوھين ڪڏھن يونان ويا آھيو؟ نه.اھو به سٺو ٿيو. آءُ پچان ٿو
ته جي پاڻ اتي ھجون به ھا ته آخر ڇا ڪريون ھا؟ ھتي
ته صاف ۽ پاڪ دلين جي ضرورت آھي. اوھان کي اھا خبر
آھي ته ھتي دوستن جا جوڙا ھٿن ۾ ھٿ وجھي رستن تي
گهمندا آھن؟ ھا، عورتون گهرن ۾ ويٺيون ھونديون
آھن، ۽ اوھين ڪنھن وڏين مڇن وارو اڌڙوٽ عمر جي
معزز شخص کي ڏسندوئو ته ھو ڪنھن دوست جي آڱرين ۾
آڱريون وجھيو سنجيدگيءَ سان رستي تي گهمي رھيو
ھوندو . مشرق ۾ به ڪڏھن ڪڏھن اھو لقاءُ ڏسڻ ۾
ايندو آھي؟ آءُ انڪار ڪونه ٿو ڪريان. پر مون کي
ٻڌايو ته ڇا اوھين پئرس جي رستن تي انھيءَ طرح
منھنجي ھٿ ۾ ھٿ وجھي ھلي سگهندئو؟ اسان وٽ
شائستگيءَ جو احساس جوآھي؟ يوناني ٻيٽن ۾ داخل ٿيڻ
کان اڳ اسان کي پاڪ ٿيڻو پوندو. ھتي جو سمنڊ، ھتي
جون لازوال خوشيون لطيف ۽ شفاف آھن، ۽ اسين
..........
ھلو ته ٻاھر پيل ڪرسي تي ويھون . ڏاڍو ڌنڌ آھي. جيستائين مون کي
ياد ٿو پوي، شايد مون ڳالھه سزا ۽ تڪليف جي موضوع
تي ڇڏي ھئي. ھا! اجھو ٿو ٻڌايان ته منھنجو مطلب ڇا
آھي؟ آخرڪار پنھنجي سمورين ڪوششن، بدتميزي ۽ ديدھ
دليري جي سمورن مظاھرن يا بي سود ڪوششن کان پوءِ
مون فيصلو ڪيو ته انسانن جي صحبت ڇڏي ڏيندس. نه،
نه، مون ڪنھن غيرآباد ٻيٽ جو رخ ڪونه ڪيو. ڇو جو
ھاڻ اھڙو ڪوبه ٻيٽ ڪونه بچيو آھي. مون رڳو عورتن ۾
پناھ ورتي. ڇو جو اوھان کي خبر آھي ته عورتون ڪنھن
کي به خراب ڪونه سمجھنديون آھن، بلڪ اسان جي طاقت
ڀڃي اسان کي منڪسر بڻائڻ تي گهڻو ڌيان رکنديون
آھن. ان ڪري ئي ته عورت ھڪ انعام آھي. سپاھيءَ جو
نه بلڪ ڏوھاريءَ جو. اھائي ھن جي آخري منزل آھي.
ھن جي گرفتاري گهڻو ڪري عورت جي ھنڌ تي ئي ٿيندي
آھي. زمين تي جيڪو بھشت جو ٽڪرو رھجي ويو آھي اھو
عورت ئي ته آھي. مصيبت ۾ آيس ته آءُ به خطرو ڏسي
پناھ گاھ ڏي ڊڪيس. پر ھاڻ منھنجيون تقريرون ختم ٿي
چڪيون آھن. آءُ اڃا به جوا ڪندو ھوس پر رڳو
عادتاً. ھاڻ ان جي ضرورت به ڪانه ھئي. آءُ ان
ڳالھه جو اعتراف ڪندي ٿورو ڊڄان ٿو (رڳو ان ڪري
جوڪي اھڙآ اکر نه ڪم آڻڻا پونم) ته انھن ڏينھن مون
کي ڪجھه ائين لڳندو ھو ڄڻ مون کي محبت جي ضرورت
آھي. آھي نه واھيات ڳالھه؟ بھرحال ڳالھه ڪھڙي به
ھجي مون کي اندروني طرح تڪليف جو احساس ٿي رھيو
ھو. ھڪ اھڙي ضرورت جنھن مون کي پورو ڪري ڇڏيو. ان
ڳالھه جو موقعو ڏنو ته مان ڪجھه حيرت جي ڪري به ۽
ڪجھه مجبوريءَ جي ڪري ڪن ڳالھين ۾ ڦاسي وڃان. مون
کي پيار جي ڏاڍي ضرورت ھئي ۽ آءُ پنھنجو پاڻ کي
محبت ۾ مبتلا سمجھڻ لڳس. ٻين اکرن ۾ آءُ ھڪ بيوقوف
جو رول ادا ڪري رھيو ھوس. ھاڻ آءُ گهڻو ڪري پنھنجو
پاڻ کان سوال ڪندو ھوس (جيڪي پھرين ھڪ تجربيڪار
انسان جي حيثيت ۾ ھميشه ٽاري ڇڏيندو ھوس)” ڇا تون
مون سان محبت ڪرين ٿو؟“ اوھان کي خبر آھي سائين،
انھن حالتن ۾ عام جواب اھوئي ٿي ٿو سگهي ”۽
اوھين؟“ جي آءُ ھا ٿو ڪريان ته مون کي خبر ٿي پوي
مان پنھنجي اصل احساسن کان اڳتي وڌي ويو آھيان. ۽
جي انڪار ٿو ڪريان ته محبت کان محروم ٿي وڃڻ جو ڊپ
جو منھنجي لاءِ نھايت ئي ڏکيو ھو. جنھن جذبي مان
مون کي آسودگيءَ جي اميد ھئي، اھو جذبو جيترو خطري
۾ ھجي ايترو ئي گهڻو مان پنھنجي ساٿيءَ کان ان جي
گهر ڪندو ھوس. اھا شي مون کي گهڻي کان گهڻي قسما
قسميءَ ڏي وٺي وئي. آءُ پنھنجي دل کان گهڻي کان
گهڻن جذبن جي گهرج ڪرڻ لڳس. ان طرح آءُ ھڪ دلڪش پر
بيوقوف ڇوڪريءَ لاءِ ان نقلي جذبي جو شڪار ٿي ويس.
ھن ڇوڪريءَ ھڙنئي روماني ناولن جو تمام گهڻو
مطالعو ڪيو ھو ايتريقدر جو ھوءَ محبت جو ذڪر اھڙي
قطعي ۽ يقيني انداز ۾ ڪندي ھئي جنھن جيترو ڪو
انٽليڪچوئل ڪنھن غير طبقاتي سماج جو ذڪر ڇا ڪري
سگهندو! اھڙي پڪ، اوھان کي خبر آھي ڪڏھن ڪڏھن
ٿيندي آھي. مون به ان طرح ئي محبت جي لاءِ ڳالھائڻ
جي ڪوشش ڪئي ھئي، ۽ آخرڪار پاڻ ئي پنھنجين ڳالھين
تي اعتبار ڪرڻ لڳس. آخر ھوءَ منھنجي سريت بڻجي
ويئي ۽ مون محسوس ڪيو ته روماني ناول محبت جي باري
۾ ڳالھائڻ ته سيکارين ٿا پر محبت ڪرڻ جو فن نٿا
سيکارين. مون ھڪ طوطي سان محبت ڪئي ھئي. جنھن سان
هن جي ھنڌ تي ويس ته ھو نانگ نڪتو. اھا محبت جا
ڪتابن ۾ ڏيکاري ويندي آھي پر زندگي ۾ ڪٿي به نه
ھوندي آھي.
پر مون ۾ مشق جي گهٽتائي ھئي.ٽيھن سالن کان وڌيڪ عرصو ته آءُ
رڳو پنھنجي محبت ۾ مبتلا ھوس. اھڙي پراڻي عادت ختم
ٿيڻ جي تمام گهٽ اميد ھئي. آءُ ان کي ڇڏي نه سگهيس
۽ عشق بازيءَ جي معاملي ۾ بيوقوف ئي رھيس. آئون
پنھنجي وعدن کي ٽوڙيندو رھيس. ھڪ ئي وقت ۾ گهڻيون
محبتون ڪيم. جيئن شروعاتي دور ۾ ھڪ ئي وقت ۾ گهڻن
سان شناسائي رکندو ھوس. ان طرح مون ٻين لاءِ
گهڻيون ئي بدقسمتون فراھم ڪيون شايد مون اوھان کي
ڪونه ٻڌايو ته منھنجو طوطو دل برداشتو ٿي، فاقن جي
وگهي پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو. خوش قسمتيءَ
سان آءُ وقت تي پھچي ويس ۽ ھن کي سھارو ڏيڻ منظور
ڪيم. ۽ ان وقت تائين ڏيندو رھيوسانس جيستائين ھن
جي ملاقات جزيري بالي جي سفر تان موٽڻ واري ان
انجنيئر سان ٿي، جنھن جا وار لوندڻين وٽ اڇا ٿي
ويا ھوا ۽ جنھن جون ھڙئي خوبيون ھوءَ پنھنجي محبوب
ھفتيوار اخبار ۾ پڙھي چڪي ھئي. بھرحال آئون گناھ
جي گهرين ۾ گم ٿيڻ بجاءِ نيڪيءَ جي رستن تي ڀٽڪندو
رھيس. ۽ پنھنجن ڏوھن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو ويس. نتيجي
۾ منھنجي دل ۾ محبت جي خلاف ايڏي بيزاري پئدا ٿي
جو آءُ عشق ۽ محبت جا گانا ٻڌي ڏند ڪرٽڻ لڳندو
ھوس. ان ڪري مون ھڪ طرح سان عورتن تان ڌيان ھٽائي
پاڪ ۽ صاف زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪئي. آّخر ھنن جي
رڳو دوستي به ته مون کي مطئمن ڪري ٿي سگهي؟ پر ان
جو مطلب ھو ته جوا ختم ڪئي وڃي خواھش ختم ٿي، ته
عورتون به مون کي منھنجي توقع کان وڌيڪ بور ڪرڻ
لڳيون _ صاف ظاھر ھو ته ھو به مون کان ايتروئي بور
پئي ٿيون. ھاڻ نه جوا ھئي نه ٿئيٽر. مان شايد
سچائيءَ جي ملڪيت ۾ ھوس. پر سچائي، منھنجا عزيز
دوست. ڏاڍو تنگ ڪندي آھي.
محبت ۽ پاڪيزگيءَ کان تنگ ٿي مون نيٺ پنھنجو پاڻ کي چيو ته ھاڻ
محبت جو بدلن عياشيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه شي ڪانھي.
اھائي شي ٽھڪن کي ماٺ ڪرائي خاموشي بحال ڪري ٿي ۽
سڀ کان وڏي ڳالھه ھيءَ ته انسان کي ابديت سان
ملائي ٿي. ھلڪي ھلڪي سرور جي ھڪ خاص منزل تي،
خواھشن کان خالي، رات جي پوئين پھر ۾، ٻن رنڊين جي
وچ ۾ ليٽندي ائين لڳندو ھو ڄڻ ھاڻ اميدون آزاد نه
رھيون. ائين لڳندو ھو ڄڻ ماضي ختم ٿي ويو ھجي، ۽
جئڻ جي تڪليف به ختم ٿي وئي ھجي. ھونئن ھڪ طرح سان
ڏٺو وڃي ته مون زندگي ھميشـﮧ عياشيءَ ۾ گذاري آھي.
ڇو جو لافاني بڻجڻ جي خواھش مون مان ڪڏھن به ختم
ڪانه ٿي ھئي. ھيءَ منھنجي فطرت جي ڪنجي ھئي، ۽
پنھنجو پاڻ سان ان عظيم محبت جو نتيجو. جنھن جي
باري ۾ مون اوھان کي ٻڌايو آھي. ھا، آءُ ھميشـﮧ
لافاني بڻجڻ جي خواھش ۾ بيقرار رھيس. مون کي
پنھنجو پاڻ سان ايتري ته محبت ھئي جو ھن جي نظرن
کان گم ٿيڻ جو تصور به ڪري نٿي سگهيس. ٿورو گهڻو
پاڻ سڃاڻڻ واري جذبي سان انسان سوچي ته ھڪ شھرت
پرست باندر کي ابدي زندگي بخشڻ جي ڪا ضرورت محسوس
نٿي ٿئي، ۽ پوءِ مجبور ٿي ھن کي ابدي زندگيءَ جو
بدل ڳولڻو پوندو آھي.
ڇو جو آءُ ابدي زندگيءَ جو ڳولائو ھوس، ان ڪري رنڊين سان سمھندو
ھوس. سڄيون راتيون شراب پيئندو ھوس پر صبح جو
اٿندو ھوس ته ھن فاني وجود جي تلخي، ڪوڙاڻ بڻجي
منھنجي زبان تي موجود ھوندي ھئي. پھريان کان پھرين
گهٽ ۾ گهٽ ڪجھه وقت لاءِ آءُ ھن فاني دنيا کان مٿي
کڄي ويندو ھوس. مون کي اڃا به انھن راتين جي ياد
عزيز آھي، جڏھن آءُ ھڪ نچڻ واريءَ سان ملڻ لاءِ ھڪ
سستي نائٽ ڪلب ۾ ويندو ھوس، ۽ ھوءَ پنھنجي نوازش
سان منھنجي عزت افزائي ڪندي ھئي. ھڪ ڀيري مون ھن
لاءِ ھڪ ڏاڙھيءَ واري سان ذري گهٽ جھيڙو ٿي ڪيو.
ھر رات آئون شرابخاني ۾ ويندو ھوس، ان جنت ارضيءَ
۾ ويھي بڪواس ڪندو ھوس، ڪوڙ ڳالھائيندو ھوس، مطلب
ته پڇاڙيءَ جو خاتمو منھنجي شھزاديءَ جي ھنڌ تي
ٿيندو ھو. (جو ھميشـﮧ استعمال ۾ رھندو ھو) ھوءَ
ميڪانيڪي طور تي جنسي فعل ۾ جنبي ويندي ھئي. ۽ جلد
ئي سمھي رھندي ھئي. ان تباھيءَ تي ڏينھن جي روشني
خاموشيءَ سان ايندي ھئي ۽ آءُ جلد ئي اٿي کڙو
ٿيندو ھوس.
شراب ۽ عورت مون کي اھو اطمينان بخشيو جنھن جو آءُ مستحق ھوس.
آئون اھو راز اوھان کي ٻڌايان ٿو، ۽ اوھين بنا
خطري جي ان کي استعمال ڪريو، پوءِ اوھان کي خبر
پوندي ته سچي عياشي آزادي بخش ٿيندي آھي. ڇو جو
ھوءَ فرض ڪانه ٿي مڙھي. ان عياشيءَ ۾ اوھان جي رڳو
پنھنجي ذات ڇانيل ھوندي آھي. ان ڪري اھا پنھنجو
پاڻ سان عشق ڪرڻ وارن عظيم عاشقن جو مشغولو آھي.
ھي ھڪ اھڙو جھنگ آھي جنھن جو نه ماضي آھي نه حال،
۽ سڀ کان وڌ ھي ته ھن ۾ نه اميدون ٿين ۽ نه ڊپ.
اھي جڳھيون جتي عياشي ٿيندي آھي، ٻي دنيا کان جدا
ٿينديون آھن. انھن ۾ اندر گهڙڻ وقت ماڻھو اميد ۽
خوف ٻاھر ڇڏي ايندا آھن. ھتي ڳالھائڻ جي به ضرورت
ڪانھي. جنھن ڪم لاءِ انسان ھتي ايندو آھي اھو ڪم
بنا ڳالھائڻ جي، بلڪ ڪڏھن ڪڏھن ته بنا پئسي جي به
حاصل ٿي ويندو آھي، ھتي مون کي موڪل ڏيو ته مان
انھن گمنام ۽ وساريل عورتن کي غائبانه سلام پيش
ڪريان جن ان زماني ۾ منھنجي مدد ڪئي. اڄ به جڏھن
مان انھن کي ياد ڪريان ٿو، ته منهنجي دل ۾ هنن
لاءِ بي اختيار هڪ جزبو اڀريو اچي جيڪو ڪي قدر عزت
جھڙو ئي آھي.
مطلب ته مون ان آزاديءَ مان باقائدي فائدو ورتو. آءُ ھڪ اھڙي
ھوٽل ۾ به ڏٺو ويو ھوس، جيڪا گناھه لاءِ وقف ھئي.
انھن ڏينھن مان ھڪ اڌڙوٽ رنڊيءَ ۽ ھڪ دوشيزه سان
ھڪ ئي وقت زندگي گذاري رھيو ھوس. پھرينءَ سان
منھنجو رويو ھڪ سورما جھڙو ھو ۽ ٻيءَ کي مون
زندگيءَ جي ڪجھه حقيقتن کان واقف ٿيڻ جو موقعو
ڏنو. بدقسمتيءَ سان رنڊيءَ جي ذھنيت وچولي طبقي
جھڙي نڪتي ۽ ھوءَ سچا اعتراف شايع ڪرڻ واري ھڪ
اخبار ۾ پنھنجي زندگيءَ جا حالات لکڻ لاءِ تيار ٿي
۽ ڪنواري ڇوڪريءَ پنھنجي تيز خواھشن جي تسڪين لاءِ
۽ پنھنجي صلاحيت کي ڪم آڻڻ لاءِ شادي ڪري ڇڏي. مون
کي ان ڳالھه تي به گهٽ ناز ڪونھي، ته تڏھن مون کي
مردن جي ھڪ انجمن ۾ ھڪ جھڙو سمجھي شريڪ ڪيو ويو،
جنھن کي تڏھن ڏاڍو خراب سمجھيو ويندو ھو. اوھان کي
ته خبر آھي ته ذھين ترين ماڻھو به ان ڳالھه تي
وڏائي ڪندا آھن ته ھو ٻين جي ڀيٽ ۾ ھڪ بوتل وڌيڪ
پي سگهن ٿا. ممڪن ھو ته ان مسرت بخش عياشيءَ ۾
آخرڪار مون کي سڪون ملي وڃي ھا، پرھتي به ھڪ رڪاوٽ
پيش آئي، ۽ اھا به منھنجي پنھنجي پئدا ڪيل ھئي ھن
ڀيري مسئلو منھنجي جگر جي خرابيءَ جو ھو. ۽ اھڙي
سوچ جنھن منھنجو پيڇو ڪونه ڇڏيو ھو. انسان لافاني
بڻجڻ جو ڍنگ ڪري ٿو ۽ چند ئي ھفتن ۾ ان حالت کي
پھچيو وڃي جو ھو اھو ٻڌائڻ جي قابل به نٿو رھي ته
ٻئي ڏينھن جيئرو رھندو يا نه.
جڏھن مون راتين جو رلڻ بند ڪيو تڏھن مون کي رڳو ھڪڙو فائدو مليو
اھو ھو ته زندگي مون لاءِ ڪي قدر گهٽ تڪليف واري
بڻجي پئي. اھو ٿڪ جو منھنجي جسم کي اَٽي وانگر
پيھي رھيو ھو، تنھن منھنجي ھيٺائين مٿاين کي ٺيڪ
ڪري ڇڏيو. عام خيال جي ابتڙ عياشيءَ لاءِ ڪنھن
ڊوڙ ڊڪ جي ضرورت ڪانه پوندي آھي، بلڪ اھو ته ھڪ
آرامده ڊگهو خواب آھي. اوھان ڏٺو ھوندو ته اھي
ماڻھو جي واقعي رقابت جي باھه ۾ سڙندا آھن، انھن
جي خواھش رڳو اھا ھوندي آھي، ته ھو ان عورت سان
ھمبستري ڪن جنھن کي پنھنجي دانست ۾ بيوفا سمجھندا
آھن. بيشڪ ھو پنھنجو پاڻ کي اھا پڪ ڏيارڻ ٿا گهرون
ته سندن متاع عزيز اڃا به سندن ملڪيت آھي، ملڪيت
جو احساس ئي ھنن لاءِ اصل شي آھي.پر اھا ڳالھه به
غور جي قابل آھي، ته ملڪيت کان پوءِ رقابت ۽ حسد
جي احساس ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ويندي آھي. جسماني
رقابت ھڪ ئي وقت ۾ تخيل جي پئداوار به آھي، ۽ خود
احتسابيءَ جو ھڪ طريقو به. اسين اھي ھڙيئي
ناخوشگوار خيال رقيب ڏي منسوب ڪندا آھيون، جيڪي
ڪڏھن به اسان جي ذھن ۾ پئدا ٿيندا آھن. خوش
قسمتيءَ سان جسماني لذتن جي گهڻائي تخيل ۽ احتساب
ٻنھي قوتن کي ڪمزور ڪريو ڇڏي. جيستائين اسان جي
توانائي برقرارآھي، اذيت ۽ تڪليف به خوابيده رھندا
آھن. اھوئي سبب آھي جو نوان بالغ ڇوڪرا پنھنجي
پھرين محبوبه سان ملنديئي پنھنجيون ھڙئي ما بعد
الطبعاتي بيقراريون وساري وھندا آھن. ۽ چند شاديون
جي دراصل زناڪاريءَ جي قانوني شڪل ھونديون آھن،
جرائت جي مڙنئي صلاحيت کي بي رنگ تابوتن ۾ دفن ڪري
ڇڏينديون آھن. جي ھا منھنجا عزيز دوست! شاديءَ جي
بورزوا اداري اسان جي ملڪ کي ان رستي تي آڻي وڌو
آھي جو جلد ئي ھن کي موت جي دروازي تائين پھچائي
ڇڏيندو.
آءُ غلط ته ڪونه پيو چوان نه؟ پر موضوع کان ھٽي رھيو آھيان. مون
رڳو اھو ٿي ٻڌائڻ گهريو ته عياشيءَ وارن ڏينھن ۾
مون ڪھڙا ڪھڙا فائدا حاصل ڪيا. آءُ ڌنڌ جي ھڪ
طوفان ۾ جيئرو ھوس. جنھن ۾ ان ٽھڪ جو آواز مدھم ٿي
ويو ھو، ۽ مون ھن تي توجھه ڏيڻ به ڇڏي ڏنو. بي
نيازي جا منھنجي ذات جي وڏي حصي تي قابض ھئي ھاڻ
ڪابه تڪليف محسوس ڪري ڪانه رھي ھئي. ۽ بي حسيءَ جو
ھي قول منھنجي سڄي شخصيت تي چڙھي چڪو ھو. هاڻ
جذبات ئي ڪونه رھيا ھوا. ھڪ معتدل مزاج يا ائين
کڻي چئو ته ڪو مزاج ئي ڪونه بچيو ھو. سلھه وارن
ڦڦڙن جو علاج ھي آھي، ته ھنن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان
طرح آھستي آھستي انھن ڦڦڙن جي خوش قسمت مالڪ کي
گهٽو ڏنو وڃي. مون سان به ائين ئي ٿيو، منھنجو
پرسڪون موت پنھنجي ئي علاج سان ٿيو. آءُ ھاڻ به
پنھنجي ڪم تي گذارو ڪري رھيو ھوس. حالانڪ منھنجي
ناموس کي منھنجي زبان جي بي لغاميءَ ڪري ڪافي ڌڪ
لڳي چڪو ھو، پرمنھنجي پيسي جي باقاعدگي منھنجي
زندگيءَ جي بي انتظامي سان ٺھيو پئي ھلي. اھا
ڳالھه ڌيان طلب آھي، ته ماڻھو منھنجي خراب چال کان
وڌيڪ منھنجي ڳالھين تي ڪاوڙجندا ھوا. خدا جو خاص
لفظي ذڪر جو آءُ عدالت ۾ پنھنجين تقريرن ۾ ڪندو
ھوس، ان مان منھنجي موڪلن ۾ بي اعتباري پئدا ٿيڻ
لڳي. غالباَ ھنن کي اھو شڪ ھو ته خدا سندن بچاءَ
لاءِ ايترو ڪجھه ڪري نه سگهندو، جيترو ھڪ قابل
قانون دان وڪيل. ڪجھه وقت کان پوءِ ھو اھو به
سمجھڻ لڳا ته شايد مون کي ڪجھه به ڪونه ٿو اچي، ان
ڪري ھر ھرخدا جو نالو ٿو وٺان. ھنن اھو قدم کنيو
جو آھستي آھستي ھنن جو تعداد گهٽجڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن
ڪو ڀلجي ايندو ھو ته مون کي به ڪيس ملي ويندو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن آءُ اھو وساري ڇڏيندو ھوس ته جيڪي
ڳالھيون ڪري رھيو آھيان، انھن تي خود مون کي به
اعتبار ڪونھي، تڏھن آءُ سٺو وڪيل ثابت ٿيندو ھوس.
رڳو منھنجو آواز منھنجي رھنمائي ڪندو ھو، ۽ آءُ ھن
جي پٺيان ھلڻ لڳندو ھوس. اڳ وارو نمونو ته ڪونه
ھوندو ھو، پر مڙئي ڪجھه .......... پنھنجي پيشي
کان ٻاھر آءُ گهٽ ماڻھن سان ملندو ھوس، ۽ يڪدم
ٽٽندڙ تعلقن کي ڏاڍو ڏکيو سنڀاليو ويٺو ھوس. ھاڻ
مان رڳو دوستاڻن قسمن جون شامون به گذاريندو ھوس،
جن ۾ خواھش جو ڪو جذبوئي شامل ڪونه ھوندو ھو. پر
ايتري فرق سان پنھنجو پاڻ کي مونجھه جي حوالي ڪري
مون انھن ڳالھين کي ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو، جي منھنجي
آسپاس ڪيون وينديون ھيون. آئون ٿورو ٿلھو ٿي ويو
ھوس، ۽ پڪ ڪرڻ جھڙو به ٿي ويس ته جوش ختم ٿي چڪو
آھي. ھاڻي پوڙھي ٿي وڃڻ کان سواءِ ڪجھه به باقي
ڪونه بچيو.
ھڪ ڀيري سامونڊي سفر ۾ مون ھڪ دوست به پاڻ سان کنيو، پر ھن کي
اھا خبر ڪانه ھئي، ته آءُ اھو سفر صحت جي بحاليءَ
لاءِ ڪري رھيو آھيان. سفر ڪندي .ھڪ ڏينھن جھاز جي
ڇت تي بيٺو ھوس، ڇا ڏسا، ته پري سمنڊ جي مٿاڇري تي
ھڪ ڪارو داغ اڀريو. مون ھڪدم منھن ڦيرائي ڇڏيو.
منھنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. دل تي جبر ڪري مون ٻيھر ان
طرف ڏٺو. داغ گم ٿي ويو ھو. آئون بيوقوفي ڪري مدد
ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪرڻ وارو ھوس ته ڇا ڏسان ته اھو
گند ڪچرو آھي، جو جھاز پنھنجي پويان اڇلائيندا
ويندا آھن. پر ان ھوندي به اھو منظر ڏسڻ جي ھمت
ڪانه ھئم. ڇو جو ان منظر سان مون کي يڪدم ڪنھن
ٻڏندڙ ماڻھو جو خيال آيو. تڏھن مون محسوس ڪيو ته
اھو ٽھڪ جو ھڪ سال اڳ منھنجي پويان، سين ندي جي
مٿاڇري تي اڀريو ھو، اڃا توڻين جاري آھي. ان کي
درياه جي سمنڊ جي پاڻيءَ ڏي ڌڪي ڇڏيو، جتان ھو
ترندو ترندو سڄي دنيا ۾ پھچي ويو! آءُ ان ڏينھن جو
متظر ھوس ته ھو وري منھنجي آڏو اچي، ۽ مون کي اھا
به ڄاڻ ھئي ته اھو ٽھڪ ھر ھنڌ منھنجو منتطر آھي.
ھونئن ڇا اسين ھينئر به پاڻيءَ تي ڪونه ويٺا
آھيون؟ ھي سڌو سنئون پاڻي جنھن جون لامحدود حدون
زمين سان مليل آھن. ڇا اھو ممڪن آھي ته اسين
ايمسٽرڊم پھچي وڃون؟ مقدس پاڻيءَ جي ان چڪر مان
اسين ڪڏھن به نڪري ڪونه سگهنداسين. ٻڌو ته سھي، ڇا
انھن آبي پکين جو آواز توھان کي ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو
اچي؟ جيڪي اسان ڏي ڏسي رڙيون ڪري رھيا آھن ته پوءِ
اھو ڪھڙي طرف جو سڏ آھي؟
پر اھي ته اھي ئي پکي آھن، جيڪي ان ڏينھن بحر و قيانوس تي ٻولي
رھيا ھوا، جنھن ڏينھن مون کي ھميشـﮧ لاءِ خبر پئجي
چڪي ھئي ته پنھنجي مرض مان صحتياب ڪونه ٿيو آھيان،
۽ اڃا به گرفتار آھيان، ۽ ھاڻ رڳو گذارو ڪرڻ تي ئي
دل جھلي ويھان. شاندار زندگيءَ جو خاتمو ٿي چڪو
ھو. ۽ ان سان گڏ ئي خواھش جو چريائپ وارو جوش به
ختم ٿي ويو ھو. ھاڻ مون کي اذيت ۾ جيئرو رھڻو ھو.
مون کي شڪست جو ۽ پنھنجي ڏوھه جو اعتراف ڪرڻو پيو.
مون کي پڪ آھي ته اوھين اڳوڻي زماني جي ان تھخاني کان واقف نه
ھوندؤ، جنھن جو نالو ’اذيت گهر‘ ھو، ڪنھن کي ان ۾
قيد ڪرڻ جو مطلب ھي هوندو ھو. ته اھو ماڻھو ھميشه
لاءِ فراموش ڪيو ويندو ھو. ان تھخاني کي ٻين کان
جدا ڪرڻ واري شيءِ رڳو سندس جڳھه ھئي. اھا نه
ايتري اوچي ھئي جو ماڻھو بيھي سگهي ۽ نه ايتري
ويڪري جو ڪير ليٽي سگهي. ڏاڍو ڏکيائي سان ٽڪنڊي
نموني ٿي بيھي ٿي سگهيو. اھا سڌي تعمير به ھڪ
’جينيس‘ جي ذھن جي پيداوار ھئي. اھو خيال رکو ته
جينيس جو اکر ڏاڍو سوچي سمجھي استعمال ڪري رھيو
آھيان. روزانو ان شڪنجي جي، جسم کي ڦيرائي ڇڏڻ
واري سختيءَ مان، سزا ملڻ واري کي خبر پوندي ھئي
ته ھو ڏوھاري آھي، ۽ بي گناھي خوشيءَ سان ھٿ پير
چورڻ جو نالو آھي. ھڪ اھڙو شخص جو جبلن جي اونچائي
يا جھاز جي مٿين ڇت تي بيھڻ جو عادي ھجي ان جو ان
تھخاني ۾ تصور به ڪري سگهون ٿا؟ ڇا انھن تھخانن ۾
رھي به ڪو معصوم رھي سگهي ٿو؟ ناممڪن بلڪل ناممڪن.
نه ته منھنجي استدلال جي سڄي عمارت ڦھڪو اچي ڪندي.
معصوم ماڻھو ۽ ڪٻڙا بنجي گذارين؟ اھا ڳالھه منھنجي
لاءِ ناقابل يقين آھي. ان کان سواءِ اسين ڪنھن جي
معصوميت ثابت ڪري به نٿا سگهون. جڏھن ڪاسين زور
شور سان ڪنھن جو ڏوھه ثابت ڪري سگهون ٿا. ھر شخص
ٻين ھڙنئي شخصن جي ڏوھن جي شاھدي ڏئي ٿو سگهي. اھو
منھنجو عقيدو آھي.
يقين ڄاڻو ته سڀئي مذھب جنھن دم سزاءِ جزا مقرر ڪن ٿا ان وقت ئي
غلط رستي تي لڳيو وڃن. ڏوھه کي خلقڻ يا سزا ڏيڻ
لاءِ ڪنھن خدا جي ضرورت ڪانه ٿيندي آھي. اسان جا
پنھنجا ڀائرئي خود ھڪٻئي جي تعاون سان اھو ڪم ڪيو
ڇڏين. اوھين ’آخري فيصلي‘ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا
ھُئئو. اجازت ھجي ته اوھان جي احترام جو لحاظ رکي
ٿورو کلي وٺان. آءُ ’آخري فيصلي‘ جو انتظار ثابت
قدميءَ سان ڪندس. ڇو جو مون کي ان کان به وڌيڪ
خراب يعني انسانن جي فيصلي جي خبر آھي. انسانن جي
نظر ۾ ڏوھه معاف ڪرڻ جا امڪان ته اصل آھن ئي ڪونه.
ايترو جو ھڪ نيڪ ارادي کي به ڏوھه چيو ويندو آھي.
ڇا اوھان ان قيدخاني جي باري ۾ ٻڌو آھي، جنھن ۾
قيدين جو منھن ئي ڦڪو ٿي ويندو آھي؟ انسانن جي ھڪ
خاص نسل اھو قيدخانو رڳو ھي ثابت ڪرڻ لاءِ جوڙيو
ھو، ته ھو دنيا جو اعلي ترين نسل آھن. اھا ھڪ
ننڍڙي چوديواري ھئي، جنھن ۾ قيدي ھيڏانھن ھوڏانھن
چرڻ ڦرڻ کان سواءِ بيھي سگهيو ٿي. سيمنٽ جي ڀت جو
دروازو جو قيديءَ جي کاڏيءَ تائين ايندو ھو.
ٻاھران رڳو ھن جو منھن نظر اچي ٿي سگهيو جنھن تي
ٻاھران لنگهندڙ جيلر ھروقت وات ٿڪ سان ڀري ٿڪيو
ٿي. قيدي ان ڪٽھڙيءَ ۾ اھڙيءَ طرح بند ھوندو ھو،
جو منھن به صاف نه ڪري سگهندو ھو. ھا، البته اکيون
بند ڪرڻ جي موڪل ھئس. ته منھنجا سائين اھا آھي ھڪ
انسان جي ايجاد. ان ننڍڙي شاھڪار لاءِ ھن کي ڪنھن
خدا جي ضرورت ئي ڪانه پيئي.
اوھين سمجھو ٿا ته ان مان ڪجھه به ڪونه ٿو ٿئي! خدا رڳو معصوميت
جي ضمانت لاءِ ڪم اچي سگهندو ھو. آءُ مذھب کي ھڪ
عظيم ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪارخاني جيان ڏسڻ جو قائل
آھيان. جھڙو ھومختصر مدت يعني ٽن سالن لاءِ رھيو.
ان وقت ھو مذھب ڪونه سڏائيندو ھو. ان کان پوءِ
صابڻ گهٽجي ويو. اسان جي منھن تي گندگي آھي، ۽
اسين ھڪٻئي سان نڪ صفا ڪري رھيا آھيون. سڀئي چريا
۽ سزا کاڌل آھيون. ان ڪري ھڪٻئي جي منھن تي ٿڪندا
ٿا رھون _ جلدي ڪريو ۽ ايذا ڏيڻ لاءِ ڊوڙو. فرق
رڳو ايترو آھي، ته ھر شخص ٿڪڻ ۾ پھرين وارو وٺڻ جي
ڪوشش ٿو ڪري. ھاڻ آءُ اوھان کي ھي راز ٻڌايان ٿو.
’آخري فيصلي‘ جو انتظار ڪريو، آخري فيصلو ھر روز
ٿيندو آھي.
اونھون، آءُ رڳو گهميل ھوا جي ڪري پيو ڏڪان، بھرحال ھاڻ پاڻ
خشڪيءَ تي پھچڻ وارا ئي آھيون. اجھو پھچي وياسين،
پھرين اوھان لھو، پر ٿوري دير ترسو، مون سان گڏ
گهر کڻي ھلو. مون اڃا پنھنجي ڳالھه پوري ڪانه ڪئي
آھي. مون کي پنھنجي ڳالھه به جاري رکڻي آھي. دراصل
ڳالھه جاري رکڻ ئي ڏکيو ڪم آھي. چڱو ته ٻڌايو،
اوھان کي خبر آھي ته ھو ڇو مغلوب ٿيو ھو؟ اھوئي
جنھن جي باري ۾ اوھين ھينئر به سوچي رھيا آھيو.
ھونئن ته سببن جو ھڪ دفتر موجود آھي. ڪنھن انسان
جي قتل جا سبب ھميشـﮧ موجود ھوندا آھن. ان جي ابتڙ
ڪنھن وجود جو سبب پيش ڪرڻ ناممڪن ڳالھه آھي. ڏوھه
جو بچاءَ ڪرڻ وارا ھميشـﮧ ملي ويندا آھن. پر بي
گناھيءَ تي پنھنجو وڪيل ڪڏھن ڪڏھن ئي ملندو آھي.
انھن سببن کان سواءِ به، جيڪي اسان کي گذريل ٻن
ھزارن سالن ۾ سمجھايا ويا آھن، ھن ھولناڪ حادثي جو
ھڪ ٻيو سبب به ھو، جنھن کي الائي ڇو ايتري احتياط
۽ خيال سان لڪايو ويوھو. ھن کي خبر ھئي ته ھو
باقاعدي بيگناھه ۽ معصوم ڪونه آھي. ھن تي جيڪو
ڏوھ مڙھيو ويو ھو، تنھن کان ھو بري ھو. پرھن ھڪ
ٻيو ڏوھ ڪيو ھو. حالانڪ اھا خبر کيس ڪانه ھئي ته
اھو ڏوھ ڪھڙو ھو.
پر ڇا واقعي ھو انھن ڏوھن کان بي خبر ھو. آخر ھن جي ذات ئي ته
انھن ڏوھن جوسبب ھئي. معصوم ٻارن جي قتل عام جو
ذڪر ته ضرور ٻڌو ھوندو؟ جوڊيا جي انھن نون ڄاول
ٻارن جو جن کي ان وقت قتل ڪيو پئي ويو جڏھن سندس
ماءُ پيءُ کيس ھڪ محفوظ جڳھه ڏي کنيو پئي ويا. اھي
ٻار ڇا لاءِ ماريا ويا؟ انھن جي موت جو سبب جي ھو
پاڻ نه ھو ته ٻيو ڪير ھو. رت جي ڇنڊڻ سان داغدار
وردين وارا سپاھي. اھي بي گناھ ٻار جي ٽڪرا ٽڪرا
ڪيا ويا. ان سڀڪجھه ھن جي دل کي ڊپ ۽ دھشت سان ڀري
ڇڏيو. پرھو جھڙي قسم جو ماڻھو ھو، ان جي آڏو ته
مون کي پڪ آھي ته ھن جي ھر ڳالھه مان ظاھر ھوندي
ھئي، ھڪ اھڙي انسان جو ناقابل علاج ڏک ھو، جنھن جي
ڪنن ۾ ھر رات راشيل جو فرياد گونججندو ھو، جنھن
زندگيءَ جي ھر آرائش کي ٺوڪر ھڻي پنھنجي ٻارن لاءِ
رنو رڙيو پئي. ھن جون رڙيون رات جي سيني ۾ شگاف
ڪري رھيون ھيون. راشيل پنھنجي ٻارن کي ٿي سڏيو جي
’ھن‘ جي خاطر قتل ڪيا ويا ھوا ۽ ’ھو‘ خود اڃا
جيئرو ھو.
ھو جيڪو انسان جي باري ۾ ھر ڳالھه ڄاڻيندو ھو......... جنھن کي
خبر ھئي ته ھن ڇا ٿي ڄاتو. سو ھو ڀلا ڪيئن اعتبار
ڪري ھا ته رڳو ٻين جون حياتيون وٺڻ ئي ڏوھ ڪونھي،
بلڪ خود پنھنجي حياتي نه ڏيڻ به گهٽ ڏوھه ڪونھي.
ڏينھن رات ان معصوم گناھ جي آڏو ايندي ھن جي لاءِ
جيئڻ ڏکيو بڻيو ويو. ان زندگيءَ سان تعلق ختم ڪرڻ
ئي بھتر ھو. ھن سوچيو پنھنجو بچاءَ ڪرڻ کان سواءِ
ئي کڻي موت کي قبول ڪري، ته جيئن اڪيلو جيئرو رھڻ
وارو نه رھجي وڃي، ۽ ڪنھن اھڙي ھنڌ ھليو وڃي جتي
کيس مڃيو وڃي. پر ھن کي ڪونه مڃيو ويو. ھن دانھن
ڏني ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو ان دانھن ڏيڻ تي سندس مذمت
ڪئي وئي. اھو آخري وار ھو. ھا ھو ٽيو حواري ھو،
جنھن دانھن کي گهٽو ڏيئي ڇڏيو.”يا رب! تو مون کي
ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“ ڪھڙي نه دلسوز صدا آھي؟ ۽ پوءِ
ان کان پوءِ ڦاسي ھئي. اعتبارڪريو ته جي لوقا ڪنھن
شي کي لڪائي نه ھا ته ڪنھن جي به توجھه ڏانھنس نه
ڇڪجي ھا. بھرحال گهٽ ۾ گهٽ ان جي اھميت ته نه ھجي
ھا. لڪ، گم ٿيل شي جو اعلان ٿو ڪري. دنيا جو سڄو
نظام ان طرح آھي. ان ھوندي به جنھن ماڻھوءَ جي
مذمت ڪئي وئي ھئي اھو اھا سھي نه سگهيو. مون کي
خبر آھي ته آءُ ڪھڙي ڳالھه پيو چوان. ھڪڙو وقت
اھڙو به ھو، جڏھن مون کي ھڪ لمحي جي به خبر ڪانه
ھوندي ھئي. ھا ھن دنيا ۾ انسان جنگ ته ڇوڙي سگهي
ٿو. محبت کي ٺڪرائي سگهي ٿو، پنھنجي ڀائرن تي ظلم
ڪري سگهي ٿو، پرڪي حالتون اھڙيون آھن جن ۾ جيئن به
ھڪ قوت انساني ڪم بڻجو پوي. پڪ رکو ھو فوقالاقسان
ڪونه ھو، ھن پنھنجي تڪليف جو اظھار به ڪيو پئي، ۽
ان ڪري ئي مون کي ھن سان محبت آھي. منھنجي دوست
ڄاڻڻ بنائي جان ڏئي ڇڏي. بدقسمتي جي ڳالھه ته ھيءَ
آھي، ته ھو اسان کي ھن حالت ۾ ڇڏي ھليو ويو، ۽
اسين جيئرا آھيون. اسان کي اھا سڀ خبر آھي جا ھن
کي ھئي. پر اسين اھو ڪرڻ جا اھل ئي ڪونه آھيون جو
ھن ڪيو. اسين ھن وانگر مري نٿا سگهون، ماڻھن قدرتي
طرح ھن جي موت مان ھڪ مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ھئي. اھا ته پڪي ڳالھه آھي ته تون ڪو خوشگوار
ماڻھو ڪونه آھين. پر اسين تفصيل ۾ ڪون وينداسين.
اسين رڳو توکي صليب تي چاڙھي ختم ڪري ڇڏينداسين!
پر ھينئر ماڻھو صليب تي ان ڪري ٿا چڙھن ته جيئن
مٿي ھجن ۽ ماڻھو کين پري پري کان ڏسي سگهن، ۽ ان
مقصد لاءِ صليب تي چڙھڻ ۾ جي ان تي پير به رکڻا
پون، جو ايتري وقت کان اتي ٽنگيو پيو آھي، ته ڪو
مضائقو ڪونھي. ھمدرديءَ جي مشق ۾ ماڻھن فياضيءَ جو
جڳھڙو ئي ختم ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ڪھڙي نه
عظيم بي انصافي ٿي ھن ويچاري سان . سوچيان ٿو ته
دل ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃي. توبھه، انسان ڪيترو نه جلد
عادت جوشڪار ٿيو وڃي! مان ھاڻ ڄڻ عدالت جي ڪمري ۾
تقرير ڪرڻ وارو آھيان. معاف ڪجئو. ۽ اھا ڳالھه به
ياد رکجو ته آءُ جيڪي ڪجھه ڪريان ٿو ان جا سبب به
آھن. ھتان ٻه _ ٽي گهٽيون اڳتي وڌندئو، ته اتي
ھڪڙو عجائب گهر آھي. جنھن جو نالو آھي، ”اسان جو
خداوند ...... مٿئين ڪمري ۾“. ان ڪمري جي ھيٺ انھن
ڏينھن ھڪ زمين دوز قبرستان به ھو. ھتي ته تھخانن ۾
ٻوڏ جو پاڻي ڀرجي ويندو آھي، پر اڄ _ اوھين
اطمينان رکو _ ھنن جو خداوند نه ڪمري ۾ آھي، ۽ نه
پويان تھخانن ۾. ھاڻ ھن کي ، ھنن پنھنجي دل جي ھڪ
ڪنڊ ۾ منصف جي مسند تي ويھاريو آھي، ۽ پاڻ حملا
ڪندا آھن. سڀ کان وڏي ڳالھه ھيءَ ته پاڻ ئي فيصلا
به ڪندا آھن. پر ھن جي نالي تي. ھن ته چيو ھو،
”آءُ توکي سزا جي قابل ڪونه ٿو سمجھان.“ پر ان مان
ڇا ٿو ٿئي. ماڻھو ته ڪنھن کي ئي ڪونه بخشين ۽ ھر
ڪنھن کي سزا جي قابل سمجھندا آھن. خداوند جي نالي
تي. ھي وٺو، جنھن جو تون مستحق آھين. خداوند!
منھنجو دوست ايترو سخت نه ھو. ھن جي گهُر ڪا خاص
ڪانه ھئي. ھن پنھنجي لاءِ رڳو محبت گهري ھئي. ٻيو
ڪجھه به نه . ان ۾ شڪ ڪونھي ته ڪي عيسائي اھڙا به
آھن جيڪي ساڻس محبت ڪن ٿا، پر انھن جو تعداد ڪو
خاص ڪونھي. ھن کي پھرين ئي خبر ھئي. پيٽر، اوھان
کي خبر آھي اھو بزدل پيٽر، ھن چيو ھو ”مان ان کي
ڪونه ٿو سڃاڻان، مون کي خبر ڪانھي ته تون ڇا ٿو
چوين، وغيره.“ ۽ منھنجو دوست اکرن سان کيڏندو آھي.
تون پيٽر آھين ۽ آءُ ھن جبل تي پنھنجو ڪليسا
جوڙائيندس. ڇا ان کان گهرو طنز ٿي سگهيوٿي؟ پر نه،
فتح وري به ھن جي ٿئي ٿي ۽ ھو اوھان کي چوي ٿو،
”ڏسو ھن پاڻ چيو آھي.“ بيشڪ ھن ئي چيو آھي، ھو
معاملي جي اصليت کان چڱي طرح واقف ھو. پرھو رخصت
ٿي ويو، ماڻھن جي چپن تي معافيءَ جا اکر ۽ دلين ۾
سزا جا فيصلا باقي رھجي ويا.
اھو نٿو چئي سگهجي ته رحم جو وجود ئي ڪونه بچيو، نه خدا جو قسم
رحم جو ذڪر ڪندي اسين ته ٿڪجون ئي ڪونه ٿا. ڳالھه
رڳو ايتري آھي ته ان مان ھڙان ڪجھه به ڪونه ٿو
وڃي. معصوميت جي مرده جسم جي چوڌاري منصف جوھجوم
ھوندو آھي ان ۾ ھر نموني جا منصف شامل آھن. اھي
جيڪي مسيح جا حامي آھن، ۽ اھي به جيڪي ھن جا مخالف
آھن. پر ٻنھي ۾ ڪوبه فرق ڪونھي. تڪليف پھچائڻ جي
معاملي ۾ ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڳالھه جو ڏوھه عيساين
کي نه ڏيڻ ئي بھتر آھي، ڇو جو انھن ۾ ٻيا به شامل
آھن. اوھان کي خبر آھي ته ان گهر جو ڇا ٿيو، جنھن
۾ ڪڏھن ’ڊيڪارٽ‘ رھندو ھو! ھاڻ اتي پاڳل خانو آھي،
جي ھا ۽ اسين قدرتي طور تي اتي پھچڻ لاءِ مجبور
آھيون. ھيستائين اوھان اھو محسوس ڪيو ھوندو ته آءُ
ڪنھن کي به ڪونه بخشيان. جيستائين اوھان جو تعلق
آھي، مون کي خبر آھي ته اوھين به مون وانگيان ئي
سوچيندا آھيو، ڇو جو اسين ھڙئي منصف آھيون. ان
ڪري ھڪٻئي آڏو ھڙئي ڏوھاري به آھيون. ھر ڪم پنھنجي
سستي نموني ۾ سچ آھي، ۽ ھڪٻئي پويان ھڙنئي کي
ھميشـﮧ بي خبريءَ ۾ مطلوب ٿيڻو ئي پوي ھا، جي مون،
ڪليمنس، ھڪ راھ نه ڳولي ڪڍي ھجي ھا
................... واحد، اڪيلي، سچائي آخرڪار
........................................ گهٻرايو
نه منھنجا سائين! آءُ پاڻ ئي ھاڻ ختم پيو ڪريانس.
ٻيو ته ھاڻ مون کي اوھان کان جدا به ٿيڻو آھي، ڇو
جو پاڻ منھنجي گهر جي در تي اچي پھتا آھيون.
اڪيلائيءَ ۾ جي ماڻھو ٿڪل ھجي ته پنھنجو پاڻ کي
پيغمبر سمجھندو آھي. آخري تجربي ۾ ڏٺو وڃي ته مان
دراصل پيغمبر ئي آھيان، جنھن پاڻيءَ جي دٻن، ڌنڌ
وارن جڳھين، پٿريلن ويرانن ۾ پناھ ورتي آھي. ھڪ
ذليل دنيا لاءِ ھڪ پيغمبر اھڙو ايلياھ جنھن کي ڪو
مسيحا نه ملي سگهيو. بخار ۽ شراب جي باھ ۾ تپجندڙ.
ان ڀڳل دروازي ڏي پٺ ڪيو، خوفناڪ آسمان ڏي ھٿ کڻي
انھن گمراھ انسانن کي بددعا ڪري رھيو آھيان، جن ۾
ڪنھن فيصلي جو بار کڻڻ جي طاقت ڪانھي، ھو فيصلي جو
بار نٿا کڻي سگهن. ۽ اھا ئي بنيادي ڳالھه آھي.
جيڪو ڪنھن قانون جو پابند ھوندو آھي ان کي ان
فيصلي جو ڊپ ڪونه ٿيندو آھي. پر انساني اذيتن ۾ سڀ
کان وڏي اذيت اھا آھي، ته ماڻھوءَ تي ڪنھن قانون
کان سواءِ ئي فيصلو ڪيو وڃي. ان کان سواءِ اسين
سڀئي ان اذيت جا شڪار آھيون. سڀئي منصف پنھنجي حدن
کان وڌي، طرف کان آزاد فيصلو ڏيڻ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي
رھيا آھن. ان ڪري اسان کي ھنن کان تيز ڊوڙڻ کپي.
ھي واقعي ھڪ پاڳل خانو آھي. پيغمبرن ۽ عطائين جو
تعداد وڌندو پيو وڃي. سڀئي ان جي تڪڙ پيا ڪن ته
دنيا جي مڪمل تباھيءَ کان پھرين ھڪ عمدو قانون يا
ھڪ مڪمل نظام وٺي پھچي وڃون. خوش قسمتيءَ سان آءُ
پھچي ويو آھيان، آءُ ابد جي ابتداء ازل جي انتھا
آھيان. آءُ قانون جو اعلان ٿو ڪريان. مختصر! ھي ته
آءُ شرمسار مصنف آھيان.
ھا ھا، سڀاڻي اوھان کي ضرور ٻڌائيندس ته ھن معزز
پيشي جو تفصيل ڇا آھي. اوھين پرينھن ھتان وڃو پيا؟
ان ڪري اسان کي جلدي ڪرڻ کپي. منھنجي گهر ايندؤ
نه؟ ٽي ڀيرا گهنٽي وڄائجو. اوھين پيرس وڃي رھيا
آھيو؟ پيرس ته تمام پري آھي. پيرس ڏاڍو سھڻو شھر
آھي. مون اڃان ان کي وساريو ڪونھي. ھتي جي موسم،
ھتي جي شامن جو حسن ڏاڍو ياد ايندو آھي. دونھايل
نيرين ڇتين تي ڌنڌ ۾ ويڙھيل گرم شام آھستي آھستي
لھندي آھي. شھر آوازن سان گونججڻ لڳندو آھي.
درياءَ پٺتي وھندو نظر ايندو آھي. ان وقت آءُ رستن
تي گهمندو ھوس. ماڻھو اڃا به اھڙيءَ طرح گهمندا
ھوندا! مون کي خبر آھي. ھو رلندا ھوندا ۽ ھي ظاھر
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھوندا ته دراصل ٿڪل آھن، ۽ سخت
گير زال وٽ گهر پھچڻ لاءِ آتا آھن. آ منھنجا دوست!
ڇا اوھان کي خبر آھي ته ھڪ اڪيلو ماڻھو وڏن شھرن ۾
رلندي ڪھڙو لڳندو آھي؟ |