(3)
منهنجا عزيز هم وطن، اوهين منهنجي باري ۾ جيڪو چاهه ۽ اُتساهه
ڏيکاري رهيا آهيو، تنهن لاءِ مهرباني. پر منهنجي
ڪهاڻيءَ ۾ ڪابه غير معمولي ڳالهه ڪانه آهي. اوهين
جيئن ته ان ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو، تنهنڪري
ٻڌايان ٿو ته ڪجهه ڏينهن تائين مون انهيءَ ٽهڪ جي
باري ۾ ٿورو گهڻو ويچار ڪيو، ۽ پوءَ وساري ڇڏيم.
تمام گهڻي وقفي سان، ڪڏهن ڪڏهن، هڪ اڌ ڀيرو اهو
ٽهڪ مون کي پنهنجي اندر ۾ پڙاڏو ڪندو معلوم
ٿيندوهو. پر آءُ ان کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش
بنائي گهڻو سارو وقت ٻين ڳالهين جي خيال ۾ رڌل
رهندو هوس.
تنهن هوندي به، آءُ مڃان ٿو ته مون پيرس جي انهيءَ بند تي گهمڻ
ڇڏي ڏنو. جڏهن به آءُ لاريءَ يا موٽر ۾ اتان
لگهندو هوس ته مون تي عجيب قسم جي خاموشي طاري ٿي
ويندي هئي. شايد ڪنهن آواز جو انتظار هوندو هوم.
پر جڏهن ’سين‘ ندي پار ڪرڻ تائين ڪوبه واقعو ڪونه
ٿيندو هو، تڏهن اطمينان جو ساهه کڻندو هوس. تن
ڏينهن منهنجي صحت به ڪجهه بگڙيل رهندي هئي. ڪا خاص
تڪليف نه، رڳو طبيعت تي هڪ قسم جو بار ۽ ملولائي
ڇانيل رهندي هئي، جنهن ۾ اندر جي راحت ۽ جولانيءَ
کي قائم رکڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي هيم. مون ڊاڪٽرن
سان مشورو ڪيو، جن طاقت ۽ فرحت جون دوائون ڏنيون.
پر تڏهن به هڪڙي ڏينهن ٺيڪ، ته ٻئي ڏينهن ساڳي
حالت هوندي هئي. زندگي مون لاءِ اڳي جي ڀيٽ ۾
هاڻي گهٽ آسان ٿي ويئي هئي: جسم اُداس آهي، ته دل
به ڪومائجيو وڃي. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته
اُهو علم، جو مون ڪنهن کان به ڪونه سکيو هو پر
تڏهن به خبر هيم ته ڪيئن جيئجي، تنهن جو اڌ کان به
وڌيڪ حصو آءُ وساري چڪو آهيان، ها، آءُ ڀانيان ٿو
ته اِهائي گهڙي هئي، جڏهن کان هر ڳالهه جي ابتدا
ٿي.
پر اڄ شام جو به آءُ پاڻ کي چڱيءَ طرح مزي ۾ نٿو محسوس ڪريان.
ڳالهائڻ ۾ به اٽڪ ٿي رهي اٿم. ڀانيان ٿو ته آءُ
سٺي نموني نه پيو ڳالهايان، ۽ لفظ به اڻپورا آهن.
شايد ائين موسم جي ڪري هوندو. ساهه کڻڻ ۾ تڪليف
پيئي ٿي؛ هوا اهڙي ڳري آهي جو ڇاتيءَ تي بار ٿيو
پوي. جيڪڏهن اوهان کي اعتراض نه هجي ته ٻاهر
نڪرون، ۽ ٿوريءَ دير لاءِ شهر جو چڪر هڻون؟
مهرباني.
اڄ شام جو هي نهرون ڪيڏيون نه خوبصورت ٿيون لڳن! بيٺل پاڻيءَ جو
هڳاءُ، پاڻيءَ ۾ ڪومائجي ۽ سڙي ويل پنن جي سڳنڌ، ۽
گلن سان ڀريل ٻيڙين منجهان اُڀرندڙ ماتمي مُهڪ،
مون کي بيحد پسند آهن. نه نه، يقين ڪريو ته منهنجي
انهيءَ ذوق ۾ ڪنهن به قسم جي مريضانه ذهنيت جو دخل
ڪونه آهي. بلڪ مون شعوري طرح انهيءَ ذوق جي پرورش
ڪئي آهي. دراصل آءُ انهن نهرن جي واکاڻ ڪرڻ تي پاڻ
کي مجبور ڪريان ٿو. سڄيءَ دنيا ۾ مون کي سڀ کان
وڌيڪ ’سسلي‘ جو ٻيٽ پسند آهي_خاص طرح ’ايٽنا‘ جي
چوٽيءَ تان، سج جي روشنيءَ ۾، بشرطيڪ سڄي سمنڊ ۽
ٻيٽ تي مون کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هجي. جاوا جو
ٻيٽ به پسند اٿم، پر رڳو تجارتي هوائن واريءَ
موسم ۾. ها، آءُ پنهنجي جوانيءَ واري وقت ۾ اُتي،
ويو هوس.عام طرح مون کي سمورا ٻيٽ پسند آهن. ٻيٽن
تي قبضو ڄمائڻ البت آسان آهي.
واقعي، ڏاڍي سهڻي عمارت آهي! ان جي مٿان جيڪي به سسيون ڏسون
ٿا، سي حبشي غلامن جون آهن. اهو هن دڪان جو واپاري
نشان آهي. هيءَ عمارت هڪڙي غلامن جي واپار ڪرڻ
واري سوداگر جي هئي. تنهن زماني ۾ ماڻهو اهڙا نازڪ
طبيعت وارا ٿوروئي هئا! هو پنهنجو پاڻ کان مطمئن،
خود خيال ماڻهو هئا. کلم کلا چوندا هئا: ”ڏسو،
آءُ تمام وڏو ماڻهو آهيان_ آءُ غلامن جو واپار
ڪريان ٿو_آءُ ڪاريءَ چمڙيءَ جو ڪاروبار ڪندڙ
آهيان!“ اڄ اوهين ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو تصور ڪري
سگهو ٿا، جيڪو کلم کلا ائين ظاهر ڪري سگهي ته
منهنجو ڪاروبار هن نموني جو آهي؟ اها ڪيڏي نه وڏي
شرارت ٿيندي! آءُ هتان ئي پنهنجن پيرس جي رفيقن جو
آواز ٻڌي رهيو آهيان. هو انهيءَ معاملي ۾ تمام ڪٽر
آهن: اهڙيءَ انسان سوز حرڪت جي خلاف ته هو ٻه يا
ٽي، بلڪ اڃا به وڌيڪ منشرو شايع ڪرائڻ ۾ اصل ڪونه
هٻڪندا! ۽ سوچ ويچار کان پوءِ، آءُ به انهيءَ
منشور تي پنهنجي صحيح جو اضافو ڪندس. غلامي؟ هرگز
نه، غلاميءَ جي اسين خلاف آهيون !
باقي جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۽ ڪارخانن ۾ ان کي قائم،
رکڻ لاءِ اسان کي مجبور ڪيو وڃي، ته اها هڪ
سڀاويڪ ڳالهه آهي؛ پر ان تي فخر ۽ گهمنڊ ڪرڻ، سا
ڳالهه حد کان ٻاهر آهي!
آءُ چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو ته ٻئي تي حڪم هلائڻ يا ڪنهن کان ڪم وٺڻ
بنا ڪوبه ماڻهو گذاري نٿو سگهي. هر ڪنهن کي جئين
تازي هوا کپي، تيئن غلام به کپن، حڪم هلائڻ، ساهه
کڻڻ جي برابر آهي: اوهين مون سان متفق آهيو؟ ۽
هڪڙو اپاهج کان آپاهج، معذور کان معذور ماڻهو به
ساهه ضرور کڻي ٿو. سماج جي هيٺئين کان هيٺئين طبقي
جي ماڻهوءَ وٽ، ٻيو نه، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زال
يا ٻار ته ضرور آهي، جنهن تي هو حڪم هلائي سگهي
ٿو. جيڪڏهن ڪنوارو آهي، ته پنهنجو پالتو ڪتو
هوندس. مطلب ته لازمي ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهو
ڪنهن تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊي سگهي، جنهن کي موٽ ۾
جواب ڏيڻ جو حق نه هجي. ”پيءُ کي سامهون جواب نه
ڏبو آهي“_ اهو قول اوهان ٻڌو آهي. هڪ ڳالهئين،
اها تمام عجيب ڳالهه آهي. جنهن سان پيار ڪجي، تنهن
کي ئي جواب نه ڏجي، ته پوءِ ڀلا هن دنيا ۾ ٻيو
ڪنهن کي جواب ڏجي؟ وري ٻيءَ طرح ڏسبو، ته ڳالهه
برابر نظر ايندي: ڪنهن نه ڪنهن کي اهو اختيار هجڻ
کپي جو سندس ڳالهه کي آخري سمجهيو وڃي. ٻيءَ حالت
۾، هر ڪنهن دليل جي پٺيان ٻيو دليل پيو ايندو، ۽
ڳالهه جو ڇيهه ٿيندو ئي ڪونه . ان جي ابتڙ، طاقت
سان هر ڪنهن ڳالهه جو فيصلو ٿيو وڃي. انهيءَ ڳالهه
کي سمجهڻ ۾ اسان کي دير لڳي، پر نيٺ ان جا قائل ٿي
وياسين. مثال طور، اوهان محسوس ڪيو هوندو ته اسان
جو پراڻو يورپ هاڻي آخرڪار صحيح نموني جي حڪمت
عملي اختيار ڪري رهيو آهي. هاڻي اسين سادگيءَ
واري اڳئين زماني جيان هيئن نٿا چئون: ”منهنجي
راءِ هيءَ آهي. اوهان جا اعتراض ڪهڙا آهن؟“ اسين
وڌيڪ صاف ۽ واضح ٿي ويا آهيون. اسان گفتگوءَ جي
جڳهه پڌرائيءَ کي ڏني آهي. هاڻي اسين چئون ٿا:
”هيءَ ڳالهه صحيح آهي، سچ آهي. تون جيترو وڻي
تيترو بحث ڪري سگهين ٿو، تنهن سان اسان کي ڪابه
دلچسپي ڪانهي. پر چند سالن اندر پوليس توکي پاڻيهي
ٻڌائيندي ته آءُ صحيح هوس
!“
هاڻي هر ڪا ڳالهه واضح آهي. اسين سڀڪجهه خود ئي ڄاڻون ٿا؛ اسين
ڄاڻون ٿا ته اسين ڪهڙي ڪم جا آهيون. موضوع نه، پر
مثال بدلائڻ لاءِ، منهنجو ئي مثال وٺو. مون هميشـﮧ
ائين ئي چاهيو ته هرڪو مون سان مُرڪي ملي ۽ کلي
ڳالهائي. جيڪڏهن نوڪرياڻي به اُداس نظر ايندي
هئم،. ته منهنجو سڄو ڏينهن زهر تي ويندو هو. بيشڪ
هن کي کلمک نه رهڻ جو پورو پورو حق حاصل هو. پر
آءُ پاڻ کي چوندو هوس ته جيڪڏهن هوءَ ڳوڙهن بدران
مُرڪ سان پنهنجي خذمت ڪري ها ته اها سندس واسطي
ڪهڙي نه چڱي ڳالهه ٿئي ها. دراصل، اها منهنجي لاءِ
چڱي ڳالهه هئي. تنهن هوندي به، بنا ڪنهن وڌاءُ جي
منهنجو اهو دليل ڪو بنهه بيوقوفيءَ جهڙو ڪونه هو.
ساڳيءَ طرح، آءُ چينائين جي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان
سدائين پرهيز ڪندو هوس. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن هو
خاموش هوندا آهن ۽ اڇيءَ چمڙيءَ وارا موجود هوندا
آهن، تڏهن مشرق جي ماڻهن جي منهن مان اڪثر ڪري
نفرت ۽ حقارت پيئي بکندي آهي. قدرتي طرح، هوٽل ۾
خدمت بجا آڻڻ وقت سندن منهن تي اهي ئي جذبا هوندا
آهن. پوءِ ڀلا؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪڪڙ جي شُروي مان
اوهان کي ڪهڙو مزو ايندو؟ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته
اوهين ڪهڙي طرح انهن ڏانهن نهارڻ کان پوءِ پاڻ کي
حق تي سمجهندا؟
چڱو، فقط منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ هيءَ ڳالهه طي ٿي ته غلامي،
جيڪا بهتر آهي ته مُرڪندڙ هجي هڪ اڻٽر شي آهي. پر
اسان کي ان جو اعتراف نه ڪرڻ کپي. ڇا، ائين بهتر
نه آهي ته جنهن به ماڻهوءَ جو غلامن بنا گذارو نه
ٿي سگهي، سوکين آزاد انسان سڏي؟ ان جو هڪڙو سبب ته
اصولي آهي، ۽ ٻيو سبب اهو ته اهڙيءَ طرح اسين
غلامن کي رنج ۽ مايوسيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچائي
سگهون ٿا. ايترو اُجورو ته هو اسان کان لهڻن! ان
طرح هو پنهنجيءَ مُرڪ کي قائم ۽ جاري رکي سگهندا،
۽ اسان جو ضمير به مطمئن رهندو: نه ته ٻيءَ حالت ۾
اسان کي پنهنجي باري ۾ پنهنجي راءِ بدلائڻي
پوندي. اهو صدمو اسان کي پاڳل بنائي ڇڏيندو، يا
وري اسين بلڪل انڪساريءَ جي حالت ۾ ڦاسي وينداسين_
ڇو ته ڪابه صورت پيدا ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري، حاصل
مطلب هي آهي ته تجارتي نشان بلڪل نه هجڻ کپن! ۽ هو
تجارتي نشان جيڪو دڪان مٿان لڳل آهي، سو ته اصل
هيبتناڪ آهي. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن هرڪو شخص ٻين
سڀني کي پنهنجو اصل ڌنڌو ٻڌائي، ۽ پنهنجي شخصيت جي
نمائش ڪرڻ لڳي، ته پوءِ اسان لاءِ ڪابه پناهه جي
جڳهه ڪانه رهندي! فرض ڪريو ته هن نموني جا
ملاقاتي ڪارڊ ڇپجڻ لڳن ته هوند ڇا ٿئي: ”ڊيوپان
صاحب، اعصاب زنده فيلسوف“، يا عيسائي زميندار “،
يا ”زاني انسان دوست“، وغيره هر ڪنهن جي پسند آهر،
اهڙا ڪئين نمونا ٿي سگهن ٿا. پر پوءِ ته هيءَ
دنيا جهنم بنجي ويندي! ها، جهنم اهڙو ئي ته هوندو:
گهٽيون تجارتي نشانن سان ڀريل، ۽ پنهنجو پاڻ کي
سمجهائڻ جو ڪو به رستو نه. هر ڪنهن تي سندس اصليت
جو ٺپو سدائين لاءِ لڳي چڪو آهي. مثال طور،
منهنجا عزيز هموطن، ٿورو ترسو ۽ سوچيو ته جيڪڏهن
ائين هجي ته پوءِ اوهين پنهنجي لاءِ ڪهڙو نشان
پسند ڪندا؟ اوهين خاموش آهيو؟ چڱو، ٺيڪ آهي، ڀلي
پوءِ ٻڌائجو. بهرحال، مون کي ته پنهنجو نشان معلوم
آهي. ٻن سسين واري ’جانوس‘ ديوتا جو دلڪش چهرو·هوندو،
۽ ان جي مٿان دڪان جوهي ڪاروباري اصول لکيل هوندو:
هتي جي مال تي ڀروسو نه ڪريو“، منهنجن ملاقاتي
رڪاڊن تي هيئن لکيل هوندو؛ ”زان بئپٽسپ ڪلئمنس،
ڊرامي جو ائڪٽر“. جنهن شام جي باري ۾ مون اوهان
سان ذڪر ڪيوهو. تنهن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ مون هڪڙي
نئين ڳالهه معلوم ڪئي. جڏهن به ڪنهن نابينا کي آءُ
رستو اُڪاري ڇڏيندو هوس؛ تڏهن اِن کان جدا ٿيڻ کان
اڳ، ٿورو جُهڪي هٿ کي ٽوپلي تائين سڃي، کيس سلام
ڪندو هوس. ظاهر آهي ته هڪڙي انڌي اڳيان ائين ڪرڻ
بيڪار آهي. تڏهن اهو ڪنهن جي لاءِ هوندو هو؟ ٻين
ماڻهن لاءِ، اسٽيج جي ائڪٽر وانگر پنهنجو پارٽ
پورو ڪري آءُ اهو سلام ڪرڻ ضروري سمجهندو هوس.
اها ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي؟ انهن ئي ڏينهن ۾،
هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي موٽر واري کي مدد ڪئي، تنهن
جي هن مهرباني مڃي. مون جواب ۾ کيس چيو ته ڪو به
ماڻهو اوهان کي ايتري مدد ڪونه ڪري ها.“ دراصل
منهنجي زبان مان اتي نڪري ويو، نه ته منهنجو اصل
مطلب هيئن چوڻ هو ته ”هرڪو ماڻهو اوهان کي ايتري
مدد ڪري ها.“ پر اها افسوسناڪ غلطي منهنجي طبيعت
تي تمام وڏو بار ٿي بيهي رهي. سچ پچ ته انڪساري ۽
نهٺائيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هوس.
آءُ تمام نهٺائيءَ سان اهو قبول ٿو ڪريان ته آءُ سدائين پنهنجي
وڏائيءَ ۽ آپي ۾ مست هوندس هوس. منهنجي سڄي زندگي
”آءُ“ جو پڙاڏو آهي، جنهن جي گونج منهنجي هر ڪنهن
ڳالهه ۾ ٻڌبي هئي. پاڻ کي ساراهڻ بنا آءُ ڳالهائي
ڪونه سگهندو هوس، خاص طرح جڏهن انهيءَ اثرائتي
احتياط سان ڳالهائيندو هوس، جنهن جو آءُ ماهر هوس.
هيءَ حقيقت آهي ته زندگيءَ ۾ آءُ سدائين آزاد ۽
اختيار وارو رهيو آهيان. ٻئي ڪنهن به شخص سان لڳ
لاڳاپي ۾ مون پاڻ کي بلڪل آجو ٿي محسوس ڪيو ، جنهن
جو بهترين سبب اهو هو ته آءُ ڪنهن کي به پاڻ
برابر ڪونه ليکيندو هوس. جيئن اوهان کي ٻڌائي چڪو
آهيان، ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي نه رڳو وڌيڪ سمجهو ۽
ذهين، بلڪ وڌيڪ حساس ۽ وڌيڪ صلاحيتمند، زبردست
نشاني باز، بيمثال ڊرائيور، ۽ ٻين کان سٺو عاشق
سمجهندو هوس. جن ڳالهين ۾ مون کي پنهنجي ڪمزوري
چٽيءُ طرح ڏسڻ ۾ ايندي هئي_ مثلاً ٽينس راند_ تن
بابت وري ائين خيال ڪرڻ ڏکيو ڪونه هو ته ٿوري ئي
وقت ۾، ڪجهه مشق پچائڻ سان، آءُ هڙني کي شهه ڏيئي
سگهان ٿو. مون کي پنهنجو پاڻ ۾ فقط برتريءَ واريون
لياقتون ئي نظر آيون ٿي، ۽ اهائي ڳالهه ٻين ماڻهن
سان منهنجي خوش خلقيءَ ۽ سٺي سلوڪ جو سبب هئي،
ماڻهن سان منهنجي لهه وچڙ هر وقت شفقت سان ڀريل
آزاد، ڪنهن به رک رکاءَ کان آجي هوندي هئي، ان جو
سمورو داد ۽ اعزاز مون کي ئي ملندو هو: پنهنجيءَ
نظر ۾ منهنجي عزت، ان ڪري، ڪي قدر اڃا به وڌي
ويندي هئي.
ڪن ٻين حقيقتن سان گڏ، انهيءَ شام واري واقعي کان پوءِ، جنهن جو
ذڪر اوهان کي ٻڌايو اٿم، اهي حقيقتون به رفتي رفتي
مون کي معلوم ٿيون. نه سمورين حقيقتن جو ڪو اوچتو
انڪشاف ٿيو هو، ۽ نه وري اهي شروع ۾ پوريءَ طرح
چٽيون ۽ واضح هيون. اول ته مون کي پنهنجي حافظي تي
زور ڏيڻو پيو، ۽ پوءِ درجي بدرجي اهي ڳالهيون ذهن
تي تري آيون، ۽ جيڪي ڪجهه معلوم هو، تنهن جي ٿوري
گهڻي پرک پوندي وئيم، ان کان اڳ آءُ ڏاڍو ويسارو
هوندو هوس. ٻيون ڳالهيون ته خير، خود پنهنجا ارادا
۽ فيصلا به وساري ڇڏيندو هوس. بنيادي طرح، مون
لاءِ ڪابه ڳالهه اهميت واري ڪانه هئي. جنگ هجي يا
آپگهات، محبت هجي يا غريبي مڙني مسئلن ڏانهن آءُ
حالتن آهر ضرور ڌيان ڏيندو هوس، پر فقط رسمي ۽
اخلاقي طرح. ڪڏهن ڪڏهن آءُ ڪنهن اهڙي آدرش خاطر
جذباتي بنجڻ جو سانگ رچائيندو هوس، جنهن جو منهنجن
معاملن سان ڪوبه تعلق ڪونه هوندو هو، پر بنيادي
طرح آءُ ڪنهن به اهڙي مسئلي ۾ ڪو عملي بهرو ڪونه
وٺندو هوس، جيستائين منهنجي ذاتي آزاديءَ لاءِ
خطري جو انديشو نه پيدا ٿئي. ڪهڙيءَ طرح اوهان کي
سمجهايان؟ بس، ائين سمجهو ته هرڪا ڳالهه، مون کي
ڇُهڻ کان سواءِ، مٿان ئي مٿان گذري ويندي هئي_جيئن
لسي گهڙي مٿان پاڻي ترڪي ويندو آهي.
مون کي پنهنجو پاڻ سان انصاف ڪرڻ ڏيو: ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اها
وسارڻ واري عادت ساراهه جوڳي هوندي هئي. اوهان ڏٺو
هوندو ته اهڙا ماڻهو به آهن، جن جو مذهب سڀني
خطائن کي معاف ڪرڻ آهي. ۽ جيڪي واقعي سموريون
خطائون معاف ڪريو ڇڏين، پر انهن کي وسارين هرگز
نٿا. آءُ خطائن جي معافي ڏيڻ ۾ ته ايڏو ڪامياب
ڪونه هوس، پر آخرڪار انهن کي مورڳوئي وساري ڇڏيندو
هوس. مون ۾ خطائون معاف ڪرڻ جي اهليت سا ايتري
ڪانه هئي، پر نيٺ اُهي هميشـﮧ وساري ڇڏيندو هوس.
جيڪو شخص ائين سمجهندو هو ته آءُ کانئس نفرت ٿو
ڪريان، سو جڏهن ڏسندو هو ته آءُ کيس مُرڪي سلام
ٿو ڪريان، ته بيحد حيران ٿيندوهو. پنهنجيءَ طبيعت
مطابق، هو يا ته منهنجي ڪردار جي بلنديءَ جو قائل
ٿي ويندو هو، يا وري منهنجي بيحيائيءَ کي ننديندو
هو: ٻنهي صورتن ۾، منهنجي اهڙي رويي جي انهيءَ
معمولي سبب جي خبر کيس ڪانه هوندي هئي ته مون کان
سندس نالو به وسري ويو آهي. منهنجي اهائي ڪمزوري،
جنهن جي ڪري آءُ بعضي مغرور ۽ احسان فراموش سمجهيو
ويندو هوس، اهڙن موقعن تي مون کي عالي ظرف ۽ صافدل
بنائي ڇڏيندي هئي.
نتيجي طور، منهنجي زندگيءَ جا صبح ۽ شام فقط ”آءُ“ جي دائري
اندرئي ڦرندا رهيا. سڀاڻڪو ڏينهن ڪهڙين عورتن سان
گڏ گذرندو ، يا سڀاڻي نيڪيءَ بديءَ جا ڪهڙا معاملا
پيش ايندا، تنهن جي ڳڻتيءَ کان بي نياز آءُ هرڪو
ڏينهن فقط اُنهيءَ ڏينهن خاطر ئي جيئندو ٿي رهيس،
بلڪل ائين، جيئن ڪتا ڪندا آهن_پر آءُ هرڪنهن ڏينهن
پنهنجي درجي ۽ منصب تي قائم ۽ محفوط رهندو هوس!
اهڙيءَ طرح آءُ زندگيءَ جي مٿاڇري تي، حقيقت کان
دور، فقط لفظن جي دنيا ۾ هلندو رهيس اُهي سمورا
ڪتاب، جيڪي شايد ئي پڙهيا ويا؛ اهي سمورا دوست، جن
سان شايد ئي محبت ڪئي ويئي: اهي سمورا شهر، جيڪي
شايد ئي گهميا ويا؛ اهي سموريون عورتون، جن کي
شايد ئي قبضي ۾ آندو ويو! پنهنجي طبيعت جي بيزاريت
يا دماغ جي غير حاضريءَ سبب، آءُ فقط اشارن کان ڪم
وٺندو رهيس. تنهن کان پوءِ انسانن جو وارو آيو؛
انهن مون سان وابسته ٿيڻ ٿي چاهيو، پر وابستگيءَ
لاءِ ڪابه شي ڪانه هئي، ازنسواءِ اها بدقسمتيءَ جي
ڳالهه هئي. بدقسمتي هئي انهن لاءِ، آءُ ته ڀلجي
ويندو هوس. مون کي ته پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي
به يادگيري ڪانه هوندي هئي.
آهستي آهستي، ڪنهن طرح، منهنجي ياد گيريءَ موٽ کاڌي. يا ائين
چئجي ته مون اُن ڏانهن موٽ کاڌي، ۽ ڏٺم ته هڪڙي
ياد منهنجي انتظار ۾ ترسيو بيٺي هئي. پر ان بابت
اوهان کي ڪجهه ٻڌائڻ کان اڳ، مون کي اجازت ڏيو ته
اول ڪي ٻيا واقعا، جيڪي مون کي پنهنجيءَ تلاش جي
دوران ۾ دريافت ٿيا، سي بيان ڪريان (مون کي پڪ آهي
ته اهي اوهان لاءِ ڪمائتا ٿيندا).
هڪڙي ڏينهن آءُ ڪار ۾ چڙهي پئي ويس. اڳيان چونڪ هو، جتي ٻئي
رستي جو ڪراس هو، ۽ وچ ۾ ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ
خودڪار سگنل لڳل هو. آءُ ڌيميءَ رفتار سان اچي
رهيو هوس، ۽ سائي روشني اڳتي وڌڻ جو سگنل ڏيئي رهي
هئي. پر مون کي ڪار کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪجهه دير ٿي
ويئي، ۽ منهنجي پٺيان ايندڙ ڪارن جي وڏيءَ قطار
مان اسانجي صبر وارن شهرواسين، غضبناڪ ٿي، يڪايڪ
هارن وڄائڻ شروع ڪيا. ان وقت مون کي اوچتو ئي هڪڙو
ٻيو واقعو ياد اچي ويو، جيڪو اهڙي ئي قسم جي
صورتحال ۾ پيش آيو. هڪڙي موٽر سائيڪل، جنهن تي
عينڪ ۽ چڍي پهريل هڪڙو بندرو شخص سوار هو، سا
منهنجيءَ ڪار جي پاسي وٽان لنگهي، ان جي اڳيان،
سگنل جي ڳاڙهيءَ روشنيءَ کي سامهون ٿي بيهي رهي.
بيهڻ وقت ان جي انجڻ بند ٿي ويئي، ۽ اهو شخص انجڻ
کي چالو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيوهو، ته ايتري ۾
سگنل جي بتي سائي رنگ ۾ بدلجي ويئي. مون پنهنجيءَ
عادت مطابق تمام اخلاق سان کيس گذارش ڪئي ته هو
پنهنجي موٽر سائيڪل کي گس کان پرڀرو ڪري ته جيئن
آءُ ڪار کي اڳتي ڪڍي وڃان. هو انجڻ کي چالو ڪرڻ
لاءِ مٿو هڻي هڻي برشد ٿي پيو هو، سو پئرس وارن جي
اخلاقي اصول کان ڪم وٺندي چيائين: ”ميان، چڱو اٿئي
ته ڪنهن وڻ تي چڙهي وڃ!“ مون ٻيهر کانئس ڪجهه وڌيڪ
نرميءَ سان پر ڪجهه بيصبريءَ جي لهجي ۾ رستي کان
پري ٿيڻ جي تقاضا ڪئي. هن هڪدم سخت ۽ صاف نموني ۾
رکائيءَ سان وراڻيو:”وڃي جهنم جي تري ۾ پئه !“ اهو
سمورو وقت، منهنجي پويان رُڪجي بيٺل لارين ۽ موٽرن
جي يڪيءَ لانڍ مان لڳاتار هارن پٺيان هارن وڄندا
رهيا. مون هڪ ڀيرو وري به کيس. عرض ڪيو ته هو
فضيلت کان ڪم وٺي، ۽ محسوس ڪري ته هيتري ساري
آمدرفت سندس ڪري ئي روڪجي ويئي آهي. هن چيڙاڪ شخص،
جيڪو شايد پنهنجيءَ موٽر سائيڪل جي انجڻ جي
خرابيءَ سبب مڇرجي پيو هو، تنهن مون کي هاڻي اهو
چتاءُ ڏنو ته ”جيڪڏهن وڌيڪ ٽر_ ٽر ڪئي اٿئي ته آءُ
هڻي مٿو ڦيهي وجهندو سانءِ !“ مون کي انهيءَ
بدمزاجيءَ تي باهه وٺي ويئي. آءُ هن بدزبان ۽
واتراد، واهيات شخص جي خبر وٺڻ لاءِ ٽپ ڏيئي ڪار
کان ٻاهر نڪتس . آءُ پاڻ کي بزدل نٿو سمجهان (۽
ماڻهو پاڻ کي ڇاڇا نٿو سمجهي؟)؛ هن کان ته آءُ قد
۾ به مٺ کن مٿي هوس، ۽ منهنجين ٻانهن جا ڏورا به
سدائين مضبوط رهيا آهن. مون کي ته هينئر به پڪ آهي
ته جيڪڏهن مقابلو ٿئي ها ته، منهنجو نه، بلڪ هن
جوئي مٿو ڦيهجي ها. ليڪن اڃا مون ڪار کان ٻاهر، پٽ
تي پيرئي مس رکيو هو ته ايتري ۾ آسپاس کان ماڻهن
جي وڌندڙ ميڙ منجهان هڪڙو شخص ٻاهر نڪتو، ۽ تيزيءَ
سان مون ڏانهن وڌي آيو. اچڻ سان، هڪڙي ذليل گار
ڏيئي، مون کي چيائين؛ ”ترس ! آءُ توکي هڪ اهڙي
ماڻهوءَ تي هٿ کڻڻ هرگز نه ڏيندس، جنهن جون ٽنگون
۽ ٻانهون مرٽر سائيڪل ۾ قابو آهن ۽ انهيءَ ڪري
وڙهي سگهڻ جهڙو نه آهي !“ آءُ انهيءَ سورهيه مڙس
ڏانهن مڙيس، پر درحقيقت ان کي ڏسي به ڪونه سگهيس،
ڇو ته ايتري ۾، ٺيڪ ان وقت، هوڏانهن موٽر سائيڪل
ڦٽ ڦٽ ڪرڻ لڳي، ۽ هيڏانهن هڪڙو زوردار ٺونشو اچي
منهنجي لونڻي تي ٺڪا ٿيو. اڃا آءُ انهيءَ ماجرا کي
سمجهان ئي سمجهان، تنهن اڳ اها موٽر سائيڪل_ اهيا
ٿي وڃي! آءُ چڪرائجي ويس. ۽ ڦوڪيو شوڪيو، مشين
وانگيان، چپ چاپ اڳتي وڌڻ لڳس. ايتري ۾ وري سگنل
جي بتي ڳاڙهيءَ مان ڦري سائي ٿيڻ لڳي، ۽ پٺيان
موٽرن جي ڊگهيءَ قطار مان بي صبرائيءَ سان، هارن
وڄڻ جو طوفان کڙو ٿي ويو. انهيءَ تي آءَ ويتر
گهٻرائجي ويس، ۽ جنهن احمق شخص مون کي للڪاريو هو،
تنهن جي گوشماليءَ جو خيال لاهي، پنهنجيءَ ڪار
ڏانهن موٽي آيس، ڪار کي چالو ڪري، اڳتي وڌيس، ۽
جڏهن انهيءَ احمق وٽان لنگهي رهيو هوس، ته وڏي
واڪي هن مون کي چيو_”بيوقوف گڏهه !“ اهي فقرا اڃا
به مون کي ياد آهن.
اوهان جي خيال ۾، اهو ڪو معمولي واقعو آهي؟ ممڪن آهي، پر تنهن
هوندي به ان کي وسارڻ ۾ مون کي چڱو عرصو لڳو، ۽
اهائي اهم ڳالهه آهي. تڏهن به مون وٽ پنهنجيءَ دل
جي آٿت لاءِ ڪافي عذر موجود هئا. مون جوابي
ڪارروائي ڪرڻ بنا ئي شڪست کاڌي هئي، ليڪن مون تي
بزدليءَ جي تهمت نٿي لڳي سگهي. حملو اوچتو ٿيو هو،
هڪ ئي وقت تي ٻن_ ٻن طرفن کان ڌڙڪا ملي رهيا
هئا؛ اصل معاملي جي پريشاني الڳ، ته مٿان وري
موٽرن جي هڪٻئي مٿان پون _پون جي يڪي يلغار، جنهن
منهنجا حوصلائي خطا ڪري ڇڏيا. ان هوندي به مون کي
سخت ارمان ٿي رهيو هو، ڄڻ ته مون ڪنهن شرافت جي
اصول جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. آءُ پنهنجي پاڻ کي، بنا
ڪنهن جوابي ڪارروائيءَ جي، پنهنجي ڪار ڏانهن
موٽندو ڏسي رهيو هوس. آءُ ڏسي رهيو هوس ته ماڻهن
جي سڄي هجوم جون اکيون مون ۾ کتل آهن، ۽ هو خاص
ڪري منهنجيءَ ذلت تي انهيءَ ڪري خوش ٿي رهيا آهن
جومون کي ان وقت تمام ٺاهوڪو، نيرو سوٽ پهريل هو،
”بيوقوف گڏهه !“ _ اهي اکر منهنجن ڪنن ۾ گونجندا
رهيا_ ۽ مڙني ڳالهين جي باوجود، مون کي ائين محسوس
ٿيو، ڄڻ ته آءُ واقعي انهيءَ لقب جي لائق هوس.
مطلب ته مون کي ڀريءَ بازار ۾ شڪست آئي هئي، ان ۾
ڪوبه شڪ ناهي ته ان وقت حالتون ئي اهڙيون پيدا ٿي
پئيون، پر اهڙيون حالتون ته سدائين پيدا ٿينديون
رهن ٿيون. پوءِ جڏهن ويچار ڪيم، تڏهن چٽيءَ طرح
محسوس ڪيم ته مون کي اهڙين حالتن ۾ ڇا ڪرڻ کپي ها.
مون کي نظر آيو ته دخل در معقولات ڪرڻ واري
انهيءَ نامعقول شخص کي لوندڙيءَ وارو هڪڙو زبردست
ٺونشو هڻي، آءُ پنهنجيءَ ڪار ڏانهن موٽان ٿو، ۽
تڪڙيءَ رفتار سان انهيءَ باندر جهڙي بندري شخص جو
پيڇو ڪري، کيس موٽرسائيڪل روڪڻ تي مجبور ڪريان ٿو،
۽ پوءِ ڪار مان لهي، ان کي ڪنڌ کان جهلي، هڪ پاسي
گهلي، اهڙي ڦيهه ٿو ڪڍانس، جنهن جو هو لائق هو.
اها مختصر فلم، ٿوريءَ گهڻيءَ ڦهير گهير سان، سـﺆ
کن ڀيرا مون پنهنجي خيالي پڙدي تي ورائي ورائي
ڏٺي. پر اهو سڀڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ جي ڳالهه
هئي، ۽ ڪيترن ئي ڏنهن تائين آءُ انهيءَ تلخ احساس
وچان، اندر ئي اندر ۾ کامي رهيو هوس.
اِجهو، وري مينهن شروع ٿي ويو، هلو ڪجهه دير هن ڇاپري هيٺان هلي
بيهون. ها، مون الائي ڇا پئي چيو؟ جي ها، عزت!
خير، سو جڏهن آءَ انهيءَ واقعي جي ياد گيريءَ کان
آجو ٿيس، تڏهن محسوس ڪيم ته ان جو مطلب ڇا هو.
آخرڪار منهنجو خواب حقيقتن جو مقابلو نه ڪري
سگهيو. هاڻي اها ڳالهه بلڪل واضع هئي ته پنهنجو
پاڻ کي هڪ اهڙي مڪمل انسان سمجهڻ، جو نه رڳو شخصي
طرح بلڪ پنهنجي پيشي جي لحاظ کان به عزت لائق هجي،
سو فقط منهنجو خواب ئي هو. مختصر طرح، مون هرڪنهن
معاملي ۾ پاڻ کي غالب رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهوئي
سبب هو جو مون بنا ڪنهن سانگ رچائڻ جي، پنهنجين
ذهني صلاحيتن کان ڪم وٺڻ بدران، جسماني ڪرتبن جي
نمائش ڪرڻ جو خاص خيال رکيو. پرهڪ ڀيرو، بنا ڪنهن
جوابي ڪارروائيءَ جي، ڀريءَ بازار ۾ مار کائي چڪڻ
کان پوءِ منهنجي لاءِ اهو ناممڪن ٿي پيو هو ته
اڃا به پنهنجيءَ شخصيت جي انهيءَ دل پرڀائيندڙ
تصور جو لطف ماڻي سگهان. جيڪڏهن صداقت ۽ ذهانت سان
منهنجو ايترو ئي تعلق هو، جنهن جي آءُ دعوا رکندو
هو، ته پوءِ انهيءَ وقعي جي مون لاءِ ڪهڙي اهميت
هئي. جن ماڻهن اهو تماشو ڏٺو، سي ته ان کي وساري
به چڪا هئا. آءُ پاڻ کي فقط هروڀرو ڪاوڙجي پوڻ جو
ڏوهاري ٺهرائي ٿي سگهيس، ۽ وري ڪاوڙ اچڻ کان پوءِ
ان جي نتيجن کي صحيح نموني ۾ منهن ان ڪري نه ڏيئي
سگهيس جو آءُ حاضر دماغيءَ کان ڪم وٺي نه سگهيس_
اها منهنجي ٻي غلطي هئي. پر مون ڇا ڪيو_ رڳو وير
وٺڻ، مارڻ ۽ غلبي حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪيم. ٻين لفظن
۾، منهنجي اصل خواهش دنيا جي سڀ کان ذهين ۽ سڀ کان
سٻاجهي انسان بنجڻ جي نه هئي، بلڪ جنهن کي وڻيم
تنهن کي ماري سگهڻ ۽ ٻئي کان وڌيڪ طاقتور بنجڻ جي
هئي، ۽ سا به تمام هلڪڙائپ واري طريقي سان. سچ پچ
ته هرڪو ذهين ماڻهو غنڊي بنجڻ ۽ سماج تي رڳو زور ۽
دٻاءُ سان حڪم هلائڻ جا پُور پچائيندو آهي. پر اها
ڳالهه ڇاڪاڻ ته ايتري سولي ڪانهي، جيتري جاسوسي
ناولن ۾ اسان کي نظر ايندي آهي، تنهنڪري ماڻهو
اڪثر ڪري سياسي جماعتن جو سهارو وٺندا آهن، ۽ ظالم
ترين سياسي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڀڄ ڍڪ ڪندا هن،
پوءِ جيڪڏهن فڪر ۽ ذهن جي ذلت کي قبول ڪرڻ بعد،
ڪو شخص هر ڪنهن کي پنهنجي وس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي،
ته ان ۾ ڪهڙو هرج آهي؟_ مون پنهنجي اندر ۾ زور ۽
زبردستيءَ جي لذيذ خواهشن کي دريافت ڪري ورتو.
مون کي گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه معلوم ٿي ته آءُ
ڏوهارين جو طرفدار رڳو ان حد تائين هوس، جنهن حد
تائين انهن جي ڏوهن بابت زوردار وضاحتي تقريرون
ڪري ٿي سگهيس، ڇاڪاڻ ته آءُ خود انهن ڏوهن جي پهچ
کان ٻاهر هوس. پرجڏهن به پنهنجي لاءِ ڪو خطرو
محسوس ڪيم، تڏهن نه رڳو هڪدم انصاف پسند جج بنجي
ٿي ويس، بلڪ انصاف. جي حدن کان به اڳتي نڪري ٿي
ويس: ان وقت آءُ هڪ اهڙو غضبناڪ حاڪم بنجي ٿي ويس.
جيڪو قاعدي قانون جي مڙني ليڪن کي لتاڙي، ڏوهاريءَ
تي ڪڙڪي پوندو آهي، ۽ کيس گوڏن ڀر پنهنجن قدمن ۾
جهڪائڻ تي مجبور ڪري وجهندو آهي. ان کان پوءِ،
منهنجا عزيز هموطن، هن ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان
پنهنجي يقين کي قائم رکڻ مشڪل ٿيو پوي ته ڪوبه شخص
انصاف کي پيشي طور اختيار ڪري سگهي ٿو، يا کيس
يتيمن ۽ بيواهن جي حفاظت لاِ مقرر ڪيو ويو آهي.
|