سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: زوال

 

صفحو :6

(4)

 

گُڏين جو ڳوٺ ٿو لڳي نه؟ ھتي عجيب غريب شين جي کوٽ ڪانھي. پر منھنجا عزيز دوست، آءُ اوھان کي ھتي جا عجائبات ڏيکارڻ لاءِ وٺي ڪونه آيو آھيان. ڪسانن کي مٿي تي پھريل عجيب ٽوپلا، ڪاٺ جون جتيون، ۽ ڪنوار جيان سينگاريل جايون، جن ۾ مھاڻا پنھنجو دلپسند تماڪ ڇڪي رھيا آھن ۽ چوڌاري فرنيچر جي پالش جھڙي بوءِ پکڙيل آھي _ اِھي شيون ته ھن ٻيٽ تي ڪوبه شخص اوھان کي ڏيکاري ٿو سگهي. پر آءُ انھن ٿورن ماڻھن مان آھيان، جيڪي اوھان کي اھي شيون ڏيکاري ٿا سگهن، جيڪي واقعي ھتي جون ڏسڻ لائق بند شيون آھن.

ھاڻي اسين بند کي ويجھا پھچي ويا آھيون. اسين ان سان لڳو لڳ، سڌا ھليا ھلنداسين، ته جيئن ھنن ضرورت کان وڌيڪ دلڪش جڳھين کان جيترو ٿي سگهي، پري نڪري ھلون. ھاڻي اچو ته ھتي ويھي رھون. ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ڇا ھي منفي قسم جو خوبصورت ترين نظارو نه آھي؟ ھو کاٻي پاسي رک جو ڍير ڏسو، جنھن کي ھتي جا ماڻھو واريءَ جو دڙو چوندا آھن. وري ھوڏانھن ڀوري رنگ جي نظر ايندڙ کاھيءَ ڏانھن ڏسو. ھي اسان جي قدمن ۾ سرمائي رنگت جو ڪنارو، ۽ ھو اسان جي سامھون، وسيع آسمان جي عڪس پوڻ سبب، سمنڊ جي بي رنگ پاڻي ميٽوڙيءَ جي ھلڪي ڳاي جھڙو نظر اچي رھيو آھي. واقعي، ھڪڙو ............جھنم آھي! ھر ڪا شيءِ هفقي ۽ ھموار آھي، ڪٿي به اُٻار ڪونھي؛ فضا بي رنگ، ۽ زندگي بيجان آھي. ڇا، ھيءَ عالمگير تباھيءَ يا دائمي معدوميت جي تصوير نه آھي؟ ڪوبه انسان نٿو ڏسجي. جي ھا، سڀ کان وڏي ڳالھه ڪوبه انسان نٿو ڏسجي! فقط آءُ ۽ اوھين ھن ڌرتيءَ تي رھجي ويا آھيون، جيڪا آخرڪار ويران ٿي چڪي آھي! آسمان زنده آھي؟ ھا اوھين ٺيڪ ٿا چئو. آسمان گهرو ٿئي ٿو، ڪمان جيان مڙي ٿو، ھوائن جا در کولي ٿو، ۽ ڪڪرن جا گس بند ڪريو ڇڏي. ھو ڏسو، ڪبوتر اُڏامي رھيا آھن. اوھان ڪڏھن غور نه ڪيو آھي ته ھالنڊ جو آسمان لکي ڪبوترن سان ڇانيل ھوندو آھي، جيڪي تمام مٿي اڏامڻ سبب ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا آھن. اھي پنھنجي پرن کي ڦڙ ڦڙائيندا، سڀئي گڏجي، ھيٺ غوطو ھڻندا يا مٿي اُڀرندا، آسماني فضا کي پنھنجن خاڪي رنگ جي کنڀن سان ڀريو ڇڏين، جن کي ھوا ڳچ دير تائين پيئي ھيڏانھن ھوڏانھن اڏائيندي آھي. ڪبوتر سال جا ٻارھن ئي مھينا پيا مٿي انتظار ڪندا آھن. زمين جي مٿان چڪر لڳائيندا آھن، ھيٺ نظر ڪندا آھن ،۽ ھر وقت ھيٺ لھڻ چاھيندا آھن. پر ھيٺ سمنڊ ۽ نھرن کان سواءِ ڪجھه به ڪونھي. ڇتيون سموريون ئي دڪانن جي واپاري نشانن سان ڍڪيل آھن، ۽ ڪڏھن به ڪو ماڻھو نٿو ڏسجي، جنھن جي مٿي تي ھو لھي اچي ويھن

اوھان نه سمجهو ته منھنجو مطلب ڇا آھي؟ اوھان جو اھو خيال مون کي قبول آھي ته آءُ ھاڻي ٿڪجي پيو آھيان. آءُ ڳالھه جو سلسلو قائم نٿو رکي سگهان؛ منھنجي گفتگو ۾ اھا سلامت ۽ شفتگي؟ نه رھي آھي، جنھن کان محفوظ ٿي، منھنجا دوست مون کي داد ڏيندا ھئا. آءُ ”منھنجا دوست“ ٿو چوان، سو رڳو اصول جي ڪري. منھنجا ڪي به دوست ڪينھن؛ فقط ساٿي آھي، منھنجن ڪمن ۾ شريڪ ٿيندڙ دوستن جي ڪاڻ پوري ڪرڻ لاءِ، مون ساٿين جي تعداد ۾ اضافو ڪيو آھي، جنھن ۾ سڄي انسان ذات اچيو ٿي وڃي؛ ۽ انسان ذات ۾ سڀ کان اول اوھين آھيو. جيڪو سڀ کان ويجھو ھجي، سوئي سڀ کان اول ڳڻبو. مون کي ڪيئن پيو ته منھنجا دوست ڪينھن ؟ اھا تمام سولي ڳالھه آھي: مون کي اھا خبر تنھن ڏينھن پئي، جڏھن مون پنھنجن دوستن سان ھڪڙي اٽڪل ڪرڻ، ۽ ان طرح کين سيکت ڏيڻ خاطر، آپگهات ڪرڻ جو خيال ڪيو. پر سيکت ڪنھن کي ملندي؟ ڪن کي عجب ته ضرور لڳندو، پر عذاب ته ڪنھن کي محسوس ڪونه ٿيندو! سو، ان طرح مون محسوس ڪيو ته منھنجو ڪوبه دوست ڪونھي. جيڪڏھن ڪوھجي به ھا، ته منھنجي لاءِ ڪھڙو فرق پوي ھا؟ جيڪڏھن آءُ پنھنجي آپگهات کان پوءِ انھن جو رد عمل ڏسي سگهان ھا، ته پوءِ اھو ناٽڪ آءُ بيشڪ ڪريان ھا. ليڪن، عزيز دوست، قبر اونداھي ٿئي ٿي، لاش جو تابوت سخت ڪاٺ جو، ۽ ڪفن ٿلھي ڪپڙي جو ٺھيل ٿئي ٿو، جنھن مان اکيون ڪجھه به ڏسي نٿيون سگهن. روح جون اکيون؟ بيشڪ _ جيڪڏھن واقعي روح جو وجود ھجي، ۽ ان کي اکيون ھجن! پر اسان کي ان جو يقين ڪونھي، ۽ نه وري اسان کي اھو يقين ٿي سهگندو. ائين ھجي ھا ته جيڪر ھن مسئلي جو ھڪڙو حل ملي وڃي ھا، ۽ ماڻھو مرڻ کان پوءِ پنھنجيءَ اھميت جو نظارو ڏسي سگهي ھا. ماڻھو ڪڏھن به اوھان جي دليلن، اوھان جي خلوص ۽ اوھان جي تڪليفن جي شدت جا قائل نه ٿيندا، البت اوھان جو موت ئي انھن کي قائل ۽ متاثر ڪري سگهي ٿو. جيستائين اوھين جيئرا آھيو، تيستائين اوھان جو معاملو مشڪوڪ آھي؛ اوھين فقط ماڻھن جي شڪن شبھن جا حقدار آھيو. تڏھن ئي ته آءُ چوان ٿو ته جيڪڏھن موت کان پوءِ ھن تماشي ڏسڻ ۽ ان جي مزي ماڻڻ جو ڪو ٿورڙو به يقين ھجي ھا، ته پوءِ اھو سودو ايتريءَ قيمت تي سستو ھو جو اسين ڪنھن به وقت مري، پنھنجن دوستن کي انھن ڳالھين جو ثبوت ڏيئي ششدر ڪري ڇڏيون ھا، جن ڳالھين جا ھو ڪڏھن به قائل نٿي ٿيا. پر اوھين پاڻ کي ماريو به سھي، ۽ پوءِ اوھان جا دوست اوھان کي مڃين يا نه مڃين، تنھن مان ڇا حاصل؟ اوھين مرڻ کان پوءِ پنھنجن دوستن جي حيرت، خوشي يا پيشيماني ڏسي نٿا سگهو. اوھين ته خود پنھنجي جنازي کي به کڄندو نٿا ڏسي سگهو (جيڪا ھر شخص جي خواھش ھوندي آھي). اھڙيءَ مشڪوڪ صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ، فقط اھوئي طريقو آھي ته ماڻھو پنھنجي وجود کي ختم ڪري ڇڏي _ پوءِ اڳتي وڻي تيئن ٿئي.

ڀلا ٻي ڪھڙي صورت آھي؟ ھونئن ته پنھنجن دوستن جي بيپرواھي اسان کي مرڻ کان پوءِ به گهڻوئي ڏک پھچائي سگهي ٿي. ھڪڙي پيءُ پنھنجي ڌيءَ کي ھڪڙي زياده چالاڪ ڇوڪر سان شادي ڪرڻ کان منع ڪئي. ڌيءَ پنھنجي پيءُ کي چيو،  ”:اوھان کي ان جو بدلو ڏيڻو پوندو!“ ۽ پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيائين. پر پيءُ کي ڪوبه بدلو ڏيڻو ڪونه پيو، ھو مڇيءَ جي شڪار جو بيحد شوقين ھو. ٽن ھفتن کان پوءِ ھو درياءَ تي ھليو ويو _ سندس چوڻ مطابق، غم کي غلط ڪرڻ لاءِ. ھن جو خيال ٺيڪ ھو: سمورو ڏک کانئس وسري ويو. بلڪ سچي ڳالھه ته اھا آھي ته جيڪڏھن ھو پنھنجو ڏک نه وساري ته اِھا البت حيرت جي ڳالھه ٿئي ھا.اوھين سمجھو ٿا ته آپگهات ڪري، اوھين ڄڻ پنھنجي زال کي سزا ڏيئي رھيا آھيو _ حالانڪ اوھين کيس ڇوٽڪارو ڏيئي رھيا آھيو. سو، بھتر آھي ته پنھنجي موت کان پوءِ اھي سڀ ڳالھيوڻ نه ڏسجن. تنھن کان سواءِ، اوھان جي آپگهات بابت ماڻھو جيڪي انومان ڪڍندا ۽ مناسب بيان ڪندا، سي به اوھان کي ٻڌڻا ٿيندا. مثال طور، جيڪڏھن آءُ آپگهات ڪريان ته ماڻھو ھوند ڇا چون؟ آءُ اھي ڳالھيون ھينئر ئي ٻڌي سگهان ٿو:” ويچاري آپگهات ڪيو، ڇوته ھن ۾ برداشت جو مادو ڪونه ھو .......“ مار! ماڻھو ڪيتريقدر نه ڳالھين ٺاھڻ جا ڪَچا آھن! ھو سدائين ٿا ڀانئين ته ماڻھو ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري آپگهات ڪندو آھي، ۽ اھو سبب ھميشـﮧ ھڪڙو ئي ھوندو آھي. حالانڪ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ، ٻن سببن جي ڪري آپگهات ڪري. پر نه، ماڻھن جي دماغ ۾ اھا ڳالھه ڪڏھن ڪانه ايندي. پوءِ ڀلا پاڻيھي پاڻ کي ڪنھن خاص ارادي سان مارڻ مان ھڪڙو فائدو؟ رڳو ايتريءَ ڳالھه لاءِ ته ماڻھو اوھان جي باري ۾ اھو ئي رايو قائم ڪن، جيڪو اوھان پنھنجي باري  ۾ قائم ڪيو آھي، پنھنجي جان قربان ڪرڻ بيڪار آھي. ھڪ ڀيري اوھان زندگيءَ تان ھٿ کنيو، ته پوءِ ماڻھو انھيءَ موقعي مان فائدو وٺندا، ۽ اوھان جي انھيءَ قدم بابت واھيات ۽ اھمقپائيءَ جون ڳالھيون مشھور ڪندا. شھيدن کي فقط ھنن ٻن ڳالھين مان ڪابه ھڪڙي چونڊڻ کپي: يا ته ھن ڳالھه تي راضي ٿين ته ماڻھو کين وساري ڇڏين ۽ مٿن ٺٺولي ڪن، ۽ يا وري چپ چاپ ٻين جي وس ۾ رھڻ منظور ڪن. انھن ٻن کان سواءِ، ٽيون گس آھي ئي ڪونه. ماڻھو اوھان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا، سو انھيءَ ڳالھه جي توقع رکڻ ئي فضول آھي.

خير انھن ڳالھين جي ڪيتري پچار ڪبي. منھنجي اصل ڪمزوري اِھائي آھي ته مون کي زندگيءَ سان پيار آھي. ايترو پيار، جو ڪنھن زندگيءَ کان خالي شي جو آءُ تصور به نٿوڪري سگهان. اھڙي قسم جي حرص ۾، ممڪن آھي ته اوھان کي ھلڪڙائي نظر ايندي ھجي، ڇو ته اميرن ۽ وڏن ماڻھن جو طبقو پاڻ ته پنھنجي آسپاس جي ماحول کان ڪي قدر مفاصلي تي رکڻ بنا گذارو نٿو ڪري سگهي. سو وڃي ته وڃي ھليو، پرآڻ ڪونه مڃيندو. پر آءُ آڻ مڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته مون پنھنجيءَ ذات سان محبت کي برقرار رکيو آھي. مثلاً، ھينئر جي مون ھيتريون ڳالھيون اوھان کي ٻڌايون تن مان اوھان ڇا ٿا سمجھو ته مون ڪھڙا نتيجا ڪڍيا؟ پنھنجو پاڻ کان حقارت ۽ بيزاري؟ جي نه _ بلڪ آءُ ته اڪثر ڪري ٻين کان ئي بيزار رھيس. بيشڪ، مون کي پنھنجين ڪوتاھين جي خبر ھئي، ۽ انھن تي افسوس به ھوم. پر تڏھن به آءُ انھن کي وساريندو ئي رھيس، ۽ انھيءَ سلسلي ۾ منھنجي ويسر واري عادت اٽل ھئي. ٻئي طرف، ان جي ابتڙ، ٻين تي چوڪسي رکڻ جو خيال منھنجي دل ۾ برابر جاري رھيو. يقيناً، شايد ھيءَ ڳالھه اوھان کي بري لڳي؟ شايد اوھين سمجھو ٿا ته ائين ڪرڻ معقوليت کان خارج آھي؟ پر سوال اھو نه آھي ته ٻين جي نظرن کان ڪيئن بچي نڪرجي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه، جي ھا، سڀ کان وڏي ڳالھه ھيءَ ته ڪھڙيءَ طرح فيصلي کان پاڻ بچائجي. آءُ سزا کان بچڻ جي ڳالھه نٿو ڪريان، ڇوته فيصلي کان سواءِ سزا کي البت برداشت ڪري سگهجي ٿو. ان جو ڪو نالو ھوندو آھي، ۽ تنھن کان سواءِ اھڙي سزا اسان جي بيگناھيءَ جي ضمانت بنبي آھي: ان کي بد نصيبي چئبو آھي. معاملو سزا کان نه، بلڪ فيصلي يا فتوا کان بچڻ جو آھي. فيصلي جي زد ۾ اچي ، ڪنھن سزا جي اعلان کان بچڻ، اھا تمام اھم ڳالھه آھي.

پر ان کان بچڻ ڪو ايترو سولو ڪونه آھي. اڄڪلھه اسين فتوا ڏيڻ لاءِ به اھڙائي تڪڙا آھيون، جھڙا زناڪاريءَ لاءِ. فرق رڳو اھو آھي ته پوئين ڪم جي ڀيٽ ۾، پھرئين ڪم ۾ پنھنجين ڪوتاھين جو خوف ڪونه ھوندو آھي. جيڪڏھن اوھان کي منھنجيءَ ڳالھه تي اعتبار نه اَچي، ته آگسٽ جي مھيني ۾ ڪنھن به ھوادار ھوٽل ڏانھن ھليا وڃو، ۽ اتي ٽيبلن تي ٿيندڙ اھا گفتگو ٻڌو، جيڪا اسان جا دل ۽ زبان جا سخي ھموطن پنھنجي مغز جي مونجھه لاھڻ لاءِ پيا ڪندا آھن. جيڪڏھن پوءِ به اوھان کي پڪ نه ٿئي، ته پنھنجي دور جي عظيم ھستين جون لکيتون پڙھو. يا وري پنھنجي خاندان تي ئي نظر وجھو. ڪي ڳالھيون اوھان کي خود بخود ئي معلوم ٿي وينديون. منھنجا عزيز دوست، اسان کي گهرجي ته ماڻھن کي ڪو معمولي موقعو به اھڙو نه ڏيون، جو ھو اسان جي باري ۾ ڪا فتوا يا فيصلو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن! نه ته ھو اھڙا آھن، جو اسين رڳو چيٿڙن ۾ پاڻ لڪائيندا وتنداسين. اسين بلڪل اھڙيون ئي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي مجبور آھيون، جھڙيون شينھن کي سڌارڻ وارو اختيار ڪندو آھي. پڃري ۾ گهڙڻ کان اڳ، جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان سندس منھن ڏاڙھي ڪوڙيندي ڪو چھڪ اچي ويو ھجي، ته پوءِ ھو مرونءَ لاءِ ڪھڙو نه مزيدار لقمو ثابت ٿيندو! اھا ڳالھه مون ھڪ ڏينھن اوچتو محسوس ڪئي، جڏھن منھنجي دل ۾ اھو شڪ جاڳيوته شايد آءُ ڪو ايتريقدر تعريف لائق شخص نه آھيان. بس تڏھن کان اھو شڪ منھنجي دل ۾ ويھي ويو. منھنجي بت مان ٿورو رت وھي رھيو ھو، تنھنڪري درندن کان بچڻ جو ڪو چارو ڪونه ھو؛ اھي مون کي کائي کپائي ڇڏين ھا.

پنھنجن ھمعصرن سان منھنجا لاڳاپا ظاھري طرح ساڳيا ھئا، پر اندروني طرح انھن ۾ فرق اچي ويو ھو. منھنجا دوست بدليل ڪونه ھئا، وقت بوقت مون وٽ اچي، ھو اڃابه پاڻ کي منھنجيءَ صحبت ۾ خوش ۽ محفوظ سمجھندا ھئا. پر آءُ ھاڻي فقط انھيءَ انتشار ۽ بي اعتباريءَ جي حالت ۾ مبتلا ھوس، جيڪا منھنجي اندر ۾ ڀريل ھئي؛ ڄڻ ته مون تي کليل مقدمي ھلائڻ لاءِ مون کي عام ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏيو ويو ھو. منھنجا ساٿي ھاڻي منھنجي نظر ۾ اُھي اڳيان معزز ماڻھو نه رھيا ھئا، جن سان آءُ، گهائل مائل هوس. اهو گهيرو، جنھن جو مرڪز آءُ ھوس، سو ٽُٽي چڪو ھو، ۽ منھنجا ساٿي اھڙيءَ طرح ھڪڙيءَ قطار ۾ بيھي ويا ھئا، جھڙيءَ طرح عدالت ۾ فيصلي ڪرڻ وارن ججن جي قطار ڏسبي آھي. جنھن گهڙيءَ مون کي اھو احساس ٿيو ته مون ۾ ڪا اھڙي ڳالھه آھي جنھن بابت فيصلو ڪري سگهجي ٿو، تنھن گهڙيءَ کان وٺي مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته منھنجا ساٿي اصل آھن ئي جج، ۽ منھنجي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو کين سچ پچ ڏاڍو شوق آھي. ھونئن ته ھو سڀ اڳي جھڙا ئي ھئا، پرپاڻ ۾ کلندا ۽ ٽھڪ پيا ڏيندا ھئا: يا ته الائي، مون کي ائين لڳندو ھو ته آءُ جنھن سان به ملان ٿو، سو مون ڏانھن مخفي نموني جي مُرڪ سان پيو نھاري.مون کي تن ڏينھن ۾ اھو گمان به ٿيندو ھو ته ماڻھو مون کي ڦاسائڻ لاءِ وجھه پيا ڳولين. سو، سچ پچ، ٻه يا ٽي ڀيرا، عام ڪچھرين ۾ ويندي، منھنجي پيرن کي درد جي چانئٺ تان سخت ٿاٻو آيو ھو. ھڪ ڀيري ته آءُ سنئينءَ چوٽيءَ وڃي پٽ تي ڪريو ھوس، منھنجي وجود ۾ جيڪو ’فرينچ‘ ماڻھو ويٺو ھو، تنھن ھڪدم مون کي اُٿاري کڙو ڪيو، ۽ انھن واقعن کي اتفاقي حادثا ٺھرايو. تنھن ھوندي به منھنجي بي اعتباري قائم رھي.

ھڪ ڀيري ڌيان ايڏانھن ويو، ته پوءِ منھنجي لاءِ اھا ڳالھه معلوم ڪرڻ ڏکي ڪانه ھئي ته منھنجا ڪي دشمن به ھئا. اول ته ھم پيشي ماڻھن ۾ منھنجا دشمن ھئا، ۽ ٻيا عام طرح جي ملڻ وارن ۾. ڪي اھڙا ھئا، جن سان مون چڳو سلوڪ ڪيو ھو، ۽ ڪي اھڙا ھئا، جن سان چڱو سلوڪ ڪرڻ کپندو ھوم. بھرحال، اھي سڀ ڳالھيون فطري ۽ سڀاويڪ ھيون، ۽ مون اھي بنا ڪنھن تڪليف جي معلوم ڪري ورتيون. ٻئي طرف، منھنجي لاءِ ھيءَ ڳالھه مڃڻ وڌيڪ ڏکي ۽ ڏکوئيندڙ ھئي ته ڪو انھن ماڻھن ۾ به منھنجا دشمن ھئا، جن سان منھنجي سڃاڻپ تمام گهٽ ھئي يا بلڪل ڪانه ھئي. ساڳيءَ سادگيءَ سان، جنھن جو ذڪر آءُ ڪري چڪو آھيان، آءُ ائين سمجھندو ھوس ته جيڪي ماڻھو مون کي نٿا سڃاڻن، سي جيڪڏھن مون سان واقف ٿيندا ، ته مون کي پسند ڪرڻ کان سواءِ ھرگز رھي نه سگهندا. پر ائين ڪونه ٿيو! سڀ کان وڏي دشمني مون کي انھن ماڻھن ۾ نظر آئي، جيڪي مون کي رڳو پري کان سڃاڻندا ھئا، ۽ آءُ ته کين بلڪل ڪونه سڃاڻندو ھوس. پڪ سان اھي ماڻھو ائين سمجھندا ھئا ته آءُ ڏاڍي ڪامياب ۽ مزيدار زندگي پيو گذاريان، ۽ مون وٽ رڳو خوشيون ئي خوشيون آھن: ظاھر آھي ته اھو ڏوھ معافيءَ لائق ڪونه آھي. ڪاميابيءَ جو اظھار جڏھن ڪو خاص انداز ٿو اختيار ڪري، ته احمق کان احمق ماڻھو به ان کي برو محسوس ڪندو آھي. تنھن کان سواءِ منھنجي زندگي ايڏي ته مصروف ۽ ڀرپور ھئي، جو وقت جي گهٽتائيءَ سبب، مون کي ڪيترن ئي طرفن جي تقاضائن کان انڪار ڪرڻو پوندو ھو. پوءِ آءُ ته پنھنجا ڪيل انڪار وساري ڇڏيندو ھوس، جنھن جو سبب به فرصت جي گهٽتائي ھو، پر جيڪي ماڻھو مون کان تقاضائون ڪندا ھئا، تن جون زندگيون ايتريون مصروف ۽ رنگين ڪين ھيون، تنھنڪري انھن کي منھنجا انڪار ياد رھندا ھئا.

بس، اِھائي ڳالھه ھئي، جيڪا نيٺ مون کي مھانگي پيئي. رڳو ھڪڙو ئي مثال، عورتن جو وٺو. جيڪو وقت آءُ انھن کي ڏيندو ھوس، سو مردن کي ڏيئي نٿي سگهيس، ۽ منھنجو اھو قصور ھو ڪڏھن به معاف نه ڪندا ھئا. ھاڻي ٻڌايو ته آءُ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ اوھان جون ڪاميابيون ۽ خوشيون ته ماڻھو تڏھن ئي درگذر ڪري سگهن ٿا، جڏھن اوھين کين به انھن ۾ دل کولي حصيدار بنائڻ تي رضامند ھجو. پر خوش رھڻ لاءِ لازمي آھي ته ٻين ماڻھن سان گهڻو واسطو ئي نه رکجي. نتيجو اِھو، جو ھڪڙي پاسي درياھ ٻئي پاسي باھ: خوش رھو۽ سزا ڀوڳيو، يا سزا نه ڀوڳيو ۽ ناخوش رھو! مون سان ته اڃا به وڌيڪ بي انصافي ٿي ھئي: گذريل ڪاميابين جي ڪري، مون کي مردو ٺھرايو ويو ھو. ڪافي ڊگهي عرصي تائين مون پنھنجي ۽ دنيا جي وچ ۾ ھڪڙي مجموعي ٺاھ جي دوکي ۾ زندگي گذاري _ حالانڪ چئني طرفن کان مون تي طرح طرح جي فيصلن، طعنن جي تيرن ۽ ٺٺولين جي وسڪاري ٿيندي ھئي، پر آءُ بيڌيانيءَ سان، فقط مُرڪندو ئي رھيس. جنھن ڏينھن پھريون ڀيرو مون کي ان جو احساس ٿيو، تنھن ڏينھن کان وٺي ھر ڪا ڳالھه منھنجي اڳيان واضح ٿي ويئي. سمورا ڌڪ مون کي ھڪ ئي وقت اچي لڳا، جن جي زخمن سان آءُ چُور چُور ٿي ويس، ۽ سموري طاقت مون کان يڪايڪ ڇڏائجي ويئي، ان کان پوءِ، سڄي ڪائنات مون کي ٽوڪڻ لڳي.

ھيءَ اھڙي ڳالھه آھي، جنھن کي ڪوبه انسان برداشت نٿو ڪري سگهي (سواءِ انھن ماڻھن جي، جيڪي حقيقت ۾ زنده نه آھن _ ٻين لفظن ۾، دانشمند ماڻھو). خود نمائيءَ جو واحد ممڪن ذريعو آھي بغض ۽ ڪيني بازي. ماڻھو ٻين بابت فيصلي ڏيڻ ۾ ان ڪري جلدائي ڪندا آھن، ته متان خود مٿن ڪا فتوا لڳي وڃي. اھڙيءَ حالت ۾ ڀلا ٻي ڪھڙي اميد انھن ۾ رکي سگهجي ٿي؟ ھر انسان جو ذھن ۾ بيحد قدرتي طرح جيڪو خيال پيدا ٿئي ٿو، ڄڻ ته سندس طبيعت جوئي ھڪڙو جز ھجي، سو آھي پنھنجي معصوميت جو خيال. انھيءَ خيال کان، اسين سڀ بشنوال جي اُنھيءَ ننڍڙي فرينچ ماڻھوءَ جھڙا آھيون، جنھن جيل جي ڪلارڪ سان ( جو خود به قيد ھو) ھن ڳالھه تي اسرار ڪيو ته ھو پنھنجي رجسٽر ۾ سندس شڪايت درج ڪري. ڪلارڪ، جو ھن نئين آيل قيديءَ جو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪري رھيو ھو، تنھن کلي ڏنو. سندس ٻيا به سمورا ساٿي قيدي کلڻ لڳا، ۽ فرينچ ماڻھوءَ کي چيائون: ”تنھنجي اھا ڳالھه فضول آھي. ميان، ھتي ڪوبه شڪايتون درج ڪونه ڪرائيندو آھي.“ انھيءَ تي فرينچ چوڻ لڳو: ”پر سائين، اوھين ويچار ڪريو ته منھنجو معاملو بلڪل خاص ۽ غير معمولي آھي: آءُ ته بيگناھ ۽ معصوم آھيان!“

اسان سڀني جا معاملا خاص ۽ غير معمولي آھن. اسين سڀ ڪنھن نه ڪنھن جي خلاف احتجاج يا شڪايت ڪرڻ گهرون ٿا. اسان مان ھرڪو، ڪنھن به قيمت تي پاڻ کي معصوم چوائڻ تي ضد ٻڌي بيٺو آھي، پوءِ ڀل ته سڄي انسان ذات، بلڪ فرشتن کي به ڇونه ڏوھاري ٺھرائڻو پوي. اوھين جيڪڏھن ڪنھن شخص کي سندس انھن ڪوششن جو داد ڏيندا، جن جي ڪري ھو تمام ذھين ۽ فياض بنجي سگهيو آھي، ته ھو پنھنجي انھيءَ تعريف مان گهڻو خوش ڪونه ٿيندو. پر ان جي بدران جيڪڏھن اوھين سندس طبيعت جي خوبين کي ساراھيندا، ته خوشيءَ کان سندس چھرو ٻھڪڻ لڳندو. پنھنجيءَ پر ۾ ، اوھين ڪنھن ڏوھاريءَ کي چئو ته جيڪو ڏوھ ھن ڪيو آھي، تنھن ۾ سندس طبيعت ۽ ڪردار جو ڪوبه دخل ڪونھي بلڪ ان جون ذميوار ڪي افسوسناڪ حالتون آھن _ پوءِ ڏسو ته ھو ڪيتريقدر اوھان جو شڪر گذار ٿئي ٿو. پنھنجي وڪيل جي دليلبازيءَ وقت، اھڙوئي موقعو ايندو آھي، جڏھن ڏوھاري روئي ڏيندا آھن. تنھن ھوندي به، پيدائشي طور تي ايماندار يا قابل ھجڻ ڪا وڏي ڳالھه ڪونه آھي _ بلڪل اھڙيءَ طرح، جھڙيءَ طرح قدرتي طور ڏوھاري پيدا ٿيڻ ۾ به ماڻھوءَ جي پنھنجيءَ ڪوشش جو ايترو ئي گهٽ دخل ھوندو آھي، جيترو حالتن جي لاچاريءَ سبب ڏوھاري بنجڻ ۾. پر ھنن بدمعاشن کي ته بھانو کپي، غير ذميداريءَ جو، ۽ نھايت بيشرمائيءَ سان ھو قدرت جو دليل يا حالتن جو عذر ڏيوڇڏين، پوءِ ڀل ته اصل صورتحال بنھه ابتڙ ڇونه ھجي. اصل ڳالھه اھائي آھي ته کين معصوم سمجھيو وڃي، سندن پيدائشي خوبين کي وچ ۾ نه آندو وڃي، ۽ سندن غلط حرڪتن کي، جيڪي وقتي بدنصيبيءَ ڪري ٿين ٿيون، عارضي سمجھيو وڃي. آءُ اوھان کي ٻڌائي چڪو آھيان، ھي سڀ فيصلي کي ٽارڻ جو معاملو آھي. ان کي ٽارڻ جيئن ته ڏاڍو ڏکيو آھي، ۽ پاڻ کي ھڪ ئي وقت تي تعريف ۽ معافيءَ جي لائق بنائڻ ڪجھه پيچيدو ڪم آھي، تنھنڪري سڀ جا سڀ پاڻ کي دولتمند بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇو؟ ڪڏھن اوھان پاڻ کان پڇيو آھي؟ ظاھر آھي، اقتدار لاءِ. پر خاص طرح ان لاءِ جو دولت اوھان جي خلاف ٿيندڙ ترت فيصلن اڳيان ڍال جو ڪم ڏئي ٿي. دولت اوھان کي زير زمين رستن واري ھجوم مان ڪڍي، چمڪندڙ موٽرن ۾ محفوظ ڪريو ڇڏي؛ سلامتيءَ وارن ڪشادن باغيچن ۾ پھچايو ڇڏي؛ شاندار ڪوٺين ۽ بھترين بنگلن ۾  وڃيو ويھاري. دولت، منھنجا سائين، ماڻھوءَ کي ڏوھ جي فيصلي کان صفا آزاد ته نٿي ڪري، پر ان کي ملتوي ضرور ڪريو ڇڏي _ ۽ اِھا مھلت انھيءَ لائق آھي جو ماڻھو ان لاءِ ڪوشش ڪري.

سڀ کان وڏي ڳالھه، ته جڏھن اوھان جا دوست اوھان کي ساڻن پرخلوص ورتاءُ ڪرڻ جي گذارش ڪن، ته اوھين سندن انھيءَ ڳالھه تي اعتبار نه ڪريو، بلڪ وڌيڪ احتياط ڪريو. دراصل انھن کي صرف اھائي اميد ھوندي آھي ته اوھان کان رسمي نموني جو اھم وفاداريءَ جو وعدو وٺي، ھو پنھنجي باري ۾ سندن قائم ڪيل سٺي خيال کي تقويت ڏيئي سگهندا. ڀلا خلوص ڪھڙيءَ طرح دوستيءَ جو شرط بنجي سگهي ٿو؟ سچ جي چاھت جو جذبو ته ھڪ اھڙي شي آھي، جيڪا نه ڪنھن ڳالھه کي معاف ٿي ڪري ، ۽ نه وري ڪابه ڳالھه ان کي روڪي يا دٻائي ٿي سگهي اِھو ھڪڙو عيب آھي، جيڪو ڪڏھن آرام بخش ٿئي ٿو، ته ڪڏھن خود غرضي بنجيو وڃي . تنھنڪري ، جيڪڏھن اوھين اھڙي حالت ۾ اچي وڃو، ته گهٻرايو بلڪل نه: سچ چوڻ جو وعدو ڪريو، ۽ جيترو به ٿي سگهي اوترو ڪوڙ ڳالھايو. ان طرح اوھين پنھنجن دوستن جي پوشيده خواھش کي مطمئن ڪري سگهندا، ۽ ساڻن پنھنجيءَ محبت جو ٻيڻو ثبوت ڏيئي سگهندا.

ھيءَ ڳالھه ايتري سچي آھي جو اسين ورلي ئي ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ کي پنھنجو رازدر بنائيندا آھيون، جيڪو اسان کان بھتر ھجي، بلڪ اھڙي قسم جي ماڻھن جي محبت کان اسين پنھنجون شڪايتون، پنھنجا اعتراض ۽ پنھنجون ڪمزوريون گهڻو ڪري اھڙن ماڻھن اڳيان پيش ڪندا آھيون، جيڪي اسان جھڙيون ئي ڪمزوريون رکندڙ ھجي. ان مان ظاھر آھي ته اسين پاڻ کي سڌارڻ ۽ پنھنجي اصلاح ڪرڻ نه چاھيندا آھيون، ڇو ته ائين ڪرڻ لاءِ ضروري ته اسين اول پنھنجن عيبن تي چوڪسي رکڻ لاءِ ٻين کي امين مقررڪريون. اسين رڳو ائين ئي گهرندا آھيون ته ماڻھو اسان سان رڳو ھمدردي ڪن، ۽ اسان جيڪو گس پنھنجي لاءِ چونڊيو آھي، تنھن تي ئي ھلڻ لاءِ اسان جي ھمت افزائي ڪن. مختصر طرح، ائين کڻي چئجي ته اسين ھڪ ئي وقت تي ھر قسم جي تھمت ۽ الزام کان آجا به رھڻ گهرون ٿا، ۽ آخر تائين پنھنجي ڪردار کي صاف بنائڻ جي ڪوشش به نٿاڪرڻ گهرون. نه پوري پني بداعمالي اٿئون، ۽ نه پوري پني نيڪي: اسان ۾ بڇڙائيءَ لاءِ گهربل طاقت جي کوٽ به آھي، ته چڱائيءَ لاءِ گهربل قوت جي ڪوتاھي به آھي. اوھين ڊانٽي (Dante) کان واقف آھيو؟ سچ پچ؟ ته پوءِ اوھان کي خبر ھوندي ته ڊانٽي غير جانبدار فرشتن جي تصور جو قائل ھو، جيڪي خدا ۽ شيطان جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾ ڪنھن جو به ساٿ نٿا ڏين. ھو انھن کي جنت ۽ جھنم ، ٻنھي جي وچ تي، ’اعتراف‘ ۾ ٿو رکي، جيڪو سندس جھنم جي چانئٺ وٽ آھي. سو، منھنجا محترم سائين، اسين سڀ انھيءَ جھنم جي چانئٺ وٽ، اعتراف ۾ آھيون.

صبر؟ جي ھا، شايد اوھين ٺيڪ ٿا چئو آخري فيصلي خاطر، ’يوم‏الحساب‘ جي انتظار ڪرڻ لاءِ بيشڪ صبر جي ضرورت آھي. پر ڇا ڪجي، اسين تمام تڪڙا آھيون. ايترا تڪڙا، جو مون کي پنھنجو پاڻ کي ”شرمسار جج“ بنائڻو پيو. اول ته مون کي پنھنجن ذاتي تجربن سان گڏ، پنھنجي جڳھه بدلائڻي پيئي ، ۽ پنھنجن ھمعصرن جي ٽوڪبازيءَ کي قبول ڪرڻو پيم. ان شام کان وٺي، جڏھن مون کي فيصلي لاءِ سڏيو  _ ۽ واقعي مون کي سڏيو ويو _ آءُ جواب ڏيڻ ۾ يا جواب جي ڳولا ۾ لڳي ويس. اھا ڪا سولي ڳالھه ڪانه ھئي؛ ڪنھن ڪنھن وقت آءُ بلڪل چڪرائجي ٿي ويس. شروع ۾ ئي انھيءَ دائمي ٽوڪبازيءَ ۽ ٽوڪبازي ڪندڙن مون کي اھو سبق ڏنو ته آءُ پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي، صاف طرح ڏسي ۽ ڄاڻي سگهان ته آءُ سادو سوڌو ماڻھو نه آھيان. کلو نه، سائين! ھيءَ حقيقت ايتري بنيادي نه آھي، جيتري ڏسڻ ۾ اچي ٿي . اسين جن کي بنيادي صداقتون ٿا سڏيون، سي دراصل اھي ئي ڳالھيون آھن، جيڪي سڀ کان آخر ۾ معلوم ٿينديون آھن.

خير، ڪجھه به ھجي، مون ڳچ عرصي تائين پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ سان انساني وجود جي ٻيائيءَ کي ڳولي لڌو. پنھنجي حافظي جي کوٽائي ڪرڻ سان معلوم ٿيم ته انڪساريءَ مون کي مشھور ٿيڻ ۾ مدد ڪئي، نوڙت ٻين تي فتح پائڻ ۾، ۽ خوبين ظلم ڪرڻ ۾. آءُ سدائين پرامن طريقن سان جنگ جوٽيندو ھوس، ۽ جيڪا به شي مون کي گهربل ھوندي ھئي، سا آخرڪار بي نيازيءَ جي طريقن سان حاصل ڪندو ھوس.مثلاً  مون ڪڏھن به اھا شڪايت ڪانه ڪئي ته منھنجي سالگرھه  جو ڏينھن نظرانداز ڪيو وڃي ٿو؛ بلڪ آءُ خود ان باري ۾ ايترو احتياط ڪندو ھوس جو ماڻھو عجب کائيندا ھئا، ۽ سندن انھيءَ عجب کائڻ ۾ منھنجي ساراھه ھوندي ھئي. پر منھنجي بي نيازيءَ جو مطلب اڃا به اڳتي ھوندو ھو. منھنجي تمنا ھئي ته مون کي وساريو وڃي، ته جيئن مون کي پنھنجو پاڻ سان شڪايت ڪرڻ جو موقعو ملي. انھيءَ مشھور تاريخ کان گهڻا ڏينھن اڳ ( جيڪا تاريخ مون کي چڱيءَ طرح معلوم ھئي)، آءُ خبردار ٿي ويندو ھوس ۽ احتياط ڪندو ھوس ته متان اُنھن ماڻھن جو ڌيان يا يادگيري ان طرف وڃي، جن جي حافظي جي ڪمزوريءَ مان آءُ فائدو وٺندو ھوس (ھڪڙي ڀيري ته مون انھيءَ مقصد لاءِ پنھنجي ھڪ دوست جي ڪئلينڊر ۾ تبديلي ڪرڻ جو ارادو به ڪيو ھو). جڏھن منھنجي اڪيلائي چڱيءَ طرح ثابت ٿي ويندي ھئي، تڏھن آءُ پنھنجو پاڻ تي قياس ڪرڻ جي شديد لذت ۾ کوئجي ويندو ھوس.

اھڙيءَ طرح منھنجين مڙني خوبين جو ھڪڙو گهٽ نمائشي رخ به ھو. ائين سچ آھي ته منھنجيون خاميون، ٻيءَ طرح، منھنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿيون. مثلاً، پنھنجي زندگيءَ جي ڀيانڪ پاسي کي پوشيده رکڻ جي احساس سبب منھنجي چھري تي جيڪو سرد مھريءَ جو تاثر قائم ٿي ويو ھو، تنھن کي نيڪيءَ جو تاثرسمجھيو ويندو ھو، منھنجي بيپرواھيءَ مون کي محبوب بنائي ڇڏيو، ۽ منھنجي خود غرضيءَ وڃي فياضيءَ جو درجو حاصل ڪيو. آءُ ھتي بس ٿو ڪريان، ڇو ته وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ سان ڳالھه جو لطف خراب ٿي ويندو. مون بھرحال ظاھري طرح سخت بيپرواھيءَ جو نمونو اختيار ڪيو ھو، پرڪڏھن به شراب يا عورت جي دعوت کي رد نه ڪري سگهيس! مون کي چست ۽ طاقتور سمجھيو ويندو ھو.۽ منھنجي سلطلنت منھنجو بستري وڇايل پلنگ ھو.آءُ سدائين پنھنجي وفاداريءَ جو ھوڪو ڏيندو ھوس، پر آءُ نٿو ڀانيان ته ڪو اھڙو شخص ھوندو، جنھن سان محبت ڪري، آخرڪار مون ساڻس دغانه ڪئي ھجي. بيشڪ اِھي دغائون ڪڏھن به منھنجي وفاداريءَ جي راھ  ۾ رڪاوٽ نه بنيون. فرصت جي لاڳيتين گهڙين ۾ آءُ ڪافي ڪم چڪائي ڇڏيندو ھوس، ۽ ڪڏھن به پنھنجي پاڙيسريءَ جي مدد ڪرڻ کان عار نه ڪيم، ڇو ته مون کي ان مان خوشي حاصل ٿيندي ھئي. پر اھڙين ڳالھين بار بار دھرائڻ سان به مون کي انھن مان رڳو وقتي آٿت ئي ملندي ھئي. ڪيترائي ڀيرا آءُ صبح جو پنھنجي خلاف مقدمو داخل ڪندي ننڊ مان اٿيو ھوندس، ۽ انھيءَ نتيجي تي پھتو ھوندس ته نفرت ۽ حقارت ئي منھنجا سڀ کان وڏا ھٿيار آھن. اھي ئي ماڻھو، جن جي مون سڀ کان گهڻي مدد ڪئي، منھنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ نفرت لائق ھئا. آءُ تمام اخلاق سان، جوش ڀريل اُدم سان، ھر روز سڀني انڌن جي منھن ۾ ٿڪيندو رھيس.

مون کي صاف صاف ٻڌايو، ڇا ان جو ڪو جواز آھي؟ ھڪڙو جواز آھي، پراھو ايترو نڪمو آھي جو آءُ پنھنجي بچاءَ ۾ ان کي پيش ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهان. خير، ڪيئن به ھجي، اھو اوھان جي اڳيان رکان ٿو . آءُ جيڪڏھن به اھو يقين ڪري نه سگهيس ته ڪو انساني مسئلا به ڪي سنجيده صورت اختيار ڪري سگهن ٿا. مون کي ته اھا خبر به ڪانھي ته سنجيده ڳالھيون آھن ڪٿي، ان ڪري جو منھنجي چوگرد جيڪو ڪجھه ھو تنھن ۾ ته سجيدگيءَ جو شائبو به ڪونه ھو _ اھا ته ھڪ حيرت انگيز راند ھئي. ٿڪائيندڙ، واقعي گهڻن ڳالھين جي ته مون کي ڄاڻڻ ئي نه پوندي آھي. آءُ ته انھن انسانن ڏانھن حيرت سان ڏسندو آھيان، جيڪي مئن لاءِ مرندا آھن يا ’ڪرسي‘ وڃائڻ تي دلبرداشته ٿي ويندا آھن، يا وري پنھنجي خانداني عزت قربان ڪري ڇڏيندا آھن. مون کي يقين آھي ته ڪنھن به ڳالھه کي جي دل سان ڪجي ته اھا ٿي ويندي. آءُ اھڙي دوست کي چڱيءَ ريت سمجھي سگهيو آھيان جنھن سگريٽ نوشي بلڪل ڇڏي ڏني ھئي پر ھڪڙي ڏينھن جيئن ئي اخبار ۾ ايٽم بم جي تجربي جو شاندار واقعو پڙھيائين، تيئن وٺي سگريٽن جي دڪان ڏي ڀڳو.

يقين ڪرڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن آءُ زندگيءَ جي مسئلن تي غور به ڪندو آھيان، پر جلدئي وري مون کي ھميشـﮧ وانگر بدلجي وڃڻو پوندو آھي. آءُ نھايت ايماندار، عقلمند، بھادر، صاف تن، راستباز ۽ سچار، ھوس مطلب ته ھر خوبي مون ۾ ئي ھئي جا اوھان ڄاڻو ٿا بلڪل ھنن ڊچن وانگر جيڪي ھتي نه ھوندي به ھتي آھن. آءُ جنھن به وقت گهڻي جڳھه ولاريندو ھوس تنھن وقت ھميشـﮧ غير حاضر ھوندو ھوس. آءَ سواءِ ڪن چند وقت جي ڪڏھن به سجيده نه ھوندو ھوس. ھا البت راندين وقت، فوج ۾ يا ڪو ڊرامو کيڏڻ وقت ضرور سنجيده نه ھوندو ھوس. زندگيءَ جا لطف پرور حسين لمحا به ڪڏھن سنجيدگيءَ سان حاصل ٿي سگهيا آھن؟ ھينئر به اَتوار جي ڏينھن، جڏھن ماڻھو اسٽيڊيم ۾ رانديون ڏسڻ ويندا آھن، يا ٿيٽر ۾ ڪو ڊرامو ڏسندا آھن، تڏھن دنيا مون کي نھايت ئي معصوم لڳندي آھي _ اھي ئي جڳھيون آھن جتي معصوميت کيڏندي آھي.

پر ان کي ڪير ٿو محسوس ڪري؟ ان ڪري ڇا ڪجي؟ سچو پيار ته مون کي صرف ناولن ۾ يا سٽح تي تونظر اچي جينهن وقت  ماڻھو پنھنجي موت جي بستري تي ھوندا آھن، تنھن وقت ئي دنيا جي حقيقت معلوم ٿيندي اٿن ۽ پنھنجي رول جي به خبر پوندي اٿن. مون کي به پنھنجن غريب موڪلن جا جملا ڪنھن ڪنھن مھل نراش ڪري ڇڏيندا ھوا. ان ھوندي به ماڻھن جي وچ ۾ رھي، انھن کان دور رھڻ بلڪل ائين آھي، جيئن مڇي پاڻيءَ ۾ رھي، پاڻيءَ کان ڌار رھي. مون کان به ڇا ٿي اميد ٿي سگهي؟ آءُ پاڻ زندگيءَ کي ٻن روپن ۾ ڏسڻ جو عادي آھيان _ شايد ان ڪري جو آءُ پاڻ به ٻھروپيو آھيان _ اھو ئي سبب آھي جو پنھنجي ڪوڙن پھاڙن جي چوٽيءَ تائين پھچڻ کان پوءِ به آءُ پاڻ کي صحي محسوس نه ٿو ڪريان، ۽ پاڻ کي وساري نٿو سگهان، نڪي ان فتوا کي وساري ٿو سگهان  جنھن مون کي زندگيءَ کان مايوس ٿي پناھ حاصل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

ڪجھه وقت ته آءُ بلڪل ائين ھلندو رھيس ڄڻ ڪا به تبديلي ڪانه آئي آھي. آءُ ريل جي پٽن تي ھوس ۽ تيزيءَ سان ڊوڙي رھيو ھوس. ماڻھن جي تعريفن مون کي مجبور ڪيو ته آءُ پاڻ کي پرکيان ته واقعي اھي سڀ خوبيون مون ۾ آھن به ڪي نه! ان طرح منھنجي روزمره جي زندگي ۾ جوت جو خيال ٽپي آيو، مون محسوس ڪيو ته ھاڻ مون کي ان عمل کي دھرائڻو پوندو. ڪھڙو عمل؟ اھا مون کي خبر ڪانھي. جي ھا ....... واقعي مون کي ڪجھه به سمجھه ۾ ڪونه ٿي آيو. پر نه اھو صحي نه ھو. اھو ھڪ مضحڪ خيز ڊپ ھو. ڪوبه پنھنجا سمورا اعمال پڌرا ٿيڻ کان سواءِ مري نه ٿو سگهي. آءُ ته انھن مڙني ڳالھين کان مٿي ھوس، توھين منھنجو رتبو ھاڻ محسوس ڪندا ھوندئو؟ اھو ته ھڪ ماڻھو، ھڪ دوست ، ھڪ پياري عورت جي اڳيان پنھنجا گناھ مڃڻ جو عقيدو ھو.ورنه ھونئن زندگي خودئي سڄو ڪوڙ آھي، جنھن کي موت ظاھر ڪيو ڇڏي. ڪوبه ان ڳالھه کي سمجھي نه ٿو سگهي. سچ جو خون _ ھا! اھو انجام مون کي ڊيڄاريندو ھو. پر آخر ڇا! جو آءُ چوان ته مون کان ڪابه ڳالھه ڳجھي ڪانھي، آءُ ان ڌاڙيل جي باري ۾ به ڄاڻان ٿو جنھن کي پوليس ڳولي رھي آھي ............ ان ڳالھه کي ڇڏيو. اصل ڳالھه ڏي اچون  _ ته .....ته .......

خير، مون پاڻ تي ضابطو رکيو. ڀلا انسان ذات جي سوين ھزارين نسلن جي تاريخ ۾ ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪوڙ سان ڪھڙو فرق پوي ٿو؟ اھا ڪيڏي نه حماقت چئبي جو ڪنھن اھڙيءَ خسيس دوکيبازيءَ کي سچائيءَ جي روشنيءَ ۾ گهلي اچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪا وقت جي اوڙاھ ۾ ائين گم ٿي ويئي هجي، جيئن اٿاهه سمنڊ ۾ ريتيءَ جو ذرڙو! پنھنجي مشاھدي موجب، مون پاڻ کي ائين نه سمجھايو ته ماڻھوءَ لاءِ جسماني موت ئي ڪافي سزا آھي، جنھن سان سڀ خطائون بخشجيو وڃن؛ سڪرات جي عذاب سان نجات حاصل ٿئي ٿي (يعني ھميشه لاءِ غائب ٿي وڃڻ جو حق). پر پنھنجو پاڻ کي اِنھيءَ آٿت ڏيڻ کان پوءِ به منھنجي اندر جي بي آراميءَ ۾ اضافو ٿيندو ويو؛ موت بلڪل وفاداريءَ سان منھنجي بستري وٽ موجود رھيو؛ آءُ ھر روز صبح جو ان سان گڏجي اٿندو ھوس، ۽ ماڻھن جي ساراھ ۽ تعريف مون کي بلڪل ڪانه وڻندي ھئي، بلڪ اھا ڏينھون ڏينھن مون لاءِ ناقابل برداشت ٿيندي ويئي.

۽ ھڪڙو ڏينھن اھڙو آيو، جڏھن آءُ ان کي وڌيڪ وقت لاءِ ذرو به برداشت نه ڪري سگهيس.منھنجو پھريون ردعمل تمام سخت ۽ شديد ھو: مون ھيستائين ھميشـﮧ ڪوڙ ڳالھايو ھو، تنھنڪري ھاڻي آءُ ان کي ظاھر ڪندس، ۽ جيستائين سمورا احمق خود ڪو پتو لڳائين، تنھن کان اڳ ئي آءُ پنھنجي رياڪاريءَ جو پوش سندن منھن تي ڦھڪائي ڏيندس. جيڪڏھن مون کي سچائيءَ جي نالي سان مشتعل ڪيو ويو، ته آءُ اھو چئلينج قبول ڪندس. ماڻھو مون تي کلندا، ته انھيءَ خطري لاءِ مون اڳي ئي ويچاري ڇڏيو ھو ته ٽوڪ ۽ ٺٺوليءَ جي انھيءَ لڙ ۾ آءُ خود به ٽپي پوندس. دراصل اڃا به سمورو مسئلو ’فتوا‘ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش جو ھو. مون کلڻ وارن کي پنھنجي طرف آڻڻ ٿي گهريو، يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي انھن جي طرف رکڻ ٿي گهريم: مثال طور، مون سوچيو ته رستي تي ويندڙ انڌي کي ڌڪو ڏيئي ڪيرائي ڇڏيان؛ ۽ انھيءَ خيال سان مون کي جيڪا ڳجھي خوشي حاصل ٿي، تنھن مان مون ھي اندازو لڳايو ته منھنجي روح جو ھڪڙو حصو انھن کان ڪيتريقدر نفرت ٿو ڪري مون ڪيترائي منصوبا سوچيا: بيمارن جي ڪرسين جا ٽائر پنچر ڪري ڇڏيا. جتي مزدور تختن تي بيھي جڳھين ٺاھڻ جو ڪم ڪري رھيا ھجن، اتي ”واھيات عوام“ جا نعرا وڃي ھڻان؛ زير زمين رستن اندر ننڍن ٻارن کي چماٽون ھڻان ......... مون انھن سڀني ڳالھين جا پور پچايا، پر ڪيم ھڪڙي به ڪانه؛ جيڪڏھن ڪا ھڪڙي حرڪت ڪئي به ھونديم ته اھا ھاڻي وسري ويئي اٿم بھرحال،”انصاف“ جو رڳو لفظ ئي مون کي غضبناڪ ڪري ڇڏيندو ھو، ۽ مون کي عجب نموني جي ڪاوڙ اچي ويندي ھئي. ڪورٽ ۾ به جڏھن تمام ضروري ٿيندو ھو، تڏھن آءُ اھو لفظ استعمال ڪندو ھوس. پر انسانيت پرستيءَ جي جذبي جي کلم کلا مخالفت ڪري، آءُ پنھنجو انتقام وٺندو رھيس. مون ھڪڙي منشور شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنھن ۾ مظلوم ماڻھن طرفان شريف ماڻھن تي ٿيندڙ ظلمن جي اُپٽار ڪيل ھئي. ھڪڙي ڏينھن آءُ ڪنھن ھوٽل جي دالان ۾ ماني کائي رھيو ھوس، ته ھڪڙي فقير اچي تنگ ڪيو. مون ھڪدم ھوٽل جي مالڪ کي سڏ ڪري، فقير کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ چيو. ھن انصاف پرور شخص فقير کي تڙي ڏني:”اوھين ماڻھو شريفن کي ستايو ٿا! شرم نٿو اچيئي! ٿوري دير لاءِ پاڻ کي ھتي ويٺل معزز عورتن ۽ مردن جي جڳھه تي سمجھي، ڪجھه ويچار ته ڪر!“ مون وڏي واڪي انھن لفظن جي تائيد ڪئي. آخرڪار، جتي به ڪو ڳالھائڻ ورو ملندو ھوم. تنھن سان ھن ڳالھه تي افسوس ظاھر ڪندو ھوس ته ھاڻي انھيءَ روسي زميندار جيان ھلت ڪرڻ ناممڪن آھي، جنھن جي ڪردار کي اڳي آءُ سارھائيندو ھوس. ھو پنھنجن انھن ماڻھن کي به ماريندو ھو جيڪي کيس جھڪي سلام ڪندا ھئا، ۽ انھن کي به، جيڪي ائين نه ڪندا ھئا. ھو سمجھندو ھو ته اھي ٻئي طريقا بدتميزيءَ ۽ گستاخيءَ جا آھن، تنھنڪري ٻنھي لاءِ سزا ضروري آھي.

بھرحال، مون کي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ حرڪتون ياد اچي رھيون آھن. مون پوليس جي ساراھ ۾ ھڪڙي مداح لکي، ۽ ٻيو ھڪڙو قصيدو لکيم، جنھن جو عنوان ھو ”گلوٽين جي صداقت.“ سڀ کان وڏي ڳالھه ھيءَ ته آءُ پنھنجو پاڻ کي اھڙين خاص ھوٽلن ۾ وڃڻ تي مجبور ڪندو ھوس، جتي اسان جا پيته ور انسانيت پرست، ۽ آزاد فڪر شخص اچي گڏبا ھئا. منھنجي گذريل ھلت هن جي ڳالھه جي ضامن ھئي ته منھنجو انھن حلقن ۾ چڱو خير مقدم ڪيو وڃي. اُتي آءُ، ظاھري طرح اڻڄاڻائيءَ وچان، ھڪڙو منع ڪيل جملو چئي ڪڍندو ھـــــوس: ”خـــــدا جــــــــو شــــــڪــــر آھـــــي..........“ يـــــــا وري رڳو ”ياخدا........“ چوندو ھوس. اوھين ڄاڻو ٿا ته اسان جا ھوٽلائي دھريا ڪيتريقدر نه ننڍڙن ٻارن جان شرميلا ٿيندا آھن. منھنجيءَ زبان مان انھن شرمناڪ لفظن نڪرڻ شرط ھو سڀ گونگن جيان ھڪٻئي ڏانھن حيرانيءَ سان ڏسڻ لڳندا ھئا، ۽ پوءِ ھنگامو شروع ٿي ويندو ھو. ڪي ھوٽل مان نڪري ھليا ويندا ھئا، ته ڪي وري ٻڌو اڻٻڌو ڪري، حقارت ڀرئي انداز ۾ پنھنجي بڪبڪ جاري رکندا ھئا _ ۽ سڀ جا سڀ ائين پيا اندر ۾ وٽ کائيندا ھئا، جيئن شيطان مقدس پاڻيءَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org