سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: زوال

 

صفحو :2

اوه، معاف ڪجو، محترم!.......خير، هونئن به هيءَ پنهنجيءَ ڳالهه کي سمجهي ڪانه سگهي آهي. ها، هي سڀ ماڻهو؟ ڏسو ٿا، ڪيڏي رات گذري آهي، ۽ وري ڪيترن ڏينهن کان لڳاتار رهيو آهي، تڏهن به ڪيترا ماڻهو گهرن کان نڪريو هتي اچن، خوشقسمتيءَ سان ’جن‘ موجود آهي، هن اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو واحد ڪرڻو. اوهين محسوس ڪريو ٿا، جن اوهان جي وجود ۾ ٽامي جهڙي  سرخ ۽ سونهري روشني جاڳايو ڇڏي. جن پيئڻ کان پوءِ جڏهن رڳ رڳ ۾ حرارت ڊوڙيو وڃي، تڏهن آءُ شام جي پرفضا ڪيفيت ۾ شهر جو چڪر هڻڻ پسند ڪندو آهيان،  آءُ ڪيتريون ئي راتيون مسلسل گهمندو ڦرندو رهندو آهيان، ۽ ان وقت يا خواب ڏسندو آهيان، ۽ يا وري پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو آهيان_ بلڪل ائين، جيئن هينئر اڄ ڪري رهيو آهيان. آءُ ڀانيان ٿو ته منهنجين ڳالهين کي ٻڌي اوهان جو دماغ چڪرائجي رهيو هوندو. اوهان جي مهرباني، اوهين ڏاڍا بااخلاق آهيو. پر آءُ ائين ئي ڳالهين جي ريلي ۾ وهي ويندو آهيان: وات کوليندي ئي، لفظ ۽ جملا پاڻمرادو منهنجيءَ زبان مان پلٽجيو پون. تنهن کان سواءِ، هي ملڪ به وري اهڙو آهي جو منهنجي طبيعت امنگ ۾ اچيو وڃي. گهرن ۽ نهرن جي وچ وارن سوڙهن پيچرن تي، ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسانن جا هي قطارون ڪري هلندڙ هجوم، هي ٿڌڪار آڻيندڙ هوائون، هي پرسڪون ڪنارو، ۽ هي گجي پيدا ڪندڙ سامونڊي ڇوليون: انهيءَ ڪري آءُ هن ملڪ کي پسند ٿو ڪريان، ڇو ته اِهو ساڳئي ئي وقت هتي به آهي، ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ به.

ها، سائين، سچ پچ! پاڻيءَ سان پسريل پيَچرن تي انهن جي قدمن جو شپڪو ٻڌي، سونهري ڇلرن وارين_ ”هيرنگ“ مڇين ۽ سرءُ جي ڇڻيل پنن جهڙي رنگ وارن جواهرن سان ڀريل دڪانن ۾ کين اچ وڃ ڪندو ڏسي، اوهين شايد ائين ٿا ڀانيو ته اِهي هينئر هتي موجود آهن؟ اوهين به ٻين جهڙا سادا آهيو: اوهين به انهن چڱن مڙسن کي نبين ۽ سوداگرن جي انهيءَ قبيلي جهڙو ٿا سمجهو، جيڪي سونين مهرن کي ميڙڻ سان گڏ آخرت جي ابدي زندگيءَ جي موقعي کي به نظر ۾ رکن ٿا، ۽ جن جي واحد خوشذوقي فقط هيءَ آهي جو پنهنجن وڏن ويڪرن ٽوپلن کي لاهڻ بنا، ڪڏهن ڪڏهن علم بدن جا ٻه_ٽي سبق به سکيو وٺن. اها اوهان جي ڀل آهي. برابر، هي اسان سان گڏ هلي رهيا  آهن، پر ڏسو ته سهي، ڪنڌ ڪٿي جهليو اٿن: هو جيڪي دڪانن جا ڳاڙها ۽ ساوا نشان ٿا ڏسجن، تنهن مان ايندڙ پيپرمينٽ جي خوشبو، جن، ۽ نيريءَ روشنيءَ ۾ گهليل ڌنڌ کان به مٿي ! سائين، هالنڊ هڪڙو خواب آهي_ سون ۽ دونهين جو خواب، جيڪو ڏينهن جو زياده ۾ زياده  دونهاٽيل، ۽ رات  جو زياده ۾ زياده  چمڪندڙ هوندو آهي. ۽ رات ڏينهن  اهو خواب ههڙن صاحبلوڪن سان معمور هوندو آهي، جيڪي پنهنجين ڪارين سائڪلن تي سوار ٿي، خوابناڪ انداز ۾ هلندا رهندا آهن. ڪاريون بدڪون، سڄي ملڪ ۾، نهرن ۽ سمنڊن ۾ ترنديون وتنديون آهن. ۽ هي ماڻهو، پنهنجا ڪنڌ ٽامي جهڙيءَ رنگت وارن ڪڪرن ۾ اُچا جهلي خواب ڏسندا رهندا آهن. ڪيترو ڪيترو وقت، هڪڙيءَ ئي گولائيءَ ۾ سائيڪل پيا ڦيرائيندا. ڪوهيڙي اندر چمڪندڙ، عود ۽ عنبر جي دونهين ۾ ننڊاکرو گشت، هنن جي عبادت  آهي. هي ماڻهو هتي نه آهن! هزارين ميل پري، جاوا جي ڏورانهين ٻيٽ ڏانهن هليا ويا آهن.هي انڊونيشيا جي چٻرا ڪڍندڙ انهن ديوتائن جي عبادت ڪن ٿا، جن جي  بتن سان هنن پنهنجن دڪانن جي درين کي سينگاريو آهي، ۽ جيڪي هن وقت، وڏن باندرن جيان، دڪانن جي ڇتن تي لهڻ کان اڳ، اسان جي مٿان بي مقصد جهولي رهيا آهن، ته جيئن هنن بي گهر بيٺڪدارن کي ياد ڏيارين ته هالنڊ نه رڳو واپارين جو يورپ آهي، بلڪ اهو سمنڊ به آهي_ سمنڊ، جيڪو”سيپانگو“ ڏانهن، ۽ انهن ٻين ڏانهن وڃي ٿو، جتي ماڻهو خوشيءَ وچان چريا ٿيو مريو وڃن.

پر آءُ پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري رهيو آهيان! ڄڻ ته ڪنهن ڪيس جي وڪالت ڪري رهيو آهيان! معاف ڪجو، سائين، وڪيل آهيان، نه، سو اها عادت ٿي پيئي اٿم. تنهن کان سواءِ منهنجي خواهش آهي ته اوهين هن شهر کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهو، ۽ سڀني حقيقتن جي تهه تائين پهچي سگهو؛ ڇو ته اسين هتي حقيقتن جي وچ ۾ آهيون. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ائمسٽرڊم جون ور وڪڙ نهرون، جهنم جي  دائرن سان مشابهت رکن ٿيون؟ وچولي طبقي وارن جو جهنم، جيڪو ڀيانڪ خوابن سان ڀريل آهي. جڏهن ڪو اجنبي ٻاهران اچي ان ۾ داخل ٿيندو آهي. ۽ درجي بدرجي انهن دائرن مان گذرڻ لڳندو آهي، ته زندگي ۽ ان جا سمورا پاپ ۽ پيڙائون به تهان وڌيڪ تيز ۽ تاريڪ ٿيو وڃن. هتي اسين ان جي سڀ کان آخري دائري ۾ آهيون. اهو دائرو.......جي، اوهان کي خبر آهي ته ڪهڙو دائرو آهي؟ خدا جو قسم، اوهان کي سمجهڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو وڃي. پر اوهين سمجهي ويا هوندا ته مون ائين ڇو چيو ته حقيقتن جو مرڪز هتي آهي، حالانڪ جاگرافيائي لحاظ کان اسين يورپ کنڊ جي چوٽيءَ تي ٻيٺا آهيون. هڪڙو حساس ماڻهو اهڙي  تضاد کي  پروڙيو وڃي. بهرحال، ”اخبارون پڙهندڙ ۽ زنا ڪندڙ جديد ماڻهن“ جي پهچ ان کان اڳتي به ٿي سگهي ٿي. هو يورپ جي چئني پاسن کان اچن ٿا، ۽ مقامي سمنڊ ڏانهن مهاڙ ڪريو، ان جي  ميرانجهڙي ڪناري کي تڪيندا رهن ٿا. جڏهن  ڪوهيڙي جي خطري جو گهنڊ ٻڌندا آهن، تڏهن پري کان ڌنڌ ۾ چرپر ڪندڙ ٻيڙين کي سڃاڻڻ جي ناڪام ڪوشش  ڪندا آهن، ۽ پوءِ نهرن کان پاسو ڪندا، مينهن ۾ پاڻ پسائيندا، گهر وڃڻ جي خيال سان اتان روانا ٿيندا آهن. ٻيءَ گهڙيءَ ڏسو ته سيءَ ۾ ڏند کڙڪائيندا، هتي”مئڪسيڪو سٽي“ ۾ اچي، سڄيءَ دنيا جي ٻولين ۾ جن جي فرمائش ڪندا. هيءَ ئي اها جاءِ آهي، جتي آءُ سندن انتظار ڪندو آهيان.

چڱو، سائين، سڀاڻي تائين موڪلاڻي_خدا حافظ. هاڻي اوهين سولائيءَ سان پنهنجو رستو ڳولي سگهندا؛ آءُ اوهان کي پل تائين ڇڏي ٿو اچان. آءُ رات جو ڪڏهن به هن پل کان پرتي نه ويندو آهيان. مون ان لاءِ قسم کڻي ڇڏيو آهي. فرض ڪريو، اتفاق آهي، ڪو ماڻهو کڻي هيٺ درياءُ ۾ ٽپو ڏئي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ضرور، ٻن مان هڪڙي  ڳالهه ڪرڻي پوندي. يا ته ان کي بچائڻ لاءِ اوهين به ههڙيءَ  ٿڌ ۾ پاڻيءَ اندر ٽپي پئو، جا وڏي جوکم جي ڳالهه آهي. يا ته وري ان کي موت جي منهن ۾ ڇڏي، اوهين پنهنجي واٽ هليا وڃو_پر اهڙيءَ حالت ۾، ڪنهن کي ٻڏندي ڏسي، دريا ۾ ٽپي پوڻ جي خواهش کي دٻائڻ، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي عجيب اندروني عذاب ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي. چڱو سائين، اجازت.......ڇا چيو؟ هو عورتون، جيڪي درين ۾ بيٺيون آهن؟ اهي ته خواب آهن، سائين، نسورو خواب_ تمام سستو خواب، الف_ليلائي سفر! هي سڀ پنهنجن جسمن کي مصالحن جي خوشبو سان واسيو ڇڏين. وڃي ته ڏسو! جيئن ئي اندر گهڙندا ته هو پڙدا ڪيرائي ڇڏينديون، ۽ جهاز راني شروع ٿي ويندي_ ٻيڙيون هلڻ لڳنديون. اگهاڙن جسمن تي  ديوتائن جو نزول ٿيندو، ۽ ٻيٽ ڌٻڻ لڳندا. تيز واچوڙن ۾ گم ٿيل روحن جي ، کجيءَ جي ڦرهن سان تاجپوشي ٿيندي.......وڃو، آزمائي ڏسو!

 

 

(2)

 

’شرمسار جج جو مطلب ؟ تڏهن چئبو ته مون اوهان کي انهيءَ خسيس ڳالهه ۾ اُلجهائي ڇڏيو. خير، ان جو گهڻو فڪر نه ڪريو، آءُ وڌيڪ چٽيءَ طرح اوهان کي اهو معاملو سمجهائي سگهان ٿو؛ بلڪ هڪ ڳالهئين اِهو منهنجو فرض پڻ آهي. پر تنهن کان اڳ آءُ اوهان جي  اڳيان ڪي اهڙيون حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جن مان اوهان کي منهنجي داستان کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

ٿورا سال اڳ آءُ پيرس ۾  وڪيل هوس، ۽ سچ پچ ته ڪافي مشهور وڪيل هوس. دراصل مون اوهان کي اڃا پنهنجو اصلي نالو ڪونه ٻڌايو آهي. شريفانه مقدمن جي پيروي منهنجو خاص ميدان هو_ يعني يتيمن ۽ بيواهن جا مقدما. ان قسم جي خاص مقدمن ۾ منهنجي دلچسپيءَ جو سبب شايد مون کي به معلوم ڪونه هو؛ ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ اهڙيون بيواهن به آهن، جيڪي دوکيباز آهن، ۽ اهڙا يتيم به آهن، جيڪي بددماغ آهن. تنهن هوندي به مون لاءِ ايترو ڪافي هو جو رڳو پنهنجي اصل ۾ مظلوميت جي هلڪي جهلڪ سا نظر اچي وڃيم، باقي  پوءِ آءُ ائين ميدان ۾ ٽپي پوندو هوس، جيئن طوفان. جذباتي اهڙو هوس، جو دل کي سدائين کيسي ۾ کڻيو پيو هلندو هوس. تن ڏينهن جيڪڏهن اوهين مون کي ڏسو ها ته ضرور يقين ڪريو ها ته انصاف جي ديوي هر رات اچي مون سان همبستر ٿيندي هئي. مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن اوهين ڪورٽ ۾ اچي منهنجيون تقريرون ٻڌو ها ته جيڪر منهنجي دليلبازيءَ جي ٺوس لهجي، جذبات جي معتدل استعمال، ۽ ضبط ۽ تحمل سان گڏ خوش ۽ خروش جي اثرائتي انداز کي گهڻو داد ڏيو ها. جسماني طرح به قدرت مون سان خاص  ڀلائي ڪئي آهي، سو خود بخود منهنجي شخصيت جو وقار قائم ٿي ويندو هو. ازانسواءِ ٻه مخلص جذبا سدائين مون کي همت ۽ حوصلو ڏيندا رهندا هئا: اول ته مون کي اطمينان هوندو هو ته آءُ حق تي آهيان، ۽ ٻيو وري اصل کان ئي آءُ سڀني ججن خلاف عام طرح نفرت ڪندو هوس. طبيعت ۾ اها نفرت، بهرحال، شايد ايتريقدر ڪا پيدائشي ڪانه هئي، ۽ هاڻي معلوم ٿيو اٿم ته ان جا ڪي بنيادي سبب هئا. پر ظاهري طرح ائين ٿي ڏٺو ته اها نفرت به ڪنهن شديد جذبي جيان ئي هئي. اسان کي ججن جي واقعي ضرورت آهي ۽ ڪم از ڪم ڪن خاص حالتن ۾ ته ان  کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي. پر آءُ سمجهي ئي نٿي سگهيس ته ڪو ماڻهو انهيءَ حيرت انگيز ڪم کي ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڪيئن ٿي تيار ڪري سگهيو! پر جيئن ته اها حقيقت هئي، ۽ آءُ اکين سان ان کي ڏسي رهيو هوس، تنهنڪري ان کي قبولڻو ئي پيم_بلڪل ائين، جيئن آءُ مڪڙن جي وجود جو قائل آهيان ۽ فرق رڳو ايترو هو جو مڪڙن جي وجود کي تسليم ڪرڻ مان مون کي ڪڏهن پائيءَ جو اُپراسو به ڪونه ٿيو، پر جن ماڻهن کان طبيعت کي نفرت هئي، تن جي وجود کي تسليم ڪندي، انهن سان بحث مباحثي ڪرڻ مان آءُ پنهنجو روزگار ڪمائيندو هوس.

ليڪن، بهرحال، آءُ ته حق تي هوس؛ ۽ اها ڳالهه منهنجي اندر جي اطمينان لاءِ ڪافي هئي. قانون جي  سختين جو احساس، سچ جي طرفدار بنجڻ جي خوشي، پاڻ پنهنجين نظرن ۾ معزز بنجڻ جو لطف_ اهي سڀ ڳالهيون، منهنجا سائين، ماڻهوءَ کي ايماندار ۽ حوصله مند رکڻ ۾ گهڻي قدر مددگار ثابت ٿين ٿيون. اوهين جيڪڏهن انهن شين کان ماڻهن کي محروم ڪري ڇڏيندا ته هو اهڙن ڪتن ۾ تبديل ٿي ويندا، جيڪي غيظ ۽ غضب جي حالت ۾ گگون ڳاڙهيندا، ڇتا ٿي پوندا آهن. ڪيترا ڏوهه فقط ان ڪري ٿيا آهن جو ڏوهاري پنهنجي غلطيءَ تي هجڻ جي احساس کي برداشت ڪري نٿا سگهن! ڪنهن زماني ۾ منهنجي هڪڙي واپاريءَ سان وقفيت هئي، جنهن جي زال هر لحاظ کان ٺيڪ هئي، سڀ ماڻهو سندس چڱاين جي ساراهه پيا ڪندا هئا، پر تڏهن به هن پنهنجيءَ زال سان بيوفائي ڪئي. ان کان پوءِ، گناهه جو اهو احساس ۽ خيال هن لاءِ ايتريقدر اذيت جو باعث بنجي ويو، جو هو ائين ڀانئڻ لڳو ته ڪوبه چڱو مڙس سندس چڱيءَ چال جي ساک ڪونه ڀريندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي به سدائين بد چال سمجهندو رهيو. زال جيتريقدر بلند اخلاقيءَ سان پيش آئي ٿي، اوتري ئي قدر هن جي ضمير کيس چڪ ٿي وڌا. آخرڪار، پنهنجي غلطيءَ تي هجڻ وارو ڪمتريءَ جو احساس هن لاءِ ناقابل برداشت بنجي ويو. اوهين سوچي سگهو ٿا ته هن اهڙيءَ حالت ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هن پنهنجيءَ زال سان بيوفائي ترڪ ڪانه ڪئي، بلڪ ان کي قتل ڪري ڇڏيو! انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي هن سان واقفيت ٿي هئي.

منهنجو معاملو ته بهرحال خاطر خواهه هو. مون کي نه رڳو مجرمن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو خطرو ڪونه هو (خاص طرح پنهنجيءَ زال جي خوني بنجڻ جو ته ڪوبه امڪان ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته آءُ غير شادي شده هوس،) بلڪ اهڙين حالتن ۾ آءُ ڪنهن بچاءُ لاءِ تيستائين تيار نه ٿيندو هوس، جيستائين مون کي هن ڳالهه جي خاطري نه ٿيندي هئي ته هو معتبر قاتل نه آهي، بلڪل ائين، جيئن ٻيا ماڻهو معتبر وحشي ٿيندا آهن. وري جنهن طريقي ۽ انداز سان آءُ اهو دفاع ڪندو هوس، سو پنهنجي سر مون لاءِ وڏي اطمينان جو باعث هوندو هو. منهنجي پيشه ورانه زندگي صحيح معنيٰ ۾ بيداغ هئي. مون ڪڏهن به رشوت ڪانه ورتي، سو ته سوال ئي ڪونهي، بلڪل ٻيو به  ڪو ناجائز طريقو هرگز اختيار نه ڪيم. اوهين يقين ڪريو ته مون ڪڏهن به پنهنجي پاسخاطريءَ لاءِ ڪنهن اخبار نويس جي خوشامد ڪانه ڪئي، ۽ نه وري ڪنهن اهڙي ڪاموري جي چاپلوسي ڪيم، جنهن جي دوستيءَ مان هونئن آءُ ڪيترائي مفاد حاصل ڪري سگهان ها. اوهين سمجهي سگهو ٿا ته اهي ڳالهيون ڪو ورلي ئي ڪندو آهي. مون کي اها خوش نصيبي به حاصل ٿي جوبه يا ٽي ڀيرا مون کي اعزازي  تمغو آڇيو ويو، ۽ مون کي ايتري توفيق به ٿي جومون هر ڀيري انهيءَ تمغي قبولڻ کان نهايت شانائتي نموني سان انڪار ڪري ڇڏيو_ ۽ مون ان  ۾ ئي پنهنجو اصل اعزاز ٿي سمجهيو. آخري ڳالهه هيءَ، ته مون ڪڏهن به غريبن کان في نه ورتي، ۽ نه وري ان ڳالهه تي ڪڏهن ناز ڪيم. متان ائين ڀانيو ته آءُ خالي پيلي ٻٽاڪ هڻي رهيو آهيان، سو ڪنهن به ڳالهه ۾ ذرو به فرق نه سمجهندا. آءُ داد يا تعريف جو قائل ئي ڪونه آهيان. مون کي ته سائين، سدائين اهڙي ذاتي لوڀ ۽ جوف تي کل ايندي آهي، جنهن کي اسان جي سماج ۽ عام طرح همت افزائيءَ جي نالي  سان اختيار ڪيو ويو آهي. منهنجو مقصد انهن مڙني ڳالهين کان گهڻو بلند هو؛ ۽ اوهين ڏسندا ته  منهنجي باري ۾ اها حقيقت ڪيتريقدر صحيح ثابت ٿئي ٿي.

پر اوهين اڳواٽ ئي منهنجي دلي اطمينان جو اندازو ڪري سگهو ٿا. مون پنهنجي انهيءَ طبيعت سان خوب آسودگي حاصل ڪئي، ۽ اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ان ۾ ئي انسان جي اصل خوشي سمايل آهي_جيتوڻيڪ هڪٻئي جي باهمي تسليءَ خاطر، اسين ڪڏهن ڪڏهن اهڙين خوشين کي خودغرضيءَ جي  نالي سان سڏڻ جي  رياڪاري به ڪندا آهيون. بهرحال، مون بيواهن، يتيمن ۽ غريبن جي مددگاريءَ واري، پنهنجيءَ طبيعت جي انهيءَ پهلوءَ مان پورو لطف ورتو، جيڪو متواتر مشق سان منهنجي سموري زندگيءَ تي ڇانئجي ويو. مثال طور، انڌن کي رستي ڏيکارڻ جو ڏاڍو شوق هوم. پري کان ئي ڪا ڌُٻندڙ ۽ رستو ڳوليندڙ لٺ ڪنهن فٽبا ٿ جي ڪناري تي نظر ايندي هيم ته جهٽ پٽ اتي پهچي ويندو هوس. ورلي ڪنهن ٻئي رحمدل ماڻهوءَ جو هٿ مون  کان ڪي چند ساعتون اڳ پهچندو هو، ته به آءُ کانئس انڌي جي ٻانهن ڇڏائي، نرميءَ ۽ مضبوطيءَ سان جهلي، ماڻهن جي گوڙ مان نڪري، رستي جي هڪڙيءَ ڀرکان، آمدرفت جي خطري کان اُڪري، کيس حفاظت سان ٻيءَ ڀرتي وٺي ايندو هوس، جتي اسين ٻئي هڪڙي گذريل جذبي سان جدا ٿيندا هئاسين. ساڳيءَ طرح، ڪنهن کي رستو ڏسڻ، سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچيس ڏيڻ، بيهي رهيل موٽر کي ڌڪي ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ، ڪنهن ضعيف يا ٻار کي بار کڻائڻ ۾ هٿ وٺائڻ، ’امن دستي‘ جي ڪنهن رضاڪار  ڇوڪريءَ کان اخبار خريد ڪرڻ، يا ڪنهن ڦيري ڏيندڙ ٻڍڙيءَ کان گل وٺڻ_ حالانڪ مون کي خبر هوندي هئي ته هوءَ اهي گل”مانٽ پارنيز“ واري قبرستان مان چورائي آئي آهي_ انهن سڀني ڪمن ۾ مون کي ڏاڍو لطف ايندو هو. مون کي خيرات ڏيڻ جو به گهڻو شوق هو، حالانڪ اها دعوا ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. منهنجو هڪڙو ڪٽر ڪرستان دوست چوندو هو ته ڪنهن فقير کي پنهنجي گهر ڏانهن ايندو ڏسي، دل ۾ جيڪو پهريون احساس اُڀري ٿو، سو ناخوشگواريءَ جو آهي. پر منهنجي حالت اڃا به بدتر هئي: آءُ ته خوشيءَ وچان ٽڙي پوندو هوس. خير، ان ڳالهه کي اتي ئي ٿا ڇڏيون.

اچو ته  هاڻي آءُ پنهنجي خوش خلقيءَ جي ڳالهه ٻڌايانوَ. ان ڳالهه ۾ آءُ مشهور هوندو هوس، جنهن ۾ ذري برابر شڪ جي گنجائش ڪانهي. سچ پچ ته مون کي ٻين جي اڳيان پنهنجي خوش اخلاقيءَ جي مظاهري ڪرڻ مان بيحد خوشي حاصل ٿيندي هئي. تنهن ڏينهن کي آءُ ڏاڍو سڀاڳو سمجهندو هوس، جڏهن خوشقسمتيءَ سان مون کي ڪو اهڙو موقعو ملي ويندوهو جو آءُ بس ۾ يا ٽرام ۾ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي، اها ڪنهن ٻئي اهڙي بيٺل ماڻهوءَ کي پيش ڪندو هوس، جيڪو مون کان وڌيڪ مستحق هوندو هو؛ يا ڪنهن ٻڍڙيءَ جي هٿ مان ڪري پيل شي پٽ تان کڻي، کيس اهڙيءَ مُرڪ سان موٽائيندو هوس، جيڪا اهڙن موقعن تي خودبخود منهنجن چپن تي اچي ويندي هئي؛ يا پنهنجي لاءِ روڪيل ٽئڪسي ڪنهن ٻئي اهڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هوس، جنهن کي مون کان وڌيڪ تڪڙو ڪيڏانهن وڃڻو هوندو هو. تڏهن ته منهنجي خوشيءَ جي اصل انتهائي ڪانه هوندي هئي، جڏهن خوشقسمتيءَ سان شهر ۾ ڪا هڙتال ٿيندي هئي_ خاص طرح جڏهن سرڪاري بسون ۽ ٽرامون هلڻ بند ٿي وينديون هيون. آءُ پنهنجي ڪار بس_ اسٽاپ تي روڪي، چند بدقسمت شهرين کي سندن گهرن تائين پهچائي ايندو هوس، جن کي پنهنجي سواري ڪانه هوندي هئي. سئنيما يا ٿيٽر ۾ ڪنهن جوڙي کي گڏ ويهڻ جي موقعي ڏيڻ لاءِ، پنهنجي جاءِ خالي ڪري، آءُ اٿي وڃي پئي هنڌ ويهندو هوس. ٽرين جي گاڏي ۾ عورتن کي سندن سامان چاڙهڻ ۽ تختي مٿان ٺاهي رکڻ ۾ مدد ڪندو هوس. اهي سڀ خذمتون آءُ ٻين جي ڀيٽ. ۾ وڌيڪ ڪندو هوس، ڇو ته آءُ اهڙن موقعن لاءِ هروقت وجهه پيو ڳوليندو هوس_ ۽ انهن مان دل کي جيڪا فرحت حاصل ٿيندي هئي، تنهن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ آءُ وڌيڪ تيار هوندو هوس.

انهن ڳالهين ڪري  مون کي سڀ ماڻهو دل جو سخي سمجهندا هئا، ۽ آءُ واقعي اهڙو هوس. مون ڳجهه ڳوهه ۾ يا کُليءَ طرح، مختلف فردن ۽ جماعتن کي مالي امداد به ڪافي ڪئي. پرڪڏهن به ڪنهن شي يا پئسي ڏيندي مون کي ڏک يا افسوس جو احساس هرگز نه ٿيو، بلڪ سدائين اهڙن  ڪمن مان مون کي خوشي ۽ راحت محسوس ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي انهيءَ مدد ۽ همدرديءَ جي رائگان ٿيڻ ۽ ان مان فائدي وٺندڙن جي ناشڪريءَ سببان طبيعت ۾ عجيب ملولائي پيدا ٿي پوندي هئي، پر ان مان به مون کي هڪڙي انوکي راحت ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي. پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾  ڪنجوسائي ڪرڻ کان سخت بيزار هوس، ۽ ڪنهن کي وڻي نه وڻي، آءُ جنهن ڳالهه کي فرض سمجندو هوس، سا ضرور پوري ڪندو هوس. منهنجي لاءِ پنهنجي مرضيءَ جو پاڻ مالڪ هجڻ بيحد ضروري هو.

اِهي چند معمولي جهلڪون آهن، پر انهن مان اوهين منهنجين اٿاهه خوشين جو اندازو ڪري سگهو ٿا، جن سان آءُ پنهنجي زندگيءَ ۾، خاص طرح پنهنجي قانوني پيشي ۾ همڪنار رهيس. عدالت جي ٻاهرئين ايوان ۾، اوهان جي ڪنهن اصيل جي زال اوهان کي  اچي روڪي، جنهن جي ڪيس جي پيروي اوهان خالص رحم يا انصاف جي جذبي هيٺ ڪئي هجي_منهنجو مطلب آهي، جنهن کان اوهان في نه ورتي هجي_ ۽ اها عورت تمام نماڻائيءَ ۽ شڪر گذاريءَ جي انداز ۾، دٻيل آواز سان چوي، ’اوهان جيڪي ڪجهه اسان لاءِ ڪيو آهي، تنهن جو بدلو اسين ڪنهن به طرح، ڪنهن به حالت ۾، ڪڏهن به چُڪائي نٿا سگهون‘ ۽ اوهين جواب ڏيو،’ڀيڻ اِها ته تمام معمولي ڳالهه هئي، ڪوبه منهنجيءَ جاءَ تي هجي ها ته ائين ئي ڪري ها‘: ۽ پوءِ وري اوهين سندس ڏکين ڏينهن جي گذاري لاءِ ڪجهه رقم سندس هٿ ۾ ڏيئي، دل ۾ ڀرجي آيل اٿاهه جذبن کي اکين مان اٿلجي پوڻ کان روڪيندي ۽  ڪنن ۾ انهن جي گونج کي برقرار رکندي، گلي کي گهٽي، جُهڪي، انهيءَ عورت جي هٿ کي، چُمو، ۽ پوءِ تڪڙا تڪڙا اتان هليا وڃو. يقين ڪريو، منهنجا ڀاءُ، هيءَ اَها شي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ڪنهن رواجي حوصلي مند ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر آهي: ماڻهو انهيءَ بلنديءَ تي پهچيو وڃي، جتي خير ۽ نيڪي پنهنجو اجر پاڻ بنجيو وڃن.

بلندين جي ڳالهه نڪتي آهي ته اچو، ٿوري دير انهن جو واءُ سئاءُ وٺون. اوهين هاڻي سمجهي ويا هوندا ته مون پنهنجي بلند نقطه نظر جو جيڪو ذڪر ڪيو هو، تنهن مان منهنجو مطلب ڇا هو. منهنجو اشارو اِنهن ئي بلندين جي انتها ڏانهن هو. آءُ فقط انهن جي ئي کليل فضائن ۾ زنده رهي سگهان ٿو. پر فضا ماحول بنا، مون ڪڏهن به دل جو سڪون ۽ آرام نه ماڻيو آهي. خود زندگيءَ جي جزوي ڳالهين ۾ به پاڻ کي عام سطح کان  مٿانهون محسوس ڪرڻ مون لاءِ ضروري هو. مون هميشه زمين هيٺان هلندڙ ٽرينن جي ڀيٽ ۾ زمين مٿان هلندڙ بسن کي ترجيح ڏني؛ بند ٽئڪسين جي ڀيٽ ۾ کليل گاڏين کي پسند ڪيو؛ ۽ بند ڪوٺين جي ڀيٽ ۾ کليل ڇتين کي پسند ڪيو. آءُ اهڙن جهازن جو پائلٽ رهيو آهيان، جن ۾ هواباز جو منهن جهاز کان ٻاهر، کليءَ فضا ۾ رهندو آهي. سامونڊي سفر ۾، منهنجو گهڻو سارو وقت جهاز جي سڀ کان مٿينءَ منزل تي  گهمندي گذرندو هو. پهاڙن ۾ گذاريندي، آءُ هميشـﮧ تنگ ۽ اونداهن لَڪن ۽ سوڙهن پيچرن کان ڀڄي، ڪشادين وادين ۾ وڃي نڪرندو هوس. جيڪڏهن قسمت مون کي مزودور بنائي ها ته آءُ جيڪر سچ پچ مشينن تي ڪم ڪرڻ جي ڀيٽ ۾، ڇت تي باربرداريءَ جي پوهئي کي پسند ڪريان ها، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ مٿي کي جيڪو چڪر اچڻ لڳندو آهي، تنهن تي پاڻ کي هيرايان ها. ڪوئلي جي گدامن، جهازن جي تهخانن، زمين دوز رستن، غارن ۽ غفائن، بُهرن ۽ کاهين کان منهنجي طبيعت سدائين بيزار رهي آهي.

هڪ اهڙي قدرتي: بالڪني، جيڪا سمنڊ جي مٿاڇري کان پندرهن سـﺆ کن فٽن جي اوچائيءَ تي هجي، پر جتان اُس ۾ وهنتل سمنڊ نظر ايندو هجي، سا منهنجي لاءِ اهڙي جڳهه هئي، جتي انساني ماڪوڙين جي هجوم کان گهڻو مٿي، خاص طرح اڪيلائيءَ وقت، آءُ آزاديءَ سان ساهه کڻي سگهندو هوس. اُتان آءُ هيءَ ڳالهه صاف طرح سمجهي سگهندو هوس ته پبغمبري خطبا، مخصوص دعوائون، ۽ نوراني معجزن جون جاوه نمائيون ڇاجي ڪري سدائين ڪن مخصوص بلندين سان وابسته رهيون آهن. منهنجو خيال آهي ته ڪڏهن به ڪنهن شخص قيد خانن ۽ ڪال_ ڪوٺڙين ۾ ويهي غور ۽ فڪر ڪونه ڪيوهوندو_ جيستائي اُهي ڪوٺيون ڪنهن اهڙي اُوچي قلعي يا مناري تي نه هجن، جتي ڪو وسيع منظر اکين جي اڳيان هجي؛ نه ته چڱو ڀلو ماڻهو به سڙي ۽ ڳري، سينوارجي ويندو. آءُ اهڙي شخص جي اندروني ڪيفيت کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿي سگهيس، جنهن رهبانيت اختيار ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ مذهبي اداري کي رڳو انهيءَ سبب جي ڪري ڇڏي ڏنو، جو سندس توقع جي خلاف، سندس ڪمري جون دريون ڪنهن وسيع قدرتي منظر ڏانهن کلڻ بدران، گرجا جي ڀت وٽان ٿي کليون. پر اوهين يقين ڪريو ته منهنجا  ڦڦڙ اهڙيءَ ٻڪر ٻوساٽ کان سدائين سلامت رهيا: ڏينهن جي هڪڙيءَ هڪڙيءَ ساعت ۾، اڪيلائيءَ ۾ توڙي ٻين سان گڏ، آءُ سدائين پر فضا اُوچائين تي رمندو رهيس، ۽ اهڙي نمايان لاٽ روشن ڪندو رهيس، جنهن سان دل کي بهاري بخشيندڙ آفرين جون صدائون مون ڏانهن وڌنديون رهيون، ان طرح، آءُ زندگيءَ مان ۽ پنهنجيءَ فضيلت جي احساس مان  آندر جي راحت ماڻيندو رهيس.

منهنجو پيشو، اُتانهين لاءِ منهنجي انهيءَ اُتساهه کي چڱيءَ طرح مطمئن ڪندو رهيو. منهنجي انهيءَ پيشي مونکي ڪنهن به پنهنجن پاڙيسرين خلاف ڪا تلخي محسوس نه ڪرڻ ڏني، ۽ ڪڏهن به سندن زيربار بنجڻ بنا، مون کين چڱي سلوڪ سان پنهنجو احسانمند رکيو. منهنجي انهيءَ پيشي مون کي ڪنهن به جج جي گرفت ڪندو هوس، ۽ ڪنهن به اصيل جي محتاجيءَ کان بي نياز بنائي ڇڏيو، جنهن کي منهنجو ورتاءُ شڪر گذاريءَ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. اوهين يقين ڪريو، سائين، آءُ بلڪل بي تعلقيءَ جي زندگي گذاريندو هوس. ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي سان  منهنجو واسطو ڪونه هو؛ آءُ ڪورٽ جي فرش تي نه، بلڪ تمام پري، آڪاش ۾ اوڏامندڙ انهن ديوتائن سان گڏ هوندو هوس، جن کي دنيا جي  ڪاروهنوار کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن زمين تي موڪليو ويندو آهي. بهرحال، اڄ به بلنديءَ تي رهڻ سان ئي انسان نمايان ٿئي ٿو، ۽ کيس گهڻن ماڻهن جي حمايت حاصل ٿئي ٿي.

تنهن کان سواءِ، منهنجن ڪن مکيه مجرمن انهيءَ ئي احساس جي اثر هيٺ خون ڪيا. پر ان کان پوءِ جي افسوسناڪ حالت ۾ جڏهن هنن پنهنجو داستان اخبارن ۾ پڙهيو، ته ان سان کين تسليءَ بدران ويتر وڌيڪ ڏک ٿيو: گهڻن ماڻهن جيان،هو به گهڻن ڏينهن تائين گمناميءَ جو صدمو سهي نه سگهيا، ۽ انهيءَ بيقراريءَ وچان هو حد درجي جي افسوسناڪ حالت کي پهچي ويا. بدناميءَ جي شهرت ئي گهربل هجي، ته ان لاءِ پنهنجي ڪنهن نوڪر چاڪر کي ئي قتل ڪري ڇڏڻ ڪافي آهي، پر بدقسمتيءَ سان اهڙن جي شهرت عام طرح وقتي ثابت ٿيندي آهي، ڇو ته ڪيترائي نوڪر قتل ڪرڻ جي لائق هوندا آهن ۽ انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. اخبارن ۾ ڏوهن جون خبرون ته مستقل طرح جاري رهنديون آهن، پر انهن ۾ ڪنهن به ڏوهاريءَ جو ذڪر رڳو ڏينهن_ٻن تائين هلندو آهي، ۽ وري ڪنهن ٻئي ڏوهاريءَ جو ذڪر اچي ان جي جاءِ والاريندو آهي. مطلب ته اهڙيون عارضي ڪاميابيون ڏاڍيون مهانگيون پونديون آهن. جتي اهي ماڻهو عارضي شهرت جي سَڌ ڪري ڦاسي پوندا هئا، اُتي آءُ انهن بدبختن جي  وڪالت ڪري، ساڳئي وقت ۽ ساڳين حلقن ۾، سچي شهرت حاصل ڪندو هوس، ۽ وري  ان لاءِ مون کي پنهنجي هڙان ڪجهه ڏيڻو به ڪونه پوندو هو. لازمي طرح، آءُ وڌيڪ حوصلي سان پنهنجيون اخلاقي ڪوششون صرف ڪندو هوس ته جيئن هو گهٽ کان گهٽ ڏنڊ يا سزا ڀوڳين، انهيءَ سلسلي ۾ مون کان ٿيل ڪوتاهين جو نتيجو به کين ئي ڀوڳڻو پوندو هو. سندن وڪالت ڪندي، آءُ جيڪي پنهنجون صلاحيتون، جوش ۽ جذبو صرف ڪندو هوس، سو مون ڏانهن رهيل سندن آقي باقي حساب به چڪتو ڪري ڇڏيندو هو. جج صاحب سزا ڏيندا هئا، ڏوهاري اها ڀوڳيندا هئا، ۽ آءُ هر ڪنهن فرض ۽ ادائگيءَ کان آجو، هر فتوا ۽ سزا کان سلامت، عدن جي بهشت وارين نوراني فضائن، ۾ پيو آزاديءَ جون بهاريون ماڻيندو هوس.

ڇا، منهنجي لاءِ اهو عدن جو بهشت نه هو؟ منهنجي ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪابه وڇوٽي ڪانه هئي_اهڙي هئي  منهنجي زندگي. مون کي ڪڏهن به اها ڳالهه سکڻي ڪانه پيئي ته زندگي ڪئن گذارجي: آءُ ڄمندي ئي ڄام هوس. مون کي پيدائش کان وٺي هر ڪنهن ڳالهه جي خبر هئي. ڪن ماڻهن کي اهو مسئلو اڳيان ايندو آهي ته هو ٻين ماڻهن کان پاڻ کي بچائي هلن، يا وري انهن سان ڪنهن نموني جو ٺاهه ڪن. منهنجي باري ۾ اهو ٺاهه ڄڻ اڳي ئي ٿيل هو. جتي مناسب سمجهندو هوس، ياري ڳنڊيندو هوس، جتي ضروري سمجندو هوس، خاموشي اختيار ڪندو هوس؛ ۽ بيتڪلفيءَ سان رلي ملي رهڻ به مون لاءِ ايترو ئي آسان هو، جيترو رعب ۽ وقار سان رهڻ. سو، منهنجي لاءِ سڀني سان نباهڻ، ڪا مسئلي جهڙي ڳالهه ڪانه هئي. تنهنڪري سوسائٽيءَ ۾ منهنجي هردلعزيزي تمام گهڻي، ۽ منهنجيون ڪاميابيون بيشمار هيون. شڪل صورت به موچاري هيم. هڪ ئي وقت، آءُ پاڻ کي وڏو زنده دل به ظاهر ڪندو هوس، ته هڪڙو عالم شخص به. هڪ ئي وقت، آءُ عورت ۽ انصاف، ٻنهي سان محبت ڪندو هوس_ ۽ ظاهر آهي ته اها ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. راندين ۽ لطيف فنن سان به منهنجي دلچسپي هئي. پر خير، ان جي وڌيڪ اُپٽار آءُ نٿو ڪريان، متان اوهين مون کي ميان  مِٺُو سمجهو. پر آءُ اوهان کي استدعا ٿو ڪريا ته اوهين هڪ گهڙيءَ لاءِ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جو تصور ڪريو، جيڪو پنهنجين قوتن ۽ صلاحتين جي عروج تي آهي، صحتمند آهي، ڪيترين ئي خاص خوبين سان نوازيل آهي، جسماني توڙي ذهني ڪمن ۾ ماهر آهي، نه دولتمند آهي ۽ نه غريب، اطمينان سان سمهي ننڊ ڪري ٿو، بنيادي طرح پنهنجو پاڻ کان خوش آهي، ۽ وري انهيءَ خوشيءَ جي اظهار لاءِ به ميل جول جي موج بنا ڪو ٻيو ذريعو اختيار نٿو ڪري، جيڪڏهن اوهين اهو تصور ڪري  سگهو ٿا ته پوءِ اوهين اهو به ڏسي سگهندا ته آءُ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ حجاب جي زندگيءَ بابت ڪهڙيءَ طرح ڳالهائي سگهان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org