سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: ناول

 

صفحو :5

مينهن زور ٿيندو وڃي، ۽ پاڻ کي واندڪائي به آهي، تنهنڪري جيڪڏهن اجازت ڏيو ته آءُ پنهنجي حافظي جي هڪڙي ٻي دريافت به اوهان کي پيش ڪريان. اچو، مينهن کان پاڻ بچائي، هوڏانهن بينچ تي هلي ويهون.صدين کان وٺي، پائيپ پيئڻ وارا، هن بينچ تي ويهي؛ ساڳيءَ برسات کي ساڳيءَ نديءَ مٿان وسندو ڏسندا رهيا آهن. هاڻي جيڪا ڳالهه آءُ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران سا البت وڌيڪ مشڪل آهي. هن ڀيري هڪڙيءَ عورت سان تعلق رکندڙ معاملو آهي. عورتن جي معاملي ۾ آءُ سدائين ڪامياب رهيو آهيان_ سو به ڪنهن خاص تڪليف وٺڻ بنا. ڪاميابيءَ مان منهنجو مطلب اهو نه آهي ته ڪو آءُ انهن کي خوش ڪري سگهيو آهيان؛ يا انهن ذريعي پاڻ کي خوش ڪري سگهيو آهيان. نه منهنجو مطلب فقط ڪاميابي آهي. بس، جڏهن گهريم، تڏهن پنهنجو ڪم ڪڍيم. مون کي تمام پُرڪشش سمجهيو ويندو هو. ڇا ٿا ڀانيو! اوهان کي خبر آهي، ڪشش ڪهڙي شي آهي؟_ سڌي طرح سوال ڪرڻ کان سواءِ ئي ، جواب ۾ ”ها“ چوارائڻ جو طريقو. تن ڏينهن منهنجي باري ۾ اها ڳالهه سـﺆ سيڪڙو سچي هئي. اوهان کي حيرت ٿي رهي آهي؟ خير، اوهين ان ڳالهه کي قبول ڪريو. هن وقت جيڪا منهنجي شڪل صورت اوهين ڏسي رهيا آهيو، تنهن موجب اوهان جي حيرت بلڪل بجا آهي. افسوس، هڪ خاص عمر کان پوءِ هرڪو ماڻهو پنهنجي چهري جو ذميدار بنجيو وڃي! منهنجو چهرو..... ٺيڪ آهي، هاڻي ان جو ڪهڙو ذڪر ڪبو، پر هيءَ حقيقت آهي ته انهي ڏينهن ۾ آءُ واقعي پُرڪشش سمجهيو ويندو هوس_ ۽ مون ان جو خوب فائدو ورتو.

بهرحال، ٿلهي ليکي، منهنجي روش تمام نيڪ نيتيءَ واري هئي. ائين چئجي ته عورتن سان  منهنجو تعلق تمام سڀاويڪ، بي تڪلفيءَ وارو، ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي هو. ان ۾ ڪابه رک رکان يا عياري ڪانه هئي. جيڪڏهن ڪا عياري هئي ته بس، اُها ظاهر ظهور عياري جنهن کي عورتون پنهنجو خراج سمجهنديون آهن. بي معني لفظن ۾ عام طرح ائين چئي سگهجي ٿو ته مون انهن مان هر هڪ سان محبت ڪئي، جنهن جو مطلب هي ٿيو ته مون ڪنهن سان به محبت نه  ڪئي. عورت کان بيزار ٿيڻ کي مون هميشـﮧ هڪڙي  بيهودي ۽ بيوقوفيءَ جي ڳالهه سمجهي، ۽ گهڻو ڪري جيڪي به عورتون مون کي مليون، تن کي مون پاڻ کان بهتر سمجهيو. ان هوندي به،  انهن کي ايترو مٿانهون درجو ڏيڻ جي باوجود، آءُ کين ايترو ڪم نه آيس، جيترو مون انهن کان فائدو ورتو. ڀلا، ڪو انهيءَ ڳالهه کي  ڪهڙيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو؟

بيشڪ، سچو پيار به آهي، جيڪو ڪڏهن ٻن_ ٽن صدين ۾ هڪ ڀيرو، ڪنهن حد تائين ظاهر ٿيندو آهي؛ باقي سموري وقت تي بيزاري ۽ خود پسندي ڇانيل هوندي آهي. جيتري: قدر منهنجو تعلق آهي، آءُ ڪنهن به طرح پورچو گالي راهبه وانگر سختدل ڪونه هوس، آءُ سنگدل ته نه آهيان، پر ان جي ابتڙ، رحم، ۽ همدرديءَ سان ڀريل دل رکندڙ، جنهن جي اکين ۾ لڙڪن جي ڪابه ڪمي ڪانهي. ايترو سو  ضرور آهي ته پنهنجن سمورن جذباتي اُمنگن جو محور ۽ مرڪز آءُ پاڻ آهيان، ۽ منهنجي رحم ۽ همدرديءَ جي سمورن احساسن جو رخ سدائين پنهنجيءَ ذات ڏانهن ئي رهيو اٿم، بهرحال ائين ڪونه چئبو ته مون محبت ڪڏهن به ڪانه  ڪئي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عظيم محبت جو تصور ڪيو آهي، ۽ انهيءَ محبت جو مرڪز هميشـﮧ منهنجي پنهنجي ذات هئي. انهيءَ فقطه نگاهه کان، جوانيءَ جي اڻٽر دشوارين کان پوءِ، مون جلدئي پاڻ کي سنڀالي ورتو هو: فقط شهوانيت ئي منهنجي محبت جي زندگيءَ تي غالب رهي. مون کي فقط ڪنهن کي جيتڻ ۽ لذت ماڻڻ جي ڳولا هوندي هئي. تنهن کان سواءِ، انهيءَ معاملي ۾ مون کي پنهنجي خوبصورتيءَ به چڱي مدد ڏني: قدرت مون تي ڪافي مهربانري ڪئي هئي. مون کي ان ڳالهه تي گهڻو غرور به هو، ۽ ان مان مون گهڻي تسڪين به حاصل ڪئي_  جيتوڻيڪ هن وقت، مون کي خبر ڪانهي ته اها تسڪين جسماني لذت جي ڪري هئي، يا منهنجي وقار جي احساس سببان. بيشڪ، اوهين وري به ائين ئي چوندا ته آءُ ٻٽاڪ هڻي رهيو آهيان. آءُ ان کان انڪار نٿو ڪريان، ۽ نه وري ٻٽاڪ هڻڻ ۾ آءُ ڪو فخر محسوس ڪندو آهيان، ڇو ته آءُ هينئر انهن ڳالهين بابت ٻٽاڪ  هڻي رهيو: آهيان، جيڪي صحيح ۽ سچيون آهن.

بهر صورت، منهجي لذت پرستي ايتري ته حقيقي هئي جو رڳو ڏهن منٽن جي ڪنهن مهم خاطر آءُ پنهنجي ماءُ ۽ پيءَ کان به منهن موڙي ٿي سگهيس، ڀل ته ان لاءِ مون کي پوءِ ڪيتروئي پڇتائڻو پوي. شايد مون ڪجهه غلط نموني ۾ ڳالهه ڪئي: ڏهن منٽن جي ، بلڪ ان کان به  وڌيڪ وقت  جي  مهم کي خاص ڪري تڏهن ئي ان حد تائين اختيار ڪندو هوس، جڏهن مون کي  پڪ هوندي هئي ته اهي ڏهه منٽ وري حاصل ٿيڻا نه آهت، يقينن، منهنجا ڪي اصول هوندا هئا_ جهڙوڪ، دوست جي زال مقدس آهي. پر آءَ آسانيءَ سان، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي تمام خلوص سان، ڪنهن عورت جي مڙس سان پنهنجي دوستي ترڪ ڪري ڇڏيندو هوس. مون کي شايد ان ڳالهه کي لذت پرستي ڪوٺڻ نه کپي، ڇو ته لذت پسندي ڪا مڪروهه شي ڪانه ٿيندي آهي. ٺيڪ آهي، ان لاءِ ڪجهه نرم لفظ ٿا استعمال ڪريون؛ ان کي ڪمزوري ٿا چئون، يعني اهڙي ازدواجي نااهلي، جنهن ۾ هر قسم جي محبت ڪري سگهجي ٿي، پر جسماني ميلاپ نه. پرپيش، اها ڪمزوري ته تمام سهوليت ڀري شي هئي. منهجي ويسر واريءَ صلاحيت سان گڏجي، انهيءَ ڪمزوريءَ منهنجي آزاد هلت کي چڱو زور وٺايو. ساڳئي وقت، ڪن هٿ نه ايندڙ منزلن توڙي منهنجي مضبوط قسم جي آزاد هحت ذريعي، انهيءَ ڪمزوريءَ مون کي نت نين ڪاميابين جا موقعا بخشيا. آءُ خود ڇاڪاڻ ته روماني طبيعت رکندڙ نه هوس، تنهنڪري مون رومان پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻيءَ شي جو سهارو ورتو. بوناپارٽ جيان، اسان جون دوست عورتون سدائين ائين ئي سمجهنديون آهن ته جتي ٻيا سڀ  هار کائي اچن، اُتي هو ضرور وڃي ڪاميابي حاصل ڪنديون.

ازانسواءِ پنهنجي انهيءَ ڪاروبار ۾، مون لذت پرستيءَ سان گڏ پنهنجو هڪڙو ٻيو شوق به پورو ڪيو: اهو هو پنهنجو جوابازيءَ جو  شوق. آءُ اهڙين عورتن کي ڀانئيندو هوس، جيڪي ڪنهن به قسم جي  راند روند ۾ مون سان شريڪ ٿينديون هيون، ۽ منهجن ڪم ازڪم معصوميت جي جهاڪ هوندي هئي. بيزاريءَ جو احساس آءُ برداشت ڪري نه سگهندو آهيان، ۽ فقط زندگيءَ جي رنگينين جو قدر ڪندو آهيان، سوسائٽيءَ جي ڪابه محفل ڪيتري ئي ڀڀڪيدار ڇونه هجي، اها مون کي جلدئي ورچائي وجهندي آهي، پر پنهنجيءَ پسند جي عورت سان گڏ آءُ ڪڏهن به بيزار نه ٿيس. مون کي ائين قبول ڪندي ڏک ٿو ٿئي، پر آءُ جيڪر آئنسٽائن سان ڏهن ڀيرن جي ملاقات تي هڪڙيءَ خوبصورت نچڻيءَ سان  پهرينءَ ملاقات کي ترجيح ڏيان ها. ائين به صحيح آهي ته ان سان ڏهه ڀيرا ملاقات ڪرڻ کان پوءِ، آءُ آئنسٽائن يا ڪنهن سنجيدگي ڪتاب  جي آرزو ڪرڻ لڳندو هوس. مطلب ته  مون کي زندگيءَ جو وڏن مسئلن سان ڪوبه تعلق ڪونه هو، سواءِ ان واندڪائي جي وقفن جي، جيڪي منهنجين اڪيچار ننڍين ننڍين ڪاميابين جي وچ ۾ ايندا هئا. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو هو جو آءُ فٽپاٿ تي پنهنجن دوستن سان ڪنهن بحث ۾ گرمجوشيءَ سان مصروف هوندس، ته منهنجن خيالن جو سلسلو يڪايڪ ختم ٿي ويندو هو_ ڇاڪاڻ ته عين ان وقت تي ، ڪا البيلي نازنين اتان لنگهي رهي هوندي.

سو، سائين، مون پنهنجي جوا جاري رکي. مون کي خبر هئي ته عورتون ان ڳالهه کي پسند نه ڪنديون آهن ته ساڻن هڪدم پنهنجي دل جو مطلب بيان ڪري ڏجي. اول ڪي اهڙيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيڻ کپن، جن کي هو هڪٻئي جي توجهه ڇڪائڻ، يا دل وٺڻ جون ڳالهيون چونديون آهن. ڳالهين ڪرڻ جي معاملي ۾ مون کي ڪابه تشويش ڪانه ٿيندي هئي، ڇو ته آءُ هڪڙو وڪيل هوس؛ ۽ اکين جي اشاريبازي به مون لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته فوج جي ملازمت وري وقت مون کي ائڪٽنگ جو گهڻو شوق هوندوهو.

سو، آءُ پنهنجو  پارٽ جدا جدا وقتن تي بدلائيندو ٿي رهيس، پر ڊرامو ساڳيوئي هلندو رهيو. مثلاً، ڪڏهن ڪشش پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪا سمجهه ۾ ايندڙ حرڪت ڪرڻ، ڪڏهن پراسرار بنجي وڃڻ، ۽ ڪڏهن وري اهڙو رويو اختيار ڪرڻ، ڄڻ ته آءُ محبت کان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ ڪنهن کي به خيال ۾ نٿو آڻيان، بلڪه سري کان محبت کي هڪڙي غلط ۽ نامعقول ڳالهه ٿو سمجهان، وغيره، اها چال سدائين ڪارگر ثابت ٿي، حالانڪه اها تمام فرسودي ۽ هلڪڙائپ واري چال آهي. هڪڙي ترڪيب ٻي به هئي: اهڙيءَ پراسرار آسودگيءِ ۾ مڪمل مسرت جو اظهار ڪرڻ، جيڪا هاڻي ڪابه عورت ڏيئي نه سگهندي، شايد ان کي اوندهه ۾ تير هڻڻ سمجهو وڃي.۽ آهي به ائين(ڇو ته ڪوبه شخص پنهنجو پاڻ کي گهڻي وقت تائين لڪائي نٿو سگهي)، پر هونئن اها ترڪيب آهي بيشڪ بيمثال. سڀ کان وڏو هڪ ٻيو هربو به هو، جنهن کي اوهين پڪ سان ساراهيندا. مون ڪي خاص مڪالما تيار ڪيا هئا، ۽ انهن کي تقرير وانگر ياد ڪري ڇڏيو هوم. انهيءَ ڊرامي جو اهم ۽ ڪامياب حصو اهو هو، جتي تمام دردناڪ لهجي ۾، صبر ۽ شڪر جي انداز ۾ ، هن ڳالهه تي زور ڏنو ويندوهو ته ”آءُ هڪڙو ناچيز ۽ معمولي انسان آهيان، توکي مون سان پلئه اٽڪائي ڇا حاصل ٿيندو. منهنجي زندگي ڪنهن ٻئي نموني سان گذري رهي آهي، جيڪا عام زندگيءَ جي  انهن ننڍين ننڍين خوشين کان سوين ڪوهه پري آهي؛ جي لاءِ هوند آءُ دنياجي ڪابه نعمت خوشيءَ سان قربان ڪري ڇڏيان پرهاڻي جڏهن تون ملي آهين، ته وقت گهڻو گذرڻ چڪو آهي، ڇا ڪجي!“ گهڻي وقت گذرڻ واري انهيءَ قطعي فيصلي جا سبب گهڻا هئا، سو ان بابت مون هميشـﮧ رازداريءَ کان ڪم ورتو، ڇو ته مون کي خبرهئي ته ڪي قدر پراسراريت جي حالت ۾ بستري تي ليٽي پوڻ بهتر آهي. ازان سواءِ انهيءَ اداڪاريءَ وقت آءُ جيڪي ڪجهه چوندو هوس، تنهن جي نتيجي جي خاطري مون کي خودبخود ٿي ويندو هئي، ڇو ته آءُ پنهنجي انهيءَ ڪردار ۾ ئي سمائجي ويندو هوس، انهيءَ ڪري اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه هئي ته انهيءَ ڊرامي ۾ منهنجيون جوڙيوال عورتون به تمام شوق ۽ ولولي سان اسٽيج تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏينديون هيون، انهن مان جيڪي تمام حساس قسم جون هونديون هيون، سي مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون، ۽ ان طرح اُهي هڪ قسم جي اٿاهه ڏک  ۽ ملولائيءَ ۾ مبتلا ٿي وينديون هيون، ٻيون عورتون ائين ڄاڻي مطمئن ٿي وينديون هيون ته مون کي راند رهڻ جي تميز آهي، ۽ آءُ مطلب تي پهچڻ کان اڳ احتياط کان ڪم وٺڻ جو سليقو رکان ٿو_ ۽ اهڙي اطمينان کان پوءِ، هو جلدئي ”حقيقت“ تي اچي وينديون هيون، سندن اطمينان جو مطلب اهو ئي هوندو هو ته منهنجي فتح ٿيندي هئي. اها فتح ٻطرفي هوندي هئي_ ڇو ته انهن مان پنهنجي غرض ڪڍڻ کان سواءِ، آءُ انهيءَ محبت کي به تسڪين پهچائيندو هوس، جيڪا مون کي پنهنجي ذات سان هوندي هئي، ۽ جنهن کي هر موقعي تي آءُ پنهنجين خاص قوتن ذريعي ثابت ڪندوهوس.

انهيءَ تسڪين خاطر، اءُ انهن ڇوڪرين سان به ڊگهن وقفن بعد ٻيهر تعلقات وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، جن مان رڳو نالي ماتر آسودگي حاصل ٿيندي هئي. انهيءَ ڪوشش ۾ گهڻي وقت جي جدائيءَ سان پيدا ٿيندڙ انهيءَ عجيب خواهش جو به يقيناً دخل هوندوهو، جيڪا ڪنهن پراڻي تعلق جي اوچتي هٿ اچڻ سان جاڳي پوندي آهي.پر ٻيهر تعلق پيدا ڪرڻ کان اڳ آءُ انهيءَ ڳالهه جي خاطري ڪندوهوس ته اڳئين تعلق جو اثر اڃا قائم آهي، ۽ ان کي پختي بنائڻ جو حق فقط مون کي ئي حاصل آهي. بعضي ته آءُ انهيءَ حد تائين به ڪري گذرندو هوس جو انهن کان انجام اقرار وٺندو هوس ته هاڻي هو ڪنهن به ٻئي شخص سان ميل جول نه رکنديون. ان طرح ، آءُ هميشه لاءِ انهيءَ بار ۾ پيدا ٿيندڙ شڪن شٻهن کان راغت حاصل ڪندو هوس. پر انهن شڪن  شبهن سان منهنجي دل توڙي دماغ جو ڪوبه واسطو ڪونه هوندو، بلڪ ان لاءِ ڪڏهن خيال به ڪونه ايندو هو. آءُ اهڙيءَ طرح هڪڙي خاص قسم جي ڏيکاءُ جو مجسمو بنجي ويوهوس، جو ظاهري ثابت هوندي به مون لاءِ ائين تصور ڪرڻ محال هو ته ڪا عورت هڪ  ڀيرو منهنجي بنجڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي سان رستو رکي سگهي ٿي. ليڪن جيڪي وفاداريءَ جا قسم هو کڻنديون هيون، تن جي پابندي کين ئي ڪرڻي پوندي هئي، ۽ آءُ هر طرح آزاد هوس. پوءِ، جيئن ئي مون کي معلوم ٿيندو هو ته هو ڪڏهن به ڪنهن ٻئي سان پيچ نه اٽڪائينديون تڏهن انهن سان  پنهنجا  تعلقات ترڪ ڪري ڇڏيندو هوس_ٻيءُ حالت ۾ ترڪ ڪرڻ مون لاءِ ناممڪن هو. جيتريقدر اهڙين ترڪ ڪيل عورتن جو تعلق آهي، آءُ هڪ ئي ڀيري سان انهن تي پنهنجي تعلق کي ٽوڙڻ جا سبب ثابت ڪري ڇڏيندو هوس، ۽ ڪافي وقت تائين پنهنجيءَ طاقت کان مطمئن ٿي ويندو هوس. ڪيئن ٿا ڀانيو، عجيب ڳالهه آهي نه؟ پر ائين ئي ٿيندوهو، ائين ئي آءُ ڪندوهوس. ڪا پڪاريندي هئي: ”مون سان محبت ڪر!“ ڪا التجا ڪندي هئي ”مون سان محبت نه ڪر!“ پر ڪا اهڙي قسم جي عورت جيڪا بيحد بدحال ۽ بيحد ڏکويل هوندي هئي، سا فرياد ڪندي هئي: ” مون سان محبت ڀلي نه ڪر، پر وفادار رهه !“

هونئن ته  هرڪنهن ڳالهه تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو، پر پنهنجين قولن جو ڪو قطعي آخري ثبوت ته ٿيندوئي ڪونهي، سو ان ڪري ، هرڪنهن نئين شخص سان نئين سر معاملي جي شروعات ڪرڻي پوي ٿي . بار بار ورجائڻ سان ماڻهوءَ کي اها عادت پئجيو وڃي، ۽ جلدئي اها حالت پيدا ٿيو پوي جو بنا ڪنهن ڪوشش جي ، لفظ خود بخود زبان مان نڪرڻ لڳندا آهن، تان جو هڪ ڏينهن اها نوبت اچيو پهچي، جڏهن دل ۽ ڪابه خواهش ڪانه هوندي آهي، پر زبان تڏهن به پيئي ڳالهائيندي آهي. يقين ڪريو، ڪن ماڻهن لاءِ ائين ڪرڻ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي ته جنهن شيءَ جي خواهش دل ۾ نه رهي هجي، ان کي حاصل ڪن.

مون سان نيٺ اوهائي ڳالهه ٿي. هوءَ ڪير هئي، سو ٻڌائڻ بيسود آهي. ايترو چوڻ ڪافي آهي ته صحيح معنيٰ ۾ مون کي متاثر ڪرڻ بنا، هن مون کي پنهنجي بي نيازيءَ واري انداز سان پاڻ ڏانهن مائل ڪري ڇڏيو هو. سچ پچ پڇو ته اهو هڪڙو اڻ سونهائيندو تجربو هو، جنهن جي مون کي توقع رکڻ کپندي هئي. پر آءُ ڪڏهن به پُور ڪونه پچائيندو هوس، ۽ اهڙن ماڻهن کي تمام جلد وساري ڇڏيندو هوس، جن سان ٻيهر ملڻ جو موقعو نه ملندو هوم. مون سمجهيو ٿي ته هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي سوچ ويچار نه ڪيو هوندو، ۽ کيس ڪاهن باري ۾ پنهنجي خاص راءِ به ٿي سگهي ٿي، سا ڳالهه ته اصل وهڻ گمان  ۾ به ڪانه هيم. تنهن کان سواءِ، منهنجي نظر ۾، هوءَ پنهنجي بي نيازيءَ جي روش سبب دنيا کان ڪٽيل هئي. پر چند هفتن بعد، ڪنهن طرح مون کي  پتو پيو ته هن هڪڙي ٽئين شخص سان منهنجين خامين جو ذڪر ڪيو آهي. مون کي يڪايڪ ائين محسوس ٿيو ته مون سان ڪو وڏو دوکو ٿيو آهي. هوءَ ايتريقدر بي نياز ڪانه هئي، جيتريقدر مون ڀانيو ٿي، ۽ وري هن ۾ ڪنهن ڳالهه جي تميز ۽ فيلصي جي قوت جي ڪمي به ڪانه هئي! مون اها ڳالهه ٻڌي زبردستيءَ هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنو. پوءِ بيساخته کل به آيم، ڇاڪاڻ ته ظاهر آهي ته اها ڪا اهڙي اهم ڳالهه ڪانه هئي. ڀلا جنسيات جي دنيا کان سواءِ، جتي هر ڪا ڳالهه اڻڏٺل ۽ غير امڪاني هوندي آهي، ٻي ڪهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ بيوسيءَ  ۽ انڪساريءَ جوحڪم هلندو هجي؟ پر نه_ اسان مان هر ڪو شخص اڪيلائيءَ ۾ به رڳو پنهنجيون صلاحيتون ۽ خوبيون ئي ڏسڻ چاهيندو آهي. اها ڳالهه ٻڌڻ وقت ته مون ڪُلها ڪوهي، ڪوڙو ٽهڪ ڏنو هو، پر حقيقت ۾ منهنجو رويو ڪهڙو هو؟ مون انهيءَ  عورت کي ڪجهه ڏينهن بعد وري ڏٺو، ۽ کيس پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جا سڀ جملا هلايم.اها ڳالهه ڪا ايتري ڏکي ڪانه هئي، ڇو ته عورتون خود به اهڙن معاملن کي ناڪاميءَ تي ختم ڪرڻ نه چاهينديون آهن.

پوءِ ان وقت کان وٺي، ڪنهن دلي اداري  کان سواءِ ئي ، مون هن کي هر طرح سان پريشان ۽ بيعزت ڪرڻ شروع  ڪيو. ڪڏهن پيار ڪرڻ ته ڪڏهن ڌڪاري ڇڏڻ، مناسب وقتن ۽ جڳهين تي کيس گهرائڻ ۽ هر حالت ۾ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي سپرد ڪري ڇڏڻ تي کيس مجبور ڪرڻ، مارڻ ۽ گاريون ڏيڻ،_ مطلب ته هر طرح جو وحشيانه سلوڪ مون ان حد تائين جاري رکيو جو آخرڪار مون کي هن سان اهڙو تعلق پيدا ٿي پيو، جهڙو ڪنهن جيلر کي پنهنجي قيديءَ سان ٿيندو آهي. اهو تعلق هلندو رهيو، تان جو هڪڙي  ڀيري، آسودگيءَ کان ٿورو اڳ جي سُرور ۽ انتشار وارين ايذائيندڙ گهڙين ۾، بي اختيار ٿي، وڏي سڏ، هن منهنجي انهيءَ صلاحيت جو داد ڏنو، جنهن کيس منهنجو غلام بنائي ڇڏيو هو. بس، تنهن ڏينهن کان وٺي مون هن کان پلئه ڇڏائڻ شروع ڪري  ڏنو. ان کان پوءِ مون هن کي وساري ڇڏيو.

اوهان اخلاق وچان هڪڙو اکر به ڪونه چيو آهي، پر آءُ مڃان ٿو ته اهو ڪارنامو ڪوايترو مناسب ڪونه هو. ليڪن ذرا پنهنجي زندگيءَ تي غور ڪريو! پنھنجي حافظي کي کوٽيو، شايد ان ۾ اوھان کي ڪا اھڙي ئي ڪھاڻي نظر اچي وڃي. مون کي اُھا ڀلي پوءِ ٻڌائجو. جيتريقدرمنھنجو سوال آھي، جڏھن به اھو ننڍڙو واقعو ياد ايندو ھوم، تڏھن وري به بي اختيار کل نڪري ويندي ھيم. پر ھاڻي اھا کل، شروع واري کل کان ٻئي قسم جي ھوندي ھئي _ اھڙي قسم جي، جھڙي تنھن رات ’فن جي پل‘ تي ٻڌي ھيم. آءُ عورتن سان ڳالھايل پنھنجن مڪالمن ۽ ڪورٽ ۾  ڪيل پنھنجين دليلبازين تي کلي رھيو ھوس. عورتن سان ڳالھايل مڪالمن تي گهٽ، ۽ ڪورٽ ۾ ڪيل دليلبازين تي وڌيڪ. ڪم از ڪم عورتن سان مون گهڻو ڪوڙ نه ڳالھايو ھو. عورتن جي معاملي ۾ منھنجوفطري لاڙو، ڪنھن حيلي بھاني بنائي،منھنجي رويي مان خود بخود ظاھر ٿي پوندو ھو. محبت جو ڪم ته آھي ئي مڃڻ ۽ اقرار ڪرڻ جو ڪم. خود غرضي وڏي واڪي دانھون ڪرڻ لڳي ٿي، غرور خود بخود پاڻ کي پڌرو ڪريو وجھي، يا وري جيڪڏھن سچي سڪ آھي ته اھا ڪنھن به طرح نروار ٿيو پوي . سو، ھن افسوسناڪ واقعي ۾،  پنھنجي اندازي کان وڌيڪ صافگوئيءَ کان ڪم ورتو. مون کلم کلا ٻڌائي ڇڏيو ته آءُ ڪير آھيان ۽ منھنجي زندگي ڪھڙيءَ ريت بسر ٿئي ٿي. ڪوڙي ڏيکاءَ جي باوجود، آءُ انھيءَ ڪري انصاف ۽ بيگناھيءَ جي پاسخاطريءَ لاءِ پنھنجا پيشه ورانه جوھر ڏيکاريندڙ وڪيل ھجڻ جي ڀيٽ ۾، پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ وڌيڪ بھتر ماڻھو ھوس _ ۽ اھا ذاتي زندگي ڪھڙي ھئي، آءُ اوھان کي ٻڌائي چڪو آھيان. ڪم از ڪم پنھنجو پاڻ کي ٻين سان گڏ ڪم ڪندو ڏسي، آءُ پنھنجي فطري اصليت بابت پاڻ کي دوکو ڏيئي نٿي سگهيس. ڪوبه ماڻھو پنھنجن تفريحي معاملن ۾ منافق نٿو ٿئي _  اِھو جملو مون ڪٿي پڙھيو آھي، يا الائي منھنجو پنھنجو آھي.

جڏھن مون اھڙيءَ طرح ڪنھن عورت سان پنھنجي تعلقات کي يڪلخت ختم ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ تڪليف تي ويچارڪيو _ اھڙي تڪليف، جنھن جي ڪري مون کي ھڪ ئي وقت تي ڪيترين ئي عورتن سان تعلقات قائم ڪرڻ جي چڪر ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو ھو _ ته مون کي پنھنجي نرمدليءَ جو قائل ٿيڻو پيو. البت آءُ جيڪو واقعو ھاڻي بيان ڪرڻ وارو آھيان، تنھن ۾ منھنجي روش سان نرمدليءَ جو ڪوبه واسطو ڪونه ھو. منھنجي ھڪڙي سريت، جيڪا اسان ٻنھي جي وچ ۾ ھلندڙ جذباتي ڪشمڪش جي ڪنھن نتيجي تي پھچڻ جو انتظار ڪري ڪري بيزار ٿي چڪي ھئي، تنھن ھڪڙي ڀيري مون کان جدا ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو. ان کان پوءِ مون ئي ھڪڙو قدم اڳتي وڌايو، پنھنجي ھار مڃيم، ۽ گفتگو جون سڀ ترڪيبون استعمال ڪيم. نرمدليءَ ۽ محبت جا سمورا احساس مون ھن جي دل ۾ بيدار ڪري ڇڏيا، ۽ ظاھري ادائگيءَ جي ھلڪي عڪس کان سواءِ، پاڻ انھن احساسن جي اثر کان آجو رھيس. مون کي فقط ھن جي انڪار سبب ڪي قدر جوش آيو ھو، ۽ ھڪڙي محبت جي نالي ختم ٿي وڃڻ جو خطرو ھو. سچ پچ، ڪنھن ڪنھن مھل مون کي پنھنجي اندر ۾ درد جو احساس ٿي رھيو ھو. پر مون لاءِ ھن سرڪش عورت کي وسارڻ لاءِ رڳو ايترو ئي ڪافي ھو ته ھوءَ مون کي ڇڏي وڃي ھا، ۽ آءُ کيس اھڙي طرح وساري ڇڏيان ھا، جھڙيءَ طرح سندس موٽي اچڻ کان پوءِ، منھنجي آغوش ۾ ھوندي به، آءُ سندس وجود کان بيخبر بنجي، ويو ھوس. جڏھن ڪا عورت مون کي ڇڏي وڃڻ جي ڳالھه ڪندي ھئي، ته منھنجو پريشان ٿيڻ محبت يا لاڳاپي جي ڪري نه ھوندوھو، بلڪ ان جو سبب منھنجي اِھا خواھش ھوندي ھئي ته مون سان محبت ڪئي وڃي، ۽ اُھو ڪجھه ڏنو وڃي، جنھن جو آءُ پاڻ کي حقدار سمجھندو ھوس. جڏھن مون سان محبت ڪئي ويندي ھئي، تڏھن آءُ انھيءَ گهڙيءَ پنھنجي ساٿيءَ کي وساري ڇڏيندو ھوس _ ۽ اِھو منھنجي ڪاميابيءَ جو بلند ترين ڏاڪو ھوندو ھو، جتي پھچڻ بعد آءُ پسند ڪرڻ جوڳو ماڻھو بنجي ويندو ھوس.

تنھن کان سواِءِ اوھان کي اھو به ٻڌائيندو ھلان ته جڏھن به آءُ ڪنھن محبت کي ٻيھر جيتڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ھوس، ته ان کان پوءِ  جلدئي انھيءَ محبت جي باري کي محسوس ڪرڻ لڳندو ھوس، ڪنھن ڪنھن وقت طبعيت جڏھن گهڻو بيزار ٿيندي ھيم، ته دل ئي دل ۾ چوندو ھوس ته ھن سڄي مسئلي جوسڀ کان سٺو حل اھوئي ٿيندو ته اھا عورت مري وڃي. ان طرح ھڪڙي طرف اسان جي تعلقات ٽٽڻ جي نوبت به ڪانه ايندي، ۽ وري اھي زنجيرون خود بخود ٽٽي پونديون. پر ھرڪنھن جي موت جي تمنا ته نٿي ڪري سگهجي، ۽ نه وري ماڻھو انھيءَ انتھا تي پھچي سگهي ٿو جو سڄي ڌرتيءَ کي غيرآباد بنائي ڇڏي ته جيئن انھيءَ آزاديءَ جو لطف ماڻي سگهي، جيڪا خيال ۽ تصور کان ٻاھر آھي. منھنجي حساس طبيعت ۽ انسانذات سان منھنجي محبت، ٻئي انھيءَ خيال جي خلاف ھيون.

انھن معاملن ۾ جيڪو گهرو جذبو آءُ ڪڏھن ڪڏھن محسوس ڪندو ھوس، سو فقط شڪرگذريءَ جو جذبو ھوندو ھو جنھن موجب، جڏھن سڀ ڪجھه ٺيڪ ٺاڪ ھجي، آءُ چاھيندس ھوس ته مون کي نه فقط آرام ڪرڻ جو موقعو ھجي. بلڪ اچڻ ۽ وڃڻ جي پوري پوري آزادي به ھجي منھنجي فرمدليءَ، خوشمزاجيءَ ۽ مسرت جي انتھا تڏھن ٿيندي ھئي، جڏھن آءُ ھڪ عورت جي بستري تان اُٿي، ٻيءَ عورت جي آغوش ۾ ھوندو ھوس _ ڄڻ ته ڪنھن عورت کان ورتل قرض آءُ مڙني عورتن ۾ ورھائڻ گهرندو ھوس. بھرحال ظاھري طرح منھنجا جذبات کڻي ڪيترا به اڻچٽا ۽ الجھيل ھجن، آءُ انھن مان جيڪو نتيجو حاصل ڪندو ھوس، سو بلڪل صاف ۽ سلجھيل ھوندو ھو: آءُ پنھنجن محبت جي لاڳاپن کي پنھنجيءَ پھچ اندر رکندو ھوس، ته جيئن آءُ انھن کي جڏھن به چاھيان، تڏھن استعمال ڪري سگهان. آءُ خودئي ھن ڳالھه جو اقرار ڪريان ٿو ته آءُ صرف اھڙيءَ ئي شرطي حالت ۾ خوش رھي ٿي سگهيس، جنھن ۾ دنيا جا سمورا فرد، يا تمام گهڻي ۾ گهڻا فرد، ھميشـﮧ جي لاءِ ھر ھڪ کان الڳ ٿي، اھڙيءَ طرح مون ڏانھن رجوع ٿين جو انھن جو پنھنجو ڪوبه جدا وجود نه رھي، ۽ اُھي ڪنھن به وقت منھنجي اشاري تي نچڻ لاءِ تيار ھجن، يا ٻين لفظن ۾، مختصر طرح ائين چئجي ته ھو سڀ اھڙيءَ طرح نڪار ۽ نڪما بنجي وڃن جو جيستائين آءُ مٿن ڪھل کائي مھربانيءَ جي نظر نه ڪريان، ھو ڪجھه به ڪري سگهڻ جي لائق نه ھجن، مطلب ته منھنجي خوش رھڻ لاءِ اھو ضروري ھو ته جن فردن کي آءُ پسند ڪري چونڊيان، انھن جو ڪو زنده وجود ئي نه رھي. کين رڳو منھنجي حڪم سان وقت بوقت زندگي ملندي رھي.

يقين ڪريو ته اوھان کي ائين ٻڌائڻ ۾ آءُ ڪابه تسڪين محسوس نه ڪري رھيو آھيان. آءُ ان زماني جي باري ۾ سوچيان ٿو ته مون تي ھڪڙو عجيب نموني جو احساس طاري ٿيو وڃي _ جڏھن آءُ ھر شي جو طلبگار ھوندو ھوس، جڏھن آءُ ماڻھن جي وڏي تعداد کي پنھنجي خاطرداريءَ لاءِ ٻڌل رکندو ھوس، جڏھن آءُ انھن کي ڄڻ ته ريفريجريٽر ۾ تازو ۽ محفوظ رکندو ھوس، ته جيئن ضرورت ۽ موقعي آھر انھن کي ڪڍي استعمال ڪري سگهان. الائي، انھيءَ قسم جي يادگيريءَ واري احساس کي ڪھڙي نالي سان سڏي سگهجي ٿو! ڇا، اھو شرم جو احساس آھي؟ منھنجا عزيز ھموطن، مون کي ٻڌاءِ، ڇا شرم جو احساس ڏنگ به ھڻندو آھي؟ تڏھن ممڪن آھي ته اِھو شرم جوئي احساس ھجي، يا وري اھمقمپڻي جي انھن احساسن مان ڪو احساس ھجي، جن جو تعلق عزت ۽ معتبريءَ سان ھوندو آھي. بھرحال مون کي ائين ٿو معلوم ٿئي ته اھو بينام قسم جو احساس اُنھيءَ واقعي کان پوءِ منھنجي ذھن مان ڪڏھن به نڪري نه سگهيو، جيڪو واقعو ھاڻي آءُ بنا دير اوھان کي ٻڌايان ٿو، حالانڪ ان کي ٽارڻ لاءِ مون ھيڏانھن ھوڏانھن جي ڳالھين ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، جنھن لاءِ اوھين ضرور مون کي داد ڏيندا.

ڏسو مينھن پوڻ بند ٿي ويو آھي! مھرباني ڪري مون سان گهر تائين گڏجي ھلو. آءُ عجيب نموني جو ٿڪ پيو محسوس ڪريان _ ان سبب ڪري نه جو اوھان سان ايتريون ڳالھيون ڪري چڪو آھيان، بلڪ فقط انھن ڳالھين جي خيال سبب، جيڪي اڃا اوھان کي ٻڌائڻيون اٿم. جي ھا، فقط چند لفظ ئي منھنجي خاص دريافت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿيندا. ھونئن به، وڌيڪ ڳالھين مان ڪھڙو فائدو؟ جڏھن خود مجسمي تان پردو ھٽائي ڇڏجي، ته پوءِ ان بابت تقريرن جي ضرورت نٿي رھي. چڱو، ھاڻي ٻڌو. نومبر جي مھيني ۾ اُنھيءَ شام واري واقعي کان ٻه _ ٽي سال اڳ، جڏھن مون پنھنجي پٺيان ٽھڪن جو آواز ايندو محسوس ڪيو ھو، ھڪ رات آءُ گهرڏانھن موٽي رھيو ھوس. اڌ رات جي مھل کان به مٿي وقت گذري چڪو ھو. ھلڪيون ھلڪيون بوندون وسي رھيون ھيون، جنھنڪري تمام ٿورڙا راھگير به رستي کان ھٽي پئي ھليا. آءُ پنھنجي ھڪ محبوبه وٽان موٽي رھيو ھوس، جيڪا ان وقت تائين پڪ سان ننڊ ۾ الوٽ ٿي چڪي ھوندي.مون کي ھلڻ ۾ گهڻو مزو اچي رھيو ھو. ٿڌ جي ڪري، گم سم ھوس، ۽ رت جو دورو مينھن جي سنھڙيءَ  ڦُڙُ_ ڦُڙُ جيان منھنجي بدن کي سڪون ۽ طروات بخشي رھيو ھو. جنھن وقت پل تان اچي لنگهيس، ڏٺم ته ڪوشخص جنگلي جي سيخن مٿان جھڪي، ھيٺ درياءَ جي پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. مونڏانھن سندس پٺي ھئي. ويجھي ٿيڻ تي ڏٺم ته ڪارا ڪپڙا پھريل، ڊگهي ۽ سنھي، ننڍي نيٽي نينگر ھئي. ڪارن وارن ۽ ڪوٽ جي ڪالر وچان سندس ٿڌي ۽ آليءَ ڳچيءَ جو ڪجھه حصو نظر اچي رھيو ھو، جنھن کي ڏسندي ئي منھنجي بدن ۾ ھڪڙي لھر ڊوڙي ويئي. پر آءُ ھڪڙيءَ ساعت لاءِ ھٻڪئي، اڳتي وڌي ويس. پل جي ڇيڙي وٽان، آءُ پنھنجي گهر ڏانھن ويندڙ رستي تي مڙيس. اٽڪل پنجاھ گزن جي مفاصلي تي، مون ھڪڙو آواز ٻڌو، جو ڪافي پري ھجڻ جي باوجود، آڌيءَ رات جي خاموشيءَ ۾، ھيبتناڪ حد تائين زوردار ھو. اھو آواز، ڪنھن انساني جسم جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو آواز ھو! آءَ ھڪدم بيھي رھيس؛ پر پوئتي نه مڙيس. پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جي آواز سان گڏ ئي فوراً چيخ جو آواز آيو. ھڪٻئي پويان ڪيتريون ئي چيخون، پاڻيءَ جي وھڪ سان گڏجي، پري ٿينديون ويون؛ پوءِ اھي يڪايڪ ختم ٿي ويون، ان کان پوءِ    جيڪو سناٽو ڦھلجي ويو، سو اھڙيءَ طرح اٿاھ ۽ اڻکٽ ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ رات اوچتو بيھي رھي ھئي. مون چاھيو ٿي ته ڊوڙ پائي ڀڄي وڃان، پر ھڪڙو قدم به اڳتي چري نه سگهيس. منھنجو بت ڏڪي رھيو ھو، شايد ٿڌ ۽ ھن اوچتي واردات جي ڪري. مون دل ۾ ويچاريو ته مون کي تمام جلد ھتان ھليو وڃڻ کپي، پر ھڪڙيءَ اَجھل ڪمزوريءَ کي پاڻ تي ڇانئبو محسوس ڪيم. مون کي ياد ناھي ته ان وقت مون ڇا سوچيو ھو. ’گهڻي دير ٿي ويئي .......... گهڻو مفاصلو آھي‘، يا اھڙي ئي قسم جي ڪا ڳالھه ھوندي. آءُ اڃان به بيسرت بنيو، خاموشيءَ ڏانھن ڪن لڳائي بيٺو رھيس. پوءِ، ھوريان ھوريان، آءُ برسات ۾ اڳتي ھلڻ لڳس. مون اِھا ڳالھه ڪنھن کي به ڪانه ٻڌائي.

اجھو منھنجوگهر اچي ويو. منھنجو پناھ گاھ ! سڀاڻي؟ جي ھا، جيڪڏھن اوھين چاھيو. آءُ اوھان کي ’مارڪن‘ جي ٻيٽ تي وٺي ھلندس، جتي اوھين ’زيدرزي‘ دريا جو نظارو ڪري سگهندا. سڀاڻي يارھين بجي اسين ”مئڪسيڪو سٽي“ ۾ ملنداسين. جي؟ ھوءَ ڇوڪري؟ اوه، آءُ ڪونه سڃاڻان. واقعي، آءُ ان کي ڪونه سڃاڻان. ٻئي ڏينھن، ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين مون اخبار به ڪانه پڙھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org