سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: زوال

 

صفحو :1

زوال

مصنف: البر ڪامئو، مترجم:قاضي خادم

ٻه اکر

 

ڇالبرڪامئو، دنيا جي انهن مشهور قلمڪارن ۾ شامل آهي جن پنهنجي تحريرن ذريعي، دنيا جي ادب تي ڇاپ ڇڏي آهي.

ڪامئو، پنهنجي تحريرن ذريعي زندگيءَ کي هڪ مخصوص ڍنگه ذريعي ظاهر ڪرڻ گهريو آهي جيڪو ڍنگ يا ڪامئو جا احساس، زندگيءَ، دنيا  ۽ انسان بابت سندس خيال ۽ فڪر ڪامئو جي فلسفي طور مشهور آهن. هن جيڪي به ليکو آهي اهو دنيا جي ڪيترين ئي  ٻولين ۾ موجود آهي ۽ هر وقت ان کي موجود رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي  آهي، ان ڪري ئي ڪامئو جون تحريرور مارڪيٽ ۾ سدائين حاضر رهيون آهن، اڄ به ان جي ڪتابن جا نوان ۽ تازا ايڊيشن موجود آهن ۽ کيس هر ٽهيءَ جو ماڻهو وڏي اُتساهه وچان پڙهي ٿو.

”زوال“ سندس جگ مشهور ناول”دي فال“ جو ترجمو آهي جنهن کي اسان جي سنڌي زبان جي مشهور اديب قاضي خادم ڪيترو عرصو اڳ ترجمو ڪيو هو ۽ اهو 1965ع دوران ڇپجي سنڌي زبان جي  پڙهندڙن وٽ چڱي مقبوليت ماڻي چڪو هو ۽ هن وقت ڪيتري عرصي کانپوءِ ان جو ٻيو ايڊيشن سنڌي ساهت گهر طرفان آندو پيو وڃي. اسان پنهنجي اداري طرفان ڪوشش ڪنداسين ته اداري طرفان ڇپيل سمورا ڪتاب سدائين مارڪيٽ ۾ موجود رهن ۽ ان کي آئيندي جو هر پڙهندڙ آسانيءَ سان پڙهندو رهي ۽ نون ڪتابن سان گڏ اهي ڪتاب به مارڪيٽ ۾ آندا وڃن جيڪي اسان وٽ اڻ لڀ آهن.

28 مارچ 1992ع                     ناز سنائي

حيدرآباد، سنڌ.

 

انتساب

 

آءُ پنهنجو پيار جو هي پورهيو پنهنجي عزيز بزرگ ۽ هالا پراڻا جي قاضي گهراڻي جي عظيم انسان ۽ عالم مرحوم قاضي غلام محمد جن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو، جنهن نهايت خاموشيءَ سان سڄي عمر علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي جنهن جو مثال سندس اها قيمتي لائبرري آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ديني علم سان واسطو رکندڙ بي شمار املهه نسخا موجود آهن.

  قاضي خادم

 

 

تعارف

 

البرڪامئو1913ع ۾ الجزائر ۾ ڄائو. هن جي ماءُ بريٽن ۽ پيءُ اسپيني هو. ڪجهه وڏو ٿيڻ بعد هو اتر آفريڪا ۾ آيو جتي هن گهڻائي ڪم ڪيا. تنهن کان پوءِ هو فرانس ويو ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. هو جنگ دوران پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو ڦڙت رهيو، ۽ آخر ڪاميٽ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.

جنگ کان اڳي(1939ع) ۾ هن ڪالي گلانالي هڪ ڊرامو لکيو هو، ۽ جنگ جي دوران ’دي آئوٽ سائيڊر‘ ۽ ’لي مٿ ڊي سسٿي‘ لکيائين، جنهن هن کي شهرت بخشي. ان کان پوءِ هن اهڙا ڪتاب لکيا، جن دنيا جي ادب ۾ سندس ڌاڪ وهاري ڇڏي، انهن مان ڪي مشهور آهن، ’دي پليگ‘ (1947ع)، ’ليس جسٽس‘ (1949ع) ’دي ربيل‘ (1951ع) ۽ ’دي فال‘1956ع 1957ع ۾ هن کي ادب جو نوبل پرائز مليو.

جنوري 1960ع ۾ هو ٽرئفڪ جي هڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو.

 

(1)

 

معاف ڪجو، سائين، جيڪڏهن دل ۾ نه ڪريو ته آءُ اوهان کي پنهنجيون خدمتون پيش ڪريان. آءُ ڀانيان ٿو ته اوهين هن معزز گوريلي کي پنهنجي ڳالهه ڪنهن به طرح سمجهائي ڪونه سگهندؤ. هي هتي جي سموري ڪاروبار جي قسمت جو اڪيلو مالڪ آهي، وڻيس ته ٺاهي وڻيس ته ڦٽائي. در اصل هن ويچاري کي ڊچ ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ٻولي ايندي ئي ڪانهي. اوهان کي جن کپي نه؟ اوهين ڪيترو به سمجهايوس، هي اصل ڪونه سمجهندو. جيڪڏهن اجازت ڏيو ته اوهان جي  پاران آءُ کيس چوان. ڏٺؤ، هو منهنجيءَ ڳالهه کي سمجهي ويو. ڪنڌ جو لوڏيائين، تنهن جي معنيٰ ته هن منهنجو اشارو چڱيءَ طرح پروڙيو آهي. اجهو، هاڻي  هو اچي پيو. ڪيڏو نه ڦڙت آهي. اوهين ڏاڍا خوش قسمت آهيو جو هن ڪا بڙبڙ ڪانه ڪئي. نه ته جيڪڏهن ڪنهن کي انڪار ڪرڻو هوندو اٿس ته نهاريندو به ڪونه، رڳو پيو پنهنجي منهن بڙبڙ ڪندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪوبه کيس وڌيڪ چئي ڪونه سگهندو آهي. چوندو به ڪير؟ پنهنجي مزاج جي پاڻ مالڪ هجڻ جو  فائدو رڳو وڏي قسم جا جانور ئي وٺندا آهن. چڱو ڀلا، سائين، آءُ هاڻ هلان ٿو. مون کي خوشي آهي جو آءُ اوهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهيس. وڏي مهرباني، آءُ جيڪر اوهان جي دعوت قبول ڪري اوهان سان گڏ اچي. ويهان، پر ان طرح متان اوهان جي لطف اندوزيءَ ۾ خلل پوي. ڏاڍا ڪي زوراور آهيو! چڱو ڀلا، آءُ پنهنجو گلاس کڻي ٿو اچان.

ها سائين، اوهين ٺيڪ ٿا چئو. هن گوريلي جي اها گونگن واري خاموشي اڳلي کي به ٻوڙو بنايو ڇڏي. هن جي اها ماٺ پراڻي زماني جي گجگاهه ٻيلن واريءَ سانت جيان آهي، جن جي اندر هزارين خطرا لڪل هجن. ڳالهائي ته صفا ڪونه. نه رڳو ايترو بلڪ پنهنجيءَ ڳالهه کي لفظن ذريعي ظاهرڪرڻ واري سڌريل طريقي کان جنهن نموني سان مٽائڻ تي هي ضد ڪندو آهي، تنهن تي مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي. ائمسٽرڊم شهر جي هن شرابخاني ۾ ڪٿان ڪٿان جا، مختلف قوميتن جا ملاح ايندا آهن. جن جي خاطرداري ڪرڻ هن جو ڪاروبار آهي. پر هڪڙي ڳالهه  مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ ڪانه آئي آهي: الائي، هن شرابخاني جو نالو”مئڪسيڪو سٽي“ ڇو رکيو اٿس! اوهين ڪيئن ٿا ڀانيو، هن نموني جي ڌنڌي ۾ ههڙيءَ جهالت جي ڪري ماڻهن کي ڪيڏي نه تڪليف ٿيندي هوندي؟ ٿوريءَ دير لاءِ تصور ڪريو ته”ڪرومئگنن“ دور واري انسان کي جيڪڏهن بابل جي مناري  ۾ قيد ڪري ڇڏجي ته اهو ڇا ڪندو: ضرور هو انهيءَ ٻوسٽ ۾ پاڻ کي ائين محسوس ڪندو، جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر مڇي. پرمزو  وري اهو آهي جو اِن هوندي به هن شخص کي پنهنجي جلاوطنيءَ جي خبرئي ڪانهي. ڪٿان جو ماڻهو، ڪٿي اچي نڪتو آهي! بس، پنهنجيءَ ئي مستيءَ ۾ مگن آهي،  مجال آهي جو ڪنهن ڳالهه جو مٿس اثر ٿئي. هڪڙا ٻه_ٽي ناياب جملا مون ڪڏهن ڪڏهن سندس واتان ٻڌا آهن. چوندو آهي:”اوهان جي مرضي_وڻيو ته وٺو، نه ته هلندا ٿيو!“ ماڻهو ڀلا ڇا وٺي ۽ ڇا ڇڏي؟ ٻئي ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن کي هروڀرو ڪجهه ڇڏڻو ئي پوي، ته پوءِ خود هن همراهه کي ئي ڇو نه ڇڏي ڏئي؟ مون  کي به، سچ پچ، اهڙا جاندار پسند آهن، جن جي اصليت بلڪل ظاهر هجي. ڪوبه شخص، جنهن شوق خاطر يا پنهنجي پيشي خاطر انسان جي خصلتن جو مطالعو ڪيو آهي، سو اعليٰ درجي جي حيوانن سان پنهنجي تعلق کي محسوس ڪرڻ بنا رهي نه سگهيو هوندو. گهٽ ۾ گهٽ، انهن ۾ انسانن جهڙي ٻيائي ته ڪانهي.

سچ پڇو ته اسان جي هن ميزبان جي دل ۾ ڪي اهڙا مفاد ضرور موجود آهن، جيتوڻيڪ  هو انهن کي ڪمال ڪوششن سان لڪايو وتي، هو پنهنجي باري ۾  چيل ڪابه ڳالهه سمجهي نٿو سگهي، تنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرڻ کپي جو منجهس سڀني لاءِ بي اعتمادي  پيدا ٿي پيئي آهي. ظاهري رعب رکندي به ، سندس منهن مان نٿا سمجهو ته هي ڪيتريقدر ذريءَ ذريءَ ڳالهه کي محسوس ٿو ڪري_ڄڻ ته کيس اهو شڪ آهي ته انسان ۾ ضرور ڪا اوڻائي آهي. اهڙيءَ حالت ۾، هن سان ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ، جنهن جو سندس ڪاروبار سان واسطو نه هجي، سا ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مثال طور، دخل جي بنهه پٺيان، جتي هي ويهندو آهي، ڀت تي جيڪو ڪاٺ جو خالي فريم لڳل آهي، تنهن کي ڏسو: اڳي ان ۾ هڪڙي تصوير جڙيل هئي. ڏاڍي دلچسپ، شاهڪار تصوير. آءُ ٻنهي موقعن تي، موجود هوس_جڏهن هن اها تصوير خريد ڪئي، ۽ وري جڏهن اها تصوير وڪيائين. ٻنهي موقعن تي، ساڳيءَ بي اعتماديءَ سان، هن ڪيترن هفتن تائين سوچڻ کان پوءِ ائين ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ اوهين هيءَ ڳالهه ضرور مڃيندا ته هن جي طبيعت جي بيباڪ ساد گيءَ کي بگاڙن لاءِ ڪنهن حد تائين سماج ذميدار آهي:

ائين نه ڀانئجو ته آءُ ڪو هن باري ۾ قطعي فيصلو ڏيئي رهيو آهيان. آءُ رڳو هن جي انهيءَ بي اعتماديءَ کي جائز ٿو سمجهان، ۽ سچ پڇو ته جيڪڏهن منهنجي رلڻي ملڻي_طبيعت_ جنهن جو اوهان کي اندازو ٿي چڪو هوندو_ ان لاءِ  رڪاوٽ نه بڻجي، ته هوند آءُ به ائين ئي ڪريان ها. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي بدقسمتيءَ سان گهڻي ڳالهائڻ جي پٽ آهي، سو جهٽ پٽ ۾ ڪيترائي دوست  بڻايو وٺان. جيتوڻيڪ مون کي ميل ميلاپ جون حدون معلوم آهن، پر تڏهن به ملاقات جو موقعو خير ڪو ڇڏيندو آهيان. جڏهن آءُ فرانس ۾ هوندو هوس، تڏهن ته اهڙي حالت هوندي هيم جو اڃا ڪو ذهين ماڻهو سمجهندو هوم، ته هڪدم ساڻس دوستي پيدا ڪرڻ جو ڪو نه ڪو طريقو پيدا ڪري وٺندو هوس. جيڪڏهن کڻي  ڪو  ان کي بيوقوفي سمجهندو هجي، ته پوءِ....اوهين کلو پيا؟ ها، سائين، ڀلي کلو: اهائي ته منهنجي ڪمزوري آهي_ خوشمزاجي، ۽ دلچسپ گفتگو. يقين ڪريو، آءٌ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڪمزوريءَ تي  ڏاڍي ملامت ڪندو آهيان. مون کي چڱيءَ طرح خبرآهي ته ريشمي ڪڇي پائڻ جومطلب هروڀرو اهو ڪونهي ته ڪو پائڻ واري  جا پير مٽيِءَ هاڻا آهن. تنهن هوندي به، خالص ريشم جيان، ڳالهائڻ جو انداز به اڪثر ڪري خارش کي لڪايو ڇڏي. خير، آءُ پنهنجو پاڻ کي ائين چئي مطمئن ڪندو آهيان ته جيڪي ماڻهو ٻوليءَ جو خون ٿا ڪن، سي به ڪي چڱا مڙس ڪينهن. هاها، ڇو نه_هڪڙو دور اڃا به ٿي وڃي. بس، هڪڙو جام،

اوهين هتي، ائسٽرڊم ۾ ڳچ ڏينهن رهندؤ؟ ڏاڍو سهڻو شهر آهي. ڪيئن؟ ”دلڪش“؟ اهو لفظ مون ڪافي عرصي کان ڪونه ٻڌو آهي. ڪي سال ٿيا، جڏهن کان پئرس ڇڏيو اٿم، اهو لفظ وري ڪونه ٻڌو اٿم پر دل کي وري پنهنجو حافظو آهي، ۽ مون پنهنجي ملڪ جي انهيءَ خوبصورت شهر جي ڪابه شي ڪانه وساري آهي. اتي جا بندرگاهه ته هر وقت دل تي نقش آهن.

پئرس ته نموني نموني جي تماشن جو هڪڙو مرڪز آهي_پتلين جي ناچ لاءِ بنايل هڪڙو عظيــــم الشان اسٽيج، جيڪو چاليهه لک پاڇولن سان آباد آهي. گذريل آدمشماريءَ ۽ اهو تعداد پنجاهه لکن تائين پهچي ويو هو؟ ڏاڍي تڪڙي واڌ ٿي آهي. پر مون کي ان تي  ڪو به عجب نٿو لڳي. مون سدائين ائين ڏٺو آهي ته  اسانجن شهر واسين کي رڳو ٻه شوق آهن: ذهني ۽ جسماني عياشي_خيال پرستي ۽ زناڪاري. سوبه ائين ئي، بنا ڪنهن مقصد جي . خير، تنهن هوندي به انهن کي  لوئڻ نه گهرجي؛ ڇو ته رڳو هو ئي انهيءَ خيال ۾ ڪينهن، بلڪ سڄو  يورپ ساڳيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته آءُ سوچڻ لڳندو آهيان ته ايندڙ زماني جا مورخ اسان لاءِ ڇا چوندا. جديد انسان لاءِ ته رڳو ٻه فقرا ئي ڪافي ٿيندا:”هن خوب زناڪاري ڪئي، ۽ رات ڏينهن اخبارون پڙهيون“! اهڙيءَ جاندار وصف کان پوءِ، منهنجي خيال ۾، جديد انسان جي  باري ۾ وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ڪابه گنجائش ڪانه رهندي.

پر منهنجو اشارو ڊچ قوم ڏانهن ڪونهي: اهي ته اڃا ايتريقدر جديد ڪينهن! ڏسجي، اڃا وقت پيو اٿن. هي ڪندا ڇا آهن؟ هي ڪندا ٻندا ڪجهه ڪونه آهن، رڳو هُتي رهندڙ عورتن جي ڪمائيءَ تي هتي گذارو ڪندا آهن. تنهن کان سواءِ هي سڀ، مرد توڙي عورتون، بلڪل وچولي طبقي جي مخلوق آهن، جيڪي رڳو ڏند  ڪٿائن جو شوق  ۾ يا بيوقوفيءَ وچان هتي هليا آيا آهن. ٻين لفظن ۾، ائين کڻي چئجي ته حد کان وڌيڪ تصور، يا تصور جي ڪوتاهي کين هيڏانهن گهليو اچي. ڪڏهن ڪڏهن هي چڱا مڙس پاڻ ۾ ٿوري ڇري بازي به ڪندا آهن، ۽ پستول به هڻندا آهن، پر ان مان ائين نه سمجهجو ته کين ان ڳالهه جوڪو خاص شوق آهي. در اصل اهو سڀڪجهه کين ائين ئي ڪرڻو ٿو پوي، جيئن اسٽيج جو ڪو ائڪٽر پنهنجو پارٽ ادا ڪندو آهي: سو به اهڙيءَ طرح، جو پستول ڪنهن ٻئي کي هڻندا، ۽ ڊپ ۾ مرندا وري پاڻ آهن. انهن مڙني ڳالهين هوندي به آءُ کين ٻين اهڙن ماڻهن جي  ڀيٽ ۾ وڌيڪ چڱو ٿو سمجهان، جيڪي پنهنجي خاندان جي سيني جو ناسور بنجي، ان کي تباهه ڪريو ڇڏين. اوهان ڪڏهن ائين محسوس نه ڪيو آهي ته اسان جي سماج جي جوڙجڪ اهڙي ئي قسم جي خاتمي لاءِ عمل ۾ آندي وڃي ٿي؟ اوهان برازيل جي درياهن جي انهن ننڍڙين ننڍڙين مڇين بابت ضرور ٻڌو هوندو، جيڪي بيخبريءَ سان ترندڙ ڪنهن ماڻهوءَ تي هزارن جي تعداد  ۾ مڙي، اوچتو حملو ڪري ڏينديون آهن، ۽ چند گهڙين جي اندر ئي پنهنجن ننڍڙن ڏندن سان ان جو سمورو ماس پٽي، هڏن جو صاف پڃرو ڇڏي وينديون آهن. خير، اهو آهي انهن مڇين جو سماجي نظام. ڇا، اوهين هڪ  صاف سٿري زندگي گذارڻ چاهيو. ٿا؟ ٻين سڀني جهڙي؟ اوهين چئو ٿا، ”ها“. ٺيڪ آهي، ڀلا ڪير چوندو ته ”نه“ . چڱو، هاڻي صاف سٿري زندگي ٿي شروع ٿئي. هيءَ آهي اوهان لاءِ هڪڙي نوڪري، هي آهن اوهان جا ٻار ٻچا، ۽ هي آهن اوهان جي فرصت جا باقاعدي وقت. بس، هاڻي ننڍڙين مڇين جون ڏنديون اوهان جي ماس ۾ داخل ٿيڻ لڳنديون، ۽ سڌيون هڏن تائين پهچي وينديون. پر آءُ شايد بي انصافي ڪري رهيو آهيان. ان کي مڇين جي تنظيم چوڻ غلط ٿيندو: اها تنظيم اسان جي ئي آهي. ڏسڻو رڳو هي آهي ته ڪير ٿو ڪنهن کي پهرين ختم ڪري.

اجهو، پنهنجو  ٻيو جام به اچي ويو_ اوهان جي  خوشحاليءِ جو جام. ڏٺو اوهان؟ گوريلي مون کي ”ڊاڪٽر“ سڏڻ لاءِ پنهنجا چپ کوليا هئا. هنن ملڪن ۾ هرڪو ڊاڪٽر آهي، يا پروفيسر. هنن ماڻهن کي پنهنجي طرفان ٻئي لاءِ عزت ظاهر ڪرڻ جو شوق آهي، ڪجهه اخلاقي طرح، ۽ ڪجهه انڪساريءَ جي  ڪري. گهٽ ۾ گهٽ هنن ماڻهن وٽ حقارت جو جذبو قومي مزاج جو جزو نه آهي. هونئن آءُ ڊاڪٽر ڪونه آهيان. اوهين ڄاڻڻ ٿا گهرو، ته ٻڌايان ٿو. هتي اچڻ کان اڳ آءُ هڪڙو وڪيل هوس؛ پر هاڻي هڪڙو ”شرمسار جج“  آهيان.

پر اجازت ڏيوم ته چڱيءَ طرح پنهنجو تعارف ڪرايان: هن خادم کي ”زان_بئپٽيسٽ ڪلئمنس“ چوندا آهن. اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. اوهين پڪ سان واپاري ٿا ڏسجو؟ ”ڪنهن طرح“؟ واه جو جواب ڏنو اٿو! ڏاڍو عقلمنديءَ جو جواب آهي اهو: سچ پچ ته اسين مڙني ڳالهين ۾ ”ڪنهن طرح“ ئي آهيون. هاڻي مون کي ٿوري جاسوسي ڪرڻ جي اجازت ڏيو. ڪنهن طرح اوهين منهنجا همعمر آهيو، ۽ اوهان جون اکيون هڪڙي اهڙي چالهين سالن جي ماڻهوءَ جون جهانديده اکيون آهن، جنهن ڪنهن طرح گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي. اوهين ڪنهن طرح پوشاڪ به ڏاڍي عمدي ٿا پايو، يعني جيئن عام طرح پنهنجي ملڪ جا  ماڻهو پائيندا آهن. اوها جا هٿ به چڱا نرم ٿا ڏسجن: اوهين ڪنهن طرح خانداني امير آهيو. ليڪن مهذب امير! اوهين انهيءَ لفظ تي مرڪي رهيا آهيو، تنهن مان ته پاڻ اوهان جي مهذب هجڻ جو ٻيڻو ثبوت ٿو ملي؛ ڇاڪاڻ ته هڪڙو ته اوهين اصل ڳالهه کي تاڙيو وڃو، ۽ ٻيو ته پاڻ کي ان کان آجو سمجهي، مرڪيو ڏيو. اوهان جي باري ۾ منهنجو آخري اندازو اهو ئي آهي ته منهنجيون ڳالهيون اوهان کي  مزيدار ٿيون لڳن؛ ۽ جيڪڏهن اوهين ان کي اجايو وڌاءُ نه سمجهو، ته اِها ڳالهه ڏيکاري ٿي ته اوهين ڪافي فراخدل آهيو. مطلب ته اوهين ڪنهن طرح.....خير، ڇڏيو ان ڳالهه کي. ڪاروباري ڳالهيون مون کي فرقيوارنه معاملن کان به گهٽ لطف ڏينديون آهن. اجازت ڏيو ته هڪڙا ٻه سوال ٻيا به پڇانو. پر جيڪڏهن نامناسب سمجهو، ته ڀلي ڪوبه جواب نه ڏجو. ڪا ڌن دولت اٿو؟ ”ٿوري گهڻي“؟ ٺيڪ آهي. ڪڏهن پنهنجي انهيءَ دولت ۾ غريبن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو اٿو؟ نه؟ تڏهن چئبو ته اوهين”سدوسي“· آهيو. جيڪڏهن اوهين مقدس ڪتابن کان اڻواقف آهيو ته پوءِ  اوهان کي ان جو مطلب سمجهائڻ مشڪل آهي. ڇا، اوهين سمجهو ٿا؟ يعني اوهين مقدس ڪتابن مان واقف آهيو؟ يقيناً، اوهين تمام دلچسپ ماڻهو آهيو.

باقي منهنجي باري ۾، سو اوهين پاڻ اندازو لڳايو. قدبت ڏسوم، ڪلهن جي هيءَ بيهڪ، ۽ اِهو منهن، جنهن جي ڪري اڪثر دوست شرميلو چوندا اٿم، انهن مڙني ڳالهين مان آءُ شايد ڪو فٽبال جو رانديگر ٿو ڏيکارجان. ڪيئن ٿا ڀانيو؟ پر جيڪڏهن ڪو مون کي گفتگو مان پرکيندو، ته اهو مون کي ڪافي سمجهدار ماڻهو سمجهندو. جنهن اُٺ جي ڏاس مان منهنجو هيءُ اوورڪوٽ ٺهيل آهي، تنهن کي خارش جي بيماري هجي ته هجي، باقي منهنجا ننهن ته ڏسو، ڪيڏيءَ نه نفاست سان ڪٽيل آهن. هونئن ته آءُ به ڏاڍو سياڻو ۽ پڪو آهيان، پر تڏهن به جو اوهان کي بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجو رازدار بنائي رهيو آهيان، سو رڳو اوهان جي مزيدار مهانڊي جي ڪري . پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي باري ۾ هيءَ ڳالهه به ٻڌائي ڇڏيانوُ ته پنهنجين مڙني عاليشان عادتن ۽ اعليٰ گفتگو جي باوجود، آءُ زيجڪ گوديءَ تي ملاحن جي شرابخانن ۾ گهڻو ايندو ويندو آهيان. ٺهيو، ڇڏيو ان ڳالهه کي، اوهين اندازو ڪونه لڳائي سگهندا. منهنجو ڌنڌو ئي ٻطرفو آهي، ئي اوهان کي ٻڌايو آهي ته آءُ شرمسار جج آهيان. منهنجي باري ۾ هڪڙي ڳالهه بلڪل صاف آهي: اها هيءَ ته مون وٽ ڪابه ملڪيت ڪانه آهي. ها، ڪڏهن آءُ دولتمند هوس. نه سائين، مون ڪڏهن به ان ۾ غريبن کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو. جي ها، ان مان ثابت ٿيو ته آءُ به ’سدوسي‘ هوس.....ترسو؛ اوهين بندرگاهه تي ڪوهيڙي جي چتاءَ جو گهنڊ ٻڌي رهيا آهيو؟ اڄ رات سخت پارو پوندو.

وڃوٿا؟ هينئرئي؟ معاف ڪجو، مون اوهان جو ڪافي وقت سيڙايو آهي. ڇڏيو سائين، بل آءُ پاڻيهي ڏيندس. هي مئڪسيڪو جو شهر ڄڻ منهنجو گهر آهي، ۽ سچ پچ ته اڄ اوهان جي خاطرداري ڪري، آءُ  ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. جي ها، سڀاڻي شام جو آءُ ضرور ايندس. هونئن به آءُ شام جو هر روز هتي ايندو آهيان. اوهان جي دعوت قبول، مون کي ان مان ڏاڍي خوشي ٿيندي. ڇا چيوَ، اوهان کي پنهنجي رهائشگاهه تائين موٽي وڃڻ جو رستو معلوم ڪونهي؟ اوهان کي اعتراض نه هجي ته پوءِ ان جو سڀ کان سولو طريقو هيءُ ٿيندو ته آءُ پاڻ اوهان سان بندرگاهه تائين گڏجي هلان. اتان يهودين واري پاڙي وٽان ٿيندا، اوهين اڳتي انهن خوبصورت گهٽين ۾  پهچندا، جتي گلن سان جنهجهيل ٽرامون، شور ۽ گوڙ مچائيندويون، تيزيءَ سان  پئيون اچن ۽ وڃن. انهن ئي گهٽين مان هڪڙيءَ وڏيءَ گهٽيءَ ۾ اوهان جي هوٽل”ڊئمراڪ“ آهي. ڀلا، اڳتي. آءُ يهودين جي پاڙي ۾ رهندو آهيان. اسانجن هٽلري ڀائرن جي اچڻ کان اڳ تائين هن پاڙي جو اهو ئي نالو هو. پوءِ انهن هن کي ڪجهه صاف ۽ ڪشادو بنائي ڇڏيو. صفائي به صفائين جهڙي ڪيائون! پنجهتر هزار يهودي قتل ۽ ملڪ بدر ٿيا: ان کي چئبو آهي ميدان صفا! آءُ ان قسم جي سرجوشيءَ ۽ ان قسم جي باضابطي برداشت جو قائل آهيان. جڏهن ماڻهوءَ وٽ ڪردار جي  قوت نه هوندي آهي، تڏهن کيس پنهنجي مطلب سڌ ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني جي خاص ڍنگ جي ضرورت ٿيندي آهي. هتي اهڙو انتهائي ڪمال ڏيکاريو ويو، جنهن کان ڪو به انڪاري ڪونه ٿيندو؛ ۽ هن وقت آءُ اهڙي تاريخي هنڌ تي رهان ٿو، جتي تاريخ جو هڪ عظيم ترين جرم عمل ۾ آندو ويو. ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو آءُ گوريلي ۽ ان  جي بي اعتماديءَ کي  سمجهي سگهان ٿو؛ ۽ ساڳئي وقت آءُ پنهنجيءَ طبيعت جي هر انهيءَ خواهش کي دٻائي سگهان ٿو، جيڪا کيس قدرتي  طرح پسند هوندي آهي. آءُ جڏهن به ڪو  نئون چهرو ڏسندو آهيان، ته پنهنجي اندر مان ڪا شيءِ مون کي هڪدم خبردار ڪندي آهي: تڪڙ نه ڪر، اڳيان خطرو اٿئي! پوءِ، جيتوڻيڪ طبيعت تي ان جي ڪشش تمام شديد اثر ڪندي آهي، پر آءُ تڏهن به احتياط کي هٿان نه ڇڏيندو آهيان.

اوهان کي معلوم آهي ته جڏهن انتظامي ڪاررواين جو دور آيو، تڏهن ڪهڙي  حالت ٿي؟ منهنجي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي جرمن آفيسر هڪڙيءَ ضعيف ماءُ کي تمام عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته هوءَ پنهنجن ٻن پٽن مان ڪهڙي  کي عيوضي طور گوليءَ سان مارائڻ پسند ڪندي؟ ڪيئن ٿا ڀانيو:”مارائڻ پسند ڪندي“! اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا؟ پوءِ آفيسر خود ئي هڪڙي کي پسند ڪيو. گوليءَ جو آواز ٿيو، هڪڙي چيخ اُڀري_ ۽ ماءُ ڏسندي رهجي ويئي. خير، رڳي اها هڪڙي ڳالهه ڪانه آهي، پر اوهين يقين ڪريو ته هر قسم جي حيرت ۽ تعجب جي ڳالهه هن دنيا  ڀر ممڪن آهي. آءُ هڪڙي اهڙي نيڪدل شخص کان واقف آهيان، جنهن جي دل ۾ ٻيائيءَ ۽ بي اعتماديءَ جو ذرو به ڪونه هو. هو بيحد امن دوست ۽ آزادي پسند هو، ايتريقدر جو انسان ته انسان، حيوانن کي پيار ڪندو هو. هو سچ مچ ته هڪڙو غيرمعمولي انسان، بلڪ فرشتو هو. يورپ جي گذريل مذهبي لڙائين واري وقت ۾، هو لڏي وڃي پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهيو. پنهنجي گهر جي دروازي تي هن هيٺيان لفظ هڻي ڇڏيا:”اوهين ڪٿان به ايندا هجو، هن گهر کي پنهنجو سمجهي، اندر هليا اچو.“ خبر اٿو، هن پر خلوص دعوت کي ڪنهن قبول ڪيو؟ ملٽريءَ وارن، جيڪي هن جي گهر ۾ بيڌڙڪ داخل ٿي ويا، آرام ڪيائون، ۽ سنگين سان سندس آنڊا ڪڍي ڇڏيائون !


·  سدوسي (Sadducee)_ قديم يهودي فرقي جو هڪڙو شخص، جو قيامت جي پڇاڻي کي ڪونه مڃيندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org