(6)
آءُ شرمسار آھيان، جو اوھان جي اچڻ تي کٽ تي پيو آھيان. ڪا خاص
ڳالھه ڪانھي بس معمولي تپ آھي، جنھن جو علاج جن
سان پيو ڪريان. ھاڻ آءُ انھن دورن جو عادي ٿي ويو
آھيان. مليريا آھي. انھن ڏينھن کان ان جو شڪار
آھيان، جڏھن پوپ ھوندو ھوس. اڙي آءُ ته چرچو ڪري
رھيا آھيو. اھوئي ته منھنجي ڳالھين مان سچ کي ڪوڙ
کان جدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. آءُ مڃان ٿو. اوھان
ٺيڪ پيا سوچيو.آءُ پاڻ ........... ڳالھه ھيءَ آھي
ته ڪنھن زماني ۾ ھڪ اھڙي شخص کي سڃاڻندو ھوس، جنھن
انساني نسل کي ٽن حصن ۾ وراھيو ھو. ھڪڙو قسم انھن
ماڻھن جو، جي ڪوڙ ڳالھائڻ کان ان ڳالھه جا پيرو
ھجن ته ڪا ڳالھه راز ۾ ئي نه رکن. ٻيو قسم انھن
ماڻھن جو جيڪي لڪائڻ جي قابل ڪا ڳالھه نه رکڻ تي
ڪوڙ ڳالھائڻ کي ترجيح ڏين ۽ ٽيو قسم انھن ماڻھن
جوجيڪي ڪوڙ ڳالھائڻ به پسند ڪن ۽ ڳالھين کي لڪائڻ
به. ھاڻ ھي فيصلو اوھان تي ٿو ڇڏيان ته منھنجو
شمار ڪھڙن ماڻھن ۾ ٿيندو .
پر مون کي ان جي ڪابه پرواھ ڪانھي. ڇا سڀ ڪوڙيون ڳالھيون آخرڪار
سچ ڏي نٿيو وڃن! ۽ ڇا منھنجا ھڙئي قصا، سچا يا
ڪوڙا ان نتيجي ڏي نٿا وڃن؟ ڇا انھن سڀني جو مفھوم
ھڪ ئي نه آھي؟ پوءِ ان سان ڪھڙو واسطو ته ھو
ڪوڙيون آھن يا سچيون؟ جڏھن ڪ ٻنھي صورتن ۾ ھو
اھوئي ٿيون ٻڌائن ته مان ڇا ھوس ۽ ڇا آھيان. ڪڏھن
ڪڏھن سچي ماڻھو جي مقابلي ۾ ڪوڙي ماڻھوءَ جو اندر
وڌيڪ صاف طرح ڏسجي سگهجي ٿو. سچائي تيز روشنيءَ
جيان اکين ۾ چمڪ پئدا ڪيو ڇڏي. ان جي ابتڙ ڪوڙ پرھ
ڦٽيءَ جي ان ٿڌي روشنيءَ جيان آھي، جا ھر شي جو
مزو ٻيڻو ڪيو ڇڏي. خير اوھان انھن ڳالھين کي جيئن
وڻيوَ سمجھو پر ڳالھه ايتري آھي، ته قيدن جي ھڪڙي
ڪئمپ ۾ منھنجو نالو پوپ رکيو ويو ھو.
مھرباني ڪري ويھي رھو. اوھين ھن ڪمري جو جائزو وٺي رھيا آھيو.
خالي ڪمرو آھي پر پاڪ ۽ صاف آھي. بلڪل ور ميٽر جي
تصوير آھي، جنھن ۾ نه ٽامي جا ٿانو نه فرنيچر،
ايتري قدر جو ڪتاب به ڪونھن. ڇو جو الاھي وقت ٿيو
مون پرھڻ ڇڏي ڏنو آھي. ھڪڙو وقت ھو جڏھن منھنجو
گهر اڌ پڙھيل ڪتابن سان ڀريل ھوندو ھو. ڪتابن کي
اڌ پڙھيل ڇڏي ڏيڻ ايتروئي مڪروه ڪم آھي جيترو لذيذ
ڪواب جو ھڪڙو ٽڪرو کائي باقي حصو اڇلائي ڇڏڻ.
بھرحال ھاڻ مون کي سواءِ اعترافن جي ٻيو ڪوبه ڪم
ڪونھي. اعترافن جا ليکڪ ان ڪري اعتراف لکندا آھن،
جو خاص طرح اعترافن سان ننڍپڻ جي ڪا اھڙي ڳالھه نه
چون جا کين معلوم ھجي. جنھن وقت اھي ماڻھو بقول
خود ڏاڍا تڪليفن وارا اعتراف ڪندا آھن، ھنن کي غور
سان ڏسو ته خبر پوندي ته ھو دراصل مرده جسمن کي
لباس پارائي رھيا آھن. يقين رکو مون کي خبر آھي ته
ڪھڙي شيءِ لاءِ ڳالھائي رھيو آھيان. ان ڪري مون
پڙھڻ جو شوق ئي ختم ڪري ڇڏيو، نه ڪتابن جي گهرج
اٿم نه ئي ٻين نڪمين شين جي. بس ڪي اڻ ٽر ضرورتون
جي تابوت وانگيان اجريون ، چمڪندڙ ۽ صاف ھجن. ان
کان سواءِ، ھي ڊچ نموني جو ھنڌ ۽ ھي انھن جون
ايتريون اجريون چادرون انھن تي جان ڏيندي ماڻھو
ائين محسوس ڪندو آھي، ڄڻ ھن وقت کان پھرين ئي ڪفن
پھري ڇڏيو ھجي، ۽ ڄڻ ھن پاڪيزگيءَ جي حالت ۾ حنوط
ڪيو ويو ھجي.
اوھان منھنجي پاپائي مھمن ۽ ڪارواين جي باري م حيرت ۾ آھيو! ڪا
غير معمولي ڳالھه ڪانھي. مون ۾ ايتري طاقت آھي، جو
انھن کي اوھان جي آڏو بيان ڪري سگهان. بخار لھي
پيو. ڏاڍي پراڻي ڳالھه آھي. ان وقت جي آفريقه جو
قصو آھي. جڏھن خدا ڀلو ڪري جنرل روميل جو، جنھن جي
ڪري ھتي جنگ جي بٺي پئي ٻري. گهٻرايو نه آءُ ان
جنگ ۾ شامل ڪونه ھوس. آءُ ته يورپ جي جنگ ۾ شامل
ٿيڻ کان به بچي ويو ھوس. فوج ۾ ڀرتي ته ضرور ٿي پر
ڪڏھن به محاظ تي ڪونه وڃڻو پيم، ھڪ طرح سان مون کي
ان جو افسوس به آھي. ممڪن آھي ته گهڻئي ڳالھيون
بدلجي وڃن. فرانسي محاظ تي منھنجي ضرورت ڪانه ھئي
_ مون کي رڳو پسپائيءَ جي موقعي تي واپس موٽڻ جو
حڪم ڏنو ويو ھو_ ڪجھه ڏينھن کان پوءِ آءُ پيرس
موٽي آيس ۽ گڏوگڏ جرمن به اچي ويا. تحريڪ مذاحمت
مون کي پاڻ ڏي مائل ڪري رھي ھئي. ان تحريڪ جو
ماڻھن ۾ چوٻول ٿي رھيو ھو _ جنھن وقت مون تي ھي
انڪشاف ٿيو ته آءُ خاصو محب وطن ماڻھو آھيان _
اوھان مرڪي رھيا آھيو؟ نه اوھين غلطيءَ تي آھيو _
مون اھا ڳولا شنلي اسٽيشن تي ميٽرو جي لنگهن ۾ ڪئي
ھئي، ۽ اتي ئي خبر پئي ھوم. ھڪڙو ڪتو ڪٿان ڀٽڪي
انھن مونجھاري وارن رستن تي اچي پھتو ھو. مضبوط
سھڻو ڪتو ھرھڪ جي ٽنگ ۾ وچڙي رھيو ھو. ڪتن سان مون
کي ھميشه کان محبت رھي آھي. مون ان ڪتي کي ويجھو
سڏيو. پھرين ته ھو ھٽڪيو آخرڪار مانوس ٿي پڇ
لوڏيندو منھنجي آڏو اچي بيٺو. انھيءَ وقت ھڪ
نوجوان جرمن سپاھي جو تيز تيز ھلي رھيو ھو. منھنجي
ڀر مان لنگهيو ۽ ڪتي جي ويجھو پھچي ھن جي مٿي تي
ھٿ ڦيرايائين ۽ ڪتو به ماٺ ڪري سندس پٺيان ھليو
ويو. ان وقت جرمن لاءِ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ مون محسوس
ڪئي، تنھن مون کي احساس ڏياريو ته اھو حب الوطنيءَ
جو جذبو آھي. جي ڪتو ڪنھن فرانسسيءَ سان گڏ وڃي
ھا، ته مون کي ڪوبه احساس نه ٿئي ھا پر ان جي ابتڙ
مون ڪتي جا دوستاڻا تعلقات جرمن فوج لاءِ ھڪ نيڪ
فال سمجھيا، ۽ ان خيال مون کي ڪاوڙ ۾ آڻي ڇڏيو ۽
اھو منھنجي وطن پرستيءَ جو پڪو ثبوت ھو. مزاحمتي
تحريڪ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاکڻي حلقي
وارن سان مليس، پر اتي پھچي حقيقت جي خبر پيم: ته
ڏڪي ويس. اھا مھم مون کي ڪي قدر مجنونانه يا ائين
کڻي چئو ته ’روماني‘ لڳي. مون خاص طرح سان محسوس
ڪيو ته ان طرح جي زمين دوز ڪارروائي نه ته منھنجي
مزاج جي مطابق آھي ۽ نه منھنجي کليل بلنديءَ جي
ايرادن جي مطابق. مون کي ائين لڳو ڄڻ مون کي ڪنھن
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ڪپڙا اُڻڻ لاءِ پيو چيو
وڃي. جتان ڪي وحشي انسان مون کي ڳولي ڪڍندا ۽ ٻي
ڪاري ڪوٺيءَ ۾ موڪليندا، ۽ ماري ماري منھنجو
ڪچومبر بڻائيندا. آءُ انھن ماڻھن جي بھادريءَ جو
معترف ضرور ھوس جن زمين دوز تحريڪن ۾ پنھنجا جوھر
ڏيکاريا پر انھن جي تقليد ڪرڻ منھنجي وس کان ٻاھر
ھئي.
مطلب ته آءُ لنڊن پھچڻ جي مبھم ايرادي سان اتر آفيڪا وڃي پھتس.
پر آفريڪا ۾ صورتحال صاف ڪانه ھئي. سڀئي اخلاقي
پارٽيون پنھنجي پنھنجي جاءِ تي حق تي پئي نظر
آيون. مان سڀن کان جدا رھيس. اوھان جي منھن مان
ائين پيو لڳي ڄڻ آءُ گهڻين ئي خاص ڳالھين جي تفصيل
ٻڌائڻ کان پاسو ڪري رھيو آھيان. ممڪن آھي ائين
ھجي، پر اوھان سان چڱيءَ طرح واقف ھجڻ ڪري آءُ اھو
تصور ڪرڻ لڳو آھيان، ته جن ڳالھين جو ذڪر آءُ به
ڪندس اھي اوھان کي خودبخود سمجھه ۾ اچي وينديون.
بھرحال آءُ ٽيونشيا پھتس، جتي ھڪ دوست مون کي ڪجھه
ڪم ڏياريو. اھا دوست ھڪ نھايت ئي ذھين عورت ھئي،
جا فلمن ۾ ڪم ڪري رھي ھئي. آءُ ان سان گڏ ٽيونس
ويس. الجزائر جي ڪناري تي اتحادي فوجن جي پھچڻ
توڻين مون کي ھن جي حقيقي سرگرمين جي خبر پئجي نه
سگهي. انھيءَ ڏينھن ھوءَ جرمنن ھٿ گرفتار ٿي، ۽ ان
سان گڏ آءُ به بنا ڪنھن ايرادي جي ٻڌجي ويس. مون
کي خبر ڪانھي ته ھن جي ڪھڙي حالت ٿي جيستائين
منھنجو تعلق آھي مون کي ڪابه تڪليف ڪانه ٿي. ۽
گهڻي پريشانيءَ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته منھنجي
گرفتاري رڳو حفاظتي اقدام جي تحت ڪئي وئي آھي.
اسين تري پوليءَ جي ھڪ ڪيمپ ۾ نظربند ھواسين. جتي
دشمن جي سفاڪيءَ کان وڌيڪ اڃ ۽ غربت اسان کي تنگ
ڪيو. آءُ اوھان جي آڏو اھي تفصيل ڪونه بيان ڪندس.
ڇو جو ھن صديءَ جي نسل کي اھڙي قسمن جي جڳھين جو
تصور ڪرڻ لاءِ ڪنھن خاڪي يا تصوير جي ضرورت نه
آھي. اڄ کان ڏيڍ سو سال پھرين ماڻھو ڍنڍن ۽ جھنگلن
کي ڏسي جذباتي ٿي ويندا ھوا. پر اڄ اسان وٽ رڳو
ڪال ڪوٺڙين جي شعريت وڃي رھي آھي. ان ڪري تفصيل
اوھان جي تخيل جي حوالي ٿو ڪريان. اوھان کي رڳو
چند جزا وڌيڪ ملائڻا پوندا. جيئن، گرمي، آس، ۽
ٻرندڙ سج، ريتي ۽ پاڻيءَ جي گهٽتائي.
مون سان گڏ ھڪڙو فرانسسي ھو جو پڪي عقيدي وارو ماڻھو ھو. يقيناً
جناب ھي بلڪل پرين جي ڪھاڻي پئي لڳي. ھو فرانس مان
ان ايرادي سان اسپين آيو ھو ته محاظ تي جنگ ۾ حصو
وٺندو، پر ڪيٿولڪ جنرل ھن کي نظربند ڪري ڇڏيو، ۽
جڏھن ھن فرانڪو جي ڪئمپ ۾ ڏٺو ته فرانڪون جون
فوجون پاپائي روم جون دعائون پيون حاصل ڪن، ته ھو
شديد مايوس ٿي ويو. ان مايوسيءَ کان نه کيس آفريقا
جو اھو آسمان نجات ڏيارائي سگهيو، جنھن جي ھيٺان
ھو اسپين ڇڏي پھتو ھو، ۽ نه ڪئمپ جون فرصتون ھن جي
ڏک کي بھلائي سگهيون. پرڪجھه ته غور ۽ فڪر ۽ ڪجھه
بي پناھ گرميءَ ھن جي ڪا ڪل ٿيڙي ڇڏي. ھڪ ڏينھن
جڏھن اسين ڏھ ماڻھو ھڪ خيمي ۾ ڄڻ پگهريل شيھي ۾
غرق ويٺا مکين جي ڀڻ ڀڻ کان تنگ ٿي رھيا ھواسين،
ته ھن پاپائي روم جي متعلق (جنھن کي ھو رڳو رومن
چوندو ھو) سخت خراب. اکر چيا. ھفتي کن جي وڌيل
ڏاڙھيءَ سان ھن اسان سڀني تي ھڪ وحشياني نظر وڌي.
ھو چيلھه تائين اگهاڙو ھو، ۽ ھن جو سڄو بدن پگهر ۾
شم ھو. پنھنجي ٻاھر نڪتل پاسراٽين تي زور سان ڌڪ
ھڻندي ھن ھڪ نئين پوپ جي ضرورت تي زور ڏنو. ”اھڙو
پوپ جو تخت تي ويھي دعائون ڏيڻ جي بجاءِ مصيبت
زدھن جي زندگيءَ ۾ شرڪت ڪري سگهي، ۽ اھڙي پوپ جي
چونڊ جلد ٿيڻ کپي.“ ’ھا‘ ھن وحشت زده نگاھن سان
ڏسندي چيو، ”تمام جلد ٿيڻ کپي.“ اوچتو ھو ماٺ ٿي
ويو. ۽ آھستي وري چوڻ لڳو.“ اسان کي اھو پوپ پاڻ
مان چونڊڻ کپي. اسان کي کپي ته ھڪ ماڻھوءَ کي ھن
سڀني سٺاين ۽ خرابين سميت قبول ڪندي چونڊيون، ۽ ھن
سان وفادار رھڻ جو عھد ڪريون. رڳو ھڪ شرط تي ته ھو
اسان جي مصيبت جي گڏيل احساسن کي پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾
قائم رکندو. اسان جي وچ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمزويون
رکندڙ انسان ڪھڙو آھي؟“ ھن پڇيو. مون چرچي ۾ ھٿ
کنيو. آءُ اڪيلو ئي ھوس جنھن هٿ کنيو ھو. ”ٺيڪ آھي
زان باپتيست ٺيڪ آھي.“ نه، ھن اھي اکربلڪل ڪونه
چيا ھوا. ڇو جو تن ڏينھن منھنجو نالو ٻيو ھو. ھن
اعلان ڪيو ته پنھنجي غلطين جو اعتراف ڪري، مون
جھڙيءَ طرح پنھنجو پاڻ کي پيش ڪيو ھو، اھا بجاءِ
خود ھڪ اونچي ڳالھه ھئي. ان ڪري مون کي چونڊيو
وڃي. ٻين به چرچي ۾ ان جي تائيد ڪئي. پر ان چرچي ۾
به سنجيدگي ھئي. سچي ڳالھه ته ھيءَ آھي، ته ان
چرچي اسان کي چڱو متاثر ڪيو ھو، ۽ مون کي ائين پئي
لڳو ڄڻ آءُ به ان مسئلي تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري
رھيو ھجان. شروع ۾ منھنجو خيال ھو، ته اسان جو
ننڍڙو پيغمبر حق بجانب ھو. ٻيو تپجندڙ سج، محنت ۽
پاڻيءَ جي گهرج جي ڪري، اسين ٺيڪ ذھني حالت ۾ به
ڪونه ھواسين. بھرحال، مون کي ڪئين ھفتن تائين
پنھنجا پاپائي فرض بجا آندا.
اھي فرض ڪھڙا ھوا؟ ائين کڻي سمجھو ته منھنجي حيثيت ھڪ گروپ
ليڊر، يا خانقاه جي سڀاليندڙ جھڙي ھئي، ۽ ٻيا
ماڻھو جن مان ڪي اعتماد نه رکڻ وارا به ھوا،
منھنجي اطاعت ڪرڻ لڳا. ھو چريو بيمار ھو. ھن جي
سار سنڀال لھندي مون کي خبر پئي، ته پوپ بڻجڻ
ايترو سئولو ڪم نه آھي، جيترو مون سمجھيو ٿي. ان
جو احساس مون کي ڪالھه به ٿيو ھو، جڏھن آءُ اوھان
جي آڏو اسان جي ڀائرن، يعني ’منصفن‘ جي خلاف نفرت
جو اظھار ڪري رھيو ھوس. ڪئمپ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو
پاڻي ورهائڻ جو ھو. ٻيا ماڻھو سياسي يا جدائي پسند
گروپن ۾ شامل ٿي ويا ھوا، ۽ ھر گروپ پنھنجي ماڻھن
جي طرفداري ڪندو ھو. ان جو نتيجو ھي نڪتو ته آءُ
به پنھنجي گروپ جي پاسخاطري ڪرڻ ۾ لڳي ويس.
بھرحال، شروعات لاءِ اھا ھڪ معمولي رياعت ھئي. خود
پنھنجي ساٿين ۾ جنھن جي جا حالت ھوندي ھئي يا جنھن
جو جيڪو ڪم ھوندو ھو، ان جي پيش نظر ھنن سان سلوڪ
۾ به فرق ڪرڻو پوندو ھو. اھڙا امتياز پڪ رکو ته
ڏاڍا پرانھان نتيجا ٿا ڪڍن. پر ھاڻ آءُ واقعي ٿڪجي
پيو آھيان، ۽ انھن ڏينھن لاءِ وڌيڪ سوچڻ نٿو
گهران. مختصر طور، اھو کڻي سمجھو ته ھڪ ڏينھن اھو
سلسلو آخر ٽٽي پيو، جنھن ڏينھن مون پنھنجي ھڪ
مرندڙ دوست جي حصي جو پاڻي پيتو، نه، نه يقين
ڪريو، مرڻ وارو، ديوانو ڪونه ھو، ھو ته پھرين ئي
مري ويو ھو. ڇو جو ھو تمام گهڻي بک ڪاٽيندو ھو. ان
کان سواءِ، جي ھو جيئرو ھجي ھا، ته آءُ ھن جي محبت
جي آڌار ڪجھه دير لاءِ اڃ تي به ضابطو رکي سگهان
ھا. ڇوجو مون کي ھن سان محبت ھئي. ھا، مان واقعي
ھن سان محبت ڪندو ھوس، يا گهٽ ۾ گهٽ مون کي ائين
لڳندو ھو. ته بھرحال مون پاڻي پيتو، ۽ پنھنجو پاڻ
کي سمجھائيندو رھيس، ته ھن ماڻھوءَ کي ته آخر
مرڻوئي ھو. ان جي مقابلي ۾ ماڻھن کي منھنجي گهڻي
ضرورت ھئي، ۽ منھنجو اھو فرض ھو ته پاڻ کي ٻين
لاءِ جيئرو رکان . عزيز! سلطنتون ۽ مذھب انھيءَ
طرح موت جي سج ھيٺان وجود ۾ ايندا آھن. ڪالھه مون
جيڪي ڳالھيون اوھان سان ڪيون ھيون، انھن جي اصليت
ٻڌائڻ لاءِ آءُ اوھان کي ان عظيم الشان خيال جي
باري ۾ ٻڌائيندس، جيڪو اوھان سان ڳالھين جي دوران
منھنجي دل ۾ پئدا ٿيو. آءُ پڪ سان چئي نٿو سگهان،
ته ھي خيال رڳو ھڪ خواب ھو، يا آءُ ان تي عملي طرح
ڪم ڪندو رھيس. بھرحال اھو عظيم خيال ھي آھي، ته
پوپ جي خطائن کي معاف ڪري ڇڏڻ کپي. ان جا ٻه وڏا
سبب آھن. پھريون ھي ته ھنن کي ٻين جي مقابلي ۾
معافي جي گهڻي ضرورت ھوندي آھي، ۽ ٻيو ھي ته اھو
ئي ھڪ طريقو آھي، جنھن سان ماڻھو پوپ کان مٿي کڄي
سگهي ٿو.
در ته مضبوطيءَ سان بند ڪيو ھو نه؟ ھا! مھرباني ڪري پڪ ڪريو _
معاف ڪجئو مون کي دروازو بند ڪرڻ جو جنون (بولٽ
ڪامپليڪس ) آھي. اک لڳندي وقت مون کي ياد ڪونه
رھندو آھي، ته مون دروازو ڪو بند ڪيو آھي، ۽ ھر
رات مون کي ان جي پڪ ڪرڻ لاءِ ھنڌ تان اٿڻو پوندو
آھي. مون پھرين ئي اوھان کي ٻڌايو نه، ته ڪنھن به
ڳالھه جي پوري پڪ ناممڪن آھي. دروازو بند ڪرڻ جي
ان جنون کي ڪا بزدلي نه سمجھجئو! اڳي ته مان
پنھنجي ڪمري کي تالو ئي ڪونه ھڻندو ھوس. ايتريقدر
جو مون ڪڏھن نقدي به تالي ۾ نه رکي. مون ڪڏھن به
پنھنجي ڪنھن ملڪيت سان چنبڙي رھڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
سچ ته ھي آھي، ته ڪنھن ملڪيت جو احساس ئي منھنجي
لاءِ شرمندگيءَ جو باعث ھو. ڪڏھن ڪڏھن عام ڳالھه
ٻولھه جي وچ ۾ اھو اعلان ڪندو ھوس، ”حضرات! ملڪيت
خون جو ٻيو نالو آھي.“ ڇوجو دل ايڏي وڏي ته ڪانه
ھئي، جو پنھنجي ملڪيت ۾ ڪنھن مستحق نادار کي شريڪ
ڪريان ھا. ان ڪري پنھنجي ملڪيت کي چوريءَ لاءِ
آزاد ڇڏي ڏنم، ته جا ناانصافي مون کان ٿي آھي، ان
جو ازالو ٿي وڃي. اڄ مان ڪنھن به شي جو مالڪ ڪونه
آھيان. ان ڪري ھاڻ پنھنجي ملڪيت جي باري ۾ نه بلڪ
حاضر دماغيءَ جي باري ۾ فڪر ھوندو اٿم. گڏوگڏ ان
ڳالھه جو به خيال اٿم، ته ھيءَ بند ۾ جڪڙيل ۽
مختصر ڪائنات، جنھن جو مان بادشاھ، پوپ ۽ منصف
آھيان، ان جو دروازو مضبوطيءَ سان بند رکان. جي
ھا، ھوءَ روغني تصوير ڏسو! ڇا اوھان سڃاتس ڪونه؟
ان جو عنوان آهي عادل منصفين ان کي ڏسي اوهان کي
حيرت ڪانه ٿي؟ ڪٿي ائين ته نه آھي ته فنون لطيفه
جي باري ۾ اوھان جي ڪابه معلومات ته آھي؟ جي اخبار
پڙھندڙ آھيو، ته پوءِ اوھان کي گهن جي سان باڊ
ڪليسا ۾ چوريءَ جي ھڪ مشھور واردات ياد اچڻ کپي.
ان گرجي جي قربان گاه تي مشھور مصور فائن اٽڪ رڍن
جي تعظيم ۾ تصوير ٺاھي ھئي. جنھن ۾ منصفن جي رڍن
کي تعظيم ڪرڻ ڏيکاريو ويو ھو. ڇو جو اصلي تصوير
ٻيھر ھٿ نه آئي، ان ڪري اتي ھڪ شاندار نقل ٿيل
تصوير ٽنگي وئي. ته جناب اھا تصوير ھيءَ آھي. نه!
منھنجو ان ڪارنامي سان اصل ڪوبه واسطو ڪونھي.
’ميڪسيڪوسٽي‘ ۾ اچڻ وارو ھڪ گراهڪ، انھيءَ گوريلي
کي جيڪو ان ڏينھن شام جو اوھان ڏٺو ھو _ ھڪ شام
مدھوشيءَ جي حالت ۾ رڳو ھڪڙي بوتل جي عيوض ھيءَ
تصوير وڪڻي ويو ھو. مون پنھنجي دوست کي صلاح ڏني
ته ان تصوير کي ڪنھن نمايان جڳهه تي ٽنگي. وڏي
عرصي تائين جڏھن ڪ ان جي ڳولا جتي ڪٿي پئي ٿي،
اسان جا ھي مقدس منصف ’ميڪسيڪوسٽي‘ ۾ شرابين ۽
دلالن جي مٿان جلوه افروز رھيا. ان کان پوءِ
گوريلي منھنجي درخواست تي اھا تصوير مون کي ڏيئي
ڇڏي. پھرين ته ھن نه ڏيڻ جي پئي ڪئي، پر جڏھن
معاملي جي نزاڪت ڏانھن ڌيان ڇڪايومانس، ته
گهٻرائجي ويو. بس! تڏھن کان جناب! ھي مئجسٽريٽ
صاحب منھنجي اڪيلائيءَ جا ساٿي آھن. ’ميڪسيڪوسٽي‘
۾ بار جي مٿان اوھان اھا ڪمي ضرور محسوس ڪئي
ھوندي، جا ھي پنھنجي پويان ڇڏي آيا آھن. مون تصوير
گرجي کي واپس ڇونه ڪئي؟ واه جي ڳالھه ڪئي! بلڪل
پوليس واري جيان. خير مان اوھان کي جواب به ان طرح
ڏيندس، جيئن سرڪاري وڪيل کي ڏنو ويندو آھي. يعني
جي ڪنھن کي خبر پئجي وڃي ته اھا تصوير منھنجي ڪمري
۾ آھي تڏھن به. ته ڏسو جناب! پھرين ڳالھه ھيءَ ته
تصوير منھنجي نه آھي، بلڪ ’ميڪسيڪوسٽيءَ‘ جي مالڪ
جي آھي، جنھن جو ھو ايترو ئي مستحق آھي، جيترو گهن
جو لاٽ پادريءَ. ٻي ڳالھه ته اھي سڀئي شخص جي ’رڍن
جي تعظيم‘ جي آڏو لنگهي رھيا آھن، انھن مان ڪوبه
اصل ۽ نقل ۾ تميز ڪرڻ جي قابل ڪونه ھو. ان ڪري
منھنجي غلط ڪم مان ڪنھن کي به نقصان ڪونه پھتو.
ٽيءَ ڳالھه ھيءَ ته اھا تصوير پاڻ وٽ رکي، مون کي
برتريءَ جو احساس ٿيندو آھي. ڇو جو ڪوڙن منصفن کي
دنيا جي تعريف لاءِ پيش ڪيو پيووڃي، ۽ مون کي ۽
رڳو مون کي خبر آھي، ته سچا ۽ اصل منصف ڪير آھن.
چوٿين ڳالھه ھيءَ، ته ان ڳالھه جي ڪري مون کي جيل
اماڻڻ جو امڪان آھي، جا ڪافي خوشيءَ جي ڳالھه
آھي.: پنجين ڳالھه ھيءَ ته تصوير ۾ منصفن رڍ سان
ملڻ پيا وڃن، پرھاڻ دنيا ۾ نڪا معصوميت باقي آھي
نڪا رڍ! ۽ جنھن بدمعاش ھيءَ تصوير چورائي ھئي، اھو
دراصل ھڪ غيبي انصاف جو دست راست ھو، ۽ ڪڏھن به
اھڙي انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ پئدا ڪرڻ نه کپي. آخر
۾ آخري سبب به ٻڌائي ڇڏيان، ته ھن تصوير کي ڪٻٽ ۾
رکڻ سان ھر شي بلڪ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندي آھي. ڇو جو
انصاف کي معصوميت کان ان طرح جدا ڪري ٻئي کي صليب
تي ۽ پھرين کي ڪٻٽ ۾ بند ڪري، مون پنھنجي نظرين
مطابق عمل ڪرڻ لاءِ رستو ھموار ڪيو آھي، ۽ مان ھڪ
صاف ضمير سان شرمسار منصف واري ڏکڻي رستي تي ھلي
سگهان ٿو. جنھن کي مون ڪيتري جدوجھد ۽ ڪيترين ئي
اميدن جي ناڪاميءَ کان پوءِ اختيار ڪيو آھي، ۽ ھاڻ
ڇو جو اوھين وڃو پيا، وقت اچي ويو آھي، ته ان جو
تفصيل اوھان کي ٻڌايان.
مون کي اٿي ويھڻ جي موڪل ڏيو ته جيئن سولائيءَ سان ساه کڻي
سگهان. اف! ڪيترو نه ڪمزور ٿي ويو آھيان؟ مھرباني
ڪري منھنجي منصفن کي بند ڪري ڇڏيو. رھيو ’شرمسار
منصف‘ جو پيشو ته مان اڄ ڪلھه ان تي ئي پيو عمل
ڪريان. عام طور تي منھنجو دفتر ’ميڪسيڪوسٽيءَ‘ ۾
رھندو آھي. پراصل شوق جيڪو آھي ان جي پورائي ڪم
واري جڳھه جي حدن جي پابند ڪانه ٿيندي آھي،
ايتريقدر جو ھنڌ ۾، تپ ۾ به پنھنجا فرض بجا آڻيندو
آھيان. ان کان سواءِ اھو پيشو اھڙو به ته ڪونھي
جنھن لاءِ ڪو خاص وقت درڪار ھجي. ھي ته ساه جي کڄڻ
۾ به ٿي سگهي ٿو. اھو خيال دل ۾ نه آڻيو ته ڪا
گذريل پنجن ڏينھن جي ڳالھه ٻولھه رڳو ائين ئي
ھئي. پنھنجي گذريل ڏينھن ۾ آءُ اھڙي ڪافي بڪواس
ڪري چڪو آھيان، پر ھاڻ منھنجي ھر ڳالھه جو ھڪ مقصد
آھي ۽ اھو مقصد ظاھر ۽ کليل آھي. ان ٽھڪ کي خاموش
ڪرڻ، جو منھنجي پويان لڳو وتي، ان فيصلي کان بچي
نڪرڻ، جو ذات خود تي ٿي صادر ڪري. حالانڪ مون کي
خبر آھي ته ان کان ڀڄڻ جي ڪائي صورت نه آھي.ڪڏھن
ڪڏھن ته اھو ٿو خيال اچيم ته انھن کان ڀڄڻ ڪٿي ان
ڪري ئي نا ممڪن نه آھي، جو ڏوھاري سمجھڻ وارو ڪو
ٻيو ڪونھي بلڪ خود پنھنجي ذات آھي. ان لاءِ ضروري
آھي ته ڏوه جي حدن کي ايترو ته وسيع ڪيو وڃي، جو
سڀني کي ڏوھاري چيو وڃي، ته جيئن پنھنجو بار ھلڪو
ٿي سگهي.
ڪنھن جي لاءِ به ڪا رعايت ڪانھي. اھو منھنجو پھريون اصول آھي.
نيڪ نيتي، شريفانه غلطي، بي احتياطي مجبور ڪندڙ
حالتون، اھي سڀئي قبول ڪرڻ جھڙا بھانا نه آھن. مون
پاڻ وٽ گناھن کان پاڪ ٿيڻ يا بخشجڻ جو معاملو ئي
ڪونه رکيو. ھرشي صاف آھي، حساب ڪري ٻڌايو، ته ھي
آھي حاصل جمع. اوھين بدڪار آھيو، ھوس پرست آھيو،
پئدائشي ڪوڙا آھيو، فنڪار آھيو، وغيره. مان سياست
جيان فلسفي ۾ به ان ئي ڳالھه جو حامي آھيان، جا
انسان کي معصوميت ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ ھر ان
وريي کي مڃان ٿو جو انسان سان ڏوھاري جھڙو سلوڪ ٿو
روا رکي. اوھان کي مون ۾ غلاميءَ جو ھڪ آزاد خيال
حامي نظر ايندو ھوندو!
سچي ڳالھه ھيءَ آھي، ته غلاميءَ کان سواءِ، ڪو ٻيو آخري حل به
ڪونھي! مون کي جلد ئي ان جي خبر پئجي وئي. ڪنھن
زماني ۾ آءُ چوويھه ئي ڪلاڪ آزاديءَ جون ڳالھيون
ڪندو ھوس. صبح جو نيرن تي ان کي ٽوش تي ھڻي
کائيندو ھوس، ۽ سڄو ڏينھن ان متعلق ئي پيو
ڳالھائيندو ھوس، ۽ دوستن جي وچ ۾ منھنجو ساھ
آزاديءَ جي خوشبوءِ سان معطر رھندو ھو. ان اسم
اعظم جي مدد سان ھر ان شخص کي زير ڪندو ھوس، جو
مون سان اختلاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. مون ان اکر
کي پنھنجي قوت ۽ ڪم ڪڍائڻ لاءِ ڪم آندو. مان ھنڌ
تي پاڻ سان گڏ سمھڻ وارين عورتن جي ڪفن ۾ اھو اکر
وجھندو ھوس، ۽ ان ڪري مون کي ھنن کي ڇڏڻ ۾ سھوليت
ٿيندي ھئي. بس آءُ ان لفظ کي آھستي
........................ پر ترسو آءُ جوش ۾ اچي
ويو آھيان. توازن به خراب پيو ٿئيم. آخر مون ڪن
موقعن تي آزاديءَ جو بي غرض استعمال نه ڪيو ته ڇا
ٿيو! ۽ منهنجي سادگيءَ جي داد ڏيو، ٻه ٽي ڀيرا ته
ان اکر لاءِ ايترو اڳتي وڌي ويس، جو جان ته خير
ٺهيو، پر پوءِ به ڪافي وڏن خطرن ۾ ڦاسي ويس. انهن
حرڪتن جي مون کي معافي ملڻ کپي. ڇو جو مون کي خود
خبر ڪانه هئي، ته ڇا پيو ڪريان. مونکي خبر ڪانه
هئي ته آزادي ڪو انعام يا ٻلو ڪونهي، جنهن جي حاصل
ٿيڻ تي شئمپين جو ڪاڪ کولي جشن ملهايو وڃي، ڪو
تحفو ڪونهي ۽ نه ڪو اهڙو مسالو آهي، جنهن کي مٽن
چاپ تي ٻرڪي اوهان وڌيڪ لطف حاصل ڪري سگهو. جي
نه، هي سودو ڏاڍو نقصان وارو آهي. هي ڊگهي مفاصلي
جي ڊوڙ آهي جا اڪيلي سر ڪرڻي پوندي آهي_ جا ٿڪايو
ڇڏي. ان ۾ نه ته شميپين هوندي آهي، نه جام کڻي
اوهان ڏي محبت سان ڏسڻ وارا دوست. اوها جي جڳهه هڪ
اڪيلو اونڌائو ڪمرو هوندي آهي، يا ڏوهارين جو
ڪٽهڙو. اڪيلا، خواهه پنهنجو پاڻ تي ڪو فيصلو ڏيندا
رهو، يا ٻيا اوهان تي فيصلو ڏيندا هجن. ٻنهي حالتن
۾ اوهين اڪيلا ٿا رهو. سڀني آزادين جي مٿان عدالت
جو فيصلو سزا هوندو آهي: ان ڪري ئي آزاديءَ جو
ساٿ ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. خاص ڪري ان وقت جڏهن
اوهين بخار کان مغلوب هنڌ تي هجو، يا پريشان هجو،
يا ڪنهن سان محبت نه ڪندا هجو.
منهنجا عزيز دوست! هر ان ماڻهوءَ لاءِ، جو اڪيلو آهي، ۽ جنهن جو
نڪو ڪو خدا آهي، نڪو آقا، رات ڏينهن جو بار ڏاڍو
ڳرو ۽ خوفناڪ آهي، ان ڪري ئي هر ماڻهوءَ لاءِ آقا
جو انتخاب ضروري آهي. خدا جي هلندي ته عرصو ٿيو
ختم ٿي چڪي آهي. ان کان سواءِ خدا جو لفظ هاڻي
ايترو ته بي معني ٿي چڪو آهي، جو هن جي استعمال
سان ڪنهن کي ششدر ڪرڻ جي ڪوشش به خطري کان خالي
نه آهي. مثال جي طور تي اسان جي استادن، فلاسفرن
کي ڏسو، جي سڀئي ايترا سنجيده، پاڙيسرين سان محبت
ڪرڻ وارا، وغيره وغيره هوندا آهن. انهن ۾ ۽ مذهب
کي مڃڻ وارن عيسائين ۾ ڪو فرق ڪونهي، سواءِ ان جي
ته هو گرجائن ۾ تبليغ ڪرڻ ڪونه ويندا آهن. اوهان
جي راءِ ۾ ڪهڙي شي هنن کي مذهب قبول ڪرڻ کان روڪي
ٿي؟ غالباً عزت. انسانن جي عزت، جي ها، عزت نفس،
هو ڪنهن به قسم جو اسڪينڊل ڦهلائڻ نٿا گهرن. ان
ڪري پنهنجا احساس پنهنجي ذات تائين محدود ٿا رکن.
مان هڪ ملحد ناول نگار کان واقف هوس، جو رات جو
لڪي لڪي خدا جي عبادت ڪندو هو. ان ڪري سندس ڪوبه
حرج ڪو نه ٿيندو هو. ڪو سندس ڪتاب پڙهندو هو ته رڙ
ڪري چوندو هو، واه سائين ! ڪهڙو نه صاف ۽ بي خوف
شخص آهي! هڪ ڪٽر آزاد خيال شخص سان جڏهن مون ان
ڳالهه جو ذڪر ڪيو تڏهن هٿ مٿي کڻي (يقيناً ڪنهن
خراب ايرادي ڪري نه ) چيائين ” هنه! سڀئي اهڙا
ٿيندا آهن، اوهين مون کي ڪا نئين شي ڪونه پيا
ٻڌايو.“ هن جي خيال ۾ اسان جا 80 فيصدي لکڻ وارا
اهڙا آهن، جو جيڪڏهن پنهنجو نالو لڪائي لکن ته خدا
جي برتريءَ جو اعلان ڪندا. پر هو پنهنجو نالو مخفي
ٿا رکي سگهن، ڇو جو هنن کي پنهنجو پاڻ سان محبت
آهي، ۽ هو ڪنهن جي برتريءَ جو اعلان ڪونه ڪندا. ڇو
جو هو پنهنجو پاڻ سا نفرت ڪندا آهن. پر ڇو جو ان
هوندي به پنهنجو پاڻ کي فيصلو ڪرڻ کان باز رکي نٿا
سگهن، ان ڪري تلافيءَ جي طور اخلاقيات جو پرچار
ڪندا آهن. مختصر هي ته هن جي شيطانيت ڏاڍي پاڪباز
آهي. واقعي هي عجيب دور آهي. حيرت جي ڪا به ڳالهه
ڪانهي، جي انساني دماغ ئي اهڙو ٿي ويو آهي. منهنجو
هڪ دوست جو پنهنجي الحادي دور ۾ هڪ مثالي مڙس هو،
مذهب قبول ڪرڻ کان پوءِ زاني بڻجي ويو! آه! هي
نقال ۽ منافق بهر حال هي سڀ رحم جي قابل آهن. يقين
ڪريو جي هي ماڻهو آسمان کي باهه ڏيئي ڇڏين ته به
هنن تي رحم ئي ايندو آهي. خواهه هي ماڻهو ملحد هجن
خواهه عيسائي هجن. پر هاڻي پيءُ ڪٿي آهي جڏهن
قاعدو قانون ئي ڪونه بچيو آهي، ڇو جو هو آزاد آهن،
ان ڪري کين خودئي هر ڳالهه کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
ڇو جو هو آزادي يا ان جو ڪو فيصلو پسند ڪونه ڪندا
آهن ان ڪري مطالبو ڪندا آهن ته سزا جي طور سندن
آڱرين جي ڏوڏن کي ڪٽيو وڃي. هو ڏاڍا خوفناڪ قانون
ٺاهيندا آهن، ۽ گرجا جون جڳهيون وٺڻ لاءِ ۽ لوهي
پڃرا وٺڻ، لاءِ ڊوڙندا ايندا آهن، پر هنن سڀني جو
اعتماد گناهه ۾ آهي، بخشش ۾ نه ، حالانڪ بخشش جي
باري ۾ هو سوچين ضرور ٿا کين بخشش جي تمنا ضرور
آهي تسليم ۽ رضا، سپردگي ۽ مسرت، ۽ ممڪن آهي (ڇو
جو هو جذباتي به هوندا آهن) مڱڻو، هڪ دوشيزه
ڪنوار، باڪردار مڙد ۽ شاديءَ جي وقت پيانو جي
موسيقي جا به خواهشمند هجن. مثال جي طور مون کي ئي
کڻي وٺو، آءُ جذباتي ڪونه آهيان. اوهان کي خبر
آهي، آءُ ڪهڙي شي جا خواب ڏسندو هوس؟ دل و جان سان
هڪ اهڙي ڀرپور محبت جيڪا ڏينهن رات بنا ڪنهن روڪ
جي هڪ طويل هن آغوشي ۾، سمورين جنسي لذتن ۽ ذهني
مسرتن سان گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن تائين جاري رهي، ۽
انهيءَ حالت ۾ موت اچي وڃي ! پر افسوس !
پر ڇو جو مڱڻو، ۽ هميشه جي خوشي ملي ڪانه ٿي سگهي، ان جي جڳهه
تي رڳو شاديءَ ۽ وحشيانه شاديءَ جي رسم رهندي، جا
اقتدار ۽ گند جي زور تي قائم رکي وڃي دٿي. ضروري
هي آهي ته هر شي بلڪل سادي هجي. جيئن هڪ ٻـــــار
لاءِ هر شــــي سڌي ۽ صاف نمونـــــي پيش ڪئــــي
ويندي آهي. هر ڪم منظم هجي. ظاهر ظهور، نيڪ ۽ بد،
۽ فيصلي ڪن طريقا ٻڌايا وڃن. آءُ هڪ سسلي ۽ جاوا
جي باشندي جيان آهيان، ۽ عيسائي به ڪونه آهيان.
حالانڪ دنيا جي سڀ کان پهرين عيسائي لاءِ دوستيءَ
جو جذبو محسوس ٿو ڪريان. پر مون کي به ته پيرس جي
پلين تي احساس ٿيو هو، ته آءُ به آزاديءَ کان
گهٻرايان ٿو. ان لاءِ خوش آمديد آهي اُهو آقا، اهو
ڪوبه هجي جو آسماني قانون جي جڳهه وٺي، ” اي اسان
جا پيءُ، جو عارضي طور تي ھتي آھي، اي اسان جا
رھبرو، اي اسان جا مسرت بخش سخت گير آقائو، اي
ظالم ۽ محبوب رھنمائو.“............... مختصر ھي
ته بنيادي شي ھيءَ آھي ته انسان آزاد رھڻ ڇڏي ڏي.
اطاعت قبول ڪري، ۽ توبھه طورپاڻ کان وڌيڪ بعدمعاش
جي اطاعت اختيار ڪري، جڏھن اسين سڀ ڏوھاري
ھونداسين ته پوءِ جمھوريت قائم ٿي ويندي. ان ڳالھه
جي اظھار جي ضرورت ڪانھي ته اسان کي اڪيلو رھڻ جو
بدلو ضرور وٺڻ کپي. موت اڪيلو ھوندو آھي، ۽ غلامي
اجتمائي شي آھي. ٻين کي ان جو حصو ملندو آھي، ۽ ان
وقت جڏھن اسان کي حصوملي رھيو ھوندو، ۽ اھا ئي اھم
ڳالھه آھي، تڏھن اسين سڀ گڏ ھونداسين پر گوڏن ڀر
جھڪيل، ۽ جھڪيل ڪنڌن سان.
ڇا ھيءَ سٺي ڳالھه نه آھي ته دنيا جي ٻي مخلوق جيان زندگي گذاري
وڃي، ۽ ان لاءِ ڇا ھي ضروري نه آھي، ته دنيا جي سڀ
مخلوق مون جھڙي ٿي وڃي؟ اھا ھڪجھڙائي پئدا ڪرڻ
لاءِ به ڪي مقدس اصول آھـــن. پوليس، ڌڙڪــــو ڌاٻ
۽ بي عزتي. جي آءُ مجبور ڪيو وڃان ۽ منھنجو مسلسل
پيڇو ڪيو وڃي، ته آءُ پنھنجي اصليت تي اچي سگهان
ٿو، ۽ ان طرح فطري بڻجي سگهان ٿو، ۽ ان وقت چئي
سگهان ٿو ته آءُ اھو ئي آھيان جو ھن وقت آھيان.
انھن ئي سببن جي ڪري مون نجي طرح فيصلو ڪيو آھي ته
ان آزاديءَ کي، جنھن کي مون گهڻو ئي پوڄيو آھي،
ھاڻ ھران ماڻھوءَ جي حوالي ڪري ڇڏيان جومون کي
رستي ۾ ملي وڃي. ان ڪري جڏھن به ٿي سگهندو اٿم
’ميڪسيڪوسٽيءَ‘ جي ڪليسا ۾ پنھنجي عقيدن جو پرچار
ڪندو آھيان. آءُ نيڪ ماڻھن کي دعوت ڏيندو آھيان،
ته ھو اقتدار جي آڏو ڪنڌ جھڪائين، ۽ ڏاڍي عاجزيءَ
سان غلاميءَ جي برقتن مان فيض ياب ٿين. مون کي
ڪڏھن ڪڏھن ان شي کي ’حقيقي آزادي‘ جي نالي سان به
پيش ڪرڻو پوندو آھي.
آءُ ڪو چريو ڪونه آھيان. مون کي خبر آھي ته غلاميءَ جو رواج
ھڪدم ممڪن ڪونھي، اھا ته مستقبل جي نعمت آھي پر ان
وچ ۾ مون کي حال ۾ رھڻو آھي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ وقتي
حل ڳولڻو آھي، ان لاءِ مون کي ھڪ بدل ڳولڻو پوندو.
اھو ھي ته ھر فيصلي کي، جو منھنجي ذات مونتي عايد
ٿي ڪري، وسعت ڏيئي ٻين کي به ان فيصلي جي حد ۾ آڻي
ڇڏيان، ته جيئن مون تان بار ڪجھه ھلڪو ٿي پوي. مون
کي ان جا ذريعا به ملي ويا. ٿوري دري ته کوليو.
ڏاڍي گرمي آھي. اھي سڄي دري نه کولجو، مون کي
گرميءَ سان گڏ سيءُ به پيو پوي. ھا ته منھنجو حل
سادو به آھي ۽ معني وارو به، يعني ڪھڙي طرح ھر ھڪ
کي ائين جھليان، جو خود پنھنجي وجود کان ٻاھر
اطمينان سان رھڻ جو حق حاصل ڪري سگهان؟ ڇا آءُ به
پنھنجي ڪئين پيشروئن جيان دڪيءَ تي چڙھي انسانيت
کي ڏوھ ڏيڻ شروع ڪريان؟ ھي ڏاڍو خطرناڪ ڪم آھي، ھڪ
ڏينھن يا ھڪ رات ٽھڪ بنا اطلاع جاڳي پوندو. جيڪو
فيصلو اوھان ٻين تي صادر ڪندا آھيو، سو آخرڪار
اوھان جي ئي منھن ۾ اچي لڳندو ۽ ان ۾ اوھان جو
نقصان آھي. ته ڇا ٿيو؟ اوھان چوندو. ھاڻ ٿورو
منھنجي ذھن جو پرواز ڏسو. منھنجي دريافت ھيءَ ھئي.
پنھنجي آقائن جي انتظار ۾ لٺ کڻي بيھڻ کان اڳ اھو
سوچيون، ته ڪنھن تي فيصلو صادر ڪرڻ کان اڳ پنھنجي
ذات کي فتح ڪرڻ گهرجي. ھر منصف جو خاتمو ھڪ نه ھڪ
پيشمانيءَ تي ئي ٿيندوآھي، ته پوءِ ڇو نه ٻئي سري
کان سفر شروع ڪيو وڃي؟ شروع ۾ ئي ڇو نه پيشمانيءَ
جي مشق ڪئي وڃي، ته جيئن خاتمو منصف جي ڪرسيءَ تي
ٿئي .اوھان منھنجو مطلب سمجھيو نه؟ چڱو، پر وڌيڪ
ظاھر ڪرڻ لاءِ آءُ پنھنجي ڪم جو طريقو کولي
ٻڌائيندس.
پھرين مون وڪالت جي آفيس بند ڪئي، ۽ پيرس ڇڏي ٻاھر نڪتس. دراصل
آءُ ڪنھن اڻڄاڻ جڳھه تي نئين نالي سان ڪم ڪرڻ
لاءِ نڪتو ھوس. جتي ڪاروبار جي گهٽتائي نه ھجي.
دنيا ۾ اھڙيون ڪئين جڳھيون آھن. پر اتفاق، سھوليت
۽ ڪجھه حالت جي ڪري مون کي اھڙي شھر ۾ وڃڻو پيو،
جيڪو نھرن سان گهيريل ھو، ۽ جتي ماڻھن جا ھجوم
ھوا. جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو ايندا ھوا.
جھازرانن جي محلي ۾ ، ھڪ شراب خاني ۾ مون آفيس
کولي ھڪ بندرگاه تي ھر قسم جا موڪل ملي ويندا آھن.
غريب ته اميرن جي محلي ۾ رھي نٿا سگهن، پر امير
ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن مصيبت جو شڪار ٿي، جيئن اوھان ڏٺو
آھي، غريبن جي محلن ۾ اچي رھندا آھن. آءُ خاص ڪري
پئسي وارن ماڻھن جو ڳولائو ھوندو ھوس، ۽ اھي به
اھڙا جي ڀٽڪي رھيا ھجن. ان سان مون کي ڏاڍو فائدو
پوندو ھو. جيئن ھڪ ماھر موسيقار ھڪ ناياب ساز مان
رس ڀريل نغما پئدا ڪندو آھي، تيئن آئون به اھڙن
ماڻھن مان ڏاڍا سھڻا نغما ڪڍندو آھيان.
ان طرح مان ڪجھه عرصي کان اھو فاعدي وارو ڌنڌو’ميڪسيڪوسٽي‘ ۾
اختيار ڪيو ويٺو آھيان. ان ڌنڌي ۾ بنيادي ڪم،
(جيئن اوھان کي خبر آھي) ھي آھي ته گهڻي کان گهڻا
ڀيرا عام ماڻھن آڏو پنھنجي ڏوھن جو عتراف ڪجي.
آئون بي پرواھيءَ سان ھر ھڪ آڏو پاڻ تي ڏوھ ٿو
مڙھيان. اھو ڪو ڏکيو ڪم ڪونھي، ڇو جو ھاڻ مون
پنھنجي ياد داشت حاصل ڪري ورتي آھي. پر ان سان گڏ
اھو به آھي، ته آءُ پنھنجي ڏوھن جو اعتراف ھلڪڙن
طريقن سان ڪونه ڪندوآھيان، بلڪ اکرن کي اھڙيءَ
مھارت سان وات مان ڪڍندو آھيان، جھڙي مھارت سان ھڪ
مھاڻو پنھنجي ٻيڙي ھلائيندو آھي. ڪڏھن رڳو حقيقت
جو اظھار ۽ ڪڏھن داستان کي سھڻو بڻائڻ لاءِ ڪجھه
رنگينون به. مطلب ته ھڙئي حربا استعمال ڪندو
آھيان، ۽ پنھنجي ڳالھه ائين ڪندو آھيان، جو ٻڌڻ
وارو مون کان به ٻه قدم اڳتي وڌيڪ سمجھندو آھي.
اھي ڳالھيون جن سان منھنجو تعلق ھوندو آھي، ۽ اھي
ڳالھيون جن جو تعلق ٻين سان ھوندوآھي، انھن ٻنھي
جي ميلاپ سان ڳالھه جوڙيندو آھيان. اھڙيو ن
ڳالھيون ڳوليندو آھيان، جيڪي مون ۾ ۽ ٻڌندڙن ۾ ھڪ
جھڙيون ھجن. اھڙا تجربا جن مان ٻئي لنگهيا ھجون.
اھڙيون ڪمزوريون جي ٻنھي ۾ موجود ھجن. اھڙي ليڊر
جو ذڪر جو ھن وقت دنيا جي عظيم ترين ھستي سمجھيو
ويندو ھجي. مطلب ته انھن ڳالھين مان اھڙي تصوير
ٺاھيندو آھيان، جنھن ۾ سڀني جي شيهه ھجي ۽ ڪنھن جي
به نه ھجي. اھو ھڪ قسم جو نقلي منھن آھي، بلڪل
اھڙو جھڙو ڪارنيوال ۾ استعمال ڪندا آھن. جنھن کي
ڏسي ماڻھو چوندا آھن، ”اڙي! اوھان سان ته ملاقات
ٿيل آھي.“ ۽ جڏھن تصوير مڪمل ٿي ويندي آھي، جيئن
اڄ شام جو ٿي، ته مان سڀني کي ڏاڍي ڏک سان
ٻڌائيندو آھيان، ”افسوس اهو ته آءُ آهيان.“ ۽ هتي
سرڪاري وڪيل جو بيان پورو ٿيو وڃي. پر موسيو! ان
وقت پنهنجي اها تصوير جا ماڻهن آڏو پيش ڪندو
آهيان، ڏسڻ وارن لاءِ آرسي بڻجيو وڃي.
مٽيءَ ۾ ڀڀوت، مٺين ۽ وار، منهن تي ننهن جا رهنبوٽا، پر دلين ۾
گهڙي ويندڙ تيز نظرن سان، اڄ آءُ سڄي انساني نسل
آڏو بيٺل آهيان، ۽ پنهنجا شرمناڪ افعال ٻڌائي رهيو
آهيان. پر منهنجا اکر ٻڌندڙ تي ڪهڙو اثر وجهي رهيا
آهن. ان کان به غافل نه آهيان. ” آءُ دنيا جو رزيل
ترين ماڻهو آهيان.“ آءُ چوان ٿو ۽ وري غير محسوس
طريقي سان آءُ ’اسين‘ ۾ ٿو بدلايان. جڏهن آءُ ان
نقطي تي پهچندو آهيان، ”۽ اهي اسين آهيون!“ ته سڄي
ڳالهه ختم ٿيو وڃي، ۽ تماشائي واپس موٽي سگهن ٿا.
آئون به انهن وانگيان آهيان، اسين سڀئي گڏ ڦاٿل
آهيون. مون کي برتري حاصل آهي، ته رڳو ان لاءِ جو
مون کي ان جي خبر آهي، ۽ ان ڪري مون کي اظهار جو
حق به مليو وڃي. اوهان ته ان جو فاعدو ڏسو پيا نه
؟ جيترو آءُ پاڻ کي ڏوهاري ٿو سمجهان ايترو ئي مون
کي اوهان تي فيصلو ڏيڻ جو حق ٿو ملي. بلڪ آئون
اوهان کي به ٿو چوان، ته خود پنهنجي ذات کي ڏسو ۽
پنهنجو پاڻ تي فيصلو ڏيو. ان صورت ۾ منهنجو ڪم اڃا
به هلڪو ٿيو پوي. منهنجا عزيز دوست! اسين ڏاڍي
عجيب ۽ خوار مخلوق آهيون. جي اسين پنهنجي زندگي کي
اٿلائي ڏسون ته اھڙن واقعن ۽ موقعن جي ڪا گهٽتائي
نظر ڪانه ايندي، جن تي اسان کي حيرت ٿئي، ۽ جن تي
اسان جا ڪنڌ شرم کان جھڪي وڃن. ٿوري ڪوشش ڪريو.
يقين ڪريو آئون اوھان جا اعتراف ڏاڍي غور ۽ ھمدردي
سان ٻڌندس. |