جي ها، مون جيان ڪي ٿورا فطرت کي ايڏو ويجهو هوندا. آءُ مڪمل
طرح زندگيءَ سان هم آهنگ هوس. زندگيءَ جي ڪنهن به
ستم ظريفيءَ کي رد ڪرڻ بنا، آءُ ان جي سڀني لاهن
چاڙهن سان بلڪل ٺهڪيل هوس. خاص طرح زندگيءَ جا
مادي ۽ جسماني ناتا، جيڪي ڪيترن ئي محبت ۽
اڪيلائيءَ جي آزار ۾ مبتلا ماڻهن کي پريشان ۽ بي
همت بنائي ڇڏيندا آهن، سي، مون کي غلام بنائڻ بنا،
منهنجي لاءِ اڻکٽ خوشيون آڻيندا رهيا. جسماني
نعمتن لاءِ ته ڄڻ آءُ پيدا ٿيو هوس، هو اهڙي
موزونيت ۽ ڪماليت کي محسوس ڪري، ماڻهو منهنجيءَ
صحبت جا ڳولائو هوندا هئا. اڪثر نوان ملڻ وارا
ائين محسوس ڪندا هئا، ڄڻ ته اهي اڳي به مون سان
ملي چڪا هئا. زندگي ۽ ان جون نعمتون اچي مون کي
پنهنجي پاڻ آڇينديون هيون، ۽ آءُ انهيءَ شانائتي
خراج کي شفقت ڀريل فخر سان قبول ڪندو هوس. سچ پڇو
ته انهيءَ حد تائين مڪمل طرح رڳو انسان هجڻ سببان
ئي آءُ پنهنجو پاڻ کي فوق الانسان سمجهڻ لڳو هوس.
آءُ هڪڙي معزز پر غريباڻي گهر ۾ پيدا ٿيو هوس (منهنجو پيءُ هڪ
آفيسر هو)، پرتڏهن به آءُ انڪساريءَ سان اهو
اعتراف ڪريان ٿو ته ڪن ڏينهن ۾ مون پاڻ کي بادشاهه
جو پٽ ٿي محسوس ڪيو. ان جوسبب اهو هرگز ڪونه هو ته
مون کي ٻين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ ذهين هجڻ جو
يقين ويٺل هو. تنهن کان سواءِ، اهڙي يقين جي
هونئن به ڪا اهميت ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي
احمق به پنهنجي باري ۾ اهو ئي يقين رکن ٿا. منهنجي
برتريءَ واري احساس جو سبب، جيتوڻيڪ مون کي ان جي
ظاهر ڪرڻ ۾ هٻڪ ٿئي ٿي، اُهي نعمتون هيون. جن سان
مون کي فياضيءَ سان نوازيو ويوهو، ۽ جن جي ڪري
منهنجي حيثيت ممتاز ۽ منفرد هئي. اهڙيءَ مسلسل
ڪاميابيءَ جي ڪري، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت
ڪانه هئي، آءُ ٻين جي ڀيٽ ۾ شخصي طرح پاڻ کي
مٿانهون محسوس ڪندو هوس. اهو احساس، بهرحال،
منهنجي انڪساريءَ جو نتيجو هومون انهيءَ خيال کي
ڪڏهن به قبول نه ڪيو ته ڪو منهنجي ڪاميابي پنهنجين
ذاتي صلاحيتن جي ڪري هئي، ۽ ڪڏهن به اها ڳالهه
تسليم نه ڪري سگهيس ته ڪنهن هڪ ئي شخص ۾ ايتريون
گوناگون ۽ ڪمال درجي جون خوبيون گڏ ٿيڻ رڳو ڪنهن
اتفاق جو نتيجو هونديون. اهو ئي سبب هو جو مون کي
پنهنجيءَ خوشباش زندگيءَ ۾ ائين محسوس ٿيندو هو ته
اها خوشي ۽ مسرت ڪنهن مٿانهينءَ طاقت طرفان عطا
ڪئي ويئي آهي. انهي ءَ احساس جي انوکائي اڃا به
وڌيڪ واضع ٿيندي، جيڪڏهن آءَ اوهان کي ٻڌايان ته
مذهب ۾ منهنجو ڪوبه عقيدو ڪونه هو. بهرحال، اهو
احساس انوکو هو يا معمولي، تنهن کي ڇڏي، ايترو سو
ضرور هو ته مون کي پنهنجي انهيءَ احساس عام طرح جي
روزاني زندگيءَ جي سطح کان ڪجهه دير لاءِ مٿي
پهچائي ڇڏيو هو، ۽ ڪيترن سالن تائين آءُ صحيح
معنيَ ۾ اوچين فضائن اندر پرواز ڪندو رهيس، بلڪ سچ
پڇو ته اڄ به منهنجي دل انهيءَ اُڏام لاءِ سِڪي
رهي آهي. اهو پرواز اُنهيءَ شان تائين جاري رهيو،
جڏهن.... خير ، اها ٻي ڳالهه آهي، ۽ ان کي وساري
ڇڏڻ کپي. آءُ شايد مبالغي کان ڪم وٺي رهيو آهيان.
بيشڪ، مون کي هرڪا شي حاصل هئي، پر مطمئن ڪنهن مان
به ڪونه هوس. هر ڪا خوشي مون کي ڪنهن ٻيءَ خوشيءَ
جي ڳولا ۾ کڻي ويندي هئي. آءُ هڪڙي جشن کان ٻئي
جشن ڏانهن هلندو ٿي رهيس. بعضي سڄي سڄي رات آءُ
ناچ ۾ مصروف هوندو هوس، ۽ ماڻهن جي صحبت ۽ زندگيءَ
جي قربت جو ديوانو بنجي ويندوهوس. ڪڏهن ڪڏهن،
اُنهن راتين جي پوين گهڙين ۾، جڏهن ناچ، شراب جي
هلڪي سُرور، پنهنجي جذباتي جوش، ۽ آسپاس وارن
ماڻهن جي ڇڙواڳ سرمستيءَ سان، ٿَڪ ۾ چور ٿي، آءُ
هوش حواس تي طاري ٿيندڙ بيخوديءَ ۾ غرق ٿي ويندو
هوس، تڏهن، طبيعت جي انهيءَ ڪيفيت جي آخري ساعتن
۾، ۽ فقط هڪڙي لحظي لاءِ، مون کي ائين محسوس ٿيندو
هو ته آخرڪار ڪائنات ۽ ان جي سموريءَ مخلوق جو
اسرار آءُ ڄاڻي چڪو آهيان. پر ٻئي ڏينهن اُهو ٿَڪ
۽ اُها ڪيفيت ختم ٿي ويندي هئي، ۽ تنهن سان گڏ
اُھو ڪائناتي اسرار به _ ۽ آءُ وري نئين سر
زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندو هوس. آءُ اهڙيءَ
طرح ڊوڙندو رهيس. نعمتن جا انبار منهنجي ”سامهون
هئا، ۽ منهنجي دل ڪڏهن به انهن سان سير نه ٿي. آءُ
ڊوڙندو رهيس، اِنهيءَ ڄاڻڻ کان سواءِ ته مون کي
ڪٿي بيهڻو آهي. آءُ اڳتي ئي وڌندو رهيس، تان جو
هڪڙي ڏينهن... هڪڙيءَ شام جو، يڪايڪ، موسيقي بند
ٿي ويئي، روشنيون اُجهامي ويئون، ۽ اُها ٻهڪندڙ
محفل، جنهن ۾ آءَ ايترو خوش ۽ هت هوس.... پر پهرين
مون کي اجازت ڏيو ته آءُ پنهنجي پادري دوست کي هن
اعتراف جي موقعي تي سڏي وٺان. ڪنڌ لوڏي هن جو
شڪريو ادا ڪريو؛ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون سان گڏ
جي پيئندا رهو، ان کي اوهان جي همدرديءَ جي ضرورت
آهي.
منهنجو هيءَ عرض اوهان کي حيران ڪري رهيو آهي؟ اوهان کي ڪڏهن
همدرديءَ، مدد يا دوستيءَ جي اوچتي ضرورت ڪانه
پيئي آهي؟ ها، بيشڪ. آءُ همدرديءَ سان. مطمئن ٿيڻ
سکي چڪو آهيان ؛ ڇو ته اها تمام آسانيءَ سان مليو
وڃي، ۽ وري ان سان ماڻهوءَ تي ڪا پابندي به ڪانه
ٿي رهي. ”اوهين منهنجي همدردانه توجهه جي خاطري .
ڪندا“_ اِهو جملو گهڻو ڪري خانگي گفتو ۽ هن جملي
کان فوراَ پوءِ ايندو آهي:”هاڻي اچو ته ٻين معاملن
تي توجهه ڪريون.“ اهو ڪنهن بورڊ جي چيئرمن جو جذبو
آهي: افسوسناڪ واقعن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ان جو
استعمال تمام سستو ٿي پيو آهي. ورديءَ جي ڀيٽ ۾،
دوستيءَ ۾، سادگي گهٽ آهي. ان جو هٿ اچڻ وڌيڪ مشڪل
۽ دير طلب آهي، پر هڪ ڀيري هٿ اچڻ کان پوءِ ان مان
ڇوٽڪاري جو ڪوبه گس ڪونهي؛ ڪيئن به ڪري ان کي
نباهڻو آهي. ائين نه سمجهو ته اوهان جا دوست هر
روز شام جو فقط اهو ڄاڻڻ لاءِ اوهان کي ٽيليفون
ڪندا ته متان اهائي شام هجي، جڏهن اوهين آپگهات
ڪرڻ جو فيصلو ڪري رهيا هجو، يا اوهان کي ڪنهن دوست
جي رفاقت جي ضرورت نه هجي، يا اوهين ڪيڏانهن ٻاهر
وڃڻ جي موڊ ۾ نه هجو. گهٻرايو نه، هو اوهان کي
فون ضرور ڪندا، پر ان رات، جڏهن اوهين اڪيلا نه
هوندا، ۽ جڏهن زندگي اوهان جي اڳيان بيحد حسين ۽
خوبصورت هوندي. باقي رهيو آپگهات، سو خاطري ڪريو
ته هو پاڻ اوهان کي ان جو مستحق سمجهي، اُنهيءَ
ارادي کي پوري ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، خدا اسان کي پنهنجن
دوستن جي هٿان ڪنهن اُوچي درجي تي پهچڻ کان محفوظ
رکي! اهي ماڻهو، جيڪي اسان سان محبت ڪرڻ کي پنهنجو
فرض ٿا ڀانئين_ منهنجو مطلب آهي، اسان جا عزيز ۽
اقارب (عزيز ۽ اقارب؟ واه جا لفظ آهن!) _ تن جو
معاملو اڃا به ٻيءَ طرح آهي. هو سدائين صحيح ۽ تُز
لفظ چونڊي استعمال ڪندا، جيڪي پنهنجي نشاني تي
بلڪل ٺيڪ وڃي لڳندا. گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت اهڙي
نموني گهنٽي وڃائيندا، ڄڻ بندوق ڇوڙي رهيا هجن؛ ۽
کين معلوم هوندو آهي ته نشان ڪيئن چٽجي. جي؟ ڪهڙي
شام؟ انهيءَ موضوع تي اچان ٿو، صبر ڪريو. ڪنهن
حدتائين آءُ پنهنجن دوستن ۽ رشتيدارن بابت
ڳالهائيندي به پنهنجي موضوع تي ئي ڳالهائي رهيو
آهيان. مون هڪڙي شخص جي ڳالهه ٻڌي، جيڪو پلنگ
بدران پٽ تي سمهندو هو؛ ڇو ته سندس دوست جيل ۾ هو،
۽ جنهن آرام کان هو محروم هو، تنهن کان هي به
پرهيز ڪندوهو. ٻڌايو، سائين، اسان جي خاطر ڪير پٽ
تي سمهندو؟ ڇا، خود آءُ انهيءَ لائق آهيان؟ آءُ ان
جي لائق بنجڻ چاهيان ٿو، ۽ هڪڙي ڏينهن بنبس. ها،
هڪڙي ڏينهن اسين سڀ ان جي لائق بنجي وينداسين، ۽
اهوئي ڇو ٽڪاري جو ڏينهن هوندو. پر اهو ڪو سولو ڪم
ڪونه آهي، ڇو ته دوستيءَ ۾ سوچ ويچار ٿيندو ئي
ڪونهي، نه ته به اها ڪا حاصل ڪرڻ جي شي ته آهي ئي
ڪانه_ دوستي جيڪا ڳالهه گهري، تنهن کي حاصل به ڪري
سگهي، سا اهليت منجهس بنهه ڪانهي. ممڪن آهي ته
دوستيءَ کي ڪنهن شي جي طلب ايتري نه هجي، جيتري ان
کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيڻ کپي. ائين به ممڪن آهي ته
اسين زندگيءَ سان به ايترو پيار نه ڪندا هجون،
جيترو ڪرڻ کپي. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته فقط موت
ئي اسانجن احساسن کي بيدار ڪري ٿو؟ اسين انهن
دوستن سان ڪيترو پيار ڪريون ٿا، جيڪي اڃا هاڻي
اسان کان جدا ٿيا آهن! پنهنجن انهن استادن جي اسين
ڪيتري نه ساراهه ڪريون ٿا، جن جون زبانون سدائين
لاءِ خاموش ٿي ويئون آهن ۽ سندن وات هاڻي مٽيءَ
سان ڀريل آهن! اسان جو اهو تحسين ۽ تعريف جو جذبو
سڀڪجهه گذري وڃڻ کان پوءِ اُڀري ٿو، جنهن تحسين ۽
تعريف لاءِ شايد هو سڄي ڄمار اسان کان اميد رکندا
رهيا. پر اوهان کي معلوم آهي ته اسين مُردن جي
معاملي ۾ ڇو وڌيڪ انصاف پسند ۽ فياض آهيون؟ سبب
بلڪل ظاهر آهي. مردن جي معاملي ۾ اسان تي ڪابه
ذميداري نٿي ٿئي. هو اسان کي آزاد ڇڏيو ڏين: اسين
پنهنجي مرضيءَ تي، دل جي اطمينان سان، جڏهن
وڻيئون، ڪاڪٽيل پارٽيءَ جي صحبت ۾، فرصت جي گهڙين
۾، انهن کي مختصر نموني جو داد ڏيئي، ڄڻ سند بخشي
ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن هو ڪنهن به ڳالهه تي اسان
کي مجبور ڪري سگهن ها ته پوءِ هو ضرور اسان کي
سندن يادگيري رکڻ تي مجبور ڪن ها، ۽ اسان لاءِ
ائين ڪرڻ ممڪن نه ٿئي ها، ڇو ته اسان جو حافظو
تمام ڪمزور آهي. ليڪن نه، اسين پنهنجن دوستن مان
رڳو انهن سان پيار ڪريون ٿا، جيڪي اسان کان تازو
وڇڙي ويا آهن: اسين انهن جي دکدائڪ موت سان،
پنهنجن جذبن سان، ۽ جذبن جي پنهنجائپ سبب، خود
پنهنجو پاڻ سان پيار ڪريون ٿا!
مثال طور، منهنجو هڪڙو دوست هو، جنهن کان آءُ اڪثر ڪري
لنوائيندو هوس. هومون کي بيزار ڪندو هو، ۽ ان سان
گڏ، هو ڪجهه اخلاقي اصول وارو ماڻهو هو. پر جڏهن
هوموت جي بستري تي آخري پساهه کڻي رهيو هو، ته آءُ
ان وٽ موجود هوس. مون هڪڙي ڏينهن جو ناغو به نه
وڌو. مرڻ وقت منهنجا ٻئي هٿ سندس هٿن ۾ هئا، ۽
هومون کان بلڪل مطمئن هو. هڪڙي عورت هئي، جيڪا
هروڀرو منهنجي پٺيان لڳي، بيڪار پنهنجو وقت وڃائي
رهي هئي. آخرڪار اها ايڏي عقلمند نڪتي جو جوانيءَ
۾ ئي مري ويئي. اوچتو، سندس مرڻ شرط، منهنجيءَ دل
۾ هن لاءِ ڪيڏي نه جڳهه پيدا ٿي پيئي! سوبه خاص
ڪري اهڙيءَ حالت ۾، جڏهن جوانيءَ جي موت سان گڏ
آپگهات به هجي! يا خدا، هيءُ ڪيڏو نه عجيب اضطراب
آهي! هوڏانهن فون جي گهنٽي وڃي ٿي، ۽ هيڏانهن ڪنهن
جي دل ڀرجيو اچي: ڄاڻي ٻجهي مختصر ڪيل پر معني خير
جملا زبان مان نڪرڻ لڳن ٿا جن ۾ دل ئي دل اندر ضبط
ڪيل اُڌما، ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجو پاڻ کي قصوروار
ٺهرائڻ جي ڪيفيت به، شامل هوندي آهي!
انسان اهڙو ئي ٿيندو آهي، منهنجا سائين! سندس ٻه روپ آهن: هو
پنهنجو پاڻ سان محبت کان سواءِ، ٻئي ڪنهن سان به
محبت نٿو ڪري سگهي. اوهين جنهن عمارت ۾ رهو ٿا،
تنهن ۾ ڪو قضيو ٿي پوي ته پنهنجن پاڙيسرين کي غور
سان ڏسو. هو سڀ هميشـﮧ وانگي ستا پيا هئا ته
اوچتو، مثال طور، چوڪيدار گذر ڪري ويو. هڪدم هو
سجاڳ ٿيا، ڪيئن به ڪري بستري جي پچر ڇڏيائون، خبر
چار ڪڍيائون، ۽ ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيائون.
تازو هڪڙو ماڻهو مئو، ۽ آخر هڪڙو تماشو شروع ٿيو.
انهن سڀني کي ڪنهن دکدائڪ واقعي جي ضرورت آهي؛ اها
سندن هڪڙي ننڍي ’ماورائيت‘ آهي، يا دوا جي اها
گوري سمجهو، جيڪا بک کي وڌائيندي آهي. ڇا، مون
مثال لاءِ چوڪيدار جو ذڪر ائين ئي اتفاقي طرح ڪيو
آهي؟ دراصل منهنجو هڪڙو چوڪيدار هو_ نهايت بدتميز،
ڪميڻو، هٺيلو، هوڏي اندر جو کوٽو، بدصورت، بڇڙو،
جنهن جي مهانڊي کي ڏسي چڪر فراسسڪو جو راهب به
پنهنجو منهن ڦيرائي ڇڏي، ۽ مون ته ساڻس ڳالهائڻ به
ڇڏي ڏنو هو. هڪڙي ڏينهن اُهو مري ويو، ۽ آءُ ان جي
جنازي ۾ وڃي شريڪ ٿيس. اوهين ٻڌائي سگهو ٿا ته
ڇو؟
بهرحال، موت جي آخري رسمن کان اڳ وارا پهريان ٻه ڏينهن تمام
دلچسپ هئا. چوڪيدار جي زال بيمار هئي، ۽ ساڳئي ئي
ڪمري ۾ سندس مڙس جي لاش وارو تابوت ڀرسان رکيل هو.
چوڪيدار مري ويو، ته ٻين سڀني ڪمرن ۾ رهڻ وارن کي
ٽپال ڪير پهچائي؛ هر ڪنهن کي پنهنجا خط کڻڻ لاءِ
پاڻ ٿي اچڻو پيو. اوهين دروازو کولي اندر آيا،
چوڪيدار جي زال کي کيڪارَ ڪيو، هن تابوت ڏانهن
اشارو ڪيو، اوهين ٻه ٽي ٻول مرڻ واري جي تعريف ۾
سندس واتان ٻڌي، پنهنجا خط کڻي، بيٺي پير هليا
آيا. ان ۾ ڪابه خاص دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪانهي؛ پر
تنهن هوندي به انهيءَ عمارت ۾ رهڻ وارا سمورا
ڪرائيدار انهيءَ ڪمري وٽان ٿيندا ٿي ويا، جيڪو
ڪاربولڪ جي بوءِ سان چڪار هو. هنن پنهنجن نوڪرن کي
نٿي موڪليو، بلڪ خودئي اچي انهيءَ بنا توقع تماشي
جو لطف ٿي ورتائون. لڪي لڪي، نوڪر به آيا ٿي. جڏهن
دفنائڻ جو ڏينهن آيو، تڏهن پتو پيو ته تابوت
دروازي کان وڏو هو. زال بستري تان عجب وچان رڙ
ڪئي، جنهن ۾ غم ۽ خوشي ٻيئي شامل هئا: ”هي ڇا؟ هو
ڪيڏو نه وڏو هو!“ تابوت ٺاهڻ واري وراڻيو: ”فڪر
ناهي، اسين تابوت کي پاسيرو، اُڀو ڪري ٻاهر
ڪڍنداسين.“ خير، تابوت کي اُڀو ڪري دروازي کان
ٻاهر آندو ويو، پوءِ آءُ ئي اڪيلو شخص هوس، جيڪو
قبرستان تائين ويس (مون سان گڏ هڪڙو ٻيو شخص،
ڪيبري جو اڳي دربان هو، جنهن مون کي ٻڌايو ته هو
هر روز شام جو ’پرنو‘ جي بوتل کڻي اچي مرحوم سان
گڏجي پيئندو هو). مون مرحوم جي تابوت تي گل
چاڙهيا، جيڪو ايترو قيمتي هو جو آءُ ششدر ٿي رهيو
هوس. پوءِ آءُ چوڪيدار جي زال وٽ سندس شڪريو وصول
ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيس، جيڪو هن المناڪ اداڪاري ڪرڻ
واري هڪ عظيم فنڪار جيان مهارت سان ادا ڪيو. ڇا،
اوهين هن سموري ناٽڪ جو ڪو سبب ٻڌائي سگهندا؟ بک
کي وڌائڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو به نه!
اهڙيءَ طرح آءُ بار ائسوسئيشن جي هڪڙي پراڻي رفيق کي دفنائڻ
ويس. هيءُ ويچارو هڪڙو ڪلارڪ هو، جنهن کي ڪوبه
خيال ۾ ڪونه آڻيندو هو، پر آءُ سدائين ساڻس دعا
سلام ڪندوهوس. هونئن ته جتي آءُ ڪم ڪندوهوس، هر
ڪنهن سان هٿ ملائيندو هوس، بلڪ ڪن سان ته ٻه_ٻه
ڀيرا هٿ ملائيندو هوس. مون کي ان ۾ پنهنجي هڙان ته
ڪي به ڏيڻو ڪونه پوندو هو، ويتر اهو فائدو ئي
هوندو هو جو ان طرح مون کي هردلعزيزي حاصل ٿيندي
هئي، جيڪا منهنجي اطمينان خاطر ضروري هئي. بار جي
صدر اسان جي ڪلارڪ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ضرورت
نه سمجهي، پر آءُ شريڪ ٿيس. سو به اهڙيءَ حالت ۾
جو آءُ ڪيڏانهن سفر لاءِ تيار ٿيو ويٺو هوس، پر
اهو ملتوي ڪري، جنازي ۾ وڃي شريڪ ٿيس_ ۽ اها ڳالهه
چڱيءَ طرح واضح ڪئي ويئي. مون ائين ڪيو، ڇاڪاڻ ته
مون ڄاتو ٿي ته ماڻهو منهنجي موجودگيءَ تي خاص
ڌيان ڏيندا ۽ منهنجي لاءِ مٿن چڱو اثر ويهندو. سو،
جيتوڻيڪ برف وسي رهي هئي، آءُ جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ
کان رڪجي نه سگهيس.
جي؟ گهٻرايو نه، آءُ انهيءَ ئي موضوع تي اچان ٿو، بلڪ آءُ ان
کان هٽيو ئي ڪونه آهيان. اول مون کي پنهنجي
چوڪيدار جي زال جو احوال ٻڌائڻ ڏيو، جنهن پهرين
پنهنجي مڙس جي تابوت لاءِ شاهه بلوط جي قيمتي ڪاٺ،
چانديءَ جي هٿين ۽ صليب وغيره تي چڱو خاصو خرچ
ڪيو، ته جيئن پنهنجن جذبن کي گهڻي کان گهڻي آٿت
ڏيئي سگهي، ۽ پوءِ وري پنهنجي مڙس جي وفات کان
هڪڙي مهيني اندر ئي، هڪڙي اهڙي اوڦٽو ۽ آواره
ڇوري سان پيچ پاتائين، جنهن جو آواز ته بيشڪ
سريلو هو، پر ڪپڙي لٽي جي فضيلت به ڪانه هيس. هو
کيس هر وقت سخت مارون ڪڍندو هو؛ عورت جون خوفناڪ
چيخون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، ۽ ٻيءَ گهڙيءَ هو دري
کولي، زور سان پنهنجو پسنديده گيت وڏي واڪي
ڳائيندو هو: ”عورت ذات ڪيڏي نه خوبصورت آهي!“ پاڙي
مان ڪو جواب ڏيندو هو:”تنهن هوندي به !“ آءُ اوهان
کان پڇان ٿو، ”تنهن هوندي به“ ڇا؟ چڱو، کڻي مڃجي
ته ظاهري حالتون ڳائيندڙ جوان جي خلاف هيون، ۽
چوڪيدار جي زال جي به خلاف هيون؛ پر اهو ته ڪنهن
به طرح ثابت نٿو ٿئي ته هو هڪٻئي سان محبت نه ڪندا
هئا. نڪا وري اها ڳالهه ئي ثابت ٿئي ٿي ته هوءَ
پنهنجي مڙس سان محبت نه ڪندي هئي. وري جڏهن اهو
آواره شخص، ڳائڻ ۽ مارڪٽ ڪرڻ کان ٿڪجي ڪيڏانهن ڀڄي
ويو، ته اها وفادار زال وري به نئين سر پنهنجي
مرحوم مڙس جا ڳُڻ ڳائڻ لڳي! آخر آءُ ڪيترن ئي اهڙن
ماڻهن کي به ته سڃاڻان، جن جون ظاهري حالتون
سازگار آهن، پر اهي باطني طرح چوڪيدار جي زال کان
ڪي وڌيڪ مخلص ۽ وفادار ڪينهن. آءُ هڪڙي شخص کان
واقف هوس، جنهن پنهنجيءَ ڄمار جا ڀريا‘ ويهه سال
هڪڙيءَ بيفڪريءَ عورت پٺيان وڃائي ڇڏيا. هن پنهنجي
سڄي هڙ موڙي لٽائي ڇڏي؛ ڌنڌا ڌاڙي، دوستي ياري،
سموري عزت ۽ ڪارپت به قربان ڪري ڇڏيائين، هڪڙيءَ
رات، هن محسوس ڪيو ته پاڻ ڪڏهن به انهيءَ عورت سان
محبت نه ڪئي هئائين! هو ڪنهن سخت بيزار ڪندڙ ڪيفيت
جو شڪار هو، جيئن اڪثر ماڻهو ٿيندا آهن. انهيءَ
ڪري هن پنهنجي زندگيءَ کي هڪڙو ڊرامائي گور کڌنڌو
بنائي ڇڏيو هو. ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ ئي _ کپي اها
ڳالهه ڪيترن ئي انساني ڪرتوتن ۾ ڪارفرما آهي. ڪجهه
نه ڪجهه ٿيڻ کپي، ڀل ته محبت بنا غلامي هجي، جنگ
هجي يا موت. انهيءَ ڪري، سائين، جنازا زنده باد !
پرمون کي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن اهڙي عذر جي ڪڏهن به درڪار ڪانه ٿي.
آءُ ڪڏهن به بيزاريءَ جو شڪار ڪونه ٿيس، ڇو ته آءُ
ته اُڀرندڙ موج مٿي سوار هوس. جنهن شام جو آءُ ذڪر
ڪري رهيو آهيان، تنهن ۾ ته منهنجي اندر ۾ بيزاريءَ
جو ذرو به ڪونه هو. تنهن هوندي به .....جي ها،
سائين، ڀلا ٻڌو....اُها سرءُ جي هڪ وڻندڙ شام هئي.
شهر ۾ اڃا گرمي ئي هئي، ته سين نديءَ تي ڌنڌ
ڇانئجي چڪو هو. رات جا پاڇولا آهستي آهستي وڌي
رهيا هئا؛ آسمان، جو الهندي ڏانهن اڃا روشن هو، سو
هوريان هوريان اونداهو ٿي رهيو هو؛ گهٽين جا
فانوس جهڪيءَ روشنيءَ سان ٽمڪي رهيا هئا؛ ۽ آءُ ”
کاٻي پاسي“ جي بند وٽان ٽهلندو، ”فن جي پُل“ ڏانهن
وڃي رهيو هوس. نديءَ جو وهڪرو پراڻن ڪتابن جي
دڪانن وچان چمڪي رهيو هو. بند تي ڪي تمام ٿورا
ماڻهو هئا؛ پئرس جا ماڻهو ته اڳي ئي ڊنر ۾ مصروف
ٿي چڪا هئا. منهنجا پير زرد ۽ مٽيءَ سان ڀريل،
سُڪل پنن تي پئجي رهيا هئا، جنهن سان اڃا به
اونهاري جي مند جي يادگيري ٿي آئي. آسمان رفتي
رفتي تارن سان ڀرجي رهيو هو، جيڪي رستي تي لڳل
فانوسن جي هڪڙي ٿنڀي کان ٻئي ٿنڀي ڏانهن وڌندي، وچ
واريءَ وٿيءَ مان، هڪڙي لحظي لاءِ نظر اچي ٿي
سگهيا. پئرس خالي هو، ۽ شام جي سانتيڪي فضا ۾
چوطرف ماٺ ۽ چپ چپات جي جيڪا ڪيفيت پيدا ٿي رهي
هئي. تنهن مان آءُ ڏاڍو لطف اندوز ٿي رهيو هوس.
آءُ بلڪل خوش ۽ مطمئن هوس. اڄوڪو ڏينهن به سٺو
گذريو هو: هڪڙي نابينا جي مدد، پنهنجيءَ توقع
مطابق هڪڙي مقدمي ۾ اصيل جي سزا ۾ ڪمي، پنهنجي هڪ
صيل سان گرمجوشيءَ وارو مصانحو، ڪجهه سخاوت وارا
ڪم، ۽ ٻنپهرن جو دوستن يارن جي هڪڙيءَ ڪچهريءَ ۾
حڪمران طبقي ۽ اسانجن ليڊرن جي رياڪاريءَ تي هڪ
ولولي انگيز تقرير.
آءُ ”فن جي پُل“ تي پهچي چڪو هوس، جتي هينئر ڪوبه ماڻهو ڇيڻو
ڪونه هو. خيال ڪيم ته نديءَ جو نظارو ڪريان، جيڪا
اوندهه جي وڌي وڃڻ ڪري مشڪل سان نظر ٿي آئي. ور
گالان(Vort_Galan)
جي مجسمي ڏانهن منهن ڪري، نظر مٿي کنيم ته سڄو ٻيٽ
منهنجي قبضي ۾ اچي ويو. طاقت ۽ اقتدار جو هڪ عجيب،
ڀرپور احساس مون کي پنهنجي اندر ۾ اُڀرندو ۽ ڦهلبو
محسوس ٿيو. آءُ نٿو ڄاڻان ته ان جو اظهار ڪيئن
ڪريان_هڪڙو تڪميل جو احساس هو، جيڪومنهنجيءَ دل کي
بشاش بنائي رهيو هو. آءُ کڙائيءَ سان بيهي اڃا
سگريٽ دکائڻ وارو هوس_اطمينان جو سگريٽ_ ته ايتري
۾، ٺيڪ ان وقت، اوچتوئي منهنجي پويان هڪڙو وڏو ٽهڪ
اُڀريو حيرت وچان، مون تيزيءَ سان نظر پٺتي
گهمائي؛ سامهون ڪير به ڪونه هو. آءُ بند جي جنگلي
طرف وڌيس؛ هيٺ ڪابه ٻيڙي يا بتيلو بيٺل ڪونه هو.
آءُ وري به ٻيٽ ڏانهن موٽيس_وري به منهنجيءَ پٺ
کان ٽهڪ جو آواز ٻڌم. پر هن ڀيري اهو آواز ڪجهه
پري کان آيو هو، ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ هيٺ لهي رهيو هو.
آءُ بلڪل بيحرڪت ٿي، اُتي ئي بيهي رهيس. ٽهڪڙي جو
آواز جهڪو ٿيندو ٿي ويو، پر آءُ اڃا به پنهنجي
پٺيان اُهو صاف صاف ٻڌي رهيو هوس. جيڪو پڪ سان
پاڻيءَ منجهان اچي رهيو هو. آءُ پنهنجي دل جو تيز
ڌڙڪو به صاف صاف ٻڌي رهيو هوس. مهرباني ڪري مون
کي غلط نه سمجهندا؛ ٽهڪن جي انهيءَ آواز بابت ڪابه
پُراسرار ڳالهه ڪانه هئي؛ اهوهڪ وڻندڙ، بي ضرر ۽
خلوص وارو، بلڪ ڪنهن حد تائين دوستانو ٽهڪ هو،
جنهن مڙني ڳالهين کي اعتدال ۾ آڻي ڇڏيو. جلد ئي
مڪمل خاموشي ٿي ويئي، ۽ جڏهن آءُ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌي
نه سگهيس، تڏهن بند جي جنگلي ڏانهن موٽي آيس. جتان
’دافين‘ رستي تي اچي، بنا ضرورت ڪجهه سگريٽ ورتم.
آءُ ڪل چڪرائجي رهيو هوس ۽ تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي
رهيو هوس. تنهن شام جو مون هڪڙي دوست کي فون ڪئي،
جو گهر موجود ڪونه هو. آءُ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان
هٻڪي رهيو هوس، ته ايتري ۾ اوچتو منهنجي ڪمري جي
درين هيٺان ٽهڪن جو پڙلاءُ ٿيو. مون دريون کولي
ڇڏيون. هيٺ، رستي تي، ڪي نوجوان هڪٻئي کان
موڪلائيندي، وڏي سڏ کلي رهيا هئا. ڪلهن کي جهٽڪو
ڏيئي، مون دريون بند ڪري ڇڏيون، مون کي هڪڙي ڪيس
جا ڪاغذ تيار ڪرڻا هئا. آءُ پاڻي پيئڻ لاءِ باٿ
روم ۾ ويس. آئيني ۾ منهنجو عڪس مرڪي رهيو هو_پر
مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجي مرڪ ٻطرفي هئي.....
ڇا چيو، سائين؟ معاف ڪجو، آءُ هڪڙي ٻي ڳالهه سوچي رهيو هوس. ٺيڪ
آهي، جيڪڏهن ٿي سگهيو ته آءُ وري اوهان سان سڀاڻي
ملندس. جي ها، سڀاڻي، چڱو ڀلا....نه نه، آءُ ترسي
نٿو سگهان. ڏسو نه، هو ڀورو رڇ مون کي صلاح مصلحت
لاءِ سڏي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هو هڪ
چڱو ماڻهو آهي. پر پوليس تمام ڪميڻپائيءَ سان،
هروڀرو آَڙتي ڪري، سندس پٺيان اچي پيئي آهي. اوهان
جو خيال آهي ته هو ڏسڻ ۾ خوني ٿو لڳي؟ پڪ ڄاڻو ته
سندس افعال به اهڙا ئي آهن، جهڙي سندس شڪل آهي.
ساڳيءَ طرح، هي چوري چڪاريءَ جو ڪم به ڪندو آهي؛ ۽
اوهان کي اهو ڄاڻي عجب لڳندو ته هي غارن ۾ گذارڻ
وارو به فن جي واپار جو خاص ماهر آهي. هالنڊ ۾ ته
هرڪو ماڻهو مصوريءَ ۽ گلڪاريءَ جو خاص ماهر آهي.
جيتوڻيڪ سندس اکين مان نماڻائي ٽپڪي رهي آهي، پر
هڪڙيءَ تصوير جي مشهور چوريءَ جو مصنف آهي. ڪهڙي
تصوير؟ ڪنهن ڏينهن اوهان کي ان بابت ٻڌائيندس.
منهنجي معلومات تي حيران نه ٿيو. جيتوڻيڪ آءُ هڪ
شرمسار جج آهيان، پر منهنجي ڪاروبار جو پاسو
اِهوئي آهي: آءُ انهن مڙني نيڪ انسانن جو قانوني
صلاحڪار آهيان، مون ملڪي قانون جو مطالعو ڪيو، ۽
انهيءَ حلقي ۾ پنهنجن اصيلن جو گروهه قائم ڪيم،
جتي ڊگرين جي ضرورت ڪانهي. اهو ڪو سولو ڪم ڪونه هو
، پر مون جلد ئي ماڻهن جي اعتماد کي بيدار ڪري
ڇڏيو. آءُ وڻندڙ ۽ ڀرپور ٽهڪ ڏيئي سگهان ٿو، ۽
گرمجوشيءَ سان هٿ ملائي سگهان ٿو_اهي ئي ته ترپ جا
پتا آهن. تنهن کان سواءِ مون شروع شروع ۾ ڪي ڏکيا
ڪيس فيصل ڪرايا_ پهرين ذاتي غرض جي ڪري ، ۽ پوءِ
اصول جي ڪري. جيڪڏهن، منهنجا سائين، سڀني چورن ۽
دلالن کي سدائين سزا ملندي رهي ته پوءِ سمورا شريف
ماڻهو سوچڻ لڳندا ته هو پاڻ سدائين معصوم آهن.
منهنجي خيال ۾ انهيءَ ڳالهه کي_ هاها، اجهو، آءُ
اچان پيو_ جي ها، انهيءَ ڳالهه هر قيمت تي روڪڻ
کپي؛ نه ته هرڪا ڳالهه مذاق بنجي ويندي. |