هن جون اکيون وڏيون ۽ هن جي نهارڻ ۾ وادين جو ڌنڌ هو. جيل ۾
ڏاڍو ياد ايندي هئي.
نارائڻ ڀارتي جيل ۾ انگريزي گرامر جو ڪتاب پڙهندو هو. مون کي
چيائين: اسان جي خاندان ۾ ڪنهن به مئٽرڪ پاس نه
ڪئي آهي. مون کي ڪيئن به مئٽرڪ پاس ڪرڻي آهي. مون
ٻاهر نڪري کيس پنهنجي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. هاڻ
هو ايم. اي فرسٽ ڪلاس
آهي. فلاسافيءَ ۾ ڊاڪٽر آهي. ايڊيٽر آهي. ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي.
روٽري ڪلب جو صدر آهي. هن سخت محنت ڪري سماج ۾ مان
مرتبو حاصل ڪيو آهي.
هڪ ڏينهن پڌرائي ٿي ته ڪن ٽياڪڙن جي وچ ۾ پوڻ سان سنگهه ۽ حڪومت
۾ ٺاهه ٿيو آهي. هونءَ سنگهه مٿان الزام اهو هو ته
نٿورام گوڊسي، سنگهه جو اڳيون ميمبر هو. سنگهه وٽ
نفرت جي فلاسافي آهي، پنهنجن کان گمراهه ٿي
نٿورام، گانڌيءَ جو خون ڪيو. وير ساورڪر کي به
گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي انگريزن سٺ سال جيل جي
سزا ڏني هئي.
اسين ٻاهر آياسين. ويساپور ۾ گاڏي آئي ته مان دريءَ کان ٽپ ڏئي،
سيٽ تي سمهيل جوان عورت کي ڪراس ڪري، لنگهه جي وچ
تي اُڀو ٿي بيٺس. ڀارتيءَ جي بدن ۾ ڦڙتي نه هئي.
پهرين منجهي پيو ته دريءَ ۾ پهرين منهن وجهي يا
ٽنگون. سو منهن وڌائين. دريءَ ۾ ٻانهون اٽڪائي زور
ڏنائين ۽ پوءِ سندس منهن مائيءَ جي ڇاتيءَ مٿان.
مائي ننڊ مان اٿي ۽ حيران ٿي کيس پري ڪرڻ لڳي، پر
ڀارتي اندر گهڙندو اچي ۽ آخر بنا ارادي عورت مٿان
سمهي پيو. وري اٿي ته ٽنگون مائيءَ جي پيٽ مٿان،
سو مون کيس ڀاڪر ۾ جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ مائيءَ
کي هٿ جوڙي چيم:
”ماءُ اسان کي معاف ڪر. اسين نادان. دروازو بند. گاڏي ڏسو هلي
پئي. کپيوَ ته اسان کي ٻه چار چماٽون هڻو.“ جوان
مائيءَ شايد ائين سمجهيو ته ڀارتي ڪو ڊاڪو هو ۽
اوچتو سندس عصمت لٽڻ لاءِ تيار ٿيو هو، ان ڪري
پهرين ته ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيائين.
ڀارتي شادي شده هو. عمر ۾ ننڍو هو ۽ اڃا زال کي هٿ به ڪونه لاتو
هئائين. ڏاڍو شرمندو پئي ٿيو. هن به مائيءَ کي هٿ
جوڙيا. گاڏيءَ ۾ ويٺل ماڻهو اسان جو قيمو ڪري ڇڏين
ها، جي اسين اها شرافت نه ڏيکاريون ها.
ائين گاڏيءَ ۾ هڪ دفعو مان، گوبند پنجابي، ڪرشن راهي، مايا
راهي، گنوسامتاڻي، لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا ۽ هري
موٽواڻي، کاجو راهوءَ جا مندر ڏسي، رات جو اڍائين
لڳي اسٽِيشن تان چڙهياسين. ٿرڊ ۾ جڳهه نه ملي ته،
سيڪنڊ ڪلاس ۾ چڙهي پياسين. اتي به هڪ ٻه مرد ۽ ٻار
چار عورتون ليٽيون پيون هيون. کين ننڊ هئي. وشنو
وڃي پهرين ماڙيءَ جي برٿ تي سمهيو. هن جا کونگهرا
خطرناڪ آهن. ڪجهه هن طرح کؤن_ کر_ کا_ آ آ آ_ هو_
او. کان کان کان کون کون_ کانکان کان کون کرررر. .
. هو. ڦو_ او_ او.
هڪ جوان ڇوڪري جاڳي پئي ۽ رڙ ڪيائين: چيتو! گني، لعل ۽ مون
سگريٽ مان ڪش هڻي لکنو سميلن (1964ع)
۾ مشاعري پٽائيڻ جي موضوع تي ڳالهايو ٿي. لعل ڊپ
وچان اٿيو ۽ دروازي ٻاهران ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين
پر همت نه ٿيس. پر ٻاهر بيهي دروازو بند ڪري
ڇڏيائين ۽ ڊسمبر جي ٿڌ ۾ ڪنبڻ لڳو. گني زنجير ڇڪي.
مون ڇوڪريءَ کان پڇيو: ڪٿي آهي چيتو؟
چي: مٿي! وشنوءَ جي شڪل ڪجهه چيتي جهڙي آهي. پڪو سنڌي چيتو!
اسان گاڏيءَ ۾ گوبند پنجابيءَ سان چڱا چرچا ڪيا هئا، هن خارن
مان وشنوءَ ڏانهن نهاريو. جيڪڏهن سندس نظرون شينهن
جو وات ۽ وشنو مک بڻجي پوي ها ته هڪدم ڳڙڪائي وڃيس
ها. ڀائي آخر به گوبند پنجابي سنڌي ترقي پسند
ڪهاڻي جو باني آهي. ڇوڪريءَ وشنوءَ کي ڏسي چيو:
شڪل انسان جي اٿس، باقي بدن ۽ آواز چيتي جهڙو اٿس.
وشنو هيٺ لهي آيو ۽ کيس چيائين: ”بس، اها ئي ڳالهه
آهي جو ڪنوارو رهجي ويو آهيان.“ مان سڀ ياداشت مان
ٿو لکان. لفظ به لفظ ته ڪجهه به ياد نه رهندو آهي،
پر سندس نظرن جو مطلب ته فقط اهو ئي هوندو ۽ شايد
سوچيو هوندائين، هيءَ ئي ها ڪري ته کيس واپس وٺي
وڃان. ۽ پاڻ سان گڏ، کاجو راهوءَ جي مندر ٻاهران
اٽڪائي ڇڏيانس. هڪ ٻيو سيڪس پوز دنيا ۾ مشهور
ٿيندو.
جيل مان، اسين شهر پهتاسين. ٻئي ڏينهن اسڪول بند ڪرايم ۽ اٽڪل
پنج سؤ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين اڳيان تقرير ڪيم.
اڳي سمجهه ۽ اڀياس گهٽ هئم ته ڳالهائي سٺو سگهندو هوس. هاڻ اها
گليبازي ختم ٿي ويئي آهي. هينئر سوچ ڪجهه گهري
اٿم. پر ڳالهين ۾ گهماءُ اڃا تائين اٿم. انڪري ئي
سڳن آهوجا مون تي هڪ شعر لکيو:
ان وچ ۾ مان ته يارو دهلي کان ٿي اچان ٿو
ڳالهين ۾ يار جي اڄ ڪافي گهماءُ آهي!
ڀلامون کي مليا مهاڀارت ۽ داستان الف ليليٰ، سو مان ڳالهين ۾
فرانس جو احتساب (سينسرشپ) ڪٿان آڻيان. مون ڳالهه
شروع ڪئي. سڳن دهليءَ جي ٽڪيٽ ورتي، اتي گهميو
ڦريو ۽ واپس موٽي آيو ۽ منهنجي ڳالهه اڃا به اتي.
پرنسپال تقرير مان خوش ٿيو. اٺ آنا خرچي ڏنائين. ان ئي سال پنجن
ئي ڪئمپن جي ڊگهي جمپ جي چٽا ڀيٽي ٿي. مان پهريون
نمبر آيس ۽ مون کي انڊين نيشنل آرميءَ جي هڪ وڏي
آفيسر شاهنواز، هڪ مليٽري شرٽ انعام ۾ ڏني جا ڪافي
سال پاتم. کيس انگريز ڦاسي ڏين ٿا. هن جو ڪيس
نهرو، ڊيسائي ۽ جناح لڙيا. ڀارتيءَ کي اسڪول ۾
داخلا وٺي ڏنم. سو هو، گنو، راجو ۽ مان. اتي هڪ
ٻيو سوشلسٽ هريپال پنجابي به هو، جو بلز ۽ نيو ايج
اخبار پڙهندو هو ۽ هڪ دوست موهن مٽاڻي به اسان سان
شامل ٿيو. اسان اسڪول ۾ هڪ شيڊول ڪاسٽ ٺاهي، جنهن
۾ هن ريت کاتا ورهايا ويا:
پرڌان منتري: موهن ڪلپنا
پرڏيهي منتري: گنو سامتاڻي
کاڌو خوراڪ منتري: موهن مٽاڻي
جنگ منتري: راجن چاولا
تعليم ۽ مذهبي کاتو: نارايڻ ڀارتي
مخالف اڳواڻ: هريپال پنجابي.
اسين پاڻ ۾ ڇتا بحث ڪند هئاسين، هڪ دفعي بمبئي جو مکيه وزير
مرارجي ڊيسائي اسڪول ۾ آيو. جڏهن سنسڪرت جو پيرڊ
هو. مرارجي ڊيسائي پوءِ جنتا سرڪار جي ڏينهن ۾
ڀارت جو پرڌان منتري ٿيو. شايد منهنجي اکين ۾ سپنا
ڏسي هن چيو، ”تون ڪجهه سنسڪرت ۾ ڳالهاءِ.“
مون چيو:
”آديه ميئه سڌينتي ڪارياڻي نه منور ٿئي
نهين سپت سيه سهن شيه مکي مرگهاءَ.“
مرار جي ڊيسائيءَ چيو: ”مطلب؟“
”مطلب ته اُدم سان ئي ڪم ٿيندا آهن، نه فقط سوچڻ سان. شينهن به
جهنگل ۾ وات کولي سوچيندو ته وات ۾ هرڻ ڪونه اچي
پوندس. جيئن اوهان جي سرڪار فقط سوچي ڄاڻي، ڪري
ڪجهه نه ٿي.“
هن چيو، ”ويهي رهه.“ ۽ خارن مان ٻاهر هليو ويو.“
ڀائي ان گفتگو جو ته لفظ لفظ ياد اٿم ۽ سڀ دوست اڃا جيئرا آهن.
هڪ دفعي ڪلاس ۾ ڊبيٽ ٿي: ’شهر ۾ رهجي يا ڳوٺ ۾‘. شهر ۾ جڳهيون ۽
رستا آهن. بجلي ۽ پاڻي آهي. اسپتالون ۽ پوسٽ
آفيسون آهن. فلمون آهن. شهرن جي پاسن کان ڳوٺ آهن،
پر ڳوٺن ۾ ڪا سهوليت نه آهي ۽ نه سؤ ميلن ۾ ان جي
پاسي ڪي ٻيا ڳوٺ آهن.
ماستر چيو: ”موهن صحيح ٿو چوي. پر دنيا جي سڀني ودوانن چيو آهي:
ڳوٺن ۾ رهجي. سو سڀني کان ڳالهايو سٺو موهن آهي،
پر جي مان کيس انعام ڏيندس، ته منهنجي نوڪري
ويندي، ڇو جو پرنسپال چوندو: تو ڪتابن جي خيالن جي
خلاف وڃي انعام ڏنو آهي.“
انعام گني سامتاڻي کي مليو، جنهن ڌيراڌون ۽ چڪراتا جي وچ ۾ ڳوٺن
جي سانت، ايڪانت، وڻن جي ڇانوَ، گايئن جي ڳچين ۾
پيل چڙن جي سنگيت، تازي هوا، روشني ۽ پکين جي مٺن
آوازن جي اها منظرڪشي ڪئي، جو ماستر جي وات مان گگ
وهڻ لڳي ۽ کيس ٻه آنا انعام ڏنائين. انعام گني،
راجو، ڀارتي يا مون کي ملي ته ڳالهه ۾ ڪو فرق نه
پيو. اسان جي پنهنجي وزارت، ان ٻين آني مان ڏاڍيون
موجون ڪيونسين. ٻه چانهيون ٻه پيسٽريون. جڏهن مون
اٺ آنا کٽيا هئا ته آڌيءَ رات تائين عيش ڪيو
هوسين.
هڪ دفعي بحث ٿيو: ماستر ٿجي يا سولجر؟ بحث ڪرائڻ وارو ماستر
رنگروٽ هو ۽ تازو اسڪول ۾ ڀرتي ٿيو هو. هن چيو: پر
اوهين ان وشيه (موضوع) تي ڳالهائي سگهندا؟ اسين
کلياسين، پر ڀارتي جوش ۾ اچي ويو. چيائين: ”توهان
کي خبر آهي ته هتي ليکڪ ويٺا آهن. مفڪر ويٺا آهن.
سمپادڪ ويٺا آهن. توهان اسان جي بيعزتي ڪئي آهي.
هڪدم معافي وٺو، نه ته اسٽرائيڪ ٿيندي. ماستر ئي
سولجر پيدا ڪنداآهن. ٻڌايو معافي وٺو ٿا؟“ ماستر
غصي ۾ ٻاهر هليو ويو. وڃي استعيفا ڏنائين. هتي
اسٽرائيڪ چالو. ٻاهر ڀارتيءَ جي تقرير: شاگرد ئي
آهن جو غلط رسمن ۾ نٿا ڦاسن ۽ دنيا ۾ انقلاب آڻي
سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو اسان مان ڪو مارڪس ٿئي، ڪو
لينن ٿئي، ڪو مائو ٿئي.
ڀارتي ”وديارٿي“ اخبار پريس ۾ ڏني هئي ۽ سوشلسٽ ٿي چڪو هو. پوءِ
لوڪ ادب کي لڳو ۽ ان ۾ ڊاڪٽوريت ورتائين. ڪليم ۽
دستاويز، ٻه شاهڪار ڪهاڻيون به لکي ورتائين. غريب
هو مگر رٿا سان ڪم ڪري سماج ۾ پنهنجو مان درجو مٿي
ڪيو اٿائين. کيس ٻه ٻار آهن ۽ خوش ۽ پيو گذاري.
اسين مئٽرڪ ۾ وياسين ته ڀارتيءَ ايشور آنچل سان گڏجي ادبي ڪلاس
جي رٿا بڻائي. مون کي چيائين: مان تنهنجي چوڻ تي
تنهنجي وزارت ۾ آيس. هاڻ اچ ته ادبي ڪلاس کوليون.“
منهنجون ڪهاڻيون روز ’انصاف‘ ۽ ’آواز‘ ۾ ڇپجنديون هيون. ’نرگس‘
۾ ڇپيون ته سنڌي جڳت ۾ مشهور ٿيس.
1949ع
۾ آلوچنا چٽاڀيٽيءَ ۾ پهريون نمبر انعام کٽيم.
1954ع
۾ اگيئه جي. ”نديڪي دويپ“ (استري هڪ پرولي) تنقيد
۾ به اول انعام کٽيم. ’نرگس‘ مخزن چئين آني جي
هئي، پر منهنجين ڪهاڻين ۽ آنچل جي انقلابي شعرن
سبب رپئي بلئڪ ۾ وڪامجندي هئي. ’نرگس‘ معرفت آنچل
سان ملاقات ٿي، آنچل کي گوبند مالهي شاعر انقلاب
ڪوٺيو هو.
آنچل ڪنوارو ۽ ٺاهوڪو. آواز بلند. هن
1951ع
ادبي ڪلاس ۾ هن ريت تقرير ڪئي: ”اسٽالن چيو آهي:
ليکڪ انسان جي آتما جا انجنيئر آهن. اڄ جي سياست ۾
راڄنيتي اڳواڻ ناڪامياب ويا آهن. هينئر ليکڪ يگ
بدلائيندا. هي ئي عوام ۾ سچي سجاڳي آڻي سگهن ٿا.
لينن چيو آهي: سڄي دنيا ۾ انقلاب ماسڪو معرفت،
پيڪنگ معرفت دهليءَ ايندو. وقت ايندو جڏهن ماڻهو
هٿيار کڻندا ۽ ٺوڳي ديش ڀڳت، سرمائيدارن، ڪامورن ۽
وزيرن کي گولين مان اڏائيندا. چمڪيو لعل نشان ڙي
ساٿي، چمڪيو لعل نشان.“
انگريز هليا ويا ته دادا ۽ گلو بيروزگار ٿيا. گهر ۾ ڪا آمدني نه
هئي. ڀاڀي سون وڪڻي گهر هلائيندي هئي. تڏهن سون
ٽيهه روپيا تولو هو، جو هاڻ ٻين هزارين آهي. مون
مئٽرڪ پاس ڪئي، پر مون کي پنج سال نوڪري نه ملي.
ڪافي وڏا لکيڪ گهر ايندا هئا ۽ ڀاڀي ڪڏهن به طعنو
نه هڻندي. چوندي هئي: تون لک. تمام سٺو. ان ريت
ماءُ پيءُ جو نالو روشن ڪج. سو حقيقت اها آهي ته
1948ع
کان
1954ع تائين منهنجي جوان زندگيءَ ۾ هڪ به هفتو اهڙو نه آيو، جو روز هڪ نيرن ۽ ٻه
ويلا ماني نصيب ٿي هجي. پئسا ئي نه هجن ته نوان
ڪپڙا ڪيئن پايان. گهر ۾ کا کٽ، پلنگ نه هو، ته زال
گهر ۾ ڪيئن آڻيان. ۽ اڪثر پريمڪائون به گهر ڏسي
چپن تي آڱر رکي بيهوش ٿي وينديون هيون ۽ هوش ۾ اچڻ
سان ياداشت وڃائي ويهنديون هيون ۽ سڃاڻڻ کان انڪار
ڪنديون هيون.
ادبي ڪلاس جو صدر ٿيو پرسرام ضيا، جو مرڻ تائين ان جو صدر رهيو.
بمبئي ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ته هتي آرتوار جي ڏينهن
ادبي ڪلاس لڳندو هو. اتان خاص طور گوبند پنجابي ۽
مالهي باقاعدي ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڪيرت ۽ اُتم به.
هونءَ آنچل، ڀارتي، گنو، راجو، مان، هيرو باغي،
رام لعل، اجهل، ويڙهو رفيق، سڳن آهوجا ۽ ٻيا
ڪيترا. ڪڏهن لعل چند امرڏنو مل، پرنسپل لعل سنگهه
اجواڻي، منگهارام ملڪاڻي ۽ رام پنجواڻي به آيا.
ڪڏهن ٺاڪر ۽جيوت چاولا، پوءِ هري موٽواڻي ۽ لعل
پشپ به اچڻ لڳا.
جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مون شري گروجيءَ کي ڪئمپ ۾ آندو ۽ ٻه دفعا
دادر ۽ ڪلياڻ ۾ ملاقات ڪئي مانس. اڪثر ڏاڍو کلندو
هو. هڪ دفعي هندو مهاسڀا جي اڳواڻن پنڊت ڊگ وجيناٿ
۽ شري ديشمک کي به آندم. وڏيون تقريرون ٿيون. چون:
گانڌي ويو ته باقي پاڪستان رهندو ڪيئن؟
”ڪيئن ويندو؟“ مون پڇيومان.
”جڏهن نهرو ويندو.“
”نهرو ڪيئن ويندو؟“ پنجورام ورما پڇيس.
”موهن جي کان پڇو: ٿي سگهي ٿو هي کيس گولي هڻي!“
بس ان ڏينهن کان مون اها راهه ترڪ ڪئي. گهڻائي اڳواڻ گهر آيا.
مون چيو: بس. مان نراش ٿي چڪو آهيان.
ڀائي: نراشا ۾ به آشا آهي. ها، پر ان اڳيان نه به آهي.
۽ هڪ دفعي ڪلاس مان موٽندي، گوبند پنجايب چيو، ”سٺو ٿيو جو تو
سنگهه ڇڏيو. اهو مرده سماج جو حامي آهي. تو ۾
انقلاب جو جذبو آهي. انقلاب لاءِ لک. سوشلسٽ
انقلاب.“ هن گهڻو ڪجهه ڳالهايو. مان ڪميونسٽ ته ٿي
نه سگهيس، پر مون تي ان ڏينهن جي وڏي تقرير جو چڱو
اثر پيو. پر مان ادب کي پارٽي پڌرنامي تي لکڻ وارو
نه هئس ۽ ڪلا کي پرچار جو ذريعو ڪڏهن به نه بڻايم.
شايد ان ڪري مان ڪجهه بهتر لکي سگهيو آهيان.
مان نٿو سمجهان ته ڊگ وجيه ناٿ هندستان ۾ مون کي ئي ان قابل
سمجهيو ته، مان نهروءَ کي گولي هڻندس. هيءَ اڳواڻ
ائين جوان تازا امنگن ڀريا چهرا ڏسي، وهي ويند
اآهن. ڪڏهن ڪو ته کين گنڀيرتا سان کڻندو. گانڌيءَ
جي موت دک پهچايو هوم. نهروءَ کي مان گولي هڻان؟
جيل ڏينهن به ياد آيم. منهنجي فطرت ۾ نه هو ته مان
ڪٽرپنٿي ٿيان. مون هڪ مسلم ماهجبين سان محبت ڪئي ۽
ان محبت کي اها طاقت هئي، جو ان مون کي مسلمانن
سان محبت ڪرڻ سيکاري ۽ نه نفرت.
هاڻ دؤر فاقه ڪشي، عشق ۽ ادب پيدا ٿيو.
آنچل، ضياءَ تي ڏاڍو غصو ڪندو هو: ”خدا خدا خدا. ڪٿي آهي خدا؟
اوهين سرمائيدار پريس جا گمراهه ڇاڙتا آهيو. هاڻ
اوهان جو دور ختم آهي. مصيبت ۾ مالڪ مددگار
ٿيندين! ڪهڙو مددگار ٿيندو؟ ڪٿي ويو مالڪ جڏهن
هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌين سنڌ ڇڏي؟ آزاديءَ
کيس سرحد تي پوري ڇڏيو آهي.“
هڪ دفعي جبلن تي گهمڻ تي دل ٿي. مون اسڪول جي نوٽيس بورڊ تي
لکيو: افسوس جو بادشاهه ڇهون مري ويو آهي. ان جي
ماتم ۾ اسڪول بند ٿو ڪجي. راجوءَ وڃي بيل لڳايو.
پرنسپال خوش ته شاگردن ريڊيو تي نيوز ٻڌي اسڪول جو
نالو مٿي ڪيو. جيتوڻيڪ بادشاهه ته مئو ڪونه هو.
هڪ دفعي جوهوءَ تي وياسين ته، ٻئي ڏينهن لعل چنداڻي مون کي،
گني، راجوءَ ۽ ڀارتيءَ کي بينچ تي بيهاريو. ها،
مئٽرڪ ۾.
_ ڪير موهن؟ ڪتي جو پڇ سڌرندو، پر تون نه سڌرندين.
توکي ڪجهه چوڻ مٿي جو زيان. انگريزيءَ ۾ سؤ مان هڪ مارڪ. هاڻ
تون ويهه، نه ته رول سان ڪٽيانءِ نه.
_ ڪير گنو؟ سنڌين جو شرت چندر! موهن سان دوستي ڇڏ، نه ته پيو
جيلن ۾ چڪي پيهندين.
_ راجو؟ ٿڪ اٿئي. ماءُ پيءُ جو هڪ پٽ. ۽ سمنڊ ۾ ٻڏي وڃين ته؟
ٻڏڻو اٿئي ته شرم ۾ ٻڏ.
_ نارو؟ نه نه نارائڻ ڀارتي. پڙهين ڇو نٿو ۽ اڳٺ لٽڪائي اسڪول
مان ڀڄي ٿو وڃين!
”پڙهان، مان ڪيئن پڙهان سرئ“ ڀارتيءَ چيو، ”مان جڏهن به پڙهڻ
ويهندو آهيان، تڏهن منهنجي ڪنن تي انهن عورتن جو
آواز پوندو آهي، جن جون پنجاب ۾ عصمتون لٽيون ويون
آهن. انهن ٻارن جون ڪيڪون پونديون آهن، جن کي هوا
۾ اڇلائي نيزن جي نوڪن تي سمهاريو ويو آهي. تڏهن
پڙهي نه سگهندو آهيان سر ۽ موهن جي ڪلهي تي هٿ
رکي، جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو آهيان.“
هڪ دفعي نارايڻ ڀارتيءَ ادبي ڪلاس ۾ شعر پڙهيو:
جڏهن آزادگي آئي، وٺي هن جو پتي وئي.
يعني آزاديءَ ۾ هن جو پتي ورهاڱي جي فسادن ۾ مارجي ويو. راجا
رام موهن راءِ، ستي لڪڙيءَ جي رسم ختم ڪرائي هئي،
پر سنگهه ۾ ان رسم کي ٻليدان چيو ويندو هو.
ڀارتيءَ کي ادبي ڪلاس ۾ خوب واهه واهه ملي. پوءِ
هن اها سٽ دهرائي ۽ پٺيان جي سٽ مون اتي جو اتي
جوڙي.
ڀارتيءَ چيو:
جڏهن آزادگي آئي وٺي هن جو پتي وئي.
مون چيو:
ويهاري دک جي ڪاٺين تي ڪري هن کي ستي وئي!
غزل جي بندش تي خوب واهه واهه ٿي. اڃا ايم ڪمل اسان سان نه مليو
هو ۽ غزل تي دسترس ٻه ڏهاڪا پوءِ ٿيس. سڳن آهوجا
چيو: تون چاهين ته وڏو شاعر ٿي سگهين ٿو.
مون چيو: نه، مون اهي اسپتالن جا بسترا اوهان لاءِ خالي ڇڏيا
آهن.
هڪ ڏينهن ڀارتي گهر آيو. گهر ۾ ڪجهه به نه هو ۽ ڪير به نه هو.
مون چانهه ٺاهي.
ڀارتيءَ چيو، ”تون، جهڙو شرتچندر. اڪيلو.“
”ويهه، چانهه پي.“
”نه، سڀاڻ امتحان آهن. سائنس جو پيپر آهي، پر ڪتاب نه اٿم.“
مون کيس ڪتاب ڏنو.
هو، گنو ۽ راجو سڀ پاس ٿيا. مان سائنس ۾ فيل ٿيس. ڪتاب هو ڪونه
۽ مان وڃي پواڻي واري پل تي سمهي پيس. اٽڪل ٻه
سال، ٿڌ ۾ گرميءَ ۾، برسات ۾ مان اتي ويهندو هوس ۽
ليٽي پوندو هوس. پل جو ٿلهو اٽڪل ٽي فوٽ هو ۽ اٽڪل
ويهه فوٽ هيٺ نالو ۽ ان ۾ تيز وهندڙ پاڻي. ماڻهو
صبح مرداني دڪن تي نوڪري ڪرڻ ويندا هئا ۽ مون کي
اٿاريندا هئا، پر مان نه اٿندو هوس. سمجهندو هوس
ته هڪ ڏينهن اتي ڪملا يعني بينا ضرور ايندي ۽
چوندي، ”تون منهنجو مجنون، فرهاد ۽ رانجهو آهين،
مان تنهنجي ليلا، شيرين ۽ هير آهيان. مان تنهنجي
سسئي تون منهنجو پنهون آهين. مان سهڻي، تون ميهار،
مان راڌا، تون ڪرشن، مان سيتا، تون رام، مان
دمينتي، تون نل، مان ساوتري، تون سيوتان، مان
مارئي تون کيت، مان بينا تون موهن. اٿ ۽ منهنجي
زلفن جي سائي ۾ اچ.“
ڀرسان ئي سندس گهر هو ۽ کيس ڪملا مٽاڻي ۽ موهن ڇڳاڻي ٻڌايو هو
ته، مان هن لاءِ هن برج تي ليٽندو هوس. پر هوءَ
ڪڏهن نه آئي. ڪڏهن پل تان ڪران ها ته مري وڃان ها.
مون کي سيءُ اصل ڪونه پوندو هو ۽ برسات ۾ پسندو
هوس. مون سوچيو، منهنجي پريم جي تپسيا ضرور سڦل
ويندي. پر هوءَ نه آئي. زندگي ڪو قصو يا فلم نه
آهي، جو آهون وڃي معشوقائن جي دل جا دروازا
کڙڪائين. غالب جو هڪ شعر زبان تي ايندو هو:
|