مون کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته هنن ماڻهن وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه
ڪونهي. فقط نعرا ۽ تقريرون ۽ نفرت آهي. رڳو ماضيءَ
جون وڏايون. اڄ ڇا ڪجي، ديش کي ڪيئن مضبوط ڪجي،
ٿوراين وارين جاتين جا حق ڪيئن سلامت رکجن، کين
ڪجهه خبر نه آهي.
هڪ رات اتي سيمينار ٿيو: جيڪڏهن گانڌيءَ جو خون نه ٿئي ها ته؟
ڪنهن چيو ته: اسين هندو راڄ قائم ڪريون ها.
ڪنهن چيو ته: اسين پاڪستان کي ختم ڪريون ها.
۽ مون چيو: ڪجهن نه ٿئي ها، اسين ٿورو گهٽ راڳ ڳايون ها.
اسان جو هڪ نعرو هو:
ماني، گاهه، تيل ۽ سڪل مانيون. سو کاڌو نه وڻندو هو. چانهه به
نه ملندي هئي. اسان کي آرتوار صبح جو بوهيمنڱ ۽ ڳڙ
ملندو هو، جي چاهه سان کائيندو هوس ۽ ڏينهن جو
گوشت. اسان جو سنڌي اڳواڻ ڪوئي ڪشور واسواڻي،
فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ سان، جيلر سان گڏيو ۽ چانهه جي
گهر ڪيائين. هو ۽ مان ڪافي بحث ڪندا هئاسين. هن
مون کي چيو: تون ”آگ“ فلم جو راجڪپور ٿو لڳين. تون
نهايت ذهين ۽ تيز آهين. تنهنجي اکين ۾ نهارڻ سان
بحث جو موضوع وسريو وڃي. تون آگ جو شعلو ۽ طوفان
آهين، تون بارن انقلابي ۽ آرٽسٽ آهين.
هڪ ڏينهن چانهه آئي ته سنڌين ڊُڪ پاتي. جيل جي هڪ مراٺي اڳواڻ
سنڌين بابت هڪ خطرناڪ رايو ڏنو: ”هنن کي ڏسو.
پاڪستان ۾ مسلمانن سان وڙهي نه سگهيا ۽ هتي چانهه
پٺيان چرين وانگر ڊڪي رهيا آهن.“
چندر واسواڻي چيو، ”سنڌي هڪ ماڊرن قوم آهي، مهاراشٽرا کي چانهه
قبول ڪرڻ ۾ صدي لڳندي. هنن کي سنڌين سان جيلسي
آهي.“
هڪ مرهٽي اڳواڻ چيو، ”اوهين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇو ٿا ڳالهايو. يا
هندي ۾ ڳالهايو، يا مرهٽيءَ ۾.“
سو سنگهه سان مانسڪ طور ان ڏينهن ٽٽس. پر سامهون ڪو ٻيو آدرش به
نه هو ۽ ڪم ڪرڻ جو جنون سر تي سوار هئم.
جيل ۾ هڪ ڏينهن گني سامتاڻي جو خط آيو: ”خبر اٿئي لال چنداڻي
ٽيچر ڇا چيو؟ اسان کي موهن تي ناز آهي. هن جو فوٽو
آڻيو ته ڪلاس روم ۾ ٽنگيون. موهن تون منهنجي ڪلپنا
آهين!“
منهنجي پهرين ڪهاڻي ”آتم هتيا“ موهن لالا جي نالي ڇپي. گني جي
خط بعد مون پنهنجو نالو ڊسمبر
1948ع
۾ موهن ڪلپنا رکيو، جو اڃا تائين قائم اٿم.
جيتوڻيڪ گهڻا دفعا سوچيو اٿم ته نالي پٺيان تخلص
جي ڪا ضرورت نه آهي ۽ ڪلپنا لفظ لکڻ ڇڏي ڏيان!
گنو سامتاڻي مون کان چار سال ننڍو آهي. چوڏهن سالن جي عمر ۾ اهو
خط لکيو هئائين. شيرين زبان، تيز ذهن، ادب جو تمام
گهڻو اڀياس، مهذب، سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوق، سهڻو
جهڙو انگريز. هن تي ڇوڪريون عاشق ٿيون. پر هو
ڪيڏانهن اک کڻي نه نهاريندو. ٿورو وڏو ٿيو ته
ڇوڪريون کيس ودوان سمجهي پيرين پوڻ لڳيون. گني جا
پير ڏاڍا اڇا ۽ سهڻا. هڪ دفعي چيومانس: ڇوڪرين
تنهنجي ايتري چرڻ وندنا ڪئي آهي، جو انهن ۾ مون
ڪڏهن به مٽي نه ڏٺي آهي. پاڻ انتر مکي. ڏک هن به
ڏٺا پر اُڦ نه ڪيائين. راجن چاولا ٻاهر، مکي. لوهي
بدن پر ٺاهوڪو. مارڪٽ ۾ هوشيار. موهن هن کي؟ ها!
سندس هڪ چماٽ ۽ ڇوڪرو واچوڙري وانگر ڦرندو وڃي.
پاڻ به هڪ مخصوص رات مون سان گڏ گرفتار ٿيڻو هو،
پر سندس پتا ڀاشيمل کي سڻس پئجي وئي ۽ هڪ ڪمري ۾
کيس بند ڪري، ٻاهران ڪلف لڳائي ڇڏيائين. راجو ڇت
تان ٽائيلس لاهي به مون وٽ اچڻ ۽ جيل ۾ هلڻ لاءِ
تيار ٿيو ۽ ڏاڍا ٽپا ڏنائين، پر ڇت تائين پهچي نه
سگهيو. ادب ۾ اسان ٽنهي ڪميونسٽن جو زبردست مقابلو
ڪيو ۽ اسان کي ”ٿري ائنگري ينگ مين آف سنڌي
لٽريچر“ جو خطاب مليو. اسان ترقي پسندن کي قوميت
جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو. پوءِ راجن چاولا ادب ۾
پندرهن سال گڏ رهي، ڌنڌي ۾ هليو ويو ۽ سندس ڪرسيءَ
تي آرام سان اچي لعل پشپ ويٺو، جنهن جي گفتگو ۽
قلم ۾ اڪثر زهر رهيو آهي. ادب ۾ اسان جي ٽمورتيءَ
تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. هونءَ لعل پشپ
1954ع
کان اسان جي دوستي ۾ آيو. سٺ کان چوهٺ تائين
راجوءَ جي تخت تي براجمان ٿيو. راجو وري فلمن ۾
ويو پر اهو ٻيو قصو آهي.
جيل ۾ پاڻي خراب هئڻ سبب مون کي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيا، سو مون کي
ڦاسي گهاٽ جي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيائون جا ڇهه ڇهه
فوٽ هئي. ڪاڪوس پاڻيءَ اندر. ماني شيخن مان ڏني
وڃي. پاسي ۾ هڪ ٻي ڪوٺي، جتي هڪ چاليهن سالن جو
قيدي، جنهن کي ڦاسي اچڻي هئي. هڪ دفعي هن آواز
ڏنو. ”ڇا تو به زال جو خون ڪيو؟“
”مان ڪنوارو آهيان.“
”عمر؟“
”ارڙهن سال.“
”توکي ڇو بند ڪيائون؟“
”مان سچ ڳالهائيندو آهيان.“
”سچ تي ڦاسي؟“
”ڦاسي نه، جيل. توهان کي ڦاسي ايندي؟“
”ها“
”ڇو؟“
”مون زال جو خون ڪيو آهي.“
”هوءَ بي وفا نڪتي.“
”زالون بي وفا نه ٿينديون آهن.“
”تڏهن؟“
”توهان هن کي پيار نه ڏنو هوندو، کيس اهو ٻئي هنڌان مليو هوندو.
هلي ويئي هوندي.“
”ڀلا مان مزوري ڪريا يا سڄو ڏينهن چمانس. . . چٽيانس. . .“
”سو اوهان کي ڦاسي ايندي؟“
”ها.“
هو مون کي پنهنجي چانهه، ڳڙ، بوهيمنڱ ۽ گوشت ڏيندو هو. جڏهن
ڦاسيءَ لاءِ وٺي ويس ته سامهون ٿيو ۽ چيائين، ”مون
کي خبر پئي ته اوهين ديش ڀڳت آهيو. ڀاءُ هتي اهڙو
راڄ برپا ڪريو جو مزورن کي سٺو پگهار ملي. کين
آرام ملي ته جيئن هو زالن سان پيار ڪري سگهن.“
منهن ۾ وارن جو جهنگل ۽ اکين ۾ پاڻي. خبر ناهي ڪٿي وڃي ڦاسي
ڏنائونس. هو ويو ته وري اهو خيال آيم:
ائين ٿيڻ نه کپندو هو!
مان هر کن جيئڻ ۽ ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. پاڻ سان ۽ ٻين سان
نباهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ان ڀرپور احساس سان
ڪڏهن ڪڏهن ارد گرد کان ڪٽجي به ويندو آهيان ۽ گهڻن
کي اجنبر لڳندو آهيان. مان ڪڏهن به پنهنجي سامهون
مفاد پرستيءَ جو نظريو نه رکيو آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن
سان گڏجي منصوبا سٽيا اٿم. فلسفن جي وڍ ڪٽ ڪرڻ ۾
ماهر آهيان. سنڌوءَ ۾ ٽٻيون گهٽ ڏنم پر ٽٻين ۾ پوڻ
جي عادت اٿم. مون انسانن جي تاريخ تي گهڻو سوچيو
آهي ۽ انهن جا نفاق، فساد ۽ جنگيون ڏسي، ٽٻيءَ ۾
پئجي ويندو آهيان ته اسين ڪجهه سڌرنداسين به يا
نه.
جيل ۾ کل مستي به ٿيندي هئي. ڪو سمهيو پيو هوندو ته ان جي قميص
۾ نوڙي ٻڌندا هئاسين ۽ نوڙيءَ کي ٿنڀي سان. پوءِ
اٿاري چوندا هئاسينس ته فلاڻا تنهنجو خط! اٿي
ڊڪندو ۽ ڌو، منهن ڀر وڃي ڪرندو. قميص به ڦاٽي
پوندس ۽ ٿورو شرمندو ٿيندو ۽ پنهنجو نالو بيوقوفن
جي فهرست ۾ ڳڻائي موٽي ايندو. ڪو کونگهرا هڻندو ته
کيس بستري سوڌو کڻي ٻاهر ڪاڪوس ٻاهران ڇڏيا
اينداسين. پوءِ صبح جو اٿندو ته ته چٻري جيان سوچ
۾ پئجي ويندو، ڄڻ تازو ماءُ پيٽان ڄمي دنيا ۾ آيو
آهي ۽ اوئان اوئان پيو ڪندو ته مان ۽ ڪاڪوس ٻاهران
ڪيئن؟ پر ڪاڪوس اهو جو ڪڏهن مهاتما گانڌي خود صفا
ڪندو هو.
هڪ دفعي اڳواڻ چيو: وڙهڻ سکو. هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻو ۽ پٽ تي ڪيرايو.
سو هڪ بهادر گهاٽي مون ڏانهن ڊڪيو. جي مٿان ڪري ها
ته شايد ڇاتيءَ جون هڏيون ڀڄي پون ها. هو تيز
رفتاريءَ سان ڊوڙيو ۽ پاڻ تي ڪو ضابطو نه رکيائين.
جيئن سندس سڄو بار مون مٿان پوي. مون ساڄي ٽنگ
پٺيان ڪئي. ڪلهو کاٻي ورايم ۽ ڦڙتائي سان سندس
ٻانهن ۾ هٿ وجهي، ان طرف ڌڪيومانس جتي حد هئي ۽
ڪنڊن واريون لوهه جون تارون هيون. هو وڌيڪ رفتار
سان انهن تارن مٿان وڃي ڪريو ۽ ضربجي ويو. اٽڪل
سورهن فوٽ پريان ڪريو. پوءِ اهي موجون به ختم ٿي
ويون ۽ ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيس.
ڪڏهن سنڌ جي ياد ايندي هئي. ڪڏهن نياضيءَ جي. ڪڏهن شيلا جي ۽
ڪڏهن ڪملا جي.
مون ڪملا جو نالو بينا رکيو ۽ هن تي پنجاهه کن ڪهاڻيون
لکيم. اسان جي ڪابه ملاقات نه ٿي. ”آواراهه“ جي نائڪا اها ئي
آهي. شڪل ”اسٽيشن ماستر“ جي هيروئن ونهالا جهڙي
اڪثر مون کي ڏسي مشڪندي هئي ۽ ڇاتيءَ تان رئو
ڪيرائيندي هئي. مان به هن ڏانهن نهاريندو هوس ۽
سوچيندو هوس ته بس شادي هن سان ڪندس. ڀرسان وڃي
آسمان ڏانهن نهاري گانو ڳائيندو هوس:
مئٽرڪ جي ڏينهن ۾ سندس ڀرسان هڪ ڪمرو خالي ٿيو، جتي مان، گنو ۽
راجو پڙهندا هئاسين ۽ مان رات جو ڳائيندو هوس:
مون سوچيو: مان هڪ مهاپرش. هوءَ مون وٽ اچي ۽ چوي: تون منهنجو
ساهه، منهنجو پيار، منهنجو سوامي آهين. گني کي
منهنجو رخ وڻندو هو، پر راجو چوندو هو: ٻچا گانا
ڳائڻ سان ڇوڪريون نه ملنديون آهن. کيس ٻانهن کان
جهل ۽ چئينس: هينئر شاديءَ جي منڊپ ۾ وهين ٿي يا
نه؟ بس، هڪ ڏينهن هوءَ شهر ڇڏي بمبئي هلي ويئي. |