مون کيس پنهنجي تن ۽ من جي سڄي حالت ٻڌائي. هن چيو،
”موهن، گهڻو سوچي ۽ يورپئن مخزنون پڙهي، نروس سسٽم ڪمزور ڪري
ڇڏيو آهي. تنهنجي دل ٺيڪ آهي. بلڊپريشر به ٺيڪ
اٿئي. وري به خاطريءَ لاءِ ريڊ ڪراس مان ڪارڊيو
گرام ۽ ايڪسري ڪڍائج، تنهنجي رڳن کي ٺاهڻو پوندو.
گهٻراءِ نه. تون اسان گهڻن کانپوءِ مرندين.“
هن ٻه گوريون ڏنيون. هڪ ايڪيوبرام ۽ ٻي يونيڪائيزم. چيائين،
”تنهنجي دماغ جون رڳون پنهنجي سڄي تناءَ کي ائسڊ
بڻائي تنهنجي آنڊي ۾ گئس ٿيون پيدا ڪن. پهرين گوري
دماغي رڳن کي طاقت ڏيندي ته، اها تناءُ کي پاڻ ۾
جذب ڪري. ٻي گوري آنڊي اندر ان تناءَ کي اندر گهڙڻ
نه ڏيندي. ڪيس سئڪو بائلاجيڪل آهي. اڄ يورپ جي هر
ڏهين ماڻهوءَ کي اها تڪليف آهي. گهٻراءِِ نه.
ٽرنڪولائيزرس گوريون سڄي تنتني سرشتي کي انتظام ۾
آڻين ٿيون. موهن، پندرهن سال اڳ مون جڏهن تنهنجو
علاج ڪيو، تڏهن مون کي ڊپ هو ته تون شايد نه بچين.
تو ان وقت کليو ٿي، ۽ هاڻ جڏهن سچ پچ توکي ڪو خطرو
ڪونهي ته تون ڊڄي ويو آهين.“
مان ايڪيوبرم جي هڪ گوري وٺي گهر ويس ۽ ٻي ماني بعد ورتم. ڪمل
سان ڳالهه نه ڪيم، پر مون ڏٺو ته هر خميس جي ڏينهن
مون کي ان قسم جي تڪليف ٿي ٿي. اکين ۾ اوچتو ڌنڌ
وانگر سوجهرو. منهنجو نستو ۽ بي همٿو ٿيڻ. مون
اجهل جي چوڻ تي بمبئي جي نوڪري ڇڏي ڏني. تلريجا
ڪاليج ۾ سينئر ڪلارڪ جي نوڪري وٺي ڏنائين. پگهار
فقط ٽي سئو ايڪٽيهه رپيا. احمد آباد مان هيرو
شيوڪاڻي به الهاس نگر آيو. اسان جي نوڪريءَ تي
چڙهڻ جي ساڳي تاريخ بيٺي. پهرئين ڏينهن ئي رستي تي
تڪليف ٿي. ڊاڪٽر وٽ ويس دوا ورتم. گهر هليو ويس.
ڊاڪٽر جي اسپتال ڪاليج جي سامهون هئي. اجهل ڪاليج
۾ اڪائونٽنٽ هو. شيوڪاڻي ليڪچرار. نارايڻ ڀارتي بي
اي جو شاگرد، جو پوءِ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس
فرسٽ آيو. پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ هاڻ ان ئي ڪاليج ۾
ليڪچرار آهي. اتي چڱيون اديب ڪچهريون ٿينديون
هيون. مون پگهار ته گهٽ ٿي کنيو، پر ڪاليج ۾ ادبي
پهرين مون سان ئي گڏجڻ ايندا هئا. ايڪسري ۽ ڪارڊيو
گرام ڪا خرابي نه ڏيکاري. ڪمل سان ڳالهه ڪيم.
هونءَ ڀاڀيءَ کي هر مهيني پوڻا ٻه سئو روپيا ڏيندو
هوس. ڪاليج ۾ اچڻ بعد کيس فقط منو سئو ڏيڻ لڳس.
مان ڪڏهن سوچيندو هئس ته ڪراچيءَ ۾ هجان ها ته
ساڳئي شهر ۾ نوڪري ڪريان ها. لوڪل ۾ چار ڪلاڪ
وڃائڻا نه پون ها. ڪاليج ۾ نوڪري ملڻ سان اها خوشي
ٿيم ته ساڳئي شهر ۾ ڪم هو. رام دادلاڻيءَ وٽ ٻه
فون ۽ وڏي ٽيبل هوندي هئم. اڪثر ڪم ۾ مشغول. اڪثر
چار گراهڪ سامهون سامهون ويٺا هوندا. ڏهين کان
ڇهين تائين سخت مشغول. هڪ دفعي لعل پشپ، شيوڪاڻيءَ
کي وٺي آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته تون ڪم ۾ ايترو
مشغول آهين جو اڌ ڪلاڪ رڳو اسان ڏانهن نهارڻ ۾
لڳايو اٿئي. آنند کيماڻي کاڌيءَ جا ڪپڙا پهريل اتي
آيو. سمجهيم ته ڪو سوشل ورڪر آهي. ان ڪري ڌيان
ڪونه ڏنومانس. پوءِ جڏهن واقفيت ڏنائين ته مون
مشڪيو. چيومانس: اهو ته تون لڳين نٿو. آنند ته
زبردست ذهين آهي. تون ڪجهه سادو پيو لڳين. آنند
پنهنجي موجودگيءَ مان ڪنهن کي به ٺڳي سگهندو آهي.
ماڻهو زياده وشواس سان هن سان ڳالهائين ۽ پوءِ
جڏهن آنند ڳالهائي ته لڳي نرسنگهه ڀڳوان هرناڪس جا
آنڊا چيري رهيو آهي. دادلاڻي وٽ مون اهو قاعدو
ڪڍيو ته هر سنڌي مخزن کي هر مهيني هڪ اشتهار ڏنو
وڃي. جڏهن ٻيا صفحي جا پنجويهه روپيا ڏيندا هئا ته
مون پنجٽيهه ڏيڻ شروع ڪيا.
ڪاليج ۾ ته منهنجي ڪا هستي نه هئي. ڪڏهن چانهه سگريٽ پيئڻ تي دل
ٿيندي هئي ته اجهل کان ڳاڙهو ووچر صحيح ڪرائي پنج
ڏهه رپيا ائڊوانس کڻندو هوس. مون کي اسڪالرشپ
سيڪشن ڏنو ويو، جنهن جا قاعدا قانون پڙهي ڪافي
هوشيار ٿيس. ڪاليج جي مينس هاسٽل لاءِ ڪاليجيئٽ
بورڊ ميونسپالٽيءَ کي پلانس ڏنيون هيون، پر اهي
پاس نٿي ٿيون. سپرنٽنڊنٽ ٻالاڻي جي چوڻ تي پرنسپال
اي آر ڪلڪرنيءَ مون کي پاڻ وٽ گهرايو ته، تو ڏهه
سال آرڪيٽيڪٽ جي آفيس ۾ مئنيجر جي عهدي تي نوڪري
ڪئي آهي. تون اهي پلانس پاس ڪرائي ڏي. اهڙي
اختياري به ڏنائين. مان ان ئي ڏينهن چيف آفيسر
گهنشام تلريجا وٽ ويس. هن چانهه گهرائي. چيائين:
”منهنجا وڏا ڀاڳ آهن جو تون مون وٽ آيو آهين.
سنڌيءَ ۾ منهنجا ٻه فيوريٽ ليکڪ آهن. هڪ تون ۽ ٻيو
لعل پشپ.“ ڪلاڪ ۾ پاس ڪري ڏنائين. ڪلڪرني حيران ته
جي پلانس آرڪيٽيڪٽ ٽن سالن ۾ پاس ڪرائي نه سگهيو،
مسٽر لالا هڪدم پاس ڪرائي آيو. هن پوءِ امتحانن
لاءِ مون کي اسسٽنٽ سينئر سپروائيزر مقرر ڪيو. فقط
پاڻ منهنجي مٿان. شيڊولڊ ڪاسٽ، ٽرائيبس، نوماڊ
وغيره جا فارم مان جاچيندو هوس. خود ڊرافٽ ٺاهيندو
هوس. ڪلڪرني مشڪي صحيح ڪندو هو. چوندو هو: تنهنجي
انگريزي منهنجي ڪاليج جي ڪيترن ماسترن کان سٺي
آهي.
هيرو شيوڪاڻي جي شخصيت ڪشش ڪندڙ آهي. ذهين ۽ بيباڪ آهي، پر حساس
گهٽ آهي. هن گني جي ”اڀمان“ تي جديد نقطئه نظر کان
تنقيد لکي، نئين پيڙهي جي ليکڪن ۾ نالو ڪڍيو هو،
پر جا تنقيد سخت وڌيڪ، صحيح گهٽ هئي. گني کي
”اپرجتا“ تي جڏهن انعام مليو، تڏهن هن هڪ هنڌ لکيو
ته گني جي ان انعام پٺيان، گني جي سنڌي تحريڪ ۾
شرڪت آهي. اهو الزام غلط هو، ڇو جو گني سنڌي تحريڪ
۾ حصو نه ورتو هو ۽ لکنو سميلن ۾ تماشبين ٿي هليو
هو. البته ليکڪن سان سٺا ناتا هئس، پر گنو ۽
خوشامد ڪري، اها ڳالهه گني جي فطرت ۾ نه هئي.
شيوڪاڻي جي جديد سوچ: چي سڀ روايتون ختم ڪريو.
زبان جون نسون ٽوڙيون، پر کيس اها ڄاڻ نه هئي، ته
زبان جي نسن ٽوڙڻ لاءِ خود زبان جي ڄاڻ هئڻ لازمي
هئي، نه ته نسون ملنديون ئي ڪيئن!
هڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ موتي پرڪاش هڪ سانيٽ پڙهيو. سڳن چيو: اهو
سانيٽ جو فارم ئي ڪونهي. موتيءَ چيو: مون ان جي
قاعدن کي ڀڳو آهي. سڳن چيس، قبلا، سانيٽ جا قاعدا
ڀڃڻ لاءِ به ان جي قاعدن جي ڄاڻ ضروري آهي. مون
هيري شيوڪاڻي ۾ ٻه وڏيون خوبيون ڏٺيون ته هو
پنهنجي جدت سان ايماندار هو ۽ تنقيد ڪندي دوستي
مخالفت جو لحاظ نٿي رکيائين. اجهل ۽ ڀارتي سندس ان
سوچ تي چڱي نڪته چيني ڪندا هئا. ايم ڪمل جي گهر
وڃبو ته ڪمل چوندس: حضور، اوهين دروازي کان ڪئين
آيا؟ اوهان کي ڀت ٽپي اچڻ گهرجي. پٽ کي چوندو:
بابا، گلن جون ڪونڊيون کڻ. ڏسين نٿو، جديد نقاد
آيو آهي. تن ڏينهن ۾ شيوڪاڻي ٿوري ٿوري ڳالهه تي
غصو ڪندو هو. آنچل جي ڪتاب تي سخت تنقيد ڪيائين ۽
ان جو جواب مون کيس ڏنو، جو وڌيڪ سخت هو. مون کيس
اهو پڙهڻ لاءِ ڏنو. هو ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو. اسين
هيٺ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ وياسين. هن چيو: موهن تون
مڃين ٿو ته مون ۽ هريش واسواڻي سنڌيءَ ۾ نئين
تنقيد جا درسگاهه کوليا آهن.“
”مڃيان ٿو“ مون چيو، ”۽ اها نئين تنقيد پهرين هريش
واسواڻي منهنجي ڪتاب ”چانڊوڪي ۽ زهر“ تي ڪئي. هريش
پنهنجي سوچ |