گهڻا سال ٿيا جو هوءَ گڏي.
”ڪيئن آهيو؟“
”بس هلان پيو.“
”شادي ڪيئي؟“
”نه.“
”اخبارن ۾ پڙهندي آهيان ڪميونسٽن سان چڱو مقبالو ڪيو اٿئي.“
”ها، پر ان لاءِ مان آمريڪا کان هدايتون نه وٺندو آهيان.“
”مون سان ناراض آهين؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”جو سڀاويڪ آهي، اهو سندر آهي. مون اَ سندرتا کي ڪڏهن پسند نه
ڪيو آهي.“
هوءَ وڃڻ لڳي ته پڇيومانس.، ”تون ڪيئن آهين؟“
”بس زندهه آهيان.“ ائين چئي هلي ويئي. ان بعد وري ڪا ملاقات نه
ٿي ۽ خبر نه اٿم ته ڪٿي آهي ۽ نه ان جي جاچ ڪئي
اٿم. بس زندگيءَ ۾ هڪ طوفان آيو. هليو ويو. مان ڪو
شاهي وڻ نه هئس جو ڪري پوان. طوفان ۾ گاهه کي ڪوبه
خطرو نه ٿيندو آهي. رڳو زندگي ان کي لتاڙيندي آهي.
الهاس نگر شهر جي بنيادي پٿر جو مهورت، هندستان جي پهرئين گورنر
جنرل راجگوپال آچاريه ڪيو. سنڌين ان ڏينهن وڏا
مظاهرا ڪيا ته شهر جو نالو سنڌو نگر رکيو وڃي. پر
حڪومت نه مڃيو. پوليس لٺ بازي ڪئي.ڪي بانٺا مون ۽
راجن چاولا کاڌا. آخر اسان اهو زخم قبول ڪيو ته
هتي اسان جي جذبات جو ڪو ملهه ڪونهي. ٿيئٽربند ٿي
ويا، رستا ڄڻ دنيا جو ٻارهون عجوبو. ٻه قدم هل ته
ڪري پئجي. اڃا اڳئين شخص تي کلجي ته پاڻ ڪري پئجي.
ڄڻ بيربل جا چرچا. هڪ سان ڪندو ته اهو تلوار کڻي
ڪاهي ايندس. ٻيا کلندا. وري ٻئي سان ڪندو ته تلوار
مياڻ ۾ وجهي خود کلي موٽي ايندو ۽ ٻيو تلوار اُڀي
ڪري ڪاهي ايندس. شهر ۾ هڪ به اسڪول، اسپتال، باغ،
پوسٽ آفيس نه. نه ڪو دوڪان، چانهه جي هوٽل، مليٽري
جا کليل ڪاڪوس، جن جا دروازا اڪثر ڀڳل. شهر ۾
هزارين سوئر، ڪاڪوس ۾ وڃ ته منهن کي ڀنگيءَ جو
ٻهارو سمجهي اچي ٻاهران بيهندا. رستن جون بتيون
اڪثر بند. ٿورو مينهن پوي ته تار ٽٽي پوي ۽ هڪ ٻه
جوان ان جو شڪار ٿين. نل به گهر کان ٻاهر. آمدرفت
جو وسيلو نه، تڏهن پرسرام ضيا ڪلاسڪ شعر چيو:
جبلن تي ٿا جتيون گسايون
لوهه جا بوٽ وٺي ڪي پايون
ماڻهو به بئرڪن ۾ سٿيل. وچ ۾ ڳوڻين جون ڀتيون ۽ ان جي چيرن مان
زندگيءَ جي پت وائکي. آهستي آهستي سنڌين شهر
ٺاهيو. گاڏيون بيهاري پنهنجي اسٽيشن الهاس نگر
ورتي. هينئر اتي رونقون آهن. اڳي ماڻهو بمبئي
ڀڄندا هئا. هينئر الٽ گنگا آهي. هتي جي زمين جا
اگهه بمبئيءَ جيترا آهن. سڀ سهوليتون. شهر ڪافي
وڌيو آهي. اڪثر زالون ٻارن کي پيٽ، هنج ۾ کڻي ۽
هٿن کان وٺي رستن تان لنگهنديون. پوءِ ٽرئفڪ جئم.
هينئر هتي چاليهه پنجاهه اسڪول، ٽي چار ڪاليج، ڏهه
ٿيئٽر، پندرهن ويهه باغ آهن ۽ اسان هتي هڪ شاهه
عبداللطيف رستو به ورتو آهي. پٽاٽن، ٽماٽن، ڀاڄين
۽ کير وارا، پڪوڙائي، مٺاين وارا، فرنيچر، پلاسٽڪ
انڊسٽري وارا لکاپتي، ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو
چندا وٺڻ لاءِ هتي ايندا آهن. هتي ماڻهو محنت ڪري
ٿڪجي پون ٿا ۽ اڪثر ڀڳوان ۽ شراب جي شرن وڃن ٿا.
الهاس نگر پهرئين ٻئين ٽئين ۽ چوٿين پنجين کي ريل
جا پٽا الڳ ڪن ٿا. اڳ اتي هيٺان نالو هو، جنهن
مٿان سيمينٽ جي ٽي فٽ اڀي پل.
اتي جام ماڻهو ٻڏا.
مان چار پنج ميل پنڌ ڪري مونامل ويندو هوس ۽ جي بس نه ملندي هئي
ته پنڌ ئي واپس ايندو هوس. اتي نقلي سلڪ ٺهندي
هئي. مون کي ڊافس سيڪشن ۾ رکيو ويو. مان ڊافس
ٺاهيندو هوس. هفتي هفتي ڊيوٽي بدلجندي هئي. ستين
کان ٽي. ٽين کان يارهين. يارهين کان ٽي. ان
ڪيميائي ماحول ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون ۽
هجن نه هجن، پر لڳندو ته اکين کان بادل لنگهي ويا
آهن.
اتي مزدورن جي حالت ڏٺم. مون اٽڪل ٽن سؤ روپين جو ڪم ڪيو ٿي.
پگهار ملندو هو نوي رپيا. هڪ مزور تي جيڪڏهن مالڪ
کي ٻه سو بچن ٿا ته ڏهن هزارن تي کين گهڻو بچندو؟
ڪارل مارڪس ”سرپلس وئليو“ جو نظريو ان اصول تي ٻڌو
آهي. ان ڪري هن چيو آهي ته دنيا جا مزدور هڪ ٿيو ۽
۽ پيداوار جي وسيلن ۽ ذريعن جا مالڪ ٿيو. اسين به
ڄڻ مشين جا پرزا هئاسين. وقت تي اچڻ، بيهڻ، ڊافس
جون ناليون صاف ڪرڻ. ڪيميائي پاڻي هڪ ڌاڳي تان هيٺ
لهندو. هيٺ ڄڻ ڪو بنا راڳ رڪارڊ هلندو. ان تي ڌاڳن
جو بنڊل ٺهندو ويندو. هڪ دفعي هٿ چيرجي ويو. ڪنهن
ڌيان نه ڏنو. مسلمان انچارج اڳيان وڌيو. ڪلهي تي
هٿ رکيائين ۽ هلي ملم پٽي ڪيائين. مان ڪنهن سان به
نه ڳالهائيندو هوس. هن چيو، ”هي جڳ مشين جو آهي.
مشين لاءِ ڪو هٿ هندو يا مسلمان ناهي. ان ۾ جنهن
جو هٿ پوندو، اهو ڪٽجي ويندو.“
آر. ايس. ايس جو فلسفو مشيني جڳ ختم ٿو ڪري. مون ان وقت ڪهاڻي
”ڦيرو“ لکي جا سنڌ هند ڪهاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ”مهراڻ“
کي موڪلي. اتي اها ٻيون نمبر آئي. پهرين جمال ابڙي
جي آئي ۽ ٽين شيخ اياز جي. هتان جي گهڻن ليکڪن
ڪهاڻيون موڪليون. شايد
1956ع
۾ ڇپي. ان بعد سنڌ ۾ منهنجون ڪهاڻيون لڳاتار
ڇپجنديون رهيون آهن. ”ڦيرو“ هلال
1982ع
جي پرچي ۾ وري ڇپي آهي. هتي ڪهاڻي اڃا نه ڇپي آهي.
حشو ڪيولراماڻي دهليءَ مان هڪ خط لکيم: ”تون سنڌين
جو پهريون پرولترئين ليکڪ آهين.“
ادبي ڪلاڪ ۾ ويندو هوس ۽ اتي جي راڳ جي جشن ۾ ميران کي وٺي
ويندو هوس، جا اتي راڳ ڳائيندي هئي. هڪ ڀيري سڳن
پڇيو: ”ڪير آهي؟“
”منهنجي گرل فرينڊ.“
”خوب!“
رستي تي ميران پڇيو، ”ٻڌاءِ، مان تنهنجي گرل فرينڊ ڪيئن آهيان؟“
”تون منهنجي فرينڊ ته آهين؟“
”ها.“
”۽ گرل به.“
”ها.“
”ها، ته پوءِ ڇا؟“
”نه ري. گرل فرينڊ معنيٰ معشوقا، دلربا، پريما.“
”تو منهنجي پهرئين پگهار جي پيسٽري جو کاڌي.“
”ٻڌ موهن، هڪ ڳالهه ٻڌ. تون برابر ڊگهو آهين. پر مون کي مڙس اهو
کپي جو ڇهه فوٽ ڊگهو هجي ۽ پگهار سورهن سو رپيا
هجيس.“
تازو مون ڪونج ۾ هن تي ڪهاڻي لکي: ”صبح، جو نه ٿيو.“ سڀ ته ان ۾
سچ نه هوندو. شڪل ڪنهن جي، ٽنگ ٻانهن ڪنهن جي. ڪو
واقعو، ڪو گفتو ڪٿان جو. فن جي سانچي ۾ وجهه ته
ڪهاڻي تيار. ائين مون ادب کي زندگيءَ کان وڌيڪ
گنڀيرتا سان ورتو آهي ۽ سالن بعد سٺي ڪهاڻي لکي
اٿم.
ميران رات جو راڳ ڳائيندي هئي ۽ مان به ٻاهر ٿلهي تي ليٽِي، ان
زماني ۾ لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڪميونسٽ پڌرنامو يا
ان قسم جو ادب پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. هڪ
دفعي گرمين ۾ جانو آئي ۽ چيائين: ”گهر هل.“ گڏ
ويومانس. ماءُ پيءُ، ڀاءُ، ميران ۽ سڀ ڀينرون ٻاهر
ويل هئس.
”مون کي ڪاليج ۾ هڪ سبجيڪٽ تي پيپر لکڻو آهي.“
”سبجيڪٽ؟“
”لؤ (پريم).“ هن چيو، ”تون مدد ڪر نه.“
”ڪهڙي؟ توکي مضمون لکي ڏيان يا توسان پريم ڪريان.“
هو شرمائي. ”مان پريم ڪرائڻ لاءِ توکي نه وٺي آئي آهيان.“
”پريم،“ مون چيو. ”پريم آهي هڪ ٿيڻ جو احساس، پريم سيکاريندو
آهي ته ٻين جي جذبات جو، چاهنائن جو خيال رکجي ۽
گهرجون پوريون ڪجن.“
”اڄ ڏاڍي گرمي آهي.“
”چئين ته هوا لڳرايانءِ.“
”ڪيئن؟“
مون وٽ هڪ منتر آهي. پڙهندس ته هوا به لڳندي، مينهن به پوندو.“
”پوءِ ته توکي مئٽرالاجيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي.“
”اڄ اها ڊپارٽمينٽ تون آهين.“
”ته پڙهه منتر.“
”تون پنجويهن انهن شهرن جا نالا کڻ، جن جي پٺيان پور لفظ هجي.
مثال طور: ماڙي پور، ميرپور، خيرپور، شڪارپور،
شهدادپور، محرابپور، انڙپور، ٻڍاپور، جهمٽ پور،
تاج پور، ڪانپور، جئپور، جوڌپور. . .“
هن اکيون بند ڪيون ۽ هٿ ٻڌي اهي نالا چوڻ بعد وڌيڪ نالا چيائين:
گورک پور، جمشيدپور، مرتضيٰ پور، رامپور، سيتاپور،
آدي پور، شاهه پور، للت پور، ڇترپور، جولاپور،
ديوداس جي ماڻڪ پور، موهن جي ويساپور. . . ٿيا
پنجويهه؟. نه. تيج پور، سهارڻپور، ڌرمپور، هندو
پور. . .
ٺڪاءُ، هوا جو جهوٽو آيو ۽ دري بند ٿي ويئي. هن اکيون ڦاڙي مون
ڏانهن ڏٺو. هوا لڳي. طوفان آيو. مينهن پيو. مان
پلنگ تي ۽ هوءَ ڪرسيءِ تي ويٺي. اٿي ٻئي هٿ اچي
منهنجي ڪلهن تي رکيائين. اکين ۾ امرت ۽ مشڪل ۾
ماکيءَ ڀري چيائي، ”موهن، تون ڀڳوان آهين.“
”ها آهيان. هڪ ننڍي دنيا آهي منهنجي ۽ مان ان جو ڀڳوان آهيان.“
”پوءِ تون گهر کي ٺاهين ڇو نه ٿو؟ اتي ڪجهه به نه آهي. نه بتي،
نه پکو. نه ڪٻٽ، نه فرنيچر. آخر توسان شادي ڪير
ڪندي؟
مان اُٿي ڪرسيءَ تي ويٺس. چيم، ”هڪ ڏينهن ته ملندي اها، جا
منهنجي ٽيبل يا ڪرسي، ڀت يا ڇت سان نه، مون سان
شادي ڪندي. مون سان. مان، جو آهيان: جي منهنجا
سپنا آهن، منهنجا آدرش، منهنجون نااميدون،
پريشانيون، من جي غفائن جون اونداهيون ۽ ان ۾ فن
جون روشنيون آهن.“
هوءَ مشڪڻ لڳي ۽ مان تيز برسات ۾ ٻاهر نڪري ويس. مان به ڪجهه
عورت جي نفسيات ڄاڻان ٿو. مون کي جتي ڪٿي امرت
مليو، مگر مون ڪڏهن به همدرديءَ جو زهر نه پيتو
آهي. ڪافي زلف پريشان ٿيا ۽ مون اک نه کنئي. ٻاهر
آيس. مينهن ۾ آسمان ڏانهن نهاري اک هڻي چيم:
ٿئنڪ يو گاڊ.
اهڙو هڪ ڪرشمو ماهتاب محبوب کي به ڏيکاريم. هوءَ
18 مئي
1980ع
۾ منهنجي گهر آئي. اُتم، سندري ۽ هري موٽواڻي به
گڏ هئس. مون چاهيو ته ماهتاب منهنجي گهر هڪ رات
ٽڪي. ڪمل ۽ ڌيءَ گيتا جو به اهو خيال هو، پر اُتم
نه مڃي. ماهتاب چيو: رڳو ماستر چندر کي فون ڪريو.
مون رسيور کنيو به، پر اُتم چوي ته ماهتاب کي مان
وٺي آيو آهيان. هن جي جوابداري منهنجي مٿان آهي.
اسٽِيشن تي مون ماهتاب کي چيو: ”چاهيان ٿو ته تون مون سان ڪجهه
وقت وڌيڪ گڏ هجين. تون منهنجي سنڌ آهين. ڏس مان
ڪلاڪ گاڏيءَ کي روڪي ٿو ڇڏيان. وري گاڏي ايندي ته
ڪلاڪ وچ رستي تي بيهي رهندي. استعمال نه ڪندو
آهيان، پر مون کي تمام وڏي طاقت آهي.“
”ڇا خدا وٽ پهچ اٿوَ؟“
”مهنجو دوست آهي هو.“
”پوءِ به سنڌ اچي نٿا سگهو.“
”اڄڪلهه خدا سان دوستي ڪٽ آهي.“
مون کاٻو هٿ کڻي امبرناٿ ڏانهن ڪيو. ڪلاڪ ڪابه گاڏي نه آئي. وري
آئي ته مان به هنن سان گڏ چڙهيس ته وري هڪ هٿ ٻاهر
ڪيم ۽ چيم: بيهه رهو ۽ گاڏي ڪلاڪ رستي تي بيهي
رهي. ماهتاب حيران. چي: ”اوهان ائڊوانس ۾ اڳڪٿي
ڪئين ڪئي!“
”اڳڪٿي! نه، اها اڳڪٿي نه آهي. شاهه لطيف جي ڌرتيءَ جو آهيان.
مان به هڪ درويش آهيان. خدا کان ڪجهه گهرندو نه
آهيان. سڀ ته هن کان گهرندا آهن. پنهنجي مان،
ايمان ۽ سومان جو خيال نه رکن. مان خدا کان ڪجهه
به گهرندو نه آهيان. بس ائين ئي وقت جي پرواهه ۾
وهندو آهيان يا وقت جو دريا وهندو آهي ۽ مان ان جي
ڪناري تي بيهي، ان جي رونق ڏسندو آهيان.“
انسان وٽ ڪا ازغيبي طاقت ضرور آهي. جنهن کي عقل ۽ منطق
سان سمجهي نٿو سگهجي. ڪپل رشيءَ جو سانکيه درشن ۽ ڪانٽ جو: ”دي
ڪرٽڪ آف پوليٽيڪل ٽريٽائيز“ ان موضوع تي ڪافي
روشني وجهن ٿا. مارڪس يا سارتر ان کي ائبسرڊ ڪوٺيو
آهي. اها طاقت آهي ته ائبسرڊ پر ان کي رد نٿو ڪري
سگهجي. ڪجهه آهي جو آتما ڄاڻي ٿي. پر ڪڏهن به ان
جي تار ٽٽي سگهي ٿي. نه، مان رهسيواد نه آهيان، پر
اهو رهسيه جيون جو هڪ يٿارٿ ئي آهي. مون ”جلاوطني“
1984ع
۾ لکيو. منهنجي ماءُ جو موت
1976ع
۾ ٿيو، بلڪل ائين جيئن مون ”جلاوطني“ ۾ چٽيو آهي.
هوءَ مُئي، بنهه ان بعد کيس خالي گيس سلينڊر ڏنو
ويو.
جان برئڊمئن يا سنيل گواسڪر توڙي ظهير عباس دعويٰ سان چئي نه
سگهندا ته هو سنيچري ڪندا ۽ نه ٿامسن، للي يا
عمران خان خاطري، سان چئي سگهندا ته فلاڻي بال ۾
فلاڻي جي وڪيٽ وٺندا. ازغيبي شڪستيءَ جو ڪو وڏو
دائرو به ڪونهي، نه ته ايڏيون جنگيون نه لڳن،
ٻوڏون ۽ زلزلا نه اچن ۽ سنڌ مان سنڌي هندو نه
نڪرن، پر صفا اوندهه ڪانهي. لينن جي برف جي کڏ ۾
ٽنگ ڦاسي پيئي، سمجهيائين ته بچڻ مشڪل آهي.
چيائين: نه، مان هي ناشانائتو موت نه مرندس. هن من
۾ ڇا چيو، سا کيس خبر، پر اکيون آسمان ۾ ڪيائين ته
ٽنگ ٻاهر نڪري آيس.
رابرٽ آئنسٽائين چيو آهي: هن برهمانڊ ۾ هڪ رٿا ۽ ترتيب آهي. ان
۾ ڪو نقص ڪونهي. ڪا طاقت آهي جا خود خلقيل آهي ۽
ڪائنات کي هلائي ٿي.
اسان جو پيارو شاعر هريش واسواڻي، جنهن لاءِ زندگي هڪ بي مقصد
مشغولي آهي ۽ جو قدر ۽ انسان جي وچ ۾ ڪوبه رشتو نه
ڏسندو آهي، اهو به مسوريءَ ان ڪري ويندو آهي ته،
قدرت سان ڪا ويس، واٽ قائم رکي سگهي. ماڊرن وشنو
ڀٽيا به آڱر ۾ ڇنڇر جون منڊيون پائي ۽ تاج بلوچ
سندس موڪليل سائين بابا جو تعويذ ٻانهن ۾ ٻڌو ته
دفتر ۽ گهر جا مسئلا هڪدم ختم ٿي ويس.
ته مان نٿو چاهيان ته اسين انڌ وشواس ۾ جيئون. امن ۽ اتحاد ۽
عالمگير برادريءَ لاءِ ڪم ڪريون ۽ خدا کي ادب ۽
سياست ۾ نه آڻيون. هونءَ مارڪس به چيو آهي ته،
صليبي جنگيون واپار جي لنگهن تان لڳيون آهن. ڀڳوان
کي گهر ۾ مڃو ۽ بزارن ۾ نه کڻي اچو.
خير، مان ڪو پنڊت يا تتوگيان جو ماهر نه آهيان. منهنجي لاءِ
ڀڳوان ان ڏينهن مري ويو، جڏهن سنڌي سنڌ مان نڪتا.
ان بعد اسان جي دوستي گهٽ آهي. ائين جانو ۽ ماهتاب
کي ان جو هلڪو روپ ڏيکاري ڇڏيم.
جيون ۽ ساهت ۾ وڏو فرق آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ويچار ڪردار، فضا،
واقعو، يا طرز بيان. شعر ۾ هڪ نقطو يا ڪيفيت.
مضمون ۾ هڪ موضوع. ناٽڪ ۾ ڪردار، انهن جا رخ،
زندگيءَ جا واقعا، رخن جو ٽڪراءُ، ڄڻ شطرنج جي
راند، جا آهستي رٿا سان هلي ۽ پوءِ ٺڪا ٺوڪي چالو.
پڇاڙيءَ جو سڀ ڪردار چارلس ڊڪنس جي ڪردارن جيان هڪ
هنڌ گڏ ٿين يا مدراسي فلمن جيان گڏيل فوٽو ڪڍائين.
اينٽي ناول يا ناٽڪ من طرف اندر ٿو وڃي. پر
زندگيءَ ۾ ڪيتريون ڳالهيون گڏ هلن. ڪڏهن سمانتر.
ڪڏهن ڪ ٻئي کي رد ڪن. زندگيءَ کي هوبهو پيش نٿو
ڪري سگهجي.
مون هڪ ڪتاب پڙهيو. لکيل هو: نائڪ ۽ نائڪا هڪ ڪلاڪ هڪ ٻئي سان
نه ڳالهايو. مان سوچڻ لڳس: ماٺ جي هڪ ڪلاڪ ۾ انهن
ڇا سوچيو هوندو! ڪلاڪ ڪتاب نه پڙهيم ته وڌيڪ مزو
آيو، مگر سڳن آهوجا چيو: ٻچا، ڪتاب ٽن ڪلاڪن ۾
پورو ٿئي ۽ گهڻن ڪردارن جي جيون ريکا پيش ڪري.
ديوداس کڻ. ٽي ڪردار آهن. ديوداس، پاروتي ۽
چندرمکي. هاڻ تون جنهن نموني سان پڙهين ٿو، ان
ابجد سان توکي اهو ڪتاب پورو ڪرڻ ۾ ٽي جنم لڳندا.
سڳن جي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد منهنجو ادب مان چاهه
گهٽجي ويو ۽ اڪثر شاعري، راڄنيتي، وگيان ۽ تاريخ
جا ڪتاب پڙهندو آهيان.
مون بکون به ڪڍيون ٿي، عشق به ڪيا ٿي ۽ ادب به خلقيم ٿي.
”سرجوتي“ ناول لکيم ته
1954ع
۾ آنچل جي رٿ تي سنڌي ساهت سڀا منهنجو سنمان ڪيو.
سڳن چيو: متان ان سنمان جي اهميت مڪاني سمجهي وڃي.
ان ڪري گوبند مالهيءَ جي ”پکيڙا ولر کان وڇڙيا“
ناول تي به سنمان ڪيو وڃي. هرچند اجهل جي چوڻ تي
”ساهيڙي“ ناول جي سنمان جي رٿ آئي. پر ڪاروباري
ڪاميٽيءَ قبول نه ڪئي. ان ڪري اجهل ۽ ڀارتي ان جشن
۾ شريڪ نه ٿيا. ميڙ ۾ بمبئيءَ مان مالهي، ڪيرت،
اتم، گوبند پنجابي، طالب، جڳت آڏواڻي، بهاري
ڇاٻڙيا، ارجن شاد، موتي ۽ گهڻا ليکڪ آيا ۽ هتان به
ضيا، سڳن، آنچل، گنو، راجو، راهي ڪافي لکيڪ گڏ
ٿيا. سڳن منهنجي ڀيٽ شرتچندر، ته آنچل جيئندر ڪمار
۽ اگييه سان ڪئي. چيائون: موهن سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ننڍيءَ عمر جو پهريون لکيڪ آهي، جنهن ٽيويهن
سالن جي مختصر عمر ۾ شاهڪار ناول لکيو آهي. ٻه چار
سال پوءِ لعل پشپ چيو ته منهنجي محبوبا اهو ناول
سورهن دفعا پڙهيو آهي ۽ وڌيڪ دفعا ان ڪري نه پڙهيو
اٿائين جو ڪتاب کانئس ڪير وٺي ويو آهي.
سڳن جو اڀياس گهڻو هو ۽ ان ڪري سٺي ادب جي ڄاڻ هئس ۽ هن ۾
تعريفي جذبو ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. ”لگن“ جي هن ڪردار
لاءِ چيائين: اهو کوکلو، ٽاءِ کي ڍلو نٿو ڪري، پر
پنهنجي گهرگلائي ظاهر ڪري ٿو. آنچل به ائين چيو.
”آواره“ ۾ نائڪ جي پيءُ جو پير سڄي ٿو پئي ۽ ان
مان اڇيون تنتون ٿيون نڪرن. هو سمجهي ٿو ته اهي
شايد پيٽ جا سانپا آهن. ان ڪري بليڊ سان انهن کي
ڪٽي ٿو. اها پناهگير زندگيءَ جي دردناڪ تلخي آهي.
جئه ند ڪاليج ۾ منگهارام ملڪاڻي ٽئين ليکڪ سميلن (1954ع) ۾ چيو: هتي موهن ڪلپنا هجي ته اٿي بيهي. مان اٿي بيٺس. چڱيءَ طرح شڪل ڏسي
چيائين: تمام سٺو ٿو لکين، البته هجي جون غلطيون
ٻين کان وڌيڪ ٿو ڪرين.
ميران جي ڀيڻ ساون چيو: ”آوارهه“ سٺو ناول آهي. تو ڪا وئشيا ڏٺي
آهي.؟“
”نه.“
”بمبئي ۾ شايد انهن جون گهٽيون آهن.“
”ٻڌو اٿم.“
”ڪڏهن اتي ويو آهين؟“
”نه.“
”مان چاهيندي آهيان ته کين ڏسان.“
”توکي شرم نه ايندو.“
”نه ،تون وٺي هلندينءَ؟“
”ڏاڙهي مڇون رکي ويس بدلائي هلين ته ڪير ڌيان شايد نه ڏي.“
”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ. . .“ ”ڇا؟“
”چوندا آهن استري ۾ ڪام واسنا مردن کان وڌيڪ رهندي آهي.“
”ڪيئن؟“
”هڪ دفعي شوَ ڀڳوان ڪام جون گوريون ٺاهيون، پاروتي اُهي سڀ
گوريون کائي وئي. چيائينس مون لاءِ ڇا ٺاهيو اٿئي.
بس ان ڏينهن بعد ڪام استرين وٽ هليو ويو.“
مان کلڻ لڳس.
”ڇو؟“
”ته انهن گورين کان اڳ ۾ هنن ۾ ڪام جاڳندو ئي نه هو ڇا؟“
”شايد! ڇو ته پوءِ ئي شوَ کي گڻپتي ۽ ڪارتڪ ڄاوا.“
مون هن ڏانهن چتائي نهاريو. ”مان ڄاڻان ٿو،“ مون کيس چيو،”مان
توکي وڻان ٿو.“
”ها.“
”شادي ڪندينءَ؟“
”اها اڳ ۾ ڪيل اٿم.“
”ڪيئن؟“
”ته ٻڌ.“ ۽ پوءِ هن شروع ڪيو پنهنجو پريم داستان. نوابشاهه ۾ هن
جو ڪنهن گل نالي مسلم نوجوان سان پيار ٿي ويو.
پڻهس کي اهو سنٻڌ نه وڻيو، پر هن پيءُ جي هڪ نه
ٻڌي ۽ گذريل ٻارهن سالن کان هن سان نه ڳالهايو
هئائين. پاڻ مشين هلائي هن جي اسڪول جون فيون
ڀريائين. هوءَ مشين هلائيندي هئي ۽ وڏي سلائي
وٺندي هئي. مهيني ۾ اٽڪل ڇهه سئو روپيا کيس
موڪليندي هئي. ٻار چار دفعا پاڻ ڪراچيءَ ۾ ملي آيس
۽ هوٽل شاليمار ۾ رهيس.
هڪ ڏينهن اهو گل هتي به آيو ۽ ساون اسان ٻنهي جي واقفيت ڪرائي.
۽ هي آهي جناب موهن. ليکڪ آهي. رات جو ڪافي پهرا
ڏنا اٿائين، پر هن پاڙي ۾ ڪهڙيون سهڻيون ڇوڪريون
رهيون آهن، ان جي کيس خبر نه آهي.
ڏاڍو سٺو ماڻهو پئي لڳو.
گل پوءِ وڌيڪ پڙهائي لاءِ لنڊن ويو ۽ سندس جنم ڏينهن تي لفافي ۾
پلاسٽڪ جي پني ۾ ويڙهيل ٿوري پيسٽري موڪليائين ۽
هڪ دفعي تار ڪيائين: تون ديوي آهين. تو مون کي
پاليو آهي. ديوين جي پوڄا ڪبي آهي. مون کي آسيس
ڏي. مون هڪ انگريز ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي.
هوءَ بيمار ٿي پئي، تار آيس ته مون کي گهرايائين. تار هٿ ۾
ڏنائين. مان کلڻ لڳس: ”هي به زندگيءَ جون ادائون
آهن. زندگيءَ جي مصيبتن کان بچڻ جو هڪ رستو هيءُ
به آهي: ان مان گهڻيون اميدون نه رکجن. زندگيءَ
کي ائين شڪست ڏجي. تون تمام سٺي آهين. ڪڏهن به
زندگيءَ ۾ اڪيلائي محسوس ڪرين ۽ ان لائق سمجهين ته
آواز ڏج، موهن آهي.“
هوءَ پندرهن ڏينهن کن بيمار رهي. هونءَ کيس پاسپورٽ ڪمپنيءَ جو
هڪ جوان به وڻندو هو. جنهن جي پيءُ جون ڇانوڻيءَ ۾
چار خانگي بسون هلنديون هيون. ان به شايد چيس: مان
آهيان! (يعني هو آهي). هو بي اي، ايل. ايل. بي.
ترڻ، ڪار هلائڻ به ڄاڻندو هو ۽ کيس الڳ وڏو گهر به
هو. مون وٽ ته رڳو مان پاڻ هوس: باقي لڙ لهرون لس
ليٽ.
هو، روپ به اتساهي ۽ انقلابي جوان هو. اسين جڏهن
15 آگسٽ
1955ع
۾ گوئا ۾ ستياگره ڪرڻ وياسين ته هن کي ئي سنڌين جو
رهبر بڻايو ويو. اسان مٿان گوليون هليون ته، مان
بچي ويس، پر کيس گولي لڳي. ساون فرنٽ تي آئي. خبر
نٿي پيئي ته ڪنهن سان گڏجڻ آئي آهي. هوءَ پوءِ روپ
جي سيرانديءَ ويٺي ۽ منهنجي هڪ نئين ڪامنا جي ٻلي
شڪست جي ٽب ۾ ٻڏي مري ويئي.
ائين اُتي گاگنداس به بهادري ڏيکاري. مون گوئا ستياگرهه جو
احوال ”اڃا رات باقي آهي.“ رپور تاج ۾ لکيو آهي.
ڏٺم، ته هڪ ٻي ميران، جاگني سان ڪي سي ڪاليج ۾
پڙهندي هئي ۽ اجنبي دورين جي احساسن سان بزار ۾
مون سان هلڪي چشمائي ڪندي هئي ۽ اڻ لکين مرڪن جا
ڇنڊا اڇلائيندي هئي. ٻڌم ته گاگنداس ان کي پاڻ وٽ،
الڳ گهر ۾ رکيو آهي ۽ هن سان ٻي شادي ڪئي آهي. مون
لاءِ پسند ايندڙ ڇوڪريون، ائين ٻين سان منسوب ٿي
وينديون هيون.
مان جڏهن گوئا ويس ته بيلگام ۾ روپ، ساون کي ۽ گاگن، ميران کي
خط لکيو. چيائون: تون ليکڪ آهين. خط تون لکاءِ.
جيئن ته ٻئي مون کي پسند هيون، ان ڪري جذبات جي
اوت پوت ڪيم. ڪڏهن به گڏجاڻيون نه هيون. واپس موٽي
جيڪڏهن اهو خط هوبهو دهرايان ها ته چپن تي آڱر رکي
بيهوش ٿي وڃن ٿا ۽ غشي کائي منهنجي گود ۾ ڪرن ها.
پر اها مون طرفان ڪميڻائي ٿئي ها، جا فطرت ۾ نه
هئم.
ملڪ لاءِ مان ڪجهه نه ڪري سگهيو هوس ۽ جڏهن ڏٺم ته پورچوگيز
گوئا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا ۽
15
آگسٽ
1955ع
۾ گوئا ستياگره ۾ ان جي هر سرحد تان اٽڪل ڏهه
هزارن ۾ شايد يارهن سنڌي هئاسين ۽ انهن ڏهن هزارن
۾ ليکڪ صرف هڪ هو، جو مان هئس. سمجهيم ته ان
گوليبازيءَ مان شايد شهيد ٿي وڃان، ان ڪري نوڪري
ڇڏي ڏنم. ادبي ڪلاس ۾ ان کان اڳ ٽئگور جي هڪ شام
ملهائي هئائون، پر پوءِ اها شام ”موهن ڪلپنا شام“
ٿي ويئي. هر ڪنهن جي وات ۾ اها ئي وائي هئي ته
موهن ڇاتي کولي پورچوگيزن جو مقابلو ڪندو ۽ شهيد
ٿيندو.
گهر ۾ دادا چيو: ڀل وڃ ۽ سنڌين جو نالو مٿي ڪج. ڊڄي ڀڄي نه اچج.
نه ته وڃ ئي نه. ڀاڀيءَ ڇاتيءَ سان لڳائي پيشانيءَ
تي چمي ڏني: شل آڍو ٻڍو ٿين، جواني ماڻين ۽ شل
تنهنجو وار به ونگو نه ٿئي. ان دعا شايد سنڌين کي
ڪو ٻيو هيمو ڪالاڻي نه ڏنو ۽ مون مٿان به مشين
گنون هليون ۽ شرارت ڪري مٿان ۽ پاسن کان گوليون
لنگهي ويون. لڳيون ڪين.
_ اسان کان پوني ۾، لوڪمانيه تلڪ جي آفيس ۾ لکائي ورتو ويو ته،
اسين پنهنجي آزاد اڇا سان گوئا ۾ ٿي وياسين. اتي
مارشل لا ۽ شوٽ ائٽ سائٽ جو به آرڊر هو، ته اسين
مرڻ لاءِ تيار هئاسين. اسين قومي جهنڊي کي ڪڏهن به
پٽ تي ڪرڻ نه ڏينداسين.
_ بمبئي جي چيف منسٽر مرارجي ڊيسائي حڪم ڪڍيو ته،
جيڪڏهن ٽرڪ وارا والنٽيرن کي گوئا جي مکيه بارڊر باندرا تي ڇڏڻ
لاِءِ ساون تواڙي ويندا، ته انهن جا ليسن رد ڪيا
ويندا.
ان ڪري بيل گام جي هڪ ميڙ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته جيڪي تمام پريان
آيا آهن، انهن کي اندر وڃڻ ڏنو ويندو. ان حساب سان
سنڌي اتي وڃي نٿي سگهيا: مون تقرير ڪئي ته اهو
فيصلو غلط آهي. گوئا جيڪڏهن بمبئيءَ کان ٻه هزار
ميل به پري هجي ته اسين وڃون ها. اوهين الڳ ٻولين
موجب عيوضو ڏيو ۽ سنڌين کي انقلابي تحريڪ ۾ بهرو
وٺڻ ڏنو وڃي. تاڙين جي ڦهڪن ۾ منهنجي رٿ منظور ٿي.
اُتي ايس اي ڊانگي به هو، جو پونا کان اسان سان گڏ
آيو هو.
_ ساونتواڙي ۾ چيو ويو ته، سنڌي پنجابين سان سٺ ميل پنڌ ڪري
فلاڻي بارڊر کان گوئا ۾ گهڙن. اسان پنجابين کان اڳ
نڪري وياسين. پنجابين پي چيو: آ بول پنجابيا هلا
بول. بول سنڌيا هلا بول. پر پوءِ سندن آواز پٺيان
پئجي ويا. جهيڻا پئجي ويا. روپ چيو ته، اسين به
واپس موٽي هلي باندا مان اندر گهڙون. هي چاهين ٿا:
سنڌي سَٺ ميل پنڌ ڪن ۽ اهو به هڪ رات ۾. اڄ
14
آگسٽ آهي. اهو فيصلو غلط آهي. هلو، واپس هلو. سڀني
چيو: هلو، واپس هلو. مون چيو: مان واپس نه هلندس.
اسين هتي پڪنڪ ڪرڻ نه آيا آهيون. واپس هلنداسين،
ته چوندا: هيءُ ڏسو سنڌي بهادر! سهوليت پسند!
ڊڄڻا! مان اڪيلو اڳيان وڌندس. روپ چيو:
”پر باندا ۾ ڪي اڳ ۾ به شهيد ٿيا آهن. اسين ان شهيدن جي سرحد تي
شيهد ٿينداسين.“
”اسين اتي شهيد ٿينداسن“ مون چيو، ”جا زمين گمنام آهي.“
هڪ هڪ ڪري سڀ مون طرف ٿيا ۽ روپ به جُهڪيو. پر اسان |