سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 15

 

برسات جي ان ڪاري اونداهي رات ۾ نديون ۽ نالا پار ڪندا فقط سورهن ميل اڳيان وڌياسين ته اتي ڪي اڳواڻ گڏيا. چيائون باقي رات مندر جي دالان ۾ رهو ۽ صبح جو ساسولي بارڊر کان اندر گهڙجو.

_  منهنجي من ۾ اهو خيال آيو ته هندستان مون لاءِ ڪيو ڇا آهي جو ان لاءِ مران. وري خيال آيم، هي ڪو واپاري سودو نه آهي. ديس لاءِ ئي ته کلندي کلندي کائي ٿو وڃان. پر اندر جڏهن وڻ تي قومي جهنڊي

لڳائڻ جو سوال اٿيو ته بندوقون ۽ اسٽين گنون مون طرف سڌون ٿيون. مان هڪ دڙي تي بيٺو هوس. روپ ڀرسان بيٺو هو. منهنجو من ٿورو ڪمزور ٿيو ته ڄاڻ مئس. روپ کي چيم: تون اڳواڻ آهين. جهنڊو تون چاڙهه، ڪرندو ته ان کي کڻندس. هن چيو: تو به ڪلهه ليڊر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، پهرين تون چاڙهه. مون چيو: جئه هند. مون وڻ تي جهنڊو چاڙهي ڇڏيو. پورچوگيز ملٽري جا گوئاني فوجي، اسان کي اندر اچڻ کان روڪي نه سگهيا، پر جڏهن جهنڊو لڳو ۽ اسين اندر گهڙياسين ته شروع ٿي مشين جي ڦٽ. ڦٽ. ڦٽ. اسين زمين تي ڪرندا وياسين. ليٽندا وياسين. ائين هدايت مليل هئي.

_  گاگنداس چيو: اسين سڀ مرون، پر تون نه مرج. تون ليکڪ آهين. تون اسان جي شهادت جي ڪهاڻي لکج. گوليبازي هلڻ وقت هڪ جوان جيون شهدادپوري اُٿي بيٺو. چيائين: ماريو، سڌو ڇاتيءَ تي گوليون هڻو. ۽ قميص ڦاڙي ڇاتي کولي چيائين: ڀارت ماتا زنده باد، سالازار مرده باد. ٻيو اٿيو گاگنداس، مون کي چيائين: ڪلپنا، تون سمهيو ڇو پيو آهين. اٿ. مان اٿيس ته هن جوش ۾ فوجين کي چيو: سالا توهان کي شرم نٿو اچي، جو بي هٿيارن تي گوليون هلايو ٿا. اسان کي بندوقون ڏيو ۽ ڪريو مقابلو. يا بندوقون ڦٽيون ڪريو ۽ اچو هڪ هڪ ٿي. گوليبازي ته بند ٿي، پر گاگنداس کي پڪڙي ويا. کيس نديءَ ۾ غوطا کارايائون ۽ بيلٽون لاهي ڪٽيائونس. هو ٻٽي ڏينهن گرفتار رهيو. اسين روپ ۽ ٻين ساٿين کي ڪلهن تي کڻي واپس آياسين.

نهرو سرڪار 1961ع ۾ مليٽري قدم کڻي، گوئي کي آزاد ڪرايو. ان بعد گوئا جي آزديءَ جا وڏا شن ملهايا ويندا آهن پر سنڌين کي ڪڏهن ياد نه ڪيو ويندو آهي. پوءِ به هڪ آس پوري ٿيم ته مون به هڪ دفعو ديش جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو.

اڳواڻن کي چندن وسيلي ڪافي پئسا مليا هئا، پر پاڻ پيا مکڻ ۽ بيدا کائيندا ۽ اسان کي سکڻي چانهه به نه آڇيندا. مانيون ته ائين ماڻهو پيا کارائيندا هئا. مان به ٻن چئن روپين جو خزانو کڻي ويس. ان سال پهرين تاريخ کان مون ۽ گني با سلسلي سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيو هو، سو سگريٽ جام ڇڪيم. جڳت آڏواڻيءَ ’هندستان‘ اخبارن طرفان مون کي فرنٽ تي ان جو عارضي خاطو ڪري موڪليو، سو ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ چڱيون خبرون موڪليومانِ ۽ پنهنجو ذڪر رڳو هڪ ڀيرو ڪيم ته ان طرف مون ئي جهنڊو چاڙهيو، پر هندستان اخبار وارن کي هڪ خسيس ماڻهوءَ کي پنهنجي خسيسپڻيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ان اهم خبر کي نه ڇپيو ته، هڪ سنڌيءَ جان جو وڏو جوکم کڻي اهو ڪم ڪيو هو.

ٻي ڳالهه اها ٿي ته الهاس نگر ۾ خبر پکڙي ته موهن ڪلپنا کي گولي لڳي آهي. مان اڳي ڪٿي به ويندو هوس ته آنچل کي خط ضرور لکندو هوس. ان کي احوال لکيم ۽ گهر ۾ به ته، شهيد ٿيڻ کان  محروم رهجي ويو آهيان.

منهنجي موت جي خبر ڪيئن پکڙي، خبر نه آهي. سئميوئل بيڪيٽ چيو آهي: ڪڏهن ڪڏهن، جن کي گهڻو چاهبو آهي، تن جي موت جي ڪامن ڪبي آهي. سڳن آهوجا جڏهن سخت بيمار هو ۽ ان بيماريءَ کان آخر بچي نه سگهيو، مان دفتر کان جڏهن اسپتال ويندو هوس ته سمجهندو هوس ته سڳن مري چڪو آهي، پر دوستن جا چهرا ڏسي، من ۾ اڻ لکو درد محسوس ڪندو هوس. خبر نه آهي، اها انساني زندگيءَ جي ڪهڙي بيهودگي آهي.

ميران بئگ سان ايندو ڏٺو ته ڍڪندي آئي. هٿ ملايائين.

چيائين: موهن، يو آر هيرو.

سو مان ڪڏهن پرنس،  ڪڏهن هيرو. من ۾ چيم: بچي ويندينءَ ڪيڏانهن. زندگي ته توکي مون سان گڏ گذارڻي آهي. دادا به گهر هو. پيرين پيومانس ته پٺيءَ تي ڌڪ هڻندي چيائين: ڇُٽ!

ليکڪن جي ميٽنگ ڪيرت پاٻاڻي جي گهر ٿي، جتي ٻار اڃا به نعرا هڻي رهيا هئا.

 

گوبند مالهيءَ تقرير ڪندي چيو: ”موهن ڪلپنا سنڌين جو عيوضي ليکڪ آهي، هن سنڌي قوم جو ڪنڌ مٿي ڪيو آهي. موهن ڪلپنا قوم پرست آهي. موهن ڪلپنا انقلابي آهي. وقت جي تقاضا آهي: موهن ڪلپنا سوشلسٽ ٿئي.“

رپورتاج مون لکي ۽ مهيني اندر ڇپجي ويئي. سنڌ ۾ هڪ ڪاپي پهتي ته، پئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جا چڪر لڳائي. ڪنهن اديب ”مهراڻ“ ۾ لکيو: موهن ڪلپنا اهو ڪتاب لکي سنڌ جي ٻچي ٻچي تي احسان ڪيو آهي. ان ڏينهن کان سنڌ جي اديبن، پروفيسرن ۽ شاگردن مون کي پيار ڏنو. ”جلاوطني“ تي بندش وقت هڪ اديب لکيو: اسين مسلمان بت پرستيءَ خلاف آهيون، پر اسان جيڪڏهن ڪو بت ٺاهيو ته اهو موهن ڪلپنا جو هوندو.

نه پنهنجي ساراهه نٿو ڪريان، مان رڳو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته ماڻهو قوم لاءِ ڪم ڪندو آهي، قوم هن جو قدر ڪندي آهي ۽ اهو نه ڏسندي آهي ته هن جو بئنڪ بئلنس ڪيترو آهي، پگهار گهڻو اٿس، اٿس به يا نه، انڪم ٽيڪس ڀريندو آهي يا نه. پر مون کي لڳي ٿو ته مان واقعي ان لاءِ پيدا ٿيو آهيان ته هندستان ۾ انقلاب آڻيان. مون وٽ قلم آهي. مان ندين جا رخ ڦيري ڇڏيندس. ذات پات جنس طبقي ۽ فرقن جا فرق مٽائيندس. مان هن پوري يگ کي بدلائي ڇڏيندس. مون کي اها خبر هئي ته ادب انسان جي لطيف ۽ مقدس جذبن جي حفاظت ٿو ڪري، پر پوءِ آزمودي مان ڏٺم ته ادب محض سجاڳي پيدا ٿو ڪري سگهي ۽ اهو تاريخ جي ڏاڍاين خلاف فقط هڪ ٿڪل بي زور احتجاج آهي.

ائين سنڌين جي هڪ ئي مزدور نيتا ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفدان، امبرناٿ ۾ شاهي ميڙ رکيو، جتي مون ڏهن هزار مزدورن اڳيان تقرير ڪئي ته ظلم خلاف لڙڻ گهرجي ۽ پنهنجي خانگي ملڪيت جو ڪجهه حصو قوم جي بهبوديءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجي. هتي به جشن ڪيائون، پر حالات اهي ها جو مان وري بيروزگار. اهي ئي اداس راتيون، اهي ئي مايوس تنهائيون، گهر ۽ قرضين جا چڪر لڳڻ ته بند ٿي ويا، پر اتي اڃا بجلي، پاڻي ۽ فرنيچر نه هو. هند سنڌ مان خط ايندا هئا ته جواب ڏيڻ لاءِ پئسا نه هوندا هئا. جيتوڻيڪ پاڪستان لاءِ لفافي تي رڳو پندرهن پيسن جون ٽڪليون لڳنديون هيون. چانهه سان گڏ سگريٽ پيئڻ عياشي هئي. بس ڪاپي ۽ پين لکڻ. ڪٿان مفت ۾ ڪتاب اچي ته رديءَ ۾ وڪڻي پنا وٺي اچان. ائين هڪ دفعي ”پيار جي پڇاڙي“ جو دستخط به ڀل وچان وڪڻي آيو هوس. جو ڪتاب وري لکڻو پيو هوم.

هڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ هڪ برک اديب کلندي چيو: يورپ ۾ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ چار ڊريسون پائين. هتي موهن کي ڏسو: کيس چوويهه ڪلاڪ ساڳي ڊريس. هو مون کان به غريب ۽ ڀاڻهس درزي هو، سو پاڻ ڪپڙا سٺا پائيندو هو، پر بهتر ادب ته هو خلقي نه سگهيو ۽ منهنجن ڪپڙن تي طنز ڪيائين. مان اتي حاضر نه هئس، نه ته ايڏي همت نه ٿئيس ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org