سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 11

 

 

گهر ۾ نه کٽ، نه بجلي، نه پاڻي. رستي جي بجليءَ تي ڪتاب پڙهي، مون مئٽرڪ پاس ڪري ورتي. جڳهه ريجنٽ ٽاڪيز جي ڀرسان هئي. اتي ئي راجو ڄائو. پوءِ اها جڳهه ڪري پئي. مان چوٿين نمبر نينا جي ڀرسان هڪ جڳهه ڳولي آيس، جتي ڪڏهن رشيد ڀٽي ۽ طارق اشرف آيا. مون اياز کي گهر هلڻ لاءِ نه چيو جو سندس وڏي خوشامد ٿي رهي هئي ۽ مون پاڻ کي چٽاڀيٽيءَ کان ٻاهر رکيو هو.

دادا کي ويسٽ اينڊ ۾ نوڪري ملي، جتي سال کن ڪم ڪيائين. گلوءَ به اتي ڪم ڪيو. پوءِ دادا کيس ايئرپورٽ تي نوي رپئي پگهار تي نوڪري وٺي ڏني. هاڻي پگهار ٽي هزار اٿس ۽ دنيا ۾ ڪٿي به فئملي سان مفت هوائي جهاز ۾ وڃي سگهي ٿو. ٿورا سال ٿيا ته هانگ ڪانگ ۾ کيس ڪي سنڌ جا سنڌي گڏيا ۽ پاڻ جڏهن ٻڌايائين ته موهن ڪلپنا جو ڀاءُ آهيان ته، ڏاڍو مانُ ۽ رات جو ڊنر ڏنائونس. مون مئٽرڪ پاس ڪئي پر نه واقفيت، نه پهچ. وري ايمپلائنٽ ايڪسچينج مان انٽرويو جو سڏ ٿئي ٿو ته مون تي لکڻ جو موڊ سوار. دادا پوءِ اسٽرئنڊ هوٽل ڪولابا ۾ مئنيجر ٿيو ۽ پگهار چڱو ٿيس.

اسان وٽ هڪ پراڻي ٽيبل هئي. لوهي شيخن جا ٻه چوکٽ هئا ۽ وچ مان گڏيل هئا.مان انهن ٻنهي کي چٻو ڪري مٿان صندلي رکندو هوس ۽ ان تي ويهي ڪهاڻيون لکندو هوس. مان ليٽي سمهي وهاڻو هنج ۾ رکي، ڪڏهن به لکي نه سگهان. مون کي چست ٿي ويهڻ وڻندو آهي. راتين جون راتيون لالٽين جي روشنيءَ ۾ لکندو هوس. هڪ دفعي مس ڪپڙيءَ کي چانهه سمجهي پي ويس. هڪ دفعي لالٽين وسامي ويو ۽ مان سڄي رات اندازي سان لکندو رهيس، پوءِ خبر پئي پر هڪ دفعي لکندي وات ۾ سگريٽ وجهي تيلي ٻاريم. ڌيان لکڻ ۾. مڇن کي تيلي لڳائي ورتم.

مان ”آوارهه“ ناول لکڻ بعد دهلي ويو هئس ۽ موٽندي ويٺل واڙي وٽ اشوڪ ڪشوراڻيءَ جي لئبريري هلائي هئم. اتي به آنچل، گنو، راجو ۽ ڀارتي باقاعدي ايندا هئا ۽ جڪڏهن سڳن آهوجا اچي ڪئمپ ۾ رهيو، تڏهن اها نوڪري ختم ٿي چڪي هئي.

مان اڪثر ڀڳل نب سان لکندو هوس ۽ اهو جڏهن صفا ڀڄي پوندو هو ته نئون وٺي، ان کي ڀڃي لکندو هوس. مون لئبريري جي ٻاهران بورڊ هنيو هو: ڀڳل نب ڏيئي سڄا وٺي وڃو. 1954ع جي ڳالهه آهي. پاسي ۾ اسان جو جهونو اسڪول هو، جتي ڪلا پرڪاش کي ماستري ملي هئي، پر اڃا موتيءَ سان شادي نه ڪئي هئائين.

”اوهان وٽ موتي پرڪاش جو ’انڌيرو اجالو‘ آهي؟“ هڪ دفعي هوءَ آئي.

”اڃا نڪتو ڪونهي.“

”اوهان نالو ٻڌو آهي؟“

”ڪنهن جو؟ ليکڪ جو، ڪتاب جو؟“

”ٻنهي جو.“

”موتي منهنجو دوست آهي.“

”ته پوءِ اوهان منهنجو نالو به ٻڌو هوندو.“

”ڪلاپرڪاش.“

”تنهنجو نالو؟“

”ڪڏهن ڄاڻي ويندين.“

”ڀلا هن بورڊ جو مطلب؟“

”نب سنهو هوندو آهي ته اکر گسڪڻ بڻجي ويندا آهن. خيال روڪي روڪي پيش ڪجن، ته گنڀير لڳندا. ڀڳل نب سوچڻ جي رفتار کي ڍلو ڪري ٿو.“

هن مشڪيو. هوءَ اڪثر ايندي هئي، هوءَ ممتا جو روپ آهي. هن جڏهن ”ممتا جون لهرون“ لکيون ته مون کي کيس سنڌي ادب جي ”ڇوٽي مان“ ڪوٺيو.

سي بلاڪ ۾ ڪافي چوريون ٿينديون هيون. مون اتي هڪ ڪلب ٺاهي. نالو پروگريسو ڪلب. سيڪريٽري مون کي چونڊيائون. اسين اڪثر سڀ جوان بيروزگار هوندا هئاسين. رات جو پهرو ڏيندا هئاسين ۽ جمعي جو والي بال راند ڪندا هئاسين. منهنجي پاسي کان نوابشاهه جو هڪ ايسراڻي ڪٽنب اچي رهيو هو. جن ۾ پنج جوان ڇوڪريون هيون: ساون، هيرو، نمو، جانو، رتنا، مان ڄاڻي ٻجهي والي بال سندن ڪمپائونڊ ۾ ڦٽو ڪندو هوس. ميران اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندي هئي. ڪيترا شادي شده جوان مون کي چوندا هئا: اسين ٻڍا ٿي ويا آهيون. تون ڪنوارو، يار اڄ رات تون پهرو ڏي نه. اسان کي لٺيون، ٽارچون ۽ سيٽيون ڏنيون ويون. هڪ دفعي اسان هڪ چور ڏٺو. چور چور ڪيوسين. روشني ٿي وئي. پاڙي وارا ٻاهر نڪري آيا. چور جو ڪو پتو نه پيو. مون سان گڏ هڪ جوان منوهر واسواڻي هو. مون هڪ نئين ڪاڪوس ۾ ڪپڙن جي ڳٺڙي ڏٺي. مون چيو، ”ڏس! هتي مال لڪائي ويو آهي.“

”اهو مال ڪونهي، ڪپڙا آهن.“

”ڇا جا ڪپڙا؟“

”جيڪي زالن کي ايندا آهن.“

”زالن کي ڪپڙا ايندا آهن، ڇو؟“

”تون ليکڪ آهين: توکي اها خبر ڪانهي، ڪنهن سان ڪڏهن سمهيو آهين؟“

”ڪوٽڙي ۾ ڪنهن سان سمهيو هوس.“

”ان کي ڪپڙا نه ايندا هئا؟“

”بزار مان وٺندي هوندي.“

هو کلڻ لڳو. پڇيائين. ”تو عورت جو ننگو روپ ڏٺو آهي.“

”ڪيئن ٿو ڏسي سگهان.“

”ڇو؟“ هن پڇيو.

”مان ڪنوارو آهيان.“

”پٺتي پيل آهين. هاڻ ٻڌ.“

ان رات هن مون کي رتودان ۽ عورت جي بدن جي بناوٽ سمجهائي

جا سمجهي نه سگهيس.

مون سوچيو ته ڪڏهن به زال سان سماگم ڪندس ته بتي ٻاري ڪندس. وڏو ڪٺن ڪم آهي. الائي ڇو عورتن جي سوال تي جنگيون لڳيون آهن. منوهر مون کي سيڪس جي ڄاڻ ڏيئي منجهائي ڇڏيو. مٿان فرائڊ جي سائڪوائنلسس تي هزار صفحن جو ڪتاب ڏنائين جو مهينا پڙهندي به پورو ڪري نه سگهيس.

ادبي ڪلاس تي آنچل ڇانيو رهيو. موهني ڇڳاڻي بمبئي هلي ويئي. اڪثر هر رات مان ۽ گنو گڏجندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي کي گهر تائين ڇڏڻ لاءِ، وري وري پيا هڪ ٻئي جي گهر ويندا هئاسين. آنچل شاعر ته هو، پر جلاد به هو، جي کيس ڪا رچنا وڻندي هئي ته دل کولي داد ڏيندو هو.

جيئن ته مان پاڻ کي ڪميونسٽ ته ڇا ترقي پسند به سڏائڻ لاءِ تيار نه هئس ۽ نه هاڻ به تيار آهيان، جو مون سان نعمتن سان گڏ لعنتون به لاڳو ٿينديون، جن سان منهنجو ڪو واسطو نه رهيو آهي، مان اڪثر دوستن جي نڪته چينيءَ جو شڪار رهيو آهيان.

هڪ دفعي سنيل دت جي اسٽيجي گروءَ داس طالب نڪته چني ڪئي. هن چيو: ”جڏهن چنڊ نڪرندو آهي، تڏهن گڏهه هينگڻ لڳندو آهي. تڏهن موهن ڪلپنا تي لکڻ جو نزلو ڪرندو آهي. . . “

مون کيس وچ ۾ ڪٽيو، ”تڏهن اوهان ڳالهائڻ شروع ڪندا آهيو.“

سڳن داد ڏنو ۽ داس طلب يا عمر منهن تي نه چڙهيو. سڳن بعد ڪرشن راهي به اچي الهاس نگر ۾ رهيو. سڳن تي مون ”فنڪار ۽ فيلسوف“ ڪتاب لکيو آهي ۽ ترقي پسندن سان چڪرين جو بيان ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ڏنو اٿم. راهي ڇهه فوٽ ٻه انچ ٺاهوڪو. کلمک، بحث ۾ منطقي، چرچو ڪندو ته ڪير ان ۾ پنهنجي بيعزتي نه سمجهندو. هميشه  ڀاڪر پائي ملندو. دل جو صاف. سوچ جو چٽو. سڳن ۽ راهيءَ جي اچڻ سان ادبي ڪلاس جي رونق وڌي. پر آنچل اسان سڀني ۾ جارحانه هو. سڳن ۽ راهيءَ سبب ضيا جو وڌيڪ قدر ٿيڻ لڳو ۽ اسٽالن جي موت ۽ سندس ڪارناما ظاهر ٿيڻ بعد آنچل، ضياءَ تي سخت ڪلامي بند ڪئي. ائين احمد آباد ۾ ضيا ۽ آنچل سنڌين جا عيوضي شاعر ٿي ويا ۽ واپس موٽيا ته هنن ۾ ڪافي  دوستي ٿي چڪي هئي.

شروعاتي دور ۾ گوبند پنجابيءَ، سردار جعفريءَ جو ڪو شعر هن ريت پڙهيو:

روتا رهيگا جواهر لعل نهرو، غدار جئه پرڪاش نارائڻ، اسٽالن کي جيه هو، لينن کي جيه هو.

مون چيو ”ڀائي نهرو ڇو روئندو ۽ جئه پرڪاش غدار ڪيئن آهي؟ اوهين رهو هندستان ۾، کائو هندستان جو جيه اسٽالن ۽ لينن جي ڇو؟“

نهرو ۽ جئه پرڪاش سرمائيدارن جا پڇ لٽڪائو آهن.“

اوهين ڪنهن جا پڇ لٽڪائو آهيو؟“

”تون پنهنجي واري سان ڳالهاءِ.“

مان ڪو تنهنجا وار نٿو پٽيان.“

”توکي انقلاب جي معنيٰ نه ايندي آهي.“

اوهين هندستان ۾ رهي نهرو ۽ جئه پرڪاش کي گاريون ڪيئن ٿا ڏيئي سگهو؟“

”بس، هتي گار ڏيڻ جي آزادي آهي.“

روس ۾ ڪنهن کي گار ڏيو ته آزاديءَ جي معنيٰ جي خبر پويئوَ.“

اڳتي هلي هنن نهرو جي جئه چئي ۽ مارڪسوادي ڪميونسٽن ته جئه پرڪاش کي قومي سورمو قبول ڪيو. دراصل ترقي پسندن وٽ پنهنجي سوچ گهٽ هئي ۽ پڙهندا به گهٽ هئا. پارٽيءَ جي پڌرنامي کي ستگروءَ جو وچن چئي قبول ڪندا هئا. بعد ۾ اسٽالن ۽ مائوءَ کي گاريون ڏنائون ۽ اهو به ٻين جي رايا پڙهي. اسان وٽ پهريون ترقي پسند آنچل هو، جنهن اسٽالن ڏانهن آڱر کڻي چيو: هن کي لينن يا نهرو بڻجڻ لاءِ هڪ جنم ڪافي نه پوندو ۽ ٻيو جنم ٿيندو نه آهي. ٻيو ڪرشن راهيءَ بغاوت ڪئي ته ڪميونسٽ جو هندستان جي اڳواڻن لاءِ ڳالهيون ڪن ٿا، اهو جيڪڏهن روسي اڳواڻن خلاف روس ۾ ڳالهائين ته اهي صفحه هستيءَ تان ائين مٽايا وڃن ڄڻ ڄاوا ئي نه هئا.

سنڌيءَ ۾ ڪميونسٽن ۾ ٻڌي هوندي هئي ۽ اهي هر ڳالهه تي

گدڙن وانگر اوناڙ ڪندا هئا. سندن سوچ، اظهار ۽ ڳالهائڻ ساڳيو. ان ڪري گوبند مالهيءَ کان موتي پرڪاش تائين خبر نه پوندي هئي ته، ڪهڙي رچنا ڪنهن جي لکيل آهي. هنن وٽ ريڊي ميڊ سچ ۽ ريڊي ميڊ نعرا هوندا هئا، ان ڪري مجال جو پنهنجي انڀو ڏانهن اک کڻي هارين. هنن جي وفاداري پنهنجي آدرشن ڏانهن هئي، ان ڪري ٿورين رچنائن کي ڇڏي، ڪوبه ابدي ادب خلقي نه سگهيا. سڳن آهوجا سڀني ۾ مٿڀرو رهيو ۽ آنچل ۽ ڪرشن راهي. پر ڪنهن جي اُٺ ڪندا هئا ته هڪ سُرَ ۾. ماڻهو جيڪر ڀڄي وڃي. هو ائين سمجهندا هئا ته هنن سما جواد ۽ امن جو ٺيڪو کنيو آهي، پر، فن ڪهڙي بلا جو نالو آهي اهو ڄاڻڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ ۾ ساهه ٿي منجهين. ادب ۾ دنگو فساد ۽ اڪثر بڪواس هئي. آيا ادب ۾ جن بنجي، پر پوءِ گهڻا دونهون ٿي گم ٿي ويا. مالهيءَ ڪا هڪ اڌ سٺي ڪهاڻي ۽ ٻه ڪتاب ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ۽ ”ديسي سيڻ ڪجن“ سٺا ڪتاب لکيا. اُتم اڄ تائين ڪا سٺي ڪهاڻي لکي نه سگهيو آهي، ۽ روس ۾ سندس ڪهاڻي ڇپي آهي ته لڳي ٿو ته روسين کي به ادب جي گهڻي خبر نه آهي ۽ هنن لاءِ ادب جيئرن اڳواڻن جو ست وچن آهي. اڳواڻ مئو ته سندس نالو کڻڻ جيل ياترا جي ٽڪيٽ پيا سمجهندا، نه ته ڪيڏانهن ويو بيريا؟ بلگينن؟ مالنڪوف؟ مارشل زخوف؟ اسٽالن؟ خروشچوف؟ ڪيرت ٻاٻاڻي به آهستي پاڻ کي سنڀاليو آهي ۽ پنج ست سٺيون ڪهاڻيون لکيون اٿس.

ادب ذاتي انڀون جو قابل اعتماد صادق اظهار آهي. مس ۾ مارڪسواد جون گوريون وجهڻ سان بهتر ادب پيدا نه ٿيندو. ٻيا وري سارتر جا سوٽ پائو پيدا ٿيا آهن. هو ادب ۾ هستيواد جي مستي کڻي آيا ۽ کين به فٽ آدرش ۽ نعرا مليا. فنڪار سطح تي ڪهاڻين ۾ فقط ٽي ڄڻا چمڪيا: وشنوڀاٽيا، ايشور چندر، شيام جئسنگهاڻي، شاعرن ۾ آنند کيماڻي، هريش واسواڻي ۽ واسديو موهي. باقي اهائي گدڙن جي اونائي. تنقيد ۾ هريش واسواڻي ۽ هيرو شيوڪاڻي جوت جا نوان دوڪان کوليا. هيرو وڌيڪ درسگاهي آهي. کيس تيز ذهن ۽ ڇيد ڪندڙ من آهي. دوست توڙي مخالفت جو لحاظ ڪونه رکي ۽ نئين سنڌي تنقيد جو ڪنڌ مٿي ڪيو اٿس. ائين مضمون نويسي ۽ تنقيد ۾ اُتم ترقي پسندن جو جهنڊو بلند ڪيو آهي. ٽن مکيه ليکڪائن ۾، هڪ لمبي دور ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ڪلا پرڪاش کان گهڻو اڳيان نڪري آئي آهي. شاعريءَ جي آسمان ۾ ٽي چنڊ ٻيا به نڪتا آهن: ڪرشن راهي، ايم. ڪمل، ارجن حاسد. نارائڻ شيام ته آهي ئي سج ۽ سڳن آهوجا قطب تارو. آنچل وري افق ۾ چمڪڻ لڳو آهي. گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ ۾ گني جي سوچ جديد ۽ اظهار ڪلاسيڪي آهي. لعل لکي، جيئي ۽ سوچي جديد. پريم ابيچنداڻي به تيز ذهن آهي، پر هو ادب جا صحيح اصول ٻڌائڻ ۾  وڌيڪ ماهر آهي. ترقي پسندن ۾ آنند گولاڻيءَ سٺو لکيو، پر سندس ادب کي پرچار جو ڪينئون کائڻ لڳو. ارجن شاد سٺو لکيو آهي ۽ اهو ڪنهن دور جو يادگار آهي. گوبند پنجابي ترقي پسند دور جو باغي آهي، پر مون کي سندس هڪ به ڪهاڻي نه وڻي آهي. شايد هو پيٽ ڀري ماني کائي پوءِ قلم کڻندو آهي. تارا مير چنداڻي ادب ۾ آئي ۽ پنهنجي نالي پٺيان جيٽ جو دونهون ڇڏي ويئي. موتي لعل جوتواڻي وڏو عالم آهي. لڇمڻ ڪومل ادب ۾ ٻوٽو ٻارڻ جي ڪوشش جاري رکيو ويٺو آهي.

سنڌين ۾، هتي، هڪ ئي جينيس آهي: تيرٿ بسنت. ڄڻ هڪ ئي وقت اتهاس ۽ يورپ جي ياترا. هن جو گانڌيءَ تي لکيل ڪتاب گانڌيءَ تي لکيل دنيا جي ڪنهن به ليکڪ سان ڀيٽي ٿو سگهجي. ائين هن ٽيهه کن ڪتاب لکيا آهن جي سڀ سٺا آهن. عزيز ته زبان جو استاد هو. هو روايتي شاعريءَ جو بادشاه هو. سندس شخصيت اهڙي جو ليکڪ کي نظر، مشڪ، ڀرن جو کڄڻ، وقتي ماٺ سان ماري.منگهارام ملڪاڻي آزاد طبع جو قربدار انسان. لعلچند امر ڏنومل حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا سال زندگيءَ کان خفا ٿي پيو. پهرين سنڌي ليکڪ سميلن (1952ع) ۾ سينٽ زيويئرس ڪاليج ۾ ڀڳوت گيتا جو مهورت ڪيو ويو ۽ اتي ناشر پرمانند ڀڳوان جي مهما ڳائي. لالچند چيس: ”تنهنجو ڀڳوان سمهي پيو آهي. ادا، جڏهن وطن ڇڏي بمبئي آيس ته ٽڪو ڪونه هئم جو ڏاڙهي لهرائي سگهان. ان ڏينهن بعد ڏاڙهي رکائيندو اچان. منهنجي ڏاڙهي ڀڳوان جي موت جو اعلان آهي!“

لعل سنگهه اجواڻي ڳالهائيندي گجندو هو. وات مان گجي پيئي نڪرندي هئس. وڏو عالم هو. جڏهن رام پنجواڻيءَ جو نئشنل ڪاليج ۾ سنمان ٿيو ۽ جتان اسان کيس ڀڄايو هو، اجواڻيءَ سان منهنجو ٽڪر لڳو. مالهي، سڳن ۽ ٻيا اديب بيٺا هئا.

مون چيو، ”ڪالهه اوهان ٽيليفون ڊسڪنيڪٽ ڇو ڪيو؟“

ڳالهائڻ لاءِ هو ڇا، توهان رام خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا آهن.“

”توهين وڏا ليکڪ ۽ پرنسپال آهيو، پر توهان ۾ ڪلچر ڪونهي.“ ٻيا به ڪافي اديب هئا. سڳن وچ ۾ روڪيو. مون سخت جوش ۾ چيو، ”اوهان اسان کان چاليهه سال اڳ پيدا ٿيا، ان ڪري اوهان اسان کان وڏا ماڻهو ٿيا؟ وڏو ماڻهو ته پنهنجي وهنوار سان ٿيندو آهي. اوهان ”ڪنور“ جي مهاڳ ۾ سنڌين کي گاريون ڏنيون آهن. اوهان ڪهڙا شاگرد پيدا ڪندا. اوهان کي ڪو حق ڪونهي ته، اوهين ڪنهن ڪاليج جا پرنسپال ٿيو.“

مون ٽيليفون تي فقط کانئس جشن جو وقت پڇيو هو. مان اهو واضح ڪريان ته، مون هميشه اجواڻيءَ کي علم عقل ۾ پاڻ کان وڏو مڃيو آهي. پر ان ڏينهن پاڻ غلط هو، ان ڪري منهنجي منهن ڏانهن نهاري نه سگهيو ۽ چپ رهيو.

پرسرام ضيا ته هوئي نمرتا جي مورتي.

هڪ دفعي آنچل غصي مان چيس، ”اوهين هر ڪنهن کي پيرين ڇو ٿا پئو.“

ان ڪري ته جيئن وقت تي کين ڇڪي ڪيرائي ڇڏيان.“

رام پنجواڻي ته آهي ئي اسٽيج جي دنيا جو بادشاهه. اردو ڪلام جي اها پلٽ پلٽان ڪندو ڄڻ مينهن ۾ جمنا جي تيزي. هزارن ماڻهن کي هڪ ئي وقت کلائي ۽ روئاري سگهندو. زبان شيرين، آواز صاف، جذبي جي صداقت، پبلڪ جيون ڪنور جيان نشڪلنڪ. اٽل بهاري واجپائيءَ جيان تقريرن جو جادو ڪري، پر جي سندس تقريرن تي سوچجي ته حاصل مطلب ٻڙي.

چي: سنڌي آهيان، سنڌي آهيان، هندي منهنجي ٻولي

 يا: هندي آهيان، هندي آهيان، سنڌي منهنجي ٻولي

اکر حاضر، مطلب غائب. پر اها به سندس شخصيت جي ڪرامت آهي. اهي گشا هڻندو جو ماڻهو حيران. چي: مون ڳائڻ شروع ڪيو ته نهروءَ ٽنگون ٻانهون هلائي نچڻ شروع ڪيو. پاڻ آهي ته وڏو ماڻهو پر بنڊل بازيءَ جو استاد آهي ۽ ان ڪري مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌين مان احساس ڪمتري هن ڪڍي. چي: آمريڪي جڏهن چنڊ تي پهچندا ته ڏسندا ته اتي سنڌي دوڪان کولي اڳ ۾ ئي ويٺو آهي. رام پنجواڻي جتي به هوندو آهي ته چاهيندو آهي، هت ۽ نگاهن جومرڪز پاڻ ٿئي. ”ڪنور“ جو رول ڪندي ٽانگي ۾ ويهي ٿو. هاڻ سنڌي فلمن ۾ نظارن جي ڪٽ ڪوٽ گهٽ ٿيندي آهي.

ديپڪ آشا ٽانگي ٻاهران ماڻهو بيهاريا. هاڻ اهي ماڻهو ڪي ايڪٽر نه هئا، جو هدايتڪار جي ڳالهه ٻڌن. هڪ ڇوڪري ٽانگي جي ڦيٿي مٿان ٻني تي هٿ رکيو. رام پنجواڻي، جو فلم ۾ ڪنور هو، شايد سوچيو ته متان ڪئميرا هن ڏانهن وڃي سو هڪ هٿ پٺيان ڪري، ڇوڪري جو هٿ هٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ان ڍنگ سان، جيئن ڪئميرا ان منظر کي نه جهٽي. پر ڪئميرا سندس ان ڪمزوريءَ کي جهلي ورتو. مون سڳن آهوجا سان اها ڳالهه ڪئي. سڳن چيو: رام پنجواڻيءَ جي اها ڪمزوري ڪنور جي ڪردار کي ڪمزور ٿي ڪري ۽ تنهنجي آبزرويشن حيرت ۾ وجهندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org