سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو :3  

 

لاهور باغن جو شهرآهي. وڏيون تاريخي عمارتون ۽ مقبرا به آهن. جيئن دهلي ۽ آگري ۾ آهن. شاليمار باغ جهڙو ڪو باغ مون نه ڏٺو آهي. جيتوڻيڪ ڪشمير اڃا نه ڏٺو اٿم. نئين پراڻي انارڪلي اسٽريٽ، چڙيا گهر، وائسراءِ جو بنگلو، راوي ڪناري راجا رنجيت سنگهه جو قلعو. مان ته ڏاڍو گهمندو هوس. گهر رام گليءَ ۾ هو، جتي گهڻائي سنڌي هندن جي هئي. سنڌ ۾ چانهه جو واهپو وڌيڪ هو. پنجاب ۾، انگريز مفت ۾ چانهه جا پڙا ورهائيندا هئا. گهرن ۾ ڦٽا ڪري ويندا هئا. رستن جي چوڪن تي چانهه مفت ملندي هئي. اتي پنجابي ٻولي سکي ويس ۽ عجب سنڌي ٻولي وسري ويئي. دادا، ڀاڀي ۽ ٻارن کي مال روڊ تي وٺي هلندو هو. ان وقت هندستان جي سڄي سونهن اتي ئي ڏسي سگهيو هوس. ڇوڪريون ڄڻ ڳلن تي مکڻ لڳل چانڊوڪي ملي گهمنديون هيون، جيئن اڄڪلهه بيوٽي پارلرس ۾ وڃي منهن تي چونو گاسليٽ وغيره هڻائينديون آهن، ۽ وڻنديون هيون. سوچيم وڏو ٿيس ته ڪنهن پنجابي دوشيزه سان شادي ڪندس. دادا ريلوي ۾ فورمئن هو ۽ شايد ٿيئٽر وارن سان دوستي هئس، ان ڪري اڪثر ٽڪيٽ وٺڻي نه پوندي هئي. سکر ۾ سڀ سئنيمائون مفت. لاهور ۾ ٻه چار. مون سکر ۽ لاهور ۾ خاص فلمون: خزانچي، نوڪر، اڇوت ڪنيا، ٻنڌن ۽ ڪي ناديا جون ڏٺم. دراصل منهنجو جنم ان سال ٿيو جڏهن انڊيا ۾ فلم انڊسٽري جو پايو پيو ۽ شايد ان ڪري مڪالمه بازي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ ماهر ٿيس. سهڻو ۽ ڊگهو هئس، وار به گهاٽا هئم، جي گذريل ڏهن پندرهن سالن کان مٿي کي خدا حافظ ڪري رهيا آهن. هندن ۽ مسلمانن جون معمولي جهڙپون لڳنديون هيون. ائين ڄڻ ڪنهن دوڪان تان پان کاڌو يا ڪيلي جي کل تان ترڪيو ۽ ابتو ڪري پيو. لاهور ۾ ان آس جنم ورتو ته جلد جوان ٿيان ۽ ڪنهن پنجاپڻ سان شادي ڪريان. کيس شاليمار وٺي وڃان ۽ سندس وارن ۾ ڳاڙهو، اڇو، نيرو، ڪارو يا پيلو گلاب اٽڪايان. شاليمار جا گل چنڊ جهڙا وڏا. ڇوڪريون به چندرمکي. مان سڀاءُ جو عشقي نه هئس ۽ اهو شايد فلمن جو اثر هو، جيئن ڄڻ ڪنهن جي لاٽري لڳي.

لاهور کان ڪالڪا وياسين. پڙهائيءَ کي جواب. اتي جبلن جهڙا ۽ هاٿين جي ٽنگن جهڙا وڏا ڪچالو ڏسي عجب ۾ پيس. ڪنڊ تي وڃي قدرت جي سونهن ڏسندو هوس. چانڊوڪيءَ جو وڻ جي پنن ۾ الجهڻ، هاريل کير جيان پٽ تي ڦهڪو کائڻ ۽ گلن جيان ڦهليو وڃڻ، سج ائين نڪري ڄڻ من ۾ ڪنهن خواب جنم ورتو. هوا ٿڌي. اڃا به ڪالڪا تي سوچيان ته سخت گرميءَ ۾ هڪ پل لاءِ من ۾ سياٽو گهمي وڃي. شملو ڪلاڪ پنڌ تي، پر وڃي نه سگهيس. اتي جا سوئر جهنگلي هوندا هئا، جن کي مان تيرن ڪمانن سان زخمي ڪندو هوس، جيتوڻيڪ تيرن ۾ سيون نه هونديون هئم.

وري واپس ڪوٽڙي. جڳهه ڏاڏي جي گهر سامهون، مکيه رستي تي پهرين منزل. هيٺان موديءَ جو دوڪان. نور محمد اسڪول ۾ داخلا، دوڪان ڀرسان نياضيءَ جو گهر. هڪ پٺاڻ ڇوڪري. اکيون وڏيون ۽ ڪاريون، ڪڏهن به اڌ اکيون نه ٻوٽيائين. ڳلا لسا ۽ اهڙا ڳاڙها ڄڻ سڄو وقت کيس ڪنهن چميو آهي. واسينگ نانگ جيان ڪارا وار، ڊگهي ڳچي، ڪنڌ مٿي ڪري ته ڄڻ خوابن مان جاڳي آهي. ڇاتي شايد سخت ۽ وڏي. جنهن جي بار سبب هلي ته سندس ڪنڌ ٿورو هيٺ جهڪي وڃي. ڪاري سلوار، ڪارو ڪڙتو ۽ ان تي ٽٽل آرسيون. مون اڪثر کيس فقط ڪاري يا فقط اڇي ڊريس ۾ ڏٺو. مون کي ياد آهي، اهو سال 1940ع جو هو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ لڳي چڪي هئي. منهنجو ڏهين سالين ۾ پير هو ۽ هوءَ فقط سترهن يا ارڙهن سالن جي هئي، جنهن سان پريم يا شادي نه ڪرڻ جو ڏک مان چاليهن سالن کان سيني ۾ سانڍيندو ٿو اچان. مون هن جو ڪو نه ڪو روپ ”رڃ ۽ پاڇا“ ، ”ماءُ“، ”ڪانءُ ۽ سمنڊ“، ٿورو ”جلاوطني“ ۽ ڪن ڪهاڻين ۾ چٽيو آهي.

شايد ڪنهن ڪلاڪار جي زندگيءَ ۾ ٻه چار عورتون هڪ خاص اثر ڇڏي ٿيون وڃن. پوءِ هو کين مختلف ڪنڊن کان چٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه عورتون ضرور اچڻ گهرجن. ٻن وڻن جي باهه چٽڻ ۽ تن جو اختلاف ٻڌائڻ ئي ڪلا آهي. شرت چندر جي زندگيءَ ۾ فقط ٻه عورتون آيون آهن. سندس مڙني ناولن ۾ ان جا الڳ روپ ملن ٿا. ”شريڪانت“ جي راج لڪشمي آهي،  اهائي ”آخرين التجا“ جي وجيا آهي. جا ”سوال“ جي ڪمل آهي، اها ئي ”چريترهيڻ“ جي ڪرڻامئي آهي. هونءَ مون کي ذاتي طور ڄاڻ نه آهي ته شرت جي زندگيءَ ۾ گهڻيون عورتون آيون نه، ان ريت مان پنهنجي ڀيٽ شرت چندر سان نٿو ڪريان. هو ته اپنياس سمراٽ آهي ۽ استري من وگيان جو ماهر.

ڏاڏيءَ چيو ته سامهون عيدگاهه آهي، اتي ڪڏهن نه وڃج، اتي هڪ جن آهي. مٿو ڪونه اٿس ۽ اکيون ڇاتيءَ ۾ اٿس. مان ڊپ کان غير واقف. مان روز ان جي تلاش ۾ وڃان. جتي وڃڻ ۾ خطرو آهي. موج اتي ئي آهي. ماءُ ته اڪثر رامائڻ، مهاڀارت، ڀاڳوت، الف ليليٰ، حاتم طائي، علي بابا، علاؤالدين ۽ شيخ چليءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائي ڇڏيون هيون. سو جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ جو ته مان تصور ڪري نه سگهيس، پر عقل سان طاقت کي وس ڪرڻ چاهيم ٿي. اتي گهاٽا وڻ هئا. پهرين ڪنهن هڪ وڻ پٺيان بيهي، پهرين پٺيان، پوءِ مٿي، کاٻي پاسي ۽ پوءِ سامهون نهاريندو هوس. اڳيان بند هو. بند تي مون ڪڏهن به هڪ ماڻهو نه ڏٺو. انهن وڻن ۾ جام پکي ۽ انهن جا مٺا آواز. ڪوئل، بلبل، چانهه پکي، ڳيرا، جهرڪيون ۽ ٻيا جن جا نالا نٿا اچن. مون ٽيهه کن سال اڳ ادبي ڪلاس ۾ هڪ دفعي چيو هو ته سنڌيءَ ۾ وڻن، تارن، گلن ۽ پکين تي خاص ڪتاب هئڻ گهرجي.

مان ٿورو اڳيان وڌي ٿو اچان. مان مڃان ٿو، اڪثر اديب، منهنجي چرچن کان ڪؤ کائيندا آهن؛ جيتوڻيڪ مان ڪنهن جي بيعزتي نه ڪندو آهيان. فنڪارن جي ڪيفي جڳ موهن ۾، ٽيرس تي اديبن جي گڏجاڻي وقت  مون بلبل جو آواز ٻڌو پر سڃاڻي نه سگهيس. پاسي کان گنو سامتاڻي، لعل پشپ، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، ڪيرت، اُتم، مالهي، دهليءَ جا ڪافي اديب ويٺا هئا: آنند، پريم هريڪانت.

مون نارائڻ شيام کان پڇيو، ”هي ڪهڙو پکي آهي؟“ پکي ڪنهن ڪنڊيءَ کان ٻاهر بيٺو هو. ڪارو. هيٺان پٺ ڳاڙهي.

”بلبل!“

”ڪيتري ڪاري.“ مون چيو، ”جهڙي روايتي سنڌي شاعري.“

شيخ اياز جي معيار جو شاعر شيام به ظرافت جو استاد آهي. منهنجو سر ڪٽيندي چيائين، ”پر آواز ڪهڙو مٺو اٿس.“

مون هندستان ۾ ان وقت تائين ڪا بلبل نه ڏٺي هئي. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو ذڪر نٿو ڪريان يا عابده پروين جو. اهو آواز مون مهابليشور ۾ ڏاڍو ٻڌو. اتي ٻن ٽن قسمن جون بلبلون ٿين. ائين نورجهان ۽ لتا کي ته مون هر بن ۽ پهاڙ تي ٻڌو آهي. نورجهان جو ته مان لڙڪپن کان پرستار آهيان.

مان ڇنڇر جي ڏينهن ڄائو هئس. ان ڪري پير ۾ ڇنڇر هئم. بند تان گهمندي راڳ ڳايان. مٿان هيٺ ٽپا ڏيان. پکين ڏانهن نهاريان. ميوا پٽي کاوان ۽ پاڻ کي خوش سمجهان ۽ ان حقيقت کان غير واقف ته دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ٻي عالمگير جنگ جاري هئي،  جتي ماڻهن کان وڻن ۽ پکين جون موسيقيون وسري ويون هيون.

هڪ دفعي دادا ڪنهن کي چيو هو: ”منهنجي فئملي، مون وٽ ته روس جي فوج آهي.“ لاهور ۾. ڪٿي. ڪجهه ياد نه ٿو پويم، ۽ ان جو مطلب به گهڻو پوءِ سمجهيم.

ڀائي گهڻو رليو ڀٽڪيو آهيان. اها منهنجي دماغي خانه بدوشي به آهي. اهو ڀٽڪاءُ منهنجي ڳالهين ۾ به آهي. مون وٽ شروعات، وچ، پڇاڙي ڪونهي. ڪو ماستر نه آهيان جو منڍ ۾ منڍ جي ڳالهه ڪريان، پر آتم ڪٿا ۾ ڪٿا ته هئڻ گهرجي.

اسان جي گهر هر ٻين ٽين سال ڪو ڀاتي پئدا ٿيندو. پهرين ڀيڻ ليلان، جا چار سال وڏي اٿم. سندس شادي تيئبن جي هڪ زميندار سان ٿي. پاڻ هن وقت ڏاڏي ناني آهي. ان بعد گرڀ پات. پوءِ مان. جنم جو نالو منگهارام. ان بعد گلاب، جو گذريل ٻٽيهن سالن کان برٽش ايئرويز ۾ ڪم ڪندو آهي. ان بعد اندرا جنهن اشوڪ ڪشوراڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ جنهن جا ٻار سنسڪرت جا پنڊت آهن. ڪملا، مايا، موتي، آشا. آشا ورهاڱي واري سال ڄائي. وديا الهاس نگر ۾ مٽيءَ جا چاپوڙا کائي مري وئي. موتيءَ مٿان ڪراچي ٽيليگراف آفيس جو لوهي دروازو ڪري پيو. ان تي لُڏيو پئي. نون سالن جو هو. ڪنهن مدد نه ڪيس. پاڻ اهو دروازو مٿي ڪيائين، جو وري مٿان ڪريس ۽ پاڻ مري ويو.

ان جو اسان وٽ ڪو فوٽو نه هو. تڏهن سوچيو هئم ته پينٽر ٿيندس. ڀاءُ جو هڪ امر چٽ چٽيندس. پر اها خواهش پوري ٿي نه سگهي. پاڻ ۾ ان جي صلاحيت نه ڏٺم. چٽ ته من تي چٽيو پيو آهي. مون کي رنگ نه، لفظ مليا. سڀني ڀائرن ڀينرن جي شادي ٿيل آهي ۽ بس، هلن پيا. سو اها ٿي روس جي فوج.

بند تان هلندي، ان جي آخر ۾ هيٺائينءَ تي وارياسي زمين هئي. اتي مون هڪ ”مينهن وسڪارو“ ڏٺو. ٻڌو هوم ته ان کي مٽيءَ ۾ وجهڻ سان مينهن وسندو آهي. بخملي. مون کيس مٽيءَ ۾ بند ڪيو ۽ چيم: ڀيڄ موليٰ، چاندي جا گولا. سو ٿيو ائين ته ان شام مينهن پيو ۽ وسڪارو ٿيو.

جڏهن به ڪٿي سوڪ پوندي آهي ته سوچيندو آهيان: ڪاش سنڌ مان ”مينهن وسڪارا“ امپورٽ ڪجن. ڪڏهن ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم ته مون کيس پوريو ڇو.ڇو جو مان ڏاڍو هوس ۽ هو ڪمزور هو؟ هو ڪڇي نه سگهيو، مون سان وڙهي نه سگهيو. اها هندو رشين، چاهي چارلس ڊارون جي ٿيئري آهي. جو ڏاڍو سو گابو. وڏي مڇي ننڍيءَ مڇيءَ کي ڳڙڪائيندي آهي. جنگ فساد جو اصل ڪارڻ ته آرٿڪ فساد ئي ٿيندا آهن، مگر ان پٺيان انسان جي فطرت جو  اهو نقص ڪم ڪندو آهي. شاعر سڳن آهوجا چوندو هو ته اسين سوشلسٽ برابري جا حمايتي آهيون. اسان کي ڪو حق ڪونهي ته اسين گائين، مينهن ٻڪرين، مڇين پلن کي کائون. هڪ ڏينهن ايندو جڏهن هر سوشلسٽ کي ويشنو ٿيڻو پوندو. سما جواد جي انسان پرستيءَ جو پهريون سبق سنڌ جي هڪ خسيس ’مينهن، وسڪاري‘ سيکاريو، جنهنکي پنهنجي نادانيءَ سان شهيد ڪيو هوم. ان ڪري ڪٿي ڪيولي يا ماڪوڙي پاڻيءَ ۾ ڏسان ته کيس ڪک پن سان کڻي، سلامتيءَ واري جڳهه تي رکان. پير به سنڀالي کڻان. هڪ ماڻهوءَ جون ٽنگون ڀڳل هيون. ٽرئفڪ سبب رستو ڪراس ڪري نٿي سگهيو. سڳن آهوجا چيو: هاڻ ٻڌاءِ سوشلسٽ جا پٽ، ان جو ڪهڙو حال آهي؟ مان ٻاويهن سالن جو جوان ۽ ”آواره“ ناول لکي چڪو هوس. مون ان شخص کي هنج ۾ کنيو ۽ کيس منزل تي پهچايم. سڳن چيو: تو جو هن شخص لاءِ ڪيو، اهو ڪارل مارڪس پوري محنت ڪش آدم لاءِ ڪرڻ چاهي ٿو؛ ان ڪري ڪميونسٽن جو مقابلو نه ڪر، بلڪ هنن ۾ شامل ٿي وڃ.

قصا وڏا آهن بابا، جيترو ماڻهو ننڍو، اوتريون ڳالهيون گهڻيون. مان ڪافي وقت سنڌوءَ جي ڪناري تي ويهندو هوس. اڃا به اتي ويهندو آهيان. تصور جي ٿوري مدد وٺندو آهيان.

شاهي دريا_ ۽ آواز_ هو و و و ن_ گر ر ر ر_ گر. ش. آن ۾ ذر ر. ر ي گر ر ر ر ر. لهرون اٿن. ڪر کڻن. ماڻهو ڏسي خودڪشي ڪري ڇڏين. ان ۾ مسڪراهٽون، هٽڪون، شرمائڻ، سمجهڻ، اڳرائي ڪرڻ جون وصفون ته اسين پنهنجي عقيدي جي مدد سان جوڙي ٿا وٺون.

ڏاڏي: ”او موهن تون منهنجو ساهه ڪڍندين.“ چلائيندي اتي پهچي وڃي، ڏسي ته ڳلي ته هٿ ڏيئي، شايد سنڌوءَ کي حيدرآباد کي ويٺو ڏسان، جتي هن وقت به منهنجا ڪيترا دوست آهن: ماهتاب محبوب، مشتاق شورو، سحر امداد، طارق اشرف، شوڪت شورو ۽ گلشن! ۽ پوءِ هو سڀ کان وڏو: محمد ابراهيم جويو. علي بابا ته آهي ئي ڪوٽڙيءَ جو. ساڳئي اسڪول ۾ چار درجا گڏ پڙهندو هو. کيس خبر پئي ته موهن لکيڪ ٿي ويو آهي ته هڪدم پاڻ مون کان وڏو ليکڪ ٿي ويو. ڪوٽڙيءَ جي سرزمين تي شاهه لطيف جي پيرن جا نشان به ته آهن. ڪٿي ته پير، سائين لطيف جي پير جي جڳهه مٿان آيو هوندو. منهنجو ۽ سندس تصوف جو ڪجهه حصو منهنجي من ۾، وجود ۾ گهسي ويو هوندو. پر اتي مون گهڻو، سنڌوءَ کي نه. نياضيءَ کي ڏٺو آهي. ڪراچيءَ ۾ جواني جڏهن جسم ۾ پچڻ شروع ڪيو ته سوچيم، ڪوٽڙي وڃان ۽ کيس ڀڄائي اچان.

نياضي لسي جا گلاس موڪليندي هئي. ڪڏهن مان نياضيءَ جي گهر. ڇاڇ پياريندي. ڀاڪر به پائيندي ۽ چميون به ڏيندي. تڏهن ڏسان ته من جا گل تاج محل جي گلن جيان سنگ مر مر جيان سخت ٿيندا وڃن.

ڪوٽڙيءَ ۾ ڪهڙا وڏا ماڻهو رهندا هئا، سو ته مان نٿو ڄاڻان، مگر وڏيرو نصير خان ياد اٿم. مکيه رستي تي سندس اوطاق هئي. پل جي کاٻي طرف وڃي واگهو سِيسر ماريندو هو ۽ ان جون کلون ايوان جي ديوارن تي ٽنگي ڇڏيندو هو. اتي بندوقون ۽ تلوارون هونديون هيون. ڊگهو. قداور. اکيون سنڌ جي شاهه نثار حسين لطيفيءَ، شاهه لطيف جي گويسر جيان ڳاڙهيون. مڇون راڻا پرتاب جيان مٿي وريل. وڏي سلوار. شاهي چوغو. بدن تي ڪارتوسن جو پٽو. کلي ته لڳي، اُڀ ٿو گجي.

هڪ دفعي سڏ ڪيائين:

”تون لالا منگهارام جو پوٽو آهين؟“

”ها.“

”نياضيءَ کي سڃاڻين؟“

”ها.“

”هڪ ڪم ڪندين؟“

”چئو.“

”هان وٺ، هي پنج رپيا کيس ڏج. کيس چئج: رات نه ايندس.“

”اوهان کي لهڻي؟“

”چريا! هوءَ منهنجي سريت آهي.“

”نوڪرياڻي؟“

”منهنجي زال.“

”پر اوهان جي زال ته پٺيان حويلي ۾ رهندي آهي.“

”اها پهرين آهي.“ هن مشڪيو، ”حق ٻڌي.“

”ته اوهان کي ٻه زالون آهن؟“

”هاڻ بڪ شڪ نه ڪر ۽ لالا منگهارام سان ڳالهه نه ڪج.“

”چڱو.“

”پوءِ خبر پئي ته ماڻهو هن سان ڳالهائي نه سگهندا هئا ۽ هن سان اکيون ملائڻ وقت اڪثر گهڻن جو هيٺان ڪجهه وهي ويندو هو.

”ته تون نصير خان جي زال آهين؟“

”توکي ڪنهن چيو؟“

”پاڻ چيائين.“

خوشيءَ وچان ٺڪ ڳلي تي چمي.

”پاڻ چيائين ته مان هن جي زال آهيان.“

”پر حق ٻڌي نه.“

اداس ٿي: ”مان فقط ٻڌل آهيان. منهنجا ڪهڙا حق.“

”۽ هي پنج رپيا ڏنائين.“

هن ورتا. چيائين: ”هڪ ڪم ڪر. هڪ آنو وٺ. پل صرف هڪ دوڪان اٿئي، اتان آفيم وٺي اچ. هن ڏس پتو ڏنو.

ان ڏينهن بعد کيس مان روز يا اڪثر آفيم آڻي ڏيندو هوس. هڪ ڏينهن ڏسان ته روئي پئي. پٽ تي لٺ پيئي هئي.

مون کيس ٻانهن کان جهلي چيو، ”تون روئين ٿو ٿي؟“

”منهنجو نصيب.“

”نه، ٻڌاءِ.“

”هن مون کي ماريو. نصير خان!“

”ڇو؟“

”مون کيس چيو ته مان ماءُ ٿيڻ چاهيان ٿي. هميشھ چوندي آهيانس.“

”پوءِ هو توکي ماءُ ڪيئن ڪندو؟“

”پنهنجي ماءُ نه. منهنجي ٻار جي.“

”پوءِ پرينِ کين چئو نه. ڀاڀي چوندي آهي: ٻار گهري وٺبو آهي. رات جون پريون اڇيون پوشاڪون پائي، چنڊ مان هيٺ لهنديون آهن ۽ ٻار کي ماءُ ڀرسان سمهاري وينديون آهن.“

هن اکين ۾ چتائي نهاريو. اداس هوندي به مرڪيائين، ڄڻ اماس رات آڪاش مان کير ڌارا وهڻ شروع ڪيو.

”توکي ڪجهه خبر نه آهي.“

”توکي هنيائين ڇا؟“

”هي ڏنڊو.“

مون اهو ڏنڊو کنيو.

”ڇا ٿو ڪرين؟“

”مان سندس مٿو ڀڃندس.“

”هو توکي بندوق هڻندو.“

”ڇو  مان واگهو آهيان؟“

”تون ڪجهه سمجهين نه ٿو.“

”سڀ ٿو سمجهان. هڪ ڪم ڪر. تون مون سان شادي ڪر. مان لال پريءَ کي چوندس: هوءَ توکي هڪ ٻار ڏئي.“

هن مشڪيو. ”توکي خبر آهي، شادي ڇا ٿيندي آهي، تون ننڍو، مان وڏي. تون هندو مان مسلمان.“

”شادي معنيٰ گڏ رهڻ. باقي جلدي وڏو ٿيندس. هندو ڇا، مسلمان ڇا. تون وڏي آهين ته مون کي چميون ٿي ڏين. مان وڏو ٿيندس ته پوءِ مان به توکي چميون ڏيندس.“

”چڱو هيءَ لٺ رک. کٽ تي ليٽ. اڄ مون ٻوڙ ٺاهيو آهي.“

مون لٺ رکي. کٽ تي ليٽيس. هوءَ به ليٽي. مان ڪافي ڊگهو هوس، هن مون کي ڀاڪر پاتو. مون هن کي. وقت جي ڪجهه خبر نه پيئي. وري ڏسانس ته اکين مان پاڻي پيو وهيس. مان چپ چاپ اٿيس ۽ هليو ويس.

ترت اسان کي ڪراچيءَ وڃڻو پيو. هوءَ مون کي ڇاتيءَ سان لڳائي رني هئي. ڪجهه ته ڏٺو هن مون ۾. الائي ڇا چيائين: منهنجا شهزادا، هميشھ خوش رهج. ڪراچيءَ ۾ هن جي ياد ايندي هئي، پر هوءَ نه آئي. جڏهن سورهن سالن جو ٿيس ته سيني ۾ سور جي سٽ اڀريم. هن جي ياد آئي. مون ماءُ کان پنج رپيا ورتا. رپئي نوين آني ڪوٽڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتم. اسٽيشن تي ٽانگي ۾ ويٺس. ٻه آنا ڀاڙو. ٻه ميل پنڌ. لڳم ته هاڻ جوان ٿيو آهيان ۽ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏيئي سگهندس. ان عمر ۾ اها خبر نه هئم ته ڇوڪرا ڇوڪريون سماگم به ڪري سگهندا آهن، بلڪ مون تصور ۾ به ڪنهن عورت جو ننگو جسم نه ڏٺو هو. اندر ۾ باهه جا بٺ ٿي ٻريا. ڪراچيءَ ۾ ڪشتي، مُڪي بازي، لڙڻ، انگوڙي هڻي ڪيرائڻ سکيو هوس. ائين سائيڪل چئمپيئن به ٿيو هوس، پر پڙهندو چوٿون انگريزي هئس.

نصير خان ڪي ايسي ڪي تئسي. هڪ لت رئيس جي عضوي تي. هڪ پيٽ ۾. نڪ تي هڪ ٽڪر ۽ هڪ، انگوري ۽ هڪ ڌڪو. نصير خان پٽ تي. مان هن جي ڇاتيءَ تي لت رکي رڙ ڪندس: هه آ آ آ. . . هو و و و و. . . پر ٽانگي مان لٿس ته نصير خان ياد نه آيو. خيال؛ سڌو نياضيءَ جي گهر. بس کيس ڀاڪر پائي سمهي پوندس ۽ صبح جو ڳالهائيندوسانس: ڏس پنهنجو شهزادو موهن. ڇوڪريون ڏسن ته بيهوش ٿين. منهنجي اکين ۾ ڪلورو فارم ڀريل اٿئي. مان ان وقت هڪ پڪو هندو ۽ آر. ايس. ايس جو ميمبر هئس. مگر عشق ۾ فقط هڪ انسان هئس. رڪ جهڙو بدن. سقراط جهڙي زبان. ماکي ۽ زهر جهڙو آواز. نظر ائين ڄڻ ست ديوارون پار ڏسي، سو ڪپڙا ته ڪجهه نه هئا. پر اها اُڪنڊ ۽ اُڪير حوس مٿان حاوي ٿي وئي. ڄڻ زمين تي پرنس سليم ٿي هليو، ڪٿي جنهن جي ڪا انارڪلي هئي. ڏسان ته گهر کي تالو، جو ڄڻ منهن تي لڳل. دل ڄڻ بيهجي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org