هڪ سنڌي شعر به جوڙيم:
آشا ڦري نراشا ٿي، ڪلپنا ڪروٽ بدلايو
بيدرد اکڙين تڏهن به، هڪ آنسو نه وهايو.
هڪ دفعي خيالن ۾ رام پنجواڻي جو شعر چيائين.
پيارا پنجابي سبائي ڏي سلوار
منهنجو جواب:
چيڪ مٽايان، حاضر پوءِ سرڪار
چيڪ ته چيڪ، بئنڪ جو کاتو نه کاتو، هتي آنو نه هوندو هو جو ڌس_
پان ڪري سگهان. سگريٽ ڇڪڻ اڃا شروع نه ڪيا هئم.
هوءَ ته بمبئي هلي ويئي ۽ گهڻا سال پوءِ وي ٽي تي
گڏي، مان هن کي ڏسي پٿر جي بت وانگر بيهي رهيس.
هوءَ اڌ گول چڪر جي انداز ۾ پٺيان نهاريندي هلي.
خيال آيم ته وڌي پڇانس: ڪيئن آهين؟ بيٺي هوءَ به. اکين ۾ ڄڻ
شڪايت هئس ۽ پوءِ هلي ويئي.
ڏهن سالن بعد بس هڪ دفعو ائين هڪ ڀرپور ملاقات ٿي. ”آوارهه“
ناول سڄو ختم ٿي وڃي ٿو، پر هڪ دفعو به ان ۾ نائڪ
نائڪا نٿا ڳالهائين ۽ اها ڳالهه به مون کي ئي چوڻي
ٿي پوي. گذريل ٽيهن سالن ۾ ڪنهن نقاد ڪونه چئي
آهي.
تن ڏينهن ۾ مان هڪ جوڳيءَ وٽ ويو هوس. هن جي جهوپڙيءَ ۾ کوپڙيون
ٽنگيل هيون. چاڪ سان ڪجهه چوڪنڊا ڪڍيائين ۽ بوتل ۾
هڪ روح کي گهرايائين. گهڻا سوال جواب ڪرڻ بعد
چيائين: توکي تنهنجي بينا برسات بعد ملندي. گهڻا
مينهن آيا ۽ ويا، نه هوءَ مون وٽ آئي نه مان هن وٽ
ويس.
وري هڪ ساڌوءَ چيو: ڏيئو کڻ ۽ ان ۾ نهاريندو رهه، پوءِ جنهن
ڏانهن اک کڻندين، اها تنهنجي پر ڪرشن ڀڳوان جيان
اوچو ٿيڻ ٿو چاهين ته ڪڏهن به پيار جو اظهار نه
ڪج. راڌا ڪرشن کي، سيتا رام کي ۽ پاروتيءَ شوَ کي
پيار ڪيو ۽ ڪرش، رام ۽ شوَ ڪڏهن به پنهنجي
پريمڪائن کي ايئن نه چيو: مان توکي پريم ٿو ڪريان.
ڀلا هو ڪتابي ڀڳوان ۽ مان هڪ خسيس انسان. ان اُلٽ
گيان جيون ۾ گهڻو دک ڏٺم پر شڪايت نٿو ڪريان. آخر
ڪمل کي پاتم ۽ سُکي آهيان. جيڪڏهن انهن مان ڪير
ملي به ها، ته ڪمل نه ملي ها ۽ ڌيءَ گيتا به نه.
آهي اها به جذبات، پر ماڻهو آهي ته پنهنجي خوابن ۽
جذبات مان آهي.
ڄاڻان ٿو ته موهه انڌو ٿيندو آهي، پر مان ڪهڙو سڄو آهيان. ٻه
ڪتاب پڙهي، ٿورو انڀو پائي ماڻهو وڏي يقين سان
ڳالهائيندا آهن. هن ئي ڌرتيءَ تي گوتم، گانڌي،
عيسيٰ، موسيٰ، ڪنفيوشس، حضرت محمد'، نانڪ ۽ ٻيا
وڏا ماڻهو ٿيا آهن. مگر دنيا آهي ڇا؟ ميس آهي.
نفاق، ورهاڱا، جنگ، غريبي، جهالت، بيماري.
بيڪيٽ جي ”اينڊ گيم“ ناٽڪ ۾ هڪ ڪردار درزيءَ کي پتلون سبنڻ لاءِ
ڏئي ٿو. سڀاڻ سڀاڻ ڪندي ڪندي ڪافي ڏينهن ڪڍي وڃي
ٿو. آخر ڪردار صبر وڃائي ٿو ويهي ۽ درزيءَ کي چوي
ٿو: ”خدا به دنيا کي ڇهن ڏينهن ۾ ٺاهيو ۽ تو هيڏا
ڏينهن لڳايا آهن.“
درزيءَ چيو، ”۽ هن ڇهن ڏينهن ۾ ٺاهيو ڇا آهي؟ هوءَ ڏسو دنيا ۽
هيءَ ڏسو پنهنجي پينٽ!“
ڪلاس ۾ ڪملا مٽاڻي، درو ڪرپالاڻي ۽ موهن ڇڳاڻي به هيون. گني جو
ڪنهن گئونتي مير چنداڻي سان پيار ٿي ويو. هن سڀ
ڪهاڻيون هن جي نالي سان لکيون. فقط هڪ ڪهاڻي ”مان
رام ٿيندس“ (1949ع
نيو سنسار سماچار)، هڪ ڪهاڻي ”مان ماءُ ٿيندس“
(نرگس
1954ع)
۽ هڪ ڪهاڻي ”طوفان جي هڪ رات“ سال ٻه پوءِ (نئين
دنيا ۾) ڇپيس. باقي ڪهاڻين جون نائڪائون اڪثر عشق
۾ بيمار بسترن تي پيون هونديون هيون. مڙسن کي ڌنڌن
مان فرصت نه ملندي هئي ۽ کين ڪو مهيا پريمي ملي
ويندو هو. اسين ٻئي هڪ ٻئي کي ڪهاڻيون پڙهي
ٻڌائيندا هئاسين. گني ان قسم جون فقط ٻه ڪهاڻيون
پنهنجي نالي سان ڇپايون. باقي اٽڪل ٻه ڊزن گئونتي
جي نالي سان، جن جون ڪاپيون نه کيس آهن، نه مون وٽ
آهن، نه ٻئي وٽ آهن. ”شڪست“ ڪهاڻي هن مون تي لکي
آهي.
ڪملا، درو ۽ موهني مون ۾ چاهه وٺنديون هيون. ساڌنا شوداساڻي،
جا ڪملا جي ساهيڙي هئي، اتي آئي. هوءَ پوءِ وڏي فلم ائڪٽريس ٿي.
مون لاءِ چيائونس: هي ڪرانتڪاري ڪلاڪار آهي. هٿ به
ڏسي ڄاڻي. مون هن جو هٿ ڏٺو ۽ چيومانس: ”تون هڪ
ڏينهن ضرور پنهنجي پريميءَ سان گهر ڇڏي ڀڄي
ويندينءَ.“
”۽ اهو پريمي تون هوندين،“ هن کلندي چيو.
”تنهنجو نصيب!“
”اڄ رکڙي ٻنڌن آهي. اچ ته رکڙي ٻڌانءِ“
هوءَ من کي جچي وئي. ٻانهون لچڪائيندي، هٿن سان ڪٿڪليءَ جا
اشارا ڪندي، ٽي دفعا رکڙي کڻي اڳيان وڌي.
مون ٽيئي دفعا رکڙير نه ٻڌائي.
”اٽ لوڪس، يو بليو ان لؤ ائٽ سائيٽ.“ (لڳي ٿو، تون ڏسڻ سان عاشق
ٿيندو آهين.“
”ها لڳي ٿو.“
”پوءِ ته چڱا عيش ڪيا هوندئي.“
”جک ماريا اٿم.“
”ٿورا کڻي وڌيڪ کاءُ.“
ساڌنا سان ملاقات سندس آخري فلم ”محفل“ جي شوٽنگ تي ٿي، جتي
راجندر سنگهه بيديءَ جي ”گرم ڪوٽ“ جي ڊائريڪٽر
امرڪمار گهرايو هو. ڏهه سال کن ٿيا. ڪهاڻي رينچ
ليکڪ اليگزينڊر ڊوملس جي آهي. جنهن ساڳي ڪهاڻيءَ
تي خواجه احمد عباس ”انهوني“ فلم ڪڍي هئي. جنهن ۾
راجڪپور ۽ نرگس هئا. نرگس جو ڊبل رول هو، جنهن سبب
نرگس کي دنيا ۾ مشهوري ملي. مون ”محفل“ ڏٺي آهي،
چاهي ته رليز نه ٿي آهي. ساڌنا نرگس کان بهتر
ائڪٽنگ ڪئي آهي. پر نه سندس مارڪيٽ آهي، نه هيرو
انيل ڌاون جي. باقي فقط اشوڪ ڪمار سان فلم هلڻ
مشڪل آهي، جيئن اڪيلي سر اڄڪلهه دليپ ڪمار به فلم
کڻي نٿو سگهي.
ساڌنا مون کي ڪونه سڃاتو. سال اڳ هڪ فلمي رسالي جو ايڊيٽر مون
وٽ آيو ۽ چيائين، ”تون سوالن جوابن جو ڪالم کڻ.
سوال پبلڪ جا، جواب تنهنجا، پر نالو ساڌنا جو
ايندو. ساڌنا ها ڪئي آهي.“
”ته منهنجي به ها آهي.“
”پئسا؟“
”اهي کانئس وٺي تون کڻج.“
مون ڏٺو آهي ته جن وٽ گهڻو پيسو آهي، اهي اڃا به وڌيڪ هٿ ڪرڻ جي
خفن ۾ هوندا آهون ۽ جن وٽ نه هوندو آهي، انهن کي
وقت تي ملندو به آهي ته وٺڻ جو اتساهه ئي نه
ڏيکاريندا آهن. کين ڄڻ يقين ئي نه ايندو ته پيسو
به ملي سگهندو آهي.
ائين پوءِ ببيتا جي نالي به ڪالم کنيم ۽ پيسا نه ورتم. ”شعلي.“
”شان“ ۽ ”شڪتي“ جي ڊائريڪٽر رميش سپي جي شاديءَ وقت ببيتا
منهنجي ۽ ڪمل جي سامهون ويٺي هئي. پر کيس خبر نه
هئي ته سندس نالي جواب ڏيڻ وارو مان سندس سامهون
ويٺو هوس.
موهني مون کي وڻندي هئي ۽ اڪثر شام جو سندس گهر چانهه پيئڻ
ويندوهوس. هوءَ مون کي چاهيندي هئي ۽ کيس خبر هئي
ته مان چانهه جو شوقين هوس ۽ غريبيءَ سبب گهر ۾
گهڻي پي نٿي سگهيس.
هڪ دفعي هن چيو، ”موهن! هو ڏس“ هن غنڊي اڄ مون سان مستي ڪئي،
هينئر تنهنجي هوندي!“
شايد اها منهنجي آخري لڙائي هئي، پر هڪ ٻي لڙائي ۽ ٽن چماٽن جو
ذڪر ڪري، جهڳڙي جي داستان کي هتي ختم ٿو ڪريان:
ڪراچي ۾ ڪلفٽن جي پل جي ٻني تان چڙهي، سمنڊ ڏانهن ٿي ويس، جو
ڏٺم ته هڪ ڊگهي قداوار مڪرانيءَ، هڪ سنڌي ٻار کي
ٿي ماريو. چيومانس: شرم نٿو اچيئي جو هڪ ٻار کي ٿو
مارين. ٻار ته مان به هئس. چيائين: تون اچ. اتان
پندرهن فوٽ ٽپ ڏنم. ٺونشيبازي چالو. من کيس چڱا ڌڪ
هنيا. سندس مون کي هڪ ئي لڳو، نڪ ٿورو ٽيڙو ٿي
پيو، جو اڃا به اٿم. پاڻ ڀڄي ويو ۽ نڪ تي پنهنجو
امٽ يادگار ڇڏي ويو.
الهاس ننگر ۾ هڪ جوان دادا چيو، ”تو وٽ آهي ڇا جو هوا ۾ ٿو
هلين.“
”مون وٽ هيءُ آهي!“ هڪ چماٽ هنئي مانس ته وٺي ڀڳو.
هڪ ليکڪ ڪي سي ڪاليج جي بالڪنيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان مستي ڪئي.
گني ۽ منهنجي وچ ۾ ويٺو هو. ناٽڪ ”انڊر سيڪريٽري“
هو، جنهن ۾ ڀڏي آڏواڻي ڪم ٿي ڪيو. منهنجي منع ڪرڻ
تي به هن خراب ڳالهائڻ بند نه ڪيو. مون گردن ورائي
کيس ابتي چماٽ هنئي ۽ هو چار ڪرسيون پريان وڃين
ڪريو ۽ ڇهن مهينن ۾ رومانٽڪ مان ماڊرن لکيڪ ٿي
پيو.
الهاس نگر سنڌي سميلن (1978ع)
۾ ارجن سڪايل جي گهران، هنس پنجابي ۽ رجني پنجابي
احمد آباد ٿي ويا، پر رات جو آٽو وارو کين کڻي نه.
سڪايل کي چيائين: اوهان چيو ته ٻه ماڻهو آهن، پر
هي ته هڪ هڪ ماڻهو ٽن برابر آهي. هنن جي گاڏي ٿي
ڇٽي. ڊرائيور به ڪو داد هو. مون کي اڇو چوغو
پئجامو پيو هو. چيومانس: ٻڌئون، شرافت سان کڻي وڃ.
هن سيٽ تان اٿندي چيو، تون ڇا گورنر جو پٽ آهين؟
مون چاهيو ته ڪونه پر زور سان چماٽ وهائي ڪڍي
مانس. سڌو آٽو جي هئنڊل تي ڪريو ۽ هڪ ٻه ڏند ڀڄي
پيس. رڙ ڪيائين: خون خون! سندس ساٿي گڏ ٿي آيا.
اتي گلوڪار گلشن کيماڻيءَ جو گهر به هو. هن جا
ڀائر خنجر کڻي آيا. غنڊن جي سردار ڪپ کوليو پر
سڪايل جي هٿ جوڙ تي ٺاهه ٿي ويو، بلڪه مون جو هيڏو
وڏو سميلن سڏايو ۽ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري ڊائريڪٽ
ڪئي هئم، پس پيش غنڊن جو سردار شرمسار ٿيو ۽ آخر
پيرين پئي معافي ورتائين. ڪلاڪ کن اها ردبدل هلي.
سڪايل نهايت ناراض ٿي پيو. چئي: “ليکڪ امن جو
فرشتو آهي. ان کي ڪڏهن به هٿ نه هلائڻ گهرجي.“
”پر هن مون کي گار ڏني!“
”گار به هڪ گفٽ آهي، جا نه وٺجي ته اها ڏيڻ واري جي ٿيندي.“ ها،
مون گوتم جو اهو گفتو ٻڌو آهي.
منهنجي هوندي ۽ بدمعاش موهني کي ڇيڙي.
مون اٺ فوٽ مٿان ٽپو ڏنو ۽ کيس ڏاڍي مار ڪڍيم. داد ڀڄي ويو.
راجن چاولا آيو ته موهني منهنجي تعريف ۾ نه پئي
ڍاپي. اڌ ڪلاڪ ۾ دادا ڏهه کن ٻيا دادا وٺي آيو.
مان اڪيلو هيٺ لٿس. هو ڏندن ۽ شيخن سان ورائي ويا.
راجو وچ ۾ آيو. ٻنهي جا مٿا ڀڃي ڇڏيائون. مون کي
سورهن ۽ راجوءَ کي ٽيهه ٽوپا لڳا. اسين ٻئي بيهوش.
پهرين ڪلياڻ ۽ پوءِ ٿاڻا اسپتال ۾ کڻائي ويا. مان
سورهن ڏينهن ۽ راجو ٽيويهه ڏينهن اسپتال ۾ رهيو.
پر پوءِ بدمعاشن موهنيءَ جي رستي تان لنگهنڻ ڇڏي
ڏنو.
ٿاڻا اسپتال ۾ هڪ نرس وڻي ويئي. ڇوڪريون ته لاهور جي زماني کان
وڻنديون هيون ۽ اڃا به وڻنديون آهن. پر ڪنهن کي
زبردستي گلي نه پوندو آهيان.
هڪ ميڙ ۾ شيخ اياز چيو، ”سنڌ ۾ ڇوڪريون جوان ٿي، الائي ڪيڏانهن
وينديون آهن!“
اديبن مون ڏانهن نهاريو ته موهن ڇا ٿو چوي. مون چيو.
”هو هندستان ۾ موهن ڪلپنا وٽ اينديون آهن.“
”ملئي ته هڪ به نه ٿي.“ سڳن آهوجا چرچي کي وڌايو.
ان ڪري ئي سڀ ملڻ اينديون آهن. اهي جي منهنجون ڀينرون آهن،
مائرون آهن، دوست آهن.“
”يعني چرچي ۾ به پنهنجو هندستاني پڻو ڇڏيندين ڪونه.“
سڳن چيو.
”ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر اهو ڇڏي نٿو.“
ڏاڍي کل ٿي.
نرس جو نالو مريم هو. چئي: توکي ڏاڙهي مڇون ۽ وڏا وار هجن ته
جيسس ڪرائيسٽ لڳين. مان جيوز آهيان. هينئر اسرائيل
وجود ۾ آيو آهي. تون مون سان پئلسٽائين (فلسطين)
هلندين؟“
”تون وٺي هلندينءَ؟“
”هڪ شرط تي.“
”ڪهڙو؟“
”توکي ڪرسچئن ٿيڻو پوندو.“
”ان سان مونکي ڪهڙو فرق پوندو.؟“
”اسرائيل ۾ داخلا ملندي.“
”مون کي ته ڪڏهن سنڌ ئي وڃڻو آهي.“
”مسلمان ٿي؟“
”نه، جو آهيان، هندو.“
هوءَ ڳلن تي هٿ رکي پيار ڪندي هئي. هڪ ڏينهن نشپاپ چمي ڏنائين ۽
پئلسٽائين هلي ويئي. وار ڪٽيل هيس. اکيون هرڻيءَ
جيان ڪاريون. پر ڪجي ڇا: آنچل ٺيڪ چيو آهي.
ڪير پنهنجي وسان گهٽائيندو
منهنجي قسمت خراب آ شايد!
مون کي قسمت لفظ نه وڻندو آهي، نه ان ۾ وشواس اٿم. بس اسين
زندگيءَ جي ڪنهن ائبسرڊٽيءَ کي قسمت لفظ جو عنوان
ڏيئي، پنهنجي جند کي ٿيل زيادتي کان بچائيندا
آهيون. |