منگهارام ملڪاڻي کان ديال آشا تائين، منهنجي سڀني
ليکڪن
سان
شخصي ۽ گهري دوستي رهي. هڪ هڪ جا داستان ڄاڻان ٿو.
هرچند اجهل شاعري ڪندو نه آهي، جيئندو آهي. هل
اسٽيشن تي مٽيءَ ۾ ليٽي پوندو ۽ چانڊوڪيءَ ۾ سنان
ڪندو. مون کي ڪڏهن به پنهنجيون غلطيون ڄاڻڻ تي دل
ٿيندي ته وٽس ويندس.
ترقي
پسندن ۾ هڪ ڳالهه هئي. هنن قوم جا مڙيئي فرنٽ
سنڀاليا، ادب. ادبي هلچل. سنڌي هلچل. تعليم. ناٽڪ.
ڪلچر،
زبان، سنڌي لپي. جوان هئا، جوانيون انکي ڏنيون
اٿئاون. اسان غير ترقي پسندن به شروعات کان هنن سان
گڏ ڪم ڪيو آهي. اخلاق جا به سٺا ۽ شخصي وهنوار ۾
بغض ۽ تعصب کان آجا. هنن سنڌين لاءِ اهو ڪجهه ڪيو
آهي جو دنيا ۾ ان جو مثال نه ملندو. اُتم
هلچل لاءِ نوڪري ڇڏي. مالهيءَ ناٽڪ لاءِ ماستري
ڇڏي. ڪيرت به سر تي ڪفني ٻڌي هندستان جا گهڻا دورا
ڪيا، هنن جون ڪيتريون تخليقي قوتون ايڏي وڏي ڪم
سبب ضرور برباد ٿيون هونديون. پوپٽيءَ
۽
راهيءَ به گهڻو ڪم ڪيو آهي.
هڪ دفعي انند کيماڻيءَ چيو، ”هلچل ڪال کان ڀاڄ
آهي.
ناڪامياب لکيڪ سنڌيت جي پناهه هيٺ آيا
آهن.“
”هڪ
خيال کان“ مون چيو، ”ڪلا زندگيءَ کان ڀاڄ
آهي.
اسين زندگيءَ کي منهن ڏيئي نٿا سگهون. ان ڪري
پناهه لاءِ ڪلا جي ڇت هيٺيان اچون ٿا.“
ترقي
پسندن جي اها دعويٰ غلط آهي ته چيٽي چنڊ ڏينهن
ملهائڻ جي رسم هنن شروع ڪئي. شري ٻلديو گاجرا جي
والد تارا
چند گاجرا خود مون کي چيو ته،
هن پاڻ اها رٿ چڪاگو ڪمپنيءَ جي نانڪ موٽواڻيءَ کي
ڏني. هن رام پنجواڻيءَ
کي
گهرايو. هندستان اخبار ۾ پڌرائي ٿي ته،
کار
۾ چيٽي چنڊ جو ميلو ملهايو ويندو. پوءِ سڀا وارا
به وڃي مٿن ڪڙڪيا. جيئن تلڪ گڻپتيءَ کي، تيئن رام
پنجواڻي اڏيري لعل کي مشهور ڪيو آهي ۽ جتي ڪٿي وڏا
فنڪار خواهه للو پنجو سندس ڏينهن ملهائين ٿا. پر
هڪ غلط ڳالهه اها ٿي آهي،
جو
اڏيري لعل جو صوفي ڪردار گم ٿي ويو آهي ۽ کيس هڪ
هندو سورمي ۽ ڀڳوان جيان ياد ڪيو وڃي ٿو: جا ڳالهه
اڳيان هلي ”سنڌي هڪ قوم“ جي اصول کي ڌڪ هڻي سگهي
ٿي. اها غلطي ڪارل مارڪس کي سنڌوءَ ۾ سنان ڪرائڻ
وارو گوبند مالهي به ڪري رهيو آهي.
ترقي
پسندن
سنڌي
ادب ۾ ڪافي صحتمند لاڙا پيدا ڪيا آهن. محنت ۽
ايڪتا، جمهوري ۽ سماجوادي اصولن تي زور ڏنو آهي.
عورت کي مرد جي برابر ڏيکاريو آهي. غلط
رسمن کي وائکو ڪيو آهي. پر هنن غلطي اها ڪئي جو
هلچل ۾ وڏا عهدا ملڻ سان پاڻ کي وڏو اديب سمجهڻ
شروع ڪيو.
بسڪيٽ
۽ کٽمٺڙن وارن کي هلچل ۾ ڇڪي آيا ۽ کين صدارتي
ڪرسيون ڏنائون. جئرامداس
دولترام ۽ پروفيسر گهنشام، جن سنڌين کي هندستان ۾
جذب ٿي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ حڪومت کي سنڌي ٻولي
تسليم ڪرڻ بدران، هندي لپيءَ
لاءِ لکيو،
جيڪا
رٿ حڪومت
قبول
ڪئي، ترقي پسندن تن سان گڏجي ڪم ڪيو. چون اها حڪمت
عملي آهي.
مون جئرامداس کي هڪ خط لکيو: ”اوهين چئو ٿا، سنڌ کي
وساري
ڇڏيو. اوهين جڏهن بهار جا گورنر هئا، تڏهن هڪ
تلاءَ ۾ بوٽنگ
ڪندي، اوهان جي هڪ منڊي ان ۾ ڪري پئي،
اها اوهان جي وڏن جي يادگار هئي، اوهان سرڪاري خرچ
تي اهو تلاءُ خالي ڪرايو. اوهان وڃايو ڇا، فقط هڪ
منڊي. اسان ته وطن وڃايو آهي سائين.“
وچ ۾ سخت بيمار ٿي
پيس ۽ مون وٽ آپريشن جا پئسا نه هئا ته،
نارايڻ ڀارتي معرفت نياپو موڪليائين ته، تنهنجا
فلاڻا ڪتاب ديوناگري ۾ آندا وڃن ته ان جو توکي
هيترو اجورو ملندو، جو ڪل ٽي هزار ۽ اڄ
جي
حساب سان پندرهن هزار ٿو بيهي. مون چوائي موڪليو:
ماڻهو پنهنجي عقيدن سان ٿيندو آهي. مان آدرش وڪڻي
نٿو سگهان. منهنجي حياتيِءَ
کان
سنڌي ٻوليءَ جي سلامتيءَ جو وڌيڪ ملهه آهي.
گهر جي حالت بهتر ٿي، پر مان بيروزگار هئس. مون کي
پٽ تي سمهڻ تي اعتراض نه هو، پر چاهيم ٿي ته
منهنجو دادا پلنگ تي سمهي. گهر ۾ بجلي هجي. بٽڻ
دٻايان ته روشني ٿي وڃي. ديال آهوجا ”آواراهه“
ناول ڇپايو ته مون مٿان فحاشيءَ جو الزام آيو. پر
ڪتاب
جون
هڪ هزار ڪاپيون هلي ويون. ديال هڪ ڏينهن چيو: گهر
جيڪو گهرڻو هجيئي. مون ڪتاب مان گهڻو ڪمايو آهي.
چيومانس: هڪ پلنگ وٺي ڏي.
هو دوڪان خالي ڇڏي مون سان هليو ۽ مون کي اهو
پلنگ، جو سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ٿيندو آهي،
وٺي ڏنائين. قيمت ويهه رپيا. هن وقت چار سئو. مان
ٻاويهن سالن جو جوان. ان کي مٿي تي رکي خود گهر
کڻي ويس ۽ رات جو جڏهن دادا ان تي سمهيو ته مون کي
پهريون ڀيرو ليکڪ هئڻ تي ناز ٿيو.
ائين ڀاڀيءَ هڪ دفعي ٻياني ڏني، جا والي بال راند ڪندي وڃائجي
ويئي، ڏاڍو صدمو رسيم. ميدان تي ڳولهيم، پر نه
ملي. ڪيترا مهينا، جڏهن به چانهه پيئڻ تي دل ٿيندي
هئي ته ان ميدان تي ويندو هوس. ڪاش اڄ ملي. پر نه
ٻياني ملندي هئي ۽ نه چانهه ملندي ۽ من جي ترشنا
ٻليءَ جيان ٽب ۾ ٽپا ڏيندي نظر ايندي هئي.
’نرگس‘ اخبار جو ايڊيٽر تيج پارواڻي هو. ان جي ڀاءُ مولچند ايم
پي جي تخلص سان پهرين ’اڙٻنگ‘ ۽ پوءِ ’الجهن‘ ناول
لکيو. هڪ دفعي آنچل جي گهر اچي ٽڪيو. پاڻ هو
شاهوڪار، پر هن غريبي ۽ بک ڏسڻ ٿي چاهي. مون کي
چيائين: تنهنجي ڪامياب ٿيڻ جو سبب اهو آهي جو تو
گهڻي بک ڏٺي آهي. مان به هتي بکون ڪڍڻ آيو آهيان،
جيئن فلم ۾ طاقت اچي.
چيومانس: ”اوهان جي گهر ۾ چانورن ۽ ڪڻڪ جون ڳوڻيون ڀريل آهن ۽
گيهن جا دٻا آهن. اوهين بکون ڪڍندا پر اوهين ان جي
شدت محسوس ڪري نه سگهندا، ڇو ته اوهان وٽ نااميدي
نه آهي. اسان وٽ نه اڄ جو ڀروسو آهي، نه سڀاڻي جو.
بک نٿي ماري، پر اهو خيال ٿو ماري ته، ڪڏهن
زندگيءَ ۾ ٻه ويلا ماني نصيب ٿيندي به يا نه.“
مڙس ٽپڙ کڻي واپس پوني هليو ويو. گهڻو پوءِ هن منهور جي ڀيڻ
اندرا واسواڻيءَ سان شادي ڪئي. اندرا ريلوي ۾
آفيسر هئي ۽ هڪ دفعي فرسٽ ڪلاس ۾ دهلي ويئي. کيس
هڪ نوڪر جي مفت پاس هئي. منوهر پڇيو: دهلي ڏسندين؟
مون ها ڪئي ۽ سرونٽ ڪلاس ۾ چڙهي دهليءَ ويس. وچ پچ
۾ اندرا وٽ ويس ٿي. هن چانهه گهرائي پاڻ به پيتي ۽
مون کي به ٿي پياري.
مون ڀاڀيءَ کي چيو، آگري ۾ تاج محل سامهون هڪ هوٽل ۾ نوڪري ملي
آهي. پگهار ستر رپيا. رهڻ لاءِ ڪوٺي، کاڌو سڀ مفت.
ڀاڀيءَ ٻه رپيا ڏنا ۽ آسيس ڪئي. اندرا دهليءَ ۾
ڀيڻ وٽ هلڻ لاءِ گهڻو چيو. پر مون چيو ته مون کي
دهليءَ ۾ گهڻا دوست آهن، ائين جواهر لعل نهروءَ وٽ
به ٽڪي سگهان ٿو، مگر دهليءَ ۾ (1953ع) منهنجو ڪوبه واقف نه هو. اتي بکون ڪڍيم ۽ نوڪريءَ جي تلاش ڪيم. رهيس فتح
پور واري سنڌي ڌرمشالا ۾. جليبين کائڻ تي دل ٿيندي
هئي ته، هندي ڳالهائيندو هوس. هڪ دفعي قيمي جي چاپ
کائڻ جي خيال خوب ستايو، پر مون وٽ چار آنا نه هئا
جو چاپ کائي سگهان. (ڪهاڻي: آخرين حسرت. ڪتاب:
فرشتن جي دنيا).
ساڌو واسواڻي چيو آهي:
اي دل نه ڪري فڪر
ڪر شڪر ڪر شڪر
شڪر جو ڪارل مارڪس اهو نظريو نه اپنايو، نه ته لينن ان جو قائل
ٿي پوي ها ۽ روس ۾ ڪوئي انقلاب نه اچي ها. هڪ
نوجوان چاهي ته به نوڪري هٿ نٿو ڪري سگهي. چاپ
کائڻ تي خير ان لاءِ عياشي آهي. ائين گهر ۾ ماني
نه ٺهندي هئي ته ڪچا چڻا کڻي، ان ۾ لوڻ مرچ وجهي
کائيندو هوس ۽ جڏهن پيٽ ۾ سور پوندو هو ته سنڌ جا
سکيا ستابا ڏينهن ياد پوندا هئا. سمجهيو هوم ته
راشٽر جو هڪ وڏو نيتا ٿيندس. پر بڻيس پناهگير.
بيروزگار. ڪنگال ۽ بس هڪ ليکڪ.
ڌرمشالا پٺيان هڪ گهر هو، جتي هڪ جوان ڇوڪري رهندي هئي. مان
هفتو ڏيڍ اتي رهيس. پهرين نهاريندي پوءِ مشڪندي
هئي. هرمن هيس جي جرمن ڪهاڻي آهي: ”يوٿ بيوٽيفل
يوٿ.“ مونکي به لڳو ته جوانن جي پنهنجي الڳ دنيا
آهي ۽ جوانيءَ جي تسليمي هئي هڪ مرڪ. تون ڪيتري
سندر! تون ڪيترو سهڻو. واه! زندگي هڪ موج آهي.
انهن مرڪن جو ڪو ٻيو مطلب نه هوندو آهي. خدا ڪري
تون خوش هجين. اهي مرڪون ڪي عشق جون ڪوالٽيون نه
آهن جو گرفتار ڪن. اهي ته روزاني زندگيءَ جي نراشا
۽ مايوسيءَ کان آزاد ٿيون ڪن.
دهليءَ جي اسٽيشن ٻاهران هڪ جوان گڏيو. پاسي ۾ لٺيون رکيون هئس.
چي: ”بابو، جي هيءَ ننڍي لٺ ٻانهن کي هڻي ڀڃان ته
آنو ڏيو. وڏي ڀڃان ته چار آنا.“
”يعني تون پاڻ کي ماريندين؟“
”اوهين شايد گريئجوئيٽ آهيو. هونءَ مون به شيڪسپيئر پڙهيو آهي.“
مون مشڪي چيومانس، ”مون کي اڌ پئسا ڏي ته مان ٿو ان کي ڀڃان.“
”ته اوهين به بيروزگار آهيو.“
مون کيس سلام ڪيو ۽ هلڻ لڳس. چون ٿا، هڪ گرئجوئيٽ کي سرڪس ۾
نوڪري ملي. اتي شينهن جي هڪ پوسٽ خالي هئي، سو کيس
شينهن جي کل پارائي، پڃري ۾ بند ڪيائون. شينهن لڳو
لڳ پڃري ۾ به هو ۽ اتفاق سان اهو دروازو کليل هو.
اهو شينهن گريجوئٽ شينهن ڏانهن وڌيو ته هن رڙ ڪئي:
بچايو بچايو. هن شينهن رڙ ڪري چيس: ماٺ ڪر هندستان
۾ رڳو تون بيروزگار نه آهين!
مان دهليءَ جي ڌرمشالا جي بالڪنيءَ ۾ بيهي، نڪ سان تريل چاپ جي
خوشبوءِ کي ناسن ۾ گهمائڻ لاءِ يوگ پچائيندو ۽
ائين دماغ کي خيالي نرواڻ ڏيئي، پٺيان ان جوان
ڇوڪريءَ وٽ بيهندو هوس. کيس اڪثر پيلي رنگ جي
ساڙهي پيئي هوندي هئي ۽ هوءَ لاهور مال روڊ جي
دوشيزائن جيان خوبصورت هئي. ان بعد ڏهه ٻارنهن
دفعا دهليءَ ويو آهيان، ڪمل ۽ گپتا کي به وٺي.
هميشه هڪ دفعو اُنُ ڌرمشالا ۾ ويندو آهيان، پر وري
ان پنجاپڻ کي نه ڏٺو اٿم، پر وڃڻ جو نيم اڃا ته نه
ڀڳو اٿم ۽ هڪ دفعي ايشور چندر ۽ وشنو ڀاٽيا کي به
وٺي ويو هوس.
پٺيان ايشور آنچل شادي ڪئي. کيس ڏک ٿي پيو جو مان ان شاديءَ ۾
شريڪ ٿي نه سگهيس. ٻين ليکڪن به منهنجي ڪمي محسوس
ڪئي. مان بنا ٽڪيٽ واپس آيس. پڪڙيس ڪونه. بکايل.
گهر اچي ڀاڀيءَ کي چيم: ڏاڍي بک لڳي آهي. قيمي جي
هڪ چاپ کاراءِ. چيائين: مون سمجهيو ته توکي نوڪري
نه ملي آهي. تون همت نه هار. مان آهيان نه. وٺ
رپيو. هوٽل مان چاپ کائي اچ.
مون چيو آهي: اڄ سرڪار جون واڳون مائرن کان ملڻ گهرجن. ملڪ ۾ هڪ
به ڪنگال ڳوليو نه لڀندو. |