ببليو گرافي
سنڌي ڪتاب
1.ششيخ واحد بخش: سنڌي صرف و نحو، حيدرآباد، آر، ايڇ. احمد ائنڊ
برادرس، 56-1955ع
2.ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو ٻيو، حيدرآباد،
موتي اليڪٽرڪ پرٽنگ ورڪس، 1937ع
3.مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1960ع
4.منشي اُڌارام ٿانورداس: سنڌي وياڪرڻ، ڪراچي، گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو،
1892ع
انگريزي ڪتاب
5.Bloch A. S, Trager. L. Op: Cit, P. 71.
6. Bloomfield., L. Language,
London, George
7. Allen and Unwin Ltd. 1961
Gleason.
8. Nida., Op. Cit.
سَنڌي/ اِدغام
(assimilation)
1.
صورتيات جو علم سنڌ ۾ اڃا تائين به نئون پيو محسوس
ٿئي، جيتوڻيڪ سنڌي وياڪرڻن جي ماهرن، سنڌي آوازن
جي صوتياتي نظام، ڳالهائڻ جي عضون، آوازن جي مخرج
۽ نقط ادا
(Point of articulation) توڙي آوازن جي تقسيم جي بيان ۾ صفحن جا صفحا ڀري ڇڏيا آهن،
پر اهي سڀ بيان ۽ نتيجا ثابت ٿا ڪن ته انهن مان
ڪنهن به بزرگ، ٻوليءَ جي ساخت ۽ سٽاء توڙي صوتياتي
نظام جو شخصي طور تجربو نه ڪيو آهي، بلڪه غير سنڌي
ماهرن- ڊاڪٽر ٽرومپ، سرگريئرس ۽ اسٽئڪ- جي بيان
جو، هوبهو ترجمو ڪيو آهي. مقامي ماهرن ۾ پروفيسر
وسناڻيءَ جو نالو سڀني کان اڳ ملي ٿو، هن صاحب کان
پوءِ ديوان ڍوليمل، مرزا قليچ بيگ ۽ پروفيسر
ڀيرومل اهڙي ڪوشش ڪئي. ديوان ڀيرومل پنهنجي ڪتاب
وڏو سنڌي وياڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي ٻئي ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ به لسانيات ۾ ڪم ايندڙ
فني اصطلاحن جي مفهوم ۽ وصف تي روشني وڌي آهي، ۽
انهن جا مثال به ڏنا اٿس. پروفيسر صاحب انهن ۾
ادغام
جي عنوان واري هڪ نئين لفظ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اضافو
ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ادغام جو مقصد ۽ مفهوم سمجهائيندي اها ساڳئي مراد
ورتي اٿس، جيڪا
اڳتي هلي گڏيل حرف صحيح جو ڀڃڻ جي عنوان هيٺ به بيان ڪئي اٿس.
حقيقت ۾ ٻئي عنوان هڪ ئي مقصد رکن ٿا. پروفيسر
ڀيرومل، گڏيل حرف صحيح جو ڀڃڻ، فقري جي ڀر ۾،
ڏنگين ۾، ان لاءِ انگريزي ۾ ڪم ايندڙ لفظ
assimilation
لکيو آهي. دراصل پروفيسر صاحب انگريزي لفظ
assimilation
جو، يعني جو، سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي: گڏيل حرف
صحيح جو ڀڃڻ. ان جي وصف بيان ڪندي لکيو اٿس:
گڏيل حرف صحيح مان جيڪڏهن ٻئي زور ڀريا يا ڏاڍا اکر
هوندا، ته ٻيو اکر قائم رهندو، ۽ پهريون منجهس
سمائجي ويندو، پر جيڪڏهن هڪ زور ڀريو ۽ ٻيو ڪمزور
اکر هوندو، ته ڪمزور اکر ڏاڍي اکر ۾ سمائجي ويندو.
مطلب ته جيڪو ڏاڍو سو گابو؛ اهو ليکو ٻولين ۾ به
لڳو پيو آهي.
انگريزي
assimilation
کي، جڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ جاچجي ٿو، تڏهن ائين
ٿو معلوم ٿئي ته اهو لفظ، خود ئي برصغير هندو پاڪ
۾ قديم زماني کان وٺي موجوده وقت تائين ڪم ايندڙ
لفظ سنڌي جو ترجمو آهي، جو ممڪن آهي ته سترهينءَ
۽ ارڙهين صديءَ ڌاري انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو
هجي؛ ڇاڪاڻ ته اهو ئي زمانو هو، جنهن ۾ برطانوي
ماهرن لسانيات جي علم، ۽ خاص ڪري سنسڪرت جي مطالعي
کي پنهنجي ڄاڻ ۽ علم لاءِ ضروري سمجهي
.
هونئن به يورپي مشنرين، سورهينءَ ۽ سترهينءَ صدي
ڌاري، سنسڪرت جي گرامر جو علم يورپ تائين پهچائي
ڇڏيو هو، جنهن يورپ وارن جي ذهن ۽ فڪر ۾ هڪ عجيب
انقلاب آندو هو
.
انهيءَ ڪري اهو دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته ديسي لفظ
سَنڌي، انگريزيءَ ۾ اڳ ئي استعمال ٿيڻ لڳو
۽
پوءِ ان جو انگريزي ۾ ترجمو
assimilation
ڪيو ويو. ڪاڪي ڀيرومل ته ديسي
لفظ جي انگريزي ترجمي
assimilation
جو وري سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. کانئس اڳ ديوان
جهمٽمل وسناڻيءَ ساڳيو ديسي لفظ سَنڌي استعمال
ڪيو آهي، ۽ انگريزيءَ ۾ ان لاءِ ڏنگين ۾
assimilation
لفظ رکيو اٿس.
هن باب ۾ سَنڌي مان مراد ساڳي باب ديوان
وسناڻيءَ واري ورتي وئي آهي.
سنسڪرت وانگر، سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۽ ٻوليءَ جي
ڍانچي ۾ به سَنڌي اهم حصو ادا ڪيو آهي، پر سنڌي
ٻوليءَ ۾ هيستائين صوتيات جي هن اهم عنصر سَنڌي
کي صحيح نموني پيش نه ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته
پيش ڪندڙن ان جي افاديت ۽ مفهوم کي برابر سمجهيو
نه آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو سَنڌي مان عجيب
عجيب نتيجا ڪڍيا ويا آهن. لسانيات جي جديد توڙي
قديم نظرين ۾، سَنڌي جي وصف، عمل ۽ مفهوم ۾ ڪوبه
ڦيرو ڪونه آيو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جون جيڪي
وصفون مقرر ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ هن ريت
آهي:
جڏهن به سنسڪرت مان نون لفظن ٺاهڻ لاءِ ڪنهن
ڌاتوءَ سان اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڳنڍيون وينديون آهن
ته ان عمل کي سڏيندا ئي هئا سَنڌي
(sandhi)
کي هڪ ٽيڪنيڪل لفظ طور، انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾
استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان لفظ ۾ ڪافي وقت اندر
اِ حرف علت جو اَ حرف علت ۾ مٽجڻ ڪا وڏي ڳالهه
ڪانهي. خود اسان وٽ ان جون ڪي صورتون انهيءَ طريقي
سان بدلجي چڪيون آهن. هن لفظ جو ڌاتو آهي سَڌΠ سَد (سنسڪرت: سينڌ)= وهڻ، ڳنڍڻ، ڳتڻ، ڌڪ هڻڻ، آباد ٿيڻ، محدود ٿيڻ وغيره،
جنهن مان سَنڌ، سِنڌۡو، سَنڌو، سينڌ لفظ، حرف
علت اِ سان موجود آهن، ته ٻئي پاسي سَنڌڻ،
سَنڌِ، سَنداڻ، سَنڌو وغيره لفظ به موجود آهن
مٿينءَ وصف جي ڀيٽ ۾ سَنڌ/ ۽ سنڌو/ لفظن جي مطالعي
مان ثابت ٿيو آهي ته اهي الڳ الڳ ڌاتن سان واسطو
رکن ٿا
،
جن سان/ سنڌڻ/ ۽ /سڌو/ جو ڪوبه واسطو ڪونهي.
2. لفظ سَنڌي، سَمڌا ڌاتوءَ مان ڦٽي نڪتل آهي. سَنڌي لفظ جي لغت واري معنى، ان جي
افاديت ۽ صوتياتي عمل کي بلڪل نمايان نٿي ڪري،
البت لسانيات جي فني ۽ عملي لغت ۾، ان لاءِ ڏنل
معنى ۽ وصف، سنڌي جي عمل ۽ مفهوم جي ٺيڪ نموني
ترجماني ٿي ڪري. سنڌي سنسڪرت جي وياڪرڻ جو لفظ
آهي، جنهن جي لغوي معنى آهي جوڙ ۽ ڳنڍ. جڏهن
به ڪنهن جملي يا مرڪب لفظ
(compound words) ۾ ٻه لفظ يا مرتب لفظ يا مرتب لفظ
(complex words) هڪ لفظ ۾، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پَرَ-وَس
صرفيه
(bound morphemes)
هڪٻئي جي پويان (مرتب لفظ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي
ميلاپ واري طريقي ۾)، اهڙي نموني ۾ گڏبيون آهن، جو
پهرئين لفظ يا صرفيه جو پويون(final) صوتيه، ۽ پوئين لفظ يا صرفيه جي پهريون
(Initial)
صوتيه، هڪ ٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز (صوتيه) ۾
تبديل ٿيندا آهن، تڏهن اهڙيءَ ٿيل تبديلءَ کي
ماهرن سنڌي سڏيو آهي
هن وصف مان چار نتيجا ٿا نڪرن:
(الف) |
لفظن يا فقرن، ۾ صرفين جي ميل وارا مرڪب
آواز، پاڻ ۾ سمائجي يا هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ
نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن؛ |
(ب) |
آوازن جي جوڙ يا ميلاپ ۾، پوئين آواز جي اثر
کان، پهريون آواز وچان ئي هڪ نئين، ٽئين
آواز جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي؛ |
(ت) |
تاريخي ارتقا دوران، ڪنهن لفظ ۾ هڪ آواز
بدلجي ٻيو آواز ٿيندو آهي؛ |
(ٿ) |
تاريخي ارتقا دوران، ڪنهن لفظ ۾ هڪ آواز
بلڪل گم ٿي ويندو آهي. |
جڏهن ڪن آوازن جي جوڙ يا ميل ۾ ڪم ايندڙ ٻه
آواز، پاڻ ۾ سمائجي هڪ نئون آواز ٿين يا هڪٻئي تي
اثر ڪري، هڪ ٽئين آواز ۾ ائين بدلبا آهن، جو اهو
ٽيون آواز انهن ٻنهي بنيادي آوازن کان بلڪل نرالو
هوندو آهي، ته آوازن جي اهڙيءَ تبديليءَ کي ماهرن
سنجوڳي- سَنڌي
(coalescent assimilation)
سڏيو آهي.
3- سَنڌي کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو،
اُهي ٻه مکيه آهن:
(الف) تاريخي سَنڌي
(historical assimilation)
(ب) نِسبتي سَنڌي
(contextual assimilation)
(i)
تاريخي سنڌي
(historical assimation)
سَنڌي جو هي قسم، ٻوليءَ جي ارتقا سان واسطو ٿو
رکي، يعني ٻوليءَ جي ارتقا دوران جيئن جيئن ٻوليءَ
۾ ٻيون تبديليون رونما ٿين ٿيون، تيئن تيئن هن قسم
واري سَنڌيءَ به پنهنجا اثر ظاهر ڪندي آهي. هن
قسم واريءَ سَنڌيءَ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته
ٻوليءَ جو ڪوبه آواز، ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص نموني
سان اُچاربو هو، پر جيئن جيئن ٻوليءَ ۾ ترقي ٿيندي
وئي، تيئن تيئن اهڙن آوازن جي اُچارڻ
۾ به فرق ايندو ويو. هن قسم واريءَ سَنڌيءَ، جا،
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا.
مثلاً:
(i) |
(الف)/ک، گهه ۽ ٿ/ جو/هه/ ۾ بدلجڻ:
(i)
مُکَΠمُههَΠ
مُنهن.
(ii)
ميگههَ
Π
ميههΠ
مينهن.
(iii)
گاٿا
Π
گاهاΠ
ڳاها
Π
ڳاههَ.
(ب) هيٺين لفظن ۾/د/۽/چ/ آواز بدلجي/ر/، ٿيا
آهن ۽ /ش/ آواز پهرين بدلجي/س/ ٿيو ۽ پوءِ
س/ بدلجي/هه/ ٿيو آهي. |
|
(i)
ايڪادَشَΠ
ايڪارَههَ
Π
اي آرَهه
Πيارنهن
(ii)
دُوادَشΠ
بارَسَΠ
بارَهه
Π
ٻارَهه
Π
ٻارهن
(iii)
تُريورَشΠ
تُريودَسَΠ
تيئودسَΠ
تيئورههَ تيرَهه
Π
تيرهن
(iv)
پنچَ دشΠ
پَنرَههَ
يار
ΠپندرههΠ
پندرهن. |
(ت)/ي/Π/ج/ |
|
|
(i)
يووَنَΠ
جوڀن
(ii)
يَوَΠ
جَوَ
(iii)
يوتۡرΠ
جوٽو |
(ث)/مΠ/اُون/ |
|
|
(i) گرامَΠ
گامۡ
Πگائون.
(ii)
اهمΠ
اَهون (گجراتي هُون) آئوُن (آءٌ) |
(ج) لفظن ۾ آوازن جي گم ٿي وڃڻ جا مثال:
تاريخي سنڌيءَ جو ٻيو قسم اهو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ
جي ارتقا دوران، ڪي آواز گم يا حذف ٿي ويا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لفظ ملن ٿا، جن مان ڪي
آواز آهستي آهستي گم ٿي ويا آهن، مثال طور:
(i)/ر/
آواز جو گم ٿيڻ:
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ ملن ٿا، جن ۾ اڄ کان
چار يا پنج سؤ ورهيه اڳ/ر/آواز جو اُچار ڪيو ويندو
هو، مگر هاڻوڪي زماني ۾ انهن لفظن مان /ر/ آواز گم
ٿي ويو آهي. اهڙن لفظن مان ڪي هي آهن
:
(i)گرامΠ
گام
(ii)ارۡڌΠ
اڌُ
(iii)اَرگههΠ
اُگههُ
(iv)اَرۡڪΠ
اَڪُ
(v)
سَرويΠ
سَويΠ سَڀيΠ
سَڀُ
(vi)
چَرمΠ
چَمُ
(vii)
ڪَرَنΠ
ڪَنِ
(viii)
ماترَΠ
ماءُ
(ix)
ڪرينديΠ
ڪندي
(x)
ڀراتاΠ
ڀِرا
Π(پنجابي
پِرا)
Π يا (پنجابي پا) Π
ڀاءُ
(xi)
ڪَرَمΠ
ڪم.
سنڌي جي پراڻي شاعر اسحاق آهنگر ۽ شاهه عبدالڪريم
بلڙائي جي بيتن ۾ ڪرن يا ڪريندي لفظن ۾/ر/
آواز موجود آهي:
(i)
اسحاق آهنگر جو سورٺو:
ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي ڇڄ تي،
مانَ ڪَرَن ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاريءَ سين.
هن سورٺي ۾ ڪرن لفظ ڪم آندل آهي، جنهن جو معياري
لهجي موجب هاڻوڪو اچار ڪَن آهي، حالانڪه
اُترادي لهجي ۾ اڄ به ڪرن لفظ عام طور ڳالهايو
ويندو آهي.
(ii)
شاهه ڪريم جو دوهو:
چندن چور ڪريندي، رتو مۡمنهن ڪهاڙ،
سڄڻ ڏڄڻ نه ٿئي، رسي جي سوَوار.
هن دوهي ۾ ڪريندي لفظ ڪم آندو ويو آهي، جنهن جو
هاڻوڪو اُچار معياري لهجي موجب ڪندي آهي،
حالانڪه ڪڇي لهجي ۾ اڄ به ڪريندين لفظ عام آهي.
(ب) /م/ آواز جو گم ٿيڻ:
(i)
رَسميΠ
رَسي.
(ٻ) /س/ آواز جو گم ٿيڻ:
(i)
سَنيههَ
Π
نيههَ
Π
نِيههُ
Πنينهن.
(ڀ) / ش/ آواز جو گم ٿيڻ:
(i)
نِشۡٺُرَΠ
نِٺُر.
تاريخي سنڌيءَ جو ٽيون قسم آهي تاريخي سنجوڳي قسم
واريءَ سنڌي
(Historical coalescent assimilation).
هن سنڌيءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا.
هن قسم واري سنڌيءَ جي حالت ۾ آوازن جي جوڙ يا ميل
وارا ڪي به ٻه مختلف آواز يا گڏيل آواز، پاڻ ۾
سمائجي يا هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ بدلبا
آهن. نئون بدليل آواز، ميل يا جوڙ وارن آوازن کان
بلڪل الڳ ۽ هڪ نئين گروهه وارن آوازن مان هوندو
آهي. اهڙا مثال سنڌي زبان ۾ بيشمار آهن:
(الف) |
/ گُر-/ مرڪب آوازن ۾ مليل جوڙ/ گ/۽/ ر/ پاڻ
۾ سمائجي، بلڪل هڪ نئين گروهه وارو آواز/ ڳ/
ٺاهين ٿا؛ |
مثال طور:
آگۡرَΠ
اَڳُ
(ب) |
آوازن جي جوڙ گۡيَه/ ۾،/ گ/ ۽/ي/ پاڻ ۾
سمائجي، /ڳ/ آواز ۾ بدلجن ٿا؛ مثلاً: |
(i)ڀاگۡيَهΠ
ڀاڳُ
(ii)
يوگۡيَهΠ
جوڳُ
(ٻ) آوازن جي جوڙ/ تۡيه/ ۾،/ت/ ۽/ ي/ آواز پاڻ ۾
سمائجي،/چ/ آواز ۾ بدلجن ٿا؛ مثلاً:
(i)
سَتۡيهΠ
سَچُ
(ii)
هَتۡياΠ
هَچا
(ڀ) آوازن جي ميل/ دۡ يَ/ ۾/،/ د/ ۽ ي/ آواز پاڻ ۾
ملي، /ڄ/ ۾ مٽجن ٿا؛ مثلاً:
(i)
ويدۡيَهΠ
ويڄۡ
(ii)
اَدۡيَهΠ
اڄ
(ت) آوازن جي ميل/ ڌۡ ي/ ۾، آيل آواز/ ڌ/ ۽ / ي/،
پاڻ ۾ سمائجي/ جهه/ آواز ۾ مٽجن ٿا؛
مثال طور:
سَنڌۡ يا
Πسَنجها.
(ٿ) آوازن جي ميل/ سۡت/ ۾،/ س/ ۽/ ت/ آواز پاڻ ۾
سمائجي/ ٿ/ آواز ٺاهين ٿا؛ مثال طور:
(i)
هَسۡتَΠ
هٿَ
(ii)
ڪَسۡتُوري.Π
کَٿوري (ڪۡسΠک)
(iii)
سۡتونΠ
ٿوڻΠ ٿوڻي (سۡتΠٿ)
(iv)
سۡتنΠ
ٿَڻۡ
(ٽ) آوازن جي ميل/ ڪۡشَ/ ۾، گڏيل آواز/ڪ/ ۽/ ش/
پاڻ سمائجي،/ ک/ ۽/ ڇ/ ۾ بدلبا آهن؛ مثلاً:
(i)
ڪۡثيرَΠ
کِيرُ
(ii)
اَڪۡشَرَΠ
اَکَرُ
(iii)
اَڪُشَΠ
اَکۡ
(iv)
ڪۡشارΠ
کار
(v)
لَڪشميΠ
لَڇمي يا لکمِي
(vi)
لَڪۡشَڻَΠ
لَڇَڻ يَا لَکَڻ
(ٺ) آوازن جي ميل/ شۡچ/ ۾، گڏيل آواز/ ش/ ۽/ چ/
پاڻ ۾ سمائجي،/ ڇ/ آوازن ۾ بدلجن ٿا؛
مثلاً:
(i)
پَشۡچِمΠ
پَڇم
(ث) آوازن جي ميل/ نۡيهَ/ ۾، گڏيل آواز/ن/ ۽/ ي/
پاڻ ۾ ملي/ ڃ آوازن ۾ مٽجن ٿا:
مثلاً:
(i)
جَنۡيهΠ
ڄَڃَ
(ii)
شونۡيَهΠ
سُڃَ
(پ) آوازن جي ميل/ ڻيه/ ۾ گڏيل آواز/ ڻ/ ۽/ي/ پاڻ
۾ گڏجي/ ڃ/ آواز ۾ مٽجن ٿا؛ مثال طور:
(i)
پڻۡيَهΠ
پِڃِ
(ii)
ڌَڻي+ اَڻَيΠ
ڌڻۡياڻِيΠ
ڌڃياڻي
(ڦ) آوازن جي ميل/دۡرَ/ ۾، گڏيل آواز/ د/ ۽/ر/ڻ ۾
گڏجي/ ڊ/ ۽/ ڏ/ ٺاهين ٿا؛ مثلاً:
(i)
نندۡرΠ
ننڊَ
(ii)
چندۡرΠ
چنڊ
(iii)
دُروههَΠ
ڏوههۡ
(iv)
دۡهه+ بَلΠ
دُر+ بلΠ
دُرٻلΠ
ڏٻلΠ ڏُٻرُΠ
ڏٻرو
(v)
دۡرُ+ جَنΠ
ڏڄَڻ.
اهڙيءَ طرح انهيءَ نموني جا ٻيا به ڪيترائي مثال
ملن ٿا، جيڪي هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڪن ٿا.
(ب) نسبتي سَنڌي
(Contextual assimilation)
هن مان مراد اها سَنڌي آهي، جنهن ۾ جملن يا مرڪب
لفظن ۾، ٻن لفظن، ۽ مرتب لفظن ۾ ڪم ايندڙ صورتن ۽
صرفين وغيره جي ميل واري هنڌ وٽ، پهرئين لفظ يا
صرفيه جو پويون آواز، پوئين لفظ يا پوئين صرفيه جي
پهرئين آواز کان، متاثر ٿيندو آهي، ۽ اهو (پهرئين
لفظ يا پهرئين صرفيه جو پويون آواز)، هڪ نئين آواز
۾ مٽبو آهي. هن قسم واري سَنڌي ٻن ڀاڱن تي مشتمل
آهي:
(1) سُرَ سَنڌي ۽ (2) وِيَنجَنَ- سَنڌي. انهن مان
هر هڪ جا تفصيلوار مثال هيٺ ڏجن ٿا:
(1) سُر- سَنڌي:
(الف) جڏهن ڪن به ٻن ڀر وارن لفظن يا صرفين مان
پهرئين جي آخر يا پوئين جُز جي شروعات ۾، يعني
ٻنهي حالتن ۾/ آ/سُر ڪم ايندو آهي، تڏهن/ آ+آ/
بدلجي/آ/ سُر ٿيندو آهي؛ مثلاً:
(i)
پَرَمَ+ اَرۡٿΠ
پَرمارَٿ
: اَ+اَ=آ
(ii)
پَرَ+ اَرٿناΠ
پَرارٿنا
: اَ+آ=آ
(ب) جڏهن ڪن به ٻن ڀر وارن لفظن يا صرفين مان،
پهرئين جي پڇاڙيءَ ۾/ آ/، ۽ پوئين جي شروعات ۾/ آ/
سُر هوندو آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پهرين جز جو آخري
سُر/ آ/ گم ٿي ويندو آهي، مثلاً:
(i) سَنگههَ+ آسڻΠ
سَنگهاسَڻ:
اَ+آ=آ
(ii) پَرَمَ+ آنندΠ
پَرمانند
: اَ+آ=آ
(iii)
لَڄَ+ آئِتوΠ
لَڄائتو :
اَ+آ=آ
(iv) کيڏَ+ آريΠ
کيڏاري : اَ+آ=آ
(ت) جڏهن به ٻن ڀر وارن لفظن يا صرفين مان، پهرئين
جي آخر ۽ پوئين جي شروعات ۾، يعني ٻنهي حالتن ۾/
آ/ سُر هوندو آهي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ پهرين جز جو
پويون سر/ آ/سُر گم ٿي ويندو آهي: مثلاً:
(i) مَها+ آتماΠ
مهاتما
: آ+آ=آ
(ii) وديا+ آليهΠ
ودياله
: آ+آ=آ
(iii)
لَڄَا+ آروΠ
لَڄارو : آ+آ=آ
(ث) جڏهن ڪن به ٻن ڀر وارن لفظن يا صرفين مان،
پهرئين جي آخر ۽ پوئين جي شروعات ۾، يعني ٻنهي
حالتن ۾ /اِ/ سُر ڪم ايندو آهي ته اهڙيءَ حالت ۾
ٻئي سُر هڪٻئي تي اثر ڪري/اِي/ اِي/ سُرَ ۾ مٽبا
آهن؛ مثال طور:
(iii) اَتِ+ اِتΠ
اَتيت
: اِ+اِ=اِي
(ii) هِٿِ+ اِڪوΠ
هٿِيڪو : اِ+اِ=اِي
(ii)
وَس+ اِڪوΠ
وَسيڪو : اِ+اِ=اِي
(iv) وَههِ+ اِڻوΠ
وهَيڻو : اِ+اِ=اِي
(ت) جڏهن ڪن به ٻن ڀر وارن لفظن يا صرفين مان
پهرئين جي پڇاڙيءَ ۾/ اِ/، ۽ پوئين جي شروعات ۾/
آ/ سُر ڪم ايندا آهن، تڏهن/ آ/ جي اثر کان/ اِ/
بدلجي نيم- سري
(2)
ٿيندو آهي؛ جيئن:
(i) وِ+ اَڪرَڻΠ
وياڪرڻ
: اِ+آ=يا
(ي+آ)
(ii) آڀ+ اَسΠ
اَڀياس
: اِ+آ=يا
(iii) ڪَرِ+ اَنΠ
ڪرَيان
: اِ+آ=يا
(iv) مارِ+ اَنΠ
ماريان : اِ+آ=يا
(ي+ آن)
(ح) مرتب لفظ ٺاهڻ لاءِ جڏهن ڪنهن لفظ جي پويان
اهڙي صرفيه ملائبي آهي، جنهن جي شروعات ۾ /آ/ سُر
هوندو آهي ۽ صرفيه جي اڳيان ايندڙ لفظ يا صورت جي
آخر ۾/ ي/ سُر هوندو آهي، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾/ آ/
جي اثر کان/ اِي/ نسر بدلجي نيم- سر/ي/ ٿيندو آهي،
مثلاً:
(i)
شِيدي+ آڻيΠ
شِيدياڻي : اِي+آ=يا
(ي+ آ)
(ii)
موتي+ آئونΠموتيائون
: اِي+آ=يا
(ي+ آ)
(iii) پاڻِي+ آٺوΠ
پاڻياٺو :
اِي+آ=يا (ي+ آ)
(iv) آني+ آروΠ
آنيارو :
اِي+آ=يا (ي+ آ)
(خ) ساڳيءَ طرح جڏهن ڪنهن به لفظ جي پويان/ اِي/
سُر هوندو آهي ۽ اُن سُر ۾ ملايل لفظ جي آخر ۾
ايندڙ صرفيه جي شروعات ۾/آ/سُر هوندو آهي، تڏهن/
آ/ جي اثر کان/اِي/ سُر بدلجي نيم- سُر/ي/ ٿيندو
آهي، مثال طور:
(i) هاري+ آپΠ
هاريپَ :
اِي+آ=يَ
(ii) ڪاٺي+ آرΠ
ڪاٺير : اِي+آ=يَ)
(د) بلڪل ساڳيءَ طرح اُو/ سر جي پويان جڏهن ملايل
ڪن لفظن جي شروعات ۾/اَ/ يا/ آ/ سر ايندا آهن،
تڏهن/ او/ بدلجي نيم- سر/ وَ/
/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:
(i) تئو+ آΠ
توا : او+آ=وا
(ii) ٻائو+ آΠ
ٻاوا : او+آ=وا
(iii) سائو+ آΠ
ساوا : او+آ=وا
(iv) پائو+ آΠ
پاوا : او+آ=وا
(ث) اهڙيءَ طرح/اُو/ جي پويان جڏهن/آ/ سُر ايندو
آهي، تڏهن /اُو/ بدلجي، نيم- سر/ وَ/ ٿيندو آهي:
مثال طور:
(i) هِندُو+ آڻيΠ
هِندۡواڻي : اُو+آ=وا
(ii)
لاڏُو+ آن
Π
لاڏۡوان : اُو+آ=وا
(ز) بلڪل ساڳيءَ طرح لفظن جي ٻن جُزن ۾ جڏهن/اُ/
جي پويان/ اَ/ سر ايندو آهي، تڏهن/ اُ/ بدلجي نيم-
سر/ و/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:
(i)
ٿانءُ+اَ
Πٿانوَ
: اُ+اَ=وَ
(ii) ڀاءُ(آگهه)+اَ
Πڀاوَ
: اُ+اَ=وَ
(ii) ڪانءُ+اَ
Πڪانوَ
: اُ+اَ=وَ
(iv) گهاءُ+اَ
Πگهاوَ
: اُ+اَ=وَ
2- وينجن سنڌي:
ڳالهاءَ واري ٻولي ۾ جملن، مرڪب لفظن ۽ مرتب لفظن
۾ اهڙا لفظ به هوندا آهن، جن جي آخر ۾ نه صرف سُر،
پر وينجن به هوندا آهن. اهڙا مثال گهڻو ڪري ٻين
ٻولين مان ورتل اُڌارن لفظن
(Loan-words)
۾ عام طور ملن ٿا
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم واري سنڌيءَ جي مطالعي ۾
اهڙا مثال گهڻي قدر مدد ڪن ٿا.
مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته آوازن جي ميل يا جوڙ جي
حالت ۾، ڪن صورتن ۾، پويون جز، پهرئين جز تي اثر
ڪندو آهي؛ انهيءَ اثر جي ڪري پهرئين جز، ڪنهن ٽئين
آواز ۾ بدلجي ويندو آهي. هن قسم وارين تبديلين جا
هيٺيان مثال سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ملن ٿا:
(الف) جڏهن ڪنهن لفظ يا صرفيه جي پڇاڙيءَ ۾/س/
وينجن هوندو آهي، ۽ ان جي هڪدم پويان ايندڙ ٻئي
لفظ جي شروعات ۾/م/ گهُڻو وينجن هوندو آهي، تڏهن
اهڙي حالت ۾ گهڻي وينجن/م/ جي اثر کان،/ س/
بدلجي،/ر/ ٿيندو آهي؛ مثلاً:
نِس+مل
Πنرمل
: :سΠر
(ب) جڏهن ڪنهن به لفظ جي پڇاڙيءَ ۾/ س/ وينجن
هوندو آهي، ۽ اُن جي هڪدم پويان ايندڙ ٻئي لفظ جي
شروعات ۾/ ل/ وينجن هوندو آهي، تڏهن/ ل/ جي اثرن
کان/ س/ بدلجي/ ر/ ٿيندو آهي؛ مثال طور:
نِس+لج
Πنرلڄ
: :سΠر
(ٻ) اهڙيءَ طرح جڏهن/ت/ جي پويان، ٻئي لفظ جي
شروعات ۾/چ/ هوندو آهي، تڏهن/ چ جي اثر کان/ ت/
بدلجي/ چ/ ٿيندي آهي. جيئن:
(i) اُت+چارڻ
Πاُچچارڻ
اُچارڻ
: تΠچ
(ڀ) جڏهن/ت/جي پويان شامل ٿيندڙ ٻئي لفظ جي شروعات
۾/ ج/ صوتيه ايندي آهي، تڏهن/ت/Π/ج/
ٿيندي آهي؛ جيئن:
(i)
سَتۡ+جن
ΠسجنΠ
سجّنΠ
سڄڻ
: : تΠ
ج
(ت) اهڙيءَ طرح هيٺين لفظن ۾ آخري صوتيه/ج/ جي اثر
کان، ان جي اڳيان ايندڙ صوتيه/هه/ بدلجي/ ر/ صوتيه
ٿيندي آهي، مثلاً:
(i)
نِههۡ + جل
Πنرجل
: ههΠر
(ii)
نِههۡ + بل
ΠنربلΠنرٻلΠنِٻل
: ههΠر،
پوءِ//ر/ صوتيه ٿي وئي آهي.
(iii)
نِههۡ + ڌنΠنرڌن
: هΠر
(iv)
دُههۡ + بل
ΠدُرۡبلΠ
دُرۡٻلΠ
ڏُٻل
:ههΠر، پوءِ درΠ ڏ
(ٿ) ساڳيءَ طرح/ چ/ صوتيه جي اثر ڪري،/هه/ صوتيه
مٽجي/ ش/ ٿيندي آهي؛ جيئن:
(i)
نِههۡ + چلΠنشچل
:ههΠ
ش
(ث) بلڪل ساڳيءَ طرح/ ڦ/ صوتيه جي اثر کان،/ هه/
صوتيه،/ش/ صوتيه ۾ مٽبي آهي، جيئن:
(i)
نِههۡ + ڦَلΠنشڦل
Π
نشل : ههΠ
ش
(ج) جملن ۾ سنڌيءَ جا مثال:
ڪانه آهيΠ
ڪانهي : /آ/۽/آ/ گم ٿي ويا.
ڇا آهيΠ
ڇاهي : ايضاً
ڇا نه آهيΠ
ڇا ناهي : /آ/گم ٿي ويو
ويو+ سΠ
وِيُس : اوΠ
اُ
ٿِيوس+ سΠ
ٿيس : ايضاً
ڪيوم+ مΠ
ڪيم : ايضاً
لکيو+ مΠ
لِکيمُ : ايضاً
نه آهي
Π
ناهي، نه آهن
Π
ناهِن
ڇا آهن
Π
ڇاهِن
ڪونه آهي
Π
ڪونهي ڪونه آهن
Π
ڪونهَن
ڪانه آهي
Π
ڪانهي ڪين آهن
Π
ڪينهِن
درويش آهن
Πدرويش
هنΠ
درويشن
انهن مثالن ۾ پهرئين جملي ۾/ نه/ جي پويان ايندڙ
لفظ/ آهي/ جي منڍ واري آواز/ آ/ جي اثرکان،/ نه/
جو/آ/ گم ٿي ويو، ۽ نئون لفظ/ ناهي/ ٺهي پيو.
پوين ٻن مثالن ۾ نه فقط/ نه/ جو/ آ/ گم ٿي ويل آهي
پر خود/ آهي/ لفظ جو منڍ وارو آواز/آ/ به حذف ڪيو
ويو آهي. ڌيان طلب نڪتو. هي به آهي ته/ ڪونه آهي/
جملي ۾، (ن) آواز اوسرگ آواز آهي. پر/ ڪونهي/ لفظ
۾، سنجوڳي نسبتي سنڌيءَ جي اصولن موجب اوسرگ/ ن/
بدلجي وسرگ/ نهه/ ٿيو آهي.
مرزا قليچ بيگ: سنڌي ويارڪرڻ، ڀاڱو ٽيون،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع، ص ص 41- 52.
۽ پڻ ڏسو: ڀيرومل آڏواڻي: وڏو سنڌي وياڪرڻ،
ڀاڳو پهريون، ڪراچي ۽ حيدرآباد، هندو پريس.
1926ع. ص 2، 3 ۽ 6.
لفظ ادغام، سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين پهرين شاهه
لطيف ڪم آندو آهي، مثلاً: ڪسرت آهي قرب ۾.
ادغام ۾ اِعراب.
ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،
حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع. ص 342.
Bloomfield., L. Language,
London, George Allen
and Unwin Ltd. 1991,
P.11
سَنڌي جو ڌاتو
سَمڌΠ سَمڌيΠ سَنڌي، جنهن جي معنى آهي ڳنڍ، جوڙ ۽ ميلاپ ڏسو:
Sir Monier Williasm, A Sanskrit Dictionary, Oxford, 1956,
P. 1144. اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جو
ڌاتو
سڌ
(Sidh)
آهي، جنهن جي معنى نهر يا ندي ڄاڻائي وئي آهي،
۽ ڏنگين ۾ سنڌوندي ڄاڻائي وئي آهي ۽ سنڌوءَ
جي معنى سنڌ جا ماڻهو به ڏنل آهن: ڏسو:
Sir Monier Williasm, Op. Cit, P. 1217
۽ پڻ ڏسو:
Macdonell, A.A.,
Sanskrit- English Dictionary, London, 1892,
P.350.
جڏهن هڪ ٻوليءَ جا لفظ ٻيءَ ٻولي ۾ اُڌارا
وٺبا آهن، تڏهن اهڙن لفظن ۾ آيل هن قسم جي
تبديلي کي تاريخي سنڌيءَ ۾ شامل ڪبو آهي،
ڏسو:
Jones. D., Op. Cit, seetion 840. p. 218
|