سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :2

موجوده زماني ۾ علم اللسان جي مطالعي ۽ تجزئي جي لاءِ اوزار ۽ مشينون پڻ ايجاد ڪيون ويون آهن. جيڪي آوازن جي گهريءَ ڇنڊڇاڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿيون.

علم اللسان جي وسيلي نه فقط ڳالهائڻ جي آوازن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، پر ڳالهائڻ جي لفظن، انهن جي صرفي ۽ نحوي بيهڪ ۽ نوعيت جي به خبر پوي ٿي. پروفيسر رابنس (Robins) بلڪل درست لکيو آهي ته: ”هيءُ علم انسان ذات جي ٻوليءَ جي مطالعي سان واسطو رکي ٿو.“ ’صوتيات‘ هن علم جي هڪ شاخ آهي، جنهن کي برطانيه جي مشهور ماهر لسانيات، فرٿ (Firth)،’ڳالهائڻ جي آوازن جو علم‘ سڏيو آهي. هن علم جي مدد سان هر هڪ آواز ۽ آوازن جي مخرج، يعني، ’نقطه ادا‘ (Point of  articulation) جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. هن علم ذريعي خبر پوي ٿي ته ڪنهن به آواز جي اُچارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا عضوا عمل ڪن ٿا، انهن جي عمل جو ڍنگ يا نمونو ڪهڙو آهي؟ هي علم ’صوت‘ ۽ صــــوتيہ‘، ’صـــرف‘ ۽’صوفيہ‘ جي بيان، لفظن ۾ انهن جي تقسيم وغيره جي تشريح ڪري ٿو. ڪو شخص پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ کڻي ڪيترو به ماهر هجي، پر هي علم ان جي ڄاڻ ۽ مطالعي اضافو آڻي ٿو. مثال طور، لسانيات جي مطالعي کان اڳ جيڪڏهن ڪنهن اهل زبان کان پڇجي ته [س] ۽ [پ] آوازن ۾ ڪهڙو فرق آهي، يا اُن کان پڇجي ته اهي ٻئي آواز ڪهڙن گروهن سان واسطو رکن ٿا، ته هو ڪنهن حد تائين علم اللسان جي اصولن موجب انهن سوالن جا جواب درست ڏيئي نه سگهندو. علم اللسان جو مطالعو انهن ۽ اهڙن سڀني سوالن جا جواب ۽ اهڙن سڀني سوالن جا حل ڏسي ٿو.(1)

علم اللسان جي مدد سان پرڏيهي ٻوليون آسانيءَ سان سکي سگهن ٿيون. هن علم جي مدد سان انهن ٻولين جون صورتخطيون ٺاهي سگهجن ٿيون، جيڪي اڃا تائين لکيون نه ويون آهن. هن علم جي مدد سان، ڪيترن ئي ماهرن ڪوششون ڪري آفريڪا جي اڪثر ٻولين لاءِ آسان، ڪارآمد ۽ موزون صورتخطيون ٺاهيون آهن.

علم اللسان جي مدد سان ’اڌ اکريءَ‘ (Shorthand)، تار لاءِ الف- ب، ۽ انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن لاءِ به صورتخطيون ٺاهي سگهجن ٿيون. لسانيات جي مدد سان ٻولين جي هڪٻئي سان نسبت، مائٽيءَ ۽ ميل جول جي باري ۾ کوجنا ڪري سگهجي ٿي. ڪنهن به ٻوليءَ جي بڻ بنياد، يا ڪنهن به ٻوليءَ جي ساڳئي خاندان جي ٻن ٽن شاخن جي وچ ۾ مٽي مائٽيءَ ۽ هڪجهڙائيءَ جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي ڪنهن آواز جي تاريخي ارتقا، ڪنهن لفظ جي، ٻوليءَ جي ارتقا دوران، اوسر جي تاريخ ملي سگهي ٿي. علم اللسان جي مدد سان آوازن جي سٽاء ۽ ساخت کان سواءِ سنڌيءَ (assimilation) جي قانونن، صوتي صرفي ۽ معنوي تبديلين جا نشان ۽ اهڃاڻ به ملي سگهن ٿا. جيڪي ڪنهن به ٻوليءَ جي ماضيءَ جي تاريخ جي مطالعي لاءِ نهايت ئي ضروري آهن. اهڙي طرح، صوتيات جي تاريخي جائزي، ادغام، جهيلار ۽ ڍار (Intonation) وغيره بابت به مواد هٿ ڪري سگهجي ٿو.

لسانيات جو علم نه فقط ڪنهن ٻوليءَ جي ملڪي يعني اُن ملڪ جي سماجي ۽ ثقافتي حالت جو بيان ڪري ٿو، پر هي علم، ٻولين جي معنوي حيثيت، انهن جي ثقافت، پاڙيوارن ٻولين، يعني ڀروارن ملڪن جي ٻولين، ۽ انهن جي هڪٻئي تي اثرن جي آثارن، اُهڃاڻن ۽ نشانن بابت پڻ مواد ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڀر وارين ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثر ڪري، انهن ٻولين جي لغوي خزاني جي هڪٻئي ۾ ڏي- وٺ، يعني هڪٻئي کي لفظن جو ذخيرو ڏيڻ ۽ وٺڻ، علم اللغات جو مطالعو، ٻوليءَ جي لهجن ۽ لساني جاگرافيءَ جو مطالعو، ٻولين جي مختلف خاندانن جو مطالعو- مطلب ته اهڙا انيڪ عنوان آهن، جن جي اڀياس ۾ علم اللسان گهڻي مدد ڪري ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن علم کي موجوده دؤر ۾ سائنس جي حيثيت ڏني وئي آهي.

علم اللسان کي اسان وٽ ’قلالاجي‘ (Philolgy) سمجهيو ويندو هو، دراصل علم اللسان جو دائرو فلالاجيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وسيع آهي. فلالاجي پراڻين ’لکيل ٻولين‘ انهن جي لفظن، پوئتي ويندڙ تاريخ، يعني انهن جي ماضيءَ جي مطالعي ۽ کوجنا ۾ مدد ڪري ٿي. فلالاجي دراصل علم اللسان جو هڪ شعبو، يعني تاريخي لسانيات جي هڪ شاخ آهي، جيڪا روزمره واري ٻوليءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ ’بي پهچ‘ ۽ ’بيوس‘ ٿيو پوي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته فلالاجي ٻولين جي ماضيءَ جي تاريخ جي مطالعي جو ’تت‘ آهي.

دراصل علم اللسان جا جديد اصول ئي آهن، جن جي مدد سان روزمره واريءَ ٻوليءَ جي لغوي خزاني مان ڌارين (پاڙيوارين يا پرانهين) ٻولين مان آيل اُڌارن لفظن کي ڌار ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن جي نجي ڌن جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي خبر تڏهن پئجي سگهندي، جڏهن ان مان ڌاريون يعني اڌارو ورتل عنصر پاسيرو ڪري، باقي بچيل ديسي مواد جو تجزيو ڪجي. ڌارئين عنصر جو مطالعو هڪ ڌار موضوع هوندو آهي، ڇوته ٻوليون ڌارئين عنصر کي پنهنجيءَ سٽا موجب ڦيرائي، ان کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي لائق بنائينديون آهن.

علم اللسان جي جديد اصولن جي روشنيءَ ۾ ٻولين جي ويا ڪرڻ جو مطالعو دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو آهي، پر هن قسم جي مطالعي ۾ ويا ڪرڻ جا پراڻا اصول توڙي فلالاجي قاصر رهجيو وڃن. هن قسم جي مطالعي ۾ علم اللسان جا فقط جديد اصول ۽ قانون ئي مدد ڪن ٿا. مثال طور، لسانيات جو ڪوبه ماهر، پراڻن (Traditional) اصولن جي روشنيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ جي رڳو هڪ حصي، يعني اسم جي جمع ۽ واحد صورت ۾ تبديل، يا فعل جي وقت ۽ زمان موجب گردانن ۽ ڦيرن جي باري ۾ جڏهن ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ويهندو، تڏهن سندس سامهون ڪيترائي اهڙا مثال ايندا، جن سان پراڻا قانون هرگز لڳي نٿا سگهن. مثال طور اسم جي حالت فاعليءَ موجب جمع صورتون سمجهائڻ لاءِ هو چوندو:

مذڪر                       مؤنث

واحد

جمع

واحد

جمع

ڇوڪرو

ڇوڪرا

ڇوڪري

ڇوڪريون

گهوڙ

گهوڙا

گهوڙي

گهوڙيون

پُٽُ

پُٽَ

ڌيءَ

ڌيئرون

اهڙي طرح فعل جي گردان لاءِ چوندو:

کسَڻ    :

کسيو (ماضي)

ڇَپ      :

ڇپيو (ماضي)

ڪاهه    :

ڪاهيو (ماضي)

پر سنڌي ويا ڪرڻ، اسمن جي عدد ۽ فعلن جا زمانن موجب گردانن ۽ ڦيرن جا اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن سان پراڻا ۽ فلسفي جي اوٽ تي ٺاهيل اصول هرگز لڳي نٿا سگهن،  تنهنڪري، انهن کي ’بي قاعدي ڦريل‘ اسم يا فعل چئي جند ڇڏائي ويندي آهي، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته جديد لسانيات جي علم کان واقف نه هجڻ سبب، چيو ويندو آهي ته هيٺين اسمن جون سڀ جمع صورتون بي قاعدي ٺهيل آهن:

حالت

اسم واحد

اسم جمع

 

هاٿي

هاٿي

فاعلي

پکي

پکي

 

ماڻهو

ماڻهو

 

وڇون

وڇون

بلڪل ساڳيءَ طرح، اسان جا وياڪرڻي هيٺين فعلن جي، زمان ماضيءَ ۾ گردانن وارن مثالن کي، ’بي قاعدي ٺهيل‘، زمان ڪوٺيندا آهن:

ڌاتو

زماني ماضي

 

وَسُ-

وَٺو

۽ نه وسيو

ڦِسُ-

ڦِٽو

۽ نه ڦسيو

ڊَهه-

ڊٺو

۽ نه ڊهيو

ڌوءِ-

ڌوتو

۽ نه ڌئيو

 

 

 

 

اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ لسانيات جا پراڻا قانون ڪابه مدد ڪري نٿا سگهن، تنهنڪري، اهڙن ۽ ٻين اهڙن مثالن جي مطالعي لاءِ جديد لسانيات جي ’تشريحي لسانيات‘ (Descriptive linguistics) واريءَ شاخ جي مطالعي ۽ مدد جي گهڻي ضرورت آهي.

ڪي بزرگ سمجهندا آهن ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ جا قانون پهرين مقرر ڪيا ويا ۽ ٻوليءَ پوءِ، انهن قانونن جي اوٽ تي ٺهي هوندي، اها راءِ درست نه آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ٻوليون انسان ذات جي ابتدا کان وٺي پيون ڳالهائجن. ماهر انهن جي هر حصي، يعني صوتيات، صوفيات ۽ نحو جو مطالعو ڪندي ڪندي، پنهنجي تحقيق ۽ تجربي جي آڌار تي رايا ڏيندا رهيا آهن. هو بيان ڪندا رهيا آهن ته: فلاڻيءَ ٻوليءَ جو صوتياتي نظام هن ريت آهي، صوفياتي نظام هي آهي، ۽ ان جي وياڪرڻي سٽاءَ هيءَ آهي، وغيره. اهڙي طرح، اهي رايا ۽ بيان، اڳتي هلي، ان ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ جي قانون جي صورت وٺي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جا لکت ۾ اُهڃاڻ ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ هٿ آيل مواد مان ملن ٿا، پر ان جي گرامر جا اصول، پهرين پهرين ڊاڪٽر Trump.p 1835ع ۾ ڪتابي صورت ۾ لکيا.

بهرحال، لسانيات جو مطالعو ادبين، شاعرن استادن، ۽ راڳيندڙ لاءِ تمام ضروري ۽ اهم آهي.

ببليو گرافي

1.Bloch B. and Tranger, G. L, An Outline of  Linguistic Analysis,  Linguistic Society of America, 1942

2.Bloomfield, L, Language, 1961

3.Firth, J.R. Papers in linguistics, London, Oxford University Press, 1953.

4.Robins, R.H, General linguistics, an lntroductory  Survey. Longmans Linguistic Library, 1964

باب ٻيون

  •  علم صرف ۽ سنڌي ٻولي

  •  علم نحو ۽ سنڌي ٻولي

  •  سنڌي/ ادغام

  •  شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوٽون

  •  علم اللسان ۽ سچل جو ڪلام

علم صرف ۽ سنڌي ٻولي

1- ڪنهن به ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي ٻن مکيه ڀاڱن يعني صرف (Morphology) ۽ نحو (Syntax) ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. انهن مان ’علم صرف‘ لفظن جي جوڙجڪ  ۽ سٽاءَ ۽ گردانن سان واسطو رکي ٿو، ۽ ’علم نحو‘ فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ وياڪرڻي استعمال بيان ڪري ٿو. انهيءَ ڪري جيستائين ’علم صرف‘ ۽ ’علم نحو‘ جي قانونن، اصولن ۽ انهن جي دائري اندر ’لفظن‘ ۽ ’فقري‘ جي بيهڪ ۽ گروهبنديءَ (Sets) جي ڄاڻ نه هوندي، تيستائين ڪنهن به زبان جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ جي پوري خبر پئجي نه سگهندي.(1)  (2)

سنڌي ويا ڪرڻ جو مطالعو ڪندي اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن جو هن کان اڳ محترم سراج الحق ميمڻ ذڪر ڪيو آهي. سراج صاحب لکي ٿو:

”ڪارنهن، ڪاراڻ ۽ ڪارٺ (ڪاراٺ) لفظن ۾ جيڪي پڇاڙيون يا پڇاڙيءَ  جا پد (Suffixes) آهن، يعني، آ، نهن يا (اُنهن)، اَڻ ۽ ٺ (يا آٺ) اهي اصل ۾ ڇا آهن، انهن جي پنهنجن ڌاتن جي ڪهڙي صورت آهي يا هئي؟ ڇا ان پوئين سوال تي اچجي ٿو ته ٻين اهڙين صفتن  ۾، انهن جو استعمال محدود ٿو نظر اچي؟ مثلاً ’ڳاڙهو‘ مان ’ڳاڙهاڻ‘ ۽ ’ڳاڙهه‘ اسم ٺهن ٿا: پر ’ڳاڙهن‘ يا ’ڳاڙٺ‘ نٿا ٺهن، لفظ ’سائو‘ مان ’ساءَ‘ (يا وَ) ۽ ’سائنهن‘ يا ’سائٺ‘ يا ’ساوٺ‘ ڪونه ٿا ٺهن. انهن جي برعڪس ’ساواڻ‘ ۽ ’ساوڪ‘ لفظن جو نئون نمونو ۽ نئين ترڪيب ملي ٿي. لفظ ’پيلو‘ مان فقط هڪ ئي لفظ ’پيلاڻ‘ ٺهي ٿو، ۽ باقي ٻي ڪابه تُرڪيب ان مان نٿي ٺهي. جڏهن اُهي سمورا لفظ هڪ ئي گروهه جا ۽ نحوي طرح رنگن سان لاڳاپيل صفتون آهن ته انهن مان اسم ٺهڻ جا قاعدا قانون الگ الگ ڇو آهن؟(1)

سراج الحق طرفان مٿي ڄاڻايل مسئلن جا جواب علم صرف جي مطالعي جي مدد سان ئي ڏيئي سگهبا.

1- علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفهوم:

اول هي ڏسڻ  گهرجي ته علم صرف ڇا آهي ۽ اُن جي وصف ڪهڙي آهي؟ علم صرف جي وصف جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”حرفن مان لفظن جو جڙڻ، ۽ لفظن مان جملن ٺاهڻ کي علم صرف چئبو آهي. (2)

مرزا صاحب توڙي سنڌ جي ٻين وياڪرڻين جي ڏنل هن قسم جي وصف، هاڻوڪي دؤر ۾ علم صرف جو پورو مفهوم ادا نٿي ڪري.

مرزا صاحب توڙي سنڌ جي ٻين وياڪرڻين جي ڏنل هن قسم جي وصف، هاڻوڪي دؤر ۾ علم صرف جو پورو مفهوم ادا نٿي ڪري سگهي. هن سلسلي ۾ لسانيات جي جڳ مشهور امريڪي ماهر بلومفليد، هن علم (علم صرف) جي وصف هيئن بيان ڪئي آهي:

”هي اهو علم آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ لفظن جي جزن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ جي خبر پوي آهي.“ (1)

بلو مفليد اڳتي لکي ٿو:

”ڪنهن به ٻوليءَ جي علم صرف مان اسان جي مراد آهي ته ڪنهن به لفظ جي اها ساخت ۽ رچنا اها سٽاءَ جنهن ۾ اُن ٻوليءَ جي آزاد يا پَرَ- وس صورتن جي استعمال جي خبر پوي.“ (2)

بهرحال علم صرف اهو علم آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ اُنهن جي جزن جي جوڙجڪ، سٽاءَ ۽ بيهڪ جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي وياڪرڻي مواد ۾ جيڪي ’خود مختار‘ يا ’آزاد صورتون‘ (Free Forms) يا پَرَوس صورتون  (Bound forms) هونديون آهن، اُنهن جي استعمال جي خبر پوندي آهي، هن علم جي اڀياس جي دائري ۾ فقط لفظ اچن ٿا. فقرا ۽ جملا هن علم جي دائري کان ٻاهر آهن، يعني ته فقرن ۽ جملن جي بناوت ۽ جوڙجڪ سان علم صرف جو ڪوبه واسطو ڪونهي.

3- لفظ  ۽ صرفيہ:

(الف) لفظ هر ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾، خاص اهميت ٿو رکي، هڪ لفظ مان ٻين لفظن ۽ ڪردنتن جي ڦٽي نڪرڻ وارن اصولن جي ڄاڻ،

سمجهڻ لاءِ پهرين ’صوفيہ‘ (Morpheme) جي معنيٰ ۽ مفهوم تي روشني وڌي وئي آهي. اُن جو خاص سبب هي آهي ته سنڌ جي هروياڪرڻيءَ،  لفظ جي وصف،  پنهنجي پنهنجي خيال موجب ڏني آهي. موجوده دؤر ۾ اهي پراڻيون وصفون قبول ڪري سگهجن ٿيون يا نه، تنهن بابت پڙهندڙن هن باب جي اڀياس کان پوءِ پاڻ ئي سوچين. اهڙين پراڻين وصفن مان هڪ وصف هيٺ ڏجي ٿي.

”ٻولي لفظن مان جڙيل آهي، ۽ لفظ پورو خيال پيدا ڪن ٿا. اُهي خيال يعني اهو مطلب، انهن لفظن جي دستوري يا رواجي معنيٰ يعني اصطلاح تي منحصر آهي، ۽ جملن جي ڳالهائڻ ۾ جي لفظ ڪم اچن ٿا، تن جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي، يا انهن جي هڪٻئي سان ڪهڙي نسبت آهي، انهن مان ڪهڙو مطلب ٿو نڪري، سو گرامر مان معلوم ٿو ٿئي. (1)

هن وصف مان هيءَ مراد ظاهر ٿي ٿئي ته لفظ پورو خيال ظاهر ڪن ٿا: اهو خيال ۽ مفهوم مان معلوم ٿو ٿئي. مرزا صاحب جي هن وصف مان ٻه نتيجا ٿا نڪرن: هڪڙي نتيجي موجب، لفظ کي دستوري يا رواجي معنيٰ ٿي ٿئي؛ ۽ ٻئي نتيجي موجب، اهي لفظ جيڪي جملن ۾ ڪم اچن ٿا، انهن مان نڪتل معنيٰ کي ”گرامر واري معنيٰ“ چئبو.

مرزا صاحب جو هي به رايو آهي ته:

”گرامر جي اصولن موجب ڪابه ٻولي لفظن مان جڙي ٿي. ۽ لفظ فقط اُچار يا آواز نه آهن. جن مان ڪو خيال پيدا ٿئي ٿو! انهن جو پاڻ ۾ واسطو معلوم ٿئي ٿو. (2)

ڪاڪي ڀيرومل ۽ مرزا صاحب طرفان ڏنل وصف لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي.

مٿين وصفن جي جائزي کان پوءِ لفظ جي وصف کي ڇنڊي ڇاڻي، اُن کي جديد لسانيات جي اصولن موجب نئين سر مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ ويا ڪرڻ جي مذڪور ڪتابن ۾ لفظن جا جيڪي به قسم مقرر ڪيا ويا آهن، يا انهن قسمن جي سمجهائڻ لاءِ لفظن جون جيڪي سنگهرون مثال طور ڏنيون ويون آهن، انهن تي پڻ نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جيئن ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ لفظ جي  بناوت، جوڙجڪ، ساخت ۽ سٽاءَ ۾ آواز يعني ’صوف‘ (Phone) ۽ صوتيھ (Phoneme) خاص اهميت رکن ٿا، تيئن ٻوليءَ جي ’وياڪرڻي ڍانچي‘ ۾، علم صرف واري باب ۾ ’صرف‘ (Mhorph) ۽ ’صرفيہ‘ (Morpheme) جي تنظيم ۽ اُن جو اڀياس به خاص اهميت رکن ٿا. وياڪرڻ جي اڀياس کان اڳ جيستائين ’صرفيھ‘ جو مفهوم سمجهيو نه ويو آهي، تستائين ’لفظ‘ جي وصف مقرر ڪرڻ. يا اُن جو مفهوم ۽ ڪارج سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل آهي. ’صرفيھ‘ جي وصف سمجهڻ لاءِ پهرين ٻوليءَ جي وياڪرڻي ”صورت“ (Form) کي سمجهڻ ۽ اُن جي وصف جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.

(ب) صورت:

ڪنهن به ماڻهوءَ جي ’ڳالهاء‘ يا ’گفتار‘ جي جائزي مان معلوم ٿيندو ته اُن جو ڳالهاءُ ڪيترن ئي، معندار جزن تي مشتمل هوندو آهي. اُن مان هرجُزي کي صورت (Form) چئبو آهي. مثال طور: چڱو ماڻهو ڊوڙيو.

مٿين مثال ۾ /چڱو/،/ماڻهو/۽ /ڊوڙيو/ڌار ڌار صورتون آهن. اهڙي طرح:

/ماڻهو،/،/پَٽ/ڄاڻ/،/پُٽ/،/ ۽/ ڇوڪر/ به پنهنجي ليکي ڌار ڌار صورتن جا مثال آهن بلڪل ساڳي طرح ڪنهن به گفتگوءَ ۾ هيٺيون صورتون  به ڌيان ڇڪائين ٿيون:

/ڪر/، ڪَر/، ڪندي/، ڪيل/، ڪَيو/، ڪرڻو/، ڪري/، لک/، ليک/، لکيو/، /لکندو/، لکيل/، لکڻو/ ۽/لکي/ وغيره.

(ت) خود مختيار (Free) ۽ پر- وس (Bound) صورتون:

مٿي جيڪي مثال ڏنا ويا آهن تن مان هر هڪ جزو يا هر صورت پنهنجي ليکيٿوري يا گهڻي دائمي معنيٰ رکي ٿي. هر اُهو ’جزو‘ يا هر اُها ’صورت‘ جيڪا ڪنهن به رواجي ڳالهه ٻولهه ۾، اڪيلي سر يعني پنهنجي ليکي/ پنهنجي سر ڪم ايندي هجي، ۽ پنهنجي مفهوم لاءِ ٻيءَ ڪنهن به صورت جي محتاج نه هجي، ته اهڙي صورت  کي ’خود مختيار‘ يا ’پاڻ- وسيڪي (آزاد) صورت‘ (Free Form) چئبو آهي، پر هر اُهو جزو يا هر اُها صورت جيڪا پنهنجي سر اڪيلي يعني اڪيلي سر ڪم نه ايندي هجي پر ڪنهن ٻيءَ صورت يا ڪن ٻين صورتن سان گڏ ڪم اچڻ سان ئي معندار ٿيندي هجي، يعني ته اُن صورت جي معنيٰ ۽ اُن جو ڪارج ڪنهن خود مختار صورت جي ’وس‘ ۾ هجي يعني، معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ اُن تي مدار رکندي هجي، ته اهڙيءَ صورت ’پرَ- وس‘ يا ’پابند صورت‘ (Bound From) چئبو آهي. (1)

مٿي ڏنل مثالن ۾ /ماڻهو/، /پٽ/،/ڄاڻ/ ۽ /ڇوڪرو/ وغيره صورتون، سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪم اچن ٿيون يا استعمال ڪجن ٿيون. اهڙين سڀني صورتن کي ’خود مختيار‘ يا ’آزاد‘ صورتون چئبو آهي؛ پر /آسروند/،/ عقلمند/،/اَڄاڻ/،/ اَڻهوند/، /وڃڻو/، پُٽيتو/،/ سُچيت/،/ ڏٺل/ ۽ /لکيل وغيره صورتن ۾،/ وند،- مند، آ-،- ڻو، ايتو، سُ،- آل ۽- يُل/ وغيره صورتون پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڳالهايون ڪونه وينديون آهن، پر انهن جي ڪارج جو مدار، ڪن خود مختار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي/ پر- وَس/يا/ پابند/ صورتون چئبو آهي. (1)

پَر- وس صورتون جڏهن ته ڪن خود مختار صورتن سان گڏ، اڳياڙيءَ (Prefix) يا پڇاڙيءَ (Suffix) جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن، تڏهن سنڌي ويا ڪرڻ جي اصولن موجب انهن جي به ضرور ڪا معنيٰ هوندي آهي. مثال طور جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ته/ سُ- ۽ ڪُ-/ جڏهن/پت/ صورت جي اڳيان، اڳياڙيءَ (Prefix) جي روپ ۾ ڪم اچن ٿيون، تڏهن اُهي (/سُ-۽ ڪُ--) ويا ڪرڻي معنيٰ رکن ٿيون. هونئن اڪيلي سر يا پنهنجي ليکي انهن جي ڪابه معنيٰ ڪانهي.

سڀئ صورتون (خود مختار توڙي پروس) علم صرف ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

لسانيات جي ماهرن اهڙين سڀني- خودمختار ۽ پروس- صورتن کي ’صرفيہ‘ (Morpheme) سڏيو آهي. (1)

يعني/ پَت/،/پُٽ/،/ڇوڪر/ ۽ ٻين اهڙين خود مختار صورتن توڙي/ سُ- ڪُ- س- آ- مند،- وند ۽- آڻ/ وغيره جهڙين پروس صورتن کي ”صرفيہ“ چئبو آهي. تنهنڪري ياد رکڻ گهرجي ته ڪابه اها صورت- خود مختار يا پروس- جنهن کي ننڍي ۾ ننڍي، معندار جُزي ۾ ٽوڙي نه سگهجي، ته اهڙيءَ صورت کي ويا ڪرڻ ۾ صوفيہ (Morpheme) چئبو آهي. (2)

ننڍي ۾ ننڍي معندار جُزي (Smallest Meaningful unit) مان مراد ”اهو جزو آهي، جيڪو اڳتي وڌيڪ ڇيد ڪرڻ سان يعني ڀڃڻ سان ٻين وڌيڪ معندار جُزن ۾ ورهائي نه سگهجي، پر جيڪڏهن اُن کي اڳتي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪبي ته حاصل ٿيل جزن جي معنيٰ ۾ فرق اچي ويندو يا مرڳو اُن جي ڪابه معنيٰ نه رهندي.“ (3)

مٿين بحث مان هي نتيجو ٿو نڪري ته صرفيھ جا ٻه قسم آهن: هڪڙيون خود مختيار يا آزاد صرفيه  ۽ ٻيون پر- وس يا پابند صرفي خود مختيار صرفين جهڙوڪه- پَت، پُٽ، ۽ ڄاڻ/ وغيره مان هر هڪ صورت کي جڏهن اڳتي ننڍن جُزَن ۾ ٽوڙجي ٿو، تڏهن ’پَ ۽ تِ‘ يا ’پ‘ ۽ ”ٽ“ جزا ٿين ٿا. اهي سڀ جزا يعني /پَ/،/ت) وغيره پنهنجي سر بي معنيٰ جُزا آهن. انهن جُزن کي ڪابه معنيٰ ڪانهي. ساڳيءَ طرح/ ڇوڪر/ ۽/ ڄاڻ/ جهڙين خودمختار صورتن کي به اڳتي ٽوڙي وڌيڪ ننڍن معندار جُزن ۾ ورهائي نٿو سگهجي. تنهنڪري چئبو ته /پُٽ/، /پت/ ۽ /ڄاڻ/ وغيره صورتون، سنڌي ٻوليءَ جون ننڍي ۾ ننڍيون معندار صورتون آهن، جن کي اڳتي ٻين وڌيڪ ننڍين معندار صورتن يا جُزن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، پر/ آڄاڻ/ ۽ سُپت/ وغيره، ۽ اهڙين ٻين صورتن کي جڏهن اڳتي ٽوڙجي ٿو، تڏهن اهي/ آ+ ڄاڻ/ ۽/سُ+ پت/ صورتن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون. اُنهن مان هر هڪ صورت، لفظ جي اشتقاق ۾ معنيٰ رکي ٿي، جيئن اڳ ۾ مٿي بيان ڪيو ويو آهي. اهي صورتون وري اڳتي ننڍين معندار صورتن ۾ ڀڄي نٿيون سگهجن، تنهنڪري چئبو ته/ آڄاڻ/ ۽/ سُپت/ صورتن مان هر هڪ ۾ ٻه ٻه صرفيه مليل آهن.

4-لفظ:

مٿي خود مختار ۽ پَرَ- وس صورتن جي بيان ڪيل وصفن جي آڌار تي ئي ’لفظ‘ جي وصف مقرر ڪري سگهبي.

لفظ (مفرد) اها ننڍي ۾ ننڍي خود مختار يا آزاد صورت (Free  From) آهي، جنهن کي اڳتي ٻين ننڍين با معنيٰ يا معندار صورتن (خود مختيار يا پروس) ۽ جُزن ۾ هرگز ڀڃي نٿو سگهجي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ننڍي ۾ ننڍي با معنيٰ خود مختار صورت کي ”لفظ“ (مفرد) چئبو آهي. (1)

سنڌي ويا ڪرڻ  ’لفظ‘ جي هيءَ وصف بلڪل نئين ۽ انوکي آهي. هن وصف مان اهو بلڪل واضح ٿو ٿئي ته ويا ڪرڻ ۾ جهڙيءَ طرح خود مختار صورتون اهميت رکن ٿيون، تهڙيءَ طرح پر- وس صورتن جي موجودگي به غير ضروري نه آهي. اهي به خود مختار صورتن وانگر ئي اهم آهن، جن کي گرامر جي ماهرن اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي درجي کان وڌيڪ ڪابه اهميت ڪانه ڏني آهي.

(i)- لفظن جا قسمِ

”لفظ“ جي وصف معلوم ڪرڻ کان پوءِ ڏسڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي دائري اندر، اُن جي لفظن جي ساري ذخيري کي، ساخت ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان، ڪهڙن ڪهڙن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هن سلسلي ۾ سنڌي ويا ڪرڻ لکندڙ بزرگن، لفظن جي جيڪا تقسيم ڪئي آهي، تنهن تي پڻ ٻيهر نظر وجهڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ويا ڪرڻين، لفظن جا هيٺيان ٻه قسم  بيان ڪيا آهن: (الف) مفرد ۽ (ب) مرڪب لفظ. سٽاءَ ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ کان لسانيات جي ڄاڻن، لفظ کي ٻن مکيه قسمن ۾ ورهايو آهي: هڪڙا ابتدائي يا بنيادي (Primary Words) لفظ ۽ ٻيا ثانوي (Secondary Words) لفظ. پهريان يعني ’ابتدائي لفظ‘ اُهي آهن جن مان ٻيا يعني ’ثانوي لفظ‘ ٺهن ٿا، پر اُهي (ابتدائي لفظ) خود ڪنهن ٻئي لفظ يا ٻين لفظن مان جُڙيل نه هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جا لفظ/ وڏو، ننڍو، ڇوڪر ۽ ماڻهو/ وغيره، ابتدائي يا بنيادي لفظ آهن. اِهي لفظ ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ يا بنياد مان جُڙيل نه آهن، پر اُهي خود ڌاتو يا بنياد ٿي ڪم ايندا آهن. اهڙن لفظن کي ’مفرد لفظ‘ يا ’سادا لفظ‘ يا ’ابتدائي لفظ‘ چئبو  آهي. هاڻوڪيءَ وصف موجب، ’مفرد لفظ‘ اُهي صورتون آهن، جن کي اڳتي وڌيڪ معندار جُزن ۾ ٽوڙي يا ورهائي نه سگهجي: مثال طور:/ پَت ماڻهو ڄاڻ ڇوڪر ۽ ننڍو وغيره/ پر/ وڏائي/ وڏپڻ، وَڏتڻ، ننڍائي، ننڍپڻ، ماڻهپو ۽ ڇوڪر ڀائي/ وغيره لفظ، بنيادي يعني مفرد لفظ نه آهن، پر اهي سڀ ثانوي لفظ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ٻين بنيادي يعني ابتدائي لفظن مان ٺهيل آهن، بلڪل ساڳي طرح/ گهر،  ڌڻي ملڪ راڄ، منهن- جوت ۽ سَٽ ڪُٽ/ وغيره لفظ به بنيادي يعني ابتدائي لفظ نه آهن. پر اهي سڀئي ثانوي لفظ آهن. ثابت ٿيو ته ’ثانوي لفظ،‘’ابتدائي يعني بنيادي لفظن‘ مان ئي ٺهن ٿا يا جُڙن ٿا.

ثانوي لفظن جي ذخيري کي ماهرن ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي. اُهي آهن: (الف) مرتب لفظ (Complex Words) ۽ مرڪب لفظ (Compound words). هن بيان کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ هيٺيون خاڪو ذهن ۾ رکڻي کپي:

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻين، مرتب ۽ مرڪب لفظن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي، تنهن کي اهم نه سمجهي، اُن کي نظر انداز ڪيو آهي، انهن مرتب ۽ مرڪب لفظن کي هڪ ئي قسم، يعني مرڪب لفظ سمجهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻين، مرتب ۽ مرڪب قسمن وارن لفظن کي هڪ ئي قسم يعني ’مرڪب لفظ‘ بيان ڪيو آهي.

مٿي ڏنل مثالن مان ثابت ٿيو ته ٻنهي قسمن يعني مرتب ۽ مرڪب لفظن جي جوڙجڪ ۽ رچنا ۾ وڏو فرق آهي. سنڌي بزرگن  نه فقط مرتب ۽ مرڪب لفظن جي وصف، ۽ سندن طرفان ڏنل مثالن ۾ ڪوبه فرق ڪونه ڏيکاريو آهي، پر لسانيات جي هڪٻئي نڪتي، يعني لفظن جي ’تڪرار‘ (Reduplication) جيئن: هنڌ هنڌ، وِکَ وکَ، ويرا وير، راند روند، هلڻ، چلڻ ڏسڻ وائسڻ ۽ ماني ٻاني وغيره جي مَفهوم ۽ ڪارج کي به درست نموني سمجهايو نه آهي. ’تڪرار‘ جي مفهوم ۽ ڪارج تي لسانيات جي اصولن موجب هڪ ڌار مقالي لکڻ ضرورت آهي. تنهنڪري اهڙن سڀني لفظن کي هن بحث کان الڳ ڪري، باقي لفظن جي ذخيري جي ڇنڊڇاڻ ڪري، لفظن جي مٿي ڄاڻايل قسمن جي وصف، مثالن سميت هيٺ بيان ڪئي وئي آهي.

(الف) مفرد لفظ: اهو لفظ، جيڪو هڪ ئي خود مختيار صورت وارو هجي ۽ جنهن سان ڪابه پروس صورت ملايل نه هجي، اهڙي لفظ کي ’مفرد لفظ‘ چئبو آهي. ماهرن اهڙن لفظن کي بنيادي لفظ (Primary words) به سڏيو آهي. مفرد لفظن جا مثال هي آهن:(2) (1)

/ڇوڪر/ پيءُ/پٽ/،/پت/،/هاٿي/ ۽ /ڄاڻ/ وغيره.

 (ب) مرتب لفظ: اُهو لفظ، جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيوڪ پروس صورتون شامل ڪيل هجن، اهڙي لفظ کي ’مرتب لفظ‘ (Complex words) چئبو آهي.مثال طور: /سُپَت/،/واچَٽ/، /پٽيتو/،/کَٽَمٺڙو/، /اَڻهُوند/،/اَڄاڻ/، /اَڻڄاڻپ/، /ڏتُڙ/،/ سڄڻ/،/ سُچيتائي/۽/ ڪُپتيو وغيره (2) (1)

انهن لفظن ۾ /سُ-، آ-، آڻ-، ڏ-، سَ-، سَ-، ڪُ-، ٽ-، ايتو-، ڙو ۽- پ وغيره/ پر- وس صورتون شامل آهن. اهي صورتون مفرد لفظن سان هرگز شامل ڪري نٿيون سگهجن. انهن پر- وس صورتن جي شموليت فقط مرتب لفطن جي حالت ۾ ئي لازمي ۽ ممڪن هوندي آهي، ساڳيءَ  طرح مفرد لفظن وانگر مرڪب لفظن ساڻ پڻ پر- وس صورتون جو گڏجڻ ممڪن نه آهي، تنهنڪري جنهن به لفظ سان، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پر- وس صورتون شامل هجن، تنهن لفظ کي ’مرتب لفظ‘ چئبو ۽ نه مرڪب لفظ، سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي ڪردنت، مرتب لفظن جا مثال آهن. هيٺان لفظ جن ۾ شامل ڪيل اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون پر- وس صورتون آهن، سي سڀ مرتب لفظن جا مثال آهن، جيڪي پڙهندڙن  جي معلومات لاءِ هيٺ مثال طور ڏجن ٿا، انهن لفظن کي جڏهن ننڍن جزن ۾ ڀڃبو تڏهن جيڪي به ڌار ڌار جزا ملندا سي به معلومات لاءِ هيٺ ڏنا ويا آهن:

ويا ڪرڻي ڪارج مرتب لفظ صفت+ پڇاڙي مرتب لفظ صفت+ پڇاڙي

 

(i) اسم ذات  

ڀلائي = ڀلو+آئي      وَڏپَڻ = وڏو+پڻ

اَڇاڻ =  اڇو+ اَڻ   وَڏِتڻ= وڏو+تڻ

ڊگهاڻ=        ڊگهو+اَڻ   ٿڌڪار=   ٿڌو+ڪار

ڏاهپَ = ڏاهو+پَ  واڄَٽُ =  واڄو+ٽ

 

 (ii)اسم فاعل مرتب لفظ اسم+ پڇاڙي مرتب لفظ اسم+ پڇاڙي

اوٺي(1)=  اٺ+ اي ٻَڪرار= بڪَر+ آر

ڏوٿي=         ڏت+ اِي کيڏاري= کيڏَ+ آري.

(3) ڪوڪڙي = ڪُڪُڙ+ اِي بيکاري = بيکُ+آري

ڀاڳيو=  ڀاڳ+يو  ڪاٺيرُ= ڪاٺي+ ار

(iii)صفت

ڪوڪڙي = ڪُڪُڙ+ اِي بيکاري = بيکُ+  آري

ڀاڳيو= ڀاڳُ ڀاڳُ+ يو ڪاٺيرُ= ڪاٺي +اُر

(iv) صفت

مرتب لفظ اسم+ پڇاڙي مرتب لفظ اسم+ پڇاڙي

مرچائي= مرچ+ آئي چوراڻو= چور+ اُڻو

واڱڻائي، = واڱڻ+ آئي ماٺيڻو= ماٺ+ ايڻو

 

پيتلي = پتل+ اي

واڻِڪو= واڻيو + اڪو

ٽاڪِرو= ٽَڪَرُ+ و

هَٿيڪو= هٿ+ اِڪو

ٻاڪرو= ٻَڪُر+ او

وَسيڪو= وَس + اِڪو

هيڊائون= هيڊَ+ آئون

مَٿَيُر = مَٿَو+ اِيرَ

ڇٻراٺو= ڇَٻَر+ آٺو

رسيلو= رَس+ اِيلو

کاٻَڙَ = کاٻو+ اڙ

هَٺَيلو= هَٺ + ايلو

چيڙاڪ = چڙَ+ اَڪَ

سُونهارو= سُونهن+ آرو

هيراڪُ= هيرَ+ آڪَ

پيٽر = پيٽ+ اِرُ

(5) اهڙيءَ طرح جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته مرتب لفظن سان ڪيتريون ئي صورتون، اڳياڙين جي حالت ۾ ملائبيون آهن: مثال طور:

مرتب لفظ

اڳياڙي

+

اسم

سُتَڙ

سُ

+

تَڙ

ڏُڄڻ

ڏَ

+

ڄَڻ

ڪُپَت

ڪُ

+

پَت

آڻڄاڻ

آڻ

+

ڄاڻَ

اَملهه

آ

+

مُلهه

(6) ساڳي طرح هيٺين مرتب لفظن ۾، هڪ کان وڌيڪ پَرَ- وس صورتون (اڳياڙيون ۽ پڇاڙيوڻ) شامل ٿيل آهن: مثال طور:

مرتب لفظ

اڳياڙي

مفرد لفظ+

پڇاڙي

سُپَتيو

سُ-

+پَت

+يو

ڪُپَتِيو

ڪُ

+پتِ

+يو

ڪُمَهلو

ڪُ

+مَهِلَ

+او

آڻَپُڇو

اَڻَ

+پڇا

+او

نِروڳي

ن

+روڳ

+اِي

ناڪارو

نَ

+ڪار

+او

اَچيتائِي

آ

+چيت

+آئي

نِڌَڻڪو

نِ

+ڌڻي

+اِڪو

مرزا قليچ بيگ، ڪاڪوڀيرومل، ڊاڪٽر ٽرومپ ۽ هيسڪل، مٿي ڏنل نمبر (vi) هيٺ، مرتب لفظن کي مرڪب لفظ سڏيو آهي.پنهنجي دعويٰ جي دليل ۾ ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو:(1)

”اهڙي طرح ڪن اڳياڙين گڏڻ سان مرڪب لفظ ٺهن ٿا.(2)“

مرزا صاحب به/ ناچڱو/، /بي لڄو/،/ اَوَتڙ/ ، سَڦلو/ ۽ / سٻوجهو/ جهڙن لفظن کي مرڪب لفظ ڪوٺيو آهي جيڪي حقيقت ۾ مرتب لفظن جا مثال آهن.(3)

(ٻ) مرڪب لفظ: سنڌي ويا ڪرڻ جي ماهرن، مرڪب لفظ جي جيڪا وصف مقرر ڪئي آهي، اها به ”علم صرف“ جي اصولن موجب نئين سر مقرر ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب مرڪب لفظ جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي:

”پهرين انڪاري، حرف، آ، آڻ، نا، نِر، نه ۽ مَ، لفظن جي اڳيان آڻڻ سان مرڪب لفظن جڙن ٿا: مثال طور: اَچيت، اَچيتائي، اَڻٿيڻو، ناڪارو، ناچڱو، نِکٽو، نڪمو،  مَڇڏ، نراس ۽ نڌڻڪو.“ (1)

اهي لفظ توڙي/ سڦلو/، /سٻوجهو/، /سُپتيو/ ڪُپتيو/، /سۡڪار/ ۽ /ڏڪار/، جيڪي مرزا صاحب جي خيال موجب مرڪب لفظ آهن، سي حقيقت ۾ مرڪب لفظ نه، پر مرتب لفظن جا مثال آهن. مرزا صاحب اڳتي لکي ٿو:

”سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن جي ٻن يا وڌيڪ لفظن مان جڙيل آهن، جن مان ڪي ساڳيا ٻه ٻه ڀيرا ٿا اچن، ڪي هڪجهڙا ۽ موافق آحن، ۽ ڪي مخالف آهن. ڪن ۾ ساڳئي قسم يا قافيي يا وزن جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي ڪابه معنيٰ ڪانهي، فقط استعمال ۽ اصطلاح ۾ ڪم ايندا آهن: ڪن ۾ جدا جدا فعل جا مواقف يا مخالف زمان ڪم آيل آهن: مثال طور:

 (i)

ناچڱو، نردوئي، نڌڻڪو، بي لڄو، اوتڙو سٻوجهو، اَٻوجهو، اَمُلهه.

(ii)

پل پل، دم دم، سراسر، سريسر، ويرا وير، مٽ سٽ ڀاڄي ڀتي، بڪ شڪ ۽ پئسو پنجڙ(2).

مرزا صاحب جي ڏنل مثالن مان ”پهرين قسم تي، مٿي ڏنل مرتب لفظن جي عنوان هيٺ، روشني وڌي وئي آهي، باقي پويان لفظ يعني.  (ii)هيٺ ڏنل لڙهيءَ وارا لفظ- پل پل، دم دم وغيره ’مڪرر لفظن ‘ (Reduplicated words) جا مثال آهن، جن کي مرڪب لفظ به ڪوٺي سگهجي ٿو، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.

ڪاڪي ڀيرومل مٿي ڏنل وصف کان سواءِ، مرڪب لفظ جي هڪ هيءَ وصف به بيان ڪئي آهي:

(سنڌي ۾ ڪنهن به مرڪب لفظ ۾ ٻن کان وڌيڪ اسم بيهاري سگهجن ٿا.

هن وصف جي اوٽ تي، ديوان صاحب نه فقط /گهرڌڻي/ ، /چڱ مڙسي/۽/ آگگاڏي/ لفظ مثال طور ڏنا آهن، پر ساڳئي وقت/ سُپتيو/،/ ڪُپتيو/ ۽/ اُڻپڇو/ جهڙن لفظن کي به مرڪب لفظ ٿو ڪوٺي، ساڳيءَ طرح سنڌي گرامر جو هڪ غير- سنڌي ماهر، مسٽر هيسڪل به، آچيتائي/،/ آچيت/،/ آڻويساهي/،/ ناچڱائي/ ،/ ناچڱو/،/  مچڌو/،/ نڌڻڪو/،/ سُڪار/،/ سُچيت/،/ ڪپت/ ۽/ سٻاجهو/ لفظن کي مفڪب لفظ ٿو ڪوٺي.جيڪي حقيقت ۾، مرڪب لفظ نه، پر مرتب لفظ آهن، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي.(1)

مٿئين جائزي مان هي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌي ويا ڪرڻ ۾ مرڪب لفظ جي وصف، لسانيت جي اصولن موجب درست بيان ٿيل نه آهي. لسانيات جي جديد اصولن موجب: مرڪب لفظ اُن کي چئبو آهي جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خود مختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هجن. اهڙن لفظن يعني مرڪب لفظن سان پر-وس صورتن جو گڏجڻ بلڪل ممڪن نه آهي.


(1) Robins. R.H. General Linguistics, an lntroductory Survery, Logman’s Linguistic Library, 1964, PP.1&2.

(1) Bloch, B. and Trager G.L. An Outline of  linguistic Analysis  Linguistic Society of America, 1942 P.53 ) Also see Gleason, H.A. An lntroduction to Deseriptive  Linguisties,  Revised edition, New york, Holt Rine Hart and Winston. 1961, P.129

(2Lbid

(1) سراج الحق ميمڻ جو مقالو: سنڌي ماهوار نئين زندگي، ڪراچي پاڪستان پبليڪيشنس.

(2) مرزا قليچ بيگ: ”سنڌي ويا ڪرڻ“ ڀاڱو ٽيون، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ 1960ع، 97

(1) Bloomfred, L. Language, London, George Allen and Unwin Ltd, 1961.207

(2) Ibid

(1) مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنو ويو آهي، صه2

(2) ايضاً، ص2

(1) Eugen  A. Nida, Morphology, 2nd Ann Arbor, the University of  Michigan press, Second edition, 1962,p.81

(1) هت هي نڪتو غور طلب آهي ته سنڌي لغتن ۾ ’آ-‘ جي معنيٰ ’نه‘ ڏني وئي آهي، پر جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ’آ‘ جي پنهنجي سر ڪابه معنيٰ ڪانهي، جيستائين ڪه اُن کي ڪنهن خود مختار صورت جي اڳيان نه ملائبو آهي: جيئن: اُملهه/ ۽/اَڄاڻ/ وغيره لفظن ۾، جيڪڏهن لغت ۾/ آ-/ پر-وس صورت کي داخل ڪري اُن جي معنيٰ ڏني وئي آهي ته پوءِ مٿي ڏنل ٻين پروس صورتن جهڙوڪه سُ-، ڪُ-، ڏُ-، ڪُ-، آڻ،- ايتو- ۽ آل/ وغيره کي ڪهڙي سبب جي ڪري لغت ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي؟ دراصل ڪنهن به پر- وس صورت کي لغت ۾ بنيادي طور يعني ڌاتوءَ جي حيثيت ۾ داخل ڪرڻ نه گهرجي، پر جن به لفظن سان اهي گڏ اچن تن لفظن جي معنيٰ بيان ڪندي، انهن جي وياڪرڻي حيثيت، يعني اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ واري حيثيت، معنيٰ سميت ڏيڻ گهرجي. ته جيئن ديسي توڙي پرديسي محقق اُنهن جي حيثيت مان واقف ٿين.

(1) Bloch, B, and Tragar, G.L. An Outline of  Linguistic Analysis, p.54

Engen, A. Nida, Op.Cit, P.54

(2) Gleasan, H. A. An Introduction to Descriptive Linguistics. Revised Edition, Halt,

(3) Rinebart and Winson, New York, 1961. P.53

(1) Blosh, B., & Trager, G.L, Op Cit. 54

(1) مراز قليچ بيگ: حوالو نه ڏنو ويو آهي.

 

(2) Bloom Fied, L. Op. Cit, P.209

(1) Bloomfield. L, Language London. George Allen and Unwin Ltd. 1961, P.240

(2) Ibid.P.240

(1) Bloch & Trager, Op. Cit, P.54

(2) لفظن جي پويان جڏهن پر- وس صورتون (پڇاڙيون) ملائجن ٿيون، تڏهن اهڙين صورتن (پڇاڙين) ملائڻ کان اڳ، بنيادي لفظ (ڌاتو)جي پوئين صوتيه (سُرَ) ۾ صوتي تبديلي ايندي آهي، اڳتي اسم ذات، اسم فاعل ۽ صفتن جي مثالن ۾ اهڙي تبديليءَ جا اهڃاڻ ڄاڻايا ويا آهن.

(1) اهڙن ۽ ٻين لفظن جي بناوت جي جائزي مان صوتي صرفي تبديلين جا ڪي قانون جڙن ٿا مثلاً:

(الف) اٺ، ڏٿ ۽ ڪڪڙوغيره لفظن جي پويان اي/ پڇاڙي ملائڻ وقت انهن لفظن جي پهرين پد ۾ ڪم آيل سراَ بدلجي او ٿئي ٿو، ۽ لفظ جڙن ٿا: اٺ + اي= اوٺي ڏٿ= اوٺي ڏٿ+ ڏوٿي: ڪڪڙ+ اي ڪوڪڙي.

(ب) هڪ اهڙي/ طرح/پتل/ ٺڪر/۽/چڙ/ لفظن جي پهرين پد وارو سُرا/ا-ي/يا/ آڪ/ ملائڻ کان اڳ بلدجي/ا ٿئي ٿو:

مثال طور: / پتل+ اي= پتيل: ٺڪر+اي= ٺيڪري، چِڙَ+ اڪ= چيڙاڪ

(ب) بلڪل ساڳي طرح ٽڪر/، ڇپر/ وغيره لفظن جي پهرين پد وارو سر/آ/ بدلجي/ا/ بدلجي ٿئي ٿو:

جيئن: ٽَڪر+ او= ٽاڪرو، چبر+او چابرو: جَبل+ او= جابلو: ٻڪر+ او= ٻاڪرو.

(1) مرزا قليچ بيگ: حوالو مٿي ڏنل ۽ پڻ ڏسو پيرومل آڏواڻي وڏو سنڌي وياڪرڻ، هندو پريس، 1926ع ص94

Also see Trumpp. E, A, Grammar of Sindhi Language, Lipzig, f, A. 82. Also See: Haskell, C.W.A Grammar of –Blockans, 1872 PP.80 Singhi Language, The Karachi Grammar School, 1942, PP.137-139.

(2) ڀيرومل آڏواڻي: حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، ص286

(3) مرزا قليچ بيگ: حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، ص188

(1) ايضاً. ص74

(2) مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنو ويو آهي، ص94

(1) Haskell, C. W, Op. Cit,/PP.137 139

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com