سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :22

(ب) پشتو: افغانستان ۽ پاڪستان جي اُتر- اولهه سرحدي صوبي ۽ بلوچستان صوبي ۾ هيءَ ٻولي صوبائي زبان جي حيثيت ٿي رکي.

(ت) بلوچي: ايراني بلوچستان ۽ پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ هيءَ زبان صوبائي زبان طور تسليم ڪئي وئي آهي.

(ث) پشاچ: هيءَ هندوڪش جبلن واري خطي جي ماڻهن جي زبان آهي. گريئرسن جي راءِ موجب هن جون مکيه شاخون هي آهن(2):

ڪافر ۽ کووار. انهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو؛ پر انهن جو تفصيلي ذڪر ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد‘ ۽ ’ثقافتي ورثو‘ ڪتابن ۾ ڪيو ويو آهي.

(1) ڪافر: هيءَ پشاچ جي اولهه واري شاخ آهي. هيءَ شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي:

بشگالي، وَئي آلا (Wai-ala)، ويرون (Veron)، آشڪُنڊ، پَشائي.  ترائي (تراهي)، تبي، ڪلاش.

(2) کووار (Khowar) هي وچولي شاخ آهي، چترال خطي ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي.

(3) داردي: تازيءَ تحقيق موجب هيءَ ٻولي غير- آريائي ٻولي آهي. داردي ٻوليون، واديءَ سنڌ جي قديم ٻوليءَ سئنڌوُئيءَ سان واسطو رکن ٿيون. هيءَ شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي:

شينا، ڪاشميري، مَئيان ۽ گاروي (1).

گريئرسن جي راءِ موجب جديد يشاچ ٻولي نڪا نج ايراني آهي ۽ نه ئي وري نج هن- آريائي. هن جي راءِ موجب:

“They probably left the parent Aryan stem after the indo- Aryan languages, But before all the typical Eranian characteristics that we meet in the Avesta had developed(2)”

ڀنڍارڪر جي راءِ موجب:

”پشاچي پراڪرت شايد ڪنهن آريائي خاندان جي ٻولي هئي، ۽ انهيءَ خاندان ۾ ڪافي زماني تائين اصلي صورت ۾ رهي هئي. پوءِ گهڻو دير سان اهو قبيلو هندستان ۾ لڏي آيو ۽ سرحدي علائقي ۾ مقيم ٿيو.“

هن جي راءِ موجب:

”اهو قبيلو ممڪن آهي ته ٻين قبيلن سان گڏجي هندستان ۾ آيو هجي پر سرحدي علائقن ۾ جبلن ۾ رهڻ ڪري، هن (قبيلي) جي زبان ۾ انفراديت رهي هجي، ۽ ڇاڪاڻ ته هُو پنهنجي ٻين ڀائرن سان تعلقات رکي نه سگهيا، تنهن ڪري انهن جي ٻوليءَ ۾ ڪابه صوتي تبديلي نه آئي هجي، جيئن سنسڪرت ۾ آئي، جيڪا انهيءَ تبديليءَ جي ڪري پراڪرت بنجي ويئي.“ (1)

(ج) ڪاسپيئن: هيءَ ٻولي ڪاسپيئن سمنڊ واري خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(هه) ڪُرد: اُڀرندينءَ ترڪيءَ جي جابلوعلائقي، عراق ۽ ايران جي الهنديءَ سرحد واري علائقي کي ڪردستان چئبو آهي. هن علائقي جي ٻوليءَ کي ’ڪُردي‘ چئبو آهي.

(خ) پاميري: هيءَ پامير جي مٿاهين پَٽ جي زبان آهي.

انهن ٻولين کان سواءِ، ايرانيءَ جون ٻيون شاخون، جن جي چيني ترڪستان جي قلمي نسخن مان معلومات ملي آهي، اُهي هي آهن:

(1) پارٿي   (Parthian)(2) ساڪي (Sakian)

(3) سوگدي (Sogadian)۽ (4)(Ormori)

(پ) هندڪي (Indic) يا هند- آريائي: هند- ايرانيءَ جي ٻي شاخ هندڪي (Indic) يعني هند- آريائي ٻولي آهي. اٽڪل هڪ ارب ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن شاخ سان جيڪي ٻوليون واسطو رکن ٿيون، تن سڀني جو هيٺ الڳ بيان ڪيو ويو آهي. بلومفيلڊ جي راءِ موجب اهي ٻوليون هي آهن: هندي، مراٺي، گجراتي، پنجابي، راجسٿاني، اُڙيا، بهاري، بنگالي، پالي، پراڪرت، سنسڪرت ۽ نيپالي. ڪن ماهرن سنڌي ٻوليءَ کي پڻ هند- آريائي زبان جي شاخ سڏيو آهي، پر جديد تحقيق موجب هن راءِ سان اختلاف ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي زبان کي غير آريائي زبان قرار ڏنو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ جي عنوان Origin and growth of Sindhi Language جي عنوان واري ڪتاب ۾ ڀرپور نموني سان بحث ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هن باب جي باري ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿيندو.

اهڙيءَ طرح پنجابي، گجراتي، راجسٿاني، بهاري، آسامي، نيپالي، هندي، اردو، اُڙيا، بنگالي، مراهٽي ۽ ٻين پاڪ و هند جي زبانن جي باري ۾ وضاحت سان لکڻ، هن باب جي دائري کان ٻاهر آهي، پر اُن لاءِ به ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ بحث ڪيو ويو آهي.

(ج) جَرمَئنِڪ (Germanic): هيءَ هند- يورپيءَ ٻوليءَ جي هڪ اهم شاخ آهي. انگريزي ٻولي، جا هن وقت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سرڪاري ۽ دفتري زبان جي حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي، ائنگلو- فرشيئن جي وسيلي هن شاخ سان واسطو رکي ٿي. انگريزي زبان، برطانيه واري خطي ۾ حمله آور ۽ فاتح قومن جيوٽس (Jutus)، سَئڪسن (Saxons) ۽ آئنگل (Angle) جي زبان جي حيثيت ۾ داخل ٿي(1).

 

 انهن قومن پنجين صديءَ ڌاري برطانوي ٻيٽن تي قبضو ڪيو هو . مقامي ماڻهن ۾ انگريزي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد سترهن ڪروڙ آهي. هن ٻوليءَ جو جهونو رڪارڊ اٺين ۽ نائين صديءَ ڌاري ملي ٿو. جرمئنڪ شاخ وارين ٻولين جو شجرو ۽ تعارف هيٺ ڏجي ٿو:(2)

 

(د) ڪليٽڪ (Celtic): هند- يورپيءَ جي هيءَ شاخ، جرمئنڪ شاخ واري خطي جي اولهه طرف ڳالهائي ويندي آهي. هن شاخ ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن.(1)

 (الف) آئرش: هيءَ آئرلئنڊ جي ٻولي آهي. اٽڪل چار لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن جا پراڻا ڪتبا اٺينءَ صديءَ عيسويءَ ڌاري ملن ٿا. اسڪاچ گئلڪ (Scotch Gaelic) هن ٻوليءَ جي شاخ آهي.

(ب) ويلش (Wellish): يونائيٽيڊ انگلينڊ جي ويلس واري علائقي جي ٻوليءَ جو نالو ويلش آهي. اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ٻ) برينٽن (Brenton): هيءَ زبان، فرانس جي اُتر- اولهه واري ساحلي خطي ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(پ) ڪارنش (Comish): هيءَ ٻولي 1800ع ڌاري مري وئي. هن جي قديم لکت نائين صدي عيسوي ڌاري ملي ٿي.

يورپ جي تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪيلٽڪ ٻوليون، يورپ جي وڏي حصي ۾ ڳالهايون وينديون هيون، جنهن ۾ برهيميا، آسٽريا، ڏکڻ جرمني، اُتر اٽلي ۽ فرانس اچي ٿي ويا (1) اڳتي هلي رومن فتوحات ۽ لاطيني لڏ پلاڻ جي ڪري، جرمني ٻوليون انهن خطن ۾ پنهنجو اثر ڄمائي ويٺيون ۽ اهي ڪيلٽڪ خاندان وارين ٻولين تي غالب پئجي ويئون.

(هه) بالٽو- سلئوڪِ (Balto- Slavic): جرمئنڪ ٻولين واري خطي جي اُتر- اوڀر طرف، هند- يورپيءَ جي چوٿين شاخ، بالٽو- سلئوڪ ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون. هن شاخ کي ٻن مکيه ٻولين ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (الف) بالٽڪ ۽ (ب) سلئوڪِ. هر هڪ جو تعارف هن ريت آهي:

(الف) بالٽڪ ٻوليون: هيءَ شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي:

(a لٿيوئانيئن (Lithuanian): پنجويهه لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(b ليٽش (Lettish): پندرهن لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن جي قديم لکت جا نشان ڇهين صديءَ عيسويءَ ڌاري ملن ٿا.

(c قديم پَرشيئن (Old Prussian): هن ٻوليءَ جا قديم اهڃاڻ پندرهين ۽ سورهين صديءَ ڌاري ملن ٿا.

بالٽڪ ٻولين وارين آئسو گلاسز جي ڏکڻ طرف، ۽ جرمئنڪ ٻولين واري خطي جي اوڀر ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ شاخ واريون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. هيءَ شاخ مغربي سلئِوڪ مشرقي سلئوڪ ۽ ڏاکڻين سلئوڪ نالي ننڍين شاخن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ ننڍي شاخ ڌار ڌار ٻولين تي مشتمل آهي:

مغربي سلئوڪ: مشرقي يورپ جي ڳچ حصي ۾ هن شاخ واريون ٻوليون ڳالهائجن ٿيون. هيءَ شاخ هيٺين ٻولين تي مشتمل آهي:

(الف) رَشيئن: سلئوڪ شاخ واريون ٻوليون ڳالهائيندڙن جو اڌ، هيءَ ٻولي ڳالهائيندو آهي. هيءَ ٻولي اُتر- ايشيا جي چئني طرف ڳالهائي ويندي آهي. اڳوڻي U.S.S.R ۾، هن ٻوليءَ کي ثانوي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل هئي. انهيءَ لحاظ سان هيءَ ٻولي دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي.(1) سياسي توڙي سماجي نقطه نگاهه کان انگريزيءَ کان پوءِ هن ٻوليءَ جي حيثيت مڃيل آهي(2) . روسي ٻوليءَ جي اُڀرندي ۽ ڏکڻ واري حصي ۾، اڳوڻي سوويت يونين ۾، ڪجهه تبديل سان بيلورَشيئن (Byelorussian) ۽ يوڪرئنيئن (Ukrainian) نالي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن.

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، سلئوڪ ٻوليءَ جي ٽن شاخن کي آزاد رياستن ۾ منظم ڪيو ويو آهي. اُهي آهن:

(i) چيڪ (Czech)، (ii) پولش (Polish) ۽ (iii) سلوواڪ (Slovak). اهي ٻوليون هڪ ئي ٻوليءَ جا لهجا آهن.

(i) پوليش (Polish): پولنڊ جي ٻوليءَ جو نالو آهي، ٻه ڪروڙ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا. هن ٻوليءَ جا پراڻا نشان چوڏهين صديءَ ڌاري ملن ٿا.

(ii) ڏاکڻين سلئوڪ: هيءَ ٻولي، هنگري شاخ وارين ٻولين جي ڪري ٻين ٻولين کان ڌار ٿيل آهي. هن ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن:

(الف) بَلگئريئن (Bulgarian): بلگئريا جي ٻولي آهي. پنجاهه لک ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ب) سربو- ڪروشن (Serbo-croatian): هڪ ڪروڙ ماڻهن جي ٻولي آهي.

(ٻ) سلووين (Slovene): ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي ٻولي آهي.

(ڀ) لاطيني (Latin): جرمئنڪ شاخ واري خطي جي ڏکڻ طرف، ’رومانس ٻوليون‘ (Romance Languages) ڳالهايون وينديون آهن. رومانس ٻولين ۾ اطالوي، پوچورگيزي، پورچوگالي، اسپئنش، ڪٽئلئن (Catalan) ۽ فرينچ ٻوليون شامل آهن. سڀئي رومانس ٻوليون، لاطيني ٻوليءَ جون جديد صورتون آهن. لاطينيءَ جو قديم نمونو، روم (Rome) واري لهجي مان ملي ٿو. هن ٻوليءَ جا پراڻا نشان 300 ق. م ۾ ملن ٿا. وچئين زماني ۾ لاطيني زبان، عالمانه گفتگو جو ذريعو رهي آهي. اٽليءَ جي قديم نسخن مان ’اوسڪن‘ (Oscan) ۽ ’اُمبرپئن‘ (Umbrian) نالي ٻن ٻولين جا نشان ملن ٿا جي غالباً لاطيني ٻوليءَ جون ڀينرون هيون. (1) لاطيني ٻوليءَ جي شاخن جيڪي وڌيڪ معلومات هيٺ ڏجي ٿي:

(الف) اطالوي (Italian): اٽليءَ جي سرڪاري زبان آهي. جملي چار ڪروڙ ماڻهو هيءَ ٻولي ڳالهائين ٿا.

(ب) بورچوگيزي: پورچوگال جي سرڪاري زبان آهي.

(ٻ) اسپيئنش: اسپين جي سرڪاري ٻولي آهي. انهيءَ کان سواءِ لئٽن آمريڪا ۽ برازيل ۾ به دفتري ٻوليءَ واري حيثيت مليل اٿس.

(ڀ) فرينچ: فرانس، بيلجم، ڪانگو، سئٽزرلئنڊ ۽ ڪئناڊا ۾ سرڪاري زبان طور رائج آهي. آفريڪا جي فرينچ بيٺڪن ۾، سرڪاري زبان طور استعمال ٿيندي آهي. وچ مشرق ۾ عام طور سمجهي ويندي آهي. هن زبان جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 45 ڪروڙ آهي.

(ت) ڪئٽلئن (Catalan): اسپئنش جو هڪ لهجو آهي، پر هن وقت ڌار ٻوليءَ طور استعمال ٿئي ٿو.

فرينچ کانسواءِ سئٽزرلئنڊ ۾، لئڊن (Ladin) زبان به ڳالهائي ويندي آهي. هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 16000 ٿيندو.

(ح) رومئنيئن (Rumanian): اوڀر ۾، بلئڪ سي (Black Sea) طرف، ڏاکڻئين سلئوڪ شاخ پنهنجي الڳ حيثيت قائم ڪريو بيٺي آهي. هيءَ ٻولي رومانيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(ق) البانوي شاخ (Albanian): سربو- ڪروشن جي ڏکڻ ۾، البانيا (Albania) وارو خطو واقع آهي. هن خطي جي زبان کي البانوي زبان چئبو آهي. هيءَ زبان به هند- يورپيءَ جي شاخ آهي. اٽڪل 15 لک ماڻهو هيءَ زبان ڳالهائيندا آهن. هيءَ زبان ڀروارين زبانن مان ورتل اُڌارن لفظن سان ڀريل آهي، پر اُن جي ديسي لفظن واري ذخيري مان ثابت آهي ته هيءَ زبان هن- يورپي خاندان جي هڪ شاخ آهي. (1)

(ل) يوناني (Greek): هيءَ زبان، يونان ۾ ڳالهائي ويندي آهي. اٽڪل ستر لک ماڻهو هيءَ زبان ڳالهائين ٿا. هيءَ زبان مختلف لهجن ۾ ورهايل آهي. هاڻوڪا لهجا اصلوڪي معياري لهجي ’ڪوئني‘ (Koine) مان ڦٽي نڪتا آهن. اهو معياري لهجو هڪ صدي عيسويءَ ۾ به رائج هو. يوناني ٻوليءَ جا اوائلي اُهڃاڻ 800 ق-م ۾ هومر (Homer) جي شاعريءَ مان ملن ٿا. (2)

انهن کان سواءِ ’ڪريٽ‘ (Crete) ٻيٽن مان، گريڪ رسم الخط ۾، ڪيتريون ئي لکيتون مليون آهن، پر اُهي ڪهڙيءَ زبان جون لکيتون آهن، سا خبر پئجي ڪانه سگهي آهي(3) اُنهن مان هڪ لکت 400 ق-م جي ۽ هڪ اُن کان به آڳاٽي معلوم ٿئي ٿي. ساڳئي هنڌان 1500 ق- م جون ڪريٽ جون پراڻيون لکيتون به لڌيون آهن.(4) انهن مان ڪي تصويري خط (Pictographic)  جو نمونو پيش ڪن ٿيون.

انهيءَ کان سواءِ ايشيا مائنر واري خطي، خصوصاً لائسيئن (Lycian) مان 400 ق- م ۽ 500 ق- م جون ڪاپيئس (Copious) لکيتون به لڌيون آهن. اهي گريڪ رسم الخط ۾ لکيل آهن. اهي لکيتون اڃا پڙهيون نه وئيون آهن. اهڙيءَ طرح شام ۽ ايشيا مائنر جي ڀر واري خطي مان 1000 ق- م کان وٺي 500 ق. م جا تصويري خط ۾ لکيل ڪجهه نشان لڌا آهن. اهي هتت (Hittite) خط جون شاخون (attributed to the Hittite) آهن.(1) پر انهيءَ ۾ ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي ته هي خط به انهن ماڻهن جا ٺاهيل آهن جن هتت جا ميخي خط (Cunciform) ٺاهيا هئا (2).

2. سامي ۽ حامي خاندان (Semitic- Hemitic Family):

هن خاندان وارين ٻولين کي ٻن مکيه شاخن ۾ ورهايو ويو آهي، اهي آهن: (1) سامي ۽ (2) هامي. هر هڪ شاخ جو وستار هيٺ ڏجي ٿو:

(1) سامي شاخ: هيءَ شاخ ٽن ننڍين شاخن ۾ ورهايل آهي: (الف) اُڀرندي شاخ، (ب) الهندي شاخ ۽ (ت) اُترين شاخ.

(الف) اُڀرندي شاخ: هن شاخ وارين ٻولين ۾ قديم آڪادين‘ (Akkadian)..... (Babylonian) اسريئن (Assyrian) ۽ سُميريئن (Sumerian) ٻوليون گهڻيون مشهور رهيون آهن. اهي ٻوليون هاڻ ڪٿي به ڳالهايون نٿيون وڃن، پر تحريري صورت ۾ 2500 ق- م ۾، ميخي خط (Cuniform) ۾ ميسو پوٽيميا مان ڪتبن جي صورت ۾، پٿرن تي اُڪريل آهن. (3) هنن (آڪاديئن) ٻولين جي اثر گهٽجڻ کان پوءِ. عيسوي سن جي شروع ٿيڻ کان اڳ آرميئڪ ٻولي اثرانداز رهي.

(ب) اُلهندي شاخ: هيءَ شاخ وري ٻن ننڍين شاخن ۾ ورهايل آهي. اُهي هي آهن: اُترين ۽ ڏاکڻين شاخ، اُترينءَ شاخ واريون ٻوليون، ميخي خط جي صورت ۾، 1400 ق. م ۾ ’ڪُنانائيٽ‘ ۽ 900 ق. م ۾ ’موبائيٽ‘ (Mobite) جي بادشاهه ’ميشا‘ (Mesha) جي لکت جي صورت ۾ موجود آهي. فونيشيا جي ٻولي ’فونيشئن‘ (1) (Phoenicia) جيڪا قديم ’عبرانيءَ‘ کان ٿوري مختلف آهي، ڀونوچ سمنڊ تي اهم واپاري ٻولي هئي. گليسن جي راءِ موجب هيءَ ئي ٻولي هئي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين لکت جو رواج شروع ٿيو (2) ، هن ٻوليءَ جي شاخ آهي . هيءَ ٻولي عيسوي سن شروع ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي وئي، فونيشيئن جا ڪتبا 900 ق. م ڌاري ملن ٿا. هيءَ ٻولي نه فقط فونيشيا ۾ ڳالهائي ويندي هئي. جتي عيسوي سن کان اڳ اُن جو خاتمو ٿي ويو، پر هيءَ ٻولي ڪارٿيگ (Carthage) نالي ’فونيشيئن ڪالونيءَ‘ ۾ به ڳالهائي ويندي هئي. 2 ق. م ڌاري هن ٻوليءَ تي آرمئڪ ٻولي، غالب پئجي وئي. آرمئڪ ٻولي عيسوي سن جي اوائلي زماني ڌاري، ’شام‘ ۽ ايشيا جي ٻين ٽڪرن ۾ ڦهلجي وئي ۽ عبراني توڙي آسيريئن تي غالب پئجي وئي. عيسوي سن جي پهرئين ڏهاڪي (300ق-م کان 650ع تائين) هيءَ ٻولي مشرق قريب (Near East) ۾ سرڪاري توڙي لکت واري ٻولي رهي. ايشيائي رسم الخط تي، هن ٻوليءَ جي لکت جو وڏو اثر رهيو آهي. آرميئڪ ٻوليءَ تي وري عربي ٻولي غالب پئجي وئي، پر ڪن ڪن هنڌ اڃا ٻه لک کن ماڻهو هي ٻولي ڳالهائين ٿا.(3)

 

الهندي ساميءَ جي ڏاکڻين شاخ ۾ هيٺيون ٻوليون شامل آهن:

(الف) ڏاکڻي عربي، (ب) عربي ۽ (ٻ) حبشي (Ethiopian).

(الف) ڏاکڻي عربي: هن جا اوائلي اُهڃاڻ لکت ۾، 800 ق. م کان 600 واري عرصي ۾ ملن ٿا. هيءَ زبان اڃا تائين ڪيترن ئي لهجن ۾ عربستان جي ڏاکڻي ساحلي خطي ۾، ’سوڪوترا‘ ٻيٽ ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(ب) عربيِ: هن ٻوليءَ جا اوائلي اهڃاڻ لکيل صورت ۾، 328ع ڌاري ملن ٿا. هن وقت ٽي ڪروڙ ۽ ستر لک ماڻهو هيءَ زبان ڳالهائين ٿا.

(ٻ) حبشي: هيءَ ٻولي آفريڪا کنڊ جي مشرقي ساحلي علائقي، حبش (Abyssinia) ۾ ڳالهائي ويندي آهي. موجوده وقت هيءَ زبان ’تائگري‘ (Tigre) ۽ آمهارڪ (Amharic) شاخن تي مشتمل آهي.

اُترين سامي:

هن جي مکيه شاخ عبراني (......) آهي. عبراني شاخ وري ڪيترن ئي ٻولين ۾ ورهايل هئي. پر اُهي ٻوليون هاڻ صفحه هستيءَ تان ميٽجي وئيون آهن. انهن مان ڪي ٻوليون هي آهن: ڪَئننائيٽ، موبائيٽ، آرمائيڪ (Aramaic) ۽ سريئڪ (Syiac). سڀ کان پوئين ٻولي اڃا زندهه آهي، ۽ هن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد هڪ لک کن ٿيندو . ماريو پاءِ جي راءِ موجب فونيئيشن ٻولي، اوترين ساميءَ جي شاخ آهي ۽ نه ڪه الهندي ساميءَ جي، جيئن بلومفيلڊ جو رايو آهي. فونيشيئن ماڻهن ئي الف- ب ايجاد ڪئي هئي. هن قوم جو ايجاد ڪيل رسم الخط ئي ڪجهه تبديليءَ سان، مختلف صورتن هند- يورپي ۽ سامي ٻولين جي لکت طور ڪم ايندو آهي.(2)  (1)

(2) هامي (Hemitic):

هن شاخ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جون ڪي ٻوليون شامل آهن، اُهي آهن:

(الف) مصري (Egyptian): (ب) بربر  (Berber) ۽ ڪُشائيٽ، هر هڪ ٻوليءَ جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.(3)

 

(الف) مصري (Egyption):  هيءَ ٻولي، مصر واري خطي ۾ ڳالهائي ويندي هئي. هن جي قديم لکت، هيرو گلفي (Hieroglyphic) يعني تصويري خط ۾ 4000 ق. م ڌاري ملي ٿي. پوئين دور ۾ هن ٻولي کي ”ڪاپٽڪ“ (Coptic) نالي سان سڏيو ويندو هو. هن ٻوليءَ جا ادبي ۽ قلمي نسخا، عيسوي سن جي ابتدائي زماني واري دور ۾ ملن ٿا. مصري ٻولي، عربيءَ جي اثر ڪري، سترهين صديءَ ڌاري بلڪل ختم ٿي وئي. هن وقت هن جو هڪ به ڳالهائيندڙ موجود نه آهي، پر هن جو پورو مواد لکت ۾ ملي ٿو.

(ب بَر بَر (Berber): هن ٻوليءَ جي قديم ذخيري بابت معلومات 400 ق. م ۾، ’لبيا‘ (Libya) جي لبيئن (Libyan) ٻوليءَ جي ڪتبن مان ملي ٿي. هيءَ ٻولي ’اُتر آفريڪا ۽ صحارا ۾ پکڙيل آهي. موجوده وقت هن ٻوليءَ جون شاخون هي آهن: تُئاريگ (Tuareg)، ڪبيلي (Kabyle)، شِلهه (Shilh) ۽ زناگا (Zenaga). اهي ٻوليون پنهنجي خطي ۾، عربيءَ جي سرڪاري ۽ دفتري زبان بنجڻ جي باوجود، مادري زبانن جي حيثيت ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون . اٽڪل سٺ ستر لک ماڻهو اهي زبانون ڳالهائين ٿا.(1)

 

(ٻ) ڪشائيٽ (Cushitic): هيءَ زبان مصر جي ڏکڻ طرف، ۽ آفريڪا جي اُڀرندي طرف، ڳالهائي ويندي آهي. هن شاخ ۾ جيڪي ٻوليون شامل آهن، اُهي آهن: سومالي (Somali)، گالا (Galla) ۽ بيجا (Beja). سومالي ٻولي، ڪينيا (Kenya) جي اُتر ۽ سوڊان جي ڏکڻ ۾ سوماليه ۾ ڳالهائي ويندي آهي. 

3. چڊ (Chad) خاندان:(2)

 

(الف) اُتر آفريڪا جي ’عربي‘ ۽ ’بَربَر‘ ٻولين جي خطي جي ڏکڻ ۾، اها ايراضي اچي ٿي وڃي جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هيءَ ايراضي، اوڀر ۾ حبش ۽ ڪُشائيٽ ٻولين وارن خطن کان وٺي، اولهه طرف گنيءَ جي نار ۽ اُتر ۾ نائيجيريا ۽ چڊ (Chad) ڍنڍ تائين پکڙيل آهي. هنن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو تعداد پنج ڪروڙ ٿيندو. هن خاندان ۾ هيٺيون ٻوليون اچي وڃن ٿيون:

(الف) وولوف (Wolof)، (ب) فُل (Ful)، (ٻ) گريبو (Grebo)، (پ) ايوي (Ewe)، (ت) يوروُبا (Yourba)، (ٿ) هائوسا (Housa)، (ٽ) نيوبا (Nuba)، (ٺ) ڊنڪا ۽ (ث) مَسائي (Masai).

انهن مان وولوف ۽ فُل، سينيگال ۾؛ گريبو، ايوي ۽ يوروبا، گنيءَ جي ساحلي علائقي ۾ هائوسا وچئين خطي ۾؛ نيوبا خارطوم واريءَ ايراضيءَ ۾ ڳالهايون وينديون آهن. انهن ۾ هائوسا اهم ٻولي آهي.

سونگهائي (Songhai) خاندان:

آفريڪا جي سوڊان واريءَ ايراضيءَ ۾ اهي اڻڄاتل سڃاتل ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن ۾ سونگهائي ٻولي، نائيجر (Niger) نديءَ جي ايراضيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. اولهه آفريڪا جي تاريخ ۾ هنن ٻولين اهم حصو ادا ڪيو آهي(1).

(ب) هن خاندان جي ٻي شاخ نائيلو- هيميٽڪ (Nilo-Hemitic) آهي. هن ۾ جيڪي ٻوليون شامل آهن، اهي آهن:(2)

 

(1) اَڪُوليا (Acola): هيءَ ٻولي يوگئنڊا ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(2) مسائي (Masai) هيءَ ٻولي ٽئنگنيڪا ۽ ڪينيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

(3) ننڍي (Nandi): هيءَ ٻولي به ڪينيا ۽ ٽئنگنيڪا ۾ ڳالهائي ويندي آهي. سوڊان جي اُتر طرف هن خاندان جي هڪ شاخ ڳالهائي ويندي آهي، جنهن کي ’نيوبا‘ (Nnuba) چيو ويندو آهي. هيءَ ٻولي نيل نديءَ جي لڳو لڳ، مصر- سوڊان جي سرحد تي ڳالهائي ويندي آهي.

ڪن ماهرن جي راءِ موجب اهي ٻوليون ’هامي‘ (Hemitica) جون مائٽ ٿين، ۽ ڪن جي راءِ موجب اهي بانتوُ (Bantu) خاندان سان نسبت رکن ٿيون.

(4) نائجرڪانگو: آفريڪا جي ٻولين جي اهم شاخ آهي. هيءَ ٻولي الهندي آفريڪا طرف ۽ خط استوا جي ڏکڻ ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

ڪوا (Kwa)- لائبيريا (Liberia) جي ڪناري کان وٺي ڪامرون نار (Cape Cameroon) تائين هن شاخ جون ٻوليون پکڙيل آهن. هنن ٻولي مان ڪي سماجي لحاظ کان اهم آهن. گولڊ ڪوسٽ  (Gold- Coast) تي اَڪَن (Akan) ٻولي پنهنجن لهجن، ’فتني‘ (Fatni) ۽ ’توي‘ (Twi) سان، آئوري ڪوسٽ (Ivory Coast) ۾ بائولي (Baoule)، ٽوگولئنڊ (Togo Land) ۾ ’ايوي‘ (Ewe)، ’ڊاهومي‘ (Dahomy) ۾ ’فون‘ (Fon)، نائجيريا ۾ ’يوروبا‘ (Yoruba)، اِبوا (Ibo) ۽ نيوپي (Nupe)؛ لائبيريا ۾ ’بَسا‘ (Bassa) ۽ ’ڪُرُو‘(Kru) ۾ ڳالهيون وينديون آهن.


(2) Grierson H., Linguistic Survey of India. Vol: 1, Part 1, 1927., P. 461.

(1) Grierson, H., Ibib, an article, “Indo-Aryan Vernacular”, Published in BSOAS, 1917-20, P. 50 &53.

(2) Grierson, H., Op. Cit. P 53.

(1) Grierson, P. 74.

(1) Bloomfield., L. Op. Cit., P. 58.

(2) Ibid.

(1) Bloomfield, L., Op. Cit., P. 60

 

(1) Bloomfield, L. Op. Cit., P. 60

(1)Gleason, L. Op. Cit., P. 459.  

(2) Ibid.

(1) Bloomfield, L, Op. Cit., P. 61.

(1) Bloomfield., L. Op. Cit., P.62

Also See;

Gleason, H.E., Op. Cit. P 458.

(2) Bloomfield., L. Op. Cit., P.65

(3) Bloomfield., L. Op. Cit., P.65

(4) Bloomfield., L. Op. Cit., P.65

(1) Bloomfield., L. Op. Cit., P.65

(2) Ibid.

(3) Gleason, H.E., Op. Cit., P. 464

(1) جديد تحقيق موجب، اها قوم، سنڌو- ماٿر جي ’پڻي‘ قوم چون ٿا. دراصل اهي وڻج واپار جي ڪري ’واڻيا‘ سڏبا هئا. پڻيΠ فنيΠ فنيقي (Phoenician).

(2) Ibid

(3) Ibid

(1) Mario, A., Pei, The World’s Chief Language, Lodon, George Allen and unwin. 1949, P. 29.

(2) Mario, A. Pei, Op Cit.,

(3) :ماريو پاءِ هن ٻوليءَ کي لبيڪو – بربر(Libyco-Brerber)  ٻولي ٿو ڪوٺي ڏسو:Mario, A., Pei, Op. Cit., P. 29

(1) Gleason, H.E. Op. Cit., P. 465.

(2) چَڊ لفظ، پهرين پهرين لسانيات جي اميريڪي ماهر، گليسن ڪم آندو: ڏسو: Gleason, H.E. Op. Cit., P. 465.

(1) Gleason, H.E. Op. Cit., P. 465.

(2) Ibid.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com