سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :3

مرتب ۽ مرڪب لفظ ۾ اهوئي ته خاص فرق آهي، يعني مرتب لفظ اهو آهي، جنهن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پرو-س صورتون شامل هجن: مثال طور: /کٽمٺڙو/،/ پرمتڙيو/،/ آچيتائي /۽/ چڱمڙسي/ وغيره پر مرڪب لفظ جي حالت ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خود مختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، مثال طور:

/گهر ڌڻي/،/ آگگاڏي/۽/ پَروَس/ لفظ ڪڏهن ڪڏهن مرڪب لفظ سان ڪا موزون پروس صورت ملائي، ان مان به لفظ ٺاهبو آهي: جيئن:

/پَرڙوسيڪو/ لفظ هن لفظ ۾ /پروس/ مرڪب لفظ سان/ اِڪو/ پڇاڙي ملائي، مرتب لفظ، ٺاهيو ويو آهي، تنهنڪري/ پروسيڪو/ لفظ کي مرتب لفظ چئبو ۽/ پروس/ کي مرڪب لفظ چئبو.

مرڪب لفظ جي بيان لاءِ ضروري آهي ته فقط اهو ڄاڻجي ته ڳالهائڻ جي لفظن (Parts of Speech) مان اهو (مرڪب لفظ) ڪهڙو لفظ آهي، يعني ويا ڪرڻ ۾ اُن کي ڪهڙي حيثيت آهي، پر اهو به بيان ڪرڻو آهي ته جيڪي خود مختيار صورتون (مفرد) گڏجي مرڪب لفظ ٺاهين ٿيون، اُهي گرامر موجب ڇا آهن؟

مطلب ته ائين کڻي چئجي ته ڳالهائڻ جا ڪهڙا ڪهڙا لفظ گڏجي، مرڪب لفظ ٺاهين ٿا. انهن لفظن کي هڪٻئي ۾ ملائڻ يا جوڙڻ جي ’ترتيب‘ (Order) ڪهڙي آهي؟ يعني ڪهڙا ڪهڙا لفظ پهرين جز ۾، ۽ ڪهڙا ڪهڙا لفظ پوئين جز جي صورت ۾، مرڪب لفظ ٺاهڻ ۾ ڪم آهن، مثال طور /گهر ڌڻي/ مرڪب لفظ ۾، مفرد لفظ/گهر/ اڳ ۾، يعني پهرين جز جي حيثيت ۾ ۽ / ڌڻي لفظ پوءِ، يعني پوئين جز جي حيثيت ۾، ملايا ويا آهن. ٻنهي مفرد لَفظن جي گڏجڻ کان اڳ، مفرد لفظ /گهر/ جو پويون سر صوتيه /ا/ بدلائي، /ا/ ٿو ڪجي.۽ پوءِ اُن جي پويان / ڌڻي/ لفظ ملائجي ٿو. صوتين جي اهڙي تبديل گهڻن ئي لفظن ۾ ڏٺي وئي آهي، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو.(1)

 

جيڪڏهن مرڪب لفظ جي جڙڻ واريءَ ترتيب ۾ ڦيرگهير آڻي /گَهَرڌڻي/ جي بدران/ڌڻيءَ گهر/ يا/ ڌڻي گهر/ چئبو يا لکبو، ته پوءِ پوين ٻنهي لفظن مان اُها معنيٰ يا اها مراد هرگز نٿي نڪري، جيڪا /گهر ڌڻي/ مرڪب لفظ مان نڪري ٿي. هيٺ ڏنل مرڪب لفظن جي تفصيل مان، مٿي بيان ڪيل نڪتن جي وضاحت ٿئي ٿي. اهڙن سڀني لفظن مان ڪن جي بناوت  ۽ رچنا هيٺ ڏنل مثالن مان معلوم ٿيندي:

 

ويا ڪرڻي ڪارج

خود مختيار صورتن

(مفرد لفظن) جي ’جوڙ‘ جي تربيت

مرڪب لفظ

(1) اسم

اسم + گَهرَ ڌڻي، راڄَ ڌڻي، ڳوٺَ وڏيرو، بُت خانو، ڪُئامار، آگ گاڏي، نَڙَ بيتَ، جَهنگ ٻلو، جهنگ ڪُڪُڙ، اُتَرَ، واءُ،

ڀوت خانو، شهرَ پناهه، آب هوا، موم بتي، مس ڪُپڙي، رڻ پٽ،

ڏندَ ڪٿا آرام ڪرسي، کِلَ مُک، نانگ وَل، مُنهن جوت، مُنهن صفا،  رَسَ وَل، انڊلٺ، تتر کرڙي

 

(ii)صفت اسم+ فعل

هَٿَ ڦاڙ، وياج خور، ڪَفن ڪَش، آدم خور، ڪَنَ چير، نالي چڙهيو، نام ڪٺيو، دل گهريو،

 

(iii)اسم صفت+ اسم

مهاراڻي، مهاراج، چؤماسو، چؤ واٽو، وَڏَ واتو، ڪارڄِڀو، ٻه منهين ٽه ٽنگو.

 

(iv) اسم ظرف+ اسم

اَڳَ ڳڻتي، اڳَڪٿي، ڀَر جهلو، قطب تارو.

 

(v)اسم صفت+ فعل

کائو پٽ

 

(vi) اسم فعل +فعل

اڄ وڃ، ڏي وٺ، وٺ پڪڙ، اُٿ ويهه، پٽ کوهه، ڇن پٽ، هڻ کڻ

 

(vii) صفت اسم+صفت

مٿي کائوُ، وات ڳاڙهو، نالي مٺو، نالي چڱو، ڪاٺ ڪٽو

 

(ix)صفت صفت+ صفت

گهٽ وڌ وڏ کائو،

تتي ٿڌي، ٿڌي ڪوسي

 

(x) ظرف ظرف+ظرف

اڳوپوءِ، اندر ٻاهر، هيٺ مٿي ٻاهر منجهه، آڳو پيڇو

 

بهرحال هن ڇنڊ ڇاڻ مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

(الف) سنڌي ويا ڪرڻ ۾، علم صرف تي ڪجهه  لکڻ کان اڳ، ’صرفيه‘ جي مفهوم ۽ ڪارج جي سمجهڻ جي ضرورت آهي:

(ب) صرفيه جي مفهوم ۽ ڪارج کي سمجهڻ کان پوءِ، صرفيه جي قسمن ۽ صوفي ذخيري جي بيان ۽ ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي:

(ٻ) لفظ  (مفرد يا خود مختيار) صرفيه، يا خود مختيار صرفيه ۽ پروس صرفيه جي ميل، يا ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ صرفين جي ملائڻ سان ٺهن ٿا. علم صرف ۾ انهن کي اهم مقام حاصل آهي:

(ڀ) سنڌيءَ ۾ سڀني لفظن کي الڳ الڳ قسمن ۾ ورهائڻ کان اڳ، هر هڪ لفظ کي علم صرف جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هر قسم علم صرف جي بيان کان ٻاهر ٿي نٿو سگهي؛

(ت) مرڪب لفظن جي ميل وارَن جزن جي ترتيب توجھ جي لائق آهي.

5- صوتيه ۽ صرفيه ۾ فرق:

هن کان اڳ پَرَ-  صورتن، خود مختيار صورتن ۽ لفظ جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح هيٺيون صورتون به سنڌي ٻوليءَ جي ويا ڪرڻ ۾ اهم آهن:

ڪَر، ڪندي، ڪَيَلُ، ڪَيو، ڪَرڻو، ڪري، ڪري ٿو؛ يا:

لک، لکيو، لکندو، لکيل، لکڻو لکي ۽ ليک.

انهن صورتن جون معنائون ڌار ڌار پر انهن جي معنائن جي هڪ ٻئي سان نسبت ضرور آهي.

هن کان اڳ ’صوتيه‘ ۽ ’صرفيه‘ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. ڪنهن لفظ جي صرفي ساخت ۾، ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪ ’صوتيو‘ به ’صرفيه‘ ٿي ڪم ايندو آهي.(1)

 

 لفظ ’ويس‘ ۾ /س/ اُن جو هڪ مثال آهي، پر هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائي ٿي ته ’صوتيه‘/س/ ۽ صرفيه (س) ٻئي هڪجهڙيون نه آهن. ٻنهي جي ڪارج ۾ فرق آهي. ڪابه صرتيه، ڪنهن لفظ ۾ ڪيترائي دفعا ڪم اچي سگهي ٿي، پر اُن جو ڪارج ’صرفيه‘ جهڙو هرگز ٿي نٿو سگهي. مثال طور: ’سٺ‘ لفظ ۾ /س/ ۽ ’مس‘ لفظ ۾ /س/ جو ڪارج ۽ مفهوم ’سندس‘’پٽس‘’وٽس‘ لفظن ڪم آيل آهي/س/ جهڙو نه آهي. بلڪل ساڳيءَ طرح ’اَڇو‘ ۽ ’ڌيءَ‘ لفظن ۾، /آ/ ’صرتيه‘ جو ڪارج ۽ مفهوم ، ’ڄاڻ‘ ۽ ’ماڻهو‘لفظن ۾ آيل صرفيه (آ) جهڙو بلڪل نه آهي.(1)

 

سنڌي ٻوليءَ جي صرفي نظام جي اڀياس مان اهو به واضح ٿيو اهي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻن صرفين جو اُچار هڪجهڙو هوندو آهي، پر انهن جي ڪارج ۽ مفهوم ۾ وڏو فرق هوندو آهي. اهڙن ساڳين اُچارن وارن جوڙن کي هم آواز (Homophonous) جوڙا چئبو آهي؛ مثال طور:

’پٽس‘،’ويس‘،’ماريائينس‘ ۽ ’ويندس‘ وغيره لفظن ۾ (س) هڪ صرفيه آهي، پر صرفي اصولن موجب ان کي ساڳي صرفيه چئي نٿو سگهجي،  ڇوته ’پٽس‘ لفظ ۾ {س} صرفيه جو ڪارج اهو نه آهي جيڪو ’ويس‘ لفظ ۾ {س} صرفيه جو آهي. پهرين ]س[صرفيه مان مراد مالڪي ڏيکارڻ آهي، ۽ اها ضمير غائب واحد جي بدران ڪم آڻبي آهي. اهڙيءَ طرح ’ويس‘ لفظ ۾ ]س[ صرفيه مان مراد زمان ماضي ۽ ضمير متڪلم حاضر واحد آهي.

ڦٽي نڪتل صورت: ڪردنت يعني مشق (Derivated form)

۽ ڦيرايل صورت (Inflected):

سنڌي ٻوليءَ ۾، لفظن جي صرفي ساخت ۽ سٽاءَ کي، سندن عمل ۽ ڪارج مطابق ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن مان هڪڙي قسم کي ’ڪردنت‘ يا ’مشتق‘ (Derivated form) يعني ’ڦٽي نڪتل صورت‘ چئبو آهي، ۽ ٻئي قسم کي ”ڦيرايل صورت“ (Inflected from) چئبو آهي. سنڌي ويا ڪرڻن ۾ ”ڪردنتي صوت“ توڙي ”ڦيرايل صورت“ کي، ’ڪردنت‘ يا ’مشق‘ سڏيو ويو آهي، پر انهن ٻنهي صورتن جي ٺهڻ (رچنا) ۾ فرق آهي. لسانيات  جي هاڻوڪن اصولن موجب: ڪوبه مرتب لفظ جيڪڏهن سنڌي ويا ڪرڻ جي سٽاءَ موجب ڪنهن سادي لفظ (هڪ صرفيه واري) جي برابر هجي، يعني ڪنهن فقري جي ساخت ۾ يا ڪنهن صرفيائي سٽاءَ ۾، اُن جو هڪجهڙو عمل هجي ته اهڙي مرتب لفظ کي ڪنهن بنيادي لفظ يا صرفيه جو ڪردنت يا مشتق چئبو، ۽ جنهن صورت مان ڪردنت ڦٽي نڪرن ٿا، تن کي ’ڌاتو‘ (Root) چئبو- مثال طور:

ڀاڳوند، پٽيتو، جرئتمند ۽ عقلمند لفظ، سنڌي ويا ڪرڻ موجب سادن لفظن  پيءُ، بهادر ۽ ڀاڳ، لفظن وانگر ڪم اچن ٿا. انهن لفظن جو ڀاڳواري ماڻهوءَ،  پٽيتي ماڻهوءَ، ’جرئتمند شخص‘ ۽ ’عقلمند بادشاهه‘ جهڙن فقرن ۾ ڪارج ’بهادر‘، ’عاقل‘ ۽ ’پٽ‘ لفظن جهڙو آهي.

پر جيڪڏهن ڪو مرتب لفظ، سنڌي ويا ڪرڻ جي قانون موجب، سڀني رچنائن ۾ ڪنهن سادي لفظ جي برابر نه هجي. يعني ته ان جو ڪنهن  فقري  جي بناوت ۾ يا ڪنهن صرفيائي سٽاءَ ۾ هڪجهڙو عمل نه هجي ته اهڙي لفظ کي ’مشق‘ يا ’ڪردنت‘ نه پر ’ڦيرايل‘ (Inflected) لفظ چئبو. اهڙا لفظ، سندن بنيادي لفظن  جهڙو ئي ڪارج ادا ڪن ٿا. اسمن،  ضميرن، فعلن ۽ صفتن جي گردانن ۽ ڦيرن ۾ بدليل صورت کي ”ڦيرايل صورت“ چئبو آهي.

7- ڏاتو (مصدر):*

 

سنڌي ٻولي توڙي آريائي ٻولين جي وياڪرڻ ۾، ’ڌاتو‘ يعني ’مصدر‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌي وياڪرڻ جي ڄاڻن، سنڌيءَ ۾ ’اچڻ‘،’وڃڻ‘،’هئڻ‘،’ٿيڻ‘، ۽ اهڙين ٻين ’صورتن‘ ۽ ’شڪلين‘ (Forms) کي، ’مصدر‘ يعني ڌاتو سڏيو آهي. مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل جهڙن ماهرن به انهن صورتن کي ’مصدر‘ ۽ ’فعل‘ سڏيو  آهي.حقيقت هيءَ آهي ته عربي گرامر جي اصولن ۽ عربي ٻوليءَ جي مصدرن جي وصف کان متاثر ٿي، سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن به ’اچڻ‘،’وڃڻ‘ توڙي اهڙين ٻين سڀني صورتن کي ”مصدر“ سڏيو آهي. انهيءَ ڪري سڀ کان پهرين ”سنڌي مصدر“ جي وصف جو مطالعو ڪرڻ گهرجي،  ۽ پوءِ ڏسڻ گهرجي  ته سنڌي مصدر جي وصف جي روشنيءَ ۾ مٿي ڏنل صورتن-اچڻ ۽ وڃڻ وغيره- کي ’مصدر‘ يا ’ڌاتو‘ چئي سگهجي ٿو يا نه؟ مصدر جي وصف بيان ڪندي مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:(1)

 

”مصدر معني جنهن مان ٻيا لفظ صادر ٿين ٿا؛ يا ڦٽن ٿا؛ مطلب ته ’مصدر‘ معنيٰ ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ مصدر مان ٺهن ٿا، تنهنڪري اُن تي اهو نالو رکيو اٿن.  سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جو بنياد مصدر نه آهي، تنهنڪري مصدر کي ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘ ڪري ليکڻ غلطي آهي.“ (1)

مرزا صاحب جي مٿي ڏنل وصف ۾ جيتوڻيڪ صاف بيان ٿيل آهي ته ’مصدر‘ (سنڌي وصف موجب) کي ڌاتو يا بنياد ليکڻ غلط آهي، پر هو (مرزا صاحب) خود پنهنجي اعتراض کي پاسيرو ڪري، هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

’لکڻ‘ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَڻ‘ جو اچار آهي. ’کائڻ‘ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ’اِڻ‘ جو اچار  آهي. مصدر جي پڇاڙيءَ ۾ مان ’اَڻ‘ يا ’اَڻ‘ اُچار ڪڍي ڇڏيو ته باقي جيڪو بچندو سو ٿيندو ڌاتو يا بنياد.“ (2)

اهڙي طرح ڪاڪو ڀيرومل، ديوان ڪشنچند، مخدوم محمد صالح ڀٽي، محمد صديق ”مسافر“ به مرزا صاحب واري پوئين وصف جا حامي آهن.

اردو ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۾ به ساڳئي قسم جي وصف بيان ٿيل آهي. ۽ البته اردوءَ جي ماهرن اُن کي ”حاصل مصدر“ سڏيو آهي. (4) (3)

حقيقت ۾ جنهن ’صورت‘ (From) کي سنڌي وياڪرڻ ۾ مصدر نالو ڏنو ويو آهي، سا صورت سنڌي زبان جي ’ويا ڪرڻي اصولن‘ موجب مصدر نه آهي، ڇاڪاڻ ته مصدر جي معنيٰ آهي ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘، يعني اها صورت جنهن مان ٻيا لفظ يا ٻيون صورتون صادر ٿين يا ڦٽي نڪرن. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ’هلڻ‘ ۽ ’لکڻ‘ توڙي اهڙيون ٻيون سڀئي صورتون سنڌي زبان جي صوفي اصولن موجب ’ڌاتو‘ يا ’بنياد‘ نه آهن، ڇوته سنڌي زبان جو ڪوبه لفظ / ’هلڻ ‘ ۽ ’لکڻ‘/ وغيره جهڙين صورتن مان صادر نٿو ٿئي يا ڦٽي نٿو نڪري، پر /هَل/،/لِک/ ۽ اهڙيون ٻيون صورتون ئي ڌاتو يا بنيادي صورتون آهن، جن جي پويان /اَڻ يا اِڻ/ پڇاڙيون ملائي، ’هلڻ ‘،’لکڻ ‘ ۽ ’ڊاهڻ ‘ وغيره صورتون ٺاهيون وئيون آهن، تنهنڪري اهڙيون سڀئي صورتون- هلڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڊاهڻ وغيره- ڌاتوءَ يا بنياد طور ڪم نٿيون اچن.، پر اهي ته پاڻ به ڪنهن ڌاتوءَ يا بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، يعني ته اُهي خود صادر ٿيل ٺهيل يا ڦٽي نڪتل صورتون، يعني ڪردنت يا مشتق آهن.

هن سلسلي ۾ غور طلب ۽ اهم نڪتو هي به آهي ته سنڌ جي وياڪرڻين شايد ائين سمجهيو آهي ته مصدر يا ڌاتو فقط فعل جا ئي ٿيندا آهن. پر حقيقت ۾ ڌاتو، فعل جا به ٿين ٿا، وري ڪي اسم به ڌاتو بڻجي ڪردنتن جي ساخت ۾ ڪم ايندا آهن. اهڙي طرح صفتون به ڌاتوءَ طور ڪم اينديون آهن. اسمن مان صفتون ٺهن ٿيون، ۽ صفتن مان اسم ٺهن ٿا. انهيءَ ڪري لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته هر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪري، تنهن کي، ڦٽي نڪتل صورت جو ڌاتو يا بنياد چئبو؛ مثال طور:

/اُٺ/ صورت اسم آهي ۽ /اوٺي/ /لفظ اُن (اُٺ) صورت مان ڦٽي نڪتل ٻي صورت آهي، تنهنڪري /اُٺ/ صورت، /اوٺي/ صورت جو ڌاتو آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻيو به مثال پيش ڪجي ٿو. /ڏاهو/ صفتي صورت آهي ۽ ڏاهپ/ اُن (ڏاهو) مان ڦٽي نڪتل اسم جي صورت آهي. تنهنڪري /ڏاهو/ ٿيو اُن (ڏاهپ) صورت جو ڌاتو. /ڪالهه/ صورت ظرف آهي ۽/ڪالهوڪو/ اُن (ڪالهه) مان ڦٽي نڪتل صورت آهي. تنهن ڪري/ ڪالهه/ (ڪالهوڪو) صورت جو ڌاتو. اهڙا ٻيا به مثال ملي سگهن ٿا، جن جي مدد سان اهو واضح ڪري سگهجي ٿو ته فعل جي اَمري صورت کي، ڌاتو يا مصدر نه چئبو، پر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪرن تنهن کي ڌاتو يا مصدر چئبو.


(1) اهڙي حالت ۾ ’آ‘  زبر حرف جي معنيٰ ڏيکاري ٿي، ترڪيب ۾ ان کي زَبَر اضافت چئي سگهجي ٿو. قابل توجہ نڪتو هي به آهي ته سنڌي ويا ڪرڻ ۾ ’آ‘ (زبَر) اضافت  جو مفهوم، هو بهو فارسي  وياڪرڻ واري ’ا‘ (زير) اضافت جهڙو آهي، سنڌي ۽ فارسي ءَ جي هيءَ نسبت قديم مائٽيءَ يا اثر جو اُهڃاڻ آهي.

(1) Gleason. H. A.. Op Cit.. P.53

(1) Lbid..P.54

* هن عنوان سان مقالو ”نئين زندگيءَ  1966ع ۾ ڇپيو هو، جنهن تي محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب تنقيد ڪئي هئي، انهن ٻنهي صاحبن جي تنقيد کان سواءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي راءِ کي آڏو رکي ان مقالي ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪياو يا آهن.

(1) مرزا قليچ بيگ؛ سنڌي ويا ڪرڻ، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع ص61 ۽ پڻ ڏسو؛  ڀيرومل آڏواڻي؛ وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڪراچي هندو پريس، 1925ع، ص115

(1) مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنو ويو آهي ص61

(2) ايضاً

(3) ڊاڪٽر شوڪت سبزواري: اردو زبان ڪا ارتقا ڊاڪا، پاڪ ڪتاب گهر، 39 پٺواٽولي، 1956ع،ص294

(4) ايضاً

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com