سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :6

(ت) لفظن جي ترتيب (order): سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب فاعل- فعل واريءَ بيهڪ لاءِ ٻيو مکيه نقطو يا اصول لفظن جي ترتيب ۽ بيهڪ آهي؛ مثال طور:

ڇوڪر ڊوڙيو.

اسڪول جا ٻار ميدان تي راند ڪن ٿا.

(i)فاعل- فعل واري سٽاءَ ۽ بيهڪ موجب، فاعل، فعل کان هميشه اڳ ايندو آهي. عام جهيلار، جنهن جو انتخاب واري حصي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اُن جو هڪ مثال به ڏنو ويو آهي، تنهن موجب سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ لاءِ اها ئي ترتيب درست ۽ عام سمجهبي، يعني ته سنڌي ٻوليءَ جي جملي ۾ عام سٽاءَ موجب، فاعل پهرين ۽ فعل پوءِ اچڻ گهرجي، پر جيڪڏهن جملو فعل متعديءَ تي مشتمل هجي، ۽ فاعل ۽ مفعول سان گڏ سندن وڌاءُ به جملي ۾ شامل هجي، ته پوءِ فاعل، اُن کان پوءِ مفعول جو وڌاءُ پوءِ اهڙي جملي جي عام ترتيب هيئن ٿيندي آهي: پهرين فاعل جو وڌاءُ، پوءِ مفعول ۽ اُن کان پوءِ فعل جو وڌاءُ پوءِ فعل ۽ هن ترتيب جي سمجهڻ لاءِ هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:

سنڌ جي هڪ رحمدل حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر ٻَڌايو.

هن جملي جي ترتيب هن ريت آهي:

فاعل جو وڌاءُ

فاعل

مفعول جو وڌاءُ

مفعول

فعل جو وڌاءُ

فعل

سنڌ جي

رحمدل

حاڪم،

ميان،

ڪلهوڙي

غلام شاهه

حيدرآباد جو

شهر

1768ع

۾

ٻڌايو

پر فعل جيڪڏهن لازمي هجي ته پوءِ اُن جملي جي ترتيب هن ريت ٿيندي:

منهنجو ڀاءُ هڪ تمام بهادر ۽ دلير جوان آهي.

فاعل جو وڌاءُ

فاعل

فعل جو پورائو ڪندڙ

فعل

منهنجو

ڀاءُ

هڪ تمام بهادر ۽ دلير جوان

آهي

هن سٽاءَ موجب پهرين فاعل جو وڌاءُ، پوءِ فاعل، پوءِ فعل جو پورائو ڪندڙ/ وڌاءُ سڀ کان آخر ۾ فعل ايندو آهي.

(ii) جهيلار (Intonation) سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب جملي ۾ لفظن جي سٽاءُ، بيهڪ، جهيلار ۽ تنظيم ۾ تيستائين ڪابه تبديل ممڪن نه هوندي آهي، جيستائين اُن جملي ڳالهائڻ ۾، جهيلار ۾ تبديل نه آندي وئي هجي. جڏهن جهيلار ۾ تبديل ايندي آهي تڏهن جملي ۾ ڪم آيل فاعل، مفعول ۽ فاعل جي ترتيب ۽ بيهڪ ۾ تبديل ضرور آڻڻي پوندي؛ تنهنڪري جهيلار ۾ تبديل آئي ته جملي جي سٽاءُ ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ به تبديلي ايندي. ساڳيءَ طرح جملي جي  سٽاءَ ۽ بيهڪ ۾ تبديل ڪئي وئي ته ڳالهائڻ مهل، جهيلار ۾ به ضرور تبديل ايندي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به جملي ۾ جهيلار، ترتيب ۽ بيهڪ ۾ تبديل آڻڻ سان، جملي جي معنى ۽ مفهوم به بدلجي ويندو، جيئن هيٺ ڏنل مثالن مان ظاهر ٿيندو:

عام جهيلار موجب ترتيب

جهيلار ۾ تبديلي آڻبي ته لفظن جي ترتيب ۾ به تبديل ايندي.

ڇوڪر انب کاڌو.

انب ڇوڪر کاڌو.

انب کاڌو ڇوڪر؟

کاڌو ڇوڪر انب؟

ڇوڪر مٺو انب کاڌو

مٺو انب ڇوڪر کاڌو.

ڇوڪر انب مٺو کاڌو.

ڇوڪر کاڌو مٺو اَنب؟

ڇوڪر کاڌو انب مٺو؟

کاڌو مٺو انب ڇوڪر؟

کاڌو ڇوڪر مٺو انب؟

ڇوڪر انب کاڌو ڇا؟

ڇا، ڇوڪر انب کاڌو؟

ڇوڪر انب، ڇا کاڌو؟

انب ڇا، ڇوڪر کاڌو؟

انب ڇوڪر ڇا کاڌو!

کاڌو ڇا، انب ڇوڪر؟

کاڌو ڇا، ڇوڪر انب؟

ڇا انب ڇوڪر کاڌو؟

ڇوڪر انب ڪونه کاڌو.

ڪونه ڇوڪر انب کاڌو؟

ڪونه کاڌو انب ڇوڪر؟

انب ڇوڪر ڪونه کاڌو؟

ڪونه انب ڇوڪر کاڌو؟

ڪونه انب کاڌو ڇوڪر؟

انب کاڌو ڇوڪر، ڪونه؟

انب ڇوڪر کاڌو، ڪونه؟

(iii) سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ موجب ’نه‘ ظرف ناڪاريءَ (ظرف نفي) جي صورت ۾ آهي؛ جيئن:

نه وڃ.

گهر نه وڃ.

نه کاءُ،

ماني نه کاءُ.

پر انهن جملن ڳالهائڻ مهل عام جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان، جملي ۾ ڪم آيل لفظن (صورتن) جي عام ترتيب، بيهڪ ۽ سٽاءَ ۾ به تبديلي آڻبي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ عام جهيلار بدلائڻ سان، ۽ لفظن جي  ترتيب ۾  ڦير ڦار آڻي، ۽ ”نه“ ظرف تي زور ڏيڻ سان، ”نه صورت جو ڪارج ناڪاريءَ مان بدلجي زور ڏيندڙ هاڪاري ٿيو پوي: ۽ ساڳئي وقت اُن جي هاڪاريءَ واري معنى ۽ مفهوم تي وڌيڪ ”زور“ (emphasis) ٿو پوي. جيئن:

عام جهيلار موجب ترتيب

جهيلار ۾ تبديلي ته لفظن جي ترتيب ۾ به تبديلي

نه ٻُڌ.

گهر نه وڃ.

نه کاءُ.

نه ويهه.

ٻُڌ نه!

گهر وڃ نه/ وڃ نه گهر!

کاءُ نه!

ويهه نه!

(iv) ’نه‘ جو تڪراري استعمال سنڌي وياڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپ آهي؛ مثال طور:

غير تڪراري استعمال         تڪراري استعمال

نه! تون ويهه.                   نه نه! تون ويهه.

نه! ويهه.                       نه نه! ويهه.

نه! ڳالهه هيئن آهي.          نه نه! ڳالهه هيئن آهي.

(v) سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽاءَ موجب ظرفي صورت ”ڪالهه“، جملي ۾ فاعل کان پوءِ ۽ مفعول کان  اڳ ايندي آهي، جيئن:

مون ڪالهه ماني کاڌي.

هن جملي ۾ ظرفي صورت ’ڪالهه‘ تي زور ڏنو ويو آهي پر ’ڪالهه‘ لفظ، جڏهن فاعل کان اڳ آڻبو ته جهيلار ۾ به تبديلي ايندي ۽ لفظن جي ترتيب به ڦيرائبي. ائين ڪرڻ سان سڄي جملي جي معنى به بدلجي ويندي، جيئن:

عام جهيلار موجب ترتيب

جهيلار ۾ تبديلي ته لفظن جي ترتيب ۾ به تبديلي

مون ڪالهه ماني کاڌي.

اهڙيءَ طرح:

حيدرآباد جو بنياد سنه 1768ع ۾ پيو.

ڪالهه، مون ماني کاڌي.

مون ماني ڪالهه کاڌي.

سن 1768 ۾، حيدرآباد جو بنياد پيو.

مٿي ساڄي طرف واري پهرئين مثال ۾ عام جهيلار موجب ’ڪالهه‘ ظرف تي زور ڏنو ويو آهي. يعني وقت تي زور ڏنو ويو آهي، پر کاٻي طرف واري جملي ۾ فاعل ’مون‘ تي زور ڏنو ويو آهي؛ يعني: ”ڪالهه مون ماني کائي“ ۽ نه ڪنهن ٻئي لفظ تي پر جملي مان مراد آهي ته وقت ٻڌائجي، يعني ته ”مون، ڪالهه ماني کاڌي هئي“ ۽ نه ڪه اڄ.

(ث) ڳالهائڻ جا لفظ:

(i) نحوي سٽاءُ، ٻوليءَ جي وياڪرڻي صورتن، يعني ڳالهائڻ جي لفظن، جهڙوڪ: اسم، ضمير، صفت، فعل ۽ ظرف وغيره، جي بيهڪ ۽ اڀياس جي باري ۾ به مدد ڪري ٿي. بلومفيلڊ لکي ٿو: ”اهو سمجهڻ هڪ غلطي ٿيندي ته اسان جي ٻوليءَ جا ڳالهائڻ جا اٺ لفظ- اسم ضمير، صفت، ظرف ۽ فعل وغيره- ٻوليءَ جي هر گفتار ۾ ساڳي بيهڪ وٺن ٿا.“ مثال طور: بين الاقوامي وصف موجب ’چڱو‘ لفظ صفت آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ ۽ ترتيب جي اصولن موجب اسم جي اڳيان اچڻ گهرجي، جيئن:(1)

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.

پر سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي جملن ۾ ’چڱو‘ هميشہ اسم موصوف جي اڳيان ڪونه ٿو اچي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن جملن ۾ فعل جي اڳيان به ايندو آهي؛ مثلاً:

گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ ’چڱو‘ لفظ اسم سان نه پر فعل سان لڳي ٿو، ڇو ته هن جملي ۾ ’چڱو‘ لفظ فعل جي اڳيان آيو آهي، ۽ ڪم ڪرڻ جي ريت ٻڌائي ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اهڙي سٽاءَ جنهن ۾ ’چڱو‘ يا اهڙيون ٻيون صورتون جڏهن فعل سان لڳن، تڏهن اُنهن کي صفت نه، پر ظرف چئبو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ٻيا به انيڪ مثال ملن ٿا. هت ڪي ٿورا مثال شاهه لطيف جي ڪلام مان ڏجن ٿا؛ مثلاً:

مٿا مُهاين جا پيا نه ڏسين پَٽَ

(سر ڪلياڻ)

هن مصرع ۾ فعلي صورت ”پيا“ جو عمل رواجي فعل وارو نه آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي نحوي اصولن موجب ”پيا“ فعل هن مصرع ۾ جيڪا بيهڪ وٺيو بيٺو آهي، اُن جي مطالعي کان پوءِ ائين چئبو ته هن مصرع ۾ لفظ ”پيا“ فعل جو ڪم نٿو ڪري، پر اهو دراصل ظرف ٿي ڪم آيو آهي.

اهڙيءَ طرح هيٺيان مثال به ڌيان طلب آهن.

(i) وحده جي وديا،     الاالله اڌ ڪيا.

(ii) وحده جي وديا،    ڪيا الا الله اڌ.

(iii) وحده جي وهانءَ،  جي ويا سي وڍيا.

مٿين ٽنهي مصرعن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته پهرينءَ مصرع ۾ ”وڍيا“ ۽ ”ڪيا“ صورتون فعل نه آهن، پر اهي صورتون اسم مفعول طور ڪم آيون آهن. پر ٻيءَ مصرع:

وحده جي وڍيا،         ڪيا الاالله اڌ.

هن مصرع ۾ لفظ ”ڪيا“، فعل طور ڪم آيو آهي ۽ سندس گردان زمان ماضي مطابق آهي. ٻنهي مثالن جي ڀيٽ هيٺ ڏنل خاڪي ذريعي ڪري سگهجي ٿي:

وحده جي وڍيا،  الا الله اڌ ڪيا.  وحده جي وڍيا، ڪيا الا الله اڌ.

وحده جي وڍيا،     الا الله اڌ ڪيا.     وحدت جي وهانءَ جي ويا سي وڍيا.

ساڄي طرف وارن مثالن ۾، ’ڪيا‘ اسم مفعول جي ’ڪيا‘ فعل متعدي معروف زمان ماضي مطلق سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي. ٻئي مثال ۾ ’وڍيا‘ اسم مفعول جي ’وڍيا‘ فعل سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي.

اهڙيءَ طرح:

هي ڪُٺل ڪُڪڙ آهي.

هي ڪُڪڙ ڪُٺل آهي.

حاصل مطلب ته نحوي سٽاءُ جو اڀياس، ڪنهن به ٻوليءَ جي وياڪرڻي ڍانچي جي اڀياس ۾ انقلابي تبديليون آڻيو ڇڏي، هت في الحال صفت جي ڇنڊڇاڻ، تفصيل سان ۽ مثالن سميت هيٺ ڏني وئي آهي ته جيئن سنڌي زبان جي علم نحو جي سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ معلومات ملي سگهي.

(2) صفت:

(الف) صفت جي وصف بيان ڪندي منشي اَڌارام ٿانور داس لکي ٿو:

”هي گهڻو ڪري اسم جو گڻ ڏيکاريندو آهي، جيئن:

چڱو ماڻهو.

مٺو ڏاڙهون.

صفت، جنس، عدد ۽ حالت ۾ اسم وانگر مٽبي آهي، ۽ گهڻو ڪري صفت جي پڇاڙيءَ ۾ ’او‘ ايندو آهي، جيئن:

گدلو، کارو ۽ کٽو وغيره.

تنهنڪري ’او‘ جي پڇاڙيءَ وارن اسمن وانگر اهي صفتون، ڦرن ٿيون جيئن:

مذڪر موجب گردان            اسم مؤنث موجب گردان

ڏاهو مڙسَ                             ڏاهي زال

ڏاها مڙسَ                             ڏاهيون زالون

ڏاهي مڙسَ جو                         ڏاهيءَ زال جو

ڏاهن مڙسَن جو                         ڏاهين زالن جو

منشي اُڌارام جي راءِ موجب سنڌيءَ ۾، صفت، گهڻو ڪري اسم جي اڳيان ايندي آهي.“(1)

شيخ واحد بخش صاحب لکي ٿو:

”اهو لفظ جو جملي ۾ اسم جي وصف چڱي يا خراب خاصيت يا اُن جو انداز، مقدار يا عدد بيان ڪري، ۽ اُن جي اڳيان واقع ٿئي، اُن کي ’صفت‘ چئبو آهي، ۽ صفت سان لاڳو اسم کي موصوف سڏبو آهي؛ مثال طور:

(i) سيد هوشيار آهي.

(ii) ڪنو پاڻي شهر کان ٻاهر نيڪال ڪرڻ گهرجي.

(iii) ”قدرت انسان کي پنج حواس ڏنا آهن.“ (1)

مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”اهو لفظ جو ڪنهن اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، اُن جي خاصيت (خاص ڳالهه) يا وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي، تنهن کي صفت چئبو آهي.“ (2)

(ب) معلوم ٿو ٿئي ته مرزا صاحب، سنڌي وياڪرڻ ۽ لفظن جي وياڪرڻي صورتن تي ڪافي سوچيو آهي، ۽ پنهنجيءَ وصف ۾ ڪافي گنجائش پڻ رکي اٿن. اهڙيءَ طرح ديوان ڍولي مل ۽ ديوان ڪشنچند گلاب سنگ به صفت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت، گهڻيءَ سوچ کان ڪم ورتو آهي. مثال طور مرزا صاحب هڪ هنڌ مثال ڏيئي سمجهائي ٿو:

مثال1                          مثال 2

هڪڙو ماڻهو.                  هڪڙو آيو ۽ ٻيو ويو.

مرزا صاحب لکي ٿو ته: ”اهي عدد جڏهن پاڻمرادو ڪم اچن، تڏهن اُهي اسم ٿي ڪم اچن ٿا (جيئن مثال 2 ۾ آهي)، پر جڏهن ڪنهن اسم سان لاڳو ٿي، اُن جو عدد يا انداز ڄاڻائين، تڏهن اهي صفت آهن (جيئن مثال پهرين ۾)“ (3)/

سنڌي زبان جا سڀئي ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندي، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ ڳالهائبا آهن، جيڪي اسمن جا گڻ يا اوگڻ ۽ عدد ڏيکاريندا آهن ۽ گڻ اوگڻ يا عدد ڏيکاريندڙ لفظ، ڳالهائڻ وقت فقرن يا جملن ۾ هميشہ اسم جي اڳيان ايندا آهن؛ مثال طور:

(i) ننڍو ڇوڪر.

(ii) ڪاري ٻڪري.

(iii) پنج رڍون.

انهن يا اهڙن ٻين سڀني فقرن يا جملن ۾ ’ننڍو‘، ’ڪاري‘ ۽ ’پنج‘ توڙي اهڙيون ٻيون سڀئي صورتون جيڪي ڳالهائڻ ۾ ’ڇوڪر‘، ’ٻڪري‘ ۽ ’رڍون‘ توڙي ٻين اسمن جي اڳيان اچن ٿيون، سندن پويان ’اچاريل اسمن جو گڻ، اوگڻ، عدد يا خاصيت ڏيکارين ٿيون.

صفت جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ اهي مثال ڪافي نه آهن، پر مٿي ڏنل مثالن جي هيٺ ڏنل فقرن سان ڀيٽ ڪرڻ سان ڪي وڌيڪ حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون؛ جيئن:

مثال 1 (مٿي ڏنل مثال)               مثال 2 (نوان مثال)

ننڍو ڇوڪر                                   ڇوڪر ننڍو

ڪاري ٻڪري                                ٻڪري ڪاري

پنج رڍون                                     رڍون پنج

کاٻي طرف ڏنل فقرن ’ننڍو‘، ’ڪاري‘، ۽ ’پنج‘ صورتون

 ’ڇوڪر‘، ’ٻڪري‘ ۽ ’رڍون‘ اسمن جي پويان رکيون ويون آهن. ٻنهي مثالن جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته ’ننڍو ڇوڪر‘، ’ڪاري ٻڪري‘ ۽ ’پنج رڍون‘ فقرن ۾، ’ننڍو‘، ’ڪاري‘ ۽ ’پنج‘ صورتون، ’ڇوڪر‘، ’ٻڪري‘ ۽ ’رڍون‘ اسمن جا گڻ، خاصيتون ۽ عدد ڏيکارين ٿيون: پر ’ڇوڪر‘ ’ننڍو‘، ’ٻڪري ڪاري‘ ۽ ’رڍون پنج‘ فقرن ۾، ’ننڍو‘، ’ڪاري‘ ۽ ’پنج‘ صورتون، اسمن ۽ اُنهن جي خاصيتن طرف ڪوبه اشارو نٿيون ڪن، تنهنڪري انهيءَ حالت ۾، اهي صورتون صفت وارو مفهوم ادا نٿيون ڪن.

اهڙي طرح:

چڱو ماڻهو ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ ’چڱو‘ يا اهڙين ٻين صورتن جي ترڪيب ڪندي هروڀرو اها دعوى ڪرڻ نه کپي، ته اهڙين سڀني صورتن- چڱو، سٺو، اڇو ۽ ڪارو وغيره- کي وياڪرڻ جي اصولن موجب صفت ڪوٺي سگهجي ٿو، پر انهن صورتن کي ’وياڪرڻي نالي‘ (label) ڏيڻ کان اڳ، ڏسڻو پوندو ته ’چڱو‘ توڙي اُن جهڙيون ٻيون صورتون جملي ۾ يا فقري ۾، ڪهڙو ڪارج ادا ڪن ٿيون. فقري يا جملي ۾، اهڙين صورتن جي بيهڪ وياڪرڻ جي لحاظ کان تمام اهم آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته جاچڻ گهرجي ته بحث هيٺ آيل صورتون- چڱو وغيره- ڳالهائڻ مهل جملي ۾ يا فقري ۾، اسم کان اڳ اچن ٿيون يا اسم کان پوءِ. مٿي جيڪو جملو مثال طور ڏنو ويو آهي، سو هي آهي:

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ ’چڱو‘ صورت جي ترڪيب ڪندي، اُن کي صفت ڪوٺبو، ڇاڪاڻ ته مٿئين جملي جي سٽاءَ ۾، ’چڱو‘ صورت ’گهوڙو‘ اسم جي بلڪل اڳيان ۽ اُن جي ڀر ۾ آيل آهي. اُن اسم جي باري ۾ ڪجهه وضاحت ڪري ٿي، پر ساڳئي جملي ۾ جيڪڏهن لفظن جي بيهڪ ڦيرائي، ’چڱو‘ صورت کي ’گهوڙو‘ صورت کان پوءِ، ۽ فعل جي اڳيان آڻبو ته جملي جي بيهڪ هيئن ٿيندي:

گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

هن جملي ۾ ’چڱو‘ لفظ جو وياڪرڻي ڪارج صفت وارو نه، پر بدليل آهي. ٻئي جملا ڀيٽ ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:

چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.          گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.

کاٻي طرف واري جملي ۾ ’چڱو‘ صورت، اسم جي اڳيان نه، پر فعل جي اڳيان آيل آهي، ۽ فعل جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي ٿي. ’چڱو‘ صورت جي انهيءَ بيهڪ مان ’ڊوڙي ٿو‘ فعل بابت سوال اُٿن ٿا: گهوڙو ڪيئن ٿو ڊوڙي؟ پهرئين مثال ۾ ’چڱو‘ صورت جڏهن ’گهوڙو‘ صورت جي اڳيان آئي، تڏهن ’گهوڙي‘ جي باري ۾ سوال پڇيا ويا: ڪهڙو گهوڙو؟

انهيءَ بيان جي اڀياس کان پوءِ ظاهر ٿو ٿئي ته ’چڱو‘ صورت جي، هن جملي ۾، وياڪرڻي بيهڪ صفت واري نه آهي. هن حالت ۾ اُن جي ڪارج مان گڻ يا خاصيت جي باري ۾ ڪو جواب نٿو ملي، پُر ريت جي باري ۾ خبر پوي ٿي؛ تنهنڪري ياد رکڻ گهرجي ته جيڪا صورت فعل جي ريت متعلق ڄاڻ ڏئي، تنهن کي ’صفت‘ نه چئبو، پر اُن کي ’ظرف‘ ڪوٺبو. هن بحث کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ ’چڱو‘ يا اهڙين ٻين صورتن جا، جملن ۾ سندن بيهڪ سميت، ڌار ڌار مثال ڏجن ٿا:

’گڻ‘ ڏيکارڻ واري بيهڪ            ’ريت‘ ڏيکارڻ واري بيهڪ

احمد چڱو ماڻهو آهي.         احمد ماڻهو چڱو آهي.

سٺو ٻار روزانه پڙهندو آهي.     ٻار روزانه سٺو پڙهندو آهي.

هيءَ ڪاري ٻڪري آهي.     هيءَ ٻڪري ڪاري آهي.

مٿئين بحث جي مطالعي لاءِ تشريحي لسانيات(Descriptive Iinguistics)  جي اصولن کي مڃڻ ضروري آهي. تشريحي لسانيات جي مدد سان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪي وياڪرڻي صورتون، انفرادي حيثيت ۾، وياڪرڻ ۾ هڪڙو ڪارج ڏيکارين ٿيون، پر اُهي ئي صورتون جڏهن فقرن يا جملن ۾ ڳالهائبيون آهن، تڏهن اُنهن جو ڪارج، فقري يا جملي ۾ سندن بيهڪ پٽاندڙ، بدليل هوندو آهي. مثال طور وياڪرڻي صورت ’هي‘، سنڌي وياڪرڻ موجب، ضمير آهي، پر فقري يا جملي ۾ اها صورت جڏهن ڪنهن اسم جي اڳيان ايندي آهي، پر فقري يا جملي ۾ اها صورت جڏهن ڪنهن اسم جي اڳيان ايندي آهي، تڏهن اها صورت اِن حالت ۾، ضمير نه، پر صفت جو مفهوم ادا ڪندي آهي؛ جيئن:

ضميري ڪارج                صفتي ڪارج

هي هوشيار ڇوڪرو آهي.      هي ڇوڪرو، هوشيار آهي.

هُو ماني کائي ٿو.            هُو ماڻهو ماني کائي ٿو.

(2) روايتي (traditional) وياڪرڻ موجب، ’منهنجو‘ ۽

’پنهنجو‘ صورتون به ضمير آهن، ۽ وياڪرڻ جي سڀني ماهرن انهن کي ضمير ڪوٺيو آهي، پر فقرن يا جملن ۾، انهن صورتن جي بيهڪ پٽاندر، انهن جي معنى ۽ ڪارج جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن روايتي وياڪرڻ واريءَ وصف کي قبول نه ڪرڻ لاءِ ڪافي دليل ملن ٿا. هيٺين جملن ۾ انهن صورتن جا مثال ڏجن ٿا:

مثال (1)                       مثال (2)

هي منهنجو ڪتاب آهي.     هي ڪتاب، منهنجو آهي.

منهنجو گهوڙو ڊوڙي ٿو.      گهوڙو، منهنجو ڊوڙي ٿو.

پنهنجو پئسو ڪم ايندءِ.     پئسو، پنهنجو ڪم ايندءِ.

مٿين مثالن ۾، مثال نمبر پهرئين جي، مثال نمبر ٻئي سان، ڀيٽ ڪرڻ سان، ’منهنجو‘ ۽ ’پنهنجو‘ صورتن ۾ وياڪرڻي حيثيت چٽي ٿيو پوي. روايتي وياڪرڻي موجب اِهي ضمير آهن. اهڙن ضميرن لاءِ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”جيڪي ضمير صفت ٿي ڪم اچن تن کي ضميري صفت چئبو آهي. (1)

مرزا صاحب جيڪا وصف ڏني آهي، تنهن مان اهو پڌرو ٿيو پوي ته مٿين جملن ۾ ’منهنجو‘ ۽ ’پنهنجو‘ صورتون صفت جو ڪارج ادا ڪن ٿيون ۽ نه ڪه ضمير جو.

(3) سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي ماهرن’لکيل‘

’پڙهيل‘ ۽ ’پڪل‘ توڙي اهڙين ٻين صورتن کي اسم مفعول سڏيو آهي. حقيقت ۾ جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي وياڪرڻ ۾ ڪي صورتون، انفرادي حيثيت ۾، وياڪرڻي ڪارج هڪڙو ڏيکارين ٿيون، پر فقرن ۽ جملن ۾ نحوي بيهڪ جي اصولن موجب انهن جي وياڪرڻي حيثيت ۾ وڏو فرق اچيو وڃي. هيٺ ڏنل مثالن مان ثابت ٿيندو ته فقرن ۽ جملن ۾ ’لکيل‘،  ’پڙهيل‘ ۽ ’پڪل‘ وغيره صورتون، اسم مفعول جي حيثيت ۾ بلڪل ڪم نٿيون اچن، پر اُهي صفت جو مفهوم ادا ڪن ٿيون. هن دعوى لاءِ هيٺ ڏنل جملن جو اڀياس وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو:(2)

          مثال (1)                           مثال (2)

هي خط لکيل آهي.             هي لکيل خط آهي.

هي ڇوڪر پڙهيل آهي.          هي پڙهيل ڇوڪر آهي.

هي انب پڪل آهي.             هي پڪل انب آهي.

پهرئين مثال ۾ ’لکيل‘، ’پڙهيل‘ ۽ ’پڪل‘ صورتون وقت ٻڌائين ٿيون، ۽ انهيءَ ڪري سندن لاڳاپو فعل سان آهي؛ پر ٻئي مثال ۾ ’لکيل‘ ’پڙهيل‘ ۽ ’پڪل‘ صورتون ’خط‘، ڇوڪر ۽ ’انب‘ اسمن جي باري ۾ اُپٽار ڪن ٿيون. ’خط‘، ڇوڪر‘ ۽ ’انب‘ صورتون جيئن ته اسم آهن، تنهنڪري اُهي صورتون جيڪي اسمن جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائين ۽ جملي يا فقري ۾ اُنهن جي اڳيان اچن. اهڙين صورتن کي ’صفت‘ چئبو آهي. انهيءَ ڪري ٻئي مثال وارن جملن ۾ ’لکيل‘، ’پڙهيل‘ ۽ ’پڪل‘ صورتون اسم مفعول نه، پر صفت جو ڪارج ادا ڪن ٿيون.

(4) سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جو اڀياس ڪندي، زماني ماضيءَ جا ڪي فعل ڪن جملن ۾ اهڙي بيهڪ وٺن ٿا، جو اُهي، اُن حالت ۾، فعل نه، پر صفت ٿي ڪم اچن ٿا؛ جيئن:

فعل               مثال1                       مثال 2

کٽيو           مون داءُ کٽيو.          کٽيو تنهنجو گهوريو.

ڏڌو             مون کير ڏڌو.          ڏڌو کير ٿڻين نه پوي.

ڇُٽو            تير ڇٽو .             ڇُٽو تير واپس ڪين موٽي.

مٿين جملن ۾ مثال ٻئين ۾ ’کٽيو‘، ’ڏُڌو‘ ۽ ’ڇٽو‘ صفتون آهن.

(5) سنڌي وياڪرڻ موجب ’لڳڻي‘، ’مارڻو‘، ’ويڙهو‘ ۽ ڳالهائيندڙ‘ صورتون اسم فاعل آهن. سنڌي وياڪرڻ جي ماهرن، ديوان ڪشچند گلابسنگ گدواڻي ۽ ديوان ڏيارام وسڻمل مير چنداڻيءَ پنهنجي ڪتاب سنڌي وياڪرڻ ۾، ’لکندڙ‘ صورت کي اسم فاعل ليکيندي فرمائين ٿا (1):

هن ڪتاب جو لکندڙ ڪاليداس آهي:

اهڙيءَ طرح هُو ’لکندڙ‘ صورت کي اسم فاعل سڏين ٿا. پر ڪجهه سوچ کان پوءِ، انهيءَ ساڳي صورت کي ٻئي جملي ۾، ٻيءَ جاءِ تي ڏسي، اُن جي ٻي معنى ۽ ٻيو ڪارج محسوس ڪري، هنن پنهنجي ڪتاب ۾ مٿينءَ وصف کي پاڻ ڦيرايو آهي. اهو جملو هي آهي:(3)  (2)

ڳائيندڙ ڇوڪريءَ کي انعام مليو.

هن جملي ۾ ’ڳائيندڙ‘ صورت جي معنى، مٿئين جملي ۾ ’لکندڙ‘ صورت واري معنى بلڪل نه آهي. اڃا به ’لکندڙ‘ صورت جو ڪارج معلوم ڪرڻ لاءِ ٻه ڌار ڌار مثال ڏجن ٿا:

             مثال 1                 مثال 2

هن ڪتاب جو لکندڙ ڪاليداس     لکندڙ ڇوڪريءَ کي انعام مليو آهي.

ٻنهي جملن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ظاهر ٿو ٿئي ته مثال نمبر ٻئين ۾ ’لکندڙ‘ صورت صفت آهي ۽ نه ڪي اسم فاعل، تنهنڪري ٻئي فاضل لکن ٿا ته:

”هن جملي ۾ ’ڳائيندڙ‘ لفظ ’ڳائڻ‘ مان نڪتو آهي ۽ ڏيکاري ٿو ته ڳائڻ جو ڪم ڪير ٿو ڪري، تنهنڪري اُن لفظ کي اسم فاعل چئبو؛ پر هتي ’ڳائيندڙ‘ لفظ ڇوڪريءَ سان لڳي ٿو ۽ صفت جو ڪم ڪري ٿو.“ (4)

اهڙيءَ طرح ’مارڻو‘، ’ويڙهو‘ ۽ ’لڏندڙ‘ لفظ به صفت جو ڪم ڪن ٿا، جيئن:

          مثال 1                               مثال 2

هي ڍڳو مارڻو آهي.                    هي مارڻو ڍڳو آهي.

هي ماڻهو ويڙهو آهي.                 هي ويڙهو ماڻهو آهي.

پينگهو لڏندڙ آهي.                    لڏندڙ پينگهو ڀڄي پيو.

هيءَ ٻيڙي لڳڻي آهي.                هيءَ لڳڻي ٻيڙي آهي.

مٿي مثال نمبر ٻئين ۾ ’مارڻو‘، ’ويڙهو‘، ’لڏندڙ‘ ۽ ’لڳڻي‘

 لفظن جو ڪارج صفت وارو آهي. سنڌي لوڪ گيتن ۾ به اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا؛ جيئن:

سُتڙي ڪُتڙي ڇيڙ نه ڪجي.

هن مصرع ۾ ’سُتڙي‘ لفظ صفت طور ڪم آيو آهي ۽ ڪُتي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو.

(6) سنڌي وياڪرڻي جي ماهرن، روايتي وياڪرڻي موجب، ’اسم استقبال‘ جي سري هيٺ جن صورتن کي پيش ڪيو آهي، انهن ۾ ’وڃڻو‘ ۽ ’ڪرڻو‘ وغيره صورتون به اچي وڃن ٿيون؛

مثال طور:

ڇوڪر ٻاهر وڃڻو آهي.

منهنجو دوست اچڻو آهي.

مون کي توسان حساب ڪرڻو آهي.

روايتي وياڪرڻ موجب انهن صورتن- وڃڻو، اچڻو ۽ ڪرڻو- کي اسم استقبال چئبو آهي، پر انهن ساڳين صورتن- وڃڻو، اچڻو ۽ ڪرڻو- جي ٻين جملن ۾ بيهڪ جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ محسوس ڪبو ته اهي صورتون صفت طور به ڪارج ڏيکارين ٿيون. ديوان ڪشنچند ۽ ديوان ڏيارام لکن ٿا:

”هاڻي ’وڃڻو‘، ’ڪرڻو‘ ۽ اهڙي قسم جون ٻيون صورتون، ڏيکارين ٿيون ته ڪم، ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي. اهڙا لفظ بعضي صفت بعضي اسم جو ڪم ڪن ٿا.“ (1)

ٻئي ماهر اڳتي هلي صفحي 98 تي اسم استقبال جي وصف بيان ڪندي لکن ٿا:

”اهڙا لفظ جي فعل مان نڪتل هجن ۽ صفت يا اسم جو ڪم ڏين، ۽ ڏيکارين ته ڪم ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي تن کي اسم استقبال چئجي ٿو.“ (2)

هيٺ ڏنل مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته ’اچڻو‘، ’وڃڻو‘ ۽ ’ڪرڻو‘ وغيره صورتون اهو بلڪل نٿيون ڏيکارين ته ڪو ڪم، ايندڙ وقت ۾ ٿيڻو آهي، پر اُن جي برعڪس اهي صورتون جملن ۾ پنهنجي بيهڪ موجب موصوف جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائين ٿيون؛ مثلاً:

i. وڃڻي شي نيٺ وئي.

ii. اچڻو اجل ڪير روڪي.

اهڙيءَ طرح جملي ۾ لفظن جي ڦير ڦار سان ’وڃڻو‘ ۽ ’اچڻو‘ صورتون صفتي ڪارج ڏيکارين ٿيون، جيئن:

اسم استقبال واري بيهڪ             صفت واري بيهڪ

ڇوڪري ڪراچيءَ وڃڻي آهي.         وڃڻي شيءِ نيٺ وئي.

ڇوڪر اچڻو آهي.                      اچڻو اجل ڪير روڪي.

(7) سنڌي روايتي وياڪرڻ موجب ’کٽائيندڙ‘،  ويڙهائيندڙ‘، ڊوڙائيندڙ‎‘ ۽ اهڙيون ٻيون صورتون اسم فاعل (Noun of agency) ڪوٺبيون آهن؛ جيئن:

(i)هيءَ موسم کَٽائيندڙ آهي.

(ii)هي ماڻهو ويڙهائيندڙ آهي.

پر مٿي ڏنل جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ڦيرائڻ سان ’کٽائيندڙ‘، ’ويڙهائيندڙ‘ ۽ ڊوڙائيندڙ صورتون صفت طور به ڪم اچن ٿيون، جيئن:

(i)هيءَ ’کٽائيندڙ‘ موقعو آهي.

(ii)هي ’ويڙهائيندڙ‘ ماڻهو آهي.

مٿي ڏنل ٻنهي بيهڪن جي ڀيٽ لاءِ هيٺ جملا ڏجن ٿا:

         اسم فاعل (Noun agency) صفتي ڪارج

هيءَ موقعو کٽائيندڙ آهي.        هيءُ کٽائيندڙ موقعو آهي.

هي ماڻهو ويڙهائيندڙ آهي.       هي ويڙهائيندڙ ماڻهو آهي.

مٿئين بحث مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ وياڪرڻي صورتون، نحوي سٽاءَ ۾ انفرادي طور ڏيکاريل ڪارج کان، ڌار ڪارج ادا ڪن ٿيون.

(8) سنڌي ٻوليءَ جي نحو سٽا موجب فاعل- فعل تنظيم جو ٽين مکيه خصوصيت، ’ترميم‘ (Modification) آهي. هن خصوصيت موجب، ڪنهن به گفتار ۾ فاعل ۽ فعل جي ميلاپ وقت، صوتي تبديل ايندي آهي؛ پر جيڪڏهن فاعل ۽ فعل الڳ الڳ اُچاربا ته پوءِ انهن ۾ ڪنهن به صوتي تبديليءَ جو امڪان ڪونهي. جيئن:

الڳ الڳ اُچار                 گڏيل اُچار

مون وٽ پين ڪانه آهي.      ون وٽ پين ڪانهي.

مون وٽ پئسو ڪونه آهي.    مون وٽ پئسو ڪونهي.

هو ڇا آهي؟            هُو ڇاهي؟

هُو ڪراچي ويا آهن.   هُو ڪراچي ويا هِن.

هو مدد ڪندو اٿن     هو مدد ڪندنِ.

هُو ڪتاب ڏيندو اٿن.  هو ڪتاب ڏيندنِ.

اهو مطالعو سنڌي جي قانون سان واسطو ٿو رکي.

(ج) جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا: (Immediate constituents)

هاڻ ڏسڻو آهي ته ڪنهن جملي يا فقري جا اهم جزا ڪهڙا ڪهڙا آهن ۽ انهن اهم جزن/ ڀاڱن (Immediate constituents) جي ڇيد ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ’اصول اختيار ڪرڻ کپي؟ ڪنهن جملي يا فقري جو ڀاڱيوار ڇيد ڪرڻ سان، ٻوليءَ جي نحوي بناوتن ۽ نحوي صورتن جي وياڪرڻي ڪارج جي خبر پوي ٿي. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاهي ته هيٺ ڏنل فقري جو ڇيد ڪري ته کيس اهو (ڇيد) هيٺ موجب ڪرڻو پوندو:

اسان جا گهوڙا اڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا.

هن جملي ۾ ست لفظ آهن:

اسان

جا

گهوڙا

اڄ

ميدان

تي

ڊوڙن ٿا

انهن مان هر هڪ لفظ جو ٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان لاڳاپو آهي. انهن لفظن جي اندروني لاڳاپي ۽ نسبت ڏيکارڻ لاءِ، مٿئين جملي جي نحوي بناوت تي روشني وجهجي ٿي. انهيءَ جملي جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته ان ۾ ’اسان جا‘ ۽ ’گهوڙا‘ لفظن جي وچ ۾ سڌو سنئون لاڳاپو آهي. ’اسان جا‘ ۽ ’اڄ‘ لفظن جي وچ ۾ اهڙو ڪوبه سڌو سنئون لاڳاپو ڪونهي. پڙهندڙ شايد ائين سمجهن ته ڇاڪاڻ ته ’اسان جا‘ ۽ ’گهوڙا‘ صورتون هڪٻئي جي ڀر ۾ بيٺل/ آيل آهن. تنهن ڪري اهي هڪ ٻئي سان لاڳاپو رکن ٿيون، پر ائين نه آهي، هن جملي ۾ ’گهوڙا‘ ۽ ’اڄ‘ لفظ ته هڪ ٻئي جي ڀر ۾ بيٺل آهن، پر انهن جي وچ ۾ به اهڙو ڪوبه لاڳاپو ثابت نٿو ٿئي. مٿئين جملي ۾ جيڪي لفظ هڪٻئي سان تمام گهڻو ۽ گهاٽو لاڳاپو رکن ٿا، اُهي آهن:

اسان جا گهوڙا

ميدان تي

اڄ ڊوڙن ٿا

انهن لفظن ۾ هر هڪ لفظ، لاڳاپيل ڀاڱي جو هڪ ڀاتي (member) آهي. اهڙيءَ طرح هر گفتار، جملو يا فقرو ڪن اهم ڀاڱن ۾ تقسيم ٿي سگهي ٿو. اهم ڀاڱو (Immediate constituents) انهن ٻن يا وڌيڪ ڀاڱن مان هڪ هوندو آهي، جن سان جملو، گفتار يا فقرو جڙيل هوندو آهي. (1)

مٿي ڏنل جملي:

اسان جا گهوڙا ڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا/.

کي جن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، اُهي آهن:

هڪ/ اسان جا گهوڙا/ ۽ ٻيو/ اڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا.

پر جيڪڏهن ڪو صاحب مٿئين جملي کي/ اسان جا/ ۽ گهوڙا اڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا/ جزن ۾ ڀڃندو ته سندس اهو ڇيد درست نه سمجهبو. ڇو ته سنڌي ٻوليءَ جي.

نحوي سٽاءَ موجب ڇيد ٿيندو:

اسان جا گهوڙا/ اڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا.

وري اڳتي جڏهن ’اسان جا گهوڙا‘ جُزي جو ڇيد ڪبو ته هن فقري جا اهم جزا ٿيندا: اسان جا ۽ گهوڙا

اهڙيءَ طرح:

اڄ ميدان تي ڊوڙن ٿا.

حصي کي جڏهن اڳتي مکيه ڀاڱن ۾ ڀڃبو ته ان حصي جا اڳتي هي ڀاڱا ٿيندا:

اڄ ميدان تي ۽ ڊوڙن ٿا.

وري/ اڄ ميدان تي/ فقري جا ڀاڱا ڪبا ته ان جا اڳتي مکيه ڀاڱا ٿيندا:

اڄ ۽ ميدان تي

ميدان/ تي (1)

 

اهڙيءَ طرح وڏن مرڪب جملن جو به ڇيد ڪري، انهن جا اهم ڀاڱا ڄاڻائي سگهجن ٿا، مثال طور:

سهڻيءَ سنڌ جي هڪ سخي حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، 1768ع ۾ حيدرآباد ۾، هڪ مضبوط وڏو قلعو اڏايو.

هن جملي ۾ ڇيد ڪرڻ سان جيڪي اهم جزا ٿين ٿا سي هن ريت آهن:

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 


(1) Bloomfield, L., Op.198

(1) منشي اُڌارام ٿانور داس: سنڌ وياڪرڻ، ڪراچي، گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو، 1892ع، ص ص 3، 15 ۽ 65.

(1) شيخ واحد بخش: سنڌي صرف و نحو، حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد برادرس، 56، 1955ع، ص 28.

(2) مرزا قيلچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع، ص 5.

(3)  ايضاً ص 48.

(1) مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع ص 49.

(2) ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو 2، حيدرآباد، موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، 1937ع، ص ص 76-78

(1) ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي. ص 103

(2) ايضاً، ص 103

(3) ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي. ص 103

(4) ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: حوالو ڏنل آهي.

 

(1) ڪشنچند گلابسنگ گدواڻي: حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي. ص 97.

(2)ايضاً.

(1) Gleason. H. Op. Cit., P. 137

(1) Nida. Op. Cit. P. 87.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com