امداد حسيني صاحب، جنهن گرامر طرف اشارو ڪيو آهي
اُهو ڇهين ڪلاس واري ڪورس جو گرامر آهي ۽ نه ڪه
اهو سٽاءُ، جيڪو ٻوليءَ سان گڏوگڏ وجود ۾ آيو.
اسان ڇهن مهينن جي ٻار جي ٻوليءَ جو مطالعو
ڪنداسين ۽ هُو جيئن جيئن، پهرين آواز، پوءِ لفظ،
پوءِ جملا ڳالهائڻ سکي ٿو؛ انهيءَ سٽاءُ تي غور
ڪنداسين، ته اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته ٻار ننڍپڻ
کان ئي ٻوليءَ جي ڪنهن سرشتي، ڪنهن سٽاءُ ۽ ڪنهن
تنظيم جي ترتيب موجب، لفظن کي اڳيان ۽ پٺيان
بيهاري ٿو. انهيءَ ڪري چئبو ته ٻولي ڪنهن سٽاءُ
جو، ڪنهن تنظيم جو، ۽ ڪنهن سرشتي جو نالو آهي.
ان قدرتي نظام کي، ڪنهن قانون ۽ اصول کان سواءِ،
ڦيرائي يا تبديل ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري ائين
چيو ويو آهي ته ”ڪنهن به ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ سرشتي
جو مطالعو معنيٰ، اُن ٻوليءَ جي صوتياتي نظام،
صرفياتي سٽاءُ ۽ نحوي اصولن جو مطالعو.“ هن ڏس ۾
پروفيسر جتوئي فرمائي ٿو:
”ڪنهن به نظام کي سڌو سنئون ٻاهران جاچي نه ڏسبو
آهي، پر ان کي جُزن ۾ ورهائي، ڇيد ڪري، ان جي عملي
ڪاروائيءَ جو جائزو ورتو ويندو آهي. ٻوليءَ جي
سٽاءَ سمجهڻ لاءِ به هُوبهو ائين ڪيو ويندو آهي.
پهريائين اُن جا مختلف آواز معلوم ڪبا آهن، پوءِ
اُنهن جو ميل ميلاپ ۽ لڳ لاڳاپو ڳولهي لهبو آهي،
اُن بعد انهن جي عملي ڪاروائي جاچبي آهي. انهيءَ
عملي ڪاروائي مان بدستور پدن جو پيدا ٿيڻ ۽ لفظن
جو جُڙڻ جاچي لهبو آهي؛ آخر ۾ جملن ۾ لفظن جي ملي
۽ ٺهڪي اچڻ وارو نظام بيان ڪبو آهي. ٻوليءَ جي
انهيءَ تنظيم جو ٻيو نالو، گرامر آهي.“
پروفيسر جتوئي توڙي ٻين ماهرن جي هن قسم جي راءِ
مان ظاهر آهي ته ٻولي علامتن (صوتياتي ۽ وياڪرڻي)
جي هڪ تنظيم آهي، هڪ سٽاءُ آهي، هڪ سرشتو آهي.
اسان جيڪي ڪجهه ڳالهايون ٿا، تنهن جو تعلق ٻاهرين
عملي دنيا جي شين، واقعن ۽ وهنوار سان آهي. اسان
جي هر گفتي ۽ گفتار کي معنيٰ آهي ۽ مفهوم آهي.
اسان جيڪي لفظ آکيون ٿا تن کي ڪا معنيٰ آهي. اهي
لفظ ظاهري (لفظي) ۽ معنوي مفهوم ظاهر ڪن ٿا.
پروفيسر جتوئي مثال ڏيندي لکيو آهي ته ”جڏهن اسين
چئون ٿا ته ’ڪتو اچي ٿو‘ تڏهن لفظ ’ڪتو‘ هوبهو
شيءِ نه آهي، پر اُن خاص شيءِ جي علامت آهي، ۽ اُن
علامت مان خاص معنيٰ نڪري ٿي اهڙيءَ طرح ’اچي ٿو‘
هوبهو ’واقعو‘ نه آهي. پر ان خاص واقعي جي علامت
آهي، جا هڪ خاص معنيٰ ظاهر ڪري ٿي.“
انهن معنائن کي پنهنجو مقصد ٿيندو آهي ۽ پنهنجو
مفهوم هوندو آهي. انهن معنائن کي پنهنجو ماحول
ٿيندو آهي ۽ پنهنجو معنوي ڪارج ٿيندو آهي. ’ڪتي‘
جي لفظي معنيٰ هڪڙي ته معنوي ڪارج ٻيو، اسان جي
ٻوليءَ ۾ هڪڙو لفظ آهي، ’پاٺ‘. انهيءَ لفظ_ پاٽ_
کي ڌار ڌار ڪارجن ۾ استعمال جي ڪري ’چٺ‘ به چئبو
آهي، ته ’ڦيلهي‘ به چئبو آهي. اهڙيءَ طرح ڌار ڌار
حالتن ۾ لفظ جي معنوي حيثيت بدلجي ويندي آهي.
هن دعويٰ مان هي ثابت ٿو ٿئي ته هر علامت ۽ اُن جي
معنيٰ ۾ ڪو لاڳاپو آهي. ۽ ڪو سنٻنڌ آهي، جيڪڏهن
اها علامت يا اهو لفظ، پنهنجي مقرر ڪيل جاءِ تان
هٽائي، ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي ڪم آڻبو ته اُن جي
اصلوڪيءَ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ فرق اچي ويندو، تنهنڪري
امداد حسيني صاحب جي هيءَ دعويٰ ته ”لفظن جو جڙاءُ
سٽ جو سٽاءُ آهي، ٻئي اندر مان نڪتل آهن ۽ گرامر
ٻاهرين شيءِ آهي.“فقط
هڪ شاعرانه سوچ ۽ تخيل جو پرواز آهي، جنهن ۾ حقيقت
گهٽ آهي؛ ڇوته سائنس ’ڇو ۽ ڪيئن‘ سوالن جا جواب
ڏيئي ٿي. ٻولي هڪ سائنس آهي، جيئن مٿي چيو ويو
آهي، جنهن ۾ تخيل جو پرواز گهٽ، پر اُن ۾ حقيقت جو
دخل وڌيڪ آهي.
ڪنهن به تنظيم لاءِ باقاعدگي ۽ تسلسل ضروري هوندو
آهي ته جيئن هڪ حصي جو، ٻئي حصي سان واسطو هجي؛ هڪ
جُز جو ٻئي جُز سان رابطو هجي ته جيئن اُن تنظيم
يا نظام ۾، تسلسل قائم رهي. ٻوليءَ جو سرشتو ۽
نظام به ائين آهي، جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ٻولي
آوازن جو هڪ سرشتو آهي. انهن آوازن جي اُچارڻ لاءِ
به ڪو سرشتو ڪم ڪندو آهي. اُن سرشتي جي اڀياس کي
’علم صوتيات‘ نالو ڏنو ويو آهي.
4_ علم صوتيات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قدرت
آوازن جي اُچارڻ لاءِ، ڳالهائڻ جي عضون_ زبان ۽
مخرجن_ کي اهڙي نموني سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون
بيهاريو آهي جو انهن جي ڌار ڌار حصي جي ميلاپ سان،
ڌار ڌار آواز اُچاري سگهجن ٿا. علم صوتيات جي
شاگردن کي معلوم آهي ته نرم تارونءَ وٽ، آوازن جي
اُچارڻ لاءِ، زبان جو ڪهڙو حصو نرم تارونءَ سان
ملي ٿو؛ سخت تارونءَ وٽ آوازن جي اُچارڻ لاءِ زبان
جو ڪهڙو حصو سخت تارونءَ سان ملندو آهي، اهڙي طرح
مورڌني آوازن جي اُچارڻ لاءِ زبان ۽ وات جي ڇت جو
ڪهڙو حصو پاڻ ۾ ملندا؟ اهو سڀ ڪجهه هڪ مقرر ڪيل
نظام موجب ٿئي ٿو. صوتيات جي علم جي مدد سان خبر
پوي ٿي ته ڪهڙي سبب جي ڪري برصغير جا ماڻهو عربيءَ
جا آواز (ث، ع، ح، ط، ظ، ض، ع، ق، خ ۽ غ) عربن
وانگر اُچاري نه سگهندا آهن. مطلب ته ڌار ڌار
آوازن جي اُچارڻ لاءِ، قدرت ڳالهائڻ جي عضون جي
بيهڪ به اهڙي نموني بيهاري آهي، جو دنيا ۾، جدا
جدا ملڪن ۾، اُتي جا ماڻهو، اُتي جي جاگرافيائي،
تهذيبي ۽ تمدني حالتن مطابق، پنهنجي زبان جا آواز
اُچاري سگهندا آهن.
جهڙيءَ طرح آوازن جي اُچارڻ لاءِ، ڳالهائڻ جي عضون
جي طبعي بناوت ۽ بيهڪ جو هڪ نظام آهي، جنهنڪري خاص
گروهه جا آواز، ڪنهن خاص مخرج تان ئي اُچاري سگهبا
آهن، ۽ اُن مخرج وارا آواز، ڳالهائڻ جو ڪو ٻيو
عضوو اُچاري نه سگهندو آهي، تهڙيءَ طرح وري ڌار
ڌار اُچاريل آوازن کي ملائڻ سان، پدن ۽ لفظن جي
ٺاهڻ لاءِ به ڪو سرشتو ڪو قانون هوندو آهي. اهڙي
سرشتي ۽ اهڙي نظام کي ’صوتياتي نظام‘ يا صوتياتي
سرشتو چئبو آهي. صوتياتي نظام جي واقفيت سان خبر
پوندو آهي ته ڪهڙو آواز لفظ جي منڍ ۾ اچي سگهندو
آهي، ڪهڙو آواز لفظ جي وچ ۾ ايندو آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا
آواز لفظ جي آخر ۾ اچي سگهن ٿا.
سنڌ ۾ هر پڙهيل ماڻهوءَ کي خبر آهي ته سنڌي زبان
جو ڪوبه لفظ (ڻ، ڃ، ڱ ۽ ڙ) آوازن سان شروع ڪونه
ٿيندو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها به ڄاڻ آهي ته
سنڌي زبان جي هر لفظ جي آخر ۾ ڪونه ڪو سر
(Vowel)
ضرور ايندو آهي، يعني سنڌي زبان جي هر لفظ جي آخر
۾ ساڪن وينجن هرگز ڪم نه ايندو آهي، پوءِ چاهي اهو
وينجن
(Consonant)
مفرد هجي، مرتب يا مرڪب هجي.
جهڙيءَ طرح هر ٻوليءَ جو پنهنجو صوتياتي نظام
ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح هر ٻوليءَ جو پنهنجو
وياڪرڻي نظام به هوندو آهي، وياڪرڻي نظام کي ٻن
حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ حصو اهو آهي جنهن ۾ لفظن
جي ڦيرن ۽ صيغن ۽ نون لفظن ٺاهڻ جا قانون ڏنل
هوندا آهن. هن حصي کي ’علم صرف‘ چئبو آهي، ۽ ٻيو
حصو جنهن ۾ فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي
سٽاءُ جي قانونن جي خبر پوندي آهي. هن حصي کي ’علم
نحو‘ چوندا آهن، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي،
ماهرن جو رايو آهي ته ”اها مڪمل گفتار جيڪا ٻوليءَ
جي ’جهيلار‘ ’ڍار‘
(Intonation)
مان، ڪنهن به هڪ ’جهيلار‘ يا ’ڍار‘ تي ختم ٿئي.
اهڙيءَ گفتار کي جملو چئبو آهي.“ ٻين لفظن ۾ هيئن
چئبو ته جملي جي مطالعي ۽ ڇنڊڇاڻ لاءِ، ’جهيلار‘
جو بيان ضروري آهي، تنهنڪري ڪهاڻي، ناول يا ڊرامي
۾، ٻوليءَ واري موضوع جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ’جهيلار‘ جو
بيان لازمي آهي.
علم صوتيات وانگر علم صرف ۽ علم نحو لاءِ به ڪي
قانون ۽ ڪي اصول مقرر ٿيل آهن جيئن اڳ ۾ چيو ويو
آهي. هن باب ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي سلسلي ۾
ڪيل نون تجربن، خاص ڪري جملن جي سٽاءَ ۾ ڪيل نون
تجربن، يعني جملن جي سٽاءُ جي مطالعي سان آهي، ان
ڪري هت اُنهن جملن تي بحث ڪيو ويو آهي، جن کي اسان
جي ڪهاڻيڪارن ’ابتي ٻولي‘ يا ’اُبتو گرامر‘ نالو
ڏنو آهي، ۽ نقادن اها دعويٰ ڪئي آهي ته ”سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾، ٻوليءَ جي عبارت ۽ اسلوب واري حصي ۾
اهو نئون تجربو آهي.“
5_ ٻولي اُبتي ٿي سگهي ٿي ڇا؟:
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”اُبتي ٻولي“ ڇا ٿا
چئون؟ ڪجهه سال اڳ سنڌ جي ڪن ڪهاڻيڪارن، جملن جي
سٽاءَ ۽ جوڙجڪ ۾، جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ کان
سواءِ، پنهنجي مرضيءَ سان اُن ۾ ڦيرڦار آندي. هنن
شايد نظماڻي نثر واريءَ صنف ۾ جملن جي سٽاءُ کي
ڏسي، ڪهاڻين ۾ به ڪن ڪن جملن کي سندن مرضيءَ موجب
اثر انداز بنائڻ لاءِ، علم نحو واري سٽاءُ ۽ اصولن
جو خيال نه ڪري، نئين تجربي ۽ نواڻ جي شوق ۾، ڪن
جملن جي شروعات فعل سان ڪئي، ته وري ڪن جملن ۾ فعل
ڪٿي ته وري فاعل ڪٿي، ضمير ڪٿي ته وري صفت ڪٿي ڪم
آندائون، ائين ڪونه سوچيائون ته ائين ڪرڻ سان جملي
جي معنيٰ اها ساڳي رهندي يا نه. جيڪا سندن مقصد ۽
مفهوم کي ظاهر ڪري سگهي؛ مثال طور مشتاق شوري صاحب
پنهنجي ڪهاڻي ”ٿڪل جذبن جو موت“ جي شروعات هن جملي
سان ڪئي آهي:
”اُٿيو آهيان ننڊ مان؛ اُٿي هاڻي هلان پيو رستي
تي؛
ميل ڏيڍ پند ڪرڻ کان پوءِ پهچندس بس تي.“
ڪهاڻيڪار خود سوچي ته ’اٿيو آهيان ننڊ مان‘ جملو،
جنهن سان ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي اٿس، تنهن جي
معنيٰ ڇا آهي؟ ٻوليءَ جي قانون موجب ”جهيلار“ لاءِ
ڪنهن هڪ لفظ تي زور
(Stress)
ڏيو آهي. ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“ جملي ۾،
زور ڪهڙي لفظ تي ڏنو ويو آهي؟ انهيءَ جملي ۽ ’ننڊمان اُٿيو آهيان‘ جملي جي
معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟ ٻنهي جملن ۾
علم نحو جا ڪهڙا ڪهڙا اصول ڪم آندا ويا آهن.
دراصل، مشتاق شوري صاحب جي انهيءَ افساني ۾ ”اُٿيو
آهيان ننڊ مان: اُٿي هاڻي هلان پيو رستي تي،“ جملن
۾ رابطي ۽ تسلسل واري موضوع تي بحث ڪرڻ منهنجو
مقصد نه آهي. منهنجي بحث جو مقصد آهي ته جيڪڏهن
انهن جملن واري سٽاءُ کي ”اُبتي ٻوليءَ وارو نئون
تجربو“ سڏبو ته پوءِ مون کي هيئن چوڻو پوندو ته
انهيءَ تجربي جي دعويٰ ڪندڙ سائنسدان، ٻوليءَ جي
سائنس جي اصولن کان واقف نه آهن، ڇوته اهو نئون
تجربو ”سنڌي زبان جي جملن جي سٽاءُ ۽ نحو جي
قانونن کان اڻڄاڻ هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ڏئي ٿو.
اُبتي ٻوليءَ جي طرفداري ڪندي خود، امداد حسيني
صاحب به رايو ڏنو آهي ته ”عام طرح ڏسجي ٿو ته سنڌي
ادب ۽ ٻوليءَ جي اتهاس جو اڀياس سنڌي اديبن گهٽ
ڪيو آهي.“
ڪنهن به ڪهاڻيءَ، ناول، ڊرامي ۽ مضمون وغيره ۾،
طرز تحرير يعني لکڻ جو انداز، اسٽائيل، اُسلوب ۽
عبارت، اُن صنف کي اُڀاري ٿي، جنهن اسٽائيل سان،
مشتاق شوري، ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي آهي. اُن لاءِ
سنڌ جا ڪهاڻيڪار ۽ ٻوليءَ جي علم جا ڄاڻو ويهي
فيصلو ڪن ته انهيءَ اسٽائيل ۾، بقول امداد جي،
لفظن جو ڪهڙو جڙاءُ آهي، سٽن جو ڪهڙو سٽاءُ آهي؟
ڇا، جڙاءُ ۽ سٽاءُ لاءِ به ڪي اصول آهن يا نه؟
منهنجو مطلب فعل سان جملي جي، انهيءَ طرح شروعات
واري نقطي سان آهي. حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪوبه
جملو فعل سان شروع ڪبو آهي، تڏهن يا ته جملو
سواليه هوندو آهي، يا تعجب ڏيکاريندڙ، ۽ يا بيزاري
ظاهر ڪرڻ جو انداز، هن طرح سان جملي جي شروعات
ڪرڻ، ٻوليءَ ۾ نئون تجربو، ڪهڙي حساب سان ٿيو،
جڏهن ته جملو نه سواليه آهي، نه تعجب ۾ وجهندڙ، ۽
نه ئي وري بيزاري ڏيکاريندڙ. ڇا هن اسٽائيل کي
اندر مان نڪتل لفظن جو جڙاءُ يا سٽن جو سٽاءُ چئي
سگهبو، جن جي دعويٰ امداد حسيني صاحب ڪئي آهي.
مذڪور سڄي افساني ۾ مٿي ڏنل جملا ۽ اڳتي صفحي 20
تي ڏنل هڪ جملو هي آهي:
”ڏسان ٿو بس اسٽاپ ڏانهن“
باقي سڄي ڪهاڻي عام سنڌي اسلوب ۽ اسٽائيل ۾ لکيل
آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته شورو صاحب
پنهنجي سڄي ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي انهيءَ غير فطري
اسٽائيل وارا جملا ٺاهي سگهيو ئي نه آهي.
’اُبتي ٻوليءَ‘ واري تجربي جي دعويٰ ڪندڙن ۾ ٻيو
نالو منهنجي نياڻيءَ، محترمہ تنوير جوڻيجيءَ جو
ورتو وڃي ٿو. محترمہ جي انهيءَ ’نئين تجربي‘ ۾ هڪ
ڪهاڻي ’سوجهرو‘ رسالي ۾ ڇپي
هئي، ۽ محترمہ کي ڪافي داد به مليو هو. محترمہ
تنوير جو ڇپيل افسانن جو مجموعو ”امرت منجهان
ڪڙاڻ، مون لفظ به لفظ پڙهيو آهي.
محترم تنوير جي ”اُبتي ٻولي“، جنهن کي آءُ غير
فطري طور گڏ ڪيل لفظن جو ميڙاڪو سڏيندس. جا گهڻا
مثال، هن ڪتاب ۾ شامل، ٻارهن افسانن مان فقط ٻن
افسانن، ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ ۽ ”مون کي آهه اُميد
الله ۾“ ۾ ملن ٿا. باقي سڀني افسانن ۾ ’عاري نثر‘
۾، فطري يا عام سنڌي اسٽائيل ڪم آندي اٿس. دراصل
عام اسٽائيل ۾ ئي تنوير صاحبہ پنهنجي تصورات،
مشاهدات ۽ جذبات کي اصلي طرح بيان ڪري سگهي آهي.
هيٺ تنوير جي افسانن مان ڪي مثال ڏجن ٿا، جن کي
هوءَ اُبتي ٻولي ٿي سڏي. محترمہ تنوير ”ٻاهر ٻاڦ
نه نڪري“ افساني جي شروعات هن طرح ڪئي آهي:
”نهاري رهي آهي انڌي پولار ۾ پسڻ پنا“
ٻيا مثال هي آهن:
(1)”اکين ۾ ريکائون اَمٽ سوچ جون“
(2) ”ڪا پيڙا آهي جا ڪوريس پئي من.“
(3) ”ويٺي آهيان تنها تنها.“
(4) ”ٽُڪي رهيو آهي، هيڪلائيءَ جو احساس سندس وجود
کي، اُڏوهيءَ جيان.“
(5) ”پير ۾ پير پائي آئي، گهوٽ ڪنوار جي صفحي
ڏانهن،
جُهڪي جهاتي پاتائين در جي چير مان،
ڀاڄائي ڳاڙهن کهنڀن لٽن ۾ ويڙهيل سيڙهيل،
ڀريل آهي ڀاءُ جي مضبوط ڀاڪرن ۾.....
چميس پيو چاهه منجهان..... ڳل، چپ، ڪنڌ،
سَنڌَ سَنَڌ کي...... هٿ ترڪنس پيا ڀريل ڀريل
بت تي.......
ڇانئجي ٿا وڃنس مک تي دک پيڙا جا پاڇا.....
اُڀري اچيس ٿو نفرت جو احساس من پاتال مان.“
اهڙيءَ طرح ”مون کي آهي اُميد الله ۾“ افساني مان
ڪي مٿال ڏجن ٿا:
”اُٿي ٿي اچي ٿي، ڪٻٽ ڏانهن، ڪڍي ٿي البم،
ڏسي ٿي فوٽا.
پاڻهي وڌي رهي آهي سڀن کي پٺ تي ڇڏيندي، آگ ڏيندي
پنهنجي ماڳ ڏانهن..... نهاري ٿي دريءَ جي ٻاهران.“
اهڙيءَ طرح تنوير جي انهن افسانن مان ٻيا به
ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا، جن ۾ هنن جملن وانگر
نه آهي بيهڪ جي نشانين جي پابندي ۽ نه ئي وري رکيو
اٿس معنيٰ ۽ مفهوم جو خيال، ۽ نه وري ڪئي اٿس نحوي
اصولن جي پوئواري، ليکڪ جي اُبتي ٻوليءَ مان مراد
شايد جملن ۾ لفظن کي بنا ڪنهن اصول جي، سواءِ ڪنهن
معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي، ڦيرائي ڪڏهن جملي جي منڍ
۾، ڪڏهن وچ ۾ ته ڪڏهن جملي جي آخر ۾ رکڻ آهي.
هاڻ ڏسڻو هي آهي ته ٻولي اُبتي به ٿي سگهي ٿي ڇا؟
سنڌي ويا ڪرڻ جا اصول، علم نحو يا قانون هن ڏس ۾
ڪهڙي ٿا رهنمائي ڪن؟ جيڪڏهن ٻولي ڪو فطري قانون ۽
سائنسي سرشتو آهي ته پوءِ لفظن کي جملي ۾ اڳيان
پٺيان ڪرڻ لاءِ انهن ڪهاڻيڪارن وٽ ڪهڙو جواز آهي،
وٽن ڪهڙو دليل آهي؟ پروفيسر علي نوازجتوئي لکي ٿو:
”اسين ٻيا جيڪي به علامتي نظام استعمال ڪريون ٿا
سي پاڻ ٺاهيون ٿا، ۽ پاڻ ڊاهي ٻيا ٺاهي سگهون ٿا
يا مرضيءَ موجب ان ۾ مٽاسٽا آڻي سگهون ٿا، پر
ٻوليءَ ۾ اسين ائين ڪري نٿا سگهون. اها خودبخود
الاهي اٽل قانون موجب ڦرندي رهي ٿي. ڪوبه شخص
پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ٻوليءَ جي سٽائن ۾ دخل ڏيئي
نٿو سگهي. وڌ ۾ وڌ هو نوان لفظ پيدا ڪري اُن ۾
داخل ڪري سگهي ٿو. مگر اُن لاءِ به پڪ نه آهي ته
اُهي هلي سگهندا يا نه.“
6_ ٻوليءَ جو سٽا ۽ علم نحو:
هاڻي ڏسڻ گهرجي ته علم نحو جي اصولن موجب جملي ۾
لفظن جي بيهڪ لاءِ ڪهڙا قانون آهن، ۽ ’اُبتي
ٻوليءَ‘ جي دعويٰ ڪندڙ ڪهاڻيڪارن طرفان ڪم آندل
ٻوليءَ کي غير فطري ۽ غلط ٻولي ڇو سڏيو ويو آهي؟
ڪهاڻي، نثر جي هڪ صنف آهي، نثر ۾ ڪم آندل فقرن ۽
جملن جو مطالعو علم نحو سان واسطو ٿو رکي، جنهن
لاءِ هر زبان ۾، اُن زبان جي مزاج ۽ ڪارج پٽاندر،
اُن جو مطالعو ڪري، اُن جا اصول مقرر ڪيا ويا آهن.
مٿي علم نحو جي وصف بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته:
”هن علم (علم نحو) جي مطالعي جي مدد سان، فقرن ۽
جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي سٽاءَ جي خبر پوي
ٿي.“
مٿي جملي جي وصف بيان ڪندي اهو به ٻڌايو ويو آهي
ته ”جملو هڪ مڪمل گفتار آهي، جيڪا ڪنهن به هڪ
”جهيلار“ يا ”ڍار“
(Intonation)
تي ختم ٿيندي آهي. علم نحو جي مٿي ڏنل وصف جي
آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ فقرا ۽
جملا، اُن ٻوليءَ جي نحوي تنظيم مطابق ٺهن ٿا، ۽
انهن فقرن ۽ جملن ۾ اسم، ضمير، حرف جر ۽ صفتون،
اُن ٻوليءَ جي نحوي سرشتي ۽ تنظيم مطابق پنهنجون
پنهنجون جايون وٺن ٿا. مثال طور سنڌي ٻوليءَ جي
نحوي سٽاءَ موجب، عام طور ڳالهايل جملي جا ڪي
نموني هيٺ ڏجن ٿا:
گهوڙو ڊوڙي ٿو.
چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.
گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.
منهنجو چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.
منهنجو گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.
گهوڙو پاڻي پيئي ٿو.
انهن جملن ۾ هر هڪ جملي جا ٻه حصا آهن، انهن مان
هڪ حصو اهي ’گهوڙ، چڱو گهوڙو‘ منهنجو گهوڙو يا
’منهنجو چڱو گهوڙو‘ ۽ ٻيو حصو آهي. ’ڊوڙي ٿو‘ يا
’چڱو ڊوڙي ٿو.‘ انهن حصن مان پهرئين حصي يعني
’گهوڙو‘ ’چڱو گهوڙو‘ منهنجو گهوڙو يا ’منهنجو چڱو
گهوڙو‘ کي ’فاعل‘ يعني ڪم جو ڪندڙ
(Subiect)
چئبو آهي ۽ ٻئي حصي يعني ’ڊوڙي ٿو‘ يا ’چڱو ڊوڙي
ٿو‘ کي ’فعل‘ يا ’ڪم‘
(Verb)
يا خبر چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽا
موجب ڪنهن به جملي ۾، پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي
بيهندو، ان کان پوءِ مفعول ايندو ۽ آخر ۾ فعل
ايندو آهي. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ
جي عام جملي جي، اها عام ۽ مروج نحوي سٽا آهي،
جنهن کي وياڪرڻ جي ماهرن فاعل_ فعل واري سٽاء نالو
ڏنو اهي. ڪوبه ماڻهو عام وهنوار ۾ يا عام گفتار ۾،
مٿي ڏنل جملا انهيءَ سٽاءَ موجب ڳالهائيندو، ۽ نه
ڪه هيٺ ڏنل مثالن وانگر ڦيرائيندو، جيئن ’ب‘ هيٺ
ڏنا ويا آهن:
الف
ب
گهوڙو ڊوڙي ٿو. ڊوڙي ٿو گهوڙو/ ڊوڙي گهوڙو
چڱو گهوڙ ڊوڙي ٿو.
ڊوڙي ٿو چڱو گهوڙو/ ٿو چڱو ڊوڙي گهوڙو
گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.
چڱو ڊوڙي ٿو گهوڙو/ ٿو گهوڙو چڱو ڊوڙي.
مٿي ’الف‘ ۽ ’ب‘ هيٺ ڏنل جملن جي ٻنهي سيٽن
(Sets)
جي مطالعي کان پوءِ ٻه سوال پيدا ٿين ٿا. پهريون
سوال هي آهي ته سنڌي زبان ۾ نحو جا عام اصول ۽
قانون ڪهڙا آهن؟ ٻيو سوال هي آهي ته ڇا ٻئي سيٽ
يعني ”ب“ هيٺ ڏنل جملا علم نحو جي قانونن موجب
صحيح آهن؟
پهرين سوال جو جواب هي آهي ته مٿي فاعل_ فعل واري
سٽاءَ جا مثال ڏنا ويا آهن، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي
جملن جي عام سٽاءَ آهي، جيڪا روزمره جي گفتگو ۾
عام طور ڳالهائي ويندي آهي. سنڌي نثر جي هر صنف،
عام طور هن سٽاءَ موجب ئي ڳالهائي ۽ لکي ويندي
آهي، انهيءَ عام سنڌي نحوي سٽاءُ، فاعل_ فعل واري
سٽاءَ يا فاعل_ مفعول_ فعل) جا هيٺيان عام اصول ۽
قانون آهن:
(i)
فاعل جو وڌاءُ (لڳ پهرين ۽ فاعل اُن کان پوءِ،
جملي جي منڍ ۾ ايندو.
(ii)
فعل هميشہ جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو.
(iii)
فعل جو وڌاءُ (لڳ) هميشہ فعل کان ايندو.
(iv)
فاعل کان پوءِ، ۽ فعل جي وڌاءُ
کان اڳ، پهرين مفعول جو وڌاءُ، اُن کان پوءِ مفعول
ايندو.
(iv)
ظرف هميشہ فعل جي وڌاءُ طور ڪم ايندو.
(v)
صفت هميشہ موصوف کان اڳ، ۽ اُن جي بلڪل پويان پر
بلڪل ڀر ۾ جاءِ وٺندي آهي.
(vii)
حرف جو هميشہ اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ ۽
بلڪل اُنهن جي ڀر ۾ جڳهه وٺندو.
روزمره ۽ عام گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو، انهن
اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي. انهن اصولن
لاءِ جيڪا بنيادي سٽاء آهي تنهن جا چار مقصد آهي.
انهن مان پهريون مقصد آهي انتخاب
(Selection)،
ٻيو مقصد آهي ترتيب
(Order)،
ٽيون مقصد آهي فعل جو لاڳاپو، ۽ چوٿون مقصد آهي
جهيلار
(Intonation).
(الف انتخاب- ڪيترن ئي ٻولين ۾ انتخاب اهم حصو ادا
ڪري ٿو.
لفظن يا جزن جي ترتيب ۽ سٽاءَ لاءِ انتخاب انهيءَ
ڪري ضروري آهي جو ڳالهائيندڙ لاءِ لازمي هوندو آهي
ته هو جملي جو ڪهڙو جز پهرين ڳالهائي ۽ ڪهڙو جز
پوءِ ڳالهائي. سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کي اها
خبر آهي ته:
ڊوڙي ٿو گهوڙو
ٿو پاڻي پيئي ڇوڪر
مثالن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءَ کي فاعل_ فعل واري
سٽاءَ چئي نه سگهبو. يعني ته جملي اندر جزن ۽
لفظن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڦيرائي يا بدلائي نٿو
سگهجي. اهڙيءَ طرح هيٺ ڏنل مثالن کي به سنڌي
ٻوليءَ جي نحوي سٽاء موجب فاعل_ فعل واري سٽاء چئي
نٿو سگهجي:
آهي ڪاتب جو قلم هي.
ڏيکار اسان کي واٽ سنئين.
پر سنڌي نحو جي اصولن مطابق انهن جي موزون ۽ فاعل_
فعل واري صحيح سٽاء هن ريت ٿيندي.
هي ڪاتب جو قلم آهي.
اسان کي سئين واٽ ڏيکار.
يعني سنڌي ٻوليءَ جي نحوي قانونن موجب، فاعل
پهرين اچڻ گهرجي ۽ آخر ۾ فعل.
انتخاب جو ٻيو اصول هيءُ آهي ته جملي ۾ جيڪڏهن
فاعل مذڪر واحد آهي ته فعل جو گردان به مذڪر واحد
۾ ڦرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن فاعل مذڪر جمع ۾ آهي، يا
مؤنث واحد يا مؤنث جمع ۾ آهي ته پوءِ فعل به فاعل
مطابق ڦري؛ مثال طور:
حالت فاعلي، جنس مذڪر، عدد واحد |
ڇوڪر ڊوڙي ٿو. |
حالت فاعلي، جنس مذڪر، عدد جمع |
ڇوڪرا ڊوڙن ٿا. |
حالت فاعلي، جنس مؤنث، عدد واحد |
ڇوڪري ڊوڙي ٿي. |
حالت فاعلي، جنس مؤنث عدد جمع |
ڇوڪريون ڊوڙن ٿيون. |
حالت مفعولي، جنس مذڪر، عدد واحد |
ڇوڪر پاڻي پيئي ٿو. |
حالت مفعولي، جنس مذڪر، عدد جمع |
ڇوڪرا پاڻي پيئن ٿا. |
حالت مفعولي، جنس مؤنث، عدد واحد |
ڇوڪري پاڻي پيئي ٿي. |
حالت مفعولي، جنس، مؤنث، عدد جمع |
ڇوڪريون پاڻي پيئن ٿيون. |
(ب) ترتيب: سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءُ موجب فاعل_
فعل واري بيهڪ لاءِ ٻيو مکيه اصول آهي، جملي ۾
لفظن جي ترتيب، بيهڪ ۽ انهن جو سٽاءُ هيءُ ئي اهو
اصول آهي، جنهن جي ڪهاڻيڪارن کي چڱي طرح ڄاڻ نه
هجڻ، سبب عام ترتيب ۾ ڦيرڦار آڻي، اُن کي ”اُبتي
ٻولي“ سڏيو اٿن.
مٿي چيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ فاعل_ فعل واري
سٽاء موجب فاعل، فعل کان هميشہ اڳ ايندو آهي. مثال
طور:
ڇوڪر ڊوڙي ٿو.
ڇوڪر پاڻي پيئي ٿو.
اسڪول جا ٻار، ميدان تي، راند ڪن ٿا.
انهيءَ ڪري چئبو ته فاعل_ فعل واري سٽاء ۾ لفظن جي
بيهڪ کي ’ترتيب‘
(Order)
چئبو آهي. پر عام گفتگو يا گفتار ۾، ترتيب واري
قانون لاءِ هڪ شرط اهم ۽ لازمي هوندو آهي، اهو شرط
آهي ’جهيلار‘. هر ٻوليءَ جو جملو يا گفتار ڪنهن
جهيلار تي ئي ختم ٿئي ٿي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.
جهيلار سان ئي ڪا گفتار مڪمل چئي سگهبي آهي، ترتيب
واري قانون موجب جيڪڏهن جملي ۾ لفظن جي بيهڪ ۽
جاءِ ۾ تبديلي آڻڻي آهي، يا جملي ۾ هڪڙي لفظ کي
پنهنجي جاءِ تان ڦيرائي، ٻيءَ جاءِ تي آڻڻو هوندو
آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ يعني ترتيب ۽ سٽاء ۾ ڦيرڦار
آڻڻ لاءِ، جملي جي اصلي ’جهيلار‘ ۾ به تبديلي يا
ڦيرڦار آڻڻي پوندي. جڏهن جهيلار ۾ تبديلي آڻي لفظ
کي پنهنجي جاءِ تان ڦيرائي، ٻيءَ جاءِ تي آندو
ويندو نه ته فقط جهيلار ۾ تبديلي ايندي، پر جملي
جي معنيٰ ۾ به فرق ايندو، ۽ پنهنجي جاءِ تان
ڦيرايل لفظن جي وياڪرڻي حيثيت به بدلجي ويندي. هي
ئي هن بحث جو هڪ وڏو نڪتو آهي. مثال طور سنڌي
وياڪرڻ موجب ’چڱو‘ لفظ صفت آهي، پر هيٺ ڏنل جملن
۾ جڏهن ’چڱو‘ لفظ کي، هڪڙيءَ جاءِ تان هٽائي، ٻيءَ
جاءِ تي آڻيون ٿا تڏهن نه فقط ’چڱو‘ لفظ، صفت جي
بدران ظرف جو مفهوم ڏيکاري ٿو، پر ساڳئي وقت جملي
جي اصلوڪي جهيلار ۾ تبديلي اچي ٿي؛ مثال طور:
(1) چڱو گهوڙو ڊوڙي ٿو.
(2) گهوڙو چڱو ڊوڙي ٿو.
اهڙيءَ طرح هيٺ ٻيا به مثال ڏجن ٿا، جن ۾ جملي جي
فاعل- فعل واري سٽاءَ ۾ تبديلي آندي وئي آهي، پر
اُن تبديلي سان گڏوگڏ نه فقط جهيلار ۾ تبديلي اچي
ٿي، پر جملي جي معنيٰ ۾ به وڏو فرق محسوس ڪجي ٿو؛
مثال طور:
عام جهيلار موجب ترتيب |
جهيلار ۾ تبديلي، ته ترتيب ۾
به تبديلي ۽ معنيٰ ۾ به تبديلي |
ڇوڪرانب کاڌو. |
انب ڇوڪرو کاڌو.
انب کاڌو ڇوڪر؟ |
ڇوڪر مٺو انب کاڌو. |
مٺو انب ڇوڪر کاڌو.
ڇوڪر انب مٺو کاڌو.
ڇوڪر کاڌو مٺو انب؟
ڇوڪر کاڌو انب مٺو؟
کاڌو ڇوڪر مٺو انب؟ |
ڇوڪر انب کاڌو ڇا؟ |
ڇا، ڇوڪر انب کاڌو؟
ڇوڪر، ڇا انب کاڌو!
ڇوڪر انب ڇا کاڌو!
انب ڇا، ڇوڪر کاڌو؟
انب ڇوڪر ڇا کاڌو!
کاڌو ڇا انب، ڇوڪر؟
کاڌو ڇا، ڇوڪر انب؟
انب ڇوڪر کاڌو ڇا؟
ڇا، انب ڇوڪر کاڌو؟ |
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا، جن
جي مدد سان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي نحو جي
عام ترتيب ۾، لفظن جي بيهڪ ۾ تبديلي تڏهن آڻي
سگهبي، جڏهن گفتار واري جهيلار ۾ به تبديلي آڻبي.
اهڙي حالت ۾ ڳالهايل جملي کي غير فطري جملو، يا
اهڙيءَ ٻوليءَ کي اُبتي ٻولي يا غير فطري ٻولي
هرگز نٿو چئي سگهجي. مٿي مشتاق شوري ۽ تنوير
جوڻيجيءَ جي ڪهاڻين مان جيڪي مثال ڏنا ويا آهن
اُهي پڙهندڙ پاڻ ڳالهائي ڏسن. انهن کي غير فطري يا
غلط جملا انهيءَ ڪري سڏيو ويو آهي جو انهن جي لکڻ
مهل يا اُنهن جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۾، تبديل ڪرڻ
وقت، جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو آهي، بلڪه
ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو
ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي؛ پر
جيڪڏهن پاڻ جهيلار جو خيال رکيو اٿن ته پوءِ انهن
جملن کي پاڻ اُبتي ٻولي ڇو ٿا سڏين؟ انهن جملن کي
نئون تجربو يا انهيءَ اسٽائيل کي نئين اسٽائيل ڇو
سڏيو ويو آهي؟ اها اسٽائيل جنهن جا مون مٿي مثال
ڏنا آهن سا ته سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ پئي هلي، اها
نئين ايجاد ڪيئن ٿي؟ هروڀرو هر ڳالهه هندستان مان
امپورٽ ڇو ٿي ڪجي؟ جيڪڏهن گني سامتاڻيءَ ان کي
اُبتي ٻولي سڏيو ته اسين به ائين ڪريون؟ هن ڏس ۾
ڪنهن انگريزي يا فرانسيسي ڪهاڻيڪار جو مثال اسان
جا اُبتي ٻوليءَ وارا ڏيئي سگهندا، جن بيهڪ جي
نشانين يا ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرايو هجي.
|